مجبوري
شھلا صاحبہ پنھنجي من گهريل گروپ ۾ ويھي پئي ڪچھري ڪندي ھئي. اوچتو خبر پيس تہ ڊپٽي ڊائريڪٽر پيو اچي.
”ٽيون ڏينھن تہ وزٽ تي آيو ھو وري ڇو آيو آھي مئو ماريو. “ شھلا چيو.
ڊپٽي ڊائريڪٽر سان گڏ ڊي جي صاحب بہ ھو. پرنسپال، کين ڪاليج وزٽ ڪرايو. ڪاليج ڏسندي ڊي جي صاحب ڪر ڪر ڪندو ھليو.
”ميڊم توھان ڪاليج جي صفائيءَ تي ڌيان ڪونہ پيون ڏيو. “
شھلا، وائس پرنسپال ناھيد ۽ نوشابہ جک کائيندي ھلي رھيون ھيون.
”ھي دري ڀڳل آھي اڳي بہ چئي ويو ھيس تہ ٺھرايو پر اڃان نہ ٺھرائي اٿو. “ ڊي . جي صاحب ڪاوڙ چيو.
”سر ھاڻ بجيٽ رليز ٿي آھي جلد رپيئر جو ڪم شروع ٿيندو. “
ميڊم شھلا ڪاوڙ کي ڏندن ۾ چيڀاٽيندي وراڻيو.
واپس آفيس ۾ اچي ٻئي صاحب ھن تي ڇوھ ڇنڊيندا رھيا. ريفريشمينٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس جو انتظام ڪيو ويو. ٻئي ڄڻا کائي پي روانا ٿيا.
ان ۾ ڪو شڪ نہ ھو تہ ھوء ان پوسٽ لاءِ اھل نہ ھئي پر وڏو سورس ڪم آڻيندي اھا پوسٽ ورتي ھيائين. جيڪي پيسا ڀريا ھئائين، سي ڪاليج جي بجيٽ مان پورا ڪيائين.
”توھان کي ڪلھہ بہ چوان پئي تہ صفائيءَ ڏانھن ڌيان ڏيو . ويھڻ سان ڪم نہ ڪلندو. “
ھن وائيس پرنسپال کي ڇنڊ پٽي.
پرنسپال جي سالگرھ ويجهو ھئي، انڪري ھن مختلف ڊزائنرز جا ڪوڊ اسٽاف ۾ ورھائي ڇڏيا ھئا. فھميدہ جي حصي ۾ مھانگو سوٽ آيو، جنھن جي قيمت ھزارن ۾ ھئي. سندس گهر وارو بيمار ھو ۽ ٻہ ٻار ميڊيڪل جي چوٿين ۽ آخري سال ۾ ھيس.
ھاڻ تہ عمرو ڪري آئي ھئي. ان جا مھانگا تحفا الڳ وصول ڪيائين. مڙس بہ وڏي پوسٽ تي ھيس . ھوء اندر ۾ پڄري رھي ھئي.
اسٽاف روم ۾ ماسترياڻيون ھوريان ھوريان ان معاملي بابت ھوريان ڳالھائي رھيون ھيون. ساڳي وقت فائدا بہ وٺنديون ھيون. انڪري تحفو ڏيڻ بہ ضروري ھو. ڪي تہ سونيون منڊيون، لاڪٽ ۽ قيمتي واچون بہ ڏينديون ھيون، پوءِ دير سان اچن يا ڪلاس نہ وٺن موج ۾ ھيون.
”ڏي خبر فھميدہ ! تون ڪڏھن ٿي سوٽ وٺين؟“ نائلہ ٽوڪ ھينس.
”ھيءَ ڪونہ ڏيندس مھانگو سوٽ. “سائرہ چيو.
ھن کي پنھنجي حالات تي شرمندگي ٿيڻ لڳي. ھوء اتان اٿي وئي.
پرنسپال جو جنم ڏينھن ويجهو ايندو ويو ھن جي پريشاني وڌنڌي رھي.
فھميدہ، اڳلي سال گفٽ ڪونہ ڏنس تہ سڄو سال ڪا رعايت نہ ڏنائينس. ھن جي امتحانن جي ڊيوٽي لڳائي وئي. کيس طرح طرح سان تنگ ڪيو ويو. پرنسپال آفيس کي شيشي جو در لڳرايو ھو ۽ سندس آفيس وچ ۾ ھئي، جيڪو نڪرندو ھو تہ خبر پوندي ھيس. گهڻگهرين کي ڇڏي ڏيندي ھئي باقي جنھن سان ڪاوڙيل ھوندي ھئي تہ بيل وڄائي پٽيوالي کي چوندي ھئي تہ چئوس اڃان يارنھن ٿيا آھن ڇو پئي وڃي ! ڪي تہ بيل ٻڌي واپس ورنديون ھيون. پر ھن ڀيري ھوء پرنسپال جي پسند جو سوٽ وٺڻ لاءِ راضي ھئي. مڙس بيمار ھيس، انڪري ھن کي سھڪاري روين جي ضرورت ھئي. پرنسپال صاحبہ حج، عمرو، ٻارن جي ڪاميابين تي دعوتون کارائي ڪافي قيمتي سامان وصول ڪري چڪي ھئي. کيس ڪو نہ ڪو بھانو کپندو ھو پارٽي ڪرڻ لاءِ.
ھوء ھاڻ ڪينيڊا جي شھري بڻجي وئي آھي. رٽائرمينٽ ۾ سال اٿس. سندس مڙس ۽ ساھرا ۽ ڀينر ڀائر آمريڪا ۾ اٿس، سو ھتان قيمتي وڳا ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ٻاھر موڪليندي آھي. ھن شايد ئي پنھنجي لاءِ ڪپڙا خريد ڪيا ھوندا!
موسم خوشگوار ھئڻ ڪري ھو لان ۾ پنڌ ڪرڻ لڳي. املتاس جي وڻ تي ڪوئل ڪوڪي رھي ھئي. آسمان جهڙ سان ڀريل ھو ۽ ٿڌي ھوا ھلي رھي ھئي. ھن جو ڌيان بيمار مڙس ڏانھن ھو. ھن کي ڏسي سندس ڊپارٽمينٽ ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڪوليگ ڏانھنس وڌي. ٻئي اڪثر گڏجي پنڌ ڪنديون ھيون.
”ادا جي طبيعت ڪيئن آھي؟“ نصرت پڇيو.
”ھاڻ ڪجهہ بھتر ٿي آھي. “
”ڊاڪٽر ڇا ٿا چون. “
اڃان ٽي مھينا دوائون ۽ بيڊ ريسٽ ڪرڻو اٿس. “
ھن جي دل ۾ آيو تہ ھوء نصرت کان اڌارا پيسا گهري پر ھن ڪڏھن بہ ڪنھن کان اڌارا پيسا نہ گهريا ھئا.
گهر واپس آئي تہ بہ پريشان رھي. فيض ۽ فرح ميڊيڪل ۾ ھئا ۽ شام جو ٽيوشن سينٽر تي پڙھائڻ ويندا ھئا. سعيد پوئين سال رٽائر ٿيو ھو. جيڪي پيسا مليا سي سندس بيماريءَ تي لڳي ويا. سندس پينشن، فھميدہ جي پگهار ۽ ٻارن جو ٽيوشن ملائي بہ گهر جو خرچ پورو نہ ٿو ٿئي. سوچي ٿي تہ گهر کپائي ڪرائي جي گهر ۾ شفٽ ٿي وڃي پر ايڏي وڏي قدم کڻڻ جي ھمت نہ ٿي ڀانئي پاڻ ۾. اھي ڏکيا ڏينھن گذري ويندا. سوچي ٿڌو ساھ ڀريائين.
زيور بہ ٻارن جي فيسن ڀرڻ لاءِ کپائي ڇڏيا ھئائين. ڪاليج جي روز روز جي پارٽين جي ڪري ھوء پريشان رھڻ لڳي ھئي. ڪاليج ۾ ست اٺ پروفيسر ڪافي پيسي واريون ھيون، جن مھانگن سوکڙين جي روايت وڌي ھئي. خوشامدي، نااھل ۽ سفارشي استادن تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي. ھوء گھري سوچ ۾ گم ھئي.
”امان ماني ٺيڪ سان کائو الاھي ڪمزور ٿيندا پيا وڃو. “
فرح کيس سوچن ۾ گم ڏسي چيو تہ ھن زوريءَ گرھ کڻي وات ۾ وڌو.
”ھا امي مان بہ محسوس ڪيان پيو تہ اوھان ڪجهہ ڏينھن کا پريشآن آھيو. “فيض پڇيو.
”نہ پٽ مان ٺيڪ آھيان بلڪل، مون کي ڪا پريشاني نہ آھي. “ ماءُ سدائين پنھنجي دل جو حال ٻارن کان لڪائيندي آھي، جيئن سندس ٻار ڪٿي دل ھاري مقصد کان پري نہ ٿي وڃن. ان ڏينھن بہ ھوء لڙڪ پي مرڪي پئي ۽ سڄو گهر روشن ٿي پيو.
فھميدہ جي الماريءَ ۾ پراڻا ڪپڙا ھئا . مڙس جي بيماري کان اڳي ھوء سٺو لباس پھريندي ھئي پر حالتن جي ڪري ھاڻ ھوء خريداريءَ جي سگهہ وڃائي ويٺي آھي. ڪاليج ۾ سندس ڪپڙن تي بہ چٿرون ڪيون وينديون آھن . اڳي ڪاليجن ۾ ماسترياڻيون سادا ڪپڙا پائينديون ھيون پر ڪجهہ عرصي کان ڊزائنرز جي فيشن کان پوءِ ھاڻ فيشن ۽ ڪپڙن جا روز پيا مقابلا ھلندا آھن . تدريسي عملو نہ لائبريري وڃي ۽ نہ ئي روز نئون ليڪچر تيار ڪري اچي، باقي فيشن تي زور اٿن.
پارٽي ٿيندي تہ پارلر مان فيشل ڪرائي تازيون توانيون ٿي اچي شرڪت ڪنديون. وارن کي ھزارين روپين جي اسٽريڪنگ الڳ ڪرائينديون . ھاڻ تعليمي ادارا علم جو گھوارو گهٽ پر فيشن شو وڌيڪ لڳن ٿا. ڪاش! ڪو ذھني قابليت وڌائڻ لاءِ بہ سوچي ھا!
چار سال بعد سندس رٽائرمينٽ ٿيندي، تيستائين ٻارن کي بہ نوڪري ملي ويندي. چار سال ڪاليج ۾ گذارڻ ڏکيا ٿي پيا آھن. ھي پرنسپال سال پورو ڪري ويندي تہ وري ٻي بہ ڪا اھڙي ايندي.
جهڙالي موسم ھئي پرماسترياڙين، ھن ڀيري نہ پڪوڙا ۽ سموسا گهرايا، نہ چانھن جو دور ھليو نہ ئي ڀرسان دوڪانن تان رٻڙي ۽ فالودو آيو. اسٽاف روم ۾ دٻيل لھجي ۾ احتجاج ھلي رھيو ھو. ڪي غير شادي شدہ امير پروفيسر ھيون تہ ڪي سي ايس پي آفيسرز جون بيگمات، ڀلا کين ڪھڙي پرواھ آھي پيسي جي!
” اسان ٻارن جي اسڪولن جون فيسون ڀريون، سس ۽ سھري جو علاج ڪرايون يا وري ھن مائيء جون فرمائشون پوريون ڪيون. “ رفيعہ ڪاوڙ منجهان چيو.
ڪن وڳا وٺي ڇڏيا ھئا. ڪن وڳن سان قيمتي پرفيومز، سون جون منڊيون، قيمتي واچون ۽ امپورٽيڊ ڪراڪري بہ وٺي ڇڏي ھئي. اھو ٻڌي کيس اڀ ساھي اچي ورايو.
رات جو پاسا ورائيندي پيسن جو سوچيندي رھي.
”ڇاٿيو فھميدہ پريشان ڇو آھين؟، سعيد پيار مان پڇيو.
”بس ننڊ نہ پئي اچي. “ لڙڪ من جي بٺ زمين تي وسڻ لڳا.
”چري! ايترو نہ سوچيندي ڪر ڪٿي بيمار نہ ٿي پئين. تون ئي ھن گهر جي اميد ۽ سھارو آھين. “ سعيد ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”نہ مان پريشان نہ آھيان، بس ٿوري دير ۾ ننڊ اچي ويندي. “ مرڪي چيائين.
پرينھن پرنسپال جي سالگرھ ھئي.
ڪاليج مان نڪري سڌي سوناري جي دوڪان تي آئي ۽ ھٿ جي منڊي سوناري کي ڏنائين.
” ادا سون جي تور تہ ڪري ڏيو. “
”تمام سٺو سون آھي ڀيڻ ڇو پيا وڪڻو؟“ سوناري چيو.
” توھان تور ڪريو ادا. “ھن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
سوناري تور ڪري کيس پيسا ٻڌايا.
منڊي وڪڻي سڌو ڪپڙي جي دوڪان تي اچي قيمتو وڳو خريد ڪيائين. باقي بچيل پيسن مان ھن سعيد لاءِ دوائون خريد ڪيون.
رات جو دير تائين ننڊ نہ آيس. من ۾ سڏُڪندي رھي، ڪنھن کي خبر پوي ان ڳالھہ جي تہ جيڪر مون تي ماڻھو کلندا تہ ٿوري فائدي جي ڪري، مون جنم ڏينھن تي مڙس جو ڏنل تحفو کپائي ڇڏيو.
ڪي چوندا ڀلا ائين بہ ٿيندو آھي ڇا؟
نوڪري بچائڻ لاء ۽ ڪي جائز ۽ ناجائز مراعتون حاصل ڪرڻ لاء، گهڻو ڪجهہ ڪرڻو پوي ٿو. سڄو نظام رشوت ۽ سفارش تي ھلي ٿو. مون کي ڪجهہ ڏينھن لاء ڪاليج مان جلدي اچڻو پوندو، جيستائين سعيد ٺيڪ ٿي ويندو. ضمير جي چھنڊڙيڻ تي ھوء لاشعور کي جواز ڏيندي رھي.
ٻئي ڏينھن پرنسپال کي جنم ڏينھن جي مبارڪ ڏيندي کيس وڳو ڏنائين تہ ميڊم شھلا، گلاب جي گل جيان ٽڙي پئي.
فھميدہ جي اکين مان لڙڪ وھڻ لاءِ آتو ھو، جيڪو ھن ٻيھر اکين ڏانھن ڌڪي ڇڏيو.