ناظرو
ڪالوني جي پٺين پاسي، مزدورن ۽ پورھيت عورتن جا گهر آھن، انڪري ھتي ڪم ڪار لاءِ عورتون ملي وينديون آھن . ڪالونيءَ جي وچ ۾ نياز احمد جو گهر آھي، جنھن کي سڀ نياز صاحب چون. ھو ڪالوني لاءِ ڪارائتو شخص آھي . نياز صاحب زميندار آھي. ھن ئي علائقي ۾ واڙي وارو دين محمد ڪالوني ۾ کير ڏيندو آھي. ڪالوني جي باغ ۾ ڊرائيور، چوڪيدار، حاجن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ باورچي ويھندا آھن. مالھي نوڪري ڇڏي ويو تہ حاجن باغ کي سنڀالڻ لڳو. حاجن مستانڙو شخص ھو، جيڪو وات ڦاڙي ٽھڪ ڏيندو ۽ موج مستي ۾ پيو ھلندو ھو.
حاجن، بغير سوچي ڪڏھن اھڙي ڳالھہ بہ ڪري ڇڏيندو ھو، جو ٻڌندڙن جا ڇرڪ نڪري ويندا ھئا. اسان وٽ ھڪ بيماري عام آھي، جيڪا ٻين مٿان مزاج جو ٺپو ھڻڻ آھي. حاجن لاء عام تاثر اھو ھو تہ سندس دعا يا پٽ پاراتو لڳي ٿو. ڪجهہ عرصي کان وري جنھن شيءَ جي تعريف ڪري اھا خراب ٿيو پوي.
باغ لاءِ نئون موٽر آيو تہ چيائين تہ سائين واھ جو موٽر آھي ! ٻئي ڏينھن موٽر مان دونھان نڪرڻ لڳا. دين محمد اھا ڳالھہ صاحبن کي ٻڌائي جيڪي مٿس ڏمريا.
ان ڏينھن پاڙي ۾ ٻار کي ڏسي چيائين سھڻو ٻار آھي تہ ٻار بيمار ٿي وڃي اسپتال پھتو. اھو ٻار ڪالوني جي انچارج شوڪت صاحب جي ڀيڻ جو ھو. ائين ھر سانحو ۽ مسئلو حاجن سان منسوب ٿيندو رھيو ۽ سندس نالو ناضرو پئجي ويو. حاجن ڪم جو سٺو ھو . ڪالوني جو انچارج مزدوري گهٽ ڏيندو ھيس، انڪري ھو سندن ضرورت بہ ھو.
دين محمد نالي جي ابتڙ ھو. گلا غيبت ۽ افواھن ڦھلائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. ھي سڀ باغ ۾ ويھي گلائون ڪندا ھيا تہ گهرن ۾ ڇاٿو ٿئي. ڪنھن جو پٽ رات جو دير سان آيو، ڪير نشو ٿو ڪري . ڪھڙي گهر ۾ جهيڙا آھن. ناظرو ڪھڙو ڪلور ڪيو . سندس جملي جي ڪري ڪيترو نقصان ٿيو وغيرہ وغيرہ .
انسان جي دماغ ۾ ميمل برين متحرڪ رھي ٿو، جيڪو ڪرنگهي وارن جانورن ۾ ھوندو آھي. سو اڄ جو انسان کائڻ پيئڻ ۽ رغبتن ۾ ڦاسي پيو آھي. عقل الاءِ ڪيڏانھن موڪلائي ويو اٿن . جيڪو ٿا ٻڌن سو ڪنڌ لوڏڻ ۾ پورا آھن.
ناظرو ھڪ ڏينھن خفا ٿيندي دين محمد کي چيو :
” تو ھرو ڀرو منھنجو نالو بگاڙيو آھي . مون آخر تنھنجو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. ھتي جيڪو غلط ٿئي مون تي ٿا ھڻن. “
” تون زبان کي لغام ڏيئي ھل پوءِ سک ۾ رھندين . تنھنجي زبان ڪاري آھي، ماڻھوء کي ڦٽيو ڇڏي. “دين محمد چيس.
اڳي مالي دل سان ڪم نہ ڪندو ھو پر حاجن ھر گهر جي آڏو گل ۽ ٻوٽا لڳائي سڄي پاڙي کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو. باغ ۾ گل مھر ۽ باٽل پام سان گڏ اشوڪ پيو جهومندو ھو. ٻار پينگهن ۾ لڏندا ھئا. پر ھاڻ مائرون ٻار ٻاھر ڪونہ ڪڍن.
ھر ماڻھو ناظروء کان خوفزدہ رھي ٿو.
کيس ڏسي راھ مٽائي وڃن ٿا. ڪالوني جي انچارج جي لھجي ۾ ھن سان ڳالھائيندي وقت نفرت ڀرجي وڃي ٿي.
ناظرو تمام گهڻو ڏکارو رھڻ لڳو آھي. اڳي کلندو ھو پر ھاڻ گهڻي ڀاڱي چپ رھي ٿو تہ متان ڪو غلط لفظ نہ نڪري وڃي.
پاڙي جو مولويءَ سمجهائيس ٿو:
” ناظرو ! جيڪا ڳالھہ بہ ڪرين تہ اول ماشاء الله چوندو ڪر. “
” جي مولوي صاحب پر اوھان تہ مون کي ناظرو نہ چئو. اوھان وٽ تہ دل جون اکيون آھن سائين. “ روئڻھارڪي لھجي ۾ چيائين.
ھن جي ڳالھہ ٻڌي مولوي صاحب شرمندو ٿيڻ سان تعجب ۾ اچي ويو تہ ھن مستانڙي وٽ اھو عقل ڪيئن آيو.
حاجن جي اکين مان لڙڪ وھي آيا. ھو تمام گهڻو ڏکارو ٿي پيو ھو.
ھاڻ ھو ھر ڳالھہ تي ماشاء الله چوي ٿو پر ڪو بہ ھن تي لڳل ناظرو لفظ جو ٺپو ھٽائڻ لاءِ تيار ڪونھي.
حاجن عرف ناظرو ٽن ڏينھن کان غائب ھو. شفيع صاحب جي ننڍڙي مومل تيز بخار بعد اسپتال ۾ داخل ٿي. دين محمد اھا افواھ ڦھلائي تہ ننڍڙي باغ ۾ پيگهن ۾ ويٺي ھئي تہ ناظرو لوڏا پئي ڏنس. ڪالوني جي انچارج شوڪت سڏايس تہ زال وٺي آيس . ھو ھلي ڪونہ پيو سگهي .
”سائين ٽن ڏينھن کان بخار اٿم حڪم ڪيو. “ ھو سڄو ڪنبي رھيو ھو. شوڪت صاحب شرمندگي لڪائيند مڙئي ڳالھہ ٺاھي.
”نہ باغ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي انڪري سڏرايو ھيم. “
”سائين منھنجو ننڍو ڀاء ايندو ھو ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ. “حاجن ڪمزور آواز ۾ چيو.
ان وقت نياز صاحب بہ گهر مان نڪتو.
”تون ڀلي وڃ. “ شوڪت صاحب چيس تہ ھو ھليو ويو.
شوڪت دين محمد کي گهرائي بيعزتي ڪئي تہ ھرو ڀرو افواھون ٿو ڦھلائي .
”سائين ھي شخص ڪالوني لاءِ وڏو خطرو آھي. ھن کي ھتان ڪڍو. “ دين محمد چيو.
نياز ڪيتري عرصي کان نئين گاڏي وٺي مائٽن وٽ بيھاري ھئي ناظروء جي ڊپ کان، انڪري اھا ڳالھہ وڻيس تہ ان شخص کي نيڪالي ڏجي. خوف ھيس تہ متان گاڏيءَ کي نہ نظر ھڻي وجهي.
”دين محمد اڄ ئي وڃي ناظروء کي اسان جو نياپو ڏي تہ نڪري ھتان نہ تہ سامان روڊ تي کڻي اڇلايوس. “ ڪاوڙ منجهان نياز صاحب چيو.
”جي بھتر سائين. “ دين محمد جون واڇون خوشيء منجهان ٽڙي پيون. اتفاق اھڙو ٿيو جو باغ جو موٽر چوري ٿي ويو. دين محمد کي اھو سٺو موقعو مليو تہ اھو الزام ناظرو تي ھڻجي . انڪري اھو ڊرامو رچايو ويو، جنھن ۾ ڏوھاري ڪري ٻيھر صاحبن جي عدالت ۾ کيس پيش ڪيو ويو.
”سائين مون موٽر چوري ڪانہ ڪئي آھي. “ ناظرو جا لڙڪ وھڻ لڳا.
”اسان توکي ٿاڻي جي حوالي ٿا ڪيون، جي نہ ٿو نڪرين ھتان. “ شوڪت صاحب چيس
ھو شوڪت صاحب جي پيرن تي ڪري پيو .
”سائين مان بي گناھ آھيان، مون سان اھو ظلم نہ ڪجو. “
”پوءِ تون ڪٿي ٻئي ھنڌ ھليو وڃ اسان توسان اھا رعايت ڪري سگهون ٿا. “ نياز چيس.
”سائين مان ھتي سکيو آھيان ٻئي پاسي بک مري ويندس. مھرباني ڪري مون کي ھتي رھڻ ڏيو. ھاڻي ھن پاسي جي لڙي بہ وڃان سائين تہ ڏنڊ ڀري ڏيندس. “
”پوءِ جيل وڃڻ جي تياري ڪير. “نياز ڪاوڙ ۾چيو.
ھو روئيندو پٽيندو اتان ھليو ويو ۽ ٻئي ڏينھن ٽپڙ کڻي روانو ٿي ويو.
”شڪر آھي منحوس نڪتو. “ دين محمد چيو.
ھن جي شروع کان خواھش ھئي ناظرو جي جاء تي پنھنجو ڀاء رکرائڻ جي. ھو ڳوٺ ۾ رھندو ھو ۽ بيروزگار ھو. ڳوٺ ۾ ڪنھن بنگلي تي مالھي ھو پر سندس مالڪ شھر ھليا ويا ھيا ۽ ھو چئن سالن کان بي روزگار ھو.
”سائين مٺائي ورھايو عذاب مان جان ڇٽي. “ شوڪت صاحب جي ڊرائيور مڇن کي وٽيندي چيو.
”وڏو منحوس ھو . ڪيڏا ڪالونيءَ ۾ نقصان ٿيا آھن، شڪر ڪيو نڪتو ھتان. “ نياز صاحب جي ڊرائيور چيو.
نياز بہ ناظرو جي نڪرڻ کان پوءِ گاڏي اچي در تي بيھاري. پاڙي وارن ٻار ٻاھر ڪڍيا ۽ ھو باغ ۾ کيڏڻ لڳا. ھر طرف سڪون ڇانئجي ويو.
رات جو شوڪت ۽ سندس گهر وارا شاديءَ ۾ ويل ھيا تہ پٺين پاسي کان چور گهر ۾ گهڙيا ۽ زيور ۽ ٽيھ لک کڻي ويا. نياز ٿاڻي ۾ رپورٽ درج ڪرائي ۽ ڪالونيءَ جي پويان رھندڙ مزدور آزار ۾ اچي ويا. ھن گهر ۾ ڪم ڪندڙ ن کي الڳ ٿاڻي تي بند ڪرايو. پوليس ھڻي ھنڌ ڪيو . چورن وٽان سامان ۽ باغ جو موٽر بہ ملي ويو.
ڪالوني ۾ رھندڙن چيو تہ دين محمد معصوم حاجن تي موٽر چوري ڪرڻ جو الزام لڳرائي کيس دربدر ڪيو. سچ دير سان ئي سھي پر ھڪ ڏينھن ضرور سج جيان نروار ٿيندو آھي.
ٻئي ڏينھن نياز صاحب گاڏي ڪڍي رھيو ھو تہ دين محمد چيس:
”سائين سڄي پاڙي ۾ ڪنھن وٽ اھڙي گاڏي ڪونھي. “ اھا ڳالھہ ٻڌي نياز جو ڳاٺ فخر سان اوچو ٿي ويو.
نياز ڳوٺ لاءِ نڪتو ھو . گاڏي ڊرائيور ھلائي رھيو ھو. اور ٽيڪ ڪندي گاڏي ضابطي کان ٻاھر نڪري وئي ۽ قلابازيون کائيندي رھي. ڊرائيور ۽ نياز ٻاھر وڃي ڪريا. ماڻھو ڊوڙندا آيا. ٻئي زخمي حالت ۾ ھئا . ماڻھن اسپتال پھچاين، جتي سندن پٽي وغيرہ ڪئي وئي. گاڏي مڪمل تباھ ٿي وئي.
شوڪت ۽ پاڙي وارا پھتا ۽ نياز کي گهر پھچايائون . ڌڪن جي ڪري تڪليف ۾ لڇي رھيو ھو. ھفتي کان پوء جڏھن نياز جي طبيعت بھتر ٿي تہ کيس احساس ٿيو تہ دين محمد پاڻ ناظرو آھي ڦاسائي وري مستانڙي کي پيو نڀاڳو ڪنھن جاء جو. نياز صاحب دين محمد جو پاڙي ۾ کير ڏيڻ جو سلسلو بند ڪرائيندي، حڪم نامو جاري ڪيو تہ جيڪڏھن ٻيھر دين محمد ڪالونيء ۾ گهڙيو تہ ٿاڻي ۾ بند ڪرائيندس.
زال کي چيائين وارو ڪر ڪارو ٻڪر گهرائي ۽ مولوي صاحب ڏانھن نياپو ڪر تہ اچي قرآن خواني ڪرائي. ٻڪر ڪسجڻ کانپوءِ اميرن ۾ ورھائجي ويو ۽ قرآن خواني بہ ختم ٿي. مولوي صاحب صدا ھنئي تہ سائين جن سان ملڻو اٿم. کيس اندر وٺي ويا.
”سائين عرض آھي تہ حاجن ھتان وڃي بکن ۾ پيو آھي . روزگار نہ ٿو مليس. “مولوي ڌيرج سان چيو.
” ھون. “ نياز گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سندس چھري تي پشيماني ظاھر ٿي.
”ٻيو سائين اھي مستانڙا دعا جو در ھوندا آھن. اھي ڪڏھن نہ نظر ھڻندا آھن ۽ نہ پاراتو ڏين. جي اجازت ڏيو تہ ساڳي جاء ۾ اچي رھي، جيڪا خالي پئي آھي. “
” ھا مولوي صاحب ۽ چئوس تہ اچي باغ بہ سنڀالي سڄو سڪي رڻ ٿي ويو آھي. “
اھا ڳالھہ ٻڌي مولوي صاحب جي من جي مرجهايل مکڙي ٽڙي پئي.
مولوي صاحب جي ويندي ئي نياز مٿو وھاڻي تي رکيو. سور بہ جهڪو ٿيڻ لڳو ھو . ضمير بہ سندس پٺي ٺپي ۽ مٿي تان بار بہ لھندي محسوس ڪيائين.