سفيد رنگ
” امان. . . !!!“سندس ماء صوفي تي ستل ھئي، رڙين تي جاڳ ٿيس.
”شيراز پٽ ڇاٿيو؟“ ھوء کيس جاڳائڻ لڳي.
”ھو . . ھو امان . . . “ ھو وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهيو.
”پٽ اھو ڪو خواب ھوندو، تون گهٻراء نہ مان تنھنجي ويجهو آھيان“
” امان مان پنھنجي وس ۾ نہ آھيان. “ ھو پاسو ورائي روئڻ لڳو.
ثريا ھن جي وارن ۾ ھٿ ڦيرڻ لڳي. ماءُ جي ويجهي ھئڻ جي احساس ۾ آٿت ھئي کيس ننڊ اچي وئي.
شيراز جا ٻہ ڀائر عليم، حسنين ۽ ڀيڻ ناھيد ميڊيڪل ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا ھئا. والد پڻ ميڊيڪل آفيسر ھو. بلڪہ سندس خاندان ڊاڪٽرن سان ڀريو پيو ھو. ڊاڪٽر عارف ۽ سڄو گهر، شيراز جي خوف جو پس منظر سمجهڻ کان قاصر ھئا. اھو ھڪ اھڙو خاندان ھو، جتي ڪاميابيون، غيرمعمولي ذھانت ۽ دولت جي اھميت ھئي . ان خاندان ۾ حساسيت، ڪنھن خامي يا ڏڏپڻي جي ڪا گنجائش نہ ھئي.
وقت گذرڻ سان شيراز پڙھائيءَ ۾ بہ پوئتي رھجي ويو ھو. سڄو ڏينھن اڪيلو ۽ خاموش گذاريندو ھو. سندس والد، ھن سان ڳالھائيندي ڪو نہ ڪو طنز ڪري وٺندو ھو.
شاديءَ کان اڳي ثريا نجي اسڪول ۾ پڙھائيندي ھئي، انڪري ٻارن جي نفسيات جي باري ۾ ورڪشاپس ۾ ويندي رھندي ھئي. ھوء شيرازجي ذھني ڪيفيت سمجهندي، ساڻس نرميءَ سان پيش اچي ٿي. ھوء پاڻ ٻارن کي پڙھائيندي ھئي، انڪري سندس ٻار پڙھائيءَ ۾ غيرمعمولي ھئا سواء شيراز جي. جنھن جو ڌيان سائنس جي مضمون ڏانھن نہ ھو . ھو ڊرائنگ ۽ موسيقي ۾ دلچسپي وٺندو ھو، جيڪا ڳالھہ پڻس کي نہ ٿي وڻي. انٽر کان پوءِ شيراز کي زوري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺڻي پئي.
ڪجهہ وقت گذريو پر پھرين ڏينھن ئي مردن جي ڪٽ وڍ واري ڪلاس ۾ بيھوش ٿي ويو. گهر پھتو تہ حالت خراب ھيس. بار بار غشي جا دورا پئجي رھيا ھيس. پھريون ڀيرو ڊاڪٽر صاحب سخت پريشان نظرآيو. پريشاني کان وڌيڪ شرمندگي محسوس ڪري رھيوھو. جيڪا ٿوري گهڻي اميد ھيس شيراز جي مستقبل لاءِ اھا بہ اڄ ختم ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب جا سمورا ٻار ذھين ۽ ڪامياب ھئا، جن تي فخر ڪندو ھو. ھو گهر، سرٽيفڪيٽ، گولڊ ميڊل ۽ شيلڊون کڻي ايندا ھئا . شيراز، کيس مٽن مائٽن ۽ دوستن جي نظرن ۾ شرمسار ڪري ڇڏيو ھو. ثريا کي حيرت ھئي تہ ھڪ ڊاڪٽر ھوندي بہ ھو پٽ جي ذھني حالت نہ پيو سمجهي!
پيءَ جي رويي شيراز کي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ھو. سندس حالت ڏينھون ڏينھن بگڙڻ لڳي ھئي. ثريا، شيراز کي سائيڪياٽرسٽ کي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو. جڏھن ھن مڙس سان ڳالھہ ڪئي تہ ھو ڪاوڙجي ويو.
”شيراز کي ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر ڏانھن نہ وٺي وڃجانء مائٽن کي خبر پئي تہ جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا. “
”ٻار جي ذھني صحت کان وڌيڪ مائٽ آھن؟ ھر ڳالھہ ۾ مائٽن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي ڇا؟ ھي ذھني بيماري بہ جسماني عارضي وانگر آھي، جنھن جو علاج ڪرائڻ ضروري ٿيو پوي. “
ثريا ضد ڪري بيھي رھي. نيٺ کيس شھر جي مشھور سائيڪياٽرسٽ ڊاڪٽر محسن ڪمال ڏانھن وٺي وئي. ڊاڪٽر ثريا کي ٻاھر وڃڻ لاءِ چيو تہ ھوء ٻاھر نڪري ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺي. دعائون ڪرڻ لڳي، خدا ڪري منھنجو ٻچڙو ٺيڪ ٿي وڃي، رب ٻاجهہ ڪر مون ھيڻيءَ جي حال تي، ، ،
اتي ڪيتريون مائرون ٻارن سان ويٺيون ھيون، جن جون عمريون ٻارھن کان ويھن سالن جون ھيون. ھنن معصومن ڪھڙا گناھ ڪيا ھوندا؟ ھي تہ معصوم آھن.
ياخدا ! ھي معصوم ٻار، وڏن جي عملن جي سزا پيا ڀوڳين. ھنن تي رحم فرما. ان اڻ تڻ ۾ ھئي تہ ڊاڪٽر کيس اندر گهرايو . شيراز سست قدمن سان ٻاھر آيو ۽ ھن جي ڀرسان اچي ويٺو. ھوء اندر ھلي آئي.
”ڪڏھن کان مريض جي اھا حالت آھي؟“ ڊاڪٽر سوال ڪيو.
”پنج سال ٿي ويا آھن“ جهيڻي لھجي ۾ وراڻيائين.
”پوءِ اڄ مريض کي وٺي آيا آھيو!“ ڊاڪٽر کي حيرت ٿي.
”منھنجي گهر واري ان مسئلي کي . اھميت نہ ڏني، ھو گهر۾ گهٽ رھندو ھو انڪري کيس اندازو نہ ٿيو“.
”حيرت آھي جڏھن تہ ھو پاڻ ڊاڪٽر آھي. “ڊاڪٽر افسوس مان چيو.
”اسان جي خاندان ۾ گريڊ، ڪاميابيون ۽ ذھين ٻار آھن، انڪري ذھني بيماريءَ ڏانھن سندن خيال نہ ويو. ھو پٽ جي حالت سمجهڻ جي بدران سندس ڀيٽ، خاندان جي ٻارن سان ڪرڻ لڳو. ناڪامي ھن لاءِ وڏي خامي آھي. انڪري منھنجو پٽ ڏينھون ڏينھن ذھني توڙي جسماني طور تي پوئتي ٿيندو ويو. “
”اھوئي سبب آھي تہ ذھني بيمارين ۾ واڌارو اچي رھيو آھي. “ڊاڪٽر افسوس منجهان چيو.
”ڊاڪٽر صاحب منھجو پٽ ٺيڪ تہ ٿي ويندو نہ؟“ ڳوڙھا ثريا جي ڳلن تي ڪرڻ لڳا.
”حوصلو رکو ڀيڻ، جيڪڏھن توھان تعاون ڪندا تہ ھو جلد ٺيڪ ٿي ويندو. “ ڊاڪٽر کيس آٿت ڏيندي چيو.
”ڇا توھان جي اندر ڪو خوف رھيو آھي. “ ڊاڪٽر سوال ڪيو.
”ھڪ ڀيري مان لفٽ ۾ ڦاسي پئي ھيس لائٽ وڃڻ جي ڪري ۽ پوءِ اھو خوف منھنجي اندر ۾ ويھي رھيو. ما. ن لفٽ ۾ سوار ٿي نہ سگهندي ھيس. “
” ڇا ان وقت اوھان کي پريگننسي ھئي؟“
” جي ڊاڪٽر صاحب ان وقت شيراز جي پيدائش ۾ ٻہ مھينا ھيا. “
” آء سي. “ ڊاڪٽر گھري سوچ ۾ ھو.
”ٻار تي ماءُ جي ڪيفيت، سوچ ۽ ڊپريشن جو گھرو اثر پوي ٿو. توھان جي پٽ کي ٿاناٽوفوبيا آھي، جيڪو اينگزائٽي جو ھڪ قسم آھي. اھڙي صورتحال ۾ اوھان کي مريض سان نرم رويو رکڻ گهرجي ۽ نہ ئي ھن کي زبردستي ڪو ڪم ڪرائڻ گهرجي. جيئن ڊاڪٽر صاحب فون تي ٻڌايو تہ ڊائيسيڪشن جي دوران ھن کي دورو پيو . انڪري منھنجي صلاح آھي تہ ھن کي ميڊيڪل بدران فائن آرٽس ۾ داخلا وٺي ڏيو. مان پاڻ بہ ڊاڪٽر عارف سان ڳالھائيندس. ھي دوائون لکي ٿيو ڏيان. ھي مريض کان پري رکجو ۽ پنھنجي ھٿن سان دوا ڏجوس“. ڊاڪٽر چيو.
”ڊاڪٽر صاحب، منھنجي پٽ کي ٺيڪ ڪري ڏيندا. “
”پنھنجي روين ۾ تبديلي آڻيندا تہ ضرور سٺا نتيجا ملندا. “ ڊاڪٽر اميد سان چيو . ھوء ڊاڪٽر پاران تجويز ڪيل دوائن جي پرچي وٺي ٻاھر نڪتي.
ثريا کي اندازو ٿي چڪو ھو تہ شيراز جي جياپي ۽ تندرستيءَ لاءِ کيس وڏي جدوجھد ڪرڻي پوندي. دنيا بدلجي چڪي آھي . ماڻھو روبوٽ بڻجي رھيا ھئا . ٻار گريڊن آڻڻ جي چڪر ۾ فطري زندگي کان پري ھئا ۽ سندس مڙس پڻ پيسي ڪمائڻ جي مشين بڻجي چڪو ھو. اھڙي حال ۾ فقظ ماءُ زندگيءَ جي بدصورتيءَ ۾ ڪو توازن پيدا ڪري سگهي ٿي.
دوائون شروع ڪرڻ کان پوءِ شيراز ستو پيو ھوندو ھو. مٿي کي ڦيري ۽ الٽيون ٿي پونديون ھيس. کاڌو نہ وڻندو ھيس. اھو حال ڏسي، ڊاڪٽر عارف بہ پٽ سان ڪجهہ وقت گذارڻ لڳو. شام جو اڳي ھو اڪيلو پنڌ ڪرڻ ويندو ھو . ھاڻ ثريا ۽ شيراز کي پڻ ساڻ وٺي وڃي ٿو .
شيراز سان گڏ ھلندي، ساڻس ڪچھري بہ ڪندو ھو. پھريون دفعو پٽ جي دلچسپين ۽ مسئلن کان آگاھ ٿيو ۽ اندازو ٿيس تہ جنھن پٽ کي سست، ڪاھل ۽ ڏڏ سڏيندو ھو، سو تخليقي ذھن رکندڙ منفرد ٻارنڪتو. جنھن وٽ تصور جي عجيب دنيا ھئي، ان دنيا کي ٻڌندي ڊاڪٽر عارف کي مزو ايندو ھو. ٿورو ھلي شيراز سھڪي پوندو ھو ۽ پپر جي وڻ ھيٺان رکيل بينچ تي ويھي رھندو ھو تہ ثريا گڏ ھلندي ھيس. ان وقت کيس اندازو ٿيندو ھو تہ ھو ثريا کان بہ پري ٿي ويو ھو.
افسوس ٿيندو ھيس تہ اسپتال ۽ ڪلينڪ جي مصروفيتن ۾ گهر۽ ٻارن کان ڪيترو پري ٿي ويو ھو. ٻار ننڍا ھئا تہ ھنن جو ننڍپڻ نہ محسوس ڪري سگهيو.
شيراز جي حالت بھتر ٿيڻ لڳي پر دوائن جي ڪري سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي. آخرڪار ڊاڪٽر جي مشوري مطابق دوا جو ڊوز گهٽائيندي، دوا بند ڪرڻي پئي. پيءَ جي توجھ کان پوءِ ھو بھتر ٿيڻ لڳو پر موت ۽ اونداھيءَ جو خوف گهٽ ٿيڻ جي باوجود، مڪمل طور تي ختم نہ ٿي سگهيو ھو.
ھن فائن آرٽس ۾ داخلا ورتي ۽ مصروف ٿي ويو. شيراز کي دوائن جي ضرورت نہ رھي ھئي پر اڄ بہ اڇو رنگ ڏسي ھن جي تصور ۾ ڪفن اچي وڃي ٿو ۽ سندس ڪيفيت تبديل ٿيڻ لڳي ٿي. پر ٻاھر ھو پنھنجي ان خوف تي قابو پائڻ جو ڏانء سکي ويو ھو . ھن جا ڀيڻ ڀائر ڪامياب ڊاڪٽر بڻجي ويا ھيا. عليم آمريڪا ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪرڻ کانپوءِ نيويارڪ جي اسپتال ۾ سرجن ھو . حسنين ڪراچي جي اسپتال ۾ پيڊياٽريشن طور ڪم ڪرڻ لڳو ھو . ڀيڻ ناھيد گائناڪالوجسٽ بڻجي وئي ھئي. ھنن جون شاديون ٿي ويون . شيراز بہ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فائن آرٽس ۾ ليڪچرار طور ڪم ڪري رھيو ھو .
ھو پنھنجي آفيس ۾ امتحان جي ڪاپين چيڪ ڪرڻ ۾ مگن ھو تہ بنفشہ اندر داخل ٿي. ان جي پويان سندس ٻيا ڪوليگ راحيل، رافع، عدينہ ۽ فرقان اندر آيا. ھنن جي ھٿ ۾ سامان ھو .
”ھيپي برٿ ڊي ٽو يو شيراز. “سڀني ھڪ آواز ٿي جنم ڏينھ جو گيت جهونگاريو تہ ھو صفا وائڙو ٿي ويو. زوري مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مرڪي نہ سگهيو. ھن اڄ تائين پنھنجو جنم ڏينھن نہ ملھايو ھو. نہ گهر ۾ نہ دوستن سان پر اھو ڏينھن ھن لاءِ ھڪ بار ۽ بوجهہ ھو. نہ ھن کي دنيا ۾ اچڻ جي خوشي ھئي نہ ڪنھن جذبي کي محسوس ڪرڻ جو احساس ھيس.
” توھان جي سالگرھ کي سيليبريٽ ڪرڻ جو خيال منھنجو ھو. “ بنفشہ مرڪي چيو.
پر ھو خالي نظرن سان کين ڏسندو رھيو .
رافع ڪيڪ کولي ان تي ڇويھ ميڻ بتيون سينگاريون . راحيل پيپر پليٽس، ڇري، بسڪٽس ۽ پيٽيز پليٽن ۾ رکيا. بنفشہ ميڻ بتيون ٻاريون. ھن چاھيو تہ ڪمرو ڇڏي وڃي پر چاھڻ جي باوجود ٻاھر نہ نڪري سگهيو. پاڻ کي سنڀالي ورتائين . سڀني جي دل رکڻ لاءِ مرڪيو . ميڻ بتين کي وسائي ڪيڪ ڪٽڻ لڳو . تاڙين ۽ گيتن جي گونجار ۾ اڄ پھريون ڀيرو کيس زندگي محسوس ٿي.
” ھي تحفو منھنجي طرفان. “ بنشفہ پيڪٽ ھن ڏانھن وڌايو . شيراز پھريون ڀيرو بنشفہ جي گھرين ڪارين ۽ وشال اکين ۾ ڏٺو، جتي ھن لاءِ محبت جا ھزارين ڏيئا ٻري رھيا ھئا. ھن گفٽ ورتو ۽ ھوريان مرڪيو. سڀني دوستن کيس گفٽ ڏنا.
”مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جنم ڏينھن ملھايو آھي. “ ھن جي اکين ۾ ھلڪي آلاڻ اڀري .
” اسان تہ ان ڏينھن جو انتظار ڪندا آھيون . “ بنفشہ چيو.
” ھا يار پارٽي شارٽي ۽ گفٽ وٺڻ جو پنھنجو الڳ لطف آھي. “ رافع مرڪي کيس ڏٺو.
شيراز جو مٿو ڦرڻ لڳو. ان ماحول کان گهٽ محسوس ڪرڻ لڳو. اوچتو ھو اٿيو ۽ ٻاھر تڪڙ ۾ ھليو ويو .
بنفشہ کي ھن جو ردعمل عجيب لڳو . سندس شخصيت جو اسرار وڌنڌي محسوس ڪيائين .
***
اھو حيرت ڀريو ڏينھن بہ گذري ويو . رات جو ھو بستري تي ليٽي ڏينھن جي پلن کي ياد ڪري رھيو ھو. ھن کي پنھنجي ھئڻ جو احساس ڏياريو ويو ھو. اھوئي ھن لاءِ ڏکوئيندڙ احساس ھو. ھن جي اندر جا سرمئي موسم ڊنل ۽ بي حسيءَ جي ڌنڌ ۾ لڙاٽيل ھئا. سندس گهڻو وقت خوف ۽ اڪيلائيءَ ۾ گذريو. ننڍپڻ ۾ ھو اسڪول ۾ بہ اڪيلو ۽ ٻارن کان الڳ رھيو . استادن بہ ھن جي اندر جي ويڳاڻائپ نہ محسوس ڪري سگهيا. ماءُ بہ ٻين ٻارن، مٽن مائٽن، مھمانداري ۽ ٻين خفن ۾ وڃايل رھي. ھن ڏانھن ڌيان ڪو نہ ويس . ھو اڪثر ننڊ مان رڙ ڪري اٿندو ھو تہ ڀاڪر پائي حوصلو ڏيندي ھيس ۽ ھو بہ سُڏڪندي سمھي رھندو ھو.
بنفشہ کان جيترو پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو تہ ھوء پري ٿيڻ بجاء بھاني سان ھن جي ويجهو رھڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي.
ھو پاسو ورائي سمھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
***
شيراز جو ن پينٽنگز ملڪ ۾ پسند ڪيون وينديون ھيون. پر ھو پاڻ نہ ويندو ھو پر يونيورسٽيء پاران ويندڙ ٽيم سندس تصويرون کني ويندي ھئي. ٻاھرين ملڪن جي نمائشن ۾ بہ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو ھو.
ھو آفيس ۾ ڪم ۾ مگن ھو تہ بنفشہ اندر داخل ٿي . کيس سفيد رنگ جو وڳو پھريل ھو. ھو سفيد رنگ ڏسي گهٻرائجي ويو. مٿي کي ھٿ ڏيئي ويھي رھيو. ساھ منجهڻ لڳو ھيس رنگ خزان جي پن جيان پيلو ٿي ويس.
”توھان ٺيڪ تہ آھيو شيراز؟“
”توھان پليز ھتان ھليا وڃو. “ ھو پريشانيءَ مان نرڙ مھٽڻ لڳو.
”شيراز!“ بنفشہ ھن جي ڀرسان آئي.
” مان چوان ٿو ھليا وڃو ھتان ھينئر جو ھينئ. “ شيراز رڙ ڪئي تہ بنفشہ کي پنھنجو وجود ڏڪندي محسوس ٿيو ۽ خوف منجهان ھن در ڏانھن ڊوڙ پاتي. شيراز جي اکين آڏو اوندھ ڇانئجي وئي. الائي ڪيئن منتشر حواس گڏ ڪري گهر ڏانھن نڪتو. ڊرائيور کيس سھارو ڏيندي اندر پھچايو. ماءُ پريشان بيٺي ھئي.
”امان!“ ھن ماءُ جي رئي جو پلئہ پڪڙيو، جيئن ھو ٻالڪپڻي ۾ پڪڙيندو ھو. ماء کيس ڪمري ۾ وٺي آئي. ھو وڏا ساھ کڻي رھيو ھو.
” ابا مان تھنجي ڀرسان آھيان. “ ماڻس سيرانديءَ کان ويھندي سندس مٿي تي ھٿ رکيو تہ شيراز جي چھري تي آٿت جي روشني وکري وئي.
”اوچتو مون کي ڇا ٿي ويو امان. ڪيتري وقت کانپوءِ مون تي شديد اٽيڪ ٿيو آھي. “ ھو سخت پريشان ھو . الائي بنفشہ ھن جي باري ۾ ڇا سوچيندي ھوندي.
” صحيح ٿي ويندين ابا رب کي ٻاجهہ پوندي“. پٽ جي حالت ڏسي ثريا جو ھيانء جهري پيو. رئي جي پلئہ سان لڙڪ اگهڻ لڳي.
سياري جي شروعات ھئي . ھو ٻن ڏينھن کانپوءِ آفيس آيو تہ بنفشہ خاموش لڳي. ھو آفيس مان نڪري ڪلاس وٺڻ وڃي رھيو ھو تہ بنفشہ خاموشي سان ھن جي ڀرسان نظرون جهڪائي گذري.
” مس بنفشہ!“
”جي. “ ويندي ھو مڙي کيس سواليہ نظرن سان تڪڻ لڳي. .
”مان پنھنجي رويي تي شرمسار آھيان. “
بنفشہ خاموش رھي. ھوا سرينھن، بيد مشڪ ۽ نم جي سرھاڻ جو ڇڻڪار ڪرڻ لڳي.
دراصل مان ھڪ سائيڪو پيشنٽ آھيان“. ھن مايوسيء مان چيو.
بنفشہ ڇرڪي ھن ڏانھن حيرت منجهان نھاريو.
”جي!“
”انڪري ڪڏھن منھنجا رويا عجيب ٿي ويندا آھن . “ ھن بيوسيءَ مان چيوتہ ھو بنفشہ کي تمام ٿڪل ۽ ھارايل انسان لڳو.
”اھو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو. “ بنفشہ جي چھري تي ھمدردي لھي آئي.
ائين چئي ھو اڳتي وڌيو . بنفشہ کيس ويندي ڏسندي رھي.
***
اھا محبت جي ھڪ نئين دور جي شروعات ھئي . جڏھن جملن جي وقفن ۾ خاموش آٿت جهريل احساس جي ٻيھر تعمير ڪرڻ لڳي ٿي.
”مون کي ننڍپڻ کان موت کان ڊپ لڳندو ھو. سفيد رنگ مون کي موت جي ياد ڏياريندو ھو. اھو رنگ، نظر ايندي ئي مان ڏڪي ويندو ھيس. ھڪ عجيب خوف مون مون کي تنھا ڪري ڇڏيو . گهر وارا منھنجي ان ڪيفيت کي وقت تي نہ سمجهي سگهيا. “ درد جي پل صراط طئي ڪري آيو ھجي ڄڻ تہ .
”ھتي ذھني صحت کي اھميت نہ ٿي ڏني وڃي. “بنفشہ افسوس مان چيو.
” اسان جي خاندان ۾ ڪامياب ٻار آھن . انھن ذھين ٻارن ۾ ھڪ احساس محرومي منھنجي اندر پيدا ٿي وئي. والد ڳالھہ سمجهڻ بنا مون سان نفرت ڪرڻ لڳو. مٿان وري مون آرٽس جو شعبو کنيو، ويتر ئي مون کي رد ڪيو ويو. خوف سان گڏ، رد ٿيڻ جي ڏک مون کي اندران خالي ڪري وڌو. “
ھوخاموش ٿيو تہ اذيت جو احساس سندس چھري مان ليئا پائي رھيو ھو .
” توھان جو ڪو ويجهو دوست ضرور ھوندو؟“ بنفشہ پڇيو.
”ھي تمام تيز ڊوڙندڙ دنيا آھي، جنھن ۾ پوئتي رھجي ويندڙن لاءِ ڪير بہ نہ ٿو سوچي. “ ھن مايوسيءَ سان چيو.
” توھان ھڪ ڪامياب انسان آھيو. توھان کي ان انداز سان نہ سوچڻ گهرجي. “ بنفشہ کيس حوصلو ڏيندي چيو.
” منھنجا گهروارا مون تي کلندا رھيا . مون پيءَ جي اکين ۾ پاڻ لاءِ سدائين نفرت ڏٺي. “ ٿڪل لھجي ۾ شيراز اندر جو ڏک اوريو.
” پر توھان جي ماءُ تہ توھان سان محبت ڪندي آھي. ماءُ جي محبت مشروط نہ ھوندي آھي. “ بنفشہ کيس سوچ جو نئون دڳ ڏسيو.
”ھا ماءُ جي ڪري مان اڄ ھتي پھتو آھيان. “
ماءُ جو ذڪر ڪندي، سندس ويران اکين ۾ محبت جي روشني جرڪي پئي. نفسياتي عارضو، احساس ۽ سمجهہ تي وار ڪندو آھي ۽ مريض تخيل جي دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ شروع ڪري ٿو. طرح طرح جا وسوسا ۽ انديشا ھن جي وجود تي قبضو ڪن ٿا.
”موت جي باري ۾ منھنجو ھڪ الڳ تصور آھي. مان موت کي حقيقي بنياد تي ڏسان ٿي، جيڪو يڪسانيت کي ٽوڙي ٿو. موت نہ ھجي تہ احساس ۽ ھمدردي بہ ختم ٿي وڃي. “
مان سمجهان ٿو تہ تصوير جو ٻيو رخ بہ ھوندو آھي پر الائي ڇو مون تي موت جو ڊپ حاوي ٿي ويو آھي. “
” توھان فرانسسڪو گويا جون پينٽگز ڏٺيون آھن؟“بنشفہ پچيو.
”جي“. شيراز وراڻيو.
”گويا جون تصويرون ھن جي ذاتي تڪليفن جي شاھدي ڏين ٿيون. ساڳي ريت پينٽر ايڊورڊ منچ جي پينٽنگ ”رڙ“ سندس ذاتي خوف جي عڪاسي ڪري ٿي. “ بنفشہ چيو.
”ھون. “ شيراز گھري سوچ ۾ ھو.
” توھان خوف وگهي رڙيون ڪيون آھن؟“ بنفشہ پڇيس.
”نہ. “
”ان جو مطلب تہ توھان پنھنجي خوف کي دٻايو آھي. “بنفشہ جواب ڏنو.
”شايد اھا رڙ منھنجي نڙيءَ ۾ ڦاسي پئي آھي. “ شيراز بيوسيءَ مان چيو.
بنفشہ وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهي. وڌيڪ ان موضوع تي بحث ڪرڻ اجايو ھو. ھڪ نفسياتي عارضي ۾ مبتلا شخص دوا سان ياوري اعتبار وسيلي ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.
سندس والد جي طبيعت خراب رھڻ لڳي . ثريا ڪمري ۾ کير کڻي آئي تہ ھو گھري سوچ ۾ گم ھو.
ڪجهہ وقت اڳي سندس ڀيڻ نفيس اشارن ۾ پنھنجي ڌيءَ لاءِ ڳالھہ ڪئي ھئي . سونيا سٺي ڇوڪري آھي . تون شيراز سان ڳالھائي ان باري ۾ .
اھو ٻڌي ثريا خوش ٿي ڄڻ تہ سندس من جي مراد پوري ٿي ھجي.
ان ئي رات اھا ڳالھہ ڪرڻ شيراز جي ڪمري ۾ ھلي آئي. ماءُ کي ڏسي اٿي ويٺو.
”پٽ وقت اچي ويو آھي تہ تون پنھنجي زندگيءَ لاءِ سوچ ڪر“.
”ڇا ٿيو آھي امڙ منھنجي زندگيءَ کي ٺيڪ تہ گذري پئي“.
پٽ ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت خراب رھڻ لڳي آھي . ھو جيئري تنھنجي مٿي تي موڙ ڏسڻ ٿو گهري ابا. “
”نہ امڙ مان شادي نہ ڪندس. مان نہ ٿو چاھيان تہ منھنجا ٻار بہ مون جيان ذھني مريض بڻجن. “ لھجي ۾ اداسي ھيس.
اھو ٻڌي ثريا کي اندر ۾ وڍ پئجي ويو.
” نہ پٽ ايئن نہ چئو رب ٻاجهہ ڪندو . “
”امان ٻارن ڪھڙو ڏوھ ڪيو، جو ھو وڏن کان ورثي ۾ مليل، جسماني ۽ ذھني بيمارين وگهي سڄي ڄمار لوڙيندا رھن. “
”اسان جي خاندان ۾ ڪنھن کي بہ ذھني عارضو نہ ھو پٽ. “
”امان ذھني عارضو ڪنھن وقت بہ پيدا ٿي سگهي ٿو. “
ثريا اھو ٻڌي گھري سوچ ۾ گم ٿي وئي. ھونئن تہ ھوء ذھني طور تي ٺيڪ ھئي پر جڏھن شيراز پيٽ ۾ ھو تہ ھوء گائناڪولوجسٽ ڏانھن وڃڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙھي، جيڪا لائٽ وڃڻ جي ڪري بيھي رھي. ان مھل سندس ساھ منجهڻ لڳو ۽ ھن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون . ڊاڪٽر عارف سندس ھٿ جهليو پر ھوء ان وقت سامت ۾ آئي جڏھن لفٽ ھلڻ لڳي . اھو منٽ ھن تي سڄي ڄمار لاءِ حاوي ٿي ويو. اھو خوف ٻار جي پيدائش جي ٻن سالن تائين رھيو. شايد شيراز سچ ٿو چوي پر ماءُ جي دل تہ اولاد جو گهر آباد ڏسڻ گهري ٿي.
زندگيءَ جون ڪي حقيقتون تڪليف ڏيندڙ ھونديون آھن پر اميد جي سھاري انسان ان اونداھيءَ مان نڪري سگهي ٿو.
سياري جي خاموش برسات وسي رھي ھئي . ھو آفيس جي دريءَ مان گلن ۽ وڻن تي برسات پوندي ڏسي رھيو ھو. ڪلاس وٺي ڪوريڊور مان اندر آيو تہ ٻاھرين ماحول جي سرھاڻ زندگي بخش لڳي. اھو احساس ھن ان کان اڳي نہ محسوس ڪيو ھو ڇو تہ ھو سدائين ماحول کان ڪٽيل رھيو. ماحول کان ڪٽجي رھڻ بہ وڏي سزا آھي. بنفشہ جي محبت ھن جي اندر جي بي جان موسمن ۾ اميدن جا ڏيئا ٻاريا ھئا، جنھن جي ڪري ھو موسمن کي محسوس ڪرڻ لڳو . محبت ئي موسمن کي محسوس ڪرڻ جي سگهہ عطا ڪندي آھي. پر اندرجي خوف ھن کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. ھو ھر لمحي بنفشہ کي پاڻ کان پري ڪندو رھيو. ھڪ غير محسوس ڇڪتاڻ ھئي ٻنھي جي وچ ۾ .
قدمن جو آواز ٻڌي موٽيو بنفشہ ھٿ ۾ ڪافي جو ٿرماس جهلي اندر داخل ٿي. واڱڻائي رنگ جي وڳي ۾ ھن جو حسن ننڊاکڙو محسوس ڪيائين.
”برسات ۾ ڪافي ۽ سينڊوچ موسم جو لطف وڌائي ڇڏيندا آھن. “
ھو پنھنجي آفيس چيئر تي ويٺو ۽ ٿورو مرڪيو .
آخر ڪيستائين بنفشہ جي دل ڏکوئيندو . حالانڪہ ھو پنھنجي موقف تي مظبوطيءَ سان قائم ھو پر ھن پنھجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري ڇڏي ھئي.
”ھا ائين تہ آھي. “ ھو مرڪيو ۽ بنفشہ کي محسوس ٿيو تہ ھزارين جگنو جرڪي پيا ھجن. اڄ حوصلو ڪري ھوء شيراز جي آفيس ھلي آئي ھئي.
ھو ھوريان ھوريان ڪافي جو ڍڪ ڀريندي ھو فن جي باري ۾ ڳالھائيندا رھيا.
برسات تيز ۽ ڪڏھن جهڪي وسندي رھي. ساڳي ڪيفيت بنفشہ جي اندر ۾ ھئي.
محبت ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندي آھي . اھا آرام واري حالت مان ٻاھر نڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. انڪري گهڻا ماڻھو جلد آڻ نہ مڃيندا آھن. آڻ مڃڻ ڏکيو مرحلو آھي، جنھن لاءِ من مارڻو پوي ٿو. ھن کي محسوس ٿيو تہ محبت ڄڻ ڪا سلطنت ھجي، جيڪا خوف تي حملو ڪري ان تي ڇانئجي ويندي . خوف ھڪ ڪمفرٽ زون آھي. جنھن مان نڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي. خوف، وھم ۽ وسوسا محبت جا اصلي دشمن آھن.
ھن لاءِ محبت، ھڪ اجنبي مھمان وانگر آھي، جنھن سان مانوس ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آھي. اجنبي چھرو يا گهٽي کيس منجهائيندا آھن، انڪري ھو نہ تہ اڻڄاتل ماڻھن سان ملندو آھي نہ ئي نامعلوم جڳھين ڏانھن سفر ڪرڻ کيس پسند آھي.
رات جو ستو تہ ساڳيو دورو پوڻ لڳس. اول محسوس ڪيائين تہ قبر ۾ پيو آھي. اونداھيءَ ۾ جسم جي ڳرڻ جو عمل محسوس ڪيائين. آلي زمين، قبر جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ بي حال ٿي ويو . ھيڏي ھوڏي بستري تي ڦٿڪندي رڙ ڪري اٿيو، جسم ۾ ساھ ئي نہ ھجيس . اکيون کوليندي پاڻ کي خوفناڪ قبر بدران، نرم بستري تي آرام واري ڪمري ۾ جيئرو ڏسي سک جو ساھ کنيائين. دل تيز تيز ڌڙڪي رھي ھيس. تڙ تڪڙ ۾ ڀرسان رکيل گلاس کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ گلاس ڪري پيو تہ ماڻس ڊوڙندي آئي، جيڪا ڀر واري ڪمري ۾ در کولي ستي پئي ھئي . سڄو ڌيان پٽ ڏانھن ھيس .
”ڇاٿيو ابا خير تہ آھي نہ . ”
ھڪدم سان گلاس ۾ پاڻي اوتي کڻي آئي، جيڪو ھو ھڪ ساھيءَ ۾ پي ويو.
”امان ساڳيو قبر وارو خواب ھو“ھو اڃان بہ خوفزدہ ھو.
شيشي جا پرزا ميڙي ھوء واپس آئي تہ شيراز وھاڻي تو مٿو رکي سوچ ۾ گم ھو.
”امان ! “
”جي پٽ . “
”بابا ڪيئن آھي؟“
”ٺيڪ آھي پٽ. “
” امان مان ھاڻ بھتر محسوس ڪري رھيو آھيان . توھان بہ آرام ڪريو. “
” مان صوفي تي سمھي رھان ٿي. “
”نہ امان پليز پنھنجي ڪمري ۾ آرام ڪريو. “
شيراز جي زور ڀرڻ تي ڪمري ۾ ھلي آئي. ھڪ پاسي شيراز جي اھا حالت تہ ٻئي پاسي مڙس بيمار .
ٻئي ڏينھن ھو يونورسٽي ويو تہ آفيس ٽيبل تي گلدستو نظر آيس. پٽيوالي يوسف کان معلوم ڪيائين تہ ھن لاعلميءَ جو اظھار ڪيو.
گلن کي ڏسي ھن کي پنھنجي اداسي دور ٿيندي محسوس ٿي. ڪمري ۾ گلن جي خوشبوء ھن جي بي حس احساس کي تازگي بخشي ڇڏي.
ھو ڪلاس وٺي ٻاھر نڪتو تہ رستي ۾ بنفشہ چيو:
” مون کي توھان سان ضروري ڳالھائڻو آھي. “
”آفيس ۾ اچو. “
” نہ ٻاھرالمنظر تي شام جو ملون ٿا. “
”ٻاھر!“ ھن بنفشہ جي بي باڪي تي حيران ٿيندي چيو.
”پليز انڪار نہ ڪجو. “
ھو سوچ ۾ پئجي ويو.
” ڀلا ڪنھن ڪيفي ٽيريا ۾ . “
”ٺيڪ آھي. “
”ٿينڪ يو. “ ھوءَ مرڪي تہ شيراز کي لڳو ھزارين گل ٽڙي پيا ھجن.
شام جو ڪيفي ٽيريا جي ھڪ ڪنڊ ڪافي جو ڍڪ ڀريندي بنفشہ چيو:
”مما منھنجا شادي لاءِ فڪرمند آھي . ھن مون کان منھنجي پسند پڇي آھي. “
”ھون. “ ھو گھري سوچ ۾ ھو.
”مون مما کي پنھنجي پسند کان آگاھ ڪيو آھي. “
”تمام سٺو. “
”ٻڌايو مون ڪنھن جو نالو کنيو؟“
ھو منجهي پيو تہ آخر ھوء ڇو اھو سڀ ڪجهہ کس ٻڌائي رھي آھي.
”ان شخص کي اوھان بہ سڃاڻو ٿا، ان لاءِ توھان جي راء معلوم ڪرڻ ٿي چاھيان. “
”ڇا توھان حارث جي ڳالھہ پيا ڪيو؟“
”نہ“
ھو نالا کڻندو رھيو ۽ ھوء انڪار ڪندي رھي.
”شيراز منھنجي زندگيءَ ۾ اوھان کانسواءِ ٻيو ڪير نہ آھي. “
”ڇا!. “ ھن حيرت مان رڙ ڪئي.
”منھجي ڪا سھيلي نہ آھي ۽ نہ ئي مان ڪنھن ڪوليگ سان اھا ڳالھہ ڪري ٿي سگهيس پوءِ مون سوچيو پنھنجي زندگيءَ جو اھم مسئلو مون کي پاڻ طئي ڪرڻ گهرجي، “
” مان ھڪ اڌورو انسان آھيان . “ شيراز اداسيءَ سان چيو.
” مان ان اڌوري انسان کي مڪمل ڪرڻ چاھيان ٿي. “
” مان ھڪ نفسياتي مريض آھيان ۽ مان نہ ٿو چاھيان تہ منھنجا ٻار بہ نفسياتي مريض بڻجن. “
”ھون. “ بنفشہ ٿڌو ساھ ڀريو.
” اھو بہ نہ ٿو چاھيان تہ مان ڪنھن تي بوجهہ بڻجي جيئان. “
”اڌورو پڻو شيئر ڪري سگهجي ٿو. “ بنفشہ جو اکيون ميز ۾ کتل ھيون.
ھو خاموش ھو. بنفشہ کي محسوس ٿيو ڄڻ ھوا جا ساھ بہ بيھي رھيا ھجن.
”ٻارن کان بغير بہ زندگي گذري سگهي ٿي. “ بنفشہ جي اکين ۾ آلاڻ ھئي.
”مون کي افسوس آھي مس بنفشہ مان . . . . “ ھن جملو اڌ ۾ ڇڏيو ۽ اداس ٿي ويو.
”مان تنھنجو انتظار ڪندس“. بنفشہ جي اکين ۾ يقين جي روشني جرڪندي محسوس ڪيائين.
رات جو ھن کي ننڊ نہ آئي . پاسا ورائيندي کيس محسوس ٿيو تہ ھو بہ بنفشہ کي چاھي ٿو. خبر نہ آھي تہ ڪيئن ھوء سندس زندگيء جو اھم حصو بڻجي وئي. پر ھو شادي نہ ڪرڻ واري موقف تي سختيء سان قائم ھو.
سندس والد جي طبيعت ڪافي عرصي کان خراب ھئي. ان دوران ھن پيءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي . شام جو روز ھو والدين کي پارڪ وٺي ويندو ھو. گهر ۾ بہ پيءَ سان وڌيڪ وقت گذارڻ لڳو. ڊاڪٽر عارف جا ٻيا ٻار پروفيشنل زندگيءَ ۾ ايترا مصروف ھئا جو، والد لاءِ وقت نہ ڪڍي سگهيا. ھو شيراز کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ شرمسار ھو پر ھو زبان سان چئي نہ سگهيو. والد جو ڀرم ۽ رک رکاء پٽن کي اڪيلو ڪري ٿو ڇڏي.
والد جي طبيعت وقت سان گڏ خراب ٿيندي ئي. ھڪ ڏينھن ماءُ کيس فون ڪئي،
”پٽ جلدي اچ عارف کي الاءِ ڇا پيو ٿئي. “
ھو ڊوڙندو گهر پھتو، والد جي اڀ ساھي ڏسي گهٻرائجي ويو. ڊوڙندا اسپتال پھتا. والد کي ايمرجنسي روم ۾ وٺي ويا پر کيس بچائي نہ سگهيا.
گهر ۾ ڪھرام پتل ھو . ثريا کي غشيءَ جا دورا پئجي رھيا ھئا. پري اوري جا مٽ مائٽ اچي پھتا.
”بابا!“ ھڪ رڙ نڪتي ھن جي وات مان ۽ پيءَ جي بي جان جسم کي چنبڙي ويو.
پھريون دفعو کيس موت کان خوف نہ محسوس ٿيو!