ڪھاڻيون

اڌوري ڪٿا

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 326
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Adhori Katha

ڀاڪر

سمنڊ يگن کان پراسرار ۽ ناقابل تسخير آھي. خاص طور تي پورنيما واري رات، جڏھن ھو ھڪ ڇڙواڳ نيم پاڳل شخص جھڙو بي لغامو ٿي پوندو آھي. انھن ڏھاڙن ۾ سمنڊ انسانن کي پنھنجي وحشت ۽ جارحيت سبب وڻندو آھي. اھي ٻئي اداس ۽ شدت پسند رويا انسان ۾ بہ نظر ايندا آھن .
ھونئن بہ فطرت انسان جو عڪس آھي . ڪاوڙ، ڪروڌ، جارحيت، محبت، نرمي ۽ ڪشش انسانن وٽ پڻ ٿئي. سمنڊ سميرہ کي پسند ھو . ھوء ڪڏھن دوستن سان تہ ڪڏھن اڪيلي سمنڊ جي ڀر ۾ اچي ويھندي ھئي . پوءِ لھرن کي پئي ڏسندي ھئي. ھن محسوس ڪيو تہ لھرن وٽ انسان جي ڏکويل دل کي آٿت ڏيڻ جو ھنر موجود آھي.
ھن جو منتشر ذھن شانت ٿيڻ لڳندو ھو. اڄ موڪل واري ڏينھن سميرہ ۽ ھن جا دوست سمنڊ جي ڀرسان ريسٽورينٽ ۾ ڊنر ڪري رھيا ھئا. سميرہ پنھنجي جنم ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي دوستن کي دعوت ڏني ھئي. چوڏھينء جو چنڊ آسمان تي جرڪي رھيو ھو، جنھن جي ڪشش ۾ سمنڊ جون لھرون بيچين ٿي، چنڊ کي ڇھڻ جي چاھنا ۾ سمنڊ جي ڀت کي ڇھي رھيون ھيون .
ڪڏھن تہ انھن لھرن جا ڇنڊا ٽيرس ٽپي، اتي ويٺلن جي بت ۾ ڪتڪتايون ڪڍي رھيا ھئا. اھي ڇنڊا جڏھن سميرہ جي گروپ تي پيا تہ ڪيئي ٽھڪ فضائن ۾ ٻري اٿيا.
نيلم، فريال، ضرياب، فواد ۽ ريکا ڪلاس فيلو ھئڻ سان گڏ سٺا دوست پڻ ھئا. فريال ۽ ضرياب ھن سان گڏ پرائيويٽ فرم ۾ ڪم ڪندا ھئا. باقي دوست ٻين ھنڌن تي پنھنجون پيشي ور ذميواريون نڀائي رھيا ھئا. ان گروپ ۾ زندگي ھئي، جيڪا سندن عمر جي نوجوانن مان ختم ٿيڻ لڳي آھي. ڊنر کانپوءِ سڀ روانا ٿيا ۽ ھوء بہ سمنڊ جو نظارو ڪري رھي ھئي تہ ھن ھڪ پريشان حال شخص، جنھن جي ڏاڙھي وڌيل ھئي سمنڊ جي لھرن ڏانھن وڌي رھيو ھو.
”اوہ ! ھي تہ ڄڻ خودڪشي ڪرڻ پيو وڃي. “
ھوء ڪار ۾ ويھڻ جو ارادو ترڪ ڪندي، ان پاسي ڊوڙي جتي ھو لھرن ڏانھن وڌي رھيو ھو.
”پليز اڳتي نہ وڃو، اڳتي تيز ۽ وڏيون لھرون آھن. “ سميرہ رڙ ڪئي . پر ھو ٿيڙ کائيندو اڳتي وڌڻ لڳو . ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو تہ متان ڪو پوليس وارو ھجي پر ھن کي ڪو بہ وردي پھريل شخص نظر نہ آيو. سمنڊ جي چاڙھ دوران ھتي ڪي گارڊ بيٺل نظر ايندا آھن.
ھن شخص موٽي ڏٺو ۽ ھوء خوفزدہ ٿي وئي. وڌيل ڏاڙھي، ڳاڙھيون ۽ سخت ڪاوڙيل اکيون ڏسي پوئتي ھٽي ۽ ھو سمنڊ ڏانھن وڌڻ لڳو ۽ ھوء بہ سمجهائيندي ھن جي پٺيان ڊوڙي ۽ وڃي کيس ٻانھن کان جهليائين . ھو ان وقت نشي ۾ ھو.
”پنھنجي امڙ جو تہ خيال ڪيو. “ سميرہ چيو.
”تون ڪير ٿيندي آھين مون کي روڪڻ واري. “ نوجوان ھن کان ٻانھن ڇڏائڻ لڳو.
”زندگي خوبصورت آھي ان جي قدر ڪريو. “
پر ھو ھن کي ڌڪو ڏيئي اڳتي وڌيو پر ھن بہ ڊوڙي وڃي جهليس. سميرہ جي گرفت کان ھو پاڻ ڇڏائڻ لڳو .
”پليز پليز توھان کي پنھنجي امان جو قسم. “ سميرہ چيو تہ ھو ساڪت بيھي رھيو ۽ پوءِ ھن جي ڪنبندڙ وجود جي چوڌاري پنھنجون ٻانھون ويڙھي ڇڏيائين ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. سميرہ سگريٽ ۽ الڪوحل جي بدبوء ۾ ٻوسٽ محسوس ڪرڻ لڳي. اجنبي شخص ڪجهہ وقت سميرہ جي ٻانھن ۾ روئيندو رھيو پوءِ ٻنھي کي ھڪ ٻئي جي اجنبي ھئڻ جو احساس ٿيو . سميرہ بہ ڇرڪ ڀريندي ھن کان الڳ ٿي .
”مھرباني. “ اجنبي ٿڪل آواز ۾ چيو ۽ سمنڊ جي حدن کان ٻاھر وڃڻ لڳو . ھوء بہ گاڏي ڏانھن وڌي، جتي ڊرائيور پريشان بيٺو ھو.
ھوء گاڏي ۾ ويٺي ۽ گاڏي سمنڊ جي لھرن جا حدن کان ٻاھر سفر ڪرڻ لڳي. ھن کي پنھنجي وجود مان سگريٽ ۽ الڪوحل جي اڻ وڻندڙ ڌپ اچڻ لڳي. ھن پرس مان پرفيوم جي ننڍڙي بوتل ڪڍي پاڻ تي اسپري ڪئي ۽ سيٽ تي ٿڪل انداز ۾ مٿو رکي ڇڏيائين .
ايڊڪشن جي ڪري ڪيترا نوجوان يا تہ اوورڊوز جي ڪري موت جي منھن ۾ ھليا وڃن ٿا يا شايد خودڪشي ڪري ٿا ڇڏين. سمنڊ بہ تہ انسانن ۾ جارحيت ۽ بيچيني ڀري ٿو ڇڏي. ھن ڪٿي پڙھيو ھو تہ پوري چنڊ جي رات خودڪشيء جا واقعا وڌي ويندا آھن. نشو، فرار جي بدترين قسم آھي، جيڪو ان لمحي جي تڪليف مٽائي انسان جي اندر جي وحشتن کي وڌائي ٿو. منفي اثر کي ڪنھن ٻي منفي عادت سان ختم نہ ٿو ڪري سگهجي.
رات جو ھن کي ننڊ نہ آئي. الائي ڪھڙو ڏک ۽ تڪليف ھئي ان انسان کي.
ڪاش ! ھو سمجهي سگهي تہ ھن جي موت کان پوءِ سندس دوست، والدين ۽ ڀيڻ ڀائر ڪيتري تڪليف مان گذرندا.
شايد خودڪشي ڪندڙ بي حس ھوندا آھن . ھو ڪنھن بہ منفي لمحي جي اثر ھيٺ ھر رشتي کي رد ڪري ڇڏيندا ھوندا. حالتن کان نفرت، خوف جو احساس ختم ڪري ٿي ڇڏي نہ تہ انسان وڌ ۾ وڌ موت کان ڊڄندو آھي.
شايد مون ڪو برو خواب ڏٺو ھو . پاسو ورائي ھوء سمھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
جلد ئي ھوء زندگيءَ جي مصروفيتن ۾اھو ناخوشگوار واقعو وساري ويٺي پر پوءِ بہ جڏھن ھوء سمنڊ تي ويندي ھئي تہ اھو لمحو اکين آڏو ڦرڻ لڳندو ھيس.
سمنڊ جذب ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو، جنھن ۾ وقت جو ھر پھر جرڪي اٿندو آھي، انڪري ھن کي ھر موسم ۾ سمنڊ منفرد ۽ نئون محسوس ٿيو. اڄڪلھہ سمنڊ جي سونھن کي ماحولياتي تباھي ختم ڪري پئي ۽ سمنڊ بہ سلهہ ورتل جيان ھوريان مري رھيو آھي. ھن ڪائنات جي ھرشيءَ زوال ڏانھن سفر ڪري ٿي پر سمنڊ جو زوال ھن کي قبول نہ ھو.
اسان کي سمنڊ کي بچائڻ گهرجي، جنھن جي لھرن تي اسان جي ابن ڏاڏن جون اکيون تري رھيون آھن . ان انت ۾ الائي ڪيترا اسرار دفن ھوندا.
ھن جي شاديءَ جوذڪر گهر ۾ ٿيڻ لڳو . ڪاشف نالي ڪو بزنس مين ھو، جنھن سميرہ جو سڱ گهريو. جلد شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. ھن گهر وارن کي اھو چيو تہ ھوء ڇوڪري سان ملي پوء کين پنھنجي رضامنديء جي باري ۾ ٻڌائيندي. ڪاشف سان ملي سندس رويي ۽ شخصيت کان ڪافي متاثر ٿي ۽ شادي لاء رضامندي ڏيکاريائين. سندس دوستن شاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو . گانا، ڊانس ۽ ٻيون شرارتون، جيڪي شاديءَ جي تقريب کي شاندار رونق بخشينديون آھن.
شادي کانپوء مھينو تہ دعوتن ۾ مصروف رھيا. ان کانپوء زندگي رواجي روش تي ھلڻ لڳي. ڪاشف جي محبت، توجھ ۽ پيار ڏسي ھوء پاڻ کي خوشقسمت سمجهڻ لڳي. ائين لڳندو ھيس ڄڻ ھوء ڪنھن طلسماتي دنيا ۾ پھچي وئي ھجي.
جنھن دنيا ۾ فقط محبتون، خوشيون ۽ وجد جي ڪيفيت ھئي. ڪاشف ھڪ سلجهيل، سمجهدار ۽ مخلص انسان ھو.
ھڪ ڏينھن ھوء مٿي ٽيرس تي وئي ڪاشف کي سڏڻ تہ ھو ڪنھن سان ڪاوڙ ۾ ڳالھائي رھيو ھو. ھوء دروازي جي پويان بيھي رھي.
”خبردار جي مون کي وري فون ڪيو اٿئي. مون وٽ توکي ڏيڻ لاء ڪو پيسو نہ آھي. مون کي اصليت ياد ڏيارڻ جي ڪا ضرورت نہ آھي. مان ان بري دور مان گذري آيو آھيان. “
ھوء فون تي اجنبي آواز ٻڌي سگهي پئي. ھوء اھي ڳالھيون ٻڌي سخت پريشان ٿي ۽ ڊوڙندي ھيٺ آئي. پنھنجي ڪمري ۾ اچي بيڊ تي ليٽي پئي.
دل تيز ڌڙڪي رھي ھيس. ضرور ڪاشف ھن سان ڪنھن لالچ ۾ شادي ڪئي آھي پر ھڪ ڏينھن ضرور ھن جي حقيقت کلندي.
ڪاشف جي قدمن جي آواز تي خوفزدہ ٿي مڙي.
”خير تہ آھي سميرہ تون ٺيڪ تہ آھين؟“
”جي. . جي . . . مم مان بلڪل ٺيڪ آھيان. “ سميرہ زوري مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاشف کي سندس اھو رويو عجيب محسوس ٿيو.
”مان ڪجهہ ڏينھن کان محسوس ڪري رھيو آھيان تہ تون پريشان آھين. “ ڪاشف ھن جا ھٿ جهليا، جيڪي ڏڪي رھيا ھئا. ھٿ برف جيان ٿڌا ھيس.
”جلدي تيار ٿي تہ ڊاڪٽر ڏانھن ھلون ٿا. “
”نہ نہ مان بلڪل ٺيڪ آھيان. “
”مان ڪپڙا تبديل ڪري ٿو اچان اوڪي، پوء ھلون ٿا ڊاڪٽر وٽ. “
ھو ڪمري ڏانھن وڌيو.
اھا عجيب ڳالھہ آھي تہ ھو جيتري محبت ظاھر ڪري رھيو آھي ان جو ڪو سبب ھوندو. ضرور ھو والد پاران ڏنل ملڪيت پنھنجي نالي ڪرائيندو. اھو بہ ممڪن آھي تہ ھو بابا کان پيسو يا ڪا ٻي شيء گهري.
ڪاشف واپس آيو تہ ھوء سوچن ۾ گم ھئي.
شام جو ڪاشف جا دوست آيا. رات جا يارنھن ٿيا تہ ھو سمھي رھي. ھن شراب جي نشي ۾ ڪاشف ۽ سندس ٻن دوستن کي بيڊ روم ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. ھوء رڙيون ڪرڻ لڳي. ڪاشف ڊوڙندو بيڊ روم ۾ داخل ٿيو.
ڪاشف جي سڏڻ تي ھوء ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ ھن کي خوف مان تڪڻ لڳي.
”تو شايد ڪو خواب ڏٺو آھي سميرہ. “ ڪاشف پيار سان چپ سندس ڳلن تي رکيا.
ان فون ٻڌڻ کانپوء ھوء پريشان رھڻ لڳي. خوف ۽ شڪ کيس ذھني طور تي بيمار ڪري وڌو . ھوء جڏھن بہ ڪاشف کان سندس والدين يا گهر ڀاتين لاء پڇي ٿي تہ ھو پريشان ٿي اڪثر ڳالھہ ٽاري وڃي ٿو، جيڪو رويو سميرہ کي پريشان ڪري ٿو. ڪاشف جا والدين لاھور ۾ رھن ٿا. شاديء ۾ بہ آيا تہ شاديء ۾ ڪا خاص دلچسپي نہ ھين. اول جڏھن ڪاشف جو رشتو آيو تہ والدين کيس مشڪوڪ ڄاڻائيندي، رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، ڇو جو ڪاشف جي والدين بدران دوست جي والدہ آئي ھئي. ڪاشف جو چوڻ ھو تہ سندس ماء پيء پيرسن آھن ۽ لاھور ۾ ھئڻ ڪري سفر نہ ٿا ڪري سگهن.
رات جو ڪاشف ھن کي پنھنجي ويجهو ڪيو تہ ھن سندس ھٿ پري ڪيا.
”ڇا ٿيو سميرہ طبيعت تہ ٺيڪ آھي؟“ ھو پريشان ٿي ويو. پر سميرہ اٿي ھلي وئي.
”سميرہ منھنجي حقيقت جي باري ۾ باخبر تہ نہ ٿي وئي آھي!“ ڪاشف پريشان ٿي سوچيو.
ڪيترا ڏينھن بي يقيني ۽خاموشين جي نذر ٿي ويا.
”مان توھان جي ڀيڻ ڀائرن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاھيان ٿي، توھان جي والدين سان ڳالھائڻ چاھيان ٿي. “
”منھنجا فيملي سان اختلاف رھيا آھن، انڪري اھو ممڪن نہ آھي“ ڪاشف سخت لھجي ۾ جواب ڏنو.
”ھتي ڪراچي ۾ توھان جا مٽ مائٽ ھوندا. “ سميرہ مشڪوڪ لھجي ۾ چيو.
”منھنجو دنيا۾ تو کان سواء ڪير بہ نہ آھي. “ ڪاشف اداسيء سان جواب ڏنو.
پر ھن جو شڪ تھائين وڌي ويو. ھوء پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳي. ڪو راز ضرور آھي، جيڪو ڪاشف جي چھري مان ظاھر ٿيندو رھي ٿو. ڪو اڻڄاڻ خوف آھي، جيڪو ھن کي بي چين رکي ٿو. ڪڏھن ڪوڙ، ندامت بڻجي انسان جي عمل يا تاثرات وسيلي ظاھر ٿيندو آھي.
ھن گهڻا ڀيرا سوچيو تہ ڪاشف کان فون جي باري ۾ پڇي پر ڇا ھو کيس سچائي ٻڌائيندو؟ ھوء گهر وارن سان بہ ڳالھہ نہ ٿي ڪري سگهي. ھن وٽ ڪو ثبوت يا منطقي جواز نہ ھو. ھاڻ سندن رشتي ۾ خاموشين جا ڏار پوڻ لڳا آھن. ھوء اڪثر ڪاشف سان تيز لھجي ۾ ڳالھائي ٿي. گهر ۾ ٽھڪن بدران اداسين اچي واھيرو ڪيو آھي. ھاڻ ڪاشف بہ ورائي ڪو تلخ جملو چئي ڏئي ٿو.
”مان ان روز روز جي جهيڙن مان تنگ ٿي پيو آھيان سميرہ. “ ڪاشف ڪاوڙ ۾ چيو.
”مون کي گهر ڇڏي اچو ھاڻ مان وڌيڪ ھتي ھڪ لمحو بہ گذاري نہ ٿي سگهان. اھا بي يقيني مون کي ماري وجهندي. “
”ڪھڙي بي يقيني؟“ ڪاشف کيس ڇرڪي نھاريو.
”مون ان ڏينھن توھان جي ڪنھن شخص سان فون تي گفتگو ٻڌي ورتي، جيڪو توھان کان پيسا گهري رھيو ھو. “
I see” “ ڪاشف کيس اچرج مان ڏٺو.
”توھان مون کان گهڻيون ڳالھيون لڪايون آھن. “
”ھو منھنجو دوست ھو، جيڪو منھنجي ڪن غلطين جو گواھ آھي. ھو مون کان اڪثر پيسا گهرندو آھي ۽ نہ ڏيڻ جي صورت ۾ مون کي بليڪ ميل ڪندو آھي. “ ڪاشف جي چھري تي ڪو پڇتاء ليئا پائڻ لڳو.
” مون ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو تہ توھان جو ڪو لڪل روپ ٿي سگهي ٿو، اھو روپ ايترو برو آھي جو، توھان مون کي نہ ٿا ٻڌائي سگهو. مان ڪو سوال ڪيان ٿي تہ ٽاري وڃون ٿا. انڪري مون توھان کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. “
” سميرہ !!!“
ڪاشف حيرت سان سميرہ کي ڏٺو. سميرہ اٿي بيڊ روم ۾ آئي ۽ جلدي سامان ٺاھڻ لڳي. بيگ کڻي ھوء لائونج ۾ آئي، جتي ڪاشف خاموش ويٺو ھو.
ڪاشف ۽ ھو گاڏي ۾ ويٺا. گاڏي سمنڊ وٽ بيٺي تہ سميرہ سواليہ نظرن سان ڪاشف ڏانھن نھاريو.
”تو مون کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي سميرہ پر آخري ڀيرو ڪجهہ گهڙيون توسان سمنڊ تي گذارڻ چاھيان ٿو. “ ڪاشف اداس لھجي ۾ چيو. اھا اداسي سميرہ کي ھن جي اداڪاري لڳي.
چنڊ آسمان تي نروار ٿيو ۽ لھرون بيچين ٿي، چانڊوڪيء کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. لھرن تي چانڊوڪيء جا ستارا جرڪڻ لڳا. سمنڊ بہ چنڊ جي موھ ۾ مبتلا آھي پر چانڊوڪيء کان خوفزدہ رھي ٿو. ڇو تہ چانڊوڪي لھرن کي پنھنجي مدار کان ٻاھر ڪڍي ٿي . محبت بہ ھڪ گھري ڇڪ آھي، جيڪا محبوب کي خوف ۾ مبتلا ڪري ٿي. شايد ھو پنھنجي ذات جي مدار مان ٻاھر نڪرڻ نہ ٿو چاھي.
”اچو. “ ڪاشف گاڏي جو در کوليو پر ھوء منجهيل ويٺي رھي.
”پليز. “ ڪاشف اميد سان ھن ڏانھن نھاريو.
ڪاشف ھن جو ھٿ جهليو پر سميرہ ھٿ ڇڏائي ورتو.
”توھان کي سمنڊ گهڻو پسند آھي. “ ڪاشف چيو.
”توھان کي ڪيئن خبر پئي تہ مون کي سمنڊ گهڻو پسند آھي“.
سميرہ مڙندي حيرت سان پڇيو.
”اسان جي پھرين ملاقات سمنڊ تي ٿي ھئي. “
”پر مون کي ياد نہ ٿو اچي تہ مان ڪو اڳي توھان سان ملي چڪي آھيان. “
”سميرہ ! تون منھنجي محسن آھين. تو مون کي حالات جي ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍيو آھي. “ڪاشف ھن جي ڪلھن تي ٻئي ھٿ رکيا. تيز ھوائن ۾ سميرا جي وارن ۾ ھن جو چھرو لڪي ويو.
”جي. . . !“ سميرہ پنھنجا وار پوئتي ڪندي، ھن ڏانھن سواليہ نظرن سان ڏٺو. ذھن تي زور ڏيڻ لڳي تہ ھوء ماضيء ۾ ڪاشف سان ڪٿي ملي ھئي؟ پر لاشعور ۾ ڪٿي بہ ھن سان ملاقات جو ڪو لمحو قيد نہ ھو.
”توکي ياد آھي سمنڊ تي چوڏھين رات جڏھن تو مون کي خودڪشي ڪرڻ کان روڪيو ھو. “ ڪاشف جي چھري تي جذبن جو سوز وکريل ھو.
”ڪاشف!“ سميرہ حيرت مان چيو.
” سميرا، مان ننڍپڻ کان رشتن جي اعتبار سان گهڻو بدنصيب انسان رھيو آھيان . اک کولي تہ گهر ۾ والدين جا جهيڙا ڏٺا. پنجن سالن جو ھيس تہ ماء ڇڏي ھلي وئي ۽ بابا ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ مان دنيا ۾ اڪيلو رھجي ويس . مون عمر ھاسٽلن ۾ گذاري. مون کي والدين جو پيار ۽ ڀاڪر نصيب نہ ٿيو . منھنجي زندگيءَ ۾ پيار ڀريي ڇھاء جي ڪمي رھي آھي. پڙھائي کان فارغ ٿيس تہ والد مون کي بزنس ۾ مدد ڪئي پر مون ڪڏھن بہ سندس شفقت نہ محسوس ڪئي. منھنجي اندر جي محرومين مون کي راھ کان ڀٽڪائي ڇڏيو ۽ مان غلط قسم جي دوستن جي چڪر ۾ اچي ويس. ڪافي ڌوڪا کاڌا. مان رستي کان ڀٽڪيل انسان ھيس. ناڪاميون ۽ محروميون منھنجو مقدر بڻجي چڪيون ھيون ۽ مون وٽ زندگي جي خاتمي کان سواء ٻيو ڪو حل نہ ھو.
پر ان ڏينھن جڏھن تو مون کي اجنبي ھئڻ جي باوجود پنھجائپ جو احساس ڏنو. ۽ مان بي اختيار تنھنجي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳس تہ تو بجاء نفرت جي مون کي پنھنجي ويجهو رکيو. ان انسانيت ڀريي ڇھاء منھنجي بيمار روح جو علاج ڳولي لڌو . اھو انسانيت ۽ ويساھ جو ڀاڪر ھو سميرہ !“
”پر توھان مون تائين ڪيئن پھتا؟“ سميرہ کي ٻڌل ڳالھيون خواب جو حصو لڳي رھيون ھيون.
”پورو سال مون تباھ ٿيل بزنس جي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت گذاريو. پاڻ کي بھتر بڻايو. ان دوران سمنڊ وارو لمحو مون سان گڏ ھلندو رھيو. مان اڪثر ويڪ اينڊ تي توھان کي سمنڊ تي ڏسندو ھيس. مون توھان جو گهر بہ ڏسي ڇڏيو ھو. پران مسئلي جو ڪو حل نظر نہ پئي آيو.
منھنجا والدين مون کان پري ھئا، انڪري مون دوست جي ماء کي موڪليو ھو. پر توھان جي والدين جواب ڏئي ڇڏيو. پوء ھڪ اھڙي مھربان دوست منھنجو مسئلو حل ڪيو، جيڪو اوھان جي خاندان جي پڻ ويجهو ھو. “
سميرہ کي محسوس ٿيو تہ ھوء ھڪ غير حقيقي ۽ طلسماتي دنيا ۾ پھچي وئي ھجي.
” سميرہ تون منھنجي محسن آھين، جنھن مون کي نئين زندگي ڏني. مان تنھنجو احسان ڪڏھن بہ نہ لاھي سگهندس“.
”ڪاشف!“ ھن حيران ٿي سندس اکين ۾ نھاريو جن ۾ چنڊ جي عڪس جي پس منظر ۾ جذبن جو اٿاھ سمنڊ ڇلي رھيو ھو.