ڪھاڻيون

اڌوري ڪٿا

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 325
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Adhori Katha

خواب يا حقيقت

آفيس جو وقت ختم ٿيو تہ ھو بينڪ مان ٻاھر نڪتو ۽ فاروق جي گهر ھليو آيو. فاروق سندس ننڍپڻ جو دوست ھو. ھڪ تہ ھو شھر ۾ نئون ھو ٻيو فاروق کيس اچڻ لاءِ زور ڀريندو ھو. آفيس مان ھاسٽل ويندي، فاروق وٽ ترسندو ھو . گهر بہ رستي ۾ پوندو ھيس. اسٽڊي روم ۾ ويھي فاروق سان دير تائين ڪچھري ڪندو ھو . رات جي ماني کان پوءِ کيس ھاسٽل وڃڻ جي موڪل ملندي ھئي.
ھو ڪلفٽن ۾ واقع اپارٽمينٽ پھتو . لفٽ ۾ داخل ٿيندي ھن ستين فلور جو بٽڻ دٻايو . فلور تي پھچي ڪونڊين ۾ پوکيل ٻوٽن کي ڏسي خوشي ۽ تازگي اندر ۾ لھندي محسوس ڪيائين. فاروق جي والد مختيار صاحب کي گلن ۽ ٻوٽن سان خاص دلچسپي ھئي . ھو فاريسٽ آفيسر جي عھدي تان رٽائرڊ ھو. گهنٽي تي ھٿ رکيائين تہ ملازم در کوليو.
”سائين سلام. “ ٿر سان تعلق رکندڙ پندرنھن سالن جي نواب سلام ڪيو.
”وعليڪم اسلام. “ قسمت بہ نالن جي ابتڙ ٿئي ٿي . اھو سوچيندي ھو ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو.
فاروق ھن سان اتساھ منجهان مليو.
”يار تون ويھ مان زرين سان ٻاھر پيو وڃان. زرين کي ڇڏي اچان ٿو. “ ھو تڪڙو ڪمري مان نڪري ويو. نعمان ميز تي پيل اخبار کڻي پڙھڻ لڳو. نواب ھن لاءِ پاڻي کڻي آيو.
فاروق، زرين ڀاڀيءَ کي ڪڏھن ڊاڪٽر يا شاپنگ لاءِ ٻاھر وٺي ويندو ھو تہ نعمان، بابا مختيار سان ڪچھري ڪندو ھو، جنھن مان والد جي آسيس ايندي ھيس. سندس بدلي ٽي چار مھينا ٿيا جو سکر مان ڪراچي ٿي ھئي. في الحال ڪنھن ھاسٽل ۾ رھي پيو پر اڳتي ھلي گهر وٺڻ جو ارادو اٿس، جيئن ڪٽنب ھتي شفٽ ڪري سگهي. شاديءَ کي چار سال ٿيا اٿس. ٻن سالن جي ننڍڙي ڌيءَ ڪومل اٿس، جنھن کي پيار مان ڪوملي سڏي .
مختيار اندر داخل ٿيو تہ ھو اٿي بيٺو.
”اسلام عليڪم بابا سائين. “
”وعليڪم اسلام“
”توھان ڪيئن آھيو بابا سائين؟“
”رب جون مھربانيون . “
ٻئي ڪچھري ڪرڻ لڳا. ڳوٺ جا قصا ۽ اتي ٿيل واقعا. الائي ڇو ماڻھو پنھنجي جنم ڀوميءَ کان ڌار ٿي سدائين پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو آھي.
فاروق جي ڌيءَ روما ھن کي ڏسي رڙ ڪري ڏانھنس ڊوڙندي آئي :
”تاتا نومي اتي ويو. “ تاڙيون وڄائيندي چيائين. پويان ميڊ سرونٽ پڻ اندر داخل ٿي .
سندس اٻاڻڪي دل ۾ ٿڌي ڇانوري جھڙو سڪون لھي آيو. ٻار ڪيڏا نہ معصوم ۽ پيارا ٿين ٿا!
ھن چاڪليٽ کيسي مان ڪڍي روما ڏانھن وڌايا تہ ھن خوش ٿي چيو؛
” ٿينڪ يو انڪل. “ ھاڻ ھو انگريزيءَ ۾ ننڍا جملا ڳالھائي ٿي .
” يو ويلڪم“ ان ئي وقت پنھنجي نياڻي مرڪ ياد پيس . روح ۾ ڇِڪ ڇُلندي محسوس ڪيائين.
ھو بابا سان ٻيھر ڪچھري ڪرڻ لڳو ۽ روما چاڪليٽ کائڻ ۾ مگن ٿي وئي. پوءِ اتي ئي ننڊ ورائي ويس. ميڊ اندر کڻي ويس.
” يار سوري مون کي ڪجهہ دير ٿي وئي. “ فاروق تڪڙو اندر آيو.
”ڪا ڳالھہ نہ آھي. “ ھو مرڪيو.
پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳا. ھن بہ اجازت گهري پر فاروق کي زرين کي کڻڻ لاء وڃڻو ھو تہ ھو نعمان کي بہ ھاسٽل ڇڏيندو ويو.
ھو فاروق جي ڪري اڪيلائپ نہ ٿو محسوس ڪري نہ تہ شھر جي لاتعلق زندگيءَ ۾ اھو مزو ڪٿي، جيڪو اباڻي شھر ۾ ملندو آھي. ھتي تہ ماڻھو ضرورت آھر واسطو رکن ٿا. ھر ماڻھو پاڻ لاءِ جيئي ٿو. فقط ذات جي وروڪڙ رستن ۾ ڀٽڪندو رھي ٿو. ھتي تعلق، مطلب جو محتاج آھي ۽ رابطو مقصد فقط حاصل ڪرڻ جو ذريعو. ماديت پرستيءَ جي عفريت انساني توڙي اخلاقي قدر ڳڙڪائي ڇڏيا آھن پر ھو پاڻ کي ان پراڻي دور جو فرد ٿو سمجهي، جيڪو بي غرض تعلق ۾ جيءَ جو جياپو ڳولھيندو ھو. ھن جھڙا ڪي ٻيا چريا آھن، جن جي ڪري دنيا پئي ھلي .
ٻئي ڏينھن ھو فاروق سان ملڻ لاء آيو ۽ اسٽڊي روم ۾ داخل ٿيو تہ بابا اخبار پئي پڙھي . ھن کي ڏسي سندس ٿڪل چھري تي مرڪ اچي وئي .
”اسلام عليڪم بابا سائين“ نعمان جهڪي ادب سان ساڻس مليو.
”وعليڪم اسلام پٽ “ مختيار ھن سان ساڳي شفقت سان مليو.
ھو بابا سان ڪافي دير تائين ڪچھري ڪندو رھيو. بابا کي اندران سڏ ٿيس تہ ڪمري مان نڪري ويو.
نعمان جو الائي ڇو مٿو ڦرڻ لڳو. دريءَ وٽ ننڍڙو بيڊ پيو ھوندو ھو، جنھن تي اڪثر بابا کي ننڊ ڪندي ڏٺو ھيائين . دريءَ مان آسمان نظر ٿي آيو . شفق جي روشنيءَ ۾ بادل ھٿ ھٿ ۾ ڏيندي اڏامي رھيا ھئا. ٿڌي ھوا جي جهوٽي ۾ سمنڊ جي لھرن جي خوشبو ھئي. ننڊ جو جهوٽو آيس. ننڊ جاڳ ۾ ائين لڳس جھاز رن وي تي ڊوڙي رھيو آھي. پوءِ پنھنجي جسم مان ھڪ ٻيو جسم نڪرندي محسوس ڪيائين، جيڪو تيزيءَ سان واپس جسم ۾ پيو تہ ھن اکيون کوليون. نڙي خشڪ ۽ ڳلي ۾ ڪنڊا چڀي رھيا ھيس. ساھ نڙيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ڪيائين. ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ ساھ سيني ۾ منجهيل لڳس. زور سان کنگهيو، جيئن ساھ کڻي سگهي پر ساھ بند ٿيندي محسوس ٿيس. ٿورو سامت ۾ آيو تہ اٿي بيٺو. ايتري ۾ فاروق اندر داخل ٿيو ء ھن کي ائين بيٺل ڏسي پريشان ٿي ويو.
”يار خير تہ آھي نہ ائين ڇو بيٺو آھين؟“ ھن جو پيلو چھرو ڏسي فاروق گهٻرائجي ويو.
”بس طبيعت ٺيڪ نہ اٿم، ھلان ٿو. “ نعمان سڄو ڏڪي رھيو ھو.
” ڊاڪٽر ڏانھن ٿا ھلون. “فاروق ھن جو زرد چھرو ڏسي پريشان ٿي ويو.
”نہ نہ يار خير آھي. مان ھليو ويندس. “ ھو دروازي ڏانھن وڌيو تہ ٿيڙ آيس.
سندس حال ڏسي فاروق ھن جي ھڪ نہ ٻڌي. کيس ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويو. ڊاڪٽر بلڊ پريشر چيڪ ڪيو . اي سي جي ڪيائين، جيڪي نارمل ھيا. پر آڪسيجن ليول گهٽ ھيس، انڪري آڪسيجن ماسڪ لڳائي ڇڏيائون.
”يار اويس ڪا خطري واري ڳالھہ تہ نہ آھي نہ. “ فاروق پريشانيءَ مان پڇيو.
”ھا بھتر آھي. بلڊ پريشر، اي. سي. جي وغيرہ نارمل آھن . پريشان نہ ٿي. “
نعمان ڪجهہ بھتر ٿيو تہ ھن کي ھاسٽل ڇڏڻ نڪتو. ھن گاڏيءَ جي سيٽ سان مٿو ٽيڪي ڇڏيائين . مٿو زور سان ڦري رھيو ھيس. فاروق سھارو ڏيئي ڪمري تائين ڇڏڻ آيس. ھو ڪافي دير تائين بستري تي پيو رھيو . بت ۾ ساھ ئي ڪونہ ھيس. ان لمحي لاءِ سوچيندو رھيو. ھن جاڳ ۾ پنھنجي جسم کي ڇت تائين ويندي ڏٺو. شايد ملڪ الموت بابا جو روح قبض ڪرڻ آيو ھجي پر ڀل ۾ مان وڪڙ ۾ اچي ويومانس. بابا جي پلنگ تي جو ليٽيل ھيس. رب ٻاجهہ ڪندو. بابا فارق جو وڏو سھارو آھي.
ٻئي ڏينھن بينڪ ۾ پھرين تاريخ جي ڪري تمام گهڻي پيھ ھئي. ڪم ۾ مصروف ھئڻ جي باوجود ڪلھہ رات وارو منظر بار بار اکين آڏو ٿي ڦريس. نڙيءَ ۾ گهٽ ٿي محسوس ڪيائين . ساھن ۾ مونجهہ ۽ دل جي رفتار معمول کان وڌيڪ ھيس. ڪم بوجهہ پئي لڳس . جيڪر موڪل ڪيان ھان! جيئن تيئن شام جا پنج ٿيا ۽ ھو فاروق ڏانھن وڃڻ بدران ھاسٽل ڏانھن روانو ٿي ويو. ھن کي نہ اچي سگهڻ جو ميسج ڪري ڇڏيائين. ٽيڪسي، ھاسٽل آڏو بيٺي تہ ھن اکيون کوليون. ڪرايو ڏنو ۽ گيٽ ۽ ورانڊو پار ڪندي ڪمري تائين پھتو . ڪمري ۾ پھچي سڌو پاڻ کي بيڊ تي اڇلايائين. ننڊ جاڳ جي ڪيفيت ۾ رھيو. موبائيل جي رنگ وڳي تہ فون کنيائين ثمرين ھئي.
”مون ڪافي فون ڪيا پر فون بند ھئي، خير تہ آھي نعمان؟“ گهٻرايل آواز ھيس.
”مان ٺيڪ آھيان. “ ھن جهيڻي آواز ۾ چيو.
” توھان ڪجهہ لڪايو پيا. “
” نہ بلڪل نہ مان ٺيڪ آھيان. “
”ھي امان سان ڳالھاء. “
”ابا ٺيڪ تہ آھين ني؟“ امڙ جي آواز ۾ ڳڻتي ھئي.
ھڪ ڏينھن ڇڙو نہ ڳالھايو اٿم تہ ڪيڏا پريشان ٿيا آھن .
”مٺڙي امان مان ٺيڪ آھيان. پھرين تاريخن ۾ بينڪ جو ڪم وڌي ويندو آھي انڪري ٿڪ اٿم. “
مرڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس جيڪا ساڻس ڳالھائڻ لاءِ ضد ڪري رھي ھئي.
”ھي ابا مرڪ سان ڳالھاء . “
”بابا، بابا ڪٿي آھيو“ ھوء سڪ مان پڇڻ لڳي.
” ھاسٽل ۾ آھيان، بابلا. “
”گهر اچو نہ بابا!“ لاڏ مان چوڻ لڳي تہ دل ۾ خوشي لھندي محسوس ڪيائين.
مرڪ سان ڳالھائيندي کيس محسوس ٿيو ڄڻ دماغ تان بوجهہ جهڪو ٿيڻ لڳو آھي. گهر وارن کي آٿت ڏيندي، ھن کين مطمئن ڪيو. ماني کائڻ لاءِ ميس وڃڻ تي دل نہ ٿي چويس. ڪپڙا بدلائي اچي بستري تي ستو. دروازي تي آواز ٿيو تہ ھن در کوليو. عمر بيٺو ھو جيڪو ڀرسان ڪمري ۾ رھي ٿو. ھن سان سٺي دعا سلام ھيس. کيس اندر اچڻ لاءِ چيائين .
”تون ميس ۾ ڊنر ڪرڻ نہ آئين؟“
”بس طبيعت ٺيڪ نہ اٿم. “
”منجهيل ٿو ڏسجين“
”ھا. “
”سبب؟“
پوءِ نعمان سڄي ڳالھہ ٻڌائيس ٿو.
”يار سائنس فڪشن فلمن جو اثر ٿي سگهي ٿو. “عمر چيو.
”شايد ائين ھجي پر مون کي محسوس ٿئي ٿو تہ مان موت کي ويجهو کان ڇھي آيو آھيان . مون تجربو ڪري ڏٺو تہ مربو ڪيئن آھي ۽ روح جسم مان ڪيئن نڪرندو آھي. “
”يار! تون ڀوائتيون ڳالھيون پيو ڪرين، مون کي رات جو ننڊ نہ ايندي. “ عمر کي اھڙين ڳالھين کان خوف محسوس ٿيندو ھو.
”تو پڇيو تہ مون دل جي ڳالھہ ٻڌائي، باقي اھو سچ آھي تہ ڪير ان ڳالھہ تي يقين ڪندو . پر اھو خواب نہ پر حقيقت آھي. “
”اھو خواب بہ ٿي سگهي ٿو. “ عمر ٻڏتر جي ڪيفيت ۾ چيو.
”شايد. “ ھو گھري سوچ ۾ ھو.
ياد آيس تہ خاندان ۾ ڪنھن جو آخري وقت ھوندو ھو تہ ڏاڏي کي خواب ۾ ڄاڻ ملندي ھئي. پر مون کي خبر نہ آھي تہ جاڳ ۾ ڪنھن جون ساڳيون محسوسات ٿي سگهن ٿيون. منھنجي خيال ۾ ٻہ ساڳئي تجربي وارا ماڻھو ئي ھڪ ٻئي جي ڳالھہ سمجهي سگهن ٿا. تون اھڙي ڪنھن ماڻھوء جي ڳولا ڪر. “عمر کيس صلاح ڏني.
نعمان کي عمر جي صلاح وڻي . ھو مخلص ھو ۽ صبر سان ڳالھہ ٻڌڻ جو حوصلو ھيس، انڪري ھو ھن سان دل جي ڳالھہ اوري سگهيو.
”مان اھو بار تو تي ٿو رکان تہ مون کي اھڙو ڪو شخص ڳولھي ڏي، جنھن سان مان دل جي اڻ تڻ بيان ڪري سگهان. “
”مان پوري ڪوشش ڪندس، تون فڪر نہ ڪر. “ عمر جي ڳالھين کيس حوصلو ڏنو.
عمر جي موجودگيءَ ۾ نعمان کي ننڊ جا ھڪ ٻہ جهوٽا آيا تہ ھو بہ موڪلائي پنھنجي ڪمري ڏانھن روانو ٿيو.
آفيس مان ٻاھر نڪتو تہ فاروق ھن جو انتظار ڪري رھيو ھو. ھو کيس وٺڻ آيو ھو. گاڏي ۾ ويٺو .
”ھاڻ طبيعت ڪيئن اٿئي؟“ فاروق پريشان ھو.
”بھتر آھيان، يار تون فڪر نہ ڪر. “
” پوء منجهيل ڇو آھين؟“ فاروق پڇيو .
پر ھن ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ڇو تہ کيس خبر ھئي تہ اھا ڳالھہ فاروق کي ٻڌائڻ جو ڪو فائدو ڪونہ ھو . ھو انھن ڳالھين کي ڪو نہ مڃيندو ھو.
ان شام ھن جي بابا سان سٺي ڪچھري ٿي. پيرسن شخص آھي الائي ڪيترا ڏينھن جيئي. بابا جي وڃڻ کان پوءِ ٻئي ڪي گهڙيون خاموش ٿي ويا.
”بابا ڪمزور ٿو ڏسجي. “ ھن کي پنھنجي ڪيفيت ياد آئي.
”نہ بابا بلڪل ٺيڪ آھي . ھاڻ تہ سمورا ٽيسٽ ڪرايا آھن. “
” اڇا!“ کيس حيرت ٿي.
اڃان مان کاڌي ۾ بدپرھيزي ڪندو آھيان پر بابو تہ کاڌي پيتي جو گهڻو خيال رکندو آھي. “
جوان شخص کي ڪھڙو خطرو ٿي سگهي ٿو! ھن سوچيو. ڪاش! مان فاروق کي ٻڌائي سگهان تہ بابا ھاڻ ڪجهہ ڏينھن جو مھمان رھيو آھي. اھو سوچ سندس اکيون ڀرجي آيون . ڳوڙھا لڪائڻ لاءِ ھو باٿ روم ھليو آيو. اکين کي ڇنڊا ھڻي ٻاھر نڪتو.
پوءِ ھن فاروق جي گهر وڃڻ ڇڏيو . ھن کي چيائين تہ ھو رھڻ لاءِ فليٽ پيو ڳولي. کيس پنھنجي سوالن جي ڳولا ھئي. ھڪ ڏينھن ڪنھن جي ٻڌايل ايڊريس تي ھو مولوي وٽ ويو تہ ھن اثر ٻڌايو .
”ڪيتريون ئي شيطاني قوتون آھن، جيڪي انسان کي ڀٽڪائڻ لاء، ھن تي حملو ڪري ٿيون ڏين. سڀ کان وڏي نحوست واش رومز جو ڪمرن ۾ ھئڻ آھي. جنات، نجس جاين تي قبضو ڪندا آھن. توھان قرآن شريف جو ورد ڪيو . خاص طور تي آيت الڪرسي پڙھندا رھو. “ مولوي ھر منفي ڪيفيت کي آسيب ڪوٺيندا آھن. مولوي ان کان وڌيڪ معاملو سمجهڻ کان قاصر ٿي نظر آيو. کيس سخت مايوسي ٿي.
ڪنھن دوست شھر جي مشھور نفسياتي ڊاڪٽر جو ڏس ڏنس تہ ان ڏانھن ويو. ڊاڪٽر ڪافي سوال ڪيس ۽ ھو جواب ڏيندو رھيو.
ڊاڪٽر گھري سوچ ۾ ھو، پوء چيائين:
”توھان کي شيزوفيرينيا آھي، ان بيماريء ۾ ڏيکارا ايندا آھن. “
ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ ڪو ڳجهہ آھي، جيڪو ھر انسان جي سامھون ظاھر نہ ٿو ٿئي. ڪو اڻ ڏٺل پاڇو مستقل انسان جي خوشين جو پيڇو ڪندو رھي ٿو.
”توھان کي ھيليوسينيشن ٿئي ٿي . ان ڪيفيت ۾ وھم يا گمان حقيقت وانگر محسوس ٿيندو آھي، جيڪا ڳالھہ توھان سمجهو پيا اھا حقيقت نہ پر فينٽسي آھي. “
ڊاڪٽر ھن کي ڪافي دوائون لکي ڏنيون . ھو نسخو کڻي مايوس ٿيندي ٻاھر نڪتو. ڊاڪٽر ھن جي ڳالھہ سمجهي نہ سگهيو. سائنس زندگي جي ھر سوال جو جواب نہ ٿي ڏئي. ڊاڪٽر سائنس جو ماڻھو ھو ۽ ھن وٽ مشاھدي جي ڪابہ اھميت نہ ھئي ڇو جو مشاھدو ساڳيو نتيجو نہ ٿو ڏئي.
ھن کي ڊاڪٽر جي محدود سوچ تي افسوس ٿيو.
ھو سڌو سمنڊ ڏانھن ھليو آيو. سج لھڻ وارو ھو . سج ڪارن ڪڪرن جي پويان جرڪندي، خوبصورت لڳي رھيو ھو. شفق جي رنگ ۾ ڪو ڳجهہ لڪل ھو. سمنڊ پراسرار آھي. ھو ڪافي دير ساحل تي ھلندو رھيو . موت کي محسوس ڪري زندگيءَ جي اھميت جو اندازو ٿيو اٿس. ھو پاڻ سان پيش آيل ان واقعي کي پنھنجو وھم نہ ٿو سمجهي .
ھڪ ڏينھن بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ سندس ڪوليگ کيس ھڪ اھڙي عالم وٽ وٺي ويو، جنھن کي باطني علمن جي ڄاڻ حاصل ھئي. نارٿ ناظم آباد جي ڳتيل آباديءَ ۾ گهٽين مان ٿيندا گهر تائين پھتا. ملازم در کوليو ۽ سندس راھنمائي ۾ ھو حافظ شفيق سلمان جي اوطاق ۾ داخل ٿيا . تعارف ۽ رسمي ڳالھين بعد ھو اصل مقصد بيان ڪرڻ لڳو.
”منھنجي خيال ۾ توھان کي اڳواٽ ان گهر تي نازل ٿيندڙ، ڪنھن مصيبت جي باري ۾ ڄاڻ ملي آھي. “ حافظ وراڻيو.
”ان کان اڳي مون اھڙو ڪوبہ تجربو ڪونہ ڪيو آھي ڇو تہ مان انھن معاملن تي يقين نہ ڪندو آھيان، نہ ئي مان ڪو نيڪ ۽ پرھيزگار انسان آھيان جو مون کي اڳواٽ الھام ٿئي. ھي پھريون دفعو مون سان اھڙو اتفاق ٿيو آھي، جنھن مون کي منجهائي وڌو آھي. مان جنھن تجربي مان گذريو آھيان، ان کي لفظن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهان پر ايترو يقين اٿم تہ اھو ڪو خواب نہ ھو. “
حافظ سلمان سندس ڳالھہ ڌيان سان ٻڌي ۽ سوچن ۾ گم ٿي ويو.
”توھان جسم کان بالاتر ٿي اھو ڪجهہ محسوس ڪيو آھي. بلاشبہ غير محسوس دنيا اسان سان گڏ ھلي ٿي. اسان جي فاني جسم جي اندر ھڪ اھڙو جسم موجود آھي، جيڪو آبي بخارات کان وڌيڪ لطيف آھي. اھو ئي حقيقي وجود آھي. ننڊ ۾ اسان جو جسم، لطيف وجود مان نڪري وڃي ٿو. ٻئي جسم تعلق جي انوکي ڏور ۾ ٻڌل آھن. موت جي صورت اھو تعلق ڪٽجي ويندو آھي. “
”ان جو مطلب تہ منھنجو خواب سچو ثابت ٿيندو؟“
”ان جي باري ۾ ڪابہ اڳڪٿي نہ ٿي ڪري سگهجي، البتہ اھو توھان جي مشاھدي تي دارومدار رکي ٿو تہ ان ۾ خواب جو عنصر آھي يا اوھان جاڳ ۾ اھو تجربو ڪيو. “
”حافظ صاحب مون پوري ھوش ۽ حواس ۾ اھو سڀ ڪجهہ ڏٺو. “
نعمان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ حافظ ڇا پيو چوي.
” ڪن ماڻھن کي ” پري ريڪگنيشن“ وسيلي اڳواٽ ايندڙ معاملن جي خبر پوندي آھي. “
”سائين اڃان وضاحت سان سمجهائيندا ڇو تہ اھو موضوع منھنجي لاءِ نئون آھي. “ ھن نماڻائيءَ سان چيو.
” منھنجو مطلب آھي تہ پيش بيني يا پيش آگاھي، جنھن ۾ اڳواٽ ايندڙ معاملن جي آگاھي ملي ٿي. شمس الدين عظيمي صاحب، پيرا سائڪولوجي تي وڏو ڪم ڪيو آھي. “
نعمان کي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پر ايترو محسوس ٿيس تہ ڪيترا معاملا، انساني سوچ کان مٿانھان آھن. “
”جي حافظ صاحب مان اوھان جي ڳالھہ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان. “
”منھنجو خيال آھي تہ اھو وجداني تحرڪ ھو. وجدان جو مطلب سمجهہ جي مٿانھين منزل آھي، جنھن ۾ اڳواٽ ايندڙ معاملن جي خبر پوي ٿي. “
”توھان جو خيال آھي تہ منھنجي دوست جي گهر ڪا مصيبت اچڻي آھي. “
” نہ منھنجو اھو مطلب ھرگز نہ آھي، پر اڳتي ھلي خبر پوندي تہ سچ ڇا آھي. خالق ڪائنات پنھنجي ڪجهہ بندن کي خاص سمجهہ عطا ڪندو آھي، جيڪي زندگيءَ جي سچ کي پرکي سگهندا آھن. “
”حافظ صاحب مان پاڻ کي ان قابل نہ ٿو سمجهان. “ نعمان چيو.
”ڄاڻ ۽ پرک قدرتي ڏات آھن، جيڪي اندر جي سچائيءَ جو عڪس ٿين ٿيون. سمجهو تہ انساني ذھن ڪرشماتي تخليق آھي. ذھن انسان کي اڳواٽ ھوشيار ڪندو آھي. ھو بار بار ذھن جو در کڙڪائيندي، حقيقت بيان ڪندو آھي، پر انسان اندر جي آواز کي ٻڌڻ يا سمجهڻ کان قاصر آھي. “
نعمان کي ياد آيو تہ ھن کي ڪيترن موقعن تي اندران آواز آيو، جنھن کي ھن نظرانداز ڪري نقصان کنيو. ھن کي حافظ جي ڳالھين ۾ صداقت نظر آئي .
”مان اوھان کي مراقبي ڪرڻ لاء چوندس. اوھان ڪنھن بہ وقت پنج منٽ ڌيان سان ويھو ۽ ساھن جي مشق ڪندا رھو. “
”جي بھتر. “
نعمان کي حافظ جي ڳالھين مان ڪو اطمينان جوڳو جواب ڪونہ مليو . ھو مايوس نظر آيو. شايد ھن جيڪو ڪجهہ محسوس ڪيو ھو، اھو سوچ جو مغالطو ھوندو . مون کي ان واقعي کي خواب سمجهي وسارڻ گهرجي ان ۾ ئي منھنجو جو ڀلو آھي.
حافظ ڪوبہ ھديو نہ ورتو ھن بہ کيس خداحافظ چوندي پنھنجي راھ ورتي.
رات جو ھو پلنگ تي پاسا ورائيندي، مستقل ان مشاھدي جي باري ۾ سوچيندو رھيو. حافظ صاحب ٺيڪ پيو چوي تہ قدرت جي ڳجهہ ۾ ھٿ نہ وجهجي . مان ڇو پيو بار بار اھا ڳالھہ سوچيان . ھن ليمپ آن ڪري ڪتاب پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪتابن تي بہ سواليہ نشان ڦرڻ لڳا. ڊاڪٽر چوي پيو تہ مون کي ھيليوسينيشن ٿئي ٿي . مان فريب کي سچ سمجهڻ لڳو آھيان. مان وھم جي کاھيءَ ۾ ڪري رھيو آھيان. مغالطي کي حقيقت سمجهي رھيو آھيان.
صبح جو آفيس ۾ ھو تہ ڀاڄائي زرين جو روئڻھارڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيس .
”ادا جلد پھچو فاروق کي دل جو دورو پيو آھي . اسان آغا خان اسپتال ۾ آھيون . “
اھو ٻڌي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳس. ھو پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي، ڊوڙندو اسپتال پھتو، جتي بابا کيس ڏسندي ڏانھنس وڌيو. ھن بابا کي ڀاڪر پاتو ۽ محسوس ڪيائين تہ ھو سڄو ڏڪي رھيو ھو. ڀاڀي زرين آيتن جو ورد ڪري رھي ھئي . ھن جا حوصلا خطا ٿي ويا . بابا کي آٿت ڏيڻ لڳو تہ ڪنھن گهڙيءَ ڀاڀي زرين کي دلجاء ٿي ڏنائين .
ڊاڪٽر ايمرجنسي روم مان ٻاھر نڪتو تہ ھو ڏانھس ڊوڙيا
”شڪر ادا ڪيو تہ مريض جي حالت خطري کان ٻاھر آھي پر ھن جي ساڄي ٻانھن۽ ٽنگ تي فالج جو ھلڪو اثر ٿيو آھي . “
اھو ٻڌي زرين اوڇنگار ڏني . بابا کي چڪر اچي ويو ھن کيس سھارو ڏيندي بينچ تي ويھاريو .
نعمان صدمي جي ڪيفيت ۾ خاموش بيٺو رھيو.