ڪھاڻيون

اڌوري ڪٿا

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 326
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Adhori Katha

ڪروڌڻ

ٺري ميرواھ جون مُندون بہ عجيب ٿين. ڏينھن گرم تہ راتيون ٿڌيون. اَڄ بہ باھ ٿي وسي ڄڻ تہ، مٿان بجليءَ جي اَچ وڃ بيزار ڪري وڌو ھو مھرالنساء کي! جيڪڏھن بجلي نہ ھوندي تہ وڄڻو ھٿ ۾ ھوندس ۽ اَڱڻ ۾ نم جي ھيٺان کٽ تي ليٽي اَلائي ڇا پئي سوچيندي ھئي، شايد ڪا ماضيءَ جي ڳالھہ، ڪو پراڻو ڏک يا ڪجهہ بہ. . .
ماڻھوءَ جي سوچ ڪا ٿوروئي ٿي پڙهي سگهجي! اِنسان جي ذهن ۾ اَڻ کُٽ دُنيائون ٿين. ھڪ پل ۾ ھو ماضيءَ ۾ ھوندو تہ ٻئي پل مستقبل ۾. مھرالنساءِ جي چھري جي تاثرن مان لڳندو ھو تہ ھوءَ حال جي لمحن مان غائب آھي. ھوءَ اُن ڏينھن وجود وڃائي ويٺي، جڏھن اَبي اَکيون پوريون ھيون. ھوءَ پيءَ جي لاڏلي ھئي ۽ لاڏلا ٻار وري گهٽ ڪنھن سان ٺھندا آھن، پنھنجي مرضيءَ جي دنيا ھوندي اَٿن. ٻار کي لاڏ ڏيڻ کيس معذور ڪرڻ جي برابر آھي.
مھروءَ کي ھڪ ڌيءَ بختاور پڻ ھئي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رھي ھئي، ھاسٽل ۾ رھندي ھئي، اَلبت مامو سار سنڀال لـھندو ھئس ۽ ڪڏهن پيءَ وٽ رھندي ھئي. مھرو جي ھڪ ڀيڻ ۽ ٻہ ڀائر ھئا، جن مان ھڪ ڀاءُ ڪراچيءَ تہ ٻيو ڪينيڊا ۾ رھندو ھو.
سندس وڏي ڀيڻ فخرو بيواھ ھئي، کيس چار ٻار ھئا. سندس وڏي پٽ سارنگ کي لاھور ۾ نوڪري ملي ھئي، ڪيڏن ڪشالن سان پڙھائي ڪيائين، ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪري، پنھنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندو ھو ۽ گهر بہ ڪجهہ پئسا موڪليندو ھو. ننڍي ڀاءُ کي بہ لاھور ۾ پڙھائي رھيو ھو. ھن ھڪ نياڻيءَ جي شادي ڪري ڇڏي ھئي، اَلبتہ ننڍي ڌيء مرڪ مئٽرڪ جي شاگردياڻي ھئي.
مھرالنساءِ جي زندگيءَ جو اَلميو اِھو ھو تہ ھن جي گهر واري حميد ٻي شادي ڪري ڇڏي ھئي، جنھن جو کيس سخت اَرمان ھو.
”شڪر ڪر اولاد اَٿئي!“ فخروءَ چيس.
”پٽ جو اولاد ھجي ھا جيڪر. “ مھروءَ ڊگهو ساھ کنيو.
”پٽَ وري ڪھڙو تاج پارائين ٿا. . . “ فخروءَ وراڻيو.
ڪمري مان ٻاھر مرڪندي بختاور نڪتي، ڄڻ ٽاريءَ تي ڪو گلابي گل ٽڙيو هجي. !“
”اَمان! منھنجي مٺڙي اَمڙ!“
بختاور کيس پيار سان ڳراٽڙي پاتي، پر مھروءَ کيس ڪو جواب نہ ڏنو تہ ھوءَ ٿوري ڪومائجي وئي.
”ھا چئہ. . . ڇا آھي؟“
مھروءَ سندس خاموشيءَ کي محسوس ڪندي پڇيس:
”اَمان! مون سان ڪراچيءَ ھلي رھہ نہ تہ ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين، مامي جو گهر آھي اُتي رھنداسين. “ لاڏ ڪندي بختاور چيو.
”ھا اَدي! وڃي ڪراچي گهمي اَچ. . . نئين سنئين ٿي اِيندينءَ ۽ خيال مٽبئي. . . “ فخروءَ صلاح ڏنس.
”نہ مائي! باھِہ ڏيان ڪراچيءَ کي. . . “ نفرت سان چيائين.
”اَدي! ڪا وائي تہ سڻائي ڪڍ وات مان. . . ڪھڙي گهڙي ڪھڙي. . . . ڪا ساعت ڪھڙي. . . “ فخروءَ لفظن جي اُلر ڪندي چيو.
”باھ لڳيئي. . . تون نہ ڳالھاءِ وچ ۾. . . سڄو ڏينھن منھنجي ڪڍ باھِہ ٻاري ڇڏي اَٿئي. “ مھروءَ اَکيون ڦوٽاريندي چيو.
فخرو سمجهي وئي تہ حميد ٻي زال سان ڪراچي ۾ رهي ٿو، اُن ڪري ڪراچيءَ کان نفرت اَٿس. ٿوريءَ ڳالھہ تان مھرو وڙھي پوندي ھئي ۽ گهر جو ماحول اُداسيءَ ۾ ويڙھجي ويندو ھو. سندس تڪيہ ڪلام ”شل ڪا باھِہ لڳئي. . !“ کان فخرو کي سخت چِڙ ھئي. مھروءَ کي ھلندي ٿاٻو وغيرہ اِيندو يا ڪنھن جي ھٿن مان گلاس ڀڄندو تہ رڙ ڪندي هئي:
”شل ڪا باھِہ لڳئي. . !“
مڙس جي ڌڪاريل عورت جي اَندر ۾ نفرت جو دوزخ ٿو ٻرڻ لڳي!
پر فخروءَ جو تڪيہ ڪلام ھو: ”شل ڪا پاڙ سائي ٿيئي. . . !“ اُن ڪري سندن زندگيءَ ۾ ڏکن جي باوجود ساوڪ ھئي. معاملا خراب ٿيندا ھئا، پر ڪو نہ ڪو حل مِلي پوندو ھو. شايد ھر گهر جو ڪونہ ڪو تڪيہ ڪلام ھوندو آهي، ممڪن آھي اُن ئي حساب سان سندن حالات بہ. . .
فخروءَ کي وڏڙن کان اِھا تربيت مِلي ھئي تہ چڱا لفظ ڳالھايو، جيئن خير ٿئي، پر مھرالنساءِ تي شايد اُن سِکيا جو ڪو اَثر نہ ٿيو هو. ھوءَ اڻ سَھُو ۽ ڪِروڌڻ ھئي. فخروءَ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي تہ ھوءَ زندگيءَ ڏانھن واپس وري، گهر جي ڪمن ڪارين ۾ سندس ھٿ ونڊائي ۽ ھڪ سُٺي زندگي گذاري. آخر کيس اولاد آھي ۽ ماءُ اولاد جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيندي آھي. ھيءَ ڪھڙيءَ ماءُ آھي آخر. . . !
فخرو ھمت واري ھئي. جيستائين سندن والدين حيات ھئا، سندن سھارو ھئي. ڀائرن ۽ ڀينرن جو خيال، خاندان ۽ پاڙي وارن جي ڏک سک ۾ شامل، دُنيا سان گڏ دين جا فرض نڀائڻ بہ کيس اِيندا ھئا. ھر خاندان ۾ اَڻ سَھپ وارا فرد گهڻا ھوندا تہ اُتي فخروءَ جھڙو بہ ضرور ڪو ڪردار ھوندو، جيڪو خاندان کي ڳنڍي رکڻ سان گڏ اُن جو ڏڍ بہ بڻبو آھي.
فخروءَ کي مڙس جي ملڪيت مان زمين جو ننڍو ٽڪر ۽ ٻہ ٽي دڪان ھئا، جيڪي ڪِرائي تي ڏنل ھئس. باقي خرچ سِلائي ڪري پورو ڪندي ھئي. گهر، جنھن ۾ ٻئي ڀينر رھن پيون، سو وڏي ڀاءُ جي نالي ھو. زمين جو ڪجهہ ٽڪرو ٻئي ڀاءُ کنيو، باقي ڀينرن جي حصي ۾ ڪجهہ نہ آيو. ڀينرون مُروت ۾ خاموش رھنديون آهن، سو ھو بہ نہ ڪُڇيون ۽ سندن من ۾ هو تہ: ”جيستائين ڀائرن رھايو تہ سندن در تي رهيون پيون ھونديوسين، جي اُٿاريائون تہ يا نصيب. . . !“
وچ ۾ ڀائرن گهر کپائڻ جو مسئلو اُٿاريو هو، حالانڪہ گهڻي دولت دُنيا ھئن، پر شڪر جو ٻنھي ڀينرن جي گوڙ ڪرڻ تي ڀائر وڃي چپ ٿيا. اُن گهر ۾ اَبي اَمان جي وجود جي سُرھاڻ هئي، ٻاروتڻ جي ڏينھن جي سرهائي ۽ جوانيءَ جي خوابن جي ڪشش اَڃا بہ گهر جي پُراڻين سِرن مان ليئا پائيندي محسوس ڪنديون هيون. ڪڏهن والدين جو بند ڪمرو کولي، سندن وجود جي سُرھاڻ کي محسوس ڪري آٿت ماڻينديون هيون.
مھرو اَڪثر ننڊ توڙي جاڳ ۾ بابي جي لَٺ جو آواز ٻڌندي ھئي، ڪڏھن لڳندو ھئس تہ اَڇن ڪپڙن ۾ ڪو پاڇو ڀر مان لنگهي ويو هجي. ! ڌيئرن جو پنھنجي گهرن سان جذباتي ڳانڍاپو ٿئي ٿو، باقي پُٽ تہ گهرن کي فقط ملڪيت جي ساهميءَ ۾ توريندا آهن.
گهر تمام وڏو ھو. پيءَ ماءُ وارا ڪمرا ۽ اوطاق بند پئي ھئي. فخروءَ جا ٻہ ڪمرا ھئا، ھڪ ۾ ڌيءَ سان رھندي ھئي، باقي ٻيو ڪمرو تڏھن کوليندي ھئي، جڏهن پٽ اِيندا ھئس. ھڪ ڪمرو مھروءَ جو ھو، جيڪا بختاور جي ھاسٽل وڃڻ کانپوءِ سندس ڪمري ۾ اَچي سمھندي ھئي. اَڪثر کيس آواز ايندا هئا، جنھنڪري اَڪيلائيءَ کان ڀؤ ٿيندو ھيس.
فخروءَ، ڀيڻ کي پيءَ ماءُ جي وفات يا مڙس جي ٻي شاديءَ کانپوءِ ڪڏهن بہ روئيندي نہ ڏٺو ھو، پر هوءَ کلندي بہ بنھ گهٽ ھئي. شروع ۾ جڏهن پيءَ گذاري ويو ھيس تہ طبيعت گهڻي خراب ٿي پيس. ڊاڪٽر چيو ھو تہ: ”ڪوشش ڪريو تہ روئڻ اَچيس، نہ تہ وڌيڪ بيمار ٿي پوندي. “
فخروءَ گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ھوءَ ڏکن جي حقيقت کي قبول ڪري، پر ھن تہ ذهن ۽ دل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ پنھنجي دُنيا ۾ گم رھڻ لڳي. خاموشي، ڏُکن سان مھاڏو اَٽڪائڻ ۽ روئڻ اُنھن جي قبوليت آھي. ڏُکن جي قبوليت ۾ چڱائي آھي.
ٺريءَ جا منظر وڻندڙ ھئا، ڪٿي پٽَ تہ ڪٿي ڀِٽون، گهرن جي چؤڌاري ساوڪ ۽ وڻ هئا، جن جي ڀرسان وھندڙ واھ جو وڻندڙ نظارو هو. گهر ۾ بابي هٿ سان ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا هئا، اَڱڻ جي وچ ۾ نم جو وڻ بہ اَبي جي وجود جيان آٿت پيو ڏيندو هو. اَمان ۽ بابا وڻ هيٺان پيل کٽ تي ويھي، ڪچھري ڪندي نظر اِيندا هئا. پيارا رشتا نہ رهن تہ سندن پوئتي ڇڏي ويل نشانين مان آسيس پئي ملندي آهي، اُن ڪري ٻنھي ڀينرن کي اُهو گهر ۽ نم جو وڻ جان کان بہ وڌيڪ عزيز هئا.
ھوڏانھن بختاور کي ماسي فخروءَ مان ماءُ جي آسيس اِيندي ھئي، جنھن تي مھروءَ کي ڪاوڙ لڳندي ھئي. فخروءَ کي خبر ھئي تہ بختاور کي سارنگ پسند ڪندو ھو ۽ ھوءَ بہ موقعي جي ڳولا ۾ ھئي تہ سڀ گڏ ٿين تہ ھوءَ ڳالھہ کي اَڳتي وڌائي.
شام جو سج کجيءَ جي لامن ۾ اَٽڪيو بيٺو ھو، ھوا جي جهوٽن تي رکي رکي ٽارين مان آزاد ٿي، مڪمل تاب سان جرڪڻ لڳندو ھو، جنھن جو ھڪ حصو تلاءِ جي پاڻيءَ ۾ مور جيان رقص ڪرڻ لڳو. پوئين پھر جو سج گهر جي نم جي چوٽين تي سونين والين وانگر جرڪڻ لڳو. بختاور ماءُ جي وارن ۾ ھوريان هوريان ڦڻي ڏيئي رھي ھئي. شايد ھن چڱي وقت کان وارن کي ڦڻي نہ ڏني ھئي. وارن ڇڏائڻ لاءِ بختاور ھلڪي سَٽ ڏنس تہ رڙ ڪيائين:
”شل ڪا باھِ لڳئي. . !“
اُن وقت بختاور ماءُ جي وارن مان ھٿ ڪڍي، اَندر ڪمري ۾ ھلي وئي. ھونئن تہ سدائين پئي ماءُ جي واتان پٽون پاراتا ٻڌندي ھئي، پر اَڄ اَلائجي ڇا ٿيس، جو دل ڀرجي آيس.
”ڏائڻ ڪنھن جاءِ جي. . . رُڳو پئي بدشد بڪين. نياڻيءَ کي اِيئن چئبو آهي ڇا؟“ منھن ڦٽائي فخروءَ چيو.
ڳوٺ جا منظر بختاور کي وڻندا ھئا ۽ اُونداھيون، ستارن ڀريون راتيون، جن ۾ چلولي ساوڪ جي سُرھاڻ پئي سُر وکيريندي ھئي. اُن گھري رات ۾ جِيتن جي جهونگار جا سُر، رَکي رَکي ٽيٽيھرَ جي ٻولي ۽ چلھين مان اُٿندڙ دونھين ۾ لُڙاٽيل رات جي مانيءَ جو ھڳاءُ ذھن کي خمار ۾ ويڙھي ڇڏيندا ھئس. ڳوٺ اِيندي ھئي تہ کڏ تي رکيل کٽ تي آھلجي، پئي سِتارن کي ڏسندي ھئي. اَباڻي ڳوٺ جا رنگ ئي اَلڳ ٿين، پر اُھا رمز ھرڪو نہ ٿو پرکي. اَڄڪلھہ تہ ماڻھن اَباڻا شھر وساري ڇڏيا. . . !!
لھندڙ سج جا ڪرڻا ساوڪ تي جرڪڻ لڳا تہ سائو رنگ تھائين گھَرو ٿي پيو. قدمن جي آواز تي ڇرڪي، پوئتي نھارڻ سان سارنگ نظر آيس .
”سارنگ تون؟“ حيران ٿي چيائين.
”ھاڻ پھتو آھيان. مون کي پڪ ھئي تہ مٿي سج لھڻ جو لقاءُ ڏسندي ھوندينءَ. . . “ سارنگ مرڪي چيو.
”ھا، ھن ڳوٺ جي سج لھڻ جي منظر جھڙو شايد ڪو ٻيو منظر ھجي!“ بختاور مانَ سان وراڻيو.
سندس ڳلن تي سج جا لھندڙ ڪِرڻا ڏسي، کيس لڳو ھن جي ڳلن تي صوفن جا رنگ وکري ويا ھجن، ڄڻ تہ. ساوڪ ھن جي ڳلن آڏو آڻ مڃي ڇڏي. نگاھن ۾ گهڙيون اَمر ٿي ويون سدائين لاءِ . . . .
محبت درد جو درمان ٿي پوي ٿي، محبت اَکين سان اَکٻوٽ کيڏڻ لڳي، خاموشين جا رنگ تکا ٿي ويا ۽ لفظ پنھنجو حُسن وڃائي ويٺا. اَحساسُ، اَحساسَ سان اِيئن مِلڻ لڳو، جيئن بادل ھوائن سان مِلندا آھن. گل جي نرم پنکڙين ۾ لڪل ڪو راز ھو، جيڪو محبت تي ھوريان ھوريان ظاھر ٿيڻ لڳو.
بختاور کي ڪراچيءَ جي وڏي اِسپتال اِنٽرويو لاءِ گهرايو ويو هو، اُن ڪري تمام گهڻي خوش ھئي، سڀاڻي وڃڻو ھئس. رات جو سڀ رڌڻي ۾ گڏجي ويٺا، رڌڻي ۾ گئس سان گڏ چلهہ جو اِنتظام پڻ ھو، ڇو تہ بجليءَ سان گڏ گئس جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي رهندي ھئي. چؤڌاري موڙا رکيل ھوندا ھئا، بجلي نہ ھوندي ھئي تہ لالٽين پنھنجي روشنيءَ سان طلسماتي اَثر پيدا ڪري ڇڏيندي ھئي.
”ماسي! مون جيڪي خواب ڏٺا، سي پورا ٿيڻ وارا آھن. نوڪري مِلڻ کان پوءِ مان گهر وٺندس، جيئن اَمان مون سان ھلي تہ پوءِ مان سندس سٺن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندس. امان کي خوش رکندس. “
خواب نہ ھئا، پوپٽ جا رنگ ھئا، درياءَ جون لھرون ھيون، آسمان ۾ اُڏامندڙ اَڇن پکين جا کنڀ ھئا. سندس ڳالھہ ٻُڌي فخرو مرڪي، پر مھرالنساءِ خلائن ۾ ڪجهہ ڳوليو ٿي. بختاور جو جيءَ جهري پيو.
مھروءَ جي ماٺ محسوس ڪري، فخروءَ ٿڌو ساھ ڀريو. ٻالڪپڻي ۾ مھرو زندگيءَ سان ڀرپور ٻار هئي. ھوءَ جوانيءَ ۾ تمام گهڻي شوخ ۽ کِلڻي هوندي هئي، گهر ۾ سندس ٽھڪ پيا گونجندا هئا، پر شاديءَ کانپوءِ خاموش رهڻ لڳي، ضرور ڪي مسئلا هوندا، پر گهر ۾ ڪابہ ڳالھہ نہ ڪيائين. وقت ۽ حالتن کانئس مرڪون ۽ ٽھڪ کسي ورتا هئا.
ٻئي ڏينھن، بختاور جي وڃڻ کانپوءِ مھرو کيس ياد ڪري نير وهائڻ لڳي. خبر نہ آهي، ڇو هوءَ حقيقت کان منھن موڙي، پاڇن جي دُنيا ۾ رهڻ لڳي آهي. فخرو سوچڻ لڳي.
بختاور جو اِنٽرويو سُٺو ٿي ويو. ماما ظھير جي گهر ڪجهہ وقت رھڻ جو اِرادو ھئس. ڪافي گهمي ڦري، ماءُ، ماسيءَ ۽ سارنگ لاءِ سوکڙيون ورتائين. خوابن جي ساڀيا ويجهي ھجي تہ چھري جا رنگ گل مھر جي گلن جيان مھڪڻ لڳندا آھن. سارنگ کي ماڻڻ جي اَحساس سندس اَکين ۾ انَوکو سُرور اوتي ڇڏيو ھو. سرتين سان سارنگ جون ڳالھيون ڪندي نہ ٿڪبي ھئي. زندگيءَ ڏاڍو ڏکويو، پر سک بہ ڏنائين، ڪير ٿو چوي تہ زندگي ڏکي ۽ نامھربان آھي! ھوءَ دير تائين جاڳندي ۽ سوچيندي رھي.
ٻئي ڏينھن ٺريءَ واپس وڃڻو ھئس، سامان پيڪ ڪري رکيائين. سارنگ جو سوچي، موسم جا رنگ ٽڙي پيس سندس مرڪن تي.
شام جو چانھن ٺاھڻ رڌڻي ۾ وئي تہ اَلائي ڪيئن رئي کي باھِ وڪوڙي ويس، ريشمي ڪپڙا پھريل ھئس، اُن ڪري باھ جا اُلا ڀڙڪي اُٿيا هوءَ ڪِيھون ڪرڻ لڳي، سندس ڪيھن تي مامو ۽ مامي ڊوڙندا آيا.
”ياحسين! باھِ. . . . !“ ماميءَ رڙ ڪئي. ماميءَ جلدي سان پنھنجي چادر لاهي وڌس. . . فضا ۾ ماس سڙڻ جي باس وکري وئي. . . جلدي ايمبوليس گهر ايائون، تڙ تڪڙ ۾ پڻس حميد کي بہ اِطلاع ڏنائون. کيس ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو، پر رات تائين دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.
ٻئي ڏينھن خوابن جي رک جي صورت ۾ مھروءَ جو تڪيہ ڪلام ”شل ڪا باھِ لڳئي. . !“ پاراتو بڻجي سندن ٺريءَ واري گهر پھتو. . .