اسلامي انقلاب جي ستين منزل
]رجب 2هه کان شوال 3 هه مطابق آڪٽرو 623ع کان جنوري 625ع تائين[
هيڻن جي مدافعت
اَطِيْعُوا اللہَ وَرَسُوْلَہٗ ۰ۚوَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللہَ رَمٰى۰ۚ
”الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو. جڏهن تو (پٿريون اڇلائي) هنيون ته حقيقت ۾ اهي تو نه هنيون پر الله هنيون هيون.“
وَّجَاہِدُوْا بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ۰ۭ قُلْ يٰٓاَيُّہَا الَّذِيْنَ ہَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ
الله جي واٽ ۾ جان ۽ مال ٻنهي سان جاکوڙ ڪريو. اي يهوديو جيڪڏهن توهان اها دعوى ڪريو ٿا:
اَوْلِيَاۗءُ لِلہِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ ۰ۭ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ
”جيڪڏهن توهان انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته توهان انسانن جي مقابلي ۾ الله جا دوست آهيو (۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ٿا) ته پوءِ موت جي خواهش ڪريو. ٻيو هو ته هڪ ٻئي جو مال باطل طريقي (وياج) سان نه کائو.“
خَصۡلَتَانِ لَا يجتمعان في مؤمن البخل و سوء الخُلقِ.
”الله تعالى تي ايمان رکڻ وارو ڪنجوس ۽ بدڪردار نٿو ٿي سگھي.“
وَلَمۡ يکن رسول الله يُريُد غزة اِلّا ورّى بغيرها
”رسول الله ﷺ جن جڏهن به ڪنهن جنگ جو ارادو ڪندا هئا ته انهيءَ کي راز ۾ رکندا هئا.“ (صحيح بخاري)
روم جي فتح:
623ع ۾ هرقل جي فوجن ايراني سلطنت جا ڪجهه حصا خسرو پرويز کان کسي ورتا ۽ اصلي صليب جيڪو ساساني (ايراني) کڻي ويا هئا، تنهن کي واپس آڻڻ جي لاءِ هرقل جي حڪومت ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. 624ع ۾ رومي فوجن آذربائيجان جو آتش ڪدو ڊاهي ڦٽو ڪيو.
عام القتال سنه 2 هه:
ٻي هجري جي رجب مهيني جي آخري حصي ۾ رسول الله ﷺ جن عبدالله بن جحش اسدي کي ٻارنهن مهاجرن سان گڏ قريشن جي چرپر جون خبرون معلوم ڪرڻ جي لاءِ نخله ڏانهن موڪليو ۽ هڪڙو خط ڏنو ۽ فرمايو ته هن خط کي ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ کوليو وڃي. جڏهن انهيءَ خط کي کوليو ويو ته ان ۾ لکيل هو ته نخله تائين هلندا وڃو. (اها جاءِ مڪي ۽ طائف جي وچ تي هئي. يمن کان اچڻ وارا واپاري رجب جي مهيني ۾ هتان ايندا ويندا هئا جنهن جي نبي ڪريم ﷺ کي ڄاڻ هئي). خط ۾ اهو به لکيل هو ته نخله پهچي قريشن جون خبرون چارون وٺون ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ان پاسي وڃڻ لڳو ته پنهنجي ڪنهن به ساٿي کي ان پاسي وڃڻ لاءِ مجبور نه ڪجو. اهو سفر تمام ئي خطرناڪ هو ڇو جو اهو مڪي جي تمام ئي ويجھو ۽ قريشن کي ته اڃا به وڌيڪ ويجھو هو.
ابن جحش خط جي مضمون جي باري ۾ پنهنجي ساٿين کي ٻڌايو ته سڀئي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 30 رجب 2 هه (29 نومبر 623ع) تي اهو جٿو نخله پهچي ويو. خبر پئي ته قريشن جو هڪڙو واپاري قافلو اتي ترسيل هو ۽ رجب جو مهينو هجڻ جي ڪري انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو الڪو ڪونه هو. مسلمانن پنهنجو پاڻ کي حاجي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا هئا.
مسلمانن جي پاڻ ۾ صلاح بيٺي ته جيتوڻيڪ هن مهيني ۾ جنگ حرام آهي، پر جيڪڏهن اڄ هنن کي ڇڏيو ويو ته سڀاڻي تائين اهي مڪي ۾ داخل ٿي ويندا ۽ اهو قافلو هٿن مان نڪري ويندو انهيءَ ڪري انهن تي حملو ڪيو ويو. واقدؒ عبدالله حضرمي کي تير هڻي ماري وڌو ۽ ڪجھه ماڻهن کي قيد به ڪيو. انهن جي سامان کي غنيمت جو مال سمجھي مديني ڏانهن کڻي آيا. انهيءَ سامان ۾ تيل، شراب ۽ چمڙو به جھجھو هو. دستور موجب پنجون حصو قوم جي سردار کي ڏنو ويو. اهو پهريون خمس هو، جڏهن ته ٻنهي مشرڪ قيدين کان فديو وٺي کين آزاد ڪيو ويو.
سورت البقره 27 رڪوع:
انهيءَ واقعي تي قرآن ٻڌايو ته بيشڪ حرام مهينن ۾ ڪنهن جو رت وهائڻ جائز نه آهي، پر جيڪڏهن الله جي عبادت ۽ مڪي جي حرم ۾ وڃڻ کان ڪنهن کي ڏاڍائي ڪري روڪيو وڃي ۽ الله ۽ قيامت جو انڪار ڪيو وڃي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي مڪي مان لوڌيو وڃي ته اهي سڀئي ڳالهيون ڪنهن جو رت وهائڻ کان به وڌيڪ خراب آهن. ڪنهن کي پنهنجي روح جي آواز تي عمل نه ڪرڻ ڏنو وڃي ته اهو فتنو آهي جيڪو خون خرابي کان به وڌيڪ بڇڙي ڳالهه آهي. ڇو ته اهڙي فتني جي ڪري سخت ويڙهه ٿي سگھي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ناحق مري سگھن ٿا.
خوني ويڙهه جو جواز طالوت ۽ جالوت جي قصي ۾ اڳي ئي بيان ٿي ويو آهي. اتي اهو به ٻڌايو ويو ته ظلم ڪرڻ ۽ ڪنهن کي بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي ماري ڇڏڻ ائين ئي آهي ڄڻ سموري انسانيت کي ماري ڇڏڻ. اصل ۾ اهو ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دين تان ڏاڍائي سان ڦيرايو وڃي ۽ ان کي مسجد حرام جهڙي مقدس جاءِ تي وڃڻ ۽ عبادت کان روڪيو وڃي ته اهڙي حالت ۾ شهر حرام (مڪي) ۾ به ويڙهه جائز آهي. مطلب اهو آهي ته جيتوڻيڪ خون خرابو هڪ بڇڙي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن اظهار ۽ عمل جي آزادي خطري ۾ هجي ته پوءِ خوني ويڙهه جائز آهي. اها ڳالهه پهرين جي نسبت گھٽ خرابيءَ واري آهي.
مڪي واري دؤر ۾ قرآن پهريان عيسائين ۽ پوءِ يهودين ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. مديني ۾ اچي پاڻ ڪريم ﷺ يهودين سان متحد امت ٿيڻ جو معاهدو ڪيو. تنهن ڪري يهودين جي شرارتن جي باوجود به قرآن توريت ۽ انجيل جي ڳالهين جو انڪار نه ڪيو ۽ رڳو شديد ۽ ظالم يهودين کي گھٽ وڌ ڳالهايو، پر سڀئي يهودي قرآن جي نظر ۾ خراب نه هئا ۽ نه ئي توريت ۽ انجيل جا انڪاري هئا. انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ قرآن جي نزولي ترتيب منجھان ملي ٿي، باقي عام مفسر ۽ عالم يهودين کي مغضوب ۽ توريت کي تحريف ٿيل سڏين ٿا غلط ڳالهه آهي.
يهودين ۽ مشرڪن ٻنهي ۾ منافق ماڻهو موجود هئا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته نه رڳو شام، پر يمن جي واپار کي به مسلمان ختم ڪري سگھن ٿا ته عبد الله ابن ابي جيڪو منافق هو تنهن کي ۽ سندس ٽولي کي ته همت نه ٿي سگھي، پر يهوين مسلمانن سان پنهنجي خانداني دشمني ۽ فرقي پرستيءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو، ڇو ته اسلامي ڀائپي ۽ معاشي برابري انهن جي وياج تي ٻڌل ڪاروبار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
سورت البقره 17 رڪوع قبلي جي تبديليءَ جو حڪم:
شعبان 2 هه ۾ پاڻ ڪريم ﷺ يهودين کي چيو ته جنهن ابراهيمؑ جي نسل مان توهان آهيو انهيءَ ئي نسل مان بني اسماعيل وارا به آهن. انهيءَ ڪري ٻئي برابر آهن. مسلمان توهان جي نبين کي نبي ۽ توريت کي خدائي ڪلام مڃين ٿا، اهڙيءَ طرح اسان ٻنهي جا خيال ساڳيا آهن. تنهن ڪري اچو ته سڀئي گڏجي الله جي پهرين گھر ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهون جنهن کي ابراهيم ۽ اسماعيل اڏيو هو. يروشلم جيتوڻيڪ دارالسلام آهي، الله جو گھر آهي، پر حضرت ابراهيمؑ کان گھڻو پوءِ سليمان بن دائود ؑ جي دؤر ۾ جڙيو آهي. حضرت ابراهيمؑ يهودي نه هو، باقي ائين سو آهي ته ان جي اولاد جو هڪڙو پاڙو يهودي آهي (بقره 17). انهيءَ ڳالهه کي يهودي به مڃين ٿا ته ابراهيمؑ عبراني نسل مان هو ۽ يهودي يهودا جو اولاد آهن. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي. قبلي جي تبديلي سان يهودين جي منافقت ظاهر ٿي پئي ۽ انهن ڪعبة الله کي پنهنجو قبلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هاڻي يهودي کلي طرح اسلام جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
سورت البقره 17 ۽ 18 رڪوع:
يهودين کي چيو ويو ته ڪنهن خاص طرف ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟ اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته مسجد حرام (ڪعبة الله) ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو سڀ کان پهريون جوڙيل الله تعالى جو گھر آهي. پر انهيءَ کان به وڏي شيءِ ته اها آهي ته ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪئي وڃي ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي وڃي. اچو، ڪعبة الله کي توهان به پنهنجو قبلو ڪري مڃيو، ائين ڪرڻ سان نبي اسرائيل ۽ بني اسماعيل پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا.
سورت البقره رڪوع 22:
نيڪي جا ٻه پاسا آهن. انهن مان هڪڙو الله، قيامت ۽ الله جي رسولن تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي قانونن کي مڃڻ ۽ ٻيو الله جي محبت ۾ پنهنجو مال حقدارن تي خرچ ڪرڻ يعني مٽن مائٽن، يتمين، محتاجن، مسافرن، غلامن ۽ قرضدارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ نماز ۽ زڪوات ڏيڻ، واعدو پاڙڻ، مصيبت، ڏکن ۽ جنگ جي وقت ۾ صبر، بردباري ۽ ثابت قدمي کان ڪم وٺڻ آهي. پوءِ اهڙا ئي ماڻهو سچار به آهن ۽ پرهيزگار به آهن.
جيڪو ڪنهن کي قتل ڪندو ته ان کي سزا ملندي. ياد رکو ته قصاص (خون جو بدلي) ۾ ئي زندگي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي قتل ڪرڻ وارو سزا کان بچي وڃي ته معاشري ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويندو، تنهن ڪري توهان تي قصاص وٺڻ فرض آهي. (ياد رکڻ گھرجي ته قصاص انفرادي طرح سان نه پر جماعت جي طرف کان ورتو ويندو ۽ ڏاڍي کان ڏاڍي ڏوهاري کي به رياست جي قانون اڳيان ڪنڌ نوائڻو پوندو.)
سورت البقره رڪوع 21:
يهودين کائڻ جي شين ۾ حرام ۽ حلال جو اصول پنهنجي من مرضيءَ سان گھڙيو آهي. اهي اٺ جو گوشت به نٿا کائن، توريت جي ڪيترن ئي حڪمن کي به نٿا مڃن، مطلب ته انهن جي پابندي نٿا ڪن ۽ انهن حڪمن کي لڪائن ٿا. پاڻ به غلاميءَ جو مزو چکي چڪا آهن، پر پوءِ به ماڻهن کي وياج تي قرض ڏئي انهن کي غلام بڻائن ٿا، انهيءَ ڪري اهي قيامت جي ڏينهن پڪڙيا ويندا.
سورت البقره رڪوع 9 کان 21:
يهودين پنهنجي دلئون نيون نيون شرحون لکي توريت جي قانون ۽ ان جي مفهوم کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ڪي يهودي، جهڙوڪه صدوقي فرقي وارا چون ٿا ته قيامت کي الله تعالى قائم نه ڪندو. اهو فرقو ڄاڻي ٻجھي توريت جي حڪمن ۾ هيراڦيري ڪري ٿو ۽ انهن کي نٿو مڃڻ گھري. توريت ۾ هڪ اهڙي نبيءَ جو ذڪر موجود آهي جيڪو بني اسماعيل مان هوندو، پر هي انهيءَ ڳالهه کي لڪائين ٿا.
سو اي يهوديو! توريت جي حڪمن کي مڪمل طرح مڃيو، ايئن نه ڪريو جو ان جي ڪنهن حڪم کي مڃيو ته ڪنهن کي نه مڃيو. پنهنجن ئي ماڻهن کي انهن جي گھرن مان لوڌڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جائز سمجھو ٿا، پر وري جي اهي قيد ٿي پون ٿا ته انهن کي فديو ڏئي آزاد به ڪرايو ٿا. يهودي پٿر دل، پئسي جا پوڄاري ۽ وياج خور آهن جيڪي حق تي ايمان نه آڻيندا. اهي توريت جي چٽن حڪمن کان پوءِ به غير الله جي پوڄا ڪن ٿا. انهن ۾ رڳو فريسي فرقو ئي اهڙو آهي جيڪو رڳو زباني طور تي قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو.
سورت البقره رڪوع 12:
جيڪڏهن يهودي سچي دل سان قيامت جي ڏينهن کي مڃن ٿا ته انهن کي موت جي سَڌَ ڪرڻ گھرجي ته جيئن بهشت ۾ آرام ڪن. پر جيئن ته انهن جو آخرت تي ويساهه نه آهي، انهيءَ لاءِ اهي اهڙي سڌ ڪڏهن به نه ڪندا. مشرڪن وانگر اهي به هزار سال جيئرو رهڻ گھرن ٿا ۽ وياج جي ذريعي سان پيٽ ڀرڻ گھرن ٿا. مشرڪ ۽ يهودي ٻئي اعتراض ڪن ٿا ته ڪتاب الله (توريت) ۾ جيڪي حڪم الله تعالى نازل ڪيا آهن، هاڻي الله انهن کي ڇو ٿو پيو منسوخ ڪري. انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته الله تعالى پنهنجا جيڪي حڪم منسوخ ڪندو آهي ته انهن کان به وڌيڪ بهتر حڪم ۽ دليل (آيتون) نازل ڪري ڇڏيندو آهي. يهودي ۽ مشرڪ، ٻئي توهان کي ايمان وارو ڏيڻ نٿا گھرن، اهي گھرن ٿا ته جهڙي طرح انهن موسىؑ کي چيو ته ”نر الله جهرة“ اهڙو ئي مطالبو توهان سان به ڪن.
سورت البقره رڪوع 13:
جيئن ته يهودين سان معاهدو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري الله تعالى جو حڪم اهو ئي آهي ته انهن سان ٺهي هلو ۽ انهن جي شرارتن کي بخشي ڇڏيو. اڳتي جيڪو الله حڪم ڏيندو، انهيءَ موجب عمل ڪيو ويندو.
سورت البقره رڪوع 14 ۽ 15:
افسوس آهي جو يهودين ۽ عيسائين وٽ ڪتاب (توريت ۽ انجيل) موجود آهي، پر پوءِ به هڪ ٻئي سان جُٽيل رهن ٿا. ”اي بني اسرائيل توريت تي عمل ڪريو“ ڏسو، اسرائيل يعني يعقوبؑ به جهانن جي پالڻهار الله کي مڃيندڙ هو. انهيءَ ڪري توهان يهودي يا عيسائي نه ٿيو پر ابراهيمي ٿيو (نسلي وڏئي ڇڏي ابراهيم ؑ وانگر الله جا ٻانها ٿي وڃو).
مديني ۾ جيتوڻيڪ يهودين سان اتحاد ٿي چڪو هو، پر اهي مڪي جي مشرڪن جي سازشن ۽ پنهنجي ئي ٽيڙي فطرت جي ڪري ابراهيمي دين جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ڪن پيا. اهي موسى ؑ جي آندل دين کي ڇڏي وياج جي ذريعي ماڻهن کي غلام بڻائڻ گھرن پيا، جڏهن ته انهن جي قانون (توريت) ۾ غلامي حرام آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انهيءَ دؤر ۾ يهودين سان کهرو نه ڳالهايو ۽ نه ئي انهن جي ڪتاب جو انڪار ڪيو. اهي ظاهر ۾ مسلمانن جا دوست هئا، انهيءَ ڪري ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي وضاحت ضروري آهي:
بقره رڪوع 11:
قرآن نه رڳو توريت ۽ انجيل جي تصديق ڪري ٿو ته اهي خدائي ڪتاب آهن، پر اهو به چوي ٿو ته ”ابراهيمي صحيفا“ به خدائي ڪتاب ۽ ان جا قانون آهن (هُوَ الۡحَقّ مُصَدِقّ لّمَا مَعَهُمۡ).
سورت البقره رڪوع 16:
ملت ابراهيم اسلام آهي، هڪڙي الله جي عبادت اسلام آهي ۽ انهن سڀني قانونن کي مڃڻ جيڪي مختلف رسولن تي نازل ٿيا پڻ اسلام آهي (ياد رهي ته انهن آريائي ۽ زرد قومن جا خدائي ڪتاب به شامل آهن).
” لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْھُمْ“ جو به اهو ئي مطلب آهي ته الله تعالى جي ٻانهپ جي معاملي ۾ ڪنهن به نبيءَ جي تعليم کان منهن نه موڙيو ۽ هڪ جي تعليم کي مٿانهون ۽ ٻي کي گھٽ نه ڪريو. رڳو موسى جي توريت کي ئي نه پر ابراهيمؑ جي صحيفن ۽ قرآن کي به مڃيو.
” ھُوَرَبُّنَا وَرَبُّكُمْ“ جو اهو مطلب آهي ته الله توهان جو به خدا آهي ۽ اسان جو به. ائين نه آهي ته توهان جي خدا ته ڪو ٻيو آهي ۽ اسان جو يا ابراهيمؑ جو ڪو ٻيو خدا آهي. اهڙيءَ ريت ٻئي به ڪيترائي نبي الله تعالى جي طرف کان هن دنيا ۾ آيا آهن اهي توڙي ابراهيمؑ يا محمدﷺ يا موسىؑ کان پهريان اسحاق ۽ يعقوب نبي گذري ويا، سي سڀئي يهودي يا عيسائي ڪيئن ٿي سگھن ٿا؟ تنهن ڪري رڳو موسىؑ جي تعليم کي مڃڻ صحيح نه آهي. اها ڳالهه به صحيح نه آهي ته جيڪو ڪجھه توريت ۾ آهي، انهيءَ کي مڃو ۽ ان کانسواءِ ٻي ڪنهن تعليم جو بلڪل ئي انڪار ڪيو وڃي:
قَالُوْا نُؤْمِنُ بِمَآ اُنْزِلَ عَلَيْنَا وَيَكْفُرُوْنَ بِمَا وَرَاۗءَہٗ۰ۤ وَھُوَالْحَقُّ مُصَدِّقًا
لِّمَا مَعَھُمْ۰ۭ
”قرآن ته توريت جي تصديق ڪري ٿو، پوءِ توهان ڇاجي لاءِ ابراهيمي صحيفن ۽ قرآن جي تصديق نٿا ڪريو.“ (رڪوع 11)
” مَا نَنْسَخْ مِنْ اٰيَۃٍ اَوْ نُنْسِہَا “ مان ماڻهن اهو سمجھي ورتو ته قرآن ۾ به ڪيترين ئي آيتن جي تلاوت يا حڪم منسوخ آهي يا ٻئي ڳالهيون آهن. ننسخ جو مطلب هڪ محدود حڪم کي عام ڪرڻ آهي.
الله تعاليٰ جي قانون ۾ ڪابه تبديلي يا مٽا سٽا نه آهي. جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ علت ۽ معلول جو سلسلو ئي ختم ٿي ويندو ۽ هي عالم سڪون جي جاءِ تي عالم فساد بڻجي ويندو. تنهن ڪري جهڙي طرح طبعي قانون اڻ مٽ آهن اهڙي ئي طرح اخلاقي قانون به اٽل آهن. جهڙي طرح مختلف حالتن هيٺ طبعي قانون پنهنجن نون قانونن جا پابند آهن، اهڙي ئي طرح اخلاقي قانون به نئن حالتن ۽ گھرجن جا پابند آهن. حالتن جي بدلجڻ سان قانون نه بدلبا آهن. قبلي بدلڻ جو عالمگير قانون نه مٽيو، پر يهودين جي مخصوص قانون کي ته رڳو يروشلم ئي قبلو آهي، عام ڪيو ويو آهي.
حضرت موسى جڏهن بني اسرائيلن کي فرعون جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو ته انهن جو مقصد يروشلم هو. ڇو ته سندس قوم پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيمؑ کي وساري ويٺي هئي ۽ مصري ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳي هئي. انهن کي اها به خبر نه هئي ته انهن جو سئوٽاڻ يعني اسماعيل جو اولاد آزاد رهيو آهي ۽ هن وقت به انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو. قرآن يهودين کي ياد ڏياريو ته انهن جو اصل قبلو ته مڪي ۾ آهي، نه ڪي يروشلم ۾.
مديني ۾ اچڻ کان پوءِ وقت اچي ويو هو ته اسرائيل ۽ اسماعيل جو اولاد پنهنجي ابي ابراهيم جي قبلي ڏانهن منهن ڪن. اها ڪا نئين آيت نه آهي، اڃا به هڪڙو بهترين حڪم کڻي ايندڙ آيت آهي (نَاْتِ بِخَيْرٍ مِّنْہَآ). ڇو ته ابراهيمي قبلو اختيار ڪرڻ سان ديني وحدت ۽ قومن جي وحدت واري عمل ۾ ترقي ٿيندي ۽ هڪڙي وساريل ابراهيمي آيت تي عمل شروع ٿي ويندو. اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جاءِ تي ” لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ “ چيو ويو آهي. مطلب ته هر زماني ۽ ماحول جي لاءِ هڪ خاص قانون هوندو آهي. بنيادي طور تي خدائي قانون قائم رهندو آهي، پر ماحول جي تبديليءَ جي لحاظ کان انهيءَ قانون تي عمل مختلف نتيجا پيدا ڪندو آهي. قانون نه بدلبو آهي، پر ماحول جي تبديلي سان انهيءَ جا اثر بدلجي ويندا آهن. اهو ئي خدائي قانون آهي. انهيءَ لاءِ بقره جي 15 رڪوع ۾ حضرت ابراهيم ؑ جي دعا هڪ وڏي ثبوت آهي، جنهن ۾ پاڻ دعا ڪن ٿا ته اي الله! هن شهر مڪي کي امن ۽ سلامتيءَ وارو بڻاءِ ۽ ڪعبي کي ماڻهن جي گڏجڻ واري جاءِ بڻاءِ
وَاِذْ جَعَلْنَا الْبَيْتَ مَثَابَۃً لِّلنَّاسِ وَاَمْنًا۰ۭ وَاتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰہٖمَ مُصَلًّى۰ۭ وَعَہِدْنَآ اِلٰٓى اِبْرٰہٖمَ وَاِسْمٰعِيْلَ اَنْ طَہِّرَا بَيْـتِىَ لِلطَّاۗىِٕفِيْنَ وَالْعٰكِفِيْنَ وَالرُّكَّعِ السُّجُوْدِ۱۲۵
هيءُ ابراهيمي قانون يعني ابراهيم ؑ جي صحيفي جي وساريل آيت يا حڪم آهي. قبلي جي باري ۾ هيءُ حڪم موسوي قانون يا حڪم کان بهتر آهي. پر يهودين انهيءَ وساريل انساني وحدت واري حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مسلمانن کي نصيحت:
مسلمانن کي لفظي تحريف کان روڪيو ويو آهي. جيئن ته يهودين سان گڏ رهندي مسلمان به اهڙي قسم جا محاوارا ۽ اصطلاح ڳالهائڻ لڳا هئا جيڪي يهودي لفظي تحريف جي سلسلي ۾ ڳالهائيندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي آسان ۽ چٽي معنى وارو لفظ ”انظرنا“ (اسان ڏانهن ڏسو) چوندا ڪريو ۽ يهودين وانگر راعينا (جنهن جي معنى ڌنار به هوندي آهي) نه ڳالهائيندا ڪن. مطلب ته زبان کي وچڙائي يا لفظن کي مروڙي سروڙي نه ڳالهائن. تحريف سان لفظ جي اصل معنى بدلجي ويندي آهي. اها ئي ڳالهه سورت نساء جي 48 رڪوع ۾ چئي وئي آهي ته يهودي زبان وچڙائي ڳالهائن ٿا ۽ اهو ظاهر ڪرڻ گھرن ٿا ته اهي لفظ توريت جا آهن، پر ايئن نه هوندو آهي. اهڙيءَ ريت اهي توريت جي اصل آيتن ۽ حڪمن کي لڪائي ڇڏيندا آهن.
هن ڳالهه ٻولهه جو مقصد هيءُ آهي ته توريت الله جو ڪلام آهي، انهيءَ ۾ تحريف نه آهي، پر يهودي اهڙي طرح ان کي پڙهندا آهن جو لفظن جي معنى اڻ چٽي ۽ ڪڏهن ته بلڪل ئي غلط ٿي ويندي آهي. توريت کي به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪوڙ سچ پڌرو ٿي پوندو.
توريت جي تحريف جو مسئلو:
قرآن پاڪ اندر توريت ۾ تحريف جي باري ۾ چار آيتون آهن ۽ هر جاءِ تي انهيءَ جو مطلب اهو ئي آهي ته ڪي يهودي توريت کي ڇڏي ڪري شيطاني ڪلام يعني ڀوپن ۽ طاغوت کي مڃن ٿا
(مَا تَتْلُوا الشَّيٰطِيْنُ عَلٰي مُلْكِ سُلَيْمٰنَ۰ۚ وَمَا كَفَرَ سُلَيْمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطِيْنَ كَفَرُوْا يُعَلِّمُوْنَ النَّاسَ السِّحْرَ۰ۤ)
انهيءَ سلسلي ۾ سورهء نساء جي 8 رڪوع ۾ به اشارو موجود آهي
(اَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ اُوْتُوْا نَصِيْبًا مِّنَ الْكِتٰبِ يُؤْمِنُوْنَ بِالْجِبْتِ وَالطَّاغُوْتِ).
قرآن پاڪ سڀني خدائي ڪتابن کي مڃتا ڏيارڻ گھري ٿو. مطلب ته نسخ ۽ آيتن جي تبديليءَ جي ذريعي ضرورت موجب ۽ حالتن آڌار، قرآن ڪريم سڀني نبين طرفان آندل خدائي قانونن کي چٽو ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ان جو مقصد آهي. انهيءَ ۾ هر اهو قانون اچي وڃي ٿو جيڪو خدائي هيڪڙائي ۽ انساني وحدت ۽ برابريءَ ڏانهن وٺي وڃي. انهيءَ ۾ رڳو توريت ئي نه پر ابراهيمي صحيفا به شامل آهن.
يهودين کي تنبيه: سورت جمعه رڪوع 1:
اي يهوديو! الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو نه ته توهان جو مثال انهن گڏهن وارو هوندو جن تي ڪتابن جو ڍڳ لڏيل هجي، پر انهن جي تعليم تي عمل ڪرڻ انهن جي عقل کان ٻاهر هجي.
بني اسرائيل جي آزاديءَ واري ڏهاڙي تي روزو:
رسول الله ﷺ جڏهن مديني ۾ آيا ته سال جي شروعات يعني رجب جي مهيني ۾ يهودي روزو رکندا هئا. پاڻ انهن کان پڇا ڪيائون ته اهو روزو ڇا جو آهي؟ يهودين چيو ته اسان کي هن مهيني ۾ فرعون جي غلاميءَ مان آزادي ملي هئي، انهيءَ جي يادگار ملهائڻ جي خيال کان رکندا آهيون. پاڻ فرمايائون ته اسان پاڻ انهيءَ ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهيون ته موسىؑ جي سنت تي عمل ڪريون ۽ پاڻ عاشوري جو روزو رکڻ شروع ڪيائون. انهيءَ ڳالهه جو مقصد اهو ظاهر ڪرڻ هو ته مسلمان ۽ يهودي قومن جا بنيادي طور تي مقصد ساڳيا آهن، يعني الله تعالى جي هيڪڙائي تي ايمان آڻڻ ۽ انساني وحدت ۽ برابري قائم ڪرڻ. پر يهودين اسلامي ڀائيچاري ۾ شموليت نه ڪئي ۽ قبلي جي تبديليءَ کان پوءِ مسلمانن جو ساٿ ڇڏي ڏنو.
سورت البقره رڪوع 23:
نبوت کان پهريان پاڻ ﷺ جو قائدو اهو هو ته رمضان جي مهيني ۾ غارِ حرا ۾ وڃي الله تعالى جي عبادت ڪندا ۽ روزي ۾ وقت گذاريندا هئا، انهيءَ کي تحنث چوندا آهن. انهيءَ زماني ۾ عيسائي به چاليهن ڏينهن جا روزا 15 نومبر کان 25 ڊسمبر تائين رکندا هئا. اهي روزا عيسىؑ جي ڄمڻ جي خوشيءَ جا روزا هئا ۽ جيئن ته نسئ جي عمل سان رمضان سدائين سياري ۾ ايندو هو انهيءَ ڪري مؤمنن کي به ڪا تڪليف ڪونه ٿيندي هئي. جيڪا خوراڪ بچي پوندي هئي سا به مسڪينن کي ڪم ايندي هئي. انهيءَ ڪري بدر کان پهريان 2 هه جو سڄو مهينو رمضان جي روزن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو. خدائي وحيءَ جي ذريعي انهيءَ جي تصديق ٿي وئي ۽ انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته جهڙي ريت ڪتاب وارين ٻين قومن يعني عيسائين تي روزو رکڻ فرض آهي، تهڙيءَ ريت توهان تي به فرض ڪيو ويو آهي ته جيئن جيڪا خوراڪ بچي پوي سا پڻ مهاجرن جي ڪم اچي سگھي. بهرحال، جيڪو روزي رکڻ جي سگھه نه رکندو هجي ان لاءِ ضروري آهي ته هڪڙي مسڪين کي کاڌو کارائي ۽ جيڪڏهن دل گھريس ته خوشيءَ سان وڌيڪ خيرات به ڪري يا روزو رکي، ٻئي ڳالهيون سٺيون آهن. (بقره آيت 184)
روزي جو صدقو:
جڏهن بيماري، هيڻائي يا سفر جو بهانو نه رهي ته پوءِ ڀلي خيرات به ڪريو، پر روزو ضرور رکو ته جيئن روزي جي حڪمت ۽ رحمت کان محروم نه رهو. ياد رکو ته روزي سان پرهيزگاري پيدا ٿيندي آهي (بقره، آيت 183). جسماني ۽ روحاني پاڪائي روزو رکڻ سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. معذورن لاءِ روزو نه رکڻ ڪو گناهه يا ڏوهه نه آهي، تنهن ڪري روزي جو فديو ڏيڻ واري ڳالهه ڪا سزا نه آهي، پر وقتي رعايت ۽ رحمت آهي. انهيءَ فديي کي ڪفارو سمجھڻ صحيح نه آهي.
بدر واري جنگ:
جنگ بدر حق ۽ ناحق جي وچ ۾ هڪ سنڌائتي ويڙهه هئي. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ کي يوم الفرقان به چيو ويندو آهي. جمادي الثاني 2هه (آڪٽوبر 623ع) ۾ ذي العشيره جي ويجھو جنهن قافلي جي لاءِ مهم روانو ڪئي وئي هئي، ساڳيو ئي قافلو شام مان واپار ڪري موٽيو ٿي آيو. پاڻ ﷺ جن طليحهؒ ۽ سعيدؒ کي قافلي جي خبر چار وٺڻ لاءِ موڪليو. ان کان پوءِ پنهنجي سر پاڻ 14 رمضان 2 هه تي چوهتر مهاجرن ۽ ٻه سئو ايڪٽيهه انصارن سان گڏجي روانو ٿيا. ستر اٺ ۽ ٻه گھوڙا سامان کڻڻ لاءِ هئا. انهيءَ سفر جو مقصد جنگ نه هو، رڳو واپاري قافلي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ هو. مخبرن ٻڌايو ته قافلو ٽن ڏينهن ۾ اتي پهچي ويندو، پر ابو سفيان جنهن جي قافلي ۾ رڳو سٺ ماڻهو هئا، مسلمانن جي نڪري اچڻ جي خبر پوندي ئي گس مٽائي وڃي مڪي پهتو.
بدر جو ميدان مديني کان 98 ميل ۽ بحر احمر جي بندرگاهه ينبوع کان ويهه ميل پري هڪ علائقو هو. جيتوڻيڪ ابو سفيان مڪي وارن کي نياپو ڏياري موڪليو ته هو صحيح سلامت مڪي پهچي ويندو انهيءَ لاءِ واهر جي ضرورت نه آهي، پر ابو جهل بدر پهچڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي. هو قتل ٿي ويل حضرمي جو فديو وٺڻ لاءِ آماده نه هو پر انهيءَ لاءِ جنگ ڪرڻ تي هوڏ ٻڌي بيٺو هو.
مسلمانن سان صلاح مشورو:
ذفران جي وادي ۾ پهچي رسول الله ﷺ کي خبر پئي ته قريش ڀرپور تياريءَ سان بدر ڏانهن نڪري پيا آهن. هاڻي رسول الله ﷺ کي صلاح مشوري جي ضرورت پئي ته اڳتي وڌن يا واپس موٽن. ابوبڪر، عمر ۽ مقداد اڳتي وڌڻ جي صلاح ڏني. انصارن به چئي ڏنو ته اسان موسى ؑ جي قوم وانگر اهو نه چونداسين ته توهان ۽ توهان جو الله وڃي وڙهو، پر اسان توهان جي حڪم تي سمنڊ ۾ لهي پوڻ لاءِ به تيار آهيون. جيتوڻيڪ بيعت عقبه ۾ رڳو اهو شرط هو ته مديني تي حملي جي صورت ۾ اهي پاڻ ڪريمﷺ جي مدد ڪندا، پر هاڻي ايترو پري نڪري اچڻ کان پوءِ اسان توهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ان تي پاڻﷺ جن ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو.
ابوجهل جي لشڪر به ويجھو ئي لهي پيو هو. مسلمان اتي پهتا ته انهن کي قريشن جي ڪا خبر نه هئي. انهيءَ ڪري قرآن چيو:
”جيڪڏهن الله نه گھري ها ته توهان جي قريشن سان ويڙهه ٿئي ته اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن اعلان جي توهان هڪ ٻئي جي مقابلي لاءِ نه پهچو ها ۽ توهان جي سوڀ نه ٿئي ها.“ (انفال، رڪوع 6)
ان کان سواءِ الله تعالى ڪافرن کي مسلمانن جي نظرن ۾ ٿورڙو ڪري ڏيکاريو. قريشن جو لشڪر هڪ هزار ماڻهن تي ٻڌل هو.
جنگ لاءِ صلاحون:
جناب حباب بن منذر مشورو ڏنو ته جنگي ڪارروائي جي لاءِ هيءُ ميدان صحيح نه آهي، اڳتي وڌي وڃي پاڻي جي تلاءَ تي قبضو ڪجي ۽ اتي حوض ٺاهي وٺجي ته جيئن اسلامي لشڪر اڃارو نه رهي. انهيءَ مان خبر پئي ته مقصد جي تعين ۾ مشورو ايترو ضروري نه آهي جيترو مقصد ماڻڻ لاءِ وسيلن بابت ضروري آهي. انهيءَ کي ئي ڪتابي جمهوريت يا ڪتابي شورائيت چوندا آهن.
مينهن ۽ ننڊ:
”اتي جنگ جي ميدا تي الله تعالى مينهن وسايو جنهن ۾ مسلمان وهنتا ۽ لڱن ۾ چستي حاصل ڪئي.“ (انفال: 2 رڪوع)
مسلمان مٿانهين تي واريءَ جي دڙي تي هئا جتي مينهن وسڻ جي ڪري هلڻ ڦرڻ لاءِ سهنجو ٿي پيو، پر قريش جيڪي هيٺاهين تي هئا، سي گپ ٿي وڃڻ ڪري هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيا ٿي پيا.
”ملائڪن (سڪينه ۽ الله جي لشڪر) مسلمانن جي دل کي ڏاڍو ڪيو ۽ دشمنن جي دلين ۾ مسلمانن جي دهشت ڀري ڇڏي.“
(انفال رڪوع7)
قريشن کي رحمان جي لفظ کان چڙ هئي، انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جنگ جو نعرو ”يا رحمان“ رکيو. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي ڇپر ۾ دعا ڪيائون ته ”اي الله اڄ جيڪي هيءُ مٺ جيترا ماڻهو تنهنجو نالو مٿانهون رکڻ جي لاءِ ميدان ۾ ٽپي پيا آهن سي جيڪڏهن مارجي ويا ته ڌرتيءَ تي تنهنجو نالو وٺڻ وارو ڪوبه نه هوندو.“
قريشن جو مسلمانن جو ولولو ۽ جوش ڏٺو ته هانءٌ لاهي ويٺا. حڪيم بن حزام ابو جهل کي چيو ته حضرمي جي خون بها وٺين ته ويڙهه ختم ٿي سگھي ٿي، پر ابوجهل نه مڃيو. ٻنهي پاسن کان تير اندازي شروع ٿي وئي. هڪ پاسي رحمان جا پوڄاري هئا ته ٻئي پاسي شيطان جا پوڄاري هئا ۽ ڪعبي جي جنگي ديوتا هبل، لات ۽ عزى جو ورد انهن جي زبان جي جاري هو.
هاڻي مسلمانن کي ان ڳالهه جو انتظار هو ته شروعات ڀلي ته قريشن جي طرف کان ٿئي. ايتري ۾ عتبه، شيبه ۽ وليد ميدان ۾ لٿا ۽ دوبدو مقابلي لاءِ پنهنجو مٽ گھرڻ لڳا. جڏهن انهن انصارن سان وڙهڻ کان انڪار ڪيو ته رسول اللهﷺ حمزه، علي ۽ عبيده بن حارث رضه کي مقابلي جي لاءِ موڪليو. انهن قريش جي انهن سردارن کي ماري ڦٽو ڪيو ته عام ويڙهه شروع ٿي وئي. هڪڙي ئي بوڇاڙ ۾ قريش پنهنجا 70 ماڻهو مئل ۽ ستر قيدي ڇڏي پوئين پير ڀڳا. قرآن ٻڌايو آهي:
”ڪافرن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻا نظر آيا.“ (آل عمران، رڪوع 2)
”۽ مسلمانن کي وري ڪافرن جو تعداد گھٽ نظر آيو.“
(آل عمران، رڪوع 5)
ابو جهل سخت ڦٽجي پيو هو ۽ مرڻ ڪنڌي تي هو جو عبدالله بن مسعود رضِي الله ان جي سيني تي پير رکيو ته کانئس سوڀ جي باري ۾ پڇڻ لڳس. انهيءَ تي ابن مسعود ٻڌايس ته مسلمان ئي ڪامياب ٿيا آهن.
هن ويڙهه ۾ اميه بن خلف حضرت عبدالرحمان بن عوف کي ان جو جاهليت وارو نالو وٺي سڏيو. اميه جي سڏڻ تي هو کيس ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري وٺيو ٿي ويو جو حضرت بلال اميه کي ڏسي ورتو ۽ ڊڪي وڃي مٿس حملو ڪيو، جو مڪي ۾ اميه بلال جو مالڪ هو ۽ ان تي سخت ظلم ڪندو هو. ائين اميه ۽ ان جو پٽ، ٻئي مارجي ويا.
سورت الانفال رڪوع 5، خوني ويڙه بابت پهرين آيت:
مظلومن کي آزادي ڏيارڻ هر مؤمن جو فرض آهي: قتال جو مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ اظهار جي آزادي هجي ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي ڪنهن جي راءِ کي اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. راءِ جي آزادي ختم ٿيڻ کي عربي ۾ فتنو چوندا آهن جيڪو قتل کان به وڏو ڏوهه آهي. بدر جي سوڀ کان پوءِ هيءَ پهرين آيت آهي جنهن ۾ خوني ويڙهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان جو مقصد به ٻڌايو ويو آهي. اهو هيءُ ته الله تعالى جو قانون دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ شيطاني قانونن کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ خدا جي عبادت ۾ آزاديءَ جي لاءِ خوني ويڙهه ڪرڻ ۽ مظلومن کي آزادي ڏيارڻ هر مؤمن جو فرض آهي. پوءِ جيڪڏهن ظالم شيطان جا پوڄاري مڙي وڃن ته کين معاف ڪري ڇڏيو.
جيڪو مال غنيمت ۾ ملي ٿو انهيءَ جو پنجون حصو الله ۽ ان جي رسول جو آهي، جنهن ۾ مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جو حق آهي. جاهليت واري دؤر ۾ ٽي حصا سپاهين جا هوندا هئا ۽ هڪ حصو سردار کي ملندو هو، پر پاڻ ڪريم ﷺ چار حصا ٻين کي ڏنا ۽ پنجون حصو پنهنجي لاءِ رکيو، اهڙيءَ طرح سمورو غنيمت جو مال ۽ قيدي ورهائبا رهيا.
بدر جي قيدين جي باري ۾ صلاحون:
ستر قيدين ۾ عقبه بن ابي معيط ۽ نضر بن حارث عبدري (قريشن جو علمبردار) به هو. انهن ماڻهن پاڻ ڪريم ﷺ جي قتل جي سازش ڪئي هئي، انهيءَ ڏوهه ۾ کين قتل ڪيو ويو. باقي قيدين سان سهڻو ورتاءُ ڪيو ويو. قيدين جي باري ۾ حضرت عمر ۽ سعد بن معاذ رضي الله جي صلاح اها هئي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي، پر ابوبڪرؒ جي راءِ هئي ته انهن کان فديو وٺي ڇڏي ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو لکڻ پڙهڻ ڄاڻيندو هجي ته انهيءَ جو فديو اهو آهي ته هو انصارن جي ڏهن ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريندو.
غلامن جي آزاديءَ جو پهريون قانون:
جنگي قيدين کي يا ته قتل ڪيو ويندو هو يا وري غلام بڻايو ويندو هو. پاڻ ان باري ۾ جيڪو پهريون قانون تيار ڪيائون سو اهو هو ته نه انهن کي قتل ڪيو ويندو ۽ نه غلام بڻايو ويندو، پر انهن کان فديو وٺي کين آزاد ڪيو ويندو. انهن مان جيڪو فديو نه ڏئي سگھندو هجي، انهن سان ڀلائي ڪري ڇڏي ڏنو وڃي. اڳتي هلي پاڻ ﷺ جو اهو ئي قانون سورهء محمد ۾ (فَاِمَّا مَنًّۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً) جي شڪل ۾ قرآن جو مستقل حڪم بڻجي ويو.
انهيءَ قانون جي ڪري يهودي ڏاڍو ارها ٿيا، ڇو جو اهي گھڻو ڪري ماڻهن کي پنهنجي قرض جي بدلي ۾ غلام بڻائي ڇڏيندا هئا، ڪنهن کي مفت ۾ ڇڏڻ هنن جي سمجھه کان ئي ٻاهر هو.
طلاق بائن کان پوءِ واپسي:
ابو لهب جي پٽن رسول الله ﷺ جي نياڻين سان ڏاڍو خراب هلت هليا. رڳو ابو العاص بن الربيع رسول الله ﷺ جي نياڻيءَ سان محبت رکندا هئا. اهو به قيد ٿي آيو ۽ فديي ۾ بيبي خديجه جو هار آيو جيڪو پاڻ ﷺ جي نياڻي زينب کي ماءُ وٽان مليو هو. هار ڏسي ڪري پاڻ ﷺ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. پاڻ ان جو سمورو مال واپس ڪري ڇڏيائون. هو مڪي موٽي ويو، ماڻهن کي پنهنجو قرض موٽائي ڏنو ۽ امانتون انهن جي مالڪن تائين پهچائي مسلمان هجڻ جو اعلان ڪري مديني ڏانهن موٽي آيو. پاڻ ڪريم ﷺ جي ڌيءُ زينب کي ابوالعاص جي شرڪ جي ڪري طلاق ٿي وئي هئي، پر جڏهن هو مسلمان ٿي ويو ته بيبي زينب کي، بائن طلاق هئڻ جي باوجود به ابوالعاص جي نڪاح ۾ ڏنو ويو. انهيءَ مان خبر پئي ته بائن طلاق کان پوءِ به، جيڪڏهن زال جي گھر تي خلع نه ڏنو ويو هجي ته، اهڙي قسم جي رجعت کي قرآن ازڪي و اطهر چيو آهي.
سورت الانفال رڪوع 2:
جڏهن پاڻ ڪريمﷺ ڪافرن ڏانهن پٿريون اڇلايون ته الله تعالى چيو ته اهي مون اڇلايون هيون. اهڙي طرح جڏهن مسلمانن ڪافرن کي قتل ڪيو ته الله تعالى چيو ته انهن کي مون قتل ڪيو هو ۽ ڪافرن جي تدبيرن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ” فَلَمْ تَقْتُلُوْہُمْ وَلٰكِنَّ اللہَ قَتَلَہُمْ۰۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللہَ رَمٰى “ اهڙيءَ طرح شهيدن لاءِ به چيو ته انهن کي مئل نه سمجھو.
سورت الانفال رڪوع 1:
سچا مؤمن اهي آهي جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪن ٿا. الله تعالى چيو ته جڏهن قريش جي وڏي ڪٽڪ سان مقابلي جي وقت توهان الله تعالى اڳيان مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا ته الله تعالى هزارين ملائڪن سان توهان جي مدد ڪئي. حقيقت اها آهي ته ملائڪن واري ڳالهه ته رڳو هڪ خوشخبري هئي ته جيئن مؤمنن جي دلين کي اطمينان حاصل ٿئي (وَمَا جَعَلَہُ اللہُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِہٖ قُلُوْبُكُمْ).
فطري وارو صدقو:
رمضان 2 هه ختم ٿيڻ تي رمضان کان پوءِ خوشيءَ جو ميلو لڳو جنهن کي عيد سڏجي ٿو. هن کان پهريان عيسائين جي ڪرسمس جي عيد ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري مسلمانن جي لاءِ رمضان ۾ زوري جي عبادت جي پڄاڻيءَ تي شوال جي پهرين تاريخ عيد جو ڏينهن مقرر ٿي. انهيءَ موقعي تي حڪم ڏنو ويو ته هر هڪ آسودو هڪ خاص رقم فطري جي صدقي طور ڏئي ته جيئن انهيءَ ڏينهن امت جو ڪوبه ماڻهو بکيو نه رهي.
بدر جي فتح کان پوءِ سورهء انفال نازل ٿي. هن سورت ۾ الله تعاليٰ سان گڏ رسول الله ﷺ جو به ذڪر اچڻ لڳو. انهيءَ مان خبر پئي ته جيستائين خوني ويڙهه جي آيت نازل نه ٿي هئي ته مسلمان ڪافرن جي تعداد کي ڏسي هيسجي ويندا هئا، جيئن بدر ۾ ٿيو هو. هن سورهء ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته بدڪارن سان گڏجي نه رهڻ گھرجي. ڇو ته جڏهن الله تعالى جو عذاب ايندو آهي ته نيڪ ماڻهن کي به پنهنجي چپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو آهي ۽ اهو به واضح ڪيو ته بزدليءَ واري روش انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.
قريش معجزي يا نشاني جي طور تي عذاب جي گھر ڪندا هئا. اهو عذاب مڪي انهن تي انهيءَ ڪري نه آيو جو اتي پاڻ ڪريم ﷺ موجود هئا ۽ ٻئي مسلمان به اتي ٽڪيل هئا. ڇو ته جڏهن الله تعالى جو عذاب ايندو آهي ته بدڪارن سان گڏ نيڪ ماڻهو به پيسجي ويندا آهن. (انفال 1، 2، 3)
جنگ جا قانون- سورت انفال: رڪوع 10:
مسلمانن تي جيڪڏهن ظلم ٿيندو هجي تڏهن به واعدي خلافي ڪرڻ جائز نه آهي. ڇو ته يهودين اعلان ڪري معاهدو نه ٽوڙيو هو، انهيءَ ڪري انهيءَ تي قائم رهڻ ضروري آهي.
سورت الانفال رڪوع 9:
اهو حڪم به ڏنو ويو ته جنگ ختم ٿيڻ کان پهريان يعني مڪمل طرح سان سوڀ ماڻڻ کان پهريان قتل ٿي ويلن جو سامان ميڙڻ يا قيدين جي گرفتاري صحيح نه آهي. جيڪڏهن بدر جي باري ۾ الله تعالى توهان جي سوڀ جي باري ۾ فيصلو نه ڏنو هجي ها ته ظاهر آهي ته هرڪو ماڻهو فديي جي لالچ ۾ قيدين کي پڪڙڻ شروع ڪري ڏئي ها ۽ غنيمت جي مال هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ڦاسي پوي ها، نتيجي ۾ مشرڪ اوچتو حملو ڪري ڏين ها ۽ توهان سخت عذاب ۾ ڦاسي پئو ها. پر جيڪو فديو ملي يا جيڪو غنيمت جو مال کڻي اچي سو کائو پيئو ته اهو حلال آهي. انهيءَ غنيمت جي مال ميڙڻ جي لالچ ۾ ئي احد ۽ ان کان پوءِ حنين جي معرڪن ۾ هار ٿي. قرآن چيو:
”مِنْكُمْ مَّنْ يُّرِيْدُ الدُّنْيَا وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرِيْدُ الْاٰخِرَۃَ “ ۽ ” تُرِيْدُوْنَ عَرَضَ الدُّنْيَا۰ۤۖ وَاللہُ يُرِيْدُ الْاٰخِرَۃَ۰ۭ “ جنگ الله تعالى جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي ويندي آهي (اڄ ڪلهه وري محنت جي استحصال جي خاتمي جي لاءِ) مال غنيمت، غلام ۽ فديو حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪئي ويندي آهي.
سورت الانفال رڪوع 8:
جيڪڏهن دشمن ٺاهه ڪرڻ لاءِ جهڪي پوي ته يڪدم ٺاهه ڪري وٺو. ڇو ته قتل مقصد نه آهي، پر اصل مقصد امن امان قائم ڪرڻ آهي. امن قائم ٿيندو ته فتنو گھٽجي ويندو ۽ جيڪي ماڻهو زبردستي دين کان ڦري ويندا آهن، تن کي خيال ۽ مذهب ۾ آزادي حاصل ٿي ويندي. مسلمانو! جنگ جي لاءِ تيار رهڻ ۽ گھوڙا پالڻ به ثواب آهي. يعني الله ۽ ان جي رسول جي دشمنن سان جنگ لاءِ تيار رهڻ گھرجي. اڄڪلهه سڀ کان پهريان ته مسلمانن کي سائنسي تحقيق جي ذريعي پنهنجي دفاعي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿي سگھي ته يورپ ۽ آمريڪا جي سائنسي تحقيقن کي ڪنهن طرح سان هٿ ڪرڻ گھرجي ته جيئن پنهنجي دفاعي حيثيت مضبوط رهي.
سورت الانفال رڪوع 7:
منافقن کي چئي ڇڏيو ته مؤمن ٺاهه واري ڳالهه کان وڏائي نه ڪندا آهن. الله تعالى جڏهن ڪنهن قوم کي پنهنجي ڪا نعمت ڏيندو آهي ته ان وقت تائين واپس نه وٺندو آهي جيستائين جو اها پنهنجو پاڻ ئي نااهل بڻجي انهيءَ نعمت کي ٿڏي نه ڇڏي. خدائي نعمتن کي رڳو نيڪ عملي واري زندگي گذارڻ سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿو.
خانداني معاملا ۽ عورتن جي عزت افزائي
جهالت واري دؤر ۾ عورتن جي حالت: بدر جي فتح کان پوءِ مسلمانن جي خانداني ۽ گھريلو معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو ويو. جاهليت واري زماني ۾ پرڻيل عورتن جي حالت بلڪل ٻانهين واري هئي. ڇو ته انهيءَ دؤر جون عورتون نه ته جنگ ۾ ڪم ڏئي سگھنديون هيون ۽ نه ئي وري امن جي حالت ۾ معاشي طور تي ڪارائتيون هيون. مردن آهستي آهستي ان کي ٻانهيءَ جي درجي تي پهچائي ڇڏيو هو. انهن جو ڪم رڳو مردن کي خوش ڪرڻ هو ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ هو. جنگي قانون موجب عورتن کي قتل نه ڪيو ويندو هو، تنهن ڪري انهن کي جيئرو ئي گرفتار ڪري ٻانهيون بڻايو ويندو هو ۽ انهن جي ٻارن کي انهن کان جدا ڪري غلاميءَ ۾ وڪيو ويندو هو. اهو به رواج هو ته ڪجھه ڏينهن لاءِ دوست هڪٻئي جون زالون مٽائيندا هئا. ان کانسواءِ اهو به رواج هيو ته ٻانهين کان بد پيشو ڪرائي ڏوڪڙ ڪمايا ويندا هئا. قانوني لحاظ کان عورت جي شاهدي ڪابه حيثيت نه رکندي هئي، ايتري تائين جو مرد کي جيئن وڻي تيئن کيس ڪنهن غلطيءَ جي سزا ڏئي سگھندو هو جنهن ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي مداخلت جو حق نه هو. انهن حالتن ۾ ڪي غيرتمند ۽ غريب عرب، ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي کڏ کوٽي تيار رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڇوڪري پيدا ٿيندي هئي ته ان کي جيئرو ئي پوري ڇڏيندا هئا.
طلاق، ظهار يا ايلاء:
هڪ ماڻهو جيترن عورتن سان دل گھريس شادي ڪري سگھندو هو، ان کان سواءِ بيشمار ٻانهيون بنا نڪاح جي پڻ رکي سگھندو هو. ان کي اهو به اختيار هوندو هو ته جنهن لاءِ وڻيس ان کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ ان کان پوءِ نه کاڌ خوراڪ ڏئيس ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي سان نڪاح ڪرڻ ڏئيس. ان کي ان ڳالهه جو به اختيار هو ته زال جي ڪنهن عضوي کي پنهنجي ماءُ جو عضوو چئي ڇڏي، مثال طور ائين چوي ته تنهنجي پٺ منهنجي ماءُ جي پٺ آهي. ائين ڪرڻ سان اها عورت طلاقيل سمجھي ويندي هئي، پر ٻئي ڪنهن سان نڪاح به نه ڪري سگھندي هئي. انهيءَ کي طلاقِ ظهار چوندا هئا. ڪي وري ائين به ڪندا هئا جو عورتن کي ٻن سالن تائين ڇڏي ڏيڻ جو قسم کڻندا هئا جنهن کي ايلاء چوندا هئا. عورت کي مڙس جي انهن سڀني ظلمن جي باوجود به ان کان طلاق وٺي آزاد ٿيڻ جو حق نه هو. مطلب ته زالن جي حالت جانورن کان به بڇڙي هئي ۽ ٻانهين کي ته پنهنجي بدن تي به ڪو اختيار نه هوندو هو. ڪيترا ئي مالڪ ته انهن جو جسم وڪڻي پنهنجو گذر ڪندا هئا.
عورتن جو پنهنجي مڙسن، پٽن يا پيئرن جي ورثي ۾ ڇڏيل ملڪيت ۾ به ڪو حق نه هو. باقي ايترو سو ضرور هو ته نڪاح کان پهريان انهن کي ان ڳالهه جو حق مليل هو ته اهي پنهنجو ڪابين مقرر ڪن ۽ اهو مڙسن کان وٺن. اهڙيءَ طرح انهن کي اهو به حق هو ته پنهنجي ملڪيت ۾ جيئن وڻين تيئن خرچ ڪن ۽ واپار يا وياج جي ذريعي پنهنجي دولت کي وڌائن ۽ ان کي پنهنجي ذاتي ملڪيت ۾ رکن.
پاڻ ڪريم ﷺ کي جيئن ئي موقعو مليو، عورتن جي حالت سڌارڻ ۽ گھريلو زندگيءَ ۾ انهن کي مٿانهون درجو ڏيڻ جي لاءِ پاڻ جيڪو ڪجھه ڪيائون، اڄ ويهين صديءَ ۾ به دنيا اتي پهچي نه سگھي آهي.
سورت النساء رڪوع1، يتيمن سان انصاف:
ماڻهؤ! يتيمن جو مال نه کائو. جڏهن اهي سياڻا ۽ سمجھه ڀريا ٿي وڃن ته انهن جو مال انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو. يتيم ڇوڪرين جو مال ڦٻائڻ جي خيال کان انهن سان شادي نه ڪريو ۽ عورتن جو ڪابين انهن کي خوشيءَ سان ڏيو.
رڳو هڪڙي عورت سان نڪاح ڪريو:
جيتوڻيڪ چئن عورتن سان هڪ ئي وقت نڪاح جائز آهي، پر جيڪڏهن ان ڳالهه جو خطرو هجي ته انهن ۾ انصاف قائم نه ڪري سگھندؤ ته پوءِ رڳو هڪڙي ئي عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڀلائي آهي. (ڇو ته انصاف ۽ برابري قائم نه ڪري سگھڻ جي ڪري انسان جي زندگي ايتري ته اهنجي ٿي ويندي آهي جنهن جو بيان ئي نٿو ڪري سگھجي). انهن چئن واري ڳاڻيٽي ۾ توهان ٻانهين سان به نڪاح ڪري سگھو ٿا، پر شرط وري به اهو آهي ته انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ انهن کي ڪابين ڏيو.
اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت ٻانهيون ۽ غلام انساني معاشري جو حصو هئا. قرآن معاشي حالتن جي لحاظ کان غلاميءَ کي يڪدم ختم نه ڪيو، ڇو ته اها هڪڙي پيداواري قوت هئي. پر حجة الوداع جي خطبي ۾ جيڪو نبوي اعلان ٿيو، انهيءَ غلام کي به مالڪ وارو درجو ڏئي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح غلاميءَ جو خاتمو ڪيو ويو. سڀني ماڻهن جا انساني حق برابر سڏيا ويا ۽ پرهيزگاري کانسواءِ ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت نه ڏيڻ وارو اصول پڌرو ڪيو ويو.
وراثت جو حق:
عورتن کي به مردن وانگر پيءُ ماءُ ۽ مائٽن جي مال ۾ وراثت جو حق ڏنو ويو.
• نساء رڪوع 2: هن رڪوع ۾ وراثت واري حق جو تفصيل ٻڌايو ويو آهي ۽ عورتن جي وراثت جو خاص طور تي خيال رکيو ويو آهي.
• نساء رڪوع 3: هن رڪوع ۾ زنا واري ڏوهه جي شروعاتي سزائن جو ذڪر آهي. جيڪڏهن ڪا عورت بدڪاري ڪري ته انهيءَ کي سزا ڏيڻ جي لاءِ مسلمانن منجھان چئن اکين ڏسندڙ شاهدن جي شاهدي ضروري آهي. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عورت کي مرڻ گهڙيءَ تائين گھر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويندو يا ان جي موت کان اڳ الله تعالى ان جي لاءِ ڪا ٻي واهه ڪڍي. يعني ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان نڪاح ڪري ۽ پهريون مڙس ان کي طلاق ڏئي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن سان بدفعلي ڪري ٿو ته ان کي جسماني سزا ڏني ويندي. ان کان پوءِ جيڪڏهن اهي يڪدم توبه ڪري نيڪوڪاري واري واٽ وٺندا ته پوءِ الله تعالى به معاف ڪرڻ وارو آهي. (جيئن ته شراب وانگر زنا به عام هئي، انهيءَ ڪري اهي شروعاتي سزائون هيون. اڳتي هلي سورهء نور ۾ عورتن ۽ مردن جون سزائون هڪجيتريون ئي ڪيون ويون جيڪي وڌيڪ سخت آهن).
عورتن سان سهڻي نموني هلڻ جو حڪم:
ڪنهن عورت سان ڏاڍائي ڪري ميراث ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش نه ڪريو ۽ نه ئي انهن کي ڪو تحفو ڏئي پوءِ واپس وٺو. جيڪڏهن ڪا عورت توهان کي نه ٿي وڻي ته به ان سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪريو. ڪابين واپس وٺڻ واري ڳالهه ته تمام ئي بڇڙي آهي (انهيءَ باري ۾ اڳتي طلاق ۽ خلع جو ذڪر آهي). جيڪڏهن پئسا وٺي ڪو ماڻهو طلاق ڏئي ڇڏي ته پوءِ ڪنهن به ريت هو عورت سان رجوع نٿو ڪري سگھي. اهڙي عورت ان لاءِ حرام ٿي وڃي ٿي. باقي جيڪڏهن ٻئي مرد سان نڪاح ڪري ۽ اهو به کيس طلاق ڏئي ڇڏي يا مري وڃي ته پوءِ ٻيهر مهر وٺي ڪري پنهنجي اڳوڻي مڙس سان شادي ڪرڻ گھري ته ڪري سگھي ٿي.
رنڙ عورتن جي آزادي:
جيڪي عورتون رنجي پون ته اهي آزاد هونديون. مري ويل مڙس جي ڀاءُ يا ٻئي ڪنهن مٽ مائٽ کي اهو حق نه هوندو ته انهن تي ڏاڍائيءَ سان قبضو ڪري ان کي پنهنجي زال بڻائي يا ٻيو ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ کان جھلي. ان کانسواءِ ڪو پنهنجي پيءُ جي رنڙ سان نڪاح ڪري ته اها به تمام ئي بي حيائي واري ڳالهه آهي.
• نساء رڪوع 4: هن رڪوع ۾ محرم عورتن جو بيان آهي. يعني اهي عورتون جن سان نڪاح ڪرڻ حرام ڪيو ويو آهي.
ٻانهين سان نڪاح ڪريو:
هن وقت تائين اهو رواج هو ته ماڻهن کي جيترو وڻي ٻانهيون رکي سگھن پيا. پر زالن جو تعداد چئن تائين مقرر ڪرڻ کان پوءِ اهو شرط به وڌايو ويو ته انهيءَ تعداد جي اندر گھرو ته ٻانهين سان به نڪاح ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن آزاد عورت سان نڪاح ڪرڻ جي سگھه نه آهي ته ٻانهي جي مالڪ جي اجازت سان، ڪابين ڏئي ڪري ان سان نڪاح ڪري سگھو ٿا. پوءِ جيڪڏهن اهي ٻانهيون ڪا بدڪاري ڪن ته آزاد عورتن جي مقابلي ۾ انهن کي اڌ سزا ڏني ويندي.
• نساء رڪوع 5: الله تعالى گھري ٿو ته آڳاٽن مهذب ماڻهن جي معاشرت جي باري ۾ توهان کي ٻڌائي ته جيئن توهان به اهڙي قسم جي معاشرت قائم ڪريو. جيئن ته انسان پنهنجي خلقت ۾ هيڻو آهي، تنهن ڪري الله تعالى سخت قسم جون سزائون قائم نٿو رکڻ گھري (جيئن عورتن جي باري ۾ مختلف قومن جي رواج ۾ هيون يا آهن).
عورتن جي ملڪيت جو حق:
جهڙيءَ ريت مردن کي پنهنجي ڪمايل دولت ۾ خرچ ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي، اهڙيءَ ريت عورتن کي به پنهنجي دولت جي باري ۾ اختيار ڏنو وڃي ٿو. ميراث ۾ به ائين ئي انهن جو به حق آهي.
• نساء رڪوع6: مردن کي عورتن تي جسماني لحاظ کان فضيلت آهي. جيئن ته اهي محنت ڪندا آهن ۽ ڪمائي ڪري عورتن تي خرچ ڪندا آهن، انهيءَ ڪري اهي انهن جا رکوالا ۽ سرپرست (قوام) به آهن. انهيءَ ڪري عورتن جو به فرض ٿئي ٿو ته اهي نيڪ نيتيءَ سان گھريلو زندگيءَ کي وڻندڙ بڻائين ۽ مردن جو وري اهو فرض آهي ته عورتون جيڪڏهن ڪا لچائي ڪن ته انهيءَ لاءِ به پهريان ته انهن کي نصيحت ڪن، پوءِ جيڪڏهن اهي نه مڃن ته انهن سان ميل ميلاپ کان پري ٿي وڃن. پر جيڪڏهن انهيءَ تي به نه مڃن ته پوءِ ٿوري مار ڏئي به سمجھائن. جيڪڏهن انهيءَ تي اهي مڃي وٺن ۽ فرمانبرداري ڪن ته پوءِ ٿورين ٿورين ڳالهين تي انهن سان نه جھيڙن، پر جيڪڏهن ڳالهه اصل نه ٺهي سگھي ته پوءِ مرد ۽ عورت جي خاندان مان هڪ هڪ امين مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ٺاهه ڪرائن، الله انهن جي مدد ڪندو.
سڀني سان محبت ۽ سهڻي سلوڪ سان هلڻ جو حڪم:
هتي اهو حڪم به ڏنو ويو آهي ته نه رڳو زال سان محبت ۽ سهڻي نموني رهڻ گھرجي، پر يتيمن، پاڙيسرين، مسافرن، ٻانهين ۽ ٻانهن سان به ويجھن مائٽن جهڙو سهڻو رويو اختيار ڪريو ۽ ڪنجوسي نه ڪريو.
يهودين جو ذڪر:
بدر کان پوءِ ذاتي ۽ گھريلو زندگيءَ جي معاملن کي سنوارڻ کان پوءِ ڳالهه ٻولهه جو رخ يهودين ڏانهن ٿي ويو آهي. اسان هي ڏسي چڪا آهيون ته قبلي جي تبديليءَ ۽ يهودين جي شرارتن جي باوجود، قرآن يهودين سان معاهدو ٽوڙڻ جو حڪم نه ڏنو ۽ انهن کي پوءِ به اتحاد ۽ آخرت تي ايمان جي تعليم ڏني پئي وئي. بدر واري ويڙهه کي ڏسي يهودين سمجھي ورتو ته پاڻ ڪريم ﷺ جو ڌيان ٻيهر عيسائين ڏانهن وڃي رهيو آهي. قرآن عاشوري جي روزي جو حڪم ته نه ڏنو پر انهيءَ ئي رمضان ۾ روزن جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ عيسائي به روزو رکندا هئا. وري بدر کان پوءِ غلاميءَ کي منسوخ ڪرڻ وارو قانون به جڙي ويو (ڏسو سورهء محمد رڪوع ۱)، هاڻي اهو ممڪن نه رهيو ته جنگ يا قرض جي بدلي ڪو ڪنهن کي غلام بڻائي سگھي. انهيءَ کان به اڳتي اها ڳالهه ٿي ته وياج ۽ جوا کان به روڪيو ويو ۽ مسلمان عورتن کي ميراث ۽ ڪابين ذريعي اهي حق ڏنا ويا جيڪي انهن يعني يهودين وٽ نه هئا. اهي ڇوڪرين کي انهن جي مڙسن وٽ وڪرو ڪري ڏيندا هئا ۽ يهودي مڙس کي اهو حق هو ته انهن سان ٻانهين وارو ورتاءُ ڪري.
جيئن ته مسلمانن جو ڌيان عيسائين ڏانهن وڌي رهيو هو انهيءَ ڪري يهودين، جيڪي حضرت عيسىؑ جا اصل کان دشمن هئا، مسلمانن کي ٻه ڳالهيون ٻڌايون:
(1) بي بي مريم پاڪباز عورت نه هئي (نعوذ بالله). يهودين جو چوڻ هو ته حضرت مريم جيتوڻيڪ يوسف نجار سان منڱيل هئي، پر زال ٿيڻ کان پهريان ئي پيٽ سان هئي. عيسائي به ان ڳالهه کي مڃيندا هئا پر اهي چوندا هئا ته عيسى بن مريم جو پٽ ڪو انسان نه هو پر خدا هو. مسيح (عيسى) الله جو ڪلمو هو، الله مڙس هو ۽ مريم زال هئي (نعوذ باالله).
(2) يهودي ٻي اها ڳالهه ڪندا هئا ته عيسى پٽ مريم جي کي اسان سوريءَ تي چاڙهي خوار ڪرايو. يهودين اهو به چيو ته عيسى پٽ مريم جو هڪڙو ڪوڙو نبي هو، انهيءَ ڪري کيس رومي گورنر کي چوائي وڏي بيعزتي سان ان کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو. اهو يهودين جو مسيح (بادشاهه) بلڪل به نه هو، اڃا به هو رومن سامراج جو باغي هو. عيسائي به اهو مڃن ٿا ته عيسىؑ دنياوي بادشاهه ڪونه هو، پر پاڻ دلين ۾ محبت ۽ رحمت جو غلبو پيدا ڪرڻ آيا هئا. دنيا ۾ شيطان يعني نفرت ۽ لوڀ جي بادشاهي هئي. هو دنيا ۾ خدا تعالى جي رحمت جي بادشاهي قائم ڪرڻ گھري پيو. انهيءَ ڪري هن پنهنجو پاڻ کي قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ته جيئن انساني نسل، جيڪو حضرت آدمؑ جي گناهه (يعني حياتي ۽ علم غيب جي هوس) جي ڪري ابدي طور گنهگار ٿي پيو هو، انهيءَ قربانيءَ سان پاڪ ٿي وڃي. جيڪي ماڻهو عيسىؑ کي محبت جو بادشاهه مڃيندا سي دائمي حياتي يعني محبت ۽ رحمت جي دنيا ۾ پهچي ويندا. تنهن ڪري عيسىؑ جو سوريءَ تي چڙهڻ (عيسائين جي چوڻ موجب) هڪ قرباني هئي جنهن جي ڪري دنيا گناهه کان ڇوٽڪارو ماڻيو ۽ عيسىؑ پاڻ، جيڪو الله جو پٽ هو، ٽئين ڏينهن الله ڏانهن کنيو ويو.
• نساء رڪوع22: هن رڪوع ۾ قرآن جو نقطه نظر پيش ڪيو ويو آهي. يهودين جي شرارتن ۽ منافقت جو قرآن ڪيترن ئي جائن تي جواب ڏنو آهي ته جهڙي ريت قرآن توريت جي تصديق ڪندڙ آهي، اهڙي ريت اهو انجيل جي پڻ تصديق ڪري ٿو. اهو يهودين وانگر عيسىؑ ۽ عيسائين جو دشمن نه آهي. باقي قرآن ان ڳالهه کي نٿو مڃي ته عيسىؑ جو پيءُ الله پاڻ هو. الله تعالى کي ته ڪنهن به وارث يا مددگار جي ضرورت ئي نه آهي. اهڙي طرح حضرت مريم ڪنواري هئي، پر الله تعالى پنهنجي قدرت سان ان کي حامله ڪيو، هوءَ بدڪار نه هئي.
ان کانسواءِ حضرت آدم جو گناهه رڳو سندس ئي توبه زاريءَ جي سبب معاف ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري ڪوبه انسان جيڪڏهن توبه ڪندو ته الله تعالى ان کي به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڳالهه جي ڪابه ضرورت نه آهي ته هو قرباني ڪري الله تعالى کي رت ۽ گوشت پيش ڪري. باقي جيڪڏهن ڪو الله تعالى جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ مسڪينن کي کاڌو کارائي ٿو ۽ غلامن کي آزاد ڪري ٿو ته پوءِ الله تعالى به اهڙي ماڻهوءَ کان راضي ٿئي ٿو. تنهن ڪري عيسى ؑ جي سوريءَ تي چاڙهيو وڃڻ سان خوار يعني قتل نه ٿيو پر الله تعالى ان جو درجو مٿانهون ڪري ڇڏيو. (هن مضمون کي نساء جي آيت نمبر 22 ۾ بيان ڪيو ويو آهي).
يهودين کي چيو ويو ته توهان جون شرارتون ۽ فتني بازيون ڪي نيون نه آهن، هن کان اڳ ۾ به توهان ائين ئي ڪندا آيا آهيو، جنهن ڪري الله تعالى توهان جي مٿان ڪي پاڪ شيون به حرام ڪري ڇڏيون هيون. هاڻي رحمت ڀريو نبي توهان وٽ آيو آهي، سو جيڪڏهن توهان توريت سان گڏوگڏ انجيل ۽ قرآن تي به ايمان آڻيندؤ ته اهي پابنديون ختم ٿي وينديون. پر انهيءَ لاءِ شرط اهو ئي آهي ته توهان نه رڳو قرآن کي مڃيو پر عيسى بن مريم ۽ انجيل کي به مڃيو.
هيٺ ذڪر ڪيل رڪوع ۾ يهودين جي بڇڙائين جي تفصيل ڏيڻ کان پوءِ انهن کي رحمت ۽ معافي جو پيغام ڏنو پيو وڃي. (نساء، رڪوع 22)
يهودين جي لڳاتار نافرماني:
يهودين جو گھُر آهي ته آسمان مان لکيل قرآن کڻي اچ. هنن جي اها گُهر ته ڪجھه به ناهي، موسى ؑ جڏهن خدائي قانون وٺڻ جي لاءِ طور سينا جبل تي ويو هو ته انهن نه رڳو گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني، پر موٽي اچڻ تي موسى سان خدا پرستي جي لاءِ اهو به شرط رکي ورتو ته پاڻ کين الله اکين سان ڏيکاري! انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو جبل سينا وٽ وڄ ۽ گروڙ انهن کي اچي پڪڙيو ۽ پنهنجي مٿان جبل کي ڪرندو ڏسي انهن واعدو ڪيو ته هاڻي اسان اڻ ڏٺي خدا تي ايمان آڻينداسين. انهن جو اهو ڏوهه معاف ڪيو ويو ۽ سزا جي طور ڇنڇر جي ڏينهن ڪنهن به قسم جي دنياوي ڪم ڪار ۽ گھمڻ ڦرڻ کان روڪيو ويو. ان کان پوءِ انهن ٻيهر پنهنجو واعدو ٽوڙي ڇڏيو. اهو هن طرح جو:
(1) نبين کي ناحق ڪٺائون ۽
(2) مريم تي تمام ئي وڏو بهتان ٻَڌائون.
حضرت عيسىؑ جي وفات جي باري ۾ ٽي عقيدا موجود آهن:
• پهريون عقيدو: عام مسلمانن ۽ عيسائين جو آهي ته الله تعالى عيسى ؑ کي جيئرو ئي آسمان ڏانهن کڻي ورتو.
• ٻيو عقيدو: اجمل خان صاحب جو آهي ته عيسىؑ سوريءَ تي چاڙهيا ويا ۽ حق جي واٽ ۾ شهيد ٿي ويا. قرآن جي بيان موجب جيئن ته هو شهيد آهي جيئرو آهي تنهن ڪري جيئرن وانگر کائي پيئي ٿو. ائين هر مسلمان عقيدو رکي ٿو ته عيسى ؑ سوريءَ تي چڙهي خوار نه ٿيو، باقي اهو مڃڻ ضروري آهي ته هو شهيد ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح الله تعالى ان جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو. يهودي ۽ عيسائي، ٻئي انهيءَ شڪ ۾ ڦاسي پيا آهن ته پاڻ سوريءَ تي گذاري ويا، پر عيسائي چون ٿا ته پاڻ جيئرا ٿي آسمان ڏانهن کنيا ويا.
• ٽيون عقيدو: اهو آهي ته عيسىؑ سوريءَ تي نه گذاري ويا، پر طوفان جي ڪري اهڙو موقعو پيدا ٿي ويو جو جج پيلاطوس جي ذريعي، جيڪو ڳجھي طرح حضرت عيسى جو پوئلڳ هو، کين بيهوشيءَ جي حالت ۾ سوريءَ تان لاٿو ويو ۽ پوءِ کين هڪ غار ۾ رکيو ويو جتي سندن علاج ٿيو ۽ چڱو ڀلو ٿيڻ کان پوءِ پاڻ گليل جبل ٽپي ويا هليا. انهن ٻنهي گليل جبلن تي گھاٽو ڪوهيڙو ڇانيل هو. عيسائين سمجھيو ته پاڻ آسمان ڏانهن هليا ويا آهن. حضرت عيسىؑ روم جي قابض علائقن مان نڪري ويو ته جيئن ٻيهر گرفتار نه ٿي سگھن. پاڻ لداخ جي خانقاهه ۾ ڪي ڏينهن گذاريائون ۽ ان کان پوءِ پاڻ ڪشمير اچي ويا جيڪو مٿانهين تي هو ۽ اتي چشما وهن پيا. اتي هڪ سئو ويهن سالن جي عمر ۾ گذاري ويا ۽ سري نگر جي ڳوٺ خانيار ۾ دفن ڪيا ويا.
يهودين تي سزائون:
يهودين ظلم ۽ ڪفر واري روش اختيار ڪري ورتي هئي ۽ وياج وٺڻ لڳا هئا، جنهن جو لازمي نتيجو قرضدارن جي غلامي هوندو آهي. وياج کان سواءِ بيماني ڪري ٻين جو مال ڦٻائي وڃڻ انهن جي عادت بڻجي پئي هئي. انهن ڳالهين جي سڀني شريعتن ۾ منع ٿيل هئي، تنهن ڪري انهن جي مٿان سزا جي طور تي ڪي ٻيون شيون به حرام ڪيون ويون.
آل عمران رڪوع 19:
پر يهودين ۾ پختي ايمان وارا ۽ اهي مسلمان جيڪي اڳين ڪتابن تي ايمان رکن ٿا ۽ قرآن کي به مڃين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي به ايمان رکن ٿا، اهڙن ماڻهن کي تمام وڏو اجر ڏنو ويندو.
نوٽ: قرآن ڪريم ڪيترين ئي جاين تي الراسخون في العلم، اهل ذڪر، اولي العلم جهڙا سڀئي لفظ اصل ڪتاب (يهودين ۽ عيسائين) جي لاءِ استعمال ڪيا آهن. انهن مان مراد هر دفعي اڳوڻن نبين ۽ ڪتابن کي مڃيندڙ ورتا ويندا آهن. انهيءَ ڪري والمؤمنون چئي ڪري چٽيءَ طرح ٻڌايو ويو ته انهيءَ مان مراد مسلمان نه پر يهودي آهن.
سورت آل عمران ۾ محڪمات ۽ متشابهات جي بحث ۾ به الراسخون في العلم مان جو مطلب يهودي ۽ عيسائي يعني ڪتاب وارا آهن.
قريش جو خط:
بدر واري هار کان پوءِ قريشن مديني جي يهودين کي خط لکيو ته توهان وٽ جنگي سامان به آهي، مضبوط ڪوٽ به آهن، پوءِ مسلمانن جو خاتمو ڇونٿا ڪريو؟ جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ توهان جي زائفن تائين پهچڻ کان اسان کي ڪابه شيءِ روڪي نه سگھندي.
هن خط کان پوءِ يهودين مسلمانن سان معاهدو ٽوڙي ڇڏيو ۽ مسلمانن جي وڌندڙ سگھه کي ڏسندي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ قريشن سان ڳٺ جوڙ ڪري ورتو.
هڪ مسلمان عورت پنهنجا ڳهه ٺهرائڻ جي لاءِ يهودين جي بنو قينقاع جي پاڙي ۾ وئي ته يهودين شرارت سان ان کي تنگ ڪيو. ان دانهون ڪيون ته جوش ۾ اچي هڪ مسلمان انهيءَ عورت سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙ يهودي کي ماري وڌو. رسول الله ﷺ پنهنجي سر پاڻ يهودين جي پاڙي ۾ هلي ويا ته جيئن اصل ڳالهه معلوم ٿئي. پر يهودين معاهدو ختم ڪري ڇڏيو ۽ قلعي جا دروازا بند ڪري ويهي رهيا. مٿان وري رسول الله ﷺ ڏانهن ڌمڪي ڏياري مُڪي ته کين قريش نه سمجھيو وڃي جيڪي واڻيا ۽ مذهبي ٺيڪيداري تي پيٽ گذر ڪندڙ آهن، پر پاڻ هڪ ويڙهاڪ قوم آهن.
بنو قينقاع وارن تي حملو:
ڇنڇر، 5 شوال 2 هه مطابق 11 فيبروري 624ع تي رسول الله ﷺ يهودين جي جنگ واري اعلان کي ٻڌي انهن تي حملو ڪري ڏنو. يهودين پندرنهن ڏينهن جي گھيراءَ کان پوءِ هٿيار ڦٽا ڪيا. عبدالله بن ابي سلول (منافق) انهن جي وڏي سفارش ڪئي، تنهن ڪري توريت جي حڪم موجب انهن کي قتل نه ڪيو ويو ۽ نه ئي انهن جي ٻارن ۽ عورتن کي غلام بڻايو ويو، پر انهن کي مديني مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. انهن کي چيو ويو ته اهي پنهنجي مالن جي بدران رڳو پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي وٺي وڃن. ان موقعي تي ست سئو يهودي، جن ۾ ٽي سئو زرهون پهرين جنگي جوڌا به شامل هئا، شام ڏانهن لوڌيا ويا.
سورت النساء رڪوع 7:
شراب جي روڪ جو پهريون حڪم اهو مليوته جڏهن نشي جي حالت ۾ هجو ته نماز نه پڙهو.
وضو جو حڪم:
نماز جي لاءِ تڙ يا وضو ڪري اچو، جيڪڏهن پاڻي نه ملي ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو.
سورت النساء رڪوع 8:
يهودي ڪن لفظن کي اهڙي طريقي سان ڳالهائن ٿا جو انهن جي خراب معنى نڪري ٿي. الله تعالى جي انهن تي لعنت آهي. اهي قرآن کي نٿا مڃن، جڏهن ته قرآن توريت جي تصديق ڪري ٿو. اهي شيطان جا پوڄاري ۽ پوڀن جي ڳالهين تي ويساهه رکندڙ آهن. توريت، ابراهيمي صحيفن ۽ قرآن کي نٿا مڃن. انهن جي سڀ کان وڏي ڪنجوسي اها آهي ته اهي وياج کانسواءِ ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.
اهي ماڻهو طاغوت ۽ ڀوپن کان فيصلو ڪرائين ٿا جڏهن ته معاهدي جي لحاظ کان، جيڪو 1 هه ۾ ٿيو هو، انهن لاءِ رسول الله ﷺ جي قانون موجب فيصلو ڪرائڻ ڀلو آهي. (نساء رڪوع 7 ۽ 8)
هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته يهودي توريت ۾ ڦيرگھير ڪونه ڪندا هئا، پر رڳو ڳالهه ٻولهه ۾ لفظن کي چٻي چٿي ڪي ڳالهيون ڪري ويندا هئا.
اها به ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته سورهء نساء ۾ اها ئي ڳالهه چئي وئي آهي ته يهودي شيطان جي حڪمن کي مڃن ٿا، مطلب ته توريت جي حڪمن جون شيطاني تشريحون ڪري يا ڀوپن جي ٻڌايل حڪمن تي، جيڪي توريت جي خلاف آهن، عمل ڪن ٿا ۽ اصلي توريت کي لڪائن ٿا يا اهڙيون عبارتون پڙهن ٿا، جيڪي ٻڌڻ ۾ توريت جون ڀاسجن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي توريت جون نه هونديون آهن، پر انهن جون پنهنجون گھڙيل هونديون آهن.
غزوه سويق:
ابو سفيان بدر جي بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو. تنهن ڪري هن يهودين جي قبيلي بنو نضير سان گڏجي سازش ڪئي ۽ مديني ۾ اچي انهن وٽ ترسيو ۽ موٽ تي هڪڙي انصاري کي ماري ڇڏيو ۽ ڪجھه ڇپرن کي باهه ڏياري ڇڏي، ڄڻ هن پنهنجو قسم پورو ڪري ورتو. رسول الله ﷺ خبر پوندي ئي انهن جي ڪڍ پيا پر هو ڀڄي ويو. اهو ذي الحج ٻه هجري جو واقعو آهي.
بي بي فاطمه جو حضرت علي رضي الله سان نڪاح:
انهيءَ ئي مهيني يعني ذي الحج 2 هه ۾ رسول الله ﷺ جي نياڻي فاطمه جو حضرت علي رضي الله سان نڪاح ٿيو.
سورت النساء رڪوع 10:
هاڻي خوني ويڙهه جو اعلانيه حڪم ملي ويو ۽ ان جي وضاحت به ڪئي وئي ته جيڪو الله تعالى جي نالي کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ وڙهندي وڙهندي ماريو وڃي يا سوڀ ماڻي، ٻنهي صورتن ۾ کين الله تعالى وٽان ثواب ملندو. انهن کي گھرجي ته ڪمزورن کي ظلم جي خلاف سوڀ ڏيارڻ جي لاءِ خوني ويڙهه شروع ڪري ڏين. طاغوت جي پوڄارين سان ضرور وڙهڻ کپي ته جيئن دنيا ۾ الله (يعني ماديت جي مقابلي ۾ روحانيت جو نالو مٿانهون ٿئي. پر منافق جهاد ۾ دير ڪن پيا ۽ گھرن پيا ته مسلمانن کي سوڀ نه ملي.
امتحان وارو سال 3 هه:
احد واري ويڙهه ۾ مسلمان جنهن مصيبت ۾ ڦاسي پيا، انهيءَ ڪري هيءُ سال امتحان يا پرکا وارو سال سڏجي ٿو.
غزوه غطفان:
قريشن جي عراق واري واپار کي ڌڪڻ لاءِ رسول الله ﷺ 12 ربيع الاول سنه 3 هه ۾ بنو غطفان تي حملو ڪيو، ڇو ته کين خبر پئي ته نجد ۾ مديني تي حملي جي لاءِ ٻه قبيلا گڏ ٿيا آهن. اتي پهچي خبر پئي ته اهي ٽڙي پکڙي ويا آهن پر انهن جو سردار ڪٿي لڪي ويو آهي. ان جو ارادو اهو هو ته پاڻ ڪريمﷺ کي ستل حالت ماري ڇڏي. ائين هو جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ ستل هئا ته مٿان اچي پهتو ۽ اگھاڙي تلوار ڏيکاري پاڻ ﷺ کي چوڻ لڳو ته ٻڌاءِ، هاڻي توکي مونکان ڪير بچائيندو؟ رسول الله ﷺ فرمايو ”الله!“. اهو ٻڌي هو ڏڪي ويو ۽ تلوار هٿ مان ڪري پيس، جيڪا رسول الله ﷺ جن کڻي ورتي. هاڻي هو نيازيون ڪرڻ لڳو ۽ مسلمان ٿي ويو. رسول الله ﷺ کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ قريشن جو عراق سان واپار ڪٽجي ويو جنهن ڪري اهي پنهنجي ايراني حليفن وٽ وڃڻ کان ڊڄڻ لڳا.
ڪعب بن اشرف يهودي جو قتل:
بنو نضير وارن جو شاعر ڪعب بن اشرف مڪي ويو ۽ سازش ڪئي ۽ رسول الله ﷺ ۽ مسلمانن جي گلا ۾ شعر چيا. ماڻهن کي مڇرائڻ لڳو ته ڪو ماڻهو وڃي ۽ ڊوهه ڪري رسول الله ﷺ کي ماري اچي. انهن حالتن کي ڏسندي اصحابن سڳورن رسول الله ﷺ جي حفاظت جي لاءِ پهرو ڏيڻ شروع ڪيو. مديني ۾ اچي هن رسول الله ﷺ کي مانيءَ جي دعوت ڏني ته جيئن کين ماري ڇڏي. آخر حضرت محمد بن مسلمه رسول الله ﷺ کان اجازت وٺي سعد بن معاذ جي صلاح سان ڪعب کي مارڻ جو فيصلو ڪيو. اهي ٻئي قرض گھرڻ جي بهاني سان وٽس رات جو لنگھي ويا ۽ زائفن ۽ ٻارن جي بدران پنهنجا هٿيار گروي رکڻ لاءِ تياري ظاهر ڪئي. اهو ٻڌي ڪعب دروازو کوليو، اندر وڃي انهن ٻنهي کيس ماري ڇڏيو ۽ راتو رات پاڻ ڪريم ﷺ کي اچي خوشخبري ٻڌائي.
قرده وارو سريو:
جمادي الآخر 3 هه (21 سيپٽمبر 624ع) رجب جي مهيني ۾ هڪڙو قافلو سدائين عراق ڏانهن واپار لاءِ ويندو هو. اتي وڃي سرءُ واري جشن ۾ شريڪ ٿيندو هو. يهودين جا ٺاهيل ڳهه ڏاڍو ناڻو ڪمائيندا هئا. عرب جو چمڙو، شراب ۽ چاندي جا هٿيار به پسند ڪيا ويندا هئا. هن قافلي ۾ ابو سفيان، صفوان بن اميه ۽ عبد الله بن ربيعه به هئا. حضرت زيد جي فوجي جٿي کي ڏسندي ئي ڀڄي ويا ۽ ايترو مال ڇڏي ويا جو ان جو پنجون حصو (خمس) به ويهه هزار درهم هو. هاڻي قريشن جي عراقي واپار جو به خاتمو ٿي ويو ۽ يهودين، منافقن ۽ مجوسي واپارين اسلام ۽ مسلمانن سان دشمني لاءِ سندرو ٻڌي ورتو.
سورت النساء رڪوع 12:
اهي ماڻهو جيڪي مڪي يا ٻين جائين تي هئا، سي هڪ پاسي ته مشرڪن سان مليل هئا ۽ ٻئي پاسي مسلمانن کي چوندا هئا ته اسان مسلمان آهيون. اهي اصل ۾ منافق هئا. حڪم ٿيو ته اهي جيستائين پنهنجي اصل ڳوٺن کان لڏي مديني ڏانهن مسلمانن وٽ نٿا اچن، انهن سان به ويڙهه ڪريو. باقي اهي منافق جيڪي معاهدو ڪيل قوم سان لاڳاپا رکن ٿا يا ٺاهه ڪري وٺن ته اهي انهيءَ حڪم کان ٻاهر آهن.
مومن کي قتل ڪرڻ جي سزا:
جيڪڏهن غلطيءَ سان توهان جي هٿان ڪو مؤمن قتل ٿي پوي ته هڪ ٻانهو آزاد ڪريو ۽ ان جو خون بها به ڏيو. جيڪڏهن قتل ٿي ويل مؤمن دشمن قوم منجھان هجي ته پوءِ رڳو غلام آزاد ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ٺاهه ٿيل قوم مان هجي ته غلام آزاد ڪريو ۽ فديو به ڏيو. جيڪڏهن قاتل مسڪين هجي ته ان لاءِ اهو آهي ته هو ٻه مهينا لڳاتار روزا رکي ۽ توبهه ڪري. ڄاڻي ٻجھي مؤمن کي قتل ڪرڻ وارو سدائين لاءِ دوزخ ۾ رهندو ۽ جيڪو ماڻهو چوي ته هو مؤمن آهي ته ان جي ڳالهه کي بنا ڪنهن شڪ جي مڃي وٺو.
سورت النساء رڪوع 13:
جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارن جو مرتبو مٿانهون آهي ۽ جيڪو مجاهدن جو همدرد آهي سو به ڄڻ ته مجاهد آهي.
سورت النساء رڪوع 14:
جيڪي ماڻهو مڪي کان هجرت ڪري اچي سگھن ٿا، جيڪڏهن اهي نه اچن ته انهن جو بهانو نه ٻڌو. اهي دوزخ ۾ داخل ٿيندا. انهن کي گھرجي ته اهي مديني ڏانهن لڏي اچڻ جي ڪوشش ڪن، پوءِ جيڪڏهن انهيءَ ڪوشش ۾ اهي مري به پيا ته اها حقيقت ۾ انهن لاءِ زندگي ئي هوندي.
سورت النساء رڪوع 21:
الله ۽ ان جي رسولن جو انڪار ڪرڻ ڪفر آهي. جيڪي ماڻهن انهن مان ڪن کي مڃن ۽ ڪن کي نه مڃن ته اهي حقيقت ۾ ڪافر ئي آهن. باقي جيڪي ڪنهن نبيءَ ۾ فرق نٿا ڪن سي ئي مؤمن آهن.
انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته دينن جي وحدت ئي انسانيت جو بنياد آهي. نبين ۾ فرق ڪرڻ سان وحدت قائم نٿي ٿي سگھي. انهن نبين ۾ آريائي ۽ زرد قومن جا نبي به شامل آهن، جيتوڻيڪ انهن جو نالو قرآن ۾ نه ورتو ويو آهي.
سورت النساء رڪوع 16:
اي رسول! جيڪو الله تعالى جو قانون آهي، توهان انهيءَ موجب فيصلو ڪريو ۽ منافقن جي چوڻ تي انصاف واري واٽ کان ڪڏهن به پاسيرا نه ٿجو.
سورت النساء رڪوع 18:
الله تعالى کي مڃيو ۽ نيڪ عمل ڪريو، اهو ئي ابراهيم خليل الله جو دين آهي. الله تعالى کي رڳو زباني مڃڻ ئي ڪافي نه آهي، پر انهيءَ جي لاءِ نيڪ عملن واري راهه اختيار ڪرڻ به ضروري آهي. الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ واري ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪئي ويندي. نيڪ عملن جي هڪڙي اهم شڪل توحيدي معاشري جو قائم ڪرڻ آهي، جنهن کي اڄڪلهه غير طبقاتي معاشرو سڏيو وڃي ٿو.
سورت النساء رڪوع 19:
عدل وارو نظام قائم ڪريو ۽ سچي شاهدي ڏيو پوءِ ڀلي اها توهان جي، توڙي توهان جي مٽن مائٽن جي خلاف ڇونه ويندي هجي. مطلب اهو آهي ته هر حالت ۾ انصاف کي قائم رکو.
مسلمانو! توهان کي يتيم ڇوڪرين سان سلوڪ بابت جيڪو حڪم ڏنو ويو آهي، سو عام عورتن جي باري ۾ به ان تي ئي عمل ڪريو. عورتن ۽ مردن کي هر طرح سان صله رحمي ڪرڻ گھرجي. مرد جي لاءِ اها ڳالهه مناسب نه آهي ته جيڪڏهن هر طرح جي ڪوشش کان پوءِ به جيڪڏهن زال سان ٺاهه نه ٿي سگھي ته نه ان کي طلاق ڏئي ۽ نه وري زال وارا حق ڏئي ۽ ان کي بي سهارو ڇڏي ڏئي. تمام ئي اڻبڻت جي صورت ۾ انهن ٻنهي کي جدا ٿي وڃڻ گھرجي. الله انهن کي پنهنجي رحمت سان غني ڪري ڇڏيندو. مطلب ته عورتن سان انصاف ۽ سهڻي سلوڪ سان پيش اچڻ گھرجي.
انهيءَ ئي زماني ۾ رسول الله ﷺ جي نياڻي بي بي ڪلثوم جو حضرت عثمانؒ سان نڪاح ٿيو، ڇو جو بدر واري ويڙهه واري زماني ۾ حضرت عثمان جي زال رقيه، جيڪا پڻ رسول الله ﷺ جي نياڻي هئي، گذاري وئي هئي. 15 رمضان ٽي هجري ۾ رسول الله ﷺ کي ڏوهٽو حسن رضي الله پيدا ٿيو.3 هجري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن بي بي حفصه ؒ سان نڪاح ڪيو. بيبي سڳوري حضرت عمر بن خطاب جي ڌيءَ هئي ۽ ان جو مڙس بدر واري ويڙهه ۾ شهيد ٿي ويو هو.
سورت محمد رڪوع 1:
جنگ ۾ جوانمردي سان ويڙهه ڪريو يعني غنيمت جي مال ڏانهن ڌيان نه ڏيو. ان کان پوءِ جيڪي قيدي بڻجي پون، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ غلام نٿو بڻائي سگھجي. انهن کي يا ته احسان ڪري آزاد ڪري ڇڏيو، يا وري فديو وٺي ڇڏي ڏيو. جيڪي فديو نه ڏئي سگھن، انهن کي احسان ڪري ڇڏي ڏيو، مطلب ته انهن کي توهان غلام نٿا بڻائي سگھو.
سورت محمد رڪوع 2:
منافقن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته آڳاٽي دؤر ۾ وڏيون وڏيون بادشاهتون تباهه ٿي ويون آهن، جن جي اڳيان مڪو ته ڪجھه به نه آهي. قيامت اوچتو اچي ويندي تڏهن هوش ۽ حواس گم ٿي ويندا ۽ ان وقت توبهه به ڪنهن ڪم جي نه ٿيندي.
سورت محمد رڪوع 3:
خوني ويڙهه واري حڪم تي منافقن ڳوڙها ڳاڙڻ شروع ڪيا ۽ چوندا هئا ته ويڙهه وارو حڪم اسان نه مڃينداسين، انهيءَ کان اسان کي معافي ڏيو، باقي توهان جا ٻئي سڀ حڪم مڃيندا سين.
سورت محمد رڪوع4:
مشرڪن سان مسلمانن کي ڪنهن به قسم جي ٺاهه جي اميد نه رکڻ گھرجي ۽ نه انهن سان ٺاهه جون ڳالهيون ئي ڪرڻ گھرجن. جيڪڏهن صبر ۽ ثابت قدميءَ کان ڪم وٺندؤ ته غالب رهندؤ. جهاد جي لاءِ مال ڏيڻ پنهنجي ئي مدد ڪرڻ آهي. جيڪڏهن توهان الله تعالى جو نالو مٿانهون نٿا ڪرڻ گھرو ته الله تعالى کي انهيءَ جي ڪابه پرواهه نه آهي. هو ڪنهن ٻي قوم کي پيدا ڪري ڇڏيندو جيڪا اهي ڪم ڪندي. الله تعالى بي پرواهه آهي جڏهن ته توهان سڀئي ان جي اڳيان محتاج آهي. ياد رکو ته ٺاهه ڪرڻ واريون ڳالهيون هيڻائيءَ جو دليل آهن.
سورت صف رڪوع1:
اي مؤمنو! جيڪو ڪجهه زبان سان چئو ته اهو ڪري به ڏيکاريو، رڳو ٻٽاڪون هڻڻ توهان جو شان نه آهي. ڪافر ڪيترو به ڪوشش ڪن ته الله تعالى جي هدايت واري روشنيءَ کي غلط پروپيگنڊا وارين ڦوڪن سان وسائن، ته اهي ايئن نه ڪري سگهندا مان اهو ئي احمد (فارقليط) آهيان، الله جو پيغام کڻي آيو آهيان ته ان الله تعالى جي ئي بندگي ڪريو جيڪو اڪيلو آهي. توهان کي توريت ۽ انجيل منجھان منهنجي دعوى جي خوشخبري ملي سگھي ٿي. سچو دين رڳو الله تعالى جي ٻانهپ ئي آهي جيڪو سڀني دينن تي سوڀارو ٿيندو.
سورت صف رڪوع 2:
فائدي وارو واپار اهو آهي ته الله جي واٽ ۾ جان ۽ مال سان ڪوشش ڪريو ته الله تعالى توهان جي مدد ڪندو ۽ جلد ئي توهان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي (نَصْرٌ مِّنَ اللہِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ).
الله تعالى پنهنجي رسول محمد ﷺ کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي ڪري موڪليو آهي ته جيئن هو ٻين ڪوڙن دينن کي ختم ڪري انهيءَ سچي دين کي سڀني تي سوڀارو ڪري (ہُوَالَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَہٗ بِالْہُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْہِرَہٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّہ).
سورت مائده رڪوع 6:
منافق يهودي جاسوسي ڪن ٿا ۽ الله تعالى جي ڪلام کي بدلائي بيان ڪن ٿا. مطلب ته ان جي اندر تحريف ڪن ٿا. اهي احمد جي ٻي معنى ٻڌائن ٿا جيڪڏهن اهي توهان وٽ ڪو فيصلو کڻي اچن ته جيڪڏهن دل گھريو ته چئي ڏيون ته توهان پاڻ ئي توريت موجب فيصلو ڪري ڇڏيو. جڏهن توهان خدائي ڪلام کي مڃيو ئي نٿا ته پوءِ موکي جج بڻائڻ ۾ ڪو فائدو ئي نه آهي.
سورت مائده رڪوع 7:
اي يهوديو! توريت ۾ توهان جي لاءِ هدايت ۽ نور آهي جنهن ۾ الله تعالى توهان جي لاءِ اک جي بدلي اک، ۽ جان جي بدلي ۾ جان جو قانون ٺاهيو آهي. عيسى پٽ مريم جو به توريت کي ئي مڃيندو هو، ايتري تائين جو قرآن به گذريل ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جيڪو فيصلو قرآن جو هوندو سو توريت (خدائي قانون) موجب ئي هوندو. انهيءَ ڪري عدل ۽ انصاف ڪرڻ وقت اها ڳالهه ڌيان ۾ رهڻ گھرجي ته توهان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ پوءِ جيئرو ٿي هر عمل جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. اهڙيءَ طرح عدل ۽ احسان قائم رهي سگھي ٿو ۽ ظلم ۽ خود غرضي گھٽجي سگھي ٿي.
سورت مائده رڪوع 8 ۽ 9:
جيڪي يهودي ۽ عيسائي ڪتاب الله کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا انهن کي پنهنجو دوست نه بڻايو. انهن جي هوڏ تي حيرت ٿئي ٿي. انهن کي گھرجي ته توريت ۽ انجيل جي حڪمن تي عمل ڪن، انساني برابريءَ کي ڌيان ۾ رکن ۽ وياج خوري ۽ ماڻهن تي ڏاڍايون ڪرڻ ڇڏي ڏين. فرقيواريت کان پاسو ڪن ۽ سڀئي هڪ ٿي وڃن ۽ ويڙهه لاءِ باهه نه ٻارين.
سورت مائده رڪوع 10:
هن دؤر جي پڄاڻيءَ تي سڀني قومن، خاص ڪري ڪتاب وارن کي هيءَ دعوت ڏني وئي ته سڀئي گڏجي توريت، انجيل ۽ قرآن جي حڪمن تي عمل ڪن. مؤمن يهودي، عيسائي، صابي ۽ مجوسي، جيڪو به الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ قيامت جي ڏينهن جزا ۽ سزا ملڻ کي برحق سمجھي ٿو ۽ انهيءَ تصور کي ڌيان ۾ رکي نيڪيءَ واري واٽ وٺي ٿو، سو پڪ سان خوف ۽ ڳڻتي کان ڇوٽڪارو ماڻيندو.
ڇوٽڪارو ڇا آهي؟ هن دؤر جي آخر ۾ انهيءَ ڳالهه جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته آخرت ۾ جزا ۽ سزا واري خيال کي دل ۾ رکڻ سان انسان نيڪيءَ واري واٽ تي هلي سگھي ٿو ۽ خوف ۽ ڳڻتيءَ واري حالت، جيڪا هن دنيا ۾ ۽ اچڻ واري زندگيءَ ۾ انسان مٿان ايندي، انهن ٻنهي کان ڇوٽڪارو ماڻيندو. ڄڻ ته خوف ۽ ڳڻتيءَ کان ڇوٽڪارو ماڻڻ ئي ڇوٽڪاري جو اسلامي تصور آهي. خوف يعني جنگ جو ضد امن آهي ۽ ڳڻتي جو ضد ۾ ابدي نعمتون ۽ راحت آهي. مطلب ته دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي پکيڙڻ ۽ مرڻ کان پوءِ نفس مطمئنه ۽ سڪون ۽ نعمتون حاصل ڪرڻ ئي اسلام جو پيغام آهي.
هتي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رهي ته زمين تي لاهڻ کان پوءِ هن دنيا واري زندگيءَ ۾ آدمؑ کي ٻه ميوا مليا جيڪي خوف ۽ ڳڻتي هئا اهي وري نتيجو هئا معاشري جو مالڪ ۽ غلام جي ٻن معاشي طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ جو. ڇو ته زراعت واري زماني ۾ پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن سگھارن ۽ چالاڪ ماڻهن قبضو ڪري ورتو، جن جو تعداد سموري انساني آبادي جي 10 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هو. جڏهن ته 90 سيڪڙو انسانن کي انهن پيداواري وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو. انهن وٽ رڳو پنهنجي محنت ئي هئي جنهن کي وڪڻي ڪري اهي پنهنجو پيٽ پالي سگھندا هئا.
معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ غلام زرعي غلام يعني ڪڙمي بڻجي ويو ۽ مالڪ واري جاگيردار بڻجي ويو. مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ زرعي غلام پگھاردار غلام (يعني نوڪر) بڻجي ويو جڏهن ته جاگيردار وري فيڪٽري جو مالڪ بڻجي ويو. اڄوڪي دؤر ۾ صنعتي سرمائيداري جو نظام قائم ٿي چڪو آهي ۽ سائنسي تجزيي سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام (مزدور) جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي. پيداواري وسيلن جو مالڪ پئسي جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪري ٿو. نه رڳو ايترو پر، علم ۽ تهذيب تي به پنهنجي ٺيڪيداري قائم ڪري وٺي ٿو.
مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڪارخاني جي ڇت هيٺان سوين هزارين مزدور ڪم ڪرڻ لڳا ۽ تحقيق واري سائنسي طريقي ترقي ڪئي ته خبر پئي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪڙو ڪارخانو قائم ڪري ٿو ته ڪجھه ئي سالن ۾ هو هڪ کان وڌيڪ ڪارخانن جو مالڪ بڻجي پوي ٿو. ٻئي پاسي مزدور جي اها حالت آهي جو هو انهن ڪارخانن ۾ پنهنجي محنت سان پيداوار ڪندو رهڻ جي باوجود به زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ به سڪندو رهي ٿو ۽ پيڙهين تائين مزدور ئي رهن ٿا.
جيستائين پيداواري وسيلا جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، ٻيلا ۽ تيل ۽ گيس جا ذخيرا چالاڪ ۽ خود غرض ماڻهن جي هٿن مان نڪري محنت ڪندڙ عوام جي ملڪيت ۾ نٿا اچن، اها حالت جيئن جو تيئن جاري رهندي. يعني هڪ پاسي خوشحالي ۽ آسودگي ته ٻئي پاسي وري غربت ۽ اڻڄاڻائي ۽ بدحالي جي اها حالت، معاشري ۾ اخلاقي برائين کي جنم ڏيندي رهندي. ائين انسان پنهنجي خلقڻهار کان پري ٿيندو ويندو.
قرآن ٻڌايو آهي ته زراعت واري زماني ۾ جڏهن معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو ۽ مالڪ جو ٻانهي تي ظلم وڌندو ويو ته نبين جي موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. نبين سڳورن خدائي توحيد جي عقيدي جي بنياد تي طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ جي رٿ ڏني. توحيدي معاشري ۾ پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هوندا آهن ۽ معاشرو غير طبقاتي بڻجي ويندو آهي. مزدور پنهنجي محنت سان جيڪو ڪجھه به پيدا ڪندو آهي ان جو مالڪ هو پاڻ ئي هوندو آهي. جيئن ته زمين ۽ ڪارخاني تي ملڪيت مزدور جي ئي هوندي آهي، انهيءَ ڪري ان جي پيداوار ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ منافعي جو هو پاڻ ئي مالڪ هوندو آهي. ٻئي پاسي اهڙي معاشري ۾ جيڪو ماڻهو محنت نٿو ڪري سو ڪنهن به شيءِ جو مالڪ نٿو ٿي سگھي ۽ نه ئي پيداواري وسيلن تي هن جو قبضو ٿي سگھي ٿو.
پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٿيو ائين جو مذهب جي هر بانيءَ کان پوءِ مذهبي پيشوائن پيداواري وسلين جي مالڪ بڻجي ويل جاگيردار ۽ ڪارخانيدار سان ملي ڀڳت ڪري، توحيدي معاشري کي قائم ڪرڻ واري تصور کي مذهب جي باني واري تعليم منجھان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو. انهن مذهبي پيشوائن رڳو عبادت جي ڪجھه رسمن جي پورائي ۽ عبادتگاهن جي اڏاوت ۽ انهن جي ٺاهه ٺوهه کي ئي آخرت جي ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻائي ڇڏيو ۽ عوام کي ٻڌايو ته غربت ۽ حڪومت الله سائين جي طرف کان هوندي آهي. انهيءَ ڪري غريب ۽ امير جي تقدير بدلائي نٿي سگھجي. انهيءَ عقيدي ڪروڙين انسانن کي ذهني طور تي گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پنهنجي محنت جي استحصال تي چپ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. غلام، شودر ۽ ٻئي ڪمي ڪاسبي اڄ تائين مذهب جي انهيءَ غلط تصور جي ٻنڌڻ ۾ سڪ هجڻ ڪري ئي پنهنجي محنت جي استحصال باوجود به چپ رهندا آيا آهن. هاڻي سائنسي مطالعي ۽ تجزيي انهيءَ ٺڳيءَ جي ٺاهه کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته الله تعالى اهڙي قسم جي ڪابه تقدير نه ٺاهي آهي. ڇو ته الله تعالى پنهنجي مخلوق جو دشمن نه آهي جو گھڻائي کي ته غربت ۽ بک ۾ رکي ۽ ڪن ٿورڙن ماڻهن کي دولت جي جھجھائي عطا ڪري ڇڏي.
اهو سڀ ڪجھه مذهبي پيشوائن ۽ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل مالڪن جي ملي ڀڳت جو نتيجو آهي جو ڪروڙين ماڻهو محنت ڪن ٿا ۽ ڪي ٿورڙا ماڻهو وري انهن جي محنت ۽ ڪمائيءَ تي عيش ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪري محنت ڪندڙن کي پنهنجي سمجھه کي جاڳائي ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري پيداواري وسيلن، جيئن زمين، ڪارخانن، کاڻين ۽ تيل جي ذخيرن وغيره تي قبضو ڪرڻ گھرجي. انهن جي لاءِ خوف ۽ ڳڻتيءَ مان ڇوٽڪاري جي اها ئي صحيح واٽ آهي. ٻي صورت ۾ ڪڏهن به عوام ۽ معاشرو خوف ۽ ڳڻتي يعني جنگ ۽ فساد، بک، جهالت، استحصال ۽ بي لاڀ ڪشالي مان ڪڏهن به جند آجي نه ڪري سگھندو.
مذهبي پيشوائن پاڪ ڪتابن ۽ قرآن جي تفسيرن مان توحيدي معاشري کي قائم ڪرڻ واري تصور کي ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي. اهي سدائين مذهبي حڪومت جو نعرو هڻي، پوءِ به استحصالي نظام ئي قائم ڪري ڇڏين ٿا.
اصل ۾ شروع کان وٺي هر مذهب ۽ اسلام جو عام پيشوا يا مذهبي ٺيڪيدار سرمائيداراڻي نظام جي پٺڀرائي ڪندو آيو آهي ۽ اڃا تائين ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري سائنسي تحقيق سان انهيءَ صورتحال کي ڄاڻڻ وارن مذهب کي ٿڏي ڇڏيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اخلاقي ڇڙواڳي وڌي وئي ۽ معاشري جا فرد پيداواري وسيلن جي اجتماعي ملڪيت ۾ اچي وڃڻ کان پوءِ، پنهنجي نفساني خواهشن جي پورائي ۾ لڳي ويا ۽ ائين گڏيل معاشرو به ڀڄي ڀري ختم ٿي ويو. سائنس اهو نٿي ٻڌائي سگھي ته انسان ڪٿان آيو آهي ۽ ان کي ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي. اهو رڳو مذهب ئي آهي جيڪو ان کي ٻڌائي ٿو ته هو الله تعالى جي حڪم سان آيو آهي ۽ ان کي موٽي وري به الله تعالى ڏانهن وڃڻو آهي. اهو نظريو هڪ فرد جي زندگيءَ کي مقصد ڏئي ٿو ۽ الله تعالى جي خالق هئڻ وارو تصور ۽ مرڻ کان پوءِ پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻ وارو عقيدو زندگيءَ جي انهيءَ مقصد کي عملي طرح سان ماڻڻ جي ضمانت ڏئي ٿو.
تنهن ڪري ڇوٽڪاري جو تصور رڳو مادي زندگيءَ ۾ آسودگي ۽ جنسي (Sex) ۽ ٻين نفساني خواهشن جو حصول زندگيءَ جو مقصد نه آهي. انسان جو ڇوٽڪارو روحاني بنيادن تي آهي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترو وڌيڪ اخلاقي قانونن جو پابند هوندو، ايترو ئي دنياوي ۽ اخروي ڇوٽڪاري جي ويجھو هوندو. اخلاقي قانونن جي پابندي جو نتيجو معاشي اڻبرابري ۽ غلاميءَ جو خاتمو آهي ۽ اها ئي حقيقي ڪاميابي آهي.
اهو مذهب ئي آهي جنهن ٻڌايو آهي ته ڪائنات ۽ انساني زندگيءَ ۾ طبعي قانونن سان گڏوگڏ اخلاقي قانون به موجود آهن ۽ اهي به طبعي قانونن وانگر اٽل آهن. سائنسي تحقيق رڳو طبعي قانونن تائين محدود هوندي آهي. مذهب انهن قانونن سان گڏوگڏ اخلاقي قانونن جي موجودگيءَ جي به ڳالهه ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته فردن، خاندانن ۽ قومن جي عروج ۽ زوال ۾ اخلاقي قدرن جو وڏو هٿ هوندو آهي. اهي تهذيبو ۽ قومون جن اخلاقي قانونن جي پابندي نه ڪئي ۽ دنيا پرستي کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو سي دنيا مان مري کپي ويون. تاريخ ۾ انهن جو رڳو نالو وڃي بچيو آهي.
قرآن ۽ ٻين خدائي ڪتابن جو ڇوٽڪاري واري تصور جو مقصد توحيدي معاشري جو قائم ڪرڻ آهي، جيڪو اخلاقي قانونن کي پنهنجي نفسيات ۾ راسخ ڪرڻ ۾ ئي سلهاڙيل آهي. طبقاتي معاشري ۾ رهبانيت جي مسلڪ تي عمل ڪري ماڻهو رڳو پنهنجي روحاني سگھ کي وڌائي سگھي ٿو، باقي ان سان گڏيل طور تي معاشرو اخلاقي ترقي نٿو ڪري سگھي.
اها ڳالهه به ڌيان ۾ رهڻ گھرجي ته سائنس ٻڌايو آهي ته انساني فطرت ۾ جنسي جذبو (Sex) بنيادي شيءِ آهي. جيڪڏهن انهيءَ جي تسڪين نه هجي ته ماڻهو مرگي، چريائپ ۽ هسٽيريا جهڙن ذهني بيمارين ۾ ڦاسي وڃي ٿو. انهن ۾ اهو جوش انهن لطيف فنن ۾ اڃا به وڌي ويندو آهي جن ۾ اوگھڙ ظاهر ٿيندي آهي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ مذهب ٻڌايو ته انساني فطرت خدائي نور تي ٻڌل آهي ۽ ان جي پورائي جي لاءِ اخلاقي قدرن ۾ پختگي ۽ گھڻي عبادت جي ذريعي الله تعالى سان لاڳاپو قائم ڪرڻ ضروري آهي. مذهب وٽ جنسي جذبي تي ضابطو ڪرڻ تمام ئي ضروري آهي. ان جو غير قانوني ۽ زندگي کي قائم رکڻ واري مقصد کانسواءِ اظهار ۽ استعمال فرد توڙي معاشري، ٻنهي جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هوندو آهي.
انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي، دنياوي ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري يا ڪاميابيءَ کي ٿورڙن لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري سگھجي ٿو ته اها گڏيل معيشت، اخلاقي گڻن ۾ پختگي ۽ گھڻي عبادت جي ذريعي الله تعالى سان لاڳاپي کي سگھارو ڪرڻ سان سلهاڙيل آهي.
دين جي تعليم ۾ تحريف ٿي وڃڻ دين ۽ ان جي تعليم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي. ڪو مريم کي الله جي ماءُ سڏي ٿو ته ڪو عيسىؑ کي الله جو پٽ چوي ٿو. ڪو اوسي رس (عزير) کي الله جو پٽ بڻائي وٺي ٿو ته ڪو وري فطرت جي قوتن کي خدائي صفتن سان واڳي انهن جي پوڄا شروع ڪري ٿو ڏئي. انهن سڀني تحريفن سان خوف ۽ ڳڻتي ڪڏهن به پري نه ٿيندي ۽ نه ئي اڄ تائين ان انسان جي جند ڇڏي آهي. حقيقي واٽ اها آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي واري اصول کي ڌيان ۾ رکي عمل ڪيا وڃن. انهن سڀني تحريفن سان انسان پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري عمل کان بچي نه سگھندو. دين جو تت اهو آهي ته الله تعالى تي ايمان آڻيندي نيڪيءَ واري واٽ وٺو يعني انهيءَ جي لاءِ هڪڙو توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو جوڙيو.
بدر جي سوڀ کان پوءِ:
بدر واري سوڀ کان پوءِ الله تعالى جي نالي سان گڏ رسول الله ﷺ جو نالو به اچڻ لڳو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيتوڻيڪ رياست ۽ حڪومت جي قيام جو بنياد رياست ۽ حڪومت جي خدائي قانونن موجب آهي، پر دنيا ۾ رياست جا قانون ۽ فيصلو ڪرڻ جو ڪم رياست جي امير يا اڳواڻ جي ذمي هوندو آهي، جيڪو ڪتاب ۽ خدائي قانونن جي مطابق عمل ڪرائڻ جي صلاحيت رکندو اهي.
هاڻي اهو دؤر اچي ويو هو ته معاشري ۽ رياست جا قانون، جيڪي مختلف دؤرن ۾ الله تعالى قومن کي ڏنا هئا، تن کي رسول الله ﷺ جن لاڳو ڪن ۽ هيڻن کي ڏاڍن کان سندن حق وٺي ڏين ۽ ڌرتيءَ تي الله تعالى جي قانون کي جاري ڪن. موجوده دؤر جي ٻوليءَ ۾ پيداواري وسيلن جي ملڪيت، ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي محنت ڪندڙ عوام جي حوالي ڪن ته جيئن محنت جي استحصال جو خاتمو ٿئي ۽ دولت ڪن ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ نه پئي ڦري، پر اها هر ڪمي ڪاسبي تائين پهچي سگھي. هاڻي انهيءَ دؤر ۾ هيڻي (ڪمي ڪاسبي) کي ڏاڍي (پيداواري وسيلن تي قابض) کان ان جو حق ڏيارڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي. اڄ جيئن ته پيداواري وسيلن تي انفرادي قبضي کي مڃيو ويو آهي، انهيءَ ڪري هيڻي کي ڏاڍي کان حق ڏيارڻ وارو عمل ختم ٿي ويو آهي ۽ انسان جيئن جو تيئن نقصان ڏسندو آيو آهي. (سورة العصر)
رسول الله ﷺ ڪڙمت جي مخالفت ڪندي ان کي وياجي ڪاروبار سڏي ڪري توحيدي معاشري جي قيام جو معاشي بنياد قائم ڪري ورتو هو. انهيءَ تي حضرت ابو بڪر صديق رضي الله کان پوءِ حضرت عمر رضي الله عمل ڪيو ۽ جڏهن ابوبڪر رضي الله جي دؤر جهڙي معاشي برابري قائم ڪرڻ ۽ غلاميءَ کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته انقلاب جي دشمن قوتن کين شهيد ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ معاشري کي گھرو ويڙهه ۾ ڦاسايو ويو، ايتري تائين جو مديني جي خلافت کي کڻي دمشق پهچايو ويو ۽ ان کي نبوت واري طريقي تان هٽائي بادشاهت واري طريقي تي بيهاريو ويو. اهڙيءَ طرح مدني رياست ۽ معاشري جي واڌويجھه رڪجي وئي جنهن کي خليفي ڊاڪٽر عبدالحڪيم اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي.
هيڻن کي ڏاڍن کان حق ڏيارن واري معاشرتي قانون کي لاڳو ڪرڻ جي طريقن تي انتظاميا جي ميمبرن سان صلاح مشورو ڪري سگھجي ٿو، پر قانون جو بنياد ڪتاب الله ئي هو، جيڪو رسول الله ﷺ ڏانهن وحي جي ذريعي نازل ٿيندو هو ۽ پاڻ انهن قانونن کي اڳوڻن ڪتابن جي روشني ۾ معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ نافذ ڪندا هئا. پر جيئن ته ٻڌايو ويو آهي ته انقلاب جي دشمن قوتن خلافت کي نبوي طريقي کان هٽائي انهيءَ قانون کي معاشري ۾ رائج ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ يورپ جي نئين سر ترقي تائين بادشاهت جي ڪاري رات مسلم امت جي مٿان ڇانيل رهي. اڄ ڪلهه امت اولهه جي سرمائيداراڻي نظام تي ٻڌل جمهوريت کي اسلامي جمهوريت تصور ڪري پنهنجائي رهي آهي، جنهن جو مديني جي گڏيل جمهوريت سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي.
سورت انفال رڪوع 3:
هن رڪوع ۾ مؤمنن کي چيو ويو آهي ته الله تعالى جي حڪمن ۽ رسول الله ﷺ جي ٻڌايل رستن تي عمل ڪريو ۽ يهودين يا مڪي جي مشرڪن وانگر خدا جي انهن حڪمن کان منهن نه موڙيو. فرمانبرداريءَ ۾ ئي توهان جي لاءِ حياتي آهي. نيڪي ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪريو ۽ انهيءَ فساد کان بچو جيڪو ظالمن سان گڏجي رهڻ يا انهن جي ظلم تي چپ ڪري ويهي رهڻ سبب رڳو ظالمن تي ئي نه پر انهن جي ڳجهن دوستن کي به ان وانگر پيهي ڇڏيندو. (وَاتَّقُوْا فِتْنَۃً لَّا تُصِيْبَنَّ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا مِنْكُمْ خَاۗصَّۃً) قرآن جي تعليم موجب پٺتي پيل ۽ محروم طبقن جو فرض بڻجي ٿو ته اهي پيداواري وسيلن تي قابض مالدار طبقن جي خلاف پنهنجو پاڻ کي منظم ڪري جاکوڙ ڪن ۽ پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قبضو حاصل ڪن. ٻي صورت ۾ اهي به خدائي عذاب جي لپيٽ ۾ اچي ويندا.
اهو وقت ياد ڪريو جڏهن توهان هيڻا ۽ تمام ئي ٿورا هئا. مشرڪن جو هر وقت خطرو رهندو هو، پر الله تعالى توهان کي مديني ۾ پناهه ڏني ۽ پنهنجي مدد پهچائي. توهان کي پاڪ غذا ڏني، تنهن ڪري توهان الله تعالى جو شڪر ادا ڪريو. ڪنهن سان به خيانت نه ڪريو ۽ نه مالڪ ۽ اولاد جي محبت ۾ الله تعالى جي حڪمن کي وساري ويهو.
سورت انفال رڪوع 4:
اهو وقت ياد ڪريو جڏهن مڪي جي ڪافرن رسول الله ﷺ کي پنهنجي چالاڪين سان قيد يا قتل ڪرڻ يا لوڌڻ ٿي گھريو. پر الله تعالى، جيڪو سڀني کان وڌيڪ سگھارو آهي، تنهن پنهنجي رسول کي حفاظت سان بچائي ورتو.
جڏهن مڪي جي ڪافرن کي قرآن جون آيتون پڙهي ٻڌائبيون هيون ته اهي چوندا هئا ته جيڪڏهن گھرون ته اسان به اهڙو ڪلام بڻائي سگھون ٿا. اهي ته رڳو آڳاٽا قصا آهن. اهي هيئن به چوندا هئا:
”اي الله، جيڪڏهن هي تنهنجو ڪلام آهي ته پوءِ اسان تي پٿر وساءِ يا ٻيو ڪو اهڙو ڏکوئيندڙ عذاب اسان تي نازل ڪر.“
پر ايئن ڪيئن ممڪن هو جڏهن جو الله تعالى جو رسول انهن وٽ موجود هجي ۽ عذاب اچي يا ڪي ماڻهو الله جي درٻار معافي گھري رهيا هجن ۽ پوءِ به عذاب اچي.
بهرحال هاڻي ڪو به بهانو نه آهي (ان حالت ۾ جو اهي مؤمنن کي مسجد حرام ڏانهن وڃڻ کان روڪيندا آهن) ته الله انهن تي عذاب نازل نه ڪري. (مطلب ته هاڻي نه ته رسول موجود آهي ۽ نه ئي توبه ڪرڻ وارو ۽ معافي گھرڻ وارا موجود آهن). هاڻي ته حالت اها آهي جو ڪافر ڪعبي جي چوگرد توبه ڪرڻ جي بدران پنهنجي بتن جي سامهون سيٽيون ۽ تاڙيو وڄائيندي، اگھاڙي حالت ۾ طواف ڪن ٿا. تنهن ڪري بدر واري ميدان ۾ پنهنجي هار جي صورت ۾ پنهنجي ڪافرانه روش جو مزو چکي وٺو. الله جي واٽ مان روڪڻ جي لاءِ بدر ۾ جيڪا دولت خرچ ڪري چڪا آهيو، ائين وري به ڪندؤ ۽ ارمان دل ۾ سانڍي وري به هار کائيندؤ. ان کان به وڏي ٽوٽ توهان لاءِ اها هوندي جو توهان مرڻ کان پوءِ دوزخ ۾ گھيڙيا ويندؤ.
سورت انفال رڪوع10:
(بدر جي) قيدين جيڪڏهن نيڪيءَ واري واٽ اختيار ڪئي ته انهن کان جيڪو ڪجھه ورتو ويو آهي، ته الله تعالى انهن کي ان کان به وڌيڪ عطا ڪري ڇڏيندو. پر جيڪڏهن خيانت ڪيائون ته وري به هار کائيندؤ جيئن پهريان به ان جو مزو چکي چڪا آهيو.
اهي مؤمن ٻانها جن هجرت ڪري پنهنجي مالن ۽ نفس سان جهاد ڪيو ۽ اهي عيسائي، جن مهاجرن کي پناهه ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي، سي هڪ ٻئي جا دوست آهن.
پر جن ٻانهن هجرت نه ڪئي، اهي جيستائين هجرت ڪري نٿا اچن تيستائين اهي توهان جا سنگتي نه آهن. اهي جيڪڏهن ديني معاملن ۾ مدد گهرن ته مؤمنن تي انهن جي مدد ڪرڻ واجب آهي. باقي جنهن قوم سان توهان جو دوستاڻو معاهدو آهي ته انهن جي خلاف توهان انهن جي مدد نٿا ڪري سگھو.
سچا مؤمن اهي مهاجر ۽ انصاري آهن جيڪي مجاهد آهن. بدر واري سوڀ کان پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ ان کان پوءِ مؤمنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جهاد ڪيو، سي به پهرين مهاجرن ۽ انصارن جي برابر آهن. (باقي جيستائين وراثت جو تعلق آهي، ته ڪجھه مائٽن کي ٻين تي اوليت هوندي) اهو ئي الله جو قانون آهي. ائين نه ٿيندو ته پهرين مهاجر کي وراثت ۾ هاڻي واري مهاجر تي فوقيت هوندي. الله هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو.