اسلامي انقلاب جو قومي ۽ ذاتي پس منظر
”قرآن حنيفيت ۽ صابيّت، ٻنهي قومن جي فڪرن جو بلڪل وچ آهي. صابي ذهنيت به انهيءَ نور مان فائدو ماڻي سگھي ٿي ۽ حنيفيت به. حضرت ابن عباس$ جي هڪ حديث ۾ روايت ٿيل آهي ته ”کل ارض مثل آدمکم و نوح مثل نوحکم“. فرمايائون ته ”هتي ارض جو مطلب قوم آهي ۽ دنيا کي ستن وڏين قومن، تهذيبن يا جهانن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.“ تورات، انجيل ۽ قرآن رڳو اهڙي طرح جي هڪ قوم جي تاريخ آهي. انهيءَ قسم جا واقعا لڳ ڀڳ سمورين قومن تي گذري چڪا آهن.“
مولانا صاحب فرمايو: اهو سمجھڻ ته الله تعالى جا پيغمبر ۽ خلق خدا کي سڌي واٽ ڏيکارڻ وارا رڳو دجله ۽ فرات جي ماٿرين ۽ شام ۽ حجاز ۾ ئي آيا، ڪنهن به طرح مڃڻ جوڳو نه آهي.
مولانا صاحب وڌيڪ فرمايو:
”شاهه صاحب (شاهه وليُّ اللهؒ) جي انهيءَ فڪر مان ئي مون اهو سمجھيو ته قرآن مجيد قومن کي گڏائي هڪ ڪندڙ آهي ۽ اهو رڳو هڪ گروهه يا قوم جي تاريخ جي بيان تائين محدود نه آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ان ۾ گھڻو تڻو ذڪر بني اسرائيل جي نبين جو ڪيو ويو آهي، پر اهو به هڪ مصلحت ۽ وقت جي گھرجن موجب هو. پڪ سان فڪر به انسانيت وانگر لامحدود هوندو آهي. پر جڏهن اهو ٻين کي ٻڌائڻ جي لاءِ خاص لفظن ۽ حرفن ۾ بيان ڪرڻو هجي، ته مخاطبن کي ڌيان ۾ رکندي، ان کي هڪ خاص وقت ۽ علائقي سان مخصوص ڪرڻو پوندو آهي. قرآن جي انداز جي حدبندي به انهيءَ سبب جي ڪري ئي آهي. پر انهيءَ جي باوجود، هر هنڌ ان جي آيتن ۾ سمايل مفهوم جي عالمگيريت ۽ جامعيت بلڪل چِٽي آهي. جيڪڏهن ماڻهو قرآن جي مطالعي ۾ غور ۽ فڪر کان ڪم وٺي ته ان تي اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته سموري انسانذات قرآن پاڪ ۾ پنهنجو مطلب ۽ مقصد حاصل ڪري سگھي ٿي.“ (افڪار و حالات: صفحه86)
انهيءَ ڪري اسلام حضرت ابراهيمؑ جي تحريڪ کي، سامي قومن جي دائري مان ڪڍي، آريائي ۽ زرد قومن (صابئين) تائين پکيڙي ڇڏيو ۽ يهوديت ۽ نصرانيت کان سواءِ، غير سامي قومن جي ڏاهن جي فڪرن ۽ نظرين مان به استفادو ڪيو. انهيءَ کانسواءِ يهوديت ۽ مسيحيت جي فڪري ۽ عملي غلطين جي خلاف جدوجهد، اسلام جي نظرياتي ۽ سماجي ماحول جي تياري ۾ تمام گھڻو حصو ورتو.
ذاتي پس منظر:
پاڻ ڪريم ﷺ جن، نبوت کان اڳ وارن پنهنجي واپاري سفرن ۾، مختلف قومن جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي مطالعي ۽ مشاهدي مان نتيجا اخذ ڪيا. مظلوم ۽ محروم فردن جي عملي سهائتا جي لاءِ پاڻ هڪ عوام دوست ۽ انساني همدردي واري مجلس، ”حلف الفضول“ جو بنياد وڌائون. ڇو ته اهڙي نموني جي هڪ تحريڪ بني اسرائيل جي نبين ۾ به قائم رهي چڪي هئي جنهن کي ايسينية (Essenies) چيو ويندو هو. حضرت عيسى ؑ به انهيءَ فرقي يا تحريڪ جو هڪ رڪن هو. اهو فرقو حضرت عيسى ؑ کان پوءِ عيسائيت ۾ ضم ٿي ويو هو. ويجھڙائيءَ ۾ ئي انهيءَ فرقي جا آثار بحيره مردار کان اٺ ميل پري هڪ ڀِڙي جي کوٽائيءَ مان لڌا ويا آهن، جيڪا انهيءَ فرقي جي هڪ وسندي هئي.
ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻڪرين چارڻ جي محنت ۽ تڪيلف جي احوالن کان واقفيت ۽ پنهنجي اعلى اخلاقن جي ڪري عوام جي اندر صادق ۽ امين جي حيثيت ۾ شهرت ماڻڻ، حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي لڳائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڏاهپ سان عرب قبيلن ۾ هڪ خونخوار جنگ کي روڪڻ واري تدبير سان، سندن امن دوستي ۽ جنگ ۽ فساد کان نفرت جو اظهار هو. سوق عڪاظ جي ڪري مڪي ۾ پکڙيل مذهبن ۾ موجود فڪري غلطين ۽ انهن مذهبن جو انساني زندگي جي عملي مسئلن سان لاتعلقي ۽ بي عملي تي غار حرا جي خاموش اڪيلائين ۾ ويچارڻ، اهي سڀئي ڳالهيون پاڻ ﷺ جي فڪري طريقيڪار جو ڏس ڏين ٿيون.
غار حرا ۾ ڳوڙهي سوچ ويچار کانپوءِ پاڻ ﷺ جن سمجھي ڇڏيو هو ته، تاريخ جي شروعاتي دورن کان ئي ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، آقا ۽ غلام جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ جي ڪيفيت هلندي پئي اچي. اهڙي طرح مختلف قومن، ملڪن ۽ معاشي طبقن ۾ اندروني ڇڪتاڻ ۽ خونخوار فسادن جي نوعيت ۽ انهن جي سببن جي کين واقفيت ٿي چڪي هئي. ايراني ۽ رومي سامراجي حڪومتن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان غلامن تي ٻڌل فوجون حصو وٺنديون هيون ۽ انهن ڊگھي عرصي تائين هلندڙ جنگين، جن جو اصل سبب طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ هو، عربن جي واپار ۽ انهن جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جن تي قريش ۽ ٻين عرب قبيلن جا واپاري قافلا ايندا ويندا هئا.
آخرڪار انهيءَ ڳڻتي، سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جي بابرڪت رات جي آخري حصي ۾، جنهن کي قرآن ڪريم ”ليلة القدر“ چيو آهي ۽ جڏهن پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ چاليهن سالن جي ٿي چڪي هئي، وحي الاهيءَ جي روشني ۾ سورت علق جي پهرين پنجن آيتن ۾ زندگيءَ کي ٻيهر سکيو ستابو ۽ جاري ساري رکڻ، انسانن وچ ۾ نسل، قوميت، رنگ، مذهب ۽ ٻوليءَ ۾ فرق جي بنياد تي پيدا ٿيڻ وارن ويڇن ۽ تصورن کي ٻاهر ڪري ڇڏڻ، فطرت جي مظهرن جي پوڄا جي جاءِ تي انهن جي مطالعي ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن قانونن کي سمجھڻ ۽ انهن کي انسان جي تعميري مقصدن ۽ ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ تخليق جي مسئلي کي صحيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو بنيادي تصورَ مهيا ڪري ڇڏيا، پر عملي اُپائن جو دڳ به سمجھائي ڇڏيو ويو.
تنهن ڪري اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ جي انهن ذاتي، قومي ۽ بين الاقوامي حالتن ۽ وحي الاهيءَ جي روشنيءَ ۾ وجود جي اصليت (Ontology) ۽ علم (Epistemology) جي بنيادي مسئلن جو حل ڏيڻ سان، نبوت واري سلسلي جي خاتمي جا سبب مهيا ڪري ڇڏيا، جنهن جو مطلب اهو هو ته پهرين وحي کان پوءِ، اچڻ وارن زمانن ۾ انسان کي وري وري نبوت جي رهنمائي جي ضرورت نه رهندي، پر هو پنهنجي علم ۽ تجربي ۽ وحي الاهي جي انساني زندگيءَ جي سڀني رخن تي، ان جي بنيادي جزن جي روشنيءَ ۽ مدد سان، پنهنجي مقصد حيات يعني عالمگير روحاني، غير طبقاتي معاشري جي منزلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هڪ فرد پنهنجو پاڻ کان بيگانو ٿي وڃڻ واري ڪُن مان ڇوٽڪارو ماڻي وٺندو ۽ انسانيت پنهنجي وڃايل وحدت ۽ جنت کي ٻيهر حاصل ڪري وٺندي.