مهاڳ
صدا لاشاريءَ جي داخلي شعور جو ڀرپور اظهار هن غزل ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ تاثرات، تغزل، نغمگي ۽ رڌم هجڻ ڪري لفظن ۾ روح ڦوڪجي ويو آهي.
- اتساه ڏيندڙ اکڙيون، سينو سَپر سڄڻ جو،
واعدو ڪيون وڃي ٿو، ٻيهر وري اچڻ جو.
- وارن جا وار واري، هر هر کلي کيڪاري،
سيني سان پئي لڳايو، ورجاءُ ڪري وچن جو.
- ارڏي عجيب سهڻي’ دَر دَر ڪيا ديوانا،
ماري ڇڏي نظارو ، ڳلڙن تي خَم“ پوڻ جو.
- محبوب گل مثل آ، ڀنورن کي جَهل نه پَل آ
چهري تي ماڪ اهڙي، شبنم پتين تي ڄڻ جو.
صدا جون رچنائون پڙهي حيات جي اصليت کي سمجهڻ ۽ پڙجهڻ لاءِ نه صرف مواد ملي ٿو پر شدت غم سان گڏ ان کي ماڻڻ ۽ پائڻ جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. هن پنهنجي دور جي سڀني المين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي. ترقيءَ ۽ محرومي جي وچتي اڀريل وڏي ديوار ڏسي، دبئي کي سمبل (Symbol) بڻايو اٿس.
بدوئن جا هوٽل
دربان سوٽ ۽ ٽاءِ سان
بيٺا آهن ٽوٽل
- ڪراچيءَ جو هوٽل
دربان بيٺل دروازي تي
پٽڪو اٿس پاتل
- يو اَي اِي جي روڊ تي
متان ڊرائيور سگنل ٽوڙين
اک آ تنهنجي ڪوڊ تي
شاعر کي مساواتي مانڊاڻ ۾ اهڙي ٻه اکيائي جهنجهوڙي ٿي. عظمتن جي هن ائٽمي ۽ سائنسي دور ۾ پنهنجي ديس ۾ به ويڳاڻپ محسوس ٿئي ٿي.
ماروئڙن جو ديس
کرچ گاڏيون کيکڙا
روڊ نه رستا کيس
- ڪولاچيءَ جو ديس
اجرڪ ٽوپي گج ته به،
ڄڻ ته ويڳاڻو ويس.
سچا ۽ سيبتا شاعر خواب ۽ خيال بدران حقيقتن جي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن’ جتي کين قدم قدم تي ناڪاميون، نامراديون، توڙي ڪاميابيون ۽ خوشيون ملنديون رهنديون آهن پر اُهو اهڙين محرومين سان مقابلا به ڪندا رهندا آهن ۽ خوشين ۽ ڪاميابين کي به ماڻيندا رهندا آهن. فطري عمل ۽ لڳ لاڳاپا جبلت ۽ رت جي حوالي سان ڪالهه به ساڳيا هئا ته اڄ به ساڳيا آهن. خواهشن کان مٿڀرو ٿي عمل ذريعي ئي سچُ، سونهن ۽ نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
حوا آدم به ساڳيا ها، ادا انسان ساڳيو آ،
ٿيو هابيل سو ساڳيو، ڪري قابيل سو ساڳيو
جبلت رت، جي رشتن جي نه ڳوليو،
پاڻ پاڻيءَ ۾
ر ت رت جو رشتو
آسمانن کان ڌرتيءَ تائين
هر انومان ساڳيو آ
انساني رشتن جي اهڙي سچائي ٻڌائڻ کان پوءِ هڪ ڪلاسيڪي سَچَ يعني پيار جي رشتي جي اهميت کي به ڪونه وساريو اٿس. پيار ڀريو سماج غيرطبقاتي اجتماعي سوچ سان جڙي ٿو’ جنهن ۾ ننڍ وڏائي جو فرق نٿو رهي ۽ هي ڪائناتي سرشتو انهيءَ بنياد تي ئي قائم رهي سگهي ٿو هُو چوي ٿو:
پيار جهڙو انمول موتي’ ٻيو نڪو ٿي ٿو سگهي،
انمول مايا کي مٺا’ ڇو ٿو ڌڪارين خامخا،
پيار ازلي پيار ابدي، ابتدا ۽ انتها،
آدميت جو امر عنصر مٽائين خامخا.
صدا لاشاريءَ جي شاعري سنڌ جي اتهاس جي چوگرد ڦري ٿي. اُهڃاڻوي ۽ اڻ مٽ ڪردار قدم قدم تي هن جي رهنمائي ڪندا نظر اچن ٿا. خيالن جي دنيا ۾ پيهي جڏهن هُو تاريخي دردن کي گيتن جو روپ ئي ٿو، تڏهن ٻوليءَ جي مٺاس ڪري سندس گيت مڌرتا، رواني ۽ رس سان ٽمٽار ٿيو پون. هن جي گيتن ۾ ثقافتي ٽاڻا، محبوب جا ماڻا، سونهن جا غمزا، وڳن جو وستار، مومل ۽ نوريءَ جو ناز ۽ نياز توڙي سياسي، سماجي ۽ قومي ڪردار سڀ پنهنجو پنهنجو فرض نڀائيندا نظر اچن ٿا.
- ڏسو صورت، کڻي سيرت سنڌ جون سوريون سهڻيون،
سسئي، سورٺ، مٺي مومل، ٿري سڀ مورڻيون سهڻيون.
- نماڻا ناز نوريءَ جا، تماچي ڄام کي ڀانئيا،
سڀئي راڻيون رهيون پوئتي، پاتيون جن چولڙيون سهڻيون.
- کڻي جو ٽِانگ بختاور، ڀاڙيو ڀوتار للڪاريو،
امر ٿي ويئي هارين جون، سندس لاءِ ٻولڙيون سهڻيون.
- ٻائي جيوڻي، ڀلي ڀاڳي، رزينه ديس جون ديويون،
چيا جن سنڌ جا سهرا، سندن جون لولڙيون سهڻيون.
- ڏنو جن ديس تان دمڙو، بيبي بي نظيران آ.
سندس تربت مٿي، رهن ٿيون ٽولڙيون سهڻيون.
پنهنجي پَر ۾ اَمر سنڌو، ۽ عرفانه يا رخسانه،
پيون ڊوهن کي للڪارن، ’صدا‘ سي ڍولڙيون سهڻيون.
محبت ۽ مجاز ٻه اهڙا عنصر آهن جن جو اثر سنڌي شاعريءَ ۾ اصل کان نظر اچي ٿو ۽ ان جو اظهار ڪن شاعرن روايتن کان هٽي ڪيو آهي، ۽ ڪن وري وڏن شاعرن کي سونهون بڻائي گيت سِرجيا.آهن صدا لاشاري به شيخ اياز جي تتبع تي شاعري ڪئي آهي ۽ اِها رسم ڪا بُري ناهي. شيخ اياز چيو ”اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهه“ صدا لاشاري وٽ پنهنجو رنگ آهي، تقليد ڪيل آهي پر تعميري ۽ نئين انداز ۾ آهي. هُو چوي ٿو:
- اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو،
منهنجي يار جو روپ ۽ رنگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.
- اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو،
منهنجي يار جو نازڪ انگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.
- اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو،
هڪ صدا کي پيار جي سنگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.
صدا جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي پختي آميزش آهي جيڪا هن کي بلڪل منفرد بڻائي ڇڏي ٿي. مٿين نظم ۾ سونهن جي واکاڻ جا ته درياهه وهندا نظر اچن ٿا پر مڌرتا ۽ معصوميت سان ٽمٽار استعارا، چنڊ جو شرمائڻ، گل جو شرمائڻ ۽ مور جو شرمائڻ ۽ تشبيهون روپ ۽ رنگ، دهشت دنگ ۽ وکڙيل ونگ ڏسي’ ايئن باسجي ٿو ڄڻ سندس شعر ڪنهن باغ ۾ ٽڙيل نرمل۽ نازڪ گل هجن، جيڪي آڪاش ۾ ڇانيل ڪارن ڪڪرن هيٺان صبح جي ٿڌي هير ۾ لڏي لمي رهيا هجن.
سونهن جي حقيقت’ مجاز’ سونهن جي معنيٰ’ خيال ۽ موسيقيت ۽ مڌرتا سان ڀريل هي شعر ڏسو’ جنهن ۾ رڌم سان گڏ سٽاءُ به سادو ۽ پنهنجائپ وارو آهي.
گهنگهور گهٽا وئي ڇانئجي’ جڏهن وار ورائي يار هليو،
لک لهندڙ تنهنجي لوڏ ڏسي، ويا هرڻ ٽهي جڏهن درشن ٿيا.
پنهنجي ماحول مان چونڊي استعارن جو استعمال ڪرڻ به شاعراڻي خوبي آهي. هتي شاعر گهنگهور گهٽا جو ڇانئجڻ، وار ورائي هلڻ، لک لهندڙ لوڏ ۽ هرڻن جو ٽهڻ وارا ٻهڳڻا مثال ڏيئي درياههَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي.
’صدا‘ جي شاعريءَ ۾ انيڪ رنگن جون انڊلٺون آهن ۽ انهن سڀني رنگن ۾ هڪڙو رنگ آهي. ”ناتي نڀائڻ جو“، جيڪو سڀ کان نرالو ۽ پنهنجائپ وارو رويو آهي. جنم جنم جي ناتي کي نڀائيندي چوي ٿو:
ها توکي ڏسي ٿو خيال اچي
ڪو جنم جنم جو ناتو آ،
تون سون، سونارو تنهنجو مان
تون زيور آن، مون پاتو آ.
هتي شاعر سون، سونارو، تون زيور، مان پاتو آ جو خوبصورت لفظي تڪرار ڏيکاريندي، اهڙا نوان ۽ بامعنيٰ استعارا ڏنا آهن جيڪي زندگي جي فلسفي کي سمجهڻ ۽ آدرشن جي حاصلات لاءِ آدميت جو شعور عطا ڪن ٿا. محبوب کي سون واري استعاري ۾ اوتي ۽ عاشق کي سونارو چئي هڪ انوکو تجربو ڪيو ويو آهي.
صدا خيالن جو شاعر ناهي پر واقعن جو شاعر آهي. هو ڄاڻي ٿوته خيال انسان کي حقيقت کان گهڻو ڏور کڻي وڃن ٿا. ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ امن، خوشحالي ۽ تبديلي جي خواهش سان گڏ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا موضوع ڪتب آندا آهن. ڪالهوڪا ڪردار اڄ به سنڌ جي اتهاس ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا:
هُئا ڪالهه چنيسر، جعفر پر، دودا دولهه خان به هُئا،
ديس جو درد سڃاڻيندڙ، ڪي مير مٺا مَهان به هئا،
ڪو وير وِهائي ماگر سان، رت جا ڍڪ ڀري مئو،
ڪو بندر واسين للڪاري، هو سڪرنڊ منجهه ۾ شهيد ٿيو،
ڪو ڪالهه وڙهيو تلوارن سان، اڄ صدا جو ساهُو ويراڳي آ.
سنڌؤ جو بيان ڪندي جڏهن ديس جي نعمتن ۽ حقيقتن کي نڇاور ڪري ٿو’ تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڌرتيءَ جو پيار ۽ سنڌؤ جو شان سندس روح جي تند تند ۾ تنوار بڻجي گونجي ٿو:
گدلو پاڻي جنهن ڀي پيتو، امرت تنهن لاءِ آهي،
ڙي سنڌوءَ ڪير سڏائي.
دنيا جي دريائن ۾، سرواڻ سڀن جو آهي،
ڙي سنڌوءَ ڪير سڏائي
صدا جي شاعريءَ ۾ گيت، ڏوهيڙا، غزل، چوسٽا، ٻه سٽا ۽ ٽيڙو ته صرف اظهار جو ذريعو آهن. هو ماترائن، فاعلاتن ۽ فاعلات جي چڪر ۾ اڙجي نٿو بيهي بلڪه پنهنجي خيالن کي ترڇا تير بڻائي، لفظن جي نشتر سان تيز ۽ تکو ڪندو رهي ٿو.
پيون پاندن مٿان پيهون،
ڪيون ڪمزور ٿي ڪيهون،
پسي سي سُنب گهوڙن جا،
واقعا جيءُ جهنجهوڙڻ جا،
ڪمانون تير
تلوارون ۽ توپون بم ڀڀڪارون،
سڪندر
آريا، عربي، ۽ گوري جو ڪرڻ وارون،
مٺي ڌرتيءَ تي غاصب جو ڪرڻ دهمان ساڳيو آ.
گهوڙا، انهن جا سُنب، ڪمزورن جون ڪيهون، ڪمانون’ تير ۽ تلوارون ڪالهه جو ڪثافتون ۽ مصبيتون هيون. پر اڄ جي نيئن صنعتي ٽئڪنالاجي يعني توپون ۽ بمن جا ڀڀڪا به انساني سور ۽ ڏک کي ختم ڪري نه سگهيا. ڪالهه به ساڳيا پرڪار هئا ته اڄ به طاقتور جا ساڳيا دهمان ۽ دڙڪا آهن. پر صدا هتي انساني زندگيءَ جي مادي اصليت ٻڌائي’ ان جي حقيقت ۽ حرمت ظاهر ڪري اهم ڳالهه تان پردو کنيو آهي.
’صدا‘ کي سماج جي اجاين ريتن رسمن تي به اعتراض آهن برصغير جي اهم اشو ۽ سنڌ ۾ عزت جي نالي تي Honour killing ڪندڙ ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري، ساڻن ڏاڍي حقارت ڪندي، مقصدي ڳالهه پاڻ هرتاڻي ۽ ظاهري بي غرضيءَ سان ڪري هتي وڏي ادبي آبداريءَ جو مظاهرو ڪيو اٿس.
- ڪري يار ڪاريون نياڻيون نه ماريو،
غيرت جي نالي تي، اياڻيون نه ماريو.
- صدا سنڌوءَ واسين جي’ رسم هي نه آهي،
سڏي پنهنجي عزت’ نماڻيون نه ماريو.
صدا لاشاري پنهنجي دور جي بدحالي، لاقانونيت، مهانگائي، انتهاپسندي، ۽ بي روزگاري کان ناخوش آهي. تنهن هوندي به هي بامقصد شاعر اهڙين حالتن ۽ واقعن سان مقابلي لاءِ پنهنجي قاريءَ کي همٿائي ٿو. هن جا گهڻا شعر پيار ۽ حسن جي حصار ۾ ڦاٿل آهن، ان ۾ شايد شعور کان وڌيڪ جواني ۽ هيجاني عمر جو لاشعوري عمل دخل هجي. پراڻن ۽ نون قدرن کي گڏ گڏ ڏيڻ ڪري، شاعري ۾ نيم ڪلاسيڪي رجحان نظر اچي ٿو. وقت، مطالعو ۽ رهبري سندس اظهار جي قوت ۾ وڌيڪ نکار آڻي سگهن ٿا. اهڙي ادبي تجربي ۽ پرورش لاءِ ڪراچي وڏو مرڪز آهي’ جتي هو ڪافي سالن کان رهائش پذير آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
العابده، غريب آباد
گهر نمبر6/332، جيڪب آباد
03337335624