اسلامي انقلاب جي اٺين منزل
]شوال 3هه (جنوري 625ع) کان ذيقعده 6هه (فيبروري 628) [
• لڳاتار ٽن سالن تائين حوصلي ۽ ثابت قدميءَ سان مصيبتن جو مقابلو
• احد واري معرڪي ۾ هار ۽ سڄي عرب وارن جو گھيراءُ ڪرڻ
(احد کان بيعت رضوان تائين)
اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ
تاريخي پس منظر:
رومي سامراج 624ع ۾ آذربائيجان جي آتشڪدي کي تباهه ڪري چڪو هو، پر هڪ سال کان پوءِ پوڙهي خسرو پرويز جون فوجون 626ع ۾ فالسي دون ۾ پهچي وڃن ٿيون. اهو علائقو قسطنطينه جي آمهون سامهون سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اتي پهچي خسرو وچن ٿو ڪري ته هو هڪ سوريءَ چڙهيل ديوتا (مسيح ناصري) جي پوڄا ۽ هر قسم جي بت پرستيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ نج نور يا اهورا مزد جي دنيا ۾ حڪومت قائم ڪندو.
هوڏانهن صليب پرستن اصلي صليب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ صليبي جنگ شروع ڪري ڏني هئي. هرقل جون فوجون دجله واري علائقي ۾ 627ع ۾ گھڙي ويون هيون ۽ خسرو پرويز مقابلي جي سٽ نه سهي تيسي فون ڏانهن ڀڄي وڃي ٿو.
مسلمانن جي بهادري:
پر دنيا وارن کي اها ڄاڻ نه هئي ته سَوَ کان به گھٽ مهاجر حجاز جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پناهه وٺي قريشن جي واپارين جي واپار کي ڪٽي چڪا آهن. هاڻي قريش نه ته مديني واري رستي سان شام ڏانهن وڃي ٿا سگھن، نه نخله واري پاسي کان يمن ڏانهن وڃي ٿا سگھن ۽ نه ئي وري نجي واري رستي سان عراق ڏانهن وڃي ٿا سگھن. هر پاسي کان اسلامي مجاهدن جا ننڍا ننڍا جٿا واپار وارين مندن ۾ دڳ جھلڻ لاءِ موجود آهن. انهن هاڻي اهو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي ته جيستائين بيت الله ۾ الله جو نالو وٺڻ جي عام اجازت نه هوندي ۽ سڄي دنيا ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي دين ۽ اظهار جي آزادي تان پابندي نه کنئي ويندي، ان وقت تائين اهي مٺ جيترا مؤمن پنهنجي جان ۽ مال کي الله وٽ وڪرو ڪري قريشن جي زندگيءَ زهر ڪري ڇڏيندا.
وَقَاتِلُوْہُمْ حَتّٰي لَا تَكُوْنَ فِتْنَۃٌ وَّيَكُوْنَ الدِّيْنُ كُلُّہٗ لِلہِ
”اي مؤمنو! اسلام جي دشمنن سان ان وقت تائين وڙهو جيستائين انهن جو پيدا ڪيل فساد بلڪل ئي ختم نه ٿي وڃي ۽ زمين تي الله تعالى جي مرضيءَ وارو قانون نافذ نه ٿي وڃي.“
بدر واري سوڀ مسلمانن جي دل وڏي ڪري ڇڏي هئي. ٻئي پاسي يهودي ۽ منافق قريشن سان گڏجي اسلام جي خلاف سٽون سٽڻ لڳا هئا. ايتري تائين جو هاڻي ٽن سالن جو اهو دؤر شروع ٿيو جنهن ۾ مخالفن مسلمانن جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو هو ۽ حال اهو هو جو هر پاسي کان اوندهه انڌوڪار هئي ۽ مايوسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. جيڪڏهن رسول الله ﷺ کي پنهنجي مشن جي ڪاميابي جو حق اليقين ۽ الله جي مدد تي پورو پورو ڀروسو نه هجي ته دنيا وارن کي اڄ خبر به نه هجي ها ته عرب جي هڪڙي پرانهين علائقي ۾ ڪو اهڙو واقعو به ٿيو هو جنهن ۾ 313 مجاهدن هڪ هزار دشمنن جو مقابلو ڪيو هو ۽ ڪو اهڙو ماڻهو به پيدا ٿيو هو جيڪو اڪيلو ئي اڪيلو سڄي دنيا کي هڪ ڪرڻ ۽ امن ۽ سلامتيءَ واري واٽ تي آڻڻ گھري پيو.
احد واري ويڙه
قريشن جو ٻيو حملو
(ڇنڇر 14 شوال 3هه مطابق 26 جنوري 625ع)
هنده ۽ ٻين زائفن جو گيت:
نحن يبنات طارق منشي علي لنمارق
اسان آسمان جي ستارن جون ڌيئر آهيون اسان غاليچن تي هلڻ واريون آهيون
ان تقبلوا نعانق او تدبر و انفارق
جيڪڏهن وڙهندؤ ته توهان سان ڀاڪر پائينديون سين پر جيڪڏهن ڀڄندؤ ته پوءِ ڇڏي وينديون سين
فراق غير وامق
۽ ڪڏهن توهان جو منهن به نه ڏسنديون سين.
يهودين مڪي وڃي قريشن کي بدلو وٺڻ لاءِ ڀڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو. قريشن جي ڀوپن ۽ شاعرن قبيلن اندر بدلي جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي، ڇو ته هاڻي انهن کي هڪڙي حضرمي جو نه پر بدر ۾ مارجي ويل ستر جوڌن جو بدلو وٺڻو هو. قريشن اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو ته ابو سفيان جو اهو قافلو، جيڪو بدر مان بچي ويو هو، انهيءَ جو سمورو نفعو انتقامي ويڙهه جي تياري تي خرچ ڪيو ويندو. اهو نفعو هڪ هزار اُٺ ۽ پنجاهه هزار دينار هو.
رسول الله ﷺ انهيءَ صورتحال کان چڱيءَ طرح واقف هئا ۽ انفاق في سبيل الله جي نالي تي چندو گڏ ڪري رهيا هئا. عباس بن عبدالمطلب پل پل جون خبرون مديني ڏانهن موڪلي رهيو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جي صلاح هئي ته مديني جا يهودي ۽ منافق جيئن ته سازش ڪري رهيا آهن، انهيءَ ڪري مديني ۾ رهندي قلعو بند ڪري مقابلو ڪيو وڃي ۽ ٻاهر نه نڪرجي. پر نوجوان اصحابن جي زور ڀرڻ تي پاڻ پنهنجي رايو بدلايو ۽ فرمايو ته جيڪڏهن توهان ثابت قدم رهيا ته سوڀ ضرور ٿيندي.
قريشن ٽي چار هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو گڏ ڪري ورتا هئا جن ۾ ست سئو ته زرهون پهريل هئا. ان کان سواءِ ٻه سئو گھوڙيسوار ۽ ٽي هزار اٺ به هئن. ابوسفيان جي زال هند، جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪا امير معاويه جي ماءُ هئي، پندرنهن عورتون فوج جي جوانن کي جوش ڏيارڻ لاءِ ۽ گھايلن جي مرهم پٽي جي لاءِ گڏجي آيون هيون. بني عبدالدار (ڪعبي جي پوڄارين) جي هٿ ۾ جھنڊو هو ۽ هر ڪنهن جي زبان تي هبل جو نعرو هو. قريش هن دفعي پنهنجن سوارن ۽ پيادن کي اڳ ۾ ئي منظم ڪري چڪا هئا ۽ مديني کان ڪجھه ميلن جي وٿيءَ تي پهچي رڪجي پيا.
ٻئي پاسي مسلمانن جي هڪ هزار فوج مديني کان ٺهي سنڀري نڪتي هئي. جهاد جي شوق ۾ ڳڀرو نوجوان به سٿ ۾ شامل ٿي ويا هئا. ڪيترا منافق به لُٽ جو مال هٿ ڪرڻ جي خيال سان گڏجي پيا هئا. احد مديني کان ٽن چئن ميلن جي وٿيءَ تي هو. مسلمانن کي بدر وانگر پهريان پهچي جنگي ترتيب جو موقعو نه ملي سگھيو هو. منافق ابي سلول پنهنجي ٽي سئو ساٿين سان گڏ مديني کان ئي جدا ٿي ويو هو. اصل ۾ هن قريشن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڇڏي هئي. هن پنهنجي معاهدي جو بهانو پيش ڪيو ته هو رڳو مديني جي اندر رهي ئي وڙهندو. هاڻي باقي رڳو ست سئو مسلمان رهجي ويا هئا، جن مان رڳو سئو ماڻهن وٽ زرهون هيون. قريشن جنگ جو ميدان مديني کان ڏکڻ جي بدران اتر ۾ بڻايو هو ته جيئن مديني ۾ داخل ٿيڻ ۾ انهن لاءِ ڪابه رڪاوٽ نه رهي. پاڻ ڪريمﷺ جن تاڪيد ڪري سمجھايو ته مال غنيمت کي حاصل ڪرڻ کان پهريان سوڀ حاصل ڪجو. انهيءَ مقصد سان پاڻ عبدالله بن جبير جي اڳواڻيءَ ۾ پنجاهه تير اندازن کي هڪڙي لنگھه جي حفاظت جي لاءِ بيهاري ڇڏيو ته جيئن انقلابي لشڪر پٺئين پاسي کان ٿيندڙ حملي کان محفوظ رهي سگهي.
ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو ابو عامر فاش، جيڪو مديني جو هڪ منافق هو، تنهن قريشن جي پنجاهه ماڻهن سان گڏجي حملو ڪيو، پر پٿراءُ ڪرڻ جي ڪري واپس ڀڄي ويو. هاڻي عبدالدار قبيلي جي علمبردار مسلمانن کي مقابلي جي لاءِ للڪاريو، پر ان کي قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان عبدري قبيلي جا ماڻهو مقابلي جي لاءِ ايندا رهيا ۽ قتل ٿيندا رهيا.
هاڻي هند ۽ ڳائڻ واريون ٻئي زائفون ڀڄڻ لڳيون ۽ قريش به ميدان ڇڏي ڀڄڻ لڳا. اهو ڏسي تير اندازن سمجيو ته هاڻي سوڀ حاصل ٿي وئي تنهن ڪري انهن لنگهه کي خالي ڇڏي غنيمت جي مال ميڙڻ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو حضرت حمزي جهڙي جوڌي کي به هڪڙو نيزو لڳو ۽ اهو شهيد ٿي ويو. علمبردار مصعب بن عمير کي ابن قيمه شهيد ڪري ڇڏيو. صواب جا ٻئي هٿ ڪٽجي ويا پر هڪ ٻئي قريشي جھنڊو سنڀالي ورتو. ابن قيمه رسول الله ﷺ جي مٿي تي تلوار هنئي جنهن ڪري خود (لوهي ٽوپلي) جون ٻه ڪڙيون مٿي ۾ پيهي ويون. عقبه بن ابي وقاص اهڙو پٿر هنيو جو پاڻ ڪريمﷺ جو چپ مبارڪ ڪٽجي ويو ۽ ٻه ڏند به شهيد ٿي ويا ۽ پاڻ هڪڙي کڏ ۾ ڪري پيا. خالد بن وليد ٻه سئو سوارن سان لنگهه وٽان حملو ڪيو ۽ مسلمانن جي کٽيل بازي هار ۾ بدلجي ويئي. پاڻ ڪريمﷺ جن سخت گھائجي پيا هئا. جناب طلحه ؒ کين کڻي هڪ مٿانهين جاءِ تي پهچايو، جتي فاطمه پهچي وئي ۽ علاج ۾ لڳي وئي. هل پکڙجي ويو ته پاڻ ڪريمﷺ جن شهيد ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري ابوسفيان واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. مشرڪ عورتن مسلمانن جي لاشن جو مثلو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. قريش بدر ۾ پنهنجي ستر قتل ٿي ويلن جو ستر مسلمانن کي شهيد ڪري بدلو وٺي ورتو هو. انهيءَ ڪري سڀئي واپس موٽي ويا، ڇو ته هاڻي وڌيڪ رهڻ جي ضرورت نه رهي هئي.
ابوسفيان جبل تان هيٺ آيو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جو نالو وٺي سڏڻ لڳو. پاڻ ﷺ جن پنهنجي اصحابن کي چپ رهڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هن ابوبڪر کي سڏيو. جڏهن جواب نه مليس ته چوڻ لڳو ته سڀئي مري ويا آهن. پوءِ ابوسفيان چيو ته اسان جي عورتن مسلمان شهيدن جي لاشن جو مثلو ڪيو آهي يعني انهن جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري توهان ويڙهه جو مزو چکي ورتو ۽ اسان جي واپاري رستن تي رنڊڪون وجهڻ جو نتيجو ڏسي ورتو. جيڪڏهن هاڻي به توهان ۾ وِت آهي ته ايندڙ سال هن ئي موسم (رمضان يا شوال) ۾ بدر جي ميدان ۾ اچجو.
مشرڪن جا ٽيويهه ماڻهو مارجي ويا هئا جو انهن ڀاڄ کاڌي. پر مسلمانن جي مال غنيمت جي ميڙيءَ ۾ لڳي وڃڻ جي ڪري مهاجرن جا چار ۽ انصارن جا ڇاهٺ ماڻهو شهيد ٿي ويا. انهن شهيدن کي ٻه ٻه ڪري، رت هاڻن ڪپڙن سميت هڪ هڪ ڪري قبر ۾ دفن ڪيو ويو. رسول الله ﷺ جن فرمايو ته سڀئي جنتي ۽ جيئرا آهن.
احد جون ڪي خاص ڳالهيون:
1. سڃاڻپ: مسلمانن جي سڃاڻپ يا سندن جنگي نعرو ”احد احد“ هئي.
2. جھنڊو: ٻنهي جنگين ۾ ڪعبة الله شريف جي پوڄارين عبدالدار قبيلي جي هٿ ۾ جھنڊو هو. مسلمانن جي طرف کان احد جي ويڙهه ۾ مصعب بن عمير عبدري علمبردار هو جيڪو رسول اللهﷺ جي مهانڊي ۽ مديني ۾ پاڻ ڪريمﷺ جو ايلچي ٿي آيو هو، شهيد ڪيو ويو. (ان جي بيوه جو نالو حمنه بن جحش هو). هاڻي رسول اللهﷺ جن حضرت عليؒ کي عملبردار بڻايو، جن جي هٿان قريشن جا ٻارنهن علمبردار ماريا ويا.
قريشن جي علمبردارن جي قتل ٿي وڃڻ پڄاڻان ابي طلحه جي غلام صواب جھنڊو کڻي ورتو. جڏهن ان جا ٻئي هٿ ڪٽجي ويا ته هو جھنڊي تي ڪري پيو ۽ مري ويو جنهن تي حسان بن ثابت هي شعر چيو. ڇو ته هاڻي هڪ عورت اهو جھنڊو کڻي ورتو هو:
فلو لا لواء الحارثيه اصبحوا
يباعون فيَ الاسواق بيع الجلائب
جيڪڏهن اها زائفان جهنڊو نه کڻي وٺي ها ته سڀئي قريشي ٻيهر غلام ڪري بازارن ۾ وڪرو ڪيا وڃن ها، ان جي چوڦير گڏ نه ٿي سگھن ها.
3. ام عماره جي بهادري: سيده ام عماره نسيبه بنت ڪعبه المازينه فرمائي ٿي ته مان پاڻي پيارڻ جي لاءِ صبح جو سوير ئي نڪري پئي هيس. مون رسول الله ﷺ جي ويجھو پهچي ڏٺو ته مسلمانن کي شڪست ٿي چڪي هئي. مون تيرن ۽ تلوارن کان رسول الله ﷺ جي حفاظت ڪئي. جڏهن ابن قيمه اڳتي وڌيو ته مون ۽ مصعب بن عمير ۽ ٻين ماڻهن، جيڪي رسول الله ﷺ وٽ موجود هئاسين، ان کي روڪيو ۽ ان تي تلوار جا ٻه وار ڪيا، پر ان کي ٻه زرهون پهريل هيون. ان کان پوءِ هن ام عماره جي ڪلهي تي تلوار هنئي جنهن سان ان کي گھرو گهاءُ پهتو ۽ ان جو نشان سڄي عمر رهيو.
4. طلحه رضي الله ۽ سعد رضي الله : هن ويڙهه ۾ اهڙو وقت به آيو جو نبي ڪريمﷺ وٽ طلحه ۽ سعد بن ابي وقاص کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه رهيو. (اهي ٻئي بزرگ ظاهر ظهور دعوت واري زماني ۾ سابقون الاولون منجھان هئا).
5. جيئرو جاڳندو شهيد: جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن زخمي حالت ۾ کڏ ۾ ڪري پيا ته حضرت علي رضي الله ۽ حضرت طلحه رضي الله پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ٻاهر ڪڍيو. انهيءَ تي پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو هلندڙ ڦرندڙ شهيد کي ڏسڻ گھري ته اهو طلحه کي ڏسي وٺي.
6. يوم سبت: ٺاهه موجب يهودين لاءِ به ضروري هو ته اهي به جنگ ۾ مسلمانن جو ساٿ ڏين ها، پر انهن بهانو اهو پيش ڪيو ته ڇنڇر جي ڏينهن اسان لاءِ جنگ حرام آهي. انهيءَ تي هڪ يهودي مخريق اڪيلو ئي جنگ جي لاءِ نڪري پيو ۽ شهيد ٿي ويو. انهيءَ جي لاءِ رسول الله ﷺ فرمايو ته اهو ڀلي ۾ ڀلو يهودي هو.
7. ملائڪ: اهو سڀني مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته اهو ملائڪن تي ايمان آڻي. مڪي واري دؤر ۾ نازل ٿيندڙ قرآن ۾ ملائڪن ۽ روح الامين (جبرائيلؑ) جو ذڪر آهي. ان کي رسول الله يعني الله جو قاصد (پيغام آڻيندڙ ملائڪ) به چيو ويو آهي. سورت انفطار ۾ به ٻن لکندڙ ملائڪن جو ذڪر آهي. سورت المدثر جي هڪ آت ۾ ملائڪن کي جنود الله به سڏيو ويو آهي. سورت انفطار ۾ به ٻن ڪاتب ملائڪن جو ذڪر آهي. سورت التطفيف ۾ انهن کي المقربون ۽ سورت التڪوير ۾ انهن کي رسولِ ڪريم چيو ويو آهي. سورت والنجم ۾ جبرائيل يا الله جي قوت واري ساڳي معنى رکندڙ لفظ شديد القوى آهي. سورت الحجرات ۾ مرسل ۽ سورت الشعرا ۾ روح الالمين چيو ويو آهي. سورت المؤمن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي الله تعالى جي عرش کي کڻي بيٺل آهن (اَلَّذِيْنَ يَحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ). هن ۾ الروح ۽ القدس جو به ذڪر آهي. سورت الفاطر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن جا ٻه ٻه، ٽي ٽي ۽ چار چار پر به آهن. سورت الجن ۾ حرساً شديداً ۽ آسمان جا محافظ به ٻڌايو ويو آهي. سورت بني اسرائيل ۾ چيو ويو آهي ته ڪافر ملائڪن کي ماديون سمجھن ٿا، جڏهن ته اهي ماديون يعني هيڻا نه پر نر يعني سگھارا آهن.
مديني ۾ اچي سورهء انفال ۾ هزار ملائڪن سان بدر جي مسلمانن جي مدد جو ذڪر آهي. پر هتي رڳو ايترو ٻڌايو ويو آهي ته اها مسلمانن کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ هڪ خوشخبري هئي ” وَمَا جَعَلَہُ اللہُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِہٖ قُلُوْبُكُمْ۰ۚ “ (الانفال:10) جيئن ته انهيءَ جنگ ۾ مسلمانن کي سوڀ حاصل ٿي هئي، انهيءَ ڪري عام مسلمان اهو ئي سمجھن پيا ته ملائڪن اچي ڪري مقابلو ڪيو هو، پر بدر ۾ مجاهدن ستر ماڻهن کي قتل ڪيو هو ان جو ذڪر موجود آهي.
احد ۾ به ملائڪن جي مدد جو واعدو هو، پر هار ٿي وئي. انهيءَ ڪري قرآن انهيءَ معاملي کي صاف ڪيو ته جيڪڏهن توهان صبر ۽ ثابت قدمي سان ڪافرن جو مقابلو ڪندا رهو ها ته رڳو ٽي هزار ملائڪ ئي نه پر پنج هزار ملائڪ الله جي طرف کان توهان جي مدد ڪن ها. پوءِ ٻڌايو ته اها رڳو توهان جي لاءِ خوشخبري هئي ” وَمَا جَعَلَہُ اللہُ اِلَّا بُشْرٰى لَكُمْ وَلِتَطْمَىِٕنَّ قُلُوْبُكُمْ بِہٖ۰ۭ “ (آل عمران:126). انهيءَ مان چٽيءَ طرح ظاهر آهي ته ملائڪن جو مطلب الله تعالى طرفان عطا ڪيل صبر ۽ ثابت قدمي جي سگھه ۽ طاقت هئي.
مسلمانن جو جوابي حملو ۽ ڪڍ پوڻ:
ٻئي ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت علي رضي الله کي ڪافرن جي خبر چار لهڻ لاءِ موڪليائون ۽ سمجھايائون ته جيڪڏهن انهن جا گھوڙا خالي پلاڻيل هجن ۽ اهي پاڻ اٺن تي چڙهيل هجن ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته انهن جي موٽي اچي حملي ڪرڻ جو ارادو نه آهي. انهيءَ مان چٽيءَ طرح ظاهر آهي ته پاڻ ﷺ جن نه رڳو عربن جي نفسياتي ڪيفيتن جي ڄاڻ رکندا هئا، پر انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ جنگي چالن کان به چڱيءَ طرح واقف هئا. حضرت علي رضي الله اطلاع ڏنو ته جيتوڻيڪ انهن جا گھوڙا خالي پلاڻيل آهن، پر هو موٽي ٻيهر حملو ڪرڻ جي لاءِ صلاحون به ڪري رهيا آهن ته جيئن مسلمانن کي بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏجي. اهو ٻڌي ڪري پاڻ ﷺ معبد خزاعي کي، جنهن اڃا تائين پنهنجو اسلام آڻڻ ڪنهن اڳيان ظاهر نه ڪيو هو، ابو سفيان ڏانهن دوستاڻي صلاح ڏيڻ لاءِ روانو ڪيو. هن وڃي ڪري قريشن کي ٻڌايو ته مسلمانن جو هڪ وڏو لشڪر، توهان کان بدلو وٺڻ لاءِ توهان جي ڪڍ پيو آهي، سو ڀلو انهيءَ ۾ اٿو ته ڀڄي جان بچايو.
هيڏانهن رسول الله ﷺ جن پڙهو ڏياريو ته جيڪي ماڻهو احد ۾ شامل هئا، سي دشمن تي جوابي حملي لاءِ تيار ٿي وڃن. هن دفعي جھنڊو حضرت ابوبڪر کي ڏنو ويو ۽ ٻئي ڏينهن تي اسلامي لشڪر حمراء الاسد پهچي ويو ۽ ميدان ۾ دشمن تي داٻو ڪرڻ لاءِ رات جو پنج ڇهه هزار چلهيون ٻاريون ويون. دشمنن جو اهو ڏٺو ته سمجھيائون ته ڪو وڏو لشڪر پهچي ويو آهي، سي انهن کڻي کڙيءَ تي زور ڏنو. پاڻ ﷺ ٽي ڏينهن اتي رهڻ کان پوءِ واپس موٽي مديني ۾ آيا.
هوڏانهن يهودين ۽ منافقن تي اهو اثر ٿيو جو اهي سمجھي ويا ته مسلمانن کي اتفاق سان هار ٿي آهي. ٻئي پاسي مسلمانن کي به پڪ ٿي وئي هئي ته جيڪڏهن اهي صبر ۽ ثابت قدميءَ سان وڙهندا رهن ها ته قريشن کي ته هارائي ئي چڪا هئا. مال غنيمت کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي جنگي سستيءَ ئي انهن جي سموري نظم کي خراب ڪري ڇڏيو. انهن عهد ڪيو ته هاڻي ڪڏهن به پنهنجي امير جي فرمانبرداريءَ کان هڪ انچ به هيڏي هوڏي نه ويندا.
احد واري ويڙه جو قرآن ۾ ذڪر:
هن جنگ جي باري ۾ سورت آل عمران ۾ اشارا ڏنل آهن. بنو سلمه ۽ بنو حارثه به منافقن جي پيروي ڪندي واپس وڃڻ وارا ئي هئا، پر پاڻ ڪريمﷺ طرفان کين سمجھائڻ تي ته صبر ۽ ثابت قدميءَ کان ڪم وٺندؤ ته الله ۽ ان جا ملائڪ توهان جي مدد ڪندا، اهي جيتوڻيڪ گڏجي ته آيا هئا، پر پوءِ به انهيءَ ذهني ڇڪتاڻ ۾ ئي رهيا جنهن ڪري آخر ڪار شڪست ٿي پئي.
ملائڪن جي مدد جو مطلب اهو هو ته همت ۽ اطمينان يعني الله تعالى جي مدد جو جيڪڏهن پڪو يقين پيدا ٿي وڃي ته اهو ملائڪن جي طاقت جي برابر ٿي ويندو آهي ۽ ڪافرن جي دلين ۾ اهڙو ته رعب پيدا ڪري ڇڏيندي ها جو اهي اٿي ڀڄن ها.
سورت آل عمران رڪوع 14:
ٻيڻو ٽيڻو وياج کائڻ وارن يهودين کي خبر هئڻ گھرجي ته انهن جي لاءِ انهيءَ کان ڀلو اهو آهي ته اهي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ جهاد لاءِ خرچ ڪن. (يهودي پنهنجي ڪنجوسيءَ جي ڪري جنگ جي لاءِ چندو نه ڏيندا هئا).
بزدلي ۽ بدنظمي جي ڪري وڏيون وڏيون فوجون به هارائجي وينديون آهن. بدر ۾ ٿورڙن مسلمانن مشرڪن جي هڪ وڏي تعداد کي هارائي ڇڏيو. هن دفعي منافقن جي ڪري ايمان ۽ هميت ۾ گھٽتائي پيدا ٿي وئي، تنهن ڪري اڳتي ڪمزوري نه ڏيکارجو. هي هڪڙو امتحان آهي، انهيءَ کان سواءِ توهان کي بهشت نصيب نه ٿي سگھندو. (ڏسو بقره 26)
سورت آل عمران رڪوع 15 ۽ 16:
هاڻي جنگ جو طريقو بدلايو وڃي ٿو. سوڀ ۽ هار جو دارومدار فوج جي اڳواڻ يا سپهه سالار جي قتل ٿي وڃڻ تي نه هئڻ گھرجي. جنگ هڪ اصول (يعني نظريي) لاءِ وڙهي ويندي آهي. تنهن ڪري هڪڙي ماڻهو جو موت سڄي جماعت جي هارائڻ جو سبب نه ٿيڻ گھرجي. موت جو هڪ وقت مقرر آهي. پوءِ اصول يا نظريي جي سوڀ جي لاءِ آخري گھڙي تائين وڙهو. هاڻي جنگ جماعتي بنياد تي ٿيندي، پوءِ ڀلي امير يا سردار ڪيترائي ڇونه مارجي وڃن پر پير پٺتي نه کڄڻ گھرجن. محمد ﷺ ته رڳو الله جو رسول آهي. ان جي مري يا مارجي وڃڻ تي جماعت جي ٻڌي ۽ ان جي ترقيءَ تي ڪوبه اثر نه پوڻ گھرجي. ان جو پيغام موجود رهندو ۽ ان اصول تي عمل ٿيڻ گھرجي.
دولت جي لالچ توهان جي سوڀ کي هار ۾ بدلائي ڇڏيو. الله تعالى جيڪو واعدو ڪيو هو سو سچ هو. بهرحال اهو هڪ امتحان هو. هاڻي وري اهڙي غلطي نه ڪجو. هن وقت تائين جو ڪجھه ٿيو سو توهان کي معاف ڪيو وڃي ٿو. توهان ڀڄي رهيا هئا، جڏهن ته الله جو رسول توهان کي سڏي رهيو هو. شيطان جي ٺڳيءَ توهان کي هيڻو ڪري ڇڏيو هو. الله توهان جي انهيءَ غلطيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.
سورت آل عمران رڪوع 17:
قوم جي لاءِ مرڻ دولت گڏ ڪرڻ کان ڀلو آهي. بهرحال توهان جيڪا انحرافي ڪئي انهيءَ کي نرم دل واري نبيءَ معاف ڪري ڇڏيو آهي. هو اڳتي به توهان سان صلاح مشورو ڪندو رهندو. جيڪو جماعت يا انسانيت جي ڀلائيءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙيندي شهيد ٿي ويندو آهي، انهيءَ کي موت نه ايندو آهي (وَلَا تَحْسَبَنَّ الَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللہِ اَمْوَاتًا۰ۭ). الله جي ٻانهپ ڪندڙ ڪڏهن به گيدي نه ٿيندو آهي.
سورت آل عمران رڪوع 15:
الله وارن کي ڪڏهن به خوف نه ٿيندو آهي. باقي جيڪي شيطان جا پوڄاري هوندا آهن، اهي ئي مرڻ کان ڊڄندا آهن. جيڪي مؤمن آهن سي شيطان کان نه ڊڄندا آهن. هن جنگ ۾ اها ڳالهه به سامهون اچي وئي ته منافق رڳو ڦرمار جي لاءِ ويندا آهن ۽ جڏهن انهن کان جنگي چندو گھرو ته هڪ پئسو نه ڏيندا. يهودين جي ته اها حالت آهي (جو معاهدي جي باوجود به) اهي الله جي نالي تي، بنا وياج جي قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته انهن کي خوشدليءَ سان چندو ڏيڻ گھربو هو. اهي چون ٿا ته الله فقير آهي.
سورت آل عمران رڪوع 19:
الله تعالى جو نالو مٿانهون رکڻ وارن جو ڪم سئولو نه آهي. اهو ڪم جان ۽ مال جي قرباني گھري ٿو، جنهن ۾ ماڻهو کي وڏي امتحان مان گذرڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ وڃي الله تعالى جي رضا نصيب ٿئي ٿي. يهودي توريت جي حڪمن ۾ تحريف ڪن ٿا ۽ حق کي ڪوڙ سان لڪائن ٿا. پر مسلمانن جو فرض آهي ته اهي صبر ۽ پرهيزگاري کان ڪم وٺن جو اهو وڏي همت وارو ڪم آهي.
سورت آل عمران رڪوع 20:
الله تعالى جي وجود جي ثابتيءَ لاءِ زمين ۽ آسمان ۾ موجود نشانين کي ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي. جيڪي عقل ۽ سمجھه رکندا آهن اهي الله تعالى جي خلقت ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن ۽ ان ۾ ٻڏل هوندا آهن. اهي حقيقت جي تهه تائين پهچڻ لاءِ الله تعالى کان مدد گھرندا رهندا آهن.
هن ڪائنات جي تخليق جو هڪڙو مقصد آهي. هيءَ سڄي ڪائنات ڪو بي مقصد حادثي جي نتيجي ۾ پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ جو هڪڙو مقصد آهي. جن ماڻهن هجرت ڪئي يا زوريءَ گھرن مان لوڌيا ويا يا الله جي ٻڌايل واٽ تي هلڻ جي ڪري ايذايا ويا ۽ پوءِ اهي پنهنجي حق جي راهه تي ايندڙ رڪاوٽن جي خلاف وڙهيا ۽ ان جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويا ته اهي سڀئي پرهيزگار آهن ۽ ضرور بهشت ۾ داخل ٿيندا. اهڙيءَ طرح اهي ڪتاب وارا جيڪي الله تعالى کي مڃن ٿا ۽ رشوت وٺي الله تعالى جي قانونن ۾ تحريف نٿا ڪن انهن کي به الله تعالى وٽان چڱو اجر ملندو.
صبر ۽ ٻڌيءَ سان سوڀ حاصل ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري توهان جي لاءِ ضروري آهي ته رڳو الله تعالى کان ئي ڊڄندا رهو. اها ڳالهه ئي توهان ۾ حوصلو ۽ ثابت قدمي پيدا ڪندي ۽ ڪاميابيءَ جو سبب بڻبي.
سورت النساء رڪوع 24:
احد واري ويڙهه ۾ ڪيترائي مسلمان شهيد ٿيڻ سان ٻار، خاص ڪري ڇوڪريون يتيم ٿي پيون هيون، تنهن ڪري هن موقعي تي ميراث جا حڪم ٻڌايا ويا ۽ ميراث ۾ زائفن جا حق مقرر ڪيا ويا. اهو دنيا جو پهريون قانون هو جنهن عورتن جي درجي کي مٿانهون ڪيو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ به يتيم هئا ۽ سمجھن پيا ته يتيم ڇوڪرين ۽ بيواهه عورتن سان دنيا ۾ ڪيترو بڇڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. ڪن ملڪن ۾ ته اهي مئل مڙس سان سڙي مرڻ پسند ڪنديون هيون. هتي اهو به ٻڌايو ويو ته مشرڪ عورت جي مقابلي ۾ مؤمن عورت سان نڪاح ڪرڻ ڀلو آهي.
اهڙي طرح زال کي ٽنگيل ڇڏي ڏيڻ کان ڀلو آهي ته انهيءَ کان جدائي اختيار ڪريو. (ڏسو سورت النساء جو رڪوع 2 ۽ 18)
سورت النساء، رڪوع نمبر 15:
مسلمانن کي گھرجي ته جيڪڏهن انهن کي ڪافرن جي فتنن جو خطرو هجي ته اهي سفر جي حالت ۾ پنهنجي نماز کي ڀلي گھٽائي پڙهن ۽ پنهنجي حفاظت جو خيال ڪن، اهڙي طرح جو انهن مان اڌ ماڻهو نماز پڙهن ته اڌ وري نماز پڙهڻ واري جي حفاظت ڪن.
جيئن ته انهيءَ ئي سال پاڻ ڪريم ﷺ جن بيبي ام سلمه مخزوميه ؒ سان نڪاح ڪيو. هوءَ عبدالله بن الاسد جي بيوهه هئي. ان کانسواءِ پاڻ حضرت جويريه سان نڪاح ڪيائون جيڪا خزاعه قبيلي مان هئي. هوءَ جنهن ماڻهوءَ جي پَتي ۾ آئي هئي، تنهن کان پاڻ ﷺ جن کين خريد ڪري آزاد ڪيو ۽ ان کان پوءِ ساڻن نڪاح ڪيائون. پاڻ پنهنجي پتيءَ ۾ آيل سڀني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيائون. اهو ڏسي ڪري مسلمانن به حضرت بيبي جويريه ؒ جي قبيلي وارن جي سڀني قيدين کي بنا فديو وٺڻ جي آزاد ڪري ڇڏيو.
نڪاح جا اثر:
رسول الله ﷺ ۽ اسلام جي مخالفن سدائين تاريخي حالتن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ڪندا رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجي مذهب کي سچو ثابت ڪن. قرآن پاڪ خدا پرستيءَ جي ڪنهن به طريقي کي خراب نٿو پيو چوي، اڃا به ورجائي ورجائي سمورن نبين ۽ انهن تي نازل ڪيل ڪتابن ۽ صحيفن جي تصديق ڪندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري انهن جي ڪنهن به اعتراض جي ڪابه اهميت نه آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جون سموريون شاديون اسلام جي خدمت جي لاءِ ئي هيون ۽ سدائين پاڻ خلق خدا جي فائدي ۽ الله تعالى جي دين جي سربلنديءَ جو خيال رکيائون.
حضرت بيبي جويريه جو قبيلو خزاعه مڪي جي آس پاس موجود هئو. انهيءَ قبيلي کي اسلام ۾ آڻڻ جي رڳو هڪڙي ئي صورت هئي ۽ اها هيءَ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن سان پنهنجي مِٽي ڪن ۽ انهن تي ايترو احسان ڪن جو اهي ان جو ٿورو لاهي نه سگھن. پاڻ ﷺ جن ايئن ئي ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هن قبيلي جي سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٻين مسلمانن به ايئن ئي ڪيو ۽ هن قبيلي جا سمورا قيدي بنا فديوادا ڪرڻ جي آزاد ٿي ويا. اهڙي احسان انهن کي سدائين جي لاءِ اسلام ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جو غلام بڻائي ڇڏيو.
هن نڪاح جو اهو نتيجو نڪتو جو جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن 6 هجري ۾ عمري جو احرام ٻڌو ته هن ئي قبيلي جي ماڻهن رسول الله ﷺ جن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڏني ته قريش وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ان کان پوءِ هن قبيلي جي ماڻهن قريشن کي وڃي پاڻ ڪريم ﷺ جي جنگي سگھه کان ڊيڄاريو ۽ ٺاهه جي لاءِ مجبور ڪيو. آخرڪار هن ئي قبيلي جي ڪري، اڳتي هلي مڪو پاڪ بنا ڪنهن ويڙهه جي فتح ٿي ويو. ڏسو ته رڳو هڪڙي ئي نڪاح ڪهڙي طرح دنيا جي تاريخ جو پاسو ئي ڦيرائي ڇڏيو ۽ اسلام جي سياسي ڪاميابيءَ جي تمهيد بڻجي دنيا کي امن وارو بڻائي ڇڏيو.
انهيءَ ئي سال حضرت حسين بن عليؒ جي پيدائش ٿي. يعني شعبان سن 4 هه ۾ حسين ؒ پيدا ٿيو. حضرت عبيده المطلبي جي بيواهه حضرت زينب سان پاڻ ڪريم ﷺ جن نڪاح ڪيو هو. پاڻ تمام ئي سخي هيون جنهن ڪري سندن لقب ”ام المساڪين“ هو. هن ئي سال سندن وفات ٿي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن مسلمانن جي مٿان احد جي شڪست جو اثر قائم ٿيڻ نه ڏنو. ڇو جو احد واري جوابي حملي کان پوءِ محرم سنه 4 هه ۾ بنو اسد وارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ابو سلمه جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ جٿو روانو ڪيو ويو هو. انهيءَ ۾ هڪ سئو پنجاهه سوار هئا ۽ گھڻائي انصارن جي هئي. جڏهن اهو جٿو پنهنجي منزل تي پهتو ته بنو اسد وارا ڀڄي ويا.
ستر قراء جو قتل:
مديني جي اوڀر ۾ نجد جي رستي کان قريشن جا واپاري قافلا عراق ڏانهن ايندا ويندا هئا. قريشن جي سازشن سان بنو لحيان جا ڪجھه ماڻهو پاڻ ڪريم ﷺ جن وٽ آيا ۽ چيائون ته اسان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آهيون، انهيءَ ڪري توهان اسان کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪجھ ماڻهن کي اسان سان گڏي ڏيو. پاڻﷺ جن اصحاب صفه وارن مان قرآن ستر کي، جيڪي تمام ئي عزت ڀريا هئا، انهن سان گڏي موڪليو. رستي ۾ بعر معونه وٽ قريشن انهن سڀني کي ماري ڇڏيو. رڳو عمرو بن اميه جان بچائي مديني پهتو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن کي اها ڏکائيندڙ خبر ٻڌائي.
ڏهن مسلمانن جو قتل:
بنو لحيان وارن ٻيهر به اها ئي کيڏ کيڏي ۽ قاره قبيلي وارن جي ذريعي ڪجھ مسلمانن جي اسلام جي تعليم ڏيڻ جي بهاني نبي ڪريم ﷺ کان گھر ڪئي. رستي ۾ انهن سان به وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا ته اهي مسلمان به آخري دم تائين انهن سان وڙهندا رهيا ۽ آخرڪار شهيد ٿي ويا.
سورت بينه:
هن سورت ۾ وري اهل ڪتاب کي ٻڌايو ويو ته رسول الله ﷺ جن اها ئي تعليم ڏئي رهيا آهن جيڪا هن کان اڳ ۾ نازل ڪيل صحيفن ۾ ڏني وئي آهي يعني اهو ته رڳو هڪڙي الله جي عبادت ڪريو. پر هن تعليم کي نه ته ڪتاب وارا مڃن ٿا ۽ نه ئي مشرڪ مڃن ٿا. اڃا به پنهنجي راهبن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي جوڙيل ريتن ۽ رسمن کي خدائي قانونن جو درجو ڏين ٿا. ڪو چوي ٿو ته فلاڻي شيءِ حلال آهي ۽ فلاڻي شيءِ حرام آهي. ڪو چوي ٿو ته پٽيلي (هنج ورتل) جي زال کي حقيقي نُنهن وانگر حرام سمجھڻ گھرجي. ڪو عورت کي ٽنگيل ڇڏي ڏئي ٿو ته ڪو وري پنهنجي زال کي ڏنل ڪابين ۽ تحفا وغيره به واپس وٺي کيس طلاق ڏئي ڇڏن ٿا ۽ ان ويچاريءَ کي ٻئي ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ کان به روڪي ڇڏن ٿا. ڪو پنهنجي زال کي ماءُ چئي ٿو وٺي ۽ پنهنجي مٿان حرام ڪري ٿو ڇڏي.
پر خدائي قانون هڪڙو ئي آهي. تورات کان به اڳ حضرت ابراهيم ؑ جي صحيفي ۾ تمام ئي آڳاٽا خدائي قانون موجود هئا، جن جي بنو اسماعيل اڃا تائين پيروي ڪندا هئا. انهن جو مثال اهو هو ته اهي اٺ جو گوشت کائيندا هئا ۽ ان کي حرام نه سمجھندا هئا. باقي ايترو سو هو ته اهي پٽيلي جي بيواهه يا طلاق ڏنل سان نڪاح نه ڪندا هئا. رسول الله ﷺ جن سچن رسولن مان هئڻ جي حيثيت ۾ انهيءَ ريت کي ٽوڙيو ۽ پٽيلي (زيد بن حارثه) جي طلاق ڏنل زال سان پاڻ ئي نڪاح ڪيائون. اهڙي طرح خلع ورتل يا طلاق ڏنل عورت کي انهيءَ ڳالهه جو حق ڏنو ته اها نڪاح جي ٻنڌڻ مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ جنهن سان گھري، عدت واري مدت گذارڻ کانپوءِ نڪاح ڪري ۽ اهو به قانون ٺاهيو ويو ته جيڪو به ماڻهو پئسا وٺي عورت کي طلاق ڏئي ته اها عورت انهيءَ لاءِ حرام آهي. اصل ۾ اهو نئون حق عورت کي اسلام ئي ڏنو، باقي نه ته عام طلاق جي صورت ۾ انهيءَ ڳالهه جي اجازت ڏني ته ٻيو دفعو طلاق ڏيڻ کانپوءِ به جيڪڏهن راضي هجي ته مرد انهيءَ عورت کي واپس پنهنجي نڪاح ۾ وٺي سگھي ٿو. اهڙي طرح ظهار واري طلاق ۽ ٻين قسمن جي طلاقن ۾ عورت جي حقن جو خيال رکيو ويو ۽ مرد جي ڏاڍاين کان ان کي ڇوٽڪارو ڏياريو ويو.
بنو نضير وارن جي ڏيهه نيڪالي:
ربيع الاول سنه 4 هجري (جون 625ع) ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي سر پاڻ انهن جي پاڙي ۾ ويا ۽ بنو نضير وارن کي چيو ته عمرو بن اميه غلطيءَ سان ٻن عامرين کي ماري ڇڏيو آهي، تنهن جي خون بها جي لاءِ مقرر ٿيل ڦوڙي ڏيو. يهودين کين قتل جي ارادي سان کين ڀِتِ جي هيٺان ويهاريو ته جيئن سندن مٿان پٿر اڇلائي قتل ڪيو وڃي. رسول الله ﷺ کي خبر پئجي وئي ۽ پاڻ اتان اٿي هليا آيا. بنو نضير وارن ڦوڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ بنو قريظه جي مدد جي آسري تي قلعي ۾ ويهي ڪري بغاوت شروع ڪري ڏنائون.
رسول الله ﷺ انهن جي قلعي جي گھيراءُ ڪيو. جڏهن انهن يهودين کي منافقن ۽ بنو قريظه وارن وٽان مدد نه ملي ته هنن انهيءَ شرط تي هٿيار ڦٽا ڪيا ته کين قتل نه ڪيو ويندو. اهو شرط مڃيو ويو ۽ انهن تي لازم ڪيو ويو ته اهي جنگي سامان کانسواءِ ٻيو جيڪو ڪجھه کڻي وڃڻ گھرن ته وڃي سگھن ٿا. آخرڪار يهودي ڇهه سئو اٺن تي پنهنجو سامان لڏي شام ۽ خيبر واري پاسي نڪري پيا.
سورت آل عمران، رڪوع 12:
مسلمان هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا چڱن ڪمن جو حڪم ڪندي آهي ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪيندي آهي. پر يهودي توريت جي حڪم جي باوجود به ائين نٿا ڪن.
سورت حشر، رڪوع 1:
يهودي جيتوڻيڪ اهل ڪتاب آهن، پر وڏا بي شڪرا آهن. انهيءَ ڪري رڳو هڪڙي ئي حملي سان هار مڃيائون. جيڪڏهن الله تعالى جي طرف کان ڏيهه نيڪاليءَ جو حڪم نه هجي ها ته ان کان به انهن کي بڇڙي سزا ملي ها. اهڙيءَ طرح انهن جون ڇڏيل زمينون انهن مهاجرن کي ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي هٿين خالي آيا هئا. انصارن به وڏيون قربانيون ڏنيون. پاڻ نه کائي به مهاجرن کي کارايو. هاڻي انهن تي ڪوبه بار نه رهيو هو. اهي زمينون مهاجرن کي ڪڙمت جي بنياد تي نه پر ملڪيت ڪري ڏنيون ويون هيون. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اسلام ۾ زمين ڪڙمت تي نه پر ملڪيت طور ڏني ويندي آهي، جنهن کي هو پاڻ کيڙيندا آهن.
سورت حشر رڪوع نمبر 2:
منافقن جي بزدليءَ جو سبب اهو هو ته انهن جي اندر منافقت ڀريل هئي، نه ته هو ضرور يهودين جي مدد ڪن ها.
سورت حشر، رڪوع نمبر 3:
اهو نه سمجھو ته رڳو الله يا رحمان يا يهودا ئي خدا جا نالا آهن، پر سمورا سٺا نالا، پوءِ ڀلي اهي ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ هجن الله تعالى جي لاءِ استعمال ڪري سگھجن ٿا. سڀني جو آقا اهو ئي اڪيلو الله آهي.
غزوه بدر ثاني، پهرين ذيقعد سنه 4 هجري (4 فيبروري ۶2۶ع)
احد واري ويڙهه کان پوءِ ابوسفيان چئي ويو هو ته ايندڙ سال بدر وٽ توهان سان مهاڏو ٿيندو. هتي هر سال ميلو لڳندو هو ۽ واپار ٿيندو هو. پاڻ ڏيڍ هزار پيادل ۽ ڏهه سوارن سان گڏ روانو ٿيا. واپار جو سامان به کنيو، پر ابوسفيان ڊڄ کان نه آيو. جڏهن ته ٻين قبيلن جا ماڻهو آيا ۽ واپاري لحاظ کان گرما گرمي رهي. مسلمان انهيءَ ميلي مان سئو سيڪڙو نفعو ڪمائي واپس موٽيا.
صلوٰت الخوف:
احد واري ويڙهه ۾ مسلمانن جي هار جي ڪري مشرڪن جو جيءُ وڌي ويو. يهودين ۽ منافقن به پاڻ ڪريم ﷺ جي ذاتي زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. مختلف قبيلا سازشون ڪري مسلمانن کي قتل ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجو فرض سمجھن پيا. انهن حالتن هيٺ اڌ مسلمان نماز پڙهندا هئا ۽ باقي اڌ وري انهن نماز پڙهندڙ مسلمانن جي حفاظت ڪندا هئا. اهڙي طرح پڙهي ويندڙ نماز کي صلوٰت الخوف سڏيندا آهن.
سورت النساء، آيت نمبر 23:
جيئن ته عام زندگيءَ جون سهولتون جنگ ۽ سفر واري حالت ۾ ميسر نٿيون ٿي سگھن، تنهن ڪري پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ وضوءَ جي بدران پاڪ مٽيءَ سان تيمم جو حڪم ڏنو ويو. مريضن جي لاءِ به اهو ئي حڪم آهي ته اهي تڙ يا وضو ڪرڻ جي بدران رڳو تيمم ڪن. (هن رڪوع جون ٻئي آيتون 2 هجري ۾ بيان ٿي چڪيون آهن)
غزوه ذات الرقاع:
خاتم النبيين ﷺ جن کي اها خبر ملي ته نجد واري علائقي ۾ انمار ۽ ثعلبه قبيلا جنگ جي لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. اهي غطفان قبيلي سان واسطو رکندڙ هئا ۽ جبلن ۾ رهندا هئا. قريشن جا عراق ڏانهن ويندڙ واپاري قافلا انهن ئي علائقن مان لنگھندا هئا. 10 محرم تي پاڻ ڪريم ﷺ جن ذات الرقاع تائين چار سئو مجاهدن سان پهتا. اهي ماڻهو پنهنجون زائفون ڇڏي ڀڄي ويا، پاڻ پندرنهن ڏينهن کان پوءِ واپس آيا.
غزوه دومت الجندل:
25 ربيع الاول سنه 5 هه (26 جولاءِ 626ع) تي هڪ هزار مسلمانن سان گڏ پاڻ ڪريم ﷺ جن رومة الجندل تائين ويا. اهو علائقو دمشق کان پنجن راتين جي مفاصلي تي هو. انهيءَ علائقي ۾ ڪي بدمعاش ماڻهو يهودين جي سازشن سان گڏ ٿي، واپارين ۽ مسافرن کي آزارڻ لڳا هئا. آخرڪار اهي ڀڄي ويا ۽ يهودين تي رعب ويهجي ويو.
سورت النساء رڪوع نمبر 9:
اڳ ۾ ٿيل ٺاهه جي برخلاف جيڪو به ڪو مسئلو ٿئي پيو ته يهودي انهيءَ جي فيصلي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ وٽ وڃڻ بدران انهيءَ کي پنهنجي راهبن وٽ کڻي ٿي ويا. اهي ماڻهو شيطان جي حڪمن موجب هلن ٿا. قرآن سڏي چيو ته اي يهوديو! پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪريو ۽ پنهنجن راهبن کان فيصلا ڪرائڻ جي بدران رسول الله ﷺ وٽ پنهنجا فيصلا کڻي اچو.
غزوه مريسيع:
شعبان 5 هه (27 نومبر 626ع) تي اها خبر ملي ته بنو مصطلق وارا، جيڪي مديني کان نون منزلن جي وٿيءَ تي هئا ۽ قريشن جا مددگار هئا، مسلمانن جي خلاف جنگي تياري ڪري رهيا آهن. پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت زيد بن محمدؒ کي مديني ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري نڪري پيا. منافقن جو سردار عبدالله بن ابي به غنيمت جي لالچ ۾ اچي مسلمانن سان گڏجي پيو. دشمن جا ڏهه ماڻهو مارجي ويا جن کي ڇڏي اهي ڀڄي ويا. هڪ هزار اٺ، پنج هزار ٻڪريون ۽ ٻه سئو عورتون ۽ ٿورڙا مرد به پڪڙيا ويا.
سورت المنافقون:
غزوه مريسيع ۾ منافق پهريون دفعو مسلمانن سان گڏجي نڪتا هئا. هتي اچڻ کان پوءِ به اهي پنهنجي شرارتن کان نه مڙيا ۽ مسلمانن کي گھٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا. انهيءَ تي هيءَ سورت المنافقون نازل ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته منافق رڳو زباني طور مسلمان آهن، جڏهن ته اهي دلي طور اسلام ۽ مسلمانن جا دشمن آهن. اهي ڏسڻ ۾ ته هاٿي آهن پر حقيقت ۾ سڪل ڪاٺيءَ وانگر ڪنجوس آهن. اي رسول ﷺ الله تعالى انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“
”مسلمانو! انهن منافقن ۽ يهودين وانگر مال سان محبت نه ڪريو. خبر نه آهي ته ڪڏهن توهان تي موت اچي وڃي. مجاهدن جي مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻايو ۽ نه ئي منافقن وانگر ڪنجوس ٿيو.“
واقعه افڪ:
انهيءَ ئي غزوي ۾ منافقن بي بي عائشه صديقه ؒ کي بدنام ڪيو، پر پاڻ ڪريم ﷺ کي انهيءَ بهتان تي بلڪل به ويساهه نه ٿيو. بي بي عائشه ؒ جي پاڪدامنيءَ جي شهادت سورت النور ۾ ڏني وئي.
زنا ۽ سورت النور رڪوع 1 کان 4 تائين:
زنا جي حد اها آهي ته عورت ۽ مرد ٻنهي کي سئو ڪوڙا هنيا وڃن ۽ ڪنهن پاڪدامن عورت مٿان زنا جو بهتان ٻڌڻ واري جي سزا اها آهي ته ان کي اسي ڪوڙا هنيا وڃن ۽ بهتان ٻڌڻ واري جي ان کان پوءِ ڪابه شاهدي قبول نه ڪئي ويندي.
”مسلمانو! هن بهتان واري واقعي ۾ به هڪ ڀلائيءَ وارو پاسو آهي، سو اهو ته بهتان ٻڌڻ وارا سمورا ماڻهو اٻوجھه مسلمان هئا، توهان کي گھربو هو ته انهيءَ کي ٻڌندي ئي ان کي ڪوڙ سمجھو ها“.
ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديقؒ کي هدايت ڪئي ٿي وڃي ته انهن اٻوجھه مؤمنن کي، جن بهتان ٻڌو هو، معاف ڪريو ۽ انهن جي خلاف دلين ۾ ڪينو نه رکو، اڃا به انهن جي جيڪا مالي مدد ڪندا هئا، سا ڪندا رهو. يورپ وارن انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ عوام کي شراب ۽ زنا ۾ ڦاسائي ڇڏيو.
پردو ۽ حياءُ:
اهو به حڪم ڏنو وڃي ٿو ته اجازت کانسواءِ گھرن ۾ داخل نه ٿيو. زائفن ۽ مردن کي لڄ حياءُ ڌارڻ ۽ پاڪدامنيءَ جو حڪم ڏنو پيو وڃي ۽ بڇڙي نظر وجھڻ کان روڪيو پيو وڃي. عورتن کي گھرجي ته پنهنجي هار سينگار کي ظاهر نه ڪن جو ماڻهن جون نظرون پاڻمرادو انهن ڏانهن کڄي وڃن. ڇڙن جا نڪاح ڪرايو ۽ ٻانهين ۽ ٻانهن جا به نڪاح ڪرايو.
غلامن کي آزاديءَ جو حق:
غلامن کي آزاد ٿيڻ جو حق ڏيو ته اهي ”مڪاتبت“ ڪن ۽ هڪ خاص رقم مزدوري يا چندي مان گڏ ڪري مالڪ کي ادا ڪن. مسلمانن کي به گھرجي ته انهن جي آزاديءَ جي لاءِ چندو ڏين ۽ ٻانهين کان بد پيشو نه ڪرائن، نه ته ٻي صورت ۾ انهن جي مٿان زنا جي حد جاري ٿيندي. (بيت المال جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو سلطنت جو فرض ٿي پيو هو ته اها غلامن کي آزاد ڪرائي).
سورت النور رڪوع نمبر 5،6 ۽ 7:
الله زمين ۽ آسمان جو نور آهي. ان جي قانون ۾ هر شيءِ ٻڌل آهي. اهو ئي سڀني جي بادشاهه ۽ خالق آهي. خدائي قانون تي هلڻ سان زمين تي بادشاهي ماڻيندؤ ۽ خوف واري جاءِ تي امن ۽ سڪون حاصل ٿيندوَ.
سورت النور رڪوع 8 ۽ 9:
مجلس جا ڪي اَدبَ:
اجازت کانسواءِ مجلس مان نه اٿو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران مرتبن جو لحاظ رکو.
زينب ۽ زيد بن محمد جي گھرو ويڙهه ۽ ٺاهه:
زينب بن جحش کي اها ڳالهه ڳري ٿي محسوس ٿي ته هوءَ هڪ آزاد ڪيل غلام جي نڪاح ۾ هجي، توڻي جو اهو محمد ﷺ جو پٽ ئي سڏائيندو هجي. آخر ڪار هن رسول الله ﷺ کي انهيءَ ڳالهه جي شڪايت ڪئي ته مون کي زيد ڏکائي ٿو ۽ مان گھران ٿي ته هو مون کي طلاق ڏئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن قرآني حڪم مطابق ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرائي ورتو ۽ زيد کي طلاق ڏيڻ کان روڪيو. جيڪڏهن خندق واري ويڙهه وچ ۾ نه اچي وڃي ها ته اها گھرو ويڙهه طلاق تي اچي ختم ٿئي ها. بهرحال انهيءَ زماني ۾ رسول الله ﷺ جن الله تعالىﷻ جي حڪم سان طلاق يا ظهار کي منسوخ ڪري ڇڏيو ۽ عورتن کي وڌيڪ عزت ڏيارڻ ڏانهن وک وڌائي.
ظهار ڇا آهي؟:
عربن پنهنجي زالن کي ٻانهين واري حيثيت ڏئي ڇڏي هئي. ٿورڙي به بيزاري ٿي ته يڪدم انهن کي طلاق ڏئي ڇڏيندا هئا. ظهار جو طريقو وري اهو هو ته پنهنجي زال کي پنهنجي ماءُ جو عضوو سڏيو ۽ انهيءَ عورت کي پنهنجي مٿان حرام ڪري ڇڏيو. پر اها مڪمل طلاق (آزادي) نه هئي. عورت جو مالڪ يا مڙس ته اهو ئي رهندو، پر عورت کي ٻئي ڪنهن مرد سان نڪاح جو حق نه هو ۽ نه ئي وري مڙس وٽان زوجيت واري حق جي حاصلات جو ڪو قانون هو. اهڙي عمل سان عورت جي زندگي زهر بڻجي ويندي هئي.
سورت مجادله رڪوع 1:
حقيقت ۾ توهان جي ماءُ ته اها ئي آهي جنهن توهان کي ڄڻيو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال کي ماءُ چئي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏي ته اهڙي ماڻهوءَ جي سزا اها آهي ته هو هڪڙو غلام آزاد ڪري يا ٻن مهينن تائين لڳاتار روزا رکي يا وري سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي. پوءِ جيڪو انهيءَ قانون تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندو ته الله تعالى انهن کي تمام ئي ڏکوئيندڙ عذاب ڏيندو.
سورت مجادله رڪوع 2:
گناهن ۽ سرڪشي جي ڳالهين بنسبت پاڻ ۾ سس ڦس نه ڪريو جو اهو شيطاني عمل آهي. الله جي رسول جي نافرماني نه ڪريو.
سورت مجادله، رڪوع3:
شيطاني ٽولي منافقن جي مٿان قبضو ڪري ورتو آهي، انهيءَ ڪري اهي الله کي وساري ويٺا آهن. اهي شيطاني ٽولا نقصان ۾ پوندا، ڇاڪاڻ ته اهي الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا. انهيءَ ئي سبب جي ڪري مؤمنن کي انهن سان دوستي نه ڪرڻ گھرجي، پوءِ اهي ڀلي انهن جا ويجھا مائٽ ئي ڇونه هجن.
الله جو ٽولو:
مؤمنن کي الله تعالى ايمان جي دولت ڏني ۽ روح القدس (جبرائيلؑ) سان انهن جي مدد ڪئي آهي. اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا. الله انهن کان راضي آهي، اهي جنتي آهن ۽ مراد کي پهتل آهن.
مديني تي پوري عرب ۽ يهودين جو گڏيل حملو
]قريش جو ٽيون حملو، غزوه احزاب، 8 ذيقعد 5 هه (2 مارچ 627ع)[
بدر ۽ احد واري ويڙهه کان پوءِ مسلمانن جي وڌندڙ طاقت کي ڏسي قريش جي سردار ابوسفيان، يهودين ۽ منافقن گڏجي ڪري مسلمانن سان هڪ فيصلائتي جنگ جي رٿ رٿي. رڳو شام واري رستي تي مسلمانن جا سچا طرفدار موجود هئا، پر عراقي شاهراهه تي بنو غطفان ۽ يمني رستي تي يهودين جا قبيلا مسلمانن جا دشمن هئا. مديني جي اندر ئي منافقن جاسوسيءَ جو ڄار وڇائي رکيو هو. بنو قريظه جي يهودي قبيلن کي به انهن پاڻ سان ملائي ورتو.
بدر ۾ مسلمان سوڀارا ٿيا ته احد واري ويڙهه ۾ قريشن انهيءَ جو بدلو وٺي ورتو. اصحاب صفه جي قارين کي ڊوهه سان ماري ويو. هاڻي قريشن اها پڪي تياري ڪري ورتي ته يا ته مسلمانن کي بلڪل ئي ختم ڪيو وڃي يا وري عرب جي واپاري رستن تي پاڻ ڪريم ﷺ جي سرداري قبولي وڃي. ابوسفيان لڳ ڀڳ ٻارنهن هزارن جي فوج وٺي آيو. عربن ايتري وڏي فوج هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ٻين عربن جو اهو اندازو هو ته ايتري وڏي فوج سان هڪ ئي ڏينهن ۾ جنگ جو فيصلو ٿي ويندو. پر انهن کي خبر نه هئي ته جنگ جي مدت ايترو ڊيگهه ڪري سگھي ٿي جو انهن جو کاڌو خوراڪ ئي ختم ٿي ويندو.
ڪافرن جي لشڪر جي روانگي جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي.رسول الله ﷺ جن پنهنجي اصحابن سان صلاح ڪئي ۽ صورتحال جي نزاڪت کان ماڻهن کي هوشيار ڪيو. وڏو خطرو اهو هو ته جنهن پاسي کان احد واري ويڙهه ۾ حملو ٿيو هو، هاڻي به اتان ئي حملي جو خطرو هو. انهيءَ ڪري مديني کان ٻاهر نڪري وڙهڻ پنهنجي پاڻ کي برباديءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي برابر هو.
حضرت سلمان فارسيءَ جي صلاح:
حضرت سلمان فارسي ؒ اها صلاح ڏني ته جنگ جو هڪ فارسي طريقو اهو آهي ته آباديءَ جي اڳيان کاهي کوٽي وڃي، اهڙي طرح دشمن کي بيوس ڪيو ويندو ته جيئن هو اڳتي وڌي نه سگھي. هن تجويز کي رسول الله ﷺ جن تمام گھڻو پسند ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان مسلمان تباهيءَ کان بچي ويندا. اهڙي طرح مجاهدن جي جٿن مديني جي چوڌاري ٽي ميل ڊگھي کاهي کوٽي ورتي. انهيءَ ۾ پاڻ ﷺ جن پنهنجي سر پاڻ به شامل هئا. ان کانسواءِ جتي جتي باغن ۽ گھرن کي ڀتيون نه هيون اتي به کاهيون کوٽيون ويون ۽ اصحابن جا جٿا رات ڏينهن مديني جي حفاظت لاءِ هوشيار ٿي ويا. مهاجرن جو جھنڊو حضرت زيدؒ وٽ هو ۽ انصارن جو جھنڊو حضرت سعد بن عباده کي ڏنو ويو. سڀني جو جنگي نعرو ”حافهم لا ينصرون“ هو. ايتري ۾ ابوسفيان جو لشڪر پهچي ويو ۽ اڳيان کاهي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ پنهنجي طاقت جو گھمنڊ لهي وين.
ڪافرن جي لشڪر کي ڏسي يهودي ۽ ڪافر خوش ٿي رهيا هئا. بنو قريظه وارن مديني تي حملي لاءِ تياري شروع ڪري ڏني ۽ مسلمانن سان ڪيل معاهدو ٽوڙي ڇڏيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو اسان جي مدد لاءِ الله تعالى ڪافي آهي.
حَسْبُنَا اللہُ وَنِعْمَ الْوَكِيْلُ نِعْمَ الْمَوْلٰى وَنِعْمَ النَّصِيْرُ
۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ نفاق وڌڻ لڳو
اِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللہِ الظُّنُوْنَا۱۰ ﴿الاحزاب: 10﴾
پر پاڻ ڪريم ﷺ جن بلڪل به نه گھٻرايا ۽ اهڙيون تدبيرون ڪيون جو قريشي ۽ يهودي هار کائي ڀڳا.
پاڻ ڪريم ﷺ جن نعيم غطفان کي، جيڪو نئون نئون مسلمان ٿيو هو، بنو قريظه وارن وٽ موڪليو. هن وڃي يهودين سان دوستيءَ جي هام ڀري ۽ چيو ته جيڪڏهن قريش جنگ اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا ته توهان جو ڇا ٿيندو. پوءِ ته توهان محمد سان وڙهي نه سگھندؤ، تنهن ڪري توهان لاءِ ڀلو انهيءَ ۾ ئي آهي ته قريشن کان انهن جا ڪي ماڻهو گروي ڪري وٺو ته جيئن اهي هلندي جنگ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي نه وڃن. يهودين کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ انهن قريشن کان ماڻهو گهري ورتا.
هوڏانهن نعيمؒ قريشن کي چيو ته يهودين محمد ﷺ سان ٺاهه ڪري ورتو آهي. اهي پاڻ ۾ هڪ ڳجھي گڏجاڻي ڪري چڪا آهن جنهن موجب اهي توهان کان ماڻهو گروي گھري، پوءِ انهن کي محمد ﷺ جي حوالي ڪندا. انهيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو جڏهن يهودين قريشن کان ماڻهو گروي طور گھريا ته انهن کين نه ڏنا. اهڙِي طرح انهن ٻنهي ٽولن ۾ ڏار پئجي ويو ۽ يهودي انهيءَ حملي ۾ شريڪ نه ٿيا.
سورت الاحزاب رڪوع نمبر 2، آيت 9 کان 20:
منافقن جڏهن ڏٺو ته جنگ ڊگھي ٿي رهي آهي ۽ يهودين به حملو نه ڪيو، ته انهن واپس مديني ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو. اهي چوڻ لڳا ته اسان جا گھر غيرمحفوظ آهن تنهن ڪري اسان کي انهن جي حفاظت جو الڪو ٿي پيو آهي. انهيءَ وچ ۾ سخت طوفان آيو جو قريشن جا خيما اونڌا ٿي ويا ۽ خيمن کي چلهين مان ٻرندڙ باهه لڳي وئي. اهڙي طرح هڪ افراتفري پکڙجي وئي. قريش به يهودين جي غداريءَ جي ڪري سست ٿي پيا هئا. کاڌو خوراڪ به گھٽجي ويو هين. ان کانسواءِ سوق ۽ عڪاظ ميلي جا ڏينهن به ويجھا ايندا پئي ويا. انهيءَ ڪري گھيراءَ جي ويهن ڏينهن کان پوءِ اهي سڀئي هار کائي واپس موٽي ويا. اها ذيقعد جي 22هين تاريخ هئي.
غزوه بني قريظه:
ٻئي ڏينهن يعني 23 ذيعقد جي ڏينهن حضرت بلالؒ پڙهو ڏنو ته ٽيپهري جي نماز بنو قريظه جي پاڙي ۾ پڙهي ويندي. ٽي هزار پيادا ۽ 36 سوار اتي پهچي ويا. يهودين پندرنهن ڏينهن جي گھيراءَ کان پوءِ هٿيار ڦٽا ڪيا. يهودين سعد بن عباده کي پنهنجو حڪم بڻايو ته هو جيڪو فيصلو ڪندو سو کين منظور آهي. سعد رضي الله توريت جي قانون موجب فيصلو ڏنو ته انهن جي مردن کي قتل ڪيو وڃي ۽ عورتن ۽ ٻارن کي غلام بڻايو وڃي. پر پاڻ ڪريم ﷺ ڪن ٿورڙن يهودين کي جان جي امان ڏني. باقي لڳ ڀڳ پنج سئو ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. ريحانه بنت عمرو کي آزاد ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن ان سان نڪاح ڪري ورتو. هٿيارن کان سواءِ جيڪو مال مليو سو مسلمانن ۾ ورهايو ويو.
سورت الاحزاب، رڪوع 3، آيت نمبر21 کان 27:
مسلمان چوندا هئا ته اسان کي رسول الله ﷺ جن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ذي الحج مهيني کان پهريان پهريان دشمن ڀڄي ويندا. انهيءَ ڪري بنو قريظه وارن جي دل ۾ رعب ويهي ويو هو ۽ نتيجي ۾ اهي تباهه ٿي ويا. اهڙي طرح قريشن جي طاقت به بلڪل جواب ڏئي چڪي هئي. مدينو به يهودين کان خالي ٿي ويو هو ۽ منافق به هيڻا ٿي پيا هئا. اهڙي وقت ۾ سورت بقره جي آيت نمبر 26 نازل ٿي.
سورت البقره، رڪوع نمبر 26:
بني اسرائيلن آزاديءَ جو قدر نه ڪيو تنهن ڪري وري وري غلام ٿيندا رهيا. اهو دنيا جو دستور رهيو آهي ته الله تعالىﷻ جي راهه ۾ مصيبتون سهڻ کان پوءِ ئي سوڀ ۽ آزادي ملندي آهي. سخاوت ۽ قرباني آزديءَ جي ضمانت هونديون آهن. تنهن ڪري ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي پنهنجو مال خرچ ڪريو.
سورت النساء، رڪوع نمبر 11:
بدر جي موقعي تي جڏهن توهان کي ويڙهه لاءِ چيو ويو هو ته توهان ڊڄو پيا ۽ سمجھو پيا ته اها هڪ خراب ڳالهه آهي. هاڻي سمجھي وٺو ته جيڪا الله تعالىﷻ جي مصلحت هوندي آهي، انهيءَ ۾ ئي ڀلائي هوندي آهي.
پٽيلي جي طلاق ڏنل سان نڪاح:
پاڻ ڪريم ﷺ جي حضرت بيبي زينب سان نڪاح تي وڏا اعتراض ڪيا ويا آهن. جڏهن ته صورتحال اها هئي ته حضرت زينب بنت جحش رسول الله ﷺ جي پڦاٽ هئي. ان جو ڀاءُ عبدالله بن جحش هجرت ڪري حبشه ويو هو. ان جي زال ابوسفيان جي ڌيءَ ام حبيبه هئي. عبدالله ته حبشه ۾ گذاري ويو ۽ ام حبيبه جڏهن خيبر جي فتح کان پوءِ مديني آئي ته پاڻ ڪريم ﷺ ساڻن نڪاح ڪري ان جي ۽ سندس ٻارن جي سنڀال پنهنجي ذمي ورتي.
بني ودان وارن جي اها خواهش هئي ته رسول الله ﷺ بي بي زينب سان نڪاح ڪن، جڏهن ته پاڻ ڪريم ﷺ جي سدائين اها خواهش رکندا هئا ته غلام ۽ آزاد واري فرق کي ختم ڪري ڇڏين. انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي آزاد ڪيل غلام زيد بن حارثه کي پنهنجي پٽيلو ڪري ورتائون. زيد به حقيقي پٽ کان وڌيڪ رسول الله ﷺ سان وفادار رهيو. طائف واري سفر ۾ به پاڻ رسول الله ﷺ سان گڏ گڏ رهيا. غزوه مريسيع جي موقعي تي پاڻ کين پنهنجو نائب بڻائي مديني ۾ ڇڏي ويا هئا. ڪيترين ئي جنگين ۾ وڏا مانوارا اصحابي سڳورا به سندن ماتحتي ۾ ڪم ڪري چڪا هئا. حضرت بي بي عائشه فرمائيندي هئي ته جيڪڏهن زيد جيئرو هجي ها ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به پنهنجو خليفو نه بڻائن ها. مڪي ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي دائي ام ايمن سان سندن نڪاح ڪرايو ويو هو جنهن مان کين اسامه بن زيد پيدا ٿيو هو. اسامه مڪي جي فتح جي وقت رسول الله ﷺ سان گڏ اٺ تي سوار هو. مطلب ته زيد رسول الله ﷺ جي نظرن ۾ تمام ئي پيارو هو. انهيءَ ڪري پاڻ حضرت زينب جي شادي زيد سان ڪرائي ڇڏيائون ۽ اهو سمجھي ڪرائي هئي ته پاڻ رسول الله جا پٽيلا ۽ عزتدار ماڻهو هئا.
ائين ٿو معلوم ٿئي ته زينب قريشي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي پفاٽ هئڻ سبب زيد کي گھٽ سمجھي پئي. انکانسواءِ گھر ۾ ام ايمن ۽ ان جو پٽ اسامه بن زيد به موجود هئا. انهيءَ ۾ اڃا وڌيڪ ڳالهه اها هئي ته پاڻ ڪريم ﷺ سندس بيوهه ڀاڄائيءَ سان به نڪاح ڪري ورتو هو. اهو ٻڌي ڪري زينب ؒ انهيءَ ڳالهه جي خواهش ڪئي ته رسول الله ﷺ کين زيد جي زوجيت مان ڪڍي پنهنجي نڪاح ۾ آڻين. انهيءَ زماني ۾ زيد سان گھرو ويڙهه ايترو ته وڌي وئي جو زيد زينب کي پنهنجي ماءُ ڪوٺي ورتو. جيتوڻيڪ جو ظهار واري طلاق کي ختم ڪيو ويو هو. پر زيد کي سمجھائڻ جي باوجود به هن نه مڃيو ۽ زينب کي طلاق ڏئي ڇڏي. انهيءَ موقعي تي جاهليت جي عام تصورن کي مٽائڻ جي لاءِ ضروري هو ته قرآن انهن پراڻن عقيدن جي خلاف ڪو خاص اعلان ڪري.
اهو به ياد رهي ته بيبي زينب ؒ سان نڪاح ڪرڻ لاءِ ڪوبه ماڻهو تيار نه هو. شايد انهيءَ ڪري جو کيس هر ماڻهو هڪ غلام جي زال سمجھندي گھٽ نظر سان ڏسي پيو. اهو به گمان آهي ته انهيءَ لاءِ به ساڻس ڪو نڪاح ڪرڻ لاءِ تيار نه هو جو پاڻ تيز طبيعت واريون هيون. بهرحال ڳالهه ڪهڙي به هجي، زينب زيد کي ايترو ته پريشان ڪيو جو هو کيس طلاق ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي خواهش جي باوجود به هو پنهنجي زال سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
سورت الاحزاب رڪوع 1:
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي ماءُ چئي ويهي ته ائين چوڻ سان اها عورت ان لاءِ ماءُ نه ٿي ويندي ۽ نه ئي وري جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي پٽيلو ڪري وٺي ته پٽ بڻجي ويندو. (تنهن ڪري زينب رسول الله ﷺ سان نڪاح ڪرڻ جي ڪري زيد جي ماءُ نٿي ٿي سگھي ۽ نه ئي وري زيد اڄ کان محمدﷺ جو پٽ رهندو، پر هاڻي هو زيد بن حارث سڏرائيندو ۽ رسول الله ﷺ ۽ ٻين مسلمانن جو ڀاءُ سڏيو ويندو) باقي ايترو سو ضرور آهي ته رسول الله ﷺ جو زالون توهان جي لاءِ مائرن جو درجو رکن ٿيون يعني اهي هلندڙ دستور وانگر توهان جون مائر ئي سڏبيون.
سورت الاحزاب، رڪوع 5:
الله تعالى رسول الله ﷺ کي چيو ته تو تمام ئي سٺو ڪيو جو زيد کي سمجھايو. الله جو تنهنجي مٿان اهو خاص انعام آهي جو تنهنجي زينب سان شادي ٿي ۽ انهيءَ نعمت جو شڪر اهو آهي ته تون ان کي خوش رکين ۽ ان کي سنڀالي رکين ۽ کيس طلاق نه ڏئين. پر تنهنجي دل ۾ اها ڳالهه هئي ته جيڪڏهن زيد طلاق ڏيندو ته مان ان سان نڪاح ڪندس (پر جيئن ته اها ڳالهه جاهليت وارين ريتن ۽ رسمن جي خلاف ۽ اڻ وڻندڙ هئي، تنهن ڪري اي سچا رسول) توکي الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن کان به ڊڄڻ ۽ لڄي ٿيڻ نه گھربو هو. رسول جو اهو ئي ڪم آهي ته الله تعالىﷻ جا حڪم صاف صاف ماڻهن تائين پهچائي ۽ چئي ڏئي ته مان ڪنهن به ماڻهوءَ جو پيءُ نه آهيان (يعني زيد جو پيءُ نه آهيان) ۽ مان نبين جي تصديق ڪندڙ ۽ انهن تي مهر (يعني خاتم النبيين) آهيان. مان هر انهيءَ حڪم کي، جيڪو آڳاٽن نبين جي ذريعي الله تعالىﷻ جي طرف کان موڪليو ويو آهي، انهيءَ کي ماڻهن تائين پهچائيندس ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي لڄ نه ڪندس. انهيءَ ڪري مان زيد جي طلاق ڏنل سان، الله تعالىﷻ جي اڳي کان ئي مقرر ڪيل قانونن موجب نڪاح ڪندس ۽ جهالت جي ٻنهي رسمن جو الله تعالىﷻ جي حڪم سان خاتمو آڻيندس ته جيئن الله تعالىﷻ جي اڳي کان مقرر ڪيل حڪم زنده ٿي سگھن ۽ جاهليت جون رسمون فنا ٿي وڃن. مان رسولن کي سچو ڪندڙ آهيان. مان رسول عربي آهيان ۽ عرب ۾ انهيءَ اسلام کي رائج ڪرڻ گھران ٿو جيڪو پهريان سموري دنيا ۾ اچي چڪو آهي.
بي بي زينب سان نڪاح:
ان کان پوءِ زيد پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ الله تعالى جي حڪم سان پاڻ ﷺ جن ساڻس نڪاح ڪيو ته جيئن مؤمنن تي انهن جي پٽيلن جي طلاق ڏنل زالن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه رهي.
اهو ئي دستور اڳي به هو ۽ اهو الله تعالى جو حڪم آهي. اها ئي گذريل دؤر جي مؤمنن جو طريقو رهيو آهي. انهيءَ حڪم جي سڃاڻڻ ۾ الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گھرجي.
خاتم النبيين:
انهيءَ جملي تي ۽ پڻ زيد جي واقعي تي سوين اعتراض قرآن جي عبارت جي اڳ پوءِ کي الڳ الڳ ڪري پيدا ڪيا ويا آهن. صاف ظاهر آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ الله تعالىﷻ جي حڪم سان جاهليت وارين غلط ريتن ۽ رسمن کي مٽائڻ گھرن پيا. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن کي تاڪيد ڪئي وئي ته توهان خاتم النبيين يعني سمورن آڳاٽن نبين جي آندل حڪمن جي تصديق ڪندڙ آهيو تنهن ڪري توهان کي گھرجي ته خدائي قانونن تي عمل ڪرائڻ ۽ بيان ڪرڻ ۾ ڪنهن کان به لڄ نه ڪريو.
هاڻي زيد بن محمد زيد بن حارث بڻجي ويو. پر ان جي ۽ سندس پٽ اسامه جي عزت ۽ مان ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن به قسم جو فرق اچڻ نه ڏنو. پاڻ ڪريم ﷺ جن کين ڪيترن ئي سرين جو سالار بڻائي موڪليو ۽ پنهنجي وفات کان ٿورڙا ڏينهن اڳ ڳڀرو اسامه کي هڪ مهم تي سردار بڻايو جنهن ۾ حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر جهڙا وڏي مان ۽ مرتبي وارا اصحابي سڳورا به شامل هئا.
بهرحال خاتم النبيين جي چٽي معنى اها آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن گذريل نبين ۽ انهن جي آندل خدائي حڪمن جي تصديق ڪندڙ هئا. پاڻ انهن جي حڪمن جي نه رڳو تصديق ڪيائون، پر انهن تي عمل پڻ ڪري ڏيکاريو. حضرت ابراهيم ؑ جي زماني ۾ اٺ جو گوشت حلال هو. پاڻ ان جي تصديق ڪيائون ۽ يهودين کي چيائون ته ڪوڙا آهيو جو ان کي حرام سمجھو ٿا. اهڙي طرح آڳاٽن نبين جي زماني ۾ پٽيلي جي طلاقيل يا بيواهه سان سندس سهري جو نڪاح جائز هو. پاڻ انهيءَ جي به تصديق ڪيائون ته اهو جائز آهي ۽ ڪري به ڏيکاريو ته جيئن اهو دليل سان ثابت ٿي وڃي. اهڙي طرح پاڻ صلح حديبيه جي موقعي تي قرباني ڪري ۽ مٿو ڪوڙائي پنهنجي اصحابن کي انهيءَ لاءِ آماده ڪيو ته اهي به پنهنجي قرباني ڪن ۽ مٿو ڪوڙائن.
باقي رهيو اهو سوال ته نبوت جو خاتمو پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪيو يا اهو خاتمو الله تعالىﷻ پاڻ ڪيو ته پاڻ ﷺ جن کان پوءِ ٻيوڪو به نبي نه ايندو؟ سو اها ڳالهه هن جملي مان ثابت نٿي ٿئي. عبارت جي اڳ ۽ پوءِ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڻ آڳاٽن نبين جي حڪمن جي تصديق ڪري رهيا هئا، اهو اعلان نٿي ڪيائون ته مون کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو. وري ان کان پوءِ اهو زمانو ايترو ته پريشاني وارو هو جو انهيءَ وقت انهيءَ اعلان جي ضرورت به نه هئي ته نبوت ختم ڪئي پئي وڃي. اها ڳالهه ياد رهي ته ان وقت تائين اڃا صلح حديبيه به نه ٿي هئي ۽ اندروني معاشرت ۽ ٻاهرين سياست سخت آزمائش واري دؤر مان گذري رهي هئي. تنهن ڪري ان وقت نبوت کي ختم ڪرڻ جو سوال اٿارڻ جي ضرورت ئي نه هئي. رڳو اهو ئي چوڻو هو ته زيد جي زال سان نڪاح ڪري آڳاٽن نبين جي دين کي زنده ڪري رهيو آهيان ۽ انهيءَ تي مهر هڻان ٿو.
جيڪڏهن ڪو اهو پڇي ته هاڻي ڪو نبي ايندو يا نه؟ ته اسان چئي سگھون ٿا ته الله تعالىﷻ انهيءَ ڳالهه تي وسوارو آهي ته جيڪڏهن گھري ته نبي موڪلي ۽ گھري ته نه موڪلي. باقي ايترو سو آهي ته جيڪڏهن ڪو نبي اچي ته اهو ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪهڙو نئون خدائي پيغام کڻي آيو آهي؟
مسلمان چون ٿا ته ڪابه نئين شريعت نه ايندي. باقي مصلح ۽ مجدد ايندا جيڪي آڳاٽي دين يا اسلام جي تجديد ڪندا يا ڪري سگھن ٿا. يهودي چون ٿا ته هڪڙو مسيحا اچڻ وارو آهي. عيسائي چون ٿا ته اهو مسيحا اچي چڪو ۽ خدا جي سڄي هٿ تي ويٺو آهي. باقي آرين جو تصور وري اهو آهي ته جڏهن دين جي حالت بگڙي ويندي آهي ته خدا پاڻ اوتار جي روپ ۾ زمين تي اچي ويندو آهي. بهرحال مجدد ايندا، نئون پيغام کڻي ايندا، پر اهي پنهنجو پاڻ کي نبي سڏائي نه سگھندا ۽ قرآن ۽ حديث جي معنى ۽ مطلب ۾ ڪنهن به قسم جي تحريف نه ڪري سگھندا.
نبوت جي خاتمي ۽ حڪمت جي ضرورت:
پروفيسر اجمل صاحب ختم نبوت جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجھه لکيو آهي، سو پنهنجي موقف ۾ بلڪل صحيح آهي. پر انهيءَ جي باوجود ختم نبوت جي هڪ تاريخي ضرورت آهي جنهن جي اهميت معاشرتي اوسر سان گڏ چٽي ٿيندي پئي وڃي.
مولانا عبيدالله سنڌي ؓ ختم نبوت جي عقيدي کي موجوده دؤر جي ذهن کي ويجھو آڻڻ لاءِ ”اسلامي انقلاب جو بين الاقوامي پروگرام“ سڏيو آهي. قرآن پاڪ جن مقصدن جي لاءِ نازل ٿيو آهي، انهن مان هڪ اهم مقصد انساني وحدت کي قائم ڪرڻ آهي. علامه اقبال انهيءَ کي آدم جي خلافت قائم ڪرڻ سان پڻ تعبير ڪيو آهي.
سائنس جي اوسر مواصلاتي وسيلن کي ايترو ته ترقي ڏني آهي جو هاڻي دنيا هڪ ”عالمي ڳوٺ“ واري شڪل اختيار ڪري وئي آهي. نبين کي موڪلڻ جي ڪري مختلف مذهبن جا ٽولا بڻجي ويا آهن ۽ اهي عقيدن ۽ انهن جي تعبير جي اختلافن جي ڪري هڪٻئي جي خلاف خونخوار شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جيڪا انساني وحدت جي قائم ڪرڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي.
انساني وحدت جي قيام واري رستي ۾ جتي مذهبن هڪ ٻئي جي خلاف خونخوار رويو اختيار ڪري ورتو آهي، اتي پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيت، قوميت ۽ وطنيت جي تصور پڻ وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ سائنسي تحقيق جي بنياد تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کانسواءِ محنت جي استحصال جو عمل ختم نٿو ٿي سگھي ۽ انساني محنت جي عظمت بحال نٿي ٿي سگھي. قوميت ۽ وطنيت جي خلاف عالمي مزدور عوام جي تحريڪ رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهب جي اختلافن کي سائنسي بنيادن تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهي سڀئي ڳالهيون واقفيت جي حد تائين ته ٺيڪ آهن، پر جڏهن انهن جي بنياد تي انسانن کي ورهايو ويندو آهي ته انساني وحدت جو خاتم ٿي ويندو آهي.
نبوت جي خاتمي سان هن قسم جي گروهه بندي به ختم ٿي وئي آهي. قرآن پاڪ انهيءَ گروهه بنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي مذهبن ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن ۾ پيش ڪيل وحدت تي زور ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ انهن جي رسمن ۽ عبادتن جي مختلف شڪلين جي پاڻ ۾ فرق کي به تسليم ڪيو آهي. انهيءَ موضوع تي مولانا ابوالڪلام آزاد ترجمان القرآن جي ديباچي ۾ ”وحدت دين ڪي اصل عظيم اور قرآن حڪيم“ جي عنوان هيٺ دين جي بنياد تي انساني وحدت قائم ڪرڻ تي روشني وڌي آهي. مون پنهنجي لکڻي ”اسلامي انقلاب ڪا عهدنامه“ ۾، جيڪا سورت الفاتحه جو تفسير آهي، ”اهدنا“ جي تشريح ۾ مولانا آزاد جو ذڪر ڪيل سمورو مقالو لکي ڇڏيو آهي.
بهرحال نبوت واري سلسلي جي خاتمي کي مڃڻ کانسواءِ انساني وحدت جو قيام ممڪن ئي نه آهي. علامه اقبال تحقيق جي سائنسي طريقي واري کوجنا کي نبوت جي خاتمي جي دليل سڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته تحقيق جي انهيءَ طريقي سان انساني عقل مسئلي جي سمورن جزئيات جو جائزو وٺي صحيح نتيجي تائين پهچي ٿو. تنهن ڪري عقل انساني کي هاڻي عقل کان مٿانهن سهارن جي ضرورت نه رهي آهي. پر انهيءَ فيصلي ۾ هڪڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اقبال پاڻ ئي ٻڌايو آهي ته حقيقي مذهب نه ته عقيدي (Dogma) جو نالو آهي نه ظاهري رسمن جو ۽ نه ئي وري مذهبي پيشوائيت وارو مذهب انهيءَ آهي سوال جو جواب آهي ته انسان ڪٿان آيو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. پر سائنس جو دارمدار جيئن ته انسان حواسن تي آهي ۽ انساني حواس، حواسن کان مٿانهن حقيقتن کي ڳولي لهڻ جي اهليت نٿا رکن، تنهن ڪري انهيءَ سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ حواسن کان مٿانهن ذريعن کي ئي ڳولڻو پوندو، جنهن جي سڀ کان ڀلي ۾ ڀلي شڪل خدائي وحي ئي آهي. سائنس حواسن جي مدد سان ٻڌايو آهي ته انساني فطرت ۾ جنس (Sex) جو جيو گھرڙو ٿيندو آهي جيڪو مختلف ذريعن سان پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ گھرندو آهي. پر مذهب انهيءَ جي برخلاف ٻڌايو آهي ته انساني فطرت ۾ الوهي (توانائي جو جيو گھرڙو) آهي جيڪو جبلتن جي حيواني گھرجن جي اظهار کي، پنهنجي اعلى اخلاقي سانچن ۾ بيهاري ٿو ۽ انساني شخصيت جي حيواني گھرجن کي انساني ۽ يزداني گھرجن ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. اهڙي طرح بقول حضرت رومي جي ته انسان ”آنچه اندر وهم نايدن شوم“ جي اعلى ۽ مٿانهين شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو.
مون پنهنجي لکڻي ”اسلام ۾ حرڪت ۽ ارتقا ڪا تصور“ ۾ ختم نبوت جي لاءِ ڇهن دليلن يا ضرورتن جي نشاندهي ڪئي آهي: (1) تحقيق جو سائنسي طريقو (2) رياست ۽ ان جو خاتمو (3) نصب العيني معاشرو (4) خلافتِ آدم (5) عالمي تهذيب جي جوڙجڪ ۽ (6) شرعي ۽ قرآني حڪمن جي عبوري حيثيت. يعني شرعي حڪمن ۾ حالتن ۽ زماني جو خيال رکڻ ۽ انهن جي تفصيل ۽ تشريح انهيءَ ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿي.
تنهن ڪري نبوت جو خاتمو تاريخي ۽ معاشرتي ارتقا جو لازمي نتيجو آهي. اجمل صاحب صحيح فرمايو آهي ته ايندڙ نبي ڪهڙي نئين تعليم کڻي ايندو جڏهن ته اڳوڻن پاڪ ڪتابن ۽ قرآن ڪريم انساني زندگيءَ جي سمورن امڪاني مسئلن جي حل تي روشني وجھي ڇڏي آهي. هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته معاشري جي تنظيم کي مسئلن جي انهيءَ حل ڏانهن آندو وڃي. قرآن پاڪ انهيءَ معاملي ۾ مڪمل روشني ڏئي ٿو، پر افسوس اهو آهي ته مسلمانن نه ته معاشري جي تنظيم کي انهيءَ قرآني نقشي تي بيهاريو آهي ۽ نه ئي انهيءَ نقشي کي عالمي سطح يا عالمي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي. اهڙي طرح اسلام پنهنجي مافيا ۾ جامع انساني فڪر جي بدران هڪ مذهبي ٽولو بڻجي پيو آهي. انهيءَ ڪري نبوت جو خاتمو اسلام جي عقيدن مان هڪ عقيدو آهي جنهن کانسواءِ انساني وحدت جو دينن جي وحدت جي بنياد تي حصول ممڪن ئي نه آهي. اهو به ياد رهي ته قرآن پاڪ خدائي ڪتابن کي منسوخ نٿو ڪري، پر آڳاٽن نبين جي وساريل حڪمن کي عمل ۾ آڻي، انهن جي تڪميل ڪري ٿو.
سورت البقره رڪوع نمبر 28:
عام السوال ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن عربن جي سماجي ۽ اخلاقي حالت مان اڀرندڙ مسئلن جو قرآني حل پيش ڪيو آهي. مثال طور (1) حيض جي حالت ۾ عورتن سان صحبت درست نه آهي. (2) اجايا قسم کڻڻ صحيح نه آهي (جيئن ڪنهن جي مالي مدد نه ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ ٺاهه نه ڪرائڻ لاءِ قسم کڻڻ) (3) پنهنجي زال کان چئن مهينن تائين نه وڃڻ لاءِ قسم کڻڻ (ايلاء) صحيح نه آهي. اهڙن قسمن کي ٽوڙڻ ۽ انهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ گھرجي.
ايلاء جو قسم کڻڻ وارن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته چئن مهينن تائين پنهنجي زالن سان جدا رهڻ جي حالت ۾ اها آزاد (طلاقيل) ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته ٽي حيض گذري وڃڻ کان پوءِ جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ته اها عورت پيٽ سان نه آهي ته هاڻي انهيءَ کي اختيار هوندو ته جنهن سان وڻيس تنهن سان نڪاح ڪري سگھي ٿي. پر جيڪڏهن زال مڙس صلح ڪرڻ گھرن ته ڀلو انهيءَ ۾ ئي آهي ته ايلاءَ جي بنياد تي طلاق ڏيندڙ مڙس جيترو جلد ٿي سگھي پنهنجي زال ڏانهن موٽي اچي.
اها ڳالهه به ياد رهي ته دستور موجب عورتن جو مردن تي اهڙو ئي حق آهي جيترو مردن جو عورتن تي آهي. جيتوڻيڪ عام حالتن ۾ مردن کي عورتن جي مٿان فضيلت حاصل آهي. پر ايلاءَ جي سلسلي ۾ مرد کي پنهنجي بيهودگيءَ جي سزا ڏنڍ جي شڪل ۾ ملڻ گھرجي ته جيئن هو وري پنهنجي زال جي حق ۾ ايلاءَ جو قسم نه کڻي سگھي.
سورت البقره رڪوع نمبر 29:
زراعت واري دؤر جي شروعات کان وٺي مرد عورت کي غلام بلڪ ان کان به وڌيڪ بڇڙو ڪري رکيو آهي. پر حقيقي اسلام يا الله تعالى جي ٻانهپ جو مطلب اهو نه هو ته ڪمزورن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي جسماني سگھه رکڻ وارا ماڻهو سدائين جي لاءِ انسانن جي اڌ سراسر آباديءَ کي ذليل ۽ هيڻو ڪري رکن ۽ ان کي رانديڪو بڻائي ڇڏين.
پاڻ ڪريمﷺ جن طلاقِ ظهار کي ختم ڪيو. ايلاء واري قسم جي سزا مرد کي ڏني. اهڙي طرح طلاق کان پوءِ مرد کي انهيءَ ڳالهه جو حق نه هوندو ته اهو طلاق يا ايلاء وانگر ڏانهنس موٽ ڪري سگھي، اها عورت انهيءَ لاءِ حرام ٿي وئي.
طلاق بائن کان پوءِ رجعت:
پر جيڪڏهن عورت پئسا ڏئي خلعه نه ورتو آهي، پر ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري مرد طلاق ڏئي ڇڏي ته طلاق ايلاء وانگر طلاق بائن کانپوءِ به ٺاهه ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه تمام ئي مناسب آهي ۽ اها ڳالهه الله تعاليٰ وٽ پاڪيزه ۽ سٺي آهي.
پر جيڪڏهن طلاق خلعي (يعني عورت جو مرد کي ڪجھه ڏئي ڪري ورتل طلاق) کانپوءِ عورت ڪنهن مرد سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر طلاقيل بڻجي پوي ته پوءِ عورت کي انهيءَ ڳالهه جو اختيار حاصل آهي ته هوءَ اڳوڻي مڙس سان ٺاهه ڪري ان سان ٻيهر نڪاح ڪري. اهڙي طرح رضاعت جي معاملي ۾ به عورت جا مرد جي مٿان حق آهن. (ڏسو سورت البقره، رڪوع نمبر 30)
رسول الله ﷺ کي بيبين سڳورين طرفان لٽي ڪپڙي وڌائڻ لاءِ مطالبو:
انهيءَ زماني ۾ رسول الله ﷺ جي پاڪ بيبين انهيءَ ڳالهه جي خواهش ڪئي ته انهن جي لٽي ڪپڙي ۽ خرچ پکي ۾ واڌارو ڪيو وڃي. پر جنگي خرچن جي ڪري انهن جي انهيءَ خواهش کي پورو ڪرڻ ڏکيو هو ۽ ذاتي عيش کي انساني مفادن تي ترجيح ڏيڻ ضروري هو. انهيءَ باري ۾ قرآن ڪريم پاڪ بيبين کي هن طرح جواب ڏنو:
سورت الاحزاب رڪوع 4:
رسول الله ﷺ وٽ تڪليفون سهندي رهي سگھو ٿيون ته رهو، ٻي صورت ۾ توهان کي خوشدليءَ سان ڇڏيو ويندو. توهان سمورين عورتن وانگر نه آهيو جو آزاد گھمنديون رهو، توهان کي گھرجي ته شان و شوڪت سان گھرن ۾ رهو ۽ الله تعاليٰ جي ڪلام ۽ حڪمت کي ياد ڪريو.
سلام بن ابي حقيق يهوديءَ جو قتل:
بنو نضير قبيلي وارن جو هڪ سردار هو جنهن جو نالو سلام هو. هن غزوه احزاب واري جنگ کي ڀڙڪايو هو ۽ پاڻ خيبر جي قلعن ۾ محفوظ هو. ان کي قتل ڪرڻ لاءِ پنج انصاري بنو خزرج مان ان کان قرض گھرڻ جي بهاني ويا ۽ راتو رات کيس ماري واپس مديني اچي پهتا.
مديني جي اوسي پاسي رهندڙ قبيلن کي سيکت
خندق واري جنگ کان پوءِ اهو ضروري ٿي پيو هو ته جيڪي قبيلا دشمنن سان مليل آهن، تن کي سيکت ڏني وڃي ۽ مديني جي حڪومت جو دٻدٻو قائم ڪيو وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ مديني جي اوسي پاسي ڪيتريون ئي مهمون روانو ڪيون ويون. انهن مان ڪن ۾ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجو پاڻ گڏجي ويندا هئا. انهن مهمن جي خاص ڳالهه اها هئي ته زيد هاڻي جيئن ته زيد بن حارث بڻجي ويو هو، انهيءَ جي باوجود به کين وري وري انهن مخلتف سرين جو سردار بڻائي موڪليو پئي ويو، ايتري تائين جو هڪ سال جي اندر ڇهن سرين جو سردار کيس ئي بڻايو ويو. باقي سرين ۾ محمد بن مسلمه، عڪاشه، ابو عبيده بن جراح، عبدالرحمان بن عوف، علي بن ابي طالب، عبدالله بن رواحه ۽ ڪرز بن جابر# کي سردار بڻايو ويو.
صحف ابراهيم ۽ صحف موسيٰ جا قانون:
جيتوڻيڪ يهودين جا ٻه قبيلا مديني مان لوڌيا ويا هئا ۽ بنو قريضه وارن کي پاڙؤن پٽيو ويو هو، پر مديني جي اوسي پاسي ۽ خاص ڪري خيبر ۾ ويهي ڪري يهودي پنهنجن شرارتن کي جاري رکيو پئي آيا.
قرآن ۾ يهودين ۽ عيسائين جي باري ۾ جيڪو ڪجھه نازل ٿيندو رهيو، انهي مان خبر پوي ٿي ته رسول الله ﷺ جن اهو گھرن پيا ته سڀئي ڪتاب وارا انهيءَ حقيقت کي مڃي وٺن ته سمورن نبين جو پيغام هڪڙو ئي هو. سچائي ڪنهن هڪ قوم، جهڙوڪه يهودي يا مجوسيءَ تائين محدود نه پر عالمگير هئي. انهيءَ ڪري سڀني لاءِ هڪ گڏيل ڪلمو جوڙيو وڃي ۽ اهو هيءُ ته الله سڀني جو الله آهي. ڪابه قوم نه ته ڪو خاص خدا رکي ٿي ۽ نه ئي اها نسلي طرح سان خدا جي رحمت جي حقدار ۽ لاڏلي آهي. نه اها پنهنجي نبين، سڌارڪ انسانن ۽ نه ئي ملائڪن کي پنهنجو معبود بڻائي سگھي ٿي. اهي سمورا انهيءَ آقا (رب) جا ٻانها آهن، جنهن سڀني کي پيدا ڪيو آهي. انهيءَ باري ۾ آل عمران جا هيٺيان رڪوع ڏيون ٿا ۽ نوٽ ڪري ڇڏيو ته سورت بني اسرائيل (اسحاق جي آڪهه) ۽ آل عمران (موسى بن عمران جي آڪهه) ٻنهي ۾ يهودين جي باري ۾ ڪي بنيادي ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن. بني اسرائيل (آل اسحاق) اها قوم آهي جيڪا مصري غلاميءَ ۾ رهندي هئي ۽ انهن جو دين ابراهيمي هو. توريت اڃا نازل نه ٿيو هو. سورت آل عمران انهيءَ قوم جي لاءِ آهي جيڪا بني عمران مان آهي ۽ جنهن جي دؤر ۾ توريت نازل ٿيو هو. انهيءَ ڪري ئي هن سورت (آل عمران) ۾ چيو ويو آهي ته توريت کان اڳ جيڪي قانون هئا اهي توريت ۾ به هئا ۽ اهي صحف ابراهيم ۾ به هئا. پر يهودي حق واري ڳالهه کي پنهنجي ڪوڙ سان لڪائن ٿا.
سورت آل عمران، رڪوع نمبر 8:
يهودين جا مذهبي پيشوا ملائڪن ۽ نبين کي رب (پالڻهار) مڃن ٿا ۽ انهن جي پوڄا ڪرائن ٿا. الله تعالا جي بندگي، جيڪا حقيقي دين ۽ اصلي اسلام آهي، سو ئي دين ابراهيم آهي. گھڻا يهودي انهيءَ کان روڪيندا آهن. اڃا به خدا پرستيءَ جي تعليم جيڪا پاڻ ڪريم ﷺ جن ڏين ٿا، تنهن کي به غلط ٻڌائن ٿا. اهي چون ٿا ته صبح جو قرآن تي ايمان آڻيو ۽ شام جو متشابهات، يعني جيڪي ڳالهيون يهودين جي قانون موجب آهن، تن کي ڇڏي ٻين ڳالهين کان ڦري وڃو ۽ مسلمانن جي ڳالهين کي نه مڃو. اهي پنهنجي زبانن کي اهڙي طرح وچڙائي ڳالهائن ٿا جو ڄڻ ته اها ڪا توريت جي عبارت آهي، جڏهن ته اها توريت جي عبارت هرگز نه هوندي آهي. پر انهن ۾ سڀئي هڪجهڙا نه آهن جو بي ايمان هجن. انهن ۾ وڏا امين ۽ ديانتدار يهودي به آهن.
سورت آل عمران رڪوع نمبر 9:
عهدنامه عتيق اهو هو ته الله تعالى جي ٻانهپ اختيار ڪريو. ان کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريو. جيڪو ماڻهو اهڙي قسم جي تعليم (يعني خدائي ٻانهپ جي تعليم) ڏيندو تنهن کي نبي مڃيو ويندو، اهو ئي اسلام (دين ابراهيم يا عهدنامه عتيق) آهي. انهيءَ خدائي ٻانهپ جي تعليم هر نبي ڏيندو آيو آهي. انهيءَ ۾ سمورا نبي برابر آهن. (لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْ رُّسُلِہ) انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه دين قبولڻ جوڳو نه آهي. (وَمَنْ يَّبْتَـغِ غَيْرَ الْاِسْلَامِ دِيْنًا فَلَنْ يُّقْبَلَ مِنْہُ). اهو ئي عهدنامه عتيق آهي.
سورت آل عمران، رڪوع نمبر 10:
توريت کان اڳ دين ابرهيم ۾ ڪابه غذا حرام نه هئي. پر يهودين توريت نازل ٿيڻ کان اڳ چند قسم جا گوشت پنهنجي مٿان حرام ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن ته اصل حرام جو تعلق ته نيڪ ۽ بد عملن سان آهي. جڏهن ته عملن ۾ ڀلو عمل غريبن کي کاڌو کارائڻ آهي ۽ بڇڙو عمل ڪنجوسي ۽ وياج خوري آهي. اهي بني اسرائيل الله تعالى کان نيڪ عملي ۽ خدا پرستيءَ جو واعدو ڪري انهيءَ کان ڦري ويا آهن ۽ دين ابراهيم ۽ ابرهيم ؑ تي نازل ٿيل صحيفن يا حڪمن جا انڪاري ٿي پيا آهن.
سورت آل عمران، رڪوع نمبر 11:
تنهن ڪري اي انصاريو! توهان الله تعالى جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ يهودين جي برغلائڻ سان انهيءَ دين کي نه ڇڏيو. سمورن پيغمبرن اهو ئي پيغام ڏنو آهي. مان به اهو ئي چوان ٿو. انهيءَ اسلام جي ڪري ئي توهان جو نفاق ختم ٿيو ۽ توهان يهودين تي سوڀارا ٿيا.
عيسائين ڏانهن وفد:
شعبان 6 هجري ۾ عبدالرحمان بن عوف دومة الجندل جي عيسائي رئيس ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ کين هدايت ڪئي وئي ته جيڪڏهن عيسائي فرمانبردار ٿي رهڻ قبولين ته انهن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏجان. حضرت ابن عوفؒ انهن کي ٽن ڏينهن تائين اسلام جي باري ۾ سمجھائيندو رهيو. آخر ڪار انهن جو بادشاهه ۽ ٻيا ڪيترائي عيسائي مسلمان ٿي پيا ۽ انهن جي سردار جي ڌيءَ تماخر سان حضرت عبدالرحمانؒ جن نڪاح ڪري ورتو. هوءَ ابو سلمه جي ماءُ هئي.
حلالي کانسواءِ بي بي زينب جو پنهنجي مڙس جي حوالي ٿيڻ:
2 هجري ۾ حضرت زينب بنت رسول الله ﷺ کي ابو العاص طلاق ڏئي مديني موڪلي ڇڏيو هو. هاڻي سنه 6 هجري ۾ هو ٻيهر گرفتار ٿي مديني آيو. آخر بي بي زينب ان جي سفارش ڪئي جنهن تي رسول اللهﷺ جن ان جو مال واپس ڪري ڇڏيو. هو غيرتمند ماڻهو هو، مڪي وڃي ڪري پنهنجي سمورو قرض ماڻهن کي ادا ڪري، مسلمان ٿي مديني واپس پهتو. هن چيو ته مان مديني ۾ انهيءَ لاءِ مسلمان نه ٿيو هئس ته ڪٿي ماڻهو اهو نه سمجھن ته مان سندن مال ڦٻائڻ لاءِ مسلمان ٿيو آهيان. هو اعلان ڪري مديني اچي پهتو. پاڻ ڪريمﷺ جن ڪيترن ئي سالن کان پوءِ حضرت بي بي زينب کي، بنا ڪنهن ٻئي نڪاح يا حلالي جي ابوالعاص سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
انهيءَ کان اڳ قرآن ۾ اهو حڪم ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کان ڪجھه مال وٺي، ان کان خلع گھرڻ تي ان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته هو انهيءَ عورت سان ايتري وقت تائين رجوع نٿو ڪري سگھي جيستائين انهيءَ عورت جو ٻئي ڪنهن ماڻهو سان نڪاح نه ٿئي ۽ هو کيس طلاق نه ڏئي.
پر بي بي زينب جي طلاق خلع نه هئي. يعني ابو العاص پنهنجي زال کان پئسا وٺي طلاق نه ڏني هئي، انهيءَ ڪري اها واپسي قرآن جي تعليم موجب پاڪيزه هئي.
سورت البقره رڪوع نمبر 30:
رجعت جي حڪم جي وڌيڪ تشريح اها آهي ته جنهن عورت کي طلاق ڏني وئي هجي ۽ اها پنهنجي عدت واري مدت پوري ڪري چڪي هجي ته پوءِ هوءَ پنهنجي پهرين مڙس سان نڪاح ڪري سگھي ٿي. اها ڳالهه به پاڪائيءَ واري آهي. (پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته عورت ۽ مرد ٻئي ٺهي هلن ۽ ٻنهي جي خواهش هجي ته واپسي ئي ڀلي آهي). پر خلع (جيڪا ڪجھه پئسن جي عيوض ورتو ويو هجي) جي صورت ۾ واپسي نٿي ٿي سگھي.
سورت البقره رڪوع نمبر 3:
صلٰوة وسطيٰ جو مطلب طلاق کانپوءِ طلاقيل کي هليءَ چليءَ وانگر خرچ پکو ملڻ گھرجي. اهو هر مسلمان جي لاءِ صلوٰت الوسطيٰ آهي. يعني اها انصاف واري ڳالهه آهي جيڪا غير معمولي حالتن ۾ (جنگ يا مفلسي وانگر) ڇڏي سگھجي ٿو يا ترميم ڪري سگھجي ٿي. جهڙي طرح جنگ جي حالت ۾ نماز جي حڪمن ۾ ترميم هوندي آهي (وسطيٰ انصاف ۽ وچٿري راهه جي معنى ۾ ورتي وئي آهي جڏهن ته صلوٰت وري فرض جي معنى ۾ ورتي وئي آهي).
سورت مائده آيت نمبر 36 ۽ 37:
الله ۽ ان جي رسول سان جيڪي وڙهندا ۽ ملڪ ۾ فساد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، تن کي قتل، ڦاسي، هٿ پير ڪٽڻ جي سزا ڏئي سگھجي ٿي. باقي جيڪي شڪست کائڻ کان اڳ ئي اسلام جي پيغمبر سان ويڙهه کان مڙي وڃن ته انهن کي معاف ڪيو ويندو.
مٿيون پيغام هن دؤر جي آخر ۾ ڪافرن ۽ يهودين جي لاءِ ڏنو ويو هو ۽ اڳتي هلي خبر پوندي ته انهيءَ پيغام مڪي جي مشرڪن تي ڪهڙو اثر ڇڏيو.