مذهب

انقلابِ مڪہ

ڪتاب ”انقلابِ مڪه نبيﷺ جي سيرت، قرآن جي روشني ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد آهي، جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار احمد الدين شر آهي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.
Title Cover of book انقلابِ مڪہ

اسلامي انقلاب جي پنجين منزل

ڀاڱو پهريون: مڪي کان ٻاهر رهندڙ قبيلن،
مجوسين ۽ يهودين ڏانهن ڌيان

]محرم 10 نبوي (مارچ 619ع) کان صفر 13 نبوي (مئي 622ع)[

نوٽ: هن دؤر ۾ رسول الله ﷺ جي مبارڪ زندگي ٽن مختلف دؤرن مان گذري ٿي:
شعب ابي طالب مان رهائي کان ابو طالب جي وفات تائين
هن دؤر ۾ رحمان جي بحث کي ختم ڪيو ويو ۽ يهودين ۽ مڪي جي اوسي پاسي وارن قبيلن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻن خدائن جي مڃيندڙن کي توحيد جي دعوت ڏني وئي، پر جڏهن مڪي ۾ رهڻ ناممڪن بڻجي ويو ۽ مديني (يثرب) ۾ عيسائي پيدا ٿيا ته پاڻ ڪريم ﷺ کي نه چاهيندي به مڪي کي ڇڏڻو پيو.
رسول الله ﷺ ۽ سندن ساٿين جي شعب ابي طالب مان رهائي
10 نبوي جي شروع ۾ جڏهن 9 نبوي جي حج (مارچ 619ع) جا ڏينهن ختم ٿي رهيا هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ جي خاندان سان همدردي رکڻ وارا ڪي ماڻهو جاڳي پيا. انهن ڏٺو ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب تي ٽي سال ڏاڍا ڏکيا گذري چڪا آهن ۽ قريش سمجھن پيا ته هاڻي اسلام جلد ئي ختم ٿي ويندو. واپاري حالتون به بهتر ٿي رهيون آهن جو شام ۽ مصر تي ايرانين جي قبضي سبب مڪي جي ايران دوست پارٽي جو ڪاروبار چمڪي پيو هو. عيسائين جي دوستن ۽ مسلمانن تي اهو اثر ٿيو جو حبشه کان ڪيترائي مهاجر واپس موٽي آيا. ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته عيسائين جا ديني فرقا ايرانين جي تلوار سان ختم ٿي ويندا ۽ هر جاءِ تي يزدان ۽ اهرمن جي پوڄا ٿيڻ لڳندي.
بنو هاشم ۽ بنو مطلب جا ڪيترائي مٽ مائٽ مختلف خاندانن سان لاڳاپو رکن پيا. هاشم، جيڪو شعب ۾ اَنُ پهچائيندو هو، هڪڙي ڏينهن زهير مخزوميءَ سان مليو. زهير ابو طالب جو ڀاڻيجو هو. هاشم چيو ته جيڪڏهن اها ئي مصيبت ابو الحڪم (ابوجهل) تي پوي ها ته ڇا هو اها برداشت ڪري ها؟ آخرڪار اهي ٻئي مطعم بن عدي وٽ ويا. هن به همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان کان پوءِ ابو البختري به انهن سان شامل ٿي ويو. ائين ئي زمعه مطلبي به انهن سان گڏجي پيو. هاڻي اهي سڀئي همراهه صبح جي وقت ڪعبي شريف ۾ انهيءَ معاهدي کي ڦاڙڻ جي لاءِ پاڻ ۾ گڏيا. زهير حرم ۾ اچي ڪري چيو ته هيءُ معاهدي سخت ظلم تي ٻڌل آهي تنهن ڪري مان انهيءَ کي ڦاڙي ڇڏيندس. ابو جهل مخالفت ڪئي، ٻئي پاسي زهير جي چئني ساٿين ان جو پاسو کنيو. مطعم معاهدي کي ڦاڙڻ جي لاءِ هٿ وڌايو ته ڏٺائين ته اڏهيءَ انهيءَ معاهدي جي ظلم تي ٻڌل سڀني شرطن واري حصي کي کائي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ اهي ماڻهو هٿيار ٻڌي شعب ۾ ويا ۽ سڀني کي ٻاهر ڪڍي آيا. مخالفن جون چوڪيون به کڄي ويون.
عيسائين جي هار ۽ مشرڪن جي خوشي:
مڪي ۾ ٻه پارٽيون پهريان کان ئي موجود هيون. هڪڙي پارٽي هاشم بن عبدمناف جي هئي، جنهن شام ۽ مصر کانسواءِ حبشه جي نجاشي سان به واپاري معاهدو ڪري ڇڏيو هو. هاشم جي مقابلي ۾ نوفل بن عبدمناف جي پارٽيءَ وري عراق ۽ ايران جي ساساني حڪمرانن سان معاهدا ڪري ڇڏيا هئا ۽ مڪي جي حڪومت جا ٻه شعبا پنهنجي ڀاءُ هاشم کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جو لڳ لاڳاپو عيسائين جي دوستن سان هو جيڪي مصر، شام ۽ حبشه سان واپار ڪندا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي سفر دوران انهن ماڻهن جي ريتن ۽ رسمن کان سواءِ انهن جي فرقي بندين کان به واقف ٿي چڪا هئا.

الاهي حڪومت جو قيام:
شعب ۾ قيد جي دوران الله تعالى پاڻ ڪريم ﷺ جن جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي هئي ته رياست قائم ڪرڻ کان سواءِ ماڻهن جي اخلاقي حالت جو سنورجڻ ممڪن نه آهي. پاڻ ﷺ جن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي چڪي هئي ته هر قوم ۾ هڪ پاسي مذهبي پيشوريت موجود آهي جنهن عوام جي دل ۽ دماغ کي ڌَڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان الله جي پٽ هئڻ وارو عقيدو رکندڙن کي ڪو فائدو ٿئي ته ٿئي، باقي الله جا ٻانها ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
ٻئي پاسي مسڪين ماڻهن کي تعليم ۽ تهذيب کان بي خبر رکي ڪري اهڙو ڪيو ويو آهي جو روزانو هزارين ماڻهو مذهبي پيشوريت، جادوگرن ۽ ڀوپن جي لاءِ پنهنجو ساهه ڏئي رهيا هئا.
قومن جي تباهيءَ جو سبب:
عاد ۽ ثمود جون قديم قومون به انهن مطلبي مذهبي پيشيورن، جادوگرن ۽ ڀوپن جي ٺڳين جو کاڄ ٿي ويون هيون. مصر جا فرعون توڙي يونان ۽ روم وارا به انهيءَ ڪري ئي مٽجي ويا هئا جو اهي سڀئي پاڻ کي ”انا ربڪم الاعلى“ چوندا هئا. انهن لاءِ پورهيو ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي، پر ملڪ جي بچاءَ واري ذميواري به انهن غلامن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سامهون جيڪي قومون هيون انهن ۾ يهودين جي هزارين سالن جي تاريخ انهيءَ معنى ۾ شاندار هئي ته اها قوم وري وري غلام بڻي ۽ پوءِ هر دفعي وڏي جاکوڙ سان آزادي ماڻي پنهنجي ديني رياست کي قائم ڪر ي سگھي. ان کان پهريان حبشه جا عيسائي بادشاهه نجاشيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪا هئا، هاڻي يهودين سان گڏوگڏ ايران ۽ عراق جي خدا پرستن سان ڳالهه ٻولهه جو وقت اچي ويو هو. انهيءَ زماني (619ع) ۾ قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه کي ايرانين وري وري شڪست ڏيڻ شروع ڪري ڏني هئي. ائين ايراني ساسانين مصر تائين واري علائقي تي سوڀ ماڻي ورتي هئي. مڪي جا مشرڪ خوش هئا ته جلد ئي ايراني فوجون حبشه پهچي عيسائي فوج ۽ مسلمانن کي ختم ڪري ڇڏينديون. پر رسول الله ﷺ جن الله تعالى وٽان وحي جي وسيلي خبر وٺي مڪي جي مشرڪن کي چيو ته ٿورڙن ئي سالن ۾ رومي فوجن کي ٻيهر فتح نصيب ٿيندي ۽ ٻن خدائن کي مڃيندڙن کي توريت جي هڪڙي خدا اڳيان مٿو ٽيڪڻو پوندو. انهيءَ هڪڙي الله کي عيسائي به مڃيندا آهن ۽ مان به مڃان ٿو پيو. ان کان پوءِ ٿيو به ائين ئي؛ 622ع ۾ روم جي عيسائين ايران جي ڪراڙي خسرو پرويز کي هارايو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ايران جي هارائجڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته ظالم سدائين هارائيندا ئي آهن. ظلم جون ٻه صورتون هونديون آهن؛ انهن مان هڪڙي صورت ته وياج خوري جي شڪل ۾ هوندي آهي جڏهن ته ٻي صورت وري غلامي ۽ اڻ برابري هوندي آهي. انهن ٻنهي ڳالهين جو بنيادي سبب غلامن ۽ پٺتي پيل طبقن جي ماڻهن جي محنت جو استحصال ۽ مال ميڙي گڏ ڪرڻ جي هٻڇ آهي. ايرانين جي فوج جو گھڻو تڻو حصو غلامن تي ٻڌل هوندو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌايو ته مختلف فرقن جي اندروني طرح ۽ پنهنجو پاڻ ۾ فرقي بندي غير فطري آهي. اصل ۾ جن عيسائي فرقن، جهڙوڪه نسطوري، يعقوبي وغيره، جي مٿان رومي حڪومت وارن ظلم پئي ڪيا، سي به ايرانين سان ملي ويا ۽ يهودي به مجوسين سان گڏجي پيا هئا. ايتري تائين جو ايراني فوج ۾ يهودين جو تعداد 26 هزار ٿي ويو. ان وقت روم جو قيصر ماريس (Mauric) کي قتل ڪري فوڪاس جي حڪومت تي قبضو ڪري چڪو هو، پر هرقل ان کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو. هرقل جي دؤر ۾ ايرانين کي بيت المقدس تي به سوڀ حاصل ٿي وئي ۽ ان هڪڙي ئي شهر ۾ 90 هزار عيسائي ماريا ويا. انهن جو مقدس ڪليسا القيامه کي برباد ڪيو ويو. وڏي صليب کي مدائن موڪليو ويو. وڏي پادري زڪريا کي قيد ڪيو ويو ۽ سڀئي وڏا وڏا گرجا ڊاٿا ويا. خسرو پرويز هرقل کي خط لکيو ته:
”سڀني خدائن کان وڏي خدا، روءِ زمين جي مالڪ خسرو جي طرف کان ان جي ڪميني ۽ اٻوجھه ٻانهي هرقل جي نالي. تون چوين ٿو ته توکي تنهنجي پالڻهار تي ڀروسو آهي، سو تنهنجي پالڻهار ڇا جي ڪري يروشلم کي مونکان بچائي نه سگھيو؟“
انساني ٻڌيءَ جو سڀ کان پهريون شرط معاشي برابري، غلامي ۽ وياج خوريءَ جو خاتمو آهي، ڇو ته انهن شين سان طبقاتي ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي آهي. موجوده دؤر جي سائنسي تحقيق ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پيداواري وسيلن تي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي جڏهن ته نوي سيڪڙو ماڻهو غلام ۽ پٺتي پيل آهن. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ انهيءَ ڪري ئي ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي ٿي.
انهيءَ ڪري ئي سورت روم ۾ الله تعالى چيو ته عيسائين وانگر فرقي بندي ڇڏي ڏيو. اصل دين (زندگي گذارڻ جو ڍنگ) اهو آهي ته سڀئي انسان هڪ جنس هئڻ جي ڪري پاڻ ۾ برابر آهن. جيڪي ماڻهو وياج وٺن ٿا ۽ انسانن جي سهائتا لاءِ پنهنجو مال خرچ نٿا ڪن، اهي ئي ظالم آهن ۽ ظلم جو نتيجو نفاق ۽ بزدلي آهي جنهن جو نتيجو وري تباهي ۽ برباديءَ کانسواءِ ٻيو ڪونه آهي؛ اهو ئي الله تعالى جو اڻٽر قانون آهي.
قرآن ۽ يهودي شعب کان پوءِ:
شعب ابي طالب ۾يهودين جي تاريخ بيان ڪئي وئي هئي. انهيءَ دؤر جو قرآن يهودين کي ٻڌائيندو هو ته توريت ۽ قرآن هڪ ئي سرچشمي مان نڪتا آهن ۽ انهن جي تعليم به ساڳي ئي آهي. شعب مان نڪرڻ کان پوءِ جيڪي سورتون نازل ٿيون انهن ۾ بني اسرائيل جي باري ۾ چٽائيءَ سان اهو چيو پيو وڃي ته اچو ته اسان ۽ توهان ٻين الله تي ايمان رکندڙ قومن سان گڏجي دنيا کي ٻيهر دين جو سبق پڙهايون ۽ شيطان جي دين کان بچايون. سڀ کان وڏي شيطانيت شرڪ ۽ فرقي بندي آهي جنهن جي ڪري قومون تباهه ٿي وينديون آهن.
انهيءَ دؤر (يعني شعب ابي طالب مان رهائي کان پوءِ) واري قرآن اهو به ٻڌايو ته رسول الله ﷺ جي ٻڌايل تعليم تمام ئي سؤلي آهي ۽ انهن هٿرادو گھڙيل پابندين کي ختم ڪري ٿي جيڪي رَبيَن، پوپن ۽ پادرين فطري دين ۾ داخل ڪري ڇڏيون آهن.
سورت اعراف جي آيت نمبر چوڏهن ۾ فرمايو ويو آهي ته اهو نبي چڱين ڳالهين جو حڪم ڏيندو ۽ بڇڙين ڳالهين کان روڪيندو. پاڪ شين کي انهن جي لاءِ حلال ۽ ناپاڪ شين کي انهن جي لاءِ حرام ڪندو. انهن جا بار هلڪا ڪندو جيڪي انهن جي مٿان پيل آهن ۽ ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيندو؛ مثلاً ڇنڇر جي ڏينهن به شڪار ڪري سگھو ٿا ۽ اُٺ جو گوشت به کائي سگھو ٿا.
انهيءَ زماني ۾ قرآن ڪٿي توريت جي حڪمن جي تصديق ڪئي ۽ ڪٿي وري ان جي اندر يهودين جي طرف کان ڪيل تحريفن ۽ غلط بيانن جي نشاندهي ڪئي؛ جيئن ته پنهنجي قوم جي دنيا جي سڀني قومن کان مٿانهون سمجھڻ ۽ پنهنجي خدا (يهودا) کي ٻين قومن جي خدائن کان چڱو ڀلو ۽ سگھارو سمجھڻ ۽ اهو چوڻ ته خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته هو اسرائيلين کي سدائين مٿانهون رکندو ۽ دنيا جون هزارين قومون انهن جي غلاميءَ جي لاءِ پيدا ڪيون آهن. دنيا جو سڀ کان ڀلو ملڪ ڪنعان انهن کي ڏيندو. انهن ۾ هڪڙو بادشاهه پيدا ٿيندو جيڪو سڀني قومن کان اسرائيل جي غلامي ڪرائيندو. يهودين اهي سڀئي ڳالهيون بابل جي قيد مان سکيون هيون.
هن دؤر جي قرآن توريت ۾ موجود ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته جيڪڏهن توهان توريت جي ڳالهين کي نه مڃيندؤ ته الله تعالى جي پياري ۽ لائق قوم نه رهندؤ، اڃا به اها ڳالهه ڪئي ته جيڪو به ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪندو ته اهو الله تعالى وٽ عزت ڀريو هوندو. انهن کي ٻڌايو ويو ته توريت ۾ لکيل آهي ته شيطان آدم کي ڌتاريو ته ان کان جيڪا غلطي ٿي وئي ته ان تي کيس سزا ڏني وئي. هاڻي جيڪڏهن ڪو گناهه ڪندو ته ڇا هو الله تعالى جو لاڏلو هئڻ سبب سزا کان بچي ويندو؟ الله تعالى جو لاڏلو ته اهو ئي آهي جيڪو گناهه ڪري ئي نه ۽ وري جي غلطي ٿي به وڃيس ته آدم ؑ وانگر پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري توبه ڪري ۽ الله تعالى جي رحمت تي ڀروسو ڪري. ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ته بني اسرائيل ۾ ڪي چڱا ماڻهو به آهن جيڪي رڳو الله تعالى جي ٻانهپ ڪن ٿا ۽ وياج وٺي ماڻهن کي پنهنجو غلام نٿا بڻائن. اهي ماڻهو حضرت موسىؑ جا سچا پيروڪار آهن. جادوگرن ۽ بادشاهن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ گھرن ٿا. انجيل ۾ به خدا پرستي ۽ غريبن جي سهائتا ڪرڻ جي تعليم موجود آهي. انجيل ۽ توريت ۾ چيو ويو آهي ته نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪريو ۽ بڇڙن ۽ خراب ڪمن کان پاسو ڪريو ۽ خبردار ڪيو آهي ته اڻ برابري يعني فرقي بندي، غلامي ۽ شيطان پرستي جي ڪري قومن جي اندر تباهي ايندي آهي.
يهودي واپاري يثرب ۽ يمن کان مڪي ۾ ايندا ويندا رهندا هئا. پڪ سان انهن ٻڌو هوندو ته مڪي ۾ هڪڙو نبي پيدا ٿيو آهي جيڪو بني اسرائيل جي واکاڻ ڪري ٿو ۽ توريت جي هدايت کي نور سڏي ٿو، پر عسيى ؑ کي الله جو پٽ نٿو مڃي رڳو مريم جو پٽ سڏي ٿو. عيسائين کي چوي ٿو ته ڪفاري ۽ شفاعت وارو تصور اجايو آهي. ڪوبه ڪنهن جو بار نه کڻندو. تنهن ڪري جهڙي طرح توريت ۽ انجيل الله تعالى جو ڪلام آهي، ائين ئي قرآن به الله تعالى جو ڪلام آهي.
شعب ۾ نظربند ٿيڻ کان پهريان عيسائين سان واقفيت ٿي چڪي هئي. شعب جي اندر ئي دين ابراهيمي جو نقشو تيار ٿي ويو هو ته جئين ابراهيمؑ ۽ موسىؑ سياسي جاکوڙ ڪئي هئي ائين ئي قرآن ڪريم جي اطاعت ڪندڙن کي به پنهنجي رياست ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. ڇو ته رياست کانسواءِ دين (زندگيءَ جو قانون) جو قائم ڪرڻ ڏکيو آهي. شعب واري دؤر ۾ جيڪو قرآن نازل ٿيو انهيءَ جي ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين، يهودين ۽ مجوسين ڏانهن هو. هاڻي شعب کان ٻاهر جيڪو قرآن نازل ٿيو هو، ان جي ڳالهه ٻولهه جو رخ وري به عيسائين، يهودين ۽ مجوسين ڏانهن ئي آهي. انهيءَ ۾ سڀني کي هڪڙي ئي ڪلمي تي متحد ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي قومون خدا پرست آهن سي سڀئي هڪ آهن. فرقي پرستي ۽ ننڍڙي سوچ رکندڙ قوم پرستي کي ڇڏي اسلام جي عالمي هلچل کي سگھارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. اهو ئي حضرت ابراهيم ؑ ۽ حضرت موسىؑ جو پيغام آهي.
(1) سورت الاعراف:
شعب مان رهائي کان پوءِ سورت اعراف نازل ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀئي انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن. پر شيطان انسانن کي برغلائيندو آهي ته هو ظلم ۽ ڏاڍ کان ڪم وٺي. توريت ۾ لکيل آهي ته الله تعالى ئي سموري جهان جو اڪيلو مالڪ آهي. بني اسرائيل ۾ به ڪي چڱا ماڻهو آهن جيڪي زمين ۽ آسمان جي پالڻهار جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪندا آهن ۽ موسىؑ جي پيروي ۾ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻي جادوگرن ۽ بادشاهن جي ظالم چنبي مان آزاد ٿي ويا آهن. انجيل ۾ پڻ خدا پرستيءَ جو سبق ڏنو ويو آهي. رسول الله ﷺ جو ذڪر انهن ڪتابن ۾ موجود آهي ۽ رسول الله ﷺ به توريت ۽ انجيل وانگر چڱن ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا ۽ بڇڙائين ۽ خراب ڪمن ڪرڻ کان روڪين ٿا.
رسول الله ﷺجن نه ته علم غيب رکڻ جي دعوى ڪن ٿا ۽ نه ئي پاڻ جادوگر آهن. پاڻ ته رڳو اڻ برابري ۽ شيطان پرستيءَ کان روڪين ٿا ۽ اهو ته ڊيڄاريندڙ آهن. جيڪڏهن رسول الله ﷺ غيب جو علم رکندڙ هجن ها ته تمام ئي آسودا ٿي وڃن ها ۽ ڪنهن به مصيبت اچڻ کان اڳ ۾ ئي ان کان هوشيار ٿي وڃن ها ۽ اهڙيءَ طرح کين زندگيءَ ۾ ڪو به نقصان نه پهچي ها.
وَلَوْ كُنْتُ اَعْلَمُ الْغَيْبَ لَاسْـتَكْثَرْتُ مِنَ الْخَيْرِ۝۰ۚۖۛ وَمَا مَسَّنِيَ السُّوْۗءُ۝۰ۚۛ
نفعو ۽ نقصان نبي جي وس ۾ نه آهي رڳو الله تعالى جي ئي هٿ وس آهي. شيطان تقوى ۽ پرهيزگاري واري لباس کي کَسي اگھاڙو ڪري ڇڏيندو آهي، پر جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڀروسو ڪندا آهن سي پنهنجي غلطيءَ کان مڙي ويندا آهن ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري وٺندا آهن. شيطان رڳو ٺڳي ئي سگھي ٿو. رڳو الله تعالى ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن کي هدايت ڏئي ٿو ۽ شيطانيت کان بچائي ٿو. نبي به الله تعالى جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به طرح ڪنهن جي شفاعت يا سفارش نٿو ڪري سگھي.
قُلْ لَّآ اَمْلِكُ لِنَفْسِيْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا اِلَّا مَا شَاۗءَ اللہُ۝۰ۭ
”(اي نبيﷺ) تون چئو ته مان پنهنجي ذاتي نفعي ۽ نقصان جو به مالڪ نه آهيان، پر اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو الله گھرندو آهي.“
اي رسولﷺ جن حالتن ۾ تون گھاري رهيو آهي تن جي گھرج اها آهي ته تون معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺ. نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو رهه. جيڪي ماڻهو ان کان پوءِ به توکي ڏک پهچائن ٿا ته پوءِ اهڙن جاهل ماڻهن کان منهن موڙ.
خُذِ الْعَفْوَوَاْمُرْ بِالْعُرْفِ وَاَعْرِضْ عَنِ الْجٰہِلِيْنَ۝۱۹۹
ماڻهؤ! پنهنجي بتن جا ڪي نالا رکي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي باري ۾ ڪي ڳالهيون گھڙي ڇڏيون آهن. مثال طور اهو ته لات ديويءَ ۾ هيءَ طاقت ۽ منات ديويءَ ۾ هيءَ طاقت آهي ۽ پوءِ پنهنجي انهن گھڙيل ڳالهين کي بنياد بڻائي مونسان جھيڙيو ٿا. توهان وٽ انهن جي طاقت ۽ سگھه جو ڪو به دليل نه آهي. هاڻي وڌيڪ بحث بازيءَ جي ضرورت نه آهي، رڳو انهيءَ ڳالهه جو انتظار ڪريو ته ڳجھه مان ڇاٿو پيو ظاهر ٿئي. مان به توهان سان گڏ انتظار ڪري رهيو آهيان.
اَتُجَادِلُوْنَنِيْ فِيْٓ اَسْمَاۗءٍ سَمَّيْتُمُوْہَآ اَنْتُمْ وَاٰبَاۗؤُكُمْ مَّا نَزَّلَ اللہُ بِہَا مِنْ سُـلْطٰنٍ۝۰ۭ فَانْتَظِرُوْٓا اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ۝۷۱
ڪافر وري وري پاڻ ڪريم ﷺ جن کان معجزي جي گھر ڪندا هئا. مثال طور اهي چوندا هئا ته اسان جو ملڪ وارياسو ۽ پٿريلو آهي، سو تون پنهنجي الله کي چئو ته هو هتي درياءُ وهائي. پاڻ ڪريم ﷺ جن چوندا هئا الله تعالى جي وجود جو ثبوت معجزو نه آهي پر ان جو ثبوت ته سموري مخلوق آهي. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هر شيءِ کي الله تعالى پيدا ناهي ڪيو ته پوءِ توهان پنهنجي ديوين کي چئو ته جيڪڏهن انهن ۾ اهڙي سگھه آهي ته پوءِ اهي پيدا ڪري ڏيکارين. جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کي انهن جي مطالبي موجب ڪو معجزو نه ڏيکاريو ته ته اهي شرارت سان چوندا هئا ته ڇا ڳالهه آهي جو تون پنهنجي الله کي چئي اسان جو گھريل معجزو نه ڏيکاري سگھين؟
وَاِذَا لَمْ تَاْتِہِمْ بِاٰيَۃٍ قَالُوْا لَوْلَا اجْتَبَيْتَہَا۝۰ۭ
توهان الله تعالى جي وجود جي لاءِ معجزو (ثبوت يا دليل) گھرو ٿا سو مون وٽ ته عقلي دليل آهن. توهان پاڻ به سمجھي سگھو ٿا ته هر شيءِ کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي. اهي ئي دليل وحي الاهي جي وسيلي پيش ڪيا پيا وڃن.
قُلْ اِنَّمَآ اَتَّبِــعُ مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ مِنْ رَّبِّيْ۝۰ۚ ہٰذَا بَصَاۗىِٕرُ مِنْ رَّبِّكُمْ وَہُدًى وَّرَحْمَۃٌ لِّقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ۝۲۰۳
سورت اعراف جو تت اهو آهي ته شيطان هر قوم ۽ نبي کي آزمائش ۾ وڌو آهي. جيڪو ان جي دوکي ۾ اچي ويو سو تباهه ٿي ويو ۽ جنهن الله تعالى جي حڪم کي مڃيو ۽ ظلم کان پاسو ڪيو سو ڇٽي ويو.
مسلمانن تي ظلم:
شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ رسول الله ﷺ جن ڏٺو ته هر ڪٽنب پنهنجي پنهنجي مؤمن ماڻهن تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ٻين کان اڳرو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳو آهي. مڪي ۾ ڪابه اهڙي عدالت نه هئي جيڪا ٿيڻ وارن انهن ظلمن جي داد رسي ڪري سگھي. قبيلائي زندگيءَ جو اهو نقشو جيڪو حضرت ابراهيم ؑ جي دور ۾ هو سو اڃا تائين جاري هو. قبيلي جو چڱو مڙس ئي قبيلي وارن جي جان ۽ مال جو مالڪ هو. قبيلي جي اندر انفرادي آزاديءَ جو کوٽ هئي. انهيءَ دؤر ۾ سورت العنڪبوت نازل ٿي. ان جي تعليم به گذريل آيتن سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ مؤمنن کي دل وڏي ڪرڻ ۽ صبر ۽ ثابت قدميءَ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، ڇو جو هن وقت تائين ظلمن جي حد ٿي وئي هئي.
نوح ۽ لوط ؑ جون قومون ظلم ۽ شرڪ جي ڪري تباهه ٿي ويون هيون. ابراهيم ؑ کي توحيد جي انعام ۾ اسحاق ۽ يقعوب مليا ۽ انهن جي اولاد کي نبوت ۽ ڪتاب (شريعت) ملي. عاد ۽ ثمود پنهنجي سرڪشي جي ڪري الله تعالى جي قهر هيٺ آيا. قارون، فرعون ۽ هامان کي انهن جي وڏائيءَ ويل ۾ وڌو. بت پرستي ۽ وڏائي ڪوريئڙي جي ڄار کان به وڌيڪ ڪمزور آهن.
هن سورت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪتاب وارن سان نهٺائي ۽ بردباريءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪريو. انهن کي چئو ته اسان قرآن سان گڏوگڏ توهان جي ڪتابن کي به مڃون ٿا. جيڪو اسان جو معبود آهي، سو ئي توهان جو معبود آهي.
اِلٰـہُنَا وَاِلٰــہُكُمْ وَاحِدٌ وَّنَحْنُ لَہٗ مُسْلِمُوْنَ۝۴۶
پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن تي صبر ڪريو ۽ الله تي ڀروسو ڪريو
الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَلٰي رَبِّہِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ۝۵۹
معجزو نه اچڻ تي ڪافر چون ٿا ته رسول الله تي نشانيون ڇونه ٿيون نازل ٿين؟ معجزاتي نشانيون ڏيڻ ته الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. مان ته تاريخي نشانيون ٻڌائي رهيو آهيان ته جيئن توهان ظلمن جي نتيجن کان هوشيار ٿي وڃو.
اِنَّمَا الْاٰيٰتُ عِنْدَ اللہِ۝۰ۭ وَاِنَّمَآ اَنَا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ۝۵۰
”ايمان آڻيندؤ ته ٻڌي ۽ انصاف واري تعليم توهان جي لاءِ رحمت ثابت ٿيندي.“
اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَرَحْمَۃً وَّذِكْرٰي لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ۝۵۱ۧ
ڪافر چون ٿا ته توهان جو تاريخي دليل صحيح آهي ته اسان تي ظلم جي ڪري عذاب ڇو نٿو پيو اچي. اي رسول، انهن کي چئي ڇڏ ته جڏهن وقت ايندو ته عذاب اچي ئي ويندو. اوچتو اهو عذاب هڪ انقلاب جي صورت ۾ ايندو ۽ توهان کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
”اي عيسائيو! اهو نه سمجھو ته هڪڙي ماڻهوءَ جو بار ٻئي تي وڌو ويندو. جيڪو انڪار ڪندو، سو ئي سزا ڀوڳيندو. الله تعالى جو اهو قانون ڪڏهن به بدلجي نه سگھندو ته جيڪي قومون بڇڙائيون ڪندڙ آهن سي نيٺ تباهه ٿي وينديون.“ (الفاطر)
مشرڪ قرآن کي ٻڌڻ به برداشت نٿا ڪن. اهي قرآن پاڪ جي تلاوت وقت هل بکيڙو ڪن ٿا ته جيئن مسلمان به ان کي ٻڌي نه سگھن. مسلمانن کي گھرجي ته انهن جي اهڙين حرڪتن جي باوجود به ساڻن خوش اخلاقيءَ سان پيش اچن ۽ چڱين ڳالهين سان دشمن کي به پنهنجو دوست بڻائن. عذاب جا ملائڪ ضرور ايندا، پر جڏهن عذاب مٿان اچي ڪڙڪندو ته ان وقت ظالمن کي توبه به نصيب ڪونه ٿيندي.
عذاب جا اهي ملائڪ دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي صورتن ۾ آيا آهن. مثال طور عاد وارن جي قوم جي لاءِ تيز طوفان بڻجي ۽ ثمود وارن جي قوم جي لاءِ وڄ بڻجي آيا ۽ انهن کي تباهه ڪري ڇڏيائون.
اهڙيءَ طرح الله تعالى تي ڀرسو ڪري صبر ۽ ثابت قدمي کان ڪم وٺڻ وارن جي مٿان خوشخبري ڏيڻ وارا ملائڪ ايندا آهن ۽ انهن جي خوف ۽ ڳڻتيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. هن خوشخبريءَ جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ نيڪوڪاريءَ بنيادي شرط آهي.
اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللہُ ثُمَّ اسْـتَقَامُوْا تَـتَنَزَّلُ عَلَيْہِمُ الْمَلٰۗىِٕكَۃُ اَلَّا تَخَافُوْا وَلَا تَحْزَنُوْا وَاَبْشِرُوْا بِالْجَنَّۃِ الَّتِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ۝۳۰
انهيءَ ئي زماني ۾ مجوس جي مشرڪن سان به ڳالهايو ويو جيڪي ٻن خدائن (يزدان ۽ اهرمن) کي مڃيندا هئا. انهن کي چيو ويو ته سوجھرو ۽ اونداهي (يزدان ۽ اهرمن) به معبود نه آهن. عبادت جي لائق رڳو هڪڙو الله ئي آهي، سو انهيءَ کي ئي سجدو ڪريو (وَاسْجُدُوْا لِلہِ الَّذِيْ خَلَقَہُنَّ) جنهن کين پيدا ڪيو آهي.
نيڪي ۽ برائي ٻئي هڪجهڙيون حقيقتون نه آهن. دشمن سان به جيڪڏهن نرميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندؤ ته اهو توهان جو اهڙو دوست بڻجي ويندو جو ڄڻ ته ڪو مٽ مائٽ يا ڪو يار (ولي حميم) هجي.
هن قرآن ۾ اهو ئي چيو ويو آهي جيڪو هن کان اڳ رسولن جي ڪتابن ۾ چيو ويو آهي ته الله تعالى نيڪ ڪمن جي جزا ۽ بڇڙن ڪمن جي سزا ڏيندو آهي. جيڪڏهن عربن جي سامهون عجمي ٻوليءَ ۾ ڪا تعليم پيش ڪئي وڃي ها ته اهي نه سمجھي سگھن ها. اهي اعتراض به وارين ها ته جڏهن اسان عرب آهيون ته پوءِ اسان کي تعليم وري عجميءَ ۾ ڇو پئي ڏني وڃي؟ انهيءَ جي باوجود به اهي ٻوڙن ماڻهن وانگر نٿا ٻڌن. اهو ئي حال موسىؑ جي آندل توريت جو ٿيو ته ان جي ٻولي ڄاڻيندڙن ئي ٻڌو ۽ پوءِ انهيءَ ۾ اختلاف وجھي ڇڏيو. پوءِ ٻڌي وٺو ته قرآن جي تعليم ڇا آهي.
قرآن چوي ٿو ته جنهن به ڪا ڀلائي ڪئي ته اها هن پنهنجي لاءِ ڪئي ۽ جي ڪڏهن ڪنهن برائي ڪئي ته ان جو اثر به مٿس ئي ٿيندو. الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ حد کان نٿو لنگھي يعني ظلم نٿو ڪري، اڃا به حساب ڪتاب وقت ان جي رحمت شامل رهندي.
مَنْ عَمِلَ صَالِحًــا فَلِنَفْسِہٖ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْہَا۝۰ۭ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ۝۴۶
قيامت ڪڏهن اينديءَ انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ رڳو الله تعالى کي ئي آهي. باقي اهي ماڻهو الله تعالى جي وجود جون نشانيون هن ڪائنات ۾ ۽ پنهنجي اندر به جلد ڏسي وٺندا. انهن کي الله تعالى جي وجود جي باري ۾ شڪ آهي، جڏهن ته هر شيءِ کي الله تعالى گھيري رکيو آهي.
اَلَآ اِنَّہٗ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيْطٌ۝۵۴ۧ
وفات سيده خديجه رضه:
رمضان 10 نبوي ۾ شعب ابي طالب مان نڪرڻ جي ڪجھه مهينن کان پوءِ سيده ام المؤمنين حضرت خديجه ؒ جو لاڏاڻو ٿي ويو. هوءَ ايمان آڻڻ واري پهرين عورت هئي. پنهنجو سمورو مال ملڪيت توڙي عيش آرام پاڻ ڪريمﷺ جي مٿان گھوري ڇڏيو هئائين. شعب جي ڏينهن جي سختيءَ سندس چڱڀلائيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو هو ۽ ابولهب جي زال ام جميل جي سازشن سندس ذهني سڪون به ختم ڪري ڇڏيو هو. قرآن انهيءَ بڇڙي عورت (ام جميل) کي حَمَّالَۃَ الْحَطَبِ (چغلي هڻي ويڙهه جي باهه ٻارڻ واري) چيو آهي. حضرت بيبي خديجه جون چار ڌيئر هيون؛ (1) زينبؒ (2) رقيهؒ (3) ام ڪلثومؒ ۽ (4) فاطمهؒ.
مديني ڏانهن هجرت کان پوءِ جڏهن پاڻ ڪريمﷺ پنهنجي گھروارن کي مديني سڏايو ته حضرت عباس ؒ ايمان نه آڻڻ جي باوجود به سيده فاطمه ۽ سيده ام ڪلثوم کي مديني وٺي آيو. رستي ۾ حويرث بن نقيد انهن کي نيزو هنيو ته ٻئي اٺ تان هيٺ ڪري پيون. (حويرث کي هڪ غلام کي مارڻ جي قصاص ۾ فتح مڪي کان پوءِ ماريو ويو). وفات جي وقت حضرت خديجه جي عمر 64 سال هئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي عمر مبارڪ پنجاهه سال اٺ مهينا ۽ چوڏهن ڏينهن هئي. کين جحون ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ کين پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو. پاڻ ﷺ جي دل ۾ بيبي سڳوريءَ جي ياد سڄي ڄمار رهي.
قبيلي جي سردار ابو طالب جي وفات:
شعب ابي طالب مان ڪرڻ جي ڪجھه مهينن کان پوءِ هاشمي قبيلي جو سردار ابو طالب به گذاري ويو. وفات جي وقت ان وٽ ابو جهل، عبدالله بن ابو اميه کان سواءِ حضرت حمزهؒ، حضرت عليؒ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن به موجود هئا. پاڻ ﷺ جن انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ اتي موجود ماڻهن کي به توحيد جي دعوت ڏني ته مشرڪ کلڻ لڳا ته عجيب ڳالهه آهي محمد ڪيترن ئي خدائن کي اڪيلي خدا ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن گھڻن خدائن جو فائدو اهو آهي ته هڪڙي دعا نه ٻڌي ته ٻين کي سڏي سگھجي ٿو.
ابوطالب جي مددگاري ۽ سهاري جي ڪري مشرڪن کي رسول الله کي مارڻ جي همت نه هئي. هاڻي قبيلي جو چڱو مڙس ابولهب کي ڪيو ويو، پر چڱو مڙس بڻجڻ کان پوءِ هو پاڻ ڪريم ﷺ وٽ آيو ۽ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو، پر ٻين ماڻهن جي چوڻ موجب پاڻ ﷺ جن ان جي حمايت کي قبول نه ڪيو. هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ جي مڪي ۾ زندگي هڪڙي ڏوهاري واري ٿي پئي ته جيڪو به گھري کين ماري ڇڏي. پاڻ ﷺ جو هڪڙو ئي پٽيلو زيد هو جيڪو قبيلائي قانون موجب سندن جائز وارث هو. ان کان سواءِ جيڪي ڪجھه مسلمان حبشه واري هجرت کان پوئتي رهجي ويا هئا سي پنهنجي سر مصيبتن ۾ ڦاٿل هئا ۽ ڳجهي مدد کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه پئي ڪري سگھيا.
رسول اللهﷺ جا ظالم هم وطن:
شعب ابي طالب ۾ نظربند ٿيڻ کان پهريان هر قبيلي وارو پنهنجي پنهنجي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۾ آزاد هو. ابولهب جي زال کان سواءِ ڪنهن غير قبيلي واري جي ايتري همت نه هئي ته هو رسول الله ﷺ تي علي الاعلان حملو ڪري سگھي يا کين تڪليف پهچائي سگھي. پر شعب مان نڪرڻ ۽ قبيلي جي سردار ابو طالب جي وفات کان پوءِ اهو زمانو شروع ٿي ويو هو جو ظاهر ۾ رسول الله ﷺ جو ڪوبه ڀرجھلو يا مددگار نه رهيو هو. هاڻي مڪي جي لوڦرن علي الاعلان نبي ڪريم ﷺ جن جي مٿان حملا شروع ڪري ڏنا هئا. ان وقت جيڪڏهن ڪو کين (ﷺ) ماري به وجھي ها ته ان کان ڪو پڇڻ وارو نه هو.
هڪ ڏينهن هڪڙي لوفر سندن مٿي ۾ دوڙ وڌي پر پاڻ چپ چاپ پنهنجي گھر هليا ويا. فاطمه سانئڻ يا ام ڪلثوم ؒ سندن مٿو ڌوئيندي روئي ڏنو ته پاڻ فرمايائون ته ٻچا نه روءُ، الله تعالى تنهنجي پيءُ کي بچائيندو.
عبد الله بن عمرو العاص جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ ڪعبة الله جي سامهون نماز ۾ هئا جو عقبه بن ابي معيط سندن ﷺ ڳچيءَ ۾ چادر وجھي اهڙو ته گھوگھو ڏنو جو پاڻﷺ جو ساهه ٻوساٽجي ويو. ايتري ۾ حضرت ابوبڪر اهو ڏسي ڪري ڊڪندو آيو ۽ عقبه کي ڌڪو ڏيندي چيو ته اڙي ظالمؤ! ڇا توهان انهيءَ ڳالهه چوڻ تي هڪڙي ماڻهوءَ کي مارڻ گھرو ٿا جو هو پنهنجو معبود رڳو هڪڙي الله کي مڃي ٿو؟ اهي ماڻهو پاڻ ﷺ کي ڇڏي ابوبڪر تي ٽٽي پيا ۽ کيس ايترو ماريائون جو هو بيهوش ٿي ويو. اهڙي قسم جا ڪيترا ئي واقعا ٿيا.
هاڻي اهو دؤر اچي چڪو هو مئخانن جي ڪڃرين رسول الله ﷺ جي هجوَ ۾ کُليءَ طرح ڳائڻ شروع ڪري ڏنو. لوفرن پاڻ ﷺ جي مٿان گھٽين ۾ هوڪرا هڻڻ شروع ڪيا. قريش جي سردارن وٽ چٿر ۽ ٺٺول جو مرڪز به پاڻﷺ جي ذات گرامي بنجڻ لڳي. ابو جهل چوڻ لڳو اي عبدمناف اجھو توهان جو نبي اچي رهيو آهي. عقبه چيو ته جيڪڏهن هو پاڻ نبي جي بدران ملائڪ به بڻجي پوي ته به مان ان جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندس. پاڻ ﷺ انهن بدچالن جي شرارتن کي درگذر ڪري ڇڏيندا هئا. ابوجهل کي پاڻ فرمايائون ته تنهنجي لاءِ اهو وقت ويجھو آهي جڏهن تون ٿورو کلندين ۽ گھڻو روئندين. ان کان پوءِ عقبه کي فرمايائون ته تون ڏاڍو ضدي ماڻهو آهين، تو ڪڏهن به حق جو پاسو نه کنيو آهي. ان کان پوءِ پاڻ ويٺل ٻين ماڻهن ڏانهن مهاڙ ڪري فرمايائون اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن توهان هدايت واري واٽ تي اچي ويندؤ.

ڀاڱو ٻيون: ابو طالب جي وفات کان
مطعم بن عدي جي پاڙي تائين
]27 شوال 10 نبوي (مارچ619ع) کان ذي القعد 10 نبوي (اپريل 619ع) تائين[
جلاوطني...... يا موت:
اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللہُ ثُمَّ اسْـتَقَامُوْا تَـتَنَزَّلُ عَلَيْہِمُ الْمَلٰۗىِٕكَۃُ اَلَّا تَخَافُوْا وَلَا تَحْزَنُوْا
”جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته اسان جو پالڻهار (سائين) الله آهي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه تي مضبوطيءَ سان ڄمي ويندا آهن تن جي ڊپ ۽ ڳڻتي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ الله تعالى ملائڪن کي نازل ڪندو آهي.“
اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ۝۰ۭ يَقُصُّ الْحَقَّ وَہُوَخَيْرُ الْفٰصِلِيْنَ۝۵۷ قَوْلُہُ الْحَقُّ۝۰ۭ وَلَہُ الْمُلْكُ يَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ۝۰ۭ ۝۷۳
”فيصلو ڪرڻ رڳو الله تعالى جي اختيار ۾ آهي، هو سچ کي بيان ڪندو آهي ۽ سڀني فيصلن ڪندڙن کان ڀلو آهي. ان جو قول سچو آهي، انهيءَ جي ئي بادشاهي آهي جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن هو پاڻ ئي قاضي يا جج هوندو)“. (الانعام)
شوال 10 نبويءَ جون اونداهيون راتيون شروع ٿي رهيون هيون. بهار جي وچٿري رُت ۾ ريگستاني گل ٽڙي رهيا هئا. مڪي ۾ ذي القعد مهيني جون تياريون ٿي رهيون هيون ۽ مڪي ۾ رهڻ وارا پري پري کان پنهنجي وطن واپس موٽي رهيا هئا ته جيئن حج جي موسم جو مزو ماڻين ۽ حاجين ۽ واپارين جي وسيلي پنهنجا کيسا گرم ڪن.
اهڙي وقت ۾ رسول الله ﷺ جن پاڻ سان گڏ ٿورڙيون کارڪون ۽ ڪجھه سَتو کڻي طائف ڏانهن سفر شروع ڪيو. اونداهين راتين جي ڪري ڪنهن جي ڏسڻ جو خطرو گھٽ هو. ائين پاڻ عام گس کان هٽي ڪري جبلن مان لنگھندڙ سوڙهن پيچرن واري واٽ ورتي. حضرت زيد ؒ به ساڻن گڏ هو. پاڻﷺ اعلاءِ ڪلمة الحق جي لاءِ جلاوطني تي مجبور آهن. ٽن ڏينهن کان پوءِ ذي القعد جو مهينو شروع ٿي رهيو هو جيڪو هڪ مقدس مهينو هو. انهيءَ وقت ۾ اتان جا رهندڙ نه ته ڪنهن کي قتل ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن کان ڦر مار ڪندا هئا. انهن ٽن ڏينهن کان پوءِ پاڻ ٻيهر مڪي کان نڪري ويندا.
مڪي کان نڪري پاڻ بني بڪر ۽ بنو قحطان وارن وٽ ويا پر ڪٿي به ٽڪڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. آخرڪار پاڻ طائف ڏانهن پنڌ پيا. انهيءَ پاڻمرادي جلاوطني جو سبب هيءُ هو ته پاڻ پنهنجي قوم ۽ دنيا جي مڙني غلامن کي غير الله (سرمائيدارن ۽ جاگيردارن) جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ گھرن پيا. انهيءَ مقصد جي لاءِ پاڻ ماڻهن کي شيطان پرستيءَ جي بدران اڪيلي الله جي بندگي سيکارين پيا. پاڻ ماڻهن کي چوندا هئا ته شيطان جي دوکي ۾ اچي ظلم، نفاق ۽ غلام سازي ڪندا رهندؤ ته انهيءَ جي لاءِ تاريخ شاهد آهي ته توهان تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ. (سورت العصر)
پاڻ ﷺ جي ڳالهين کي سندن وطن وارا ڪوڙو سمجھندا هئا. اهي چوندا هئا ته اسان کي ڪير سزا ڏئي سگھندو؟ اسان نه الله کي مڃون ٿا ۽ نه قيامت جي ڏينهن کي ۽ نه ئي خدائي پيغام کي. ڀلا مرڻ کان پوءِ ڪو جيئرو به ٿيو آهي ڇا؟ ۽ ڏاڍائي ته شرافت ۽ عزتداريءَ جو دليل آهي.
طائف مڪي کان ستر ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڻندڙ علائقو آهي جيڪو باغن سان آباد لڳو پيو هو. اتي پاڻي به جھجھو هو جنهن ڪري سايون ڀاڄيون ۽ ميوا جھجھا پيدا ٿيندا هئا. شهر جي ٻاهران مضبوط ڪوٽ ڏنل هو. هتي پاڻ ڪريم ﷺ جي چاچي عباس جي گهڻي زمين هئي ۽ ان کان سواءِ قريش جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن جون ٻنيون يا ملڪيت هئي. عبدياليل، مسعود ۽ حبيب ٽئي ڀائر هٿان جا چڱا مڙس هئا.
طائف ڏانهن ويندي عرب عاربه حضرت اسماعيلؑ جي اولاد منجھان اصلي عرب رهندا هئا. هتي لات ديويءَ جو مندر به هو جيڪا هوازن قبيلي وارن جي ديوي هئي. اهو قبيلو بنو عدنان منجھان هو ۽ اهي نج عرب هئا. هن ئي قبيلي جي هڪڙي شاخ بني سعد ۾ پاڻ ﷺ جن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو. هوازن وارن جي هڪڙي شاخ بنو ثقيف به هئي جن جو طائف تي حڪم هلندو هو ۽ اهي لات ديويءَ جا مجاور هئا. انهيءَ ديويءَ کي 9 نبوي ۾ مغيره ٽوڙيو هو.
طائف کان هڪ رات ۽ مڪي کان ٽن راتين جي مفاصلي تي عڪاظ نالي هڪڙو علائقو هو جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. هن ميلي ۾ جيڪي دڪان لڳندا هئا انهن جون قطارون طائف کان نخله تائين ڏهن ميلن تائين پکڙيل هونديون هيون. هن ميلي ۾ زرعي سامان کان سواءِ هندستان ۽ يمن کان آيل شيون به ملي وينديون هيون. هتي عرب جا وڏا ماهر شهسوار ۽ شاعر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ شراب جا دؤر هلندا هئا. اهو ميلو هڪ مهيني تائين هلندو رهندو هو.
جيئن ته پاڻ ﷺ جن جي ننڍپڻ ۾ هتي ئي پرورش ٿي هئي، انهيءَ ڪري پاڻ نه رڳو عربي شاعري ۽ تقرير جي فن کان واقف هئا، پر عڪاظ ۽ مڪي ۾ رهندي جادوگرن، ڀوپن ۽ مجاورن جي ڪرتوتن کي چڱيءَ طرح سمجھي چڪا هئا. انهيءَ ئي هنڌ پاڻ غير ملڪين ۽ عربن جي ذهني ۽ سماجي حالتن جو اونهائيءَ سان مطالعو ڪيائون. مڪي ۽ عڪاظ کان ئي سموري اوڀر سان ٿيندڙ واپار روم ۽ مصر تائين پهچندو هو. انهيءَ زماني ۾ ٽي وڏا شاهي رستا هوندا هئا. پهرين شاهراهه ايراني نار جي وچان وچان لنگھي مڪي ۽ پوءِ اتان ٿيندي دمشق تائين ويندي هئي. ٻي شاهراهه دجله کان الرمه جي ماٿري کان ٿيندي خيبر تائين ويندي هئي. ٽين سڀ کان اهم شاهراهه صنعاء يمن کان طائف، طائف کان مڪي ۽ مڪي کان مديني ۽ معان کان ٿيندي شام تائين ويندي هئي. انهيءَ ئي شاهي رستي تي هر سال بهار جي موسم ۾ عڪاظ جو وڏو ميلو لڳندو هو.
پاڻﷺ جن مڪي پهچي اتان جي سردارن کي اسلام جي دعوت ڏني ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته اهي کين مخالف قوم کان بچائين. پر انهن مان هڪڙي سردار چيو ”جيڪڏهن الله تعالى تو جهڙي ماڻهو کي پنهنجو پيغام ڏئي موڪليو آهي ته مان ڪعبي جي پردي کي وڃي ڦاڙي ڇڏيندس“. ٻئي چيو ”ڇا الله تعالى کي توکان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو نه مليو جنهن کي پنهنجو پيغامبر ڪري موڪلي ها، تو وٽ ته چڙهڻ جي لاءِ وهٽ به نه آهي؟“. ٽئين چيو ”مان توسان ڳالهائيندس به ڪونه؛ ڇو ته جيڪڏهن تون سچ پچ به الله تعالى طرفان موڪليل آهين ته تنهنجي ڳالهه کي رد ڪرڻ خطري کان خالي نه آهي ۽ جيڪڏهن تو الله تي بهتان هنيون آهي ته پوءِ ته مونکي توسان ڳالهائڻ به نه گھرجي“. ان تي پاڻ ﷺ کين چيو ته چڱو، جي ايمان نٿا آڻيو ته انهيءَ ڳالهه کي پاڻ تائين ئي رکجو. پاڻ ﷺ جن انهيءَ ڳالهه ٻولهه جي خبر قريشن تائين پهچائڻ نه پيا گھرن ته جيئن اها ڳالهه سندن لاءِ وڌيڪ تڪليف جو سبب نه بڻجي.
انهن ٽنهي سردارن پنهنجا غلام ۽ لوڦر ڇورا پاڻ ﷺ جي ڪڍ لائي ڇڏيا جيڪي کين گاريون ڏئي، لُڙ ڪري پٿر هڻي رهيا هئا جنهن جي ڪري سندن پير ڦٽجي پيا ۽ جُتيءَ مان به رت وهي نڪتو. زيد ؒ جو مٿو به ڦاٽي پيو. پاڻ ڀڄي وڃي هڪڙي وڻ هيٺ وڃي بيٺا ۽ هيءَ دعا گھري:
اَلّٰهُمَّ اِلَيۡکَ اَشۡکُو اضُعۡفَ قُوَّتِي وَقِلَّةَ حِيۡلَتِي وَهَوَانِي عَلَي النَّاسِ يَا اَرۡحَمَ الرَّاحِمِيۡنَ اَنۡتَ رَبُّ الۡمُسۡتَضۡعَفِيۡنَ
”اي الله سائين! مان پنهنجي هيڻائي، بي سرو ساماني ۽ ماڻهن جي طرفان ٿيندڙ توهين جي دانهن توکي ٿو ڏيان. تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين، تون ئي هيڻن جو مالڪ آهين.“
ائين جڏهن پاڻ وڌيڪ اهنج ۽ تڪليف جي ڪري ويهي رهن پيا ته لوڦر ڇورا کين اتان اٿارين پيا. ائين ڪندي پاڻ عتبه ۽ شيبه جي انگورن جي باغ ۾ وڃي لِڪيا. هُنن پنهنجي عيسائي غلام عداس جي هٿ پاڻ ﷺ ڏانهن انگورن جو ڇُڳو موڪليو ته پاڻ ان کي قبول ڪيائون ۽ بسم الله پڙهي ڪري کائڻ شروع ڪيائون. عداس جڏهن ”رحمان“ جو نالو ٻڌو ته پڇڻ لڳو ته توهان ڪير آهيو؟ پاڻ فرمايائون ته مان رحمان جو نبي آهيان. انهيءَ تي عداس ٻڌايو ته هو عيسائي آهي ۽ نينوا جو رهاڪو آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ شهر جي تاريخ کان واقف هئا، انهيءَ ڪري فرمايائون ته منهنجو هڪڙو ڀاءُ يونس نبي به تنهنجي شهر ۾ آيو هو ۽ منهنجو حال به توهان جي نبين جهڙو آهي جو انهيءَ جي ئي قوم جا ماڻهو کيس ايذائي رهيا آهن. اهو ٻڌي ڪري عداس پاڻﷺ جي هٿن پيرن ۽ مٿي کي چميو ۽ چيو ته واقعي توهان نبي آهيو.
(1) سورت جن جو نازل ٿيڻ:
واپسي تي پاڻ نخله واري علائقي ۾ ترسيا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. اتي ڪجھه جنن قرآن پاڪ کي ٻڌو، پر پاڻ ﷺ انهن کي نه ڏٺائون. پاڻ ڪريم ﷺ جن کي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايو ويو ته توهان جو قرآن جِنَ ٻڌي رهيا هئا. هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن جو اهو خيال غلط آهي ته جنن کي ڳجھه جو علم هوندو آهي ۽ اهي ڀوپن کي اهو سڀڪجھه ٻڌائيندا آهن. ڳجهه جو علم رڳو الله تعالى وٽ آهي. انهيءَ کان پوءِ سورت ”الحمد“ يعني فاتحه جو پهريون اڌ نازل ٿيو.
(2) سورت الحمد (فاتحه) جو نازل ٿيڻ:
سورت فاتحه جي باري ۾ تفصيلي بحث مون پنهنجي تصنيف ”اسلامي انقلاب ڪا عهدنامه“ ۾ ڪيو آهي، جيڪا هن سورت جو تفسير آهي. بهرحال اها سبع مثاني نه آهي. اصل ۾ سبع جي معنى ست ئي ناهي، پر انهيءَ جو مطلب ٻئي به ڪيترائي حصا پڻ آهن ۽ المثاني انهن آڳاٽن الاهي ڪتابن کي چوندا آهن جن جي باري ۾ قرآن وري وري ڌيان ڇڪايو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته الله تعالى ڪيترا ئي حڪم وري وري بيان ڪيا آهن. انهيءَ جي ڪري قرآن جي باري ۾ سورت الزمر (رڪوع3) ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ سڀ کان ڀلو ڪلام اهڙي تعليم تي آڌاريل آهي جيڪا هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي ۽ پهريان به وري وري نازل ٿي چڪي آهي.
اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِيْثِ كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ۝۰ۤۖ
قرآن کي سمجھڻ جو اصول:
قرآن پاڪ جي صحيح سمجھه ان وقت ئي حاصل ٿي سگھي ٿي جڏهن قرآن پاڪ جي الڳ الڳ سورتن مان سموري سورت، يا اڃا به هڪ دؤر جي سڀني سورتن جي نچوڙ کي سامهون رکيو وڃي. مختلف آيتن ۽ سورتن کي نازل ٿيڻ واري ترتيب کان الڳ ڪري سمجھڻ جي ڪوشش ۾ وقت نه وڃايو وڃي. اهڙيءَ طرح قرآن پاڪ پڙهڻ سان چٽيءَ طرح سان خبر پئجي وڃي ٿي ته ’ڪتب‘، ’صحف آيات‘،’نور‘،’هدايت‘،’تنزيل‘ مطلب ته اهڙي طرح جا جيترا به لفظ قرآن پاڪ ۾ اچن ٿا انهن جو مطلب اهو ناهي ته رڳو قرآن جون آيتون ۽ حڪم مقصود آهن، پر جيئن ته وري وري چيو ويو آهي ته جيترا به ڪتاب آهن، انهن سڀني تي ايمان آڻڻ هر مسلمان لاءِ فرض آهي. (وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ) يعني اها قرآن تعليم ’مثاني‘ (وري وري بيان ٿيڻ واري) تعليم آهي ۽ گذريل نبين جي ڪتابن ۾ وري وري بيان ٿي چڪي آهي. اهي ڪتاب ’سبع‘ يعني ڪيترائي آهن. مثال طور ابراهيمي صحيفو، موسوي صحيفو، دائود ؑ وارو زبور، سليمان ؑ ۽ لقمان حڪيم جا مثال، انجيل يحيى و عيسى، ويدانت هند، مهاتما ٻڌ جا چار مقالا ۽ ٻيا ڪتاب. ( قرآن جي روءِ سان نبين جي بعثت سامي، آريائي ۽ زرد قومن، سڀني ڏانهن ٿيندي رهي آهي).
سورت فاتحه جو پهريون اڌ پاڻ ڪريم ﷺ جي شعب ابي طالب مان نڪرڻ ۽ طائف کان واپسي کانپوءِ نازل ٿيو. وري آخري آيت مديني ۾ نازل ٿي جتي يهودي ۽ عيسائي هئا ۽ هتي ’صراط‘ جو لفظ عام طرح رائج هو. هتي ئي ’مغضوب عليهم‘ يعني وياج خور ۽ مغرور يهودي پناهگيرن جو وڏو تعداد موجود هو. شعب ۾ ٻين سورتن سان گڏ سورت يوسف به نازل ٿي جنهن ۾ سورت فاتحه جو سمورو تصور موجود آهي. ان کان پوءِ طائف کان موٽندي سورت جن نازل ٿي جنهن سان ’عالمين‘ جو تصور چٽو ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ئي زماني ۾ سورت اسراء نازل ٿي جنهن ۾ بني اسرائيل ڏانهن اشارو آهي.اهو ئي اهو زمانو آهي جڏهن دنيا ۾ ڪٿي به ڪا لڪڻ جي جاءِ ڪونه هئي پر پوءِ به پاڻ نااميد يا خوفزده بلڪل به نه ٿيا. سورت فاتحه انهيءَ ئي ڇڪتاڻ ۽ آزمائش واري زماني جي يادگار آهي، انهيءَ جي لاءِ سورت يوسف ۽ سورت جن جو مطالعو هن جي مطالعي کان پهريان ضروري آهي.
(3) سورت يوسف ۽ (4) سورت فاتحه:
شعب ابي طالب واري زماني ۾ سورت يوسف نازل ٿي. جيڪڏهن اهي ئي حالتون ڪنهن ٻي قوم يا ماڻهوءَ تي آيل هجن، جيڪي انهيءَ وقت مسلمانن جون هيون ته انهن بي سهارن ۽ مجبورن جي لاءِ سورت يوسف هڪ خدائي پيغام آهي جيڪو ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو يقين پيدا ڪري ٿو. لَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِہٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ۝۷ لَقَدْ كَانَ فِيْ قَصَصِہِمْ عِبْرَۃٌ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ۝۰۝۱۱۱انهيءَ کان پوءِ سورت فاتحه نازل ٿي. ڪجھه لفظ جيڪي ٻنهي ۾ هڪجهڙا آهن:
• ربّ: يعني آقا يا مالڪ. قَالَ مَعَاذَ اللہِ اِنَّہٗ رَبِّيْٓ يوسف زليخا کي چيو ته تنهنجو مڙس منهنجو رب (آقا) آهي.
اَمَّآ اَحَدُكُمَا فَيَسْقِيْ رَبَّہٗ خَمْرًا۝۰ۚ توهان مان هڪڙو پنهنجي رب (آقا) کي شراب پياريندو.
اذْكُرْنِيْ عِنْدَ رَبِّكَ، ارْجِع اِلٰى رَبِّكِ انهن سڀني ۾ رب جي معنى آقا يا مالڪ جي آهي.
• ضلال: اڻ تڻ، مونجھه، دوکو، ڀل چڪ، شڪ. مثال طور زليخا کي چيو ويو ته اِنَّا لَنَرٰىہَا فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۽ حضرت يعقوب کي چيو ويو قَالُوْا تَاللہِ اِنَّكَ لَفِيْ ضَلٰلِكَ الْقَدِيْمِ.
• دين: يعني قانون (زندگي گذارڻ جو طريقو يا واٽ) مَا كَانَ لِيَاْخُذَ اَخَاہُ فِيْ دِيْنِ الْمَلِكِ پنهنجي ڀاءُ کي شاهي قانون تحت روڪي نٿي سگھيو. اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ۝۰ۭ ذٰلِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ زندگيءَ جو حقيقي قانون يعني الدين ڇا آهي؟ اسلام يا الله تعالى جي ٻانهپ آهي. (اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ).
• الصراط مستقيم: صراط جو رومي لفظ مديني ۾ استعمال ٿيو آهي. سورت يوسف ۾ صراط مستقيم جي لاءِ الدين القيم جو لفظ آهي.
الصراط مستقيم اسلام جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته اسلام الله تعالى جي ٻانهپ جو نالو آهي. وَاِنَّ اللہَ رَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۝۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ (سورت يوسف ۾ به اهو ئي چيو ويو آهي ته ٻانهپ يا الله تعالى جي اطاعت جو ٻيو نالو الدين القيم آهي.
• اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ۝۰ۭ ذٰلِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ
• نعمت ۽ انعام: موحد يا توحيد پرست هئڻ ۽ مشرڪ نه هئڻ ئي الله تعالى جو سڀ کان وڏو فضل ۽ انعام آهي. مَا كَانَ لَنَآ اَنْ نُّشْرِكَ بِاللہِ مِنْ شَيْءٍ۝۰ۭ ذٰلِكَ مِنْ فَضْلِ اللہِ عَلَيْنَا وَعَلَي النَّاسِ .
• سورت الجن ۽ سورت فاتحه: العالمين لفظ جو اُچار عالمين ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان سورت جن کي ڏسون ته انهيءَ ۾ ’ثقلين‘ جو لفظ انسانن ۽ جنن جي لاءِ استعمال ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سورت الرحمٰن ۾ معشر الجن والانس سان وري وري مخاطب آهي. انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته قرآن پاڪ ۾ جتي جتي ’العالمين‘ جو لفظ آهي، اهو تثنيه جو صيغو آهي ۽ انسانن ۽ جنن جي دنيا جي ٻن جهانن لاءِ استعمال ٿيو آهي. نَحۡوَ جي ڄاڻن اهو قاعدو ۽ اصول مڃي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن تثنيه جو صيغو رڳو ٻن تائين محدود هجي ته ان کي مجموعي جي شڪل ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. مطلب ته عالمين جي معني انسانَ آهن يا جيڪڏهن انهيءَ کي تثنيه مڃيو وڃي ته جنَ ۽ انسان مراد وٺي سگھجن ٿا. ٻن جهانن يا سڀني جهانن سان انهيءَ جو لاڳاپو نه آهي. هي قرآن انسانن جي لاءِ آهي، نه جيتن جڻن، وڻن ٽڻن يا حيوانن، ملائڪن، لاهوت وغيره جهڙن هزارين جهانن لاءِ.
يوم الدين:
’دين‘ جي معني نه رڳو سامي، پر آريائي ٻولين ۾ به ’قانون‘ ئي آهي. يوم الدين جو مطلب اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن قانوني يعني انصاف ڀريو فيصلو ٿيندو.
يوم الدين يا يوم الحساب ۽ يوم الفصل به هڪ فلسفياڻي بحث واري شيءِ ٿي وئي آهي. مختلف قومن ۾ اهو تصور موجود آهي ته اسان جهڙا به عمل ڪنداسين اڳتي هلي انهن جو نتيجو ضرور ملندو. نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ۽ برائيءَ جو بدلو برائيءَ جي صورت ۾ ضرور ملندو. هن حياتيءَ ۾ توڙي مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ کان پوءِ پر ملندو ضرور. قرآن اهو ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هن حياتيءَ ۾ آخره يعني اڳتي اچڻ واري حالت ۽ اولى يعني گذري ويل حالت کان بهتر ٿيندي وڃي ٿي ۽ نيڪ عملن سان انسان مسلسل بهتريءَ ڏانهن ترقي ڪندو رهي ٿو. (الانشرح) ان سان گڏوگڏ مختلف سورتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بڇڙن عملن جي نتيجي ۾ هن دنيا ۾ قومون تباهه ۽ برباد ٿينديون رهيون آهن، يعني هن ئي دنيا ۾ انهن کي سزا ملندي رهي آهي.
ظالمن کي ڊگھي مدت تائين سزا نه ملڻ جو سبب:
ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جو پنهنجي بڇڙائين ۽ بدعملي جي هوندي به مختلف ماڻهو ۽ مختلف قومون هن دنيا ۾ سزا نٿيون ڀوڳين. اڃا به ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ظلمن ۽ ڏاڍاين سان دنيا وارن کي تنگ ڪنديون رهن ٿيون. انهيءَ جو سبب قرآن اهو ٻڌائي ٿو ته مظلوم ماڻهو يا مظلوم قومون پاڻ ئي انهيءَ لاءِ ذميوار آهن. انهن جو فرض هو ته اهي اهڙن ظالمن جي خلاف اٿي پون ها، انهن سان جهاد ڪن ها يا گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ تياريءَ ۾ زندگيون ڳاري ڇڏين ها. پوءِ جيڪڏهن اهڙيءَ تياريءَ ۾ اهي مري به وڃن ها ته اهو انهن لاءِ عزت ڀريو موت هجي ها ۽ انهن کي اچڻ واري زندگيءَ ۾ به اجر ملي وڃي ها، جيئن چين، ويٽنام، الجزائر وغيره ۾ غلاميءَ ۽ محنت جي استحصال جي خلاف جاکوڙ ڪئي وئي.
ظالمن ۽ بدڪردارن کي سدائين ٻڌايو ويو آهي ته اهي اهو نه سمجھن ته هن دنيا ۾ ظلم ڪري مري کپي ويندؤ ۽ ٻيهر پيدا ڪرڻ کان پوءِ توهان جو خلقڻهار توهان جي انهن ڏوهن جو حساب ڪري توهان کي سزا نه ڏيندو. خدا تعالى قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي، انهيءَ ڏينهن هو ذري ذري جو حساب ڪري آخري فيصلو ڪندو. هيءَ دنيا آخري فيصلي واري جاءِ نه آهي، هتي ته هر انسان پنهنجو عمل ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد آهي.
قديم مصرين ۾ اهو تصور عام هو ته مرڻ کان پوءِ انساني روح نٿو مري پر اهو سج جي مختلف برجن ۾ جادوءَ جي زور سان گردش ڪندي ڪندي را اعظم يا ’را‘ تائين پهچي وڃي ٿو. اهو ئي تصور قديم بابل ۾ به هو. هندي آرين جي فلسفين ۽ ڪجھه يوناني، مصري فلسفين ۽ ٿورڙن وحشي قومن ۾ به اهو تصور عام هو ته نه رڳو انسان پر حيوانن جي مرندي ئي انهن جو روح ڪنهن ٻئي ڍانچي ۾ پيدا ڪيو وڃي ٿو۽ پنهنجي گذريل ڄمار جي عملن جي سزا ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو تناسخ يا پيدائش جو چڪر لڳاتار جاري رهي ٿو ۽ نيڪ عملن سان ئي انهيءَ جھنجھٽ مان جان ڇٽي سگھي ٿي. لارڊ مهاوير ۽ گوتم ٻڌ به تناسخ کان ڇوٽڪاري کي ئي مڪمل آزادي يا بهشت چون ٿا. بهرحال تصورن کي ادا ڪرڻ جا مختلف طريقا آهن. حقيقت اها آهي ته يوم الحساب ۽ مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ جو مقصد هڪڙو آهي ته بڇڙن عملن جو نتيجو عذاب ۽ اهنج جڏهن ته نيڪ عملن جون بدلو ثواب ۽ راحت آهي. الله تعالى عملن جي جزا ڏيڻ وارو آهي ۽ اهو ئي اهو قاضي ۽ بادشاهه آهي جيڪو ضرور انصاف ڀريو فيصلو ڪندو. سورة الحمد ۾ انهيءَ تصور کي انهيءَ وقت بيان ڪيو ويو آهي جڏهن جو وڏي عرصي تائين مڪي جي مشرڪن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ويو هو ته توهان پنهنجي بدعملي، ظلم ۽ شرڪ جي ڪري هڪ ڏينهن هن دنيا ۾ آڳاٽين قومن وانگر تباهه ڪيا ويندؤ، پر جيڪڏهن اتفاق سان بچي به ويؤ ته مرڻ کان پوءِ ٻيهر پيدا ڪيا ويندؤ ۽ سزا ڀوڳيندؤ.
ملڪ:
يعني بادشاهه، قاضي القضاة يا آخري فيصلو ڪندڙ. دنيا ۾ اهو تصور عام هو ته بادشاهه ئي آخري فيصلو ڪندڙ ۽ حڪم آهي. اهو ئي قومي فوج جو سپهه سالار هوندو آهي ۽ اهو ئي هر رعيتي جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو مالڪ يا خداوند هوندو آهي. ڪجھه قومن ۾ ان کي آسماني بادشاهه سج جو اوتار مڃيو ويندو هو جيئن مصر ۾ فرعون، بابل ۾ بعل (سج) جو اوتار، حمورابي ۽ هندستان ۾ سورج بنسي راجا وغيره.
قرآن الله تعالى کي انهيءَ ڪري ملڪ چيو آهي (جيئن ملڪ الناس، الٰه الناس) اهو ئي مالڪ الملڪ آهي، اهو ئي آخري فيصلو ڪندڙ آهي. اَحۡکَمُ الحَاکِمِيۡن، خَيۡرُ الۡفَاصِلِين، لَمۡ يَکُنۡ لَّهٗ شَرِيۡکٌ فِي الۡمُلۡکِ. وَلَهٗ الۡمُلۡک يَوۡمَ يُنۡفَخُ فِيۡ الصُّوۡر سان ثابت آهي ته اڄ هو فيصلو نه ڪندو، پر قيامت جي ڏينهن بادشاهه جي شان ۾ هوندو. تنهن ڪري آخرت ۾ فيصلو ڪرڻ واري جو تصور اهڙيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي ته هو يوم الدين ۾ بادشاهه يا قاضي يا فيصلو ڪرڻ وارو بادشاهه هوندو. اڄ هو آخري فيصلو نٿو ڪري ڇو ته جيتوڻيڪ هو مالڪ آهي، پر اڄ هن انسان کي اختيار ڏئي آزادي ڏئي ڇڏي آهي ته هو سٺا ۽ برا عمل ڪري جن جي جزا يا سزا قيامت جي ڏينهن ڏيندو. تنهن ڪري اڄ هو مالڪ آهي سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هو ملڪ يعني آخري فيصلو ڪرڻ وارو بادشاهه هوندو.
اِنَّا نَحنُ: ڪيترين ئي جاين تي قرآن مجيد ۾ هن بادشاهت جي شان جي اظهار جي مقصد تحت اڪيلي الله جي لاءِ جمع جو صيغو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو بادشاهي ڳالهه ٻولهه جو انداز رهيو آهي ۽ اڃا به آهي. مثال طور اِنَّآ اَنْزَلْنٰہُ فِيْ لَيْلَۃِ الْقَدْرِ يا اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَہٗ لَحٰفِظُوْنَ يا اِنَّآ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَرَ وغيره، انهن سڀني مان ثابت آهي ته سورهءِ الحمد ۾ ملڪ آهي نه ڪه مالڪ، امام مالڪ جي قراءت ۾ به اها ئي پڙهڻي آهي.
عبد: نعبد ۾ رب العالمين جي نسبت سان ٻانهپ ۽ غلامي ترجمو ٿيڻ کپي. غلام جو اصل ڪم حڪم مڃڻ آهي، رڳو پنهنجي مالڪ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀرڻ ئي ڪافي نه آهي. جيڪڏهن ساراهه ڪرڻ جو حڪم آهي ته اها به عملي ساراهه آهي. يعني غلاميءَ جي سڀني حڪمن جي بجا آوري واري تصور ۾ اهو سڀ ڪجھه اچي وڃي ٿو.
غضب: سڀ کان وڏي نعمت اها ٻڌائي وئي آهي ته انسان الله تعالى جو ٻانهو ٿي رهي، شيطان کان پاسو ڪندو رهي. انهيءَ ۾ ئي ان جي ڀلائي آهي. تنهن ڪري غضب نعمت جو ضد ٿيو. يعني جيڪو ماڻهو مشرڪ يا انڪاري ٿيو، سو مغضوب آهي.
(5) سورت جاثيه:
انهيءَ ئي زماني ۾ سورت جاثيه نازل ٿي جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون ٻيهر ورجايون ويون آهن. ان کان سواءِ طائف جي سفر کان واپسي ۽ مڪي ۾ داخل ٿيڻ تائين واري تعليم جو تت آهي جيڪو هن سورت ۾ تمام ئي اختصار سان هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
1. هيءُ ڪتاب يعني زندگيءَ جو قانون الله تعالى جي طرف کان نازل ٿيو آهي. هي ڪو شيطاني قول نه آهي جهڙيءَ طرح مشرڪن جو خيال هو.
2. انسان ڪابه شيءِ خلقي نٿو سگھي. جيڪڏهن اهو ڄاڻڻو هجي ته الله تعالى موجود آهي ۽ ان جون نشانيون (آيتون) ڳوليو ٿا ته الله تعالى کي خالق مڃيو. ڇو ته ايمان کان پوءِ آسمان، زمين ۾ الله تعالى جي قدرت ۽ خلقڻهاريت جو نشانيون توهان کي هر جاءِ نظر اينديون. جيڪا به شيءِ ڏسندؤ ته توهان کي خبر پوندي ته انهيءَ جو خلقيندڙ الله تعالى آهي ۽ توهان ۽ توهان جا ديوتا ڪابه شيءِ خلقي نٿا سگھن. اِنَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِيْنَ جانورن جي خلقڻ، زمين ۽ آسمان جي ڦيرڦار، آسمان مان مينهن، هوائون سڀئي الله تعالى جي وجود جون نشانيون آهن. پوءِ به انهن تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ وڏائي ڪندي نه مڃڻ جهنم ڏانهن وٺي ويندو. ڏسو ته سمنڊ ۾ ٻيڙيون خدائي قانون موجب هلي رهيون آهن، اهي به عقل ۽ سمجھه رکڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
3. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول هن دنيا ۽ آخرت واري دنيا سان نسبت رکي ٿو. مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِہٖ۝۰ۚ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْہَا ڀلائي ڪندؤ ته به پنهنجي لاءِ فائدو اٿوَ پر جي برائي ڪندؤ ته ان جو نقصان به توهان کي ئي ٿيندو.
4. بني اسرائيل وارن کي الله تعالى حڪومت، نبوت ۽ صاف سٿرو رزق ڏنو ۽ قومن تي فضيلت ڏني. فَضَّلْنٰہُمْ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ
5. بصائر آيتن جي معنى ۾: هيءُ قرآن انسانن جي لاءِ عبرت ڀريون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. ھٰذَا بَصَاۗىِٕرُ لِلنَّاسِ وَہُدًى وَّرَحْمَۃٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ
6. الٰه رب يا معبود جي معنى ۾ آهي، يعني جنهن جي غلامي ڪئي وڃي. ڪجھه ماڻهو پنهنجي نفس جا ٻانها يا غلام بڻجي ويندا آهن. اَفَرَءَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰــہَہٗ ہَوٰىہُ وَاَضَلَّہُ اللہُ عَلٰي عِلْمٍ
7. دهريت کي جواب: اهي نفس پرست چون ٿا ته دهر يا زمانو ئي ماريندو يا جياريندو آهي، الله تعالى خالق نه آهي. اها انهن جي خام خيالي آهي ۽ جڏهن انهن سان الله تعالي جي خالق هجڻ جو نشانيون بيان ڪيون وينديون آهن ته اهي چوندا آهن ته جيڪڏهن الله خالق آهي ته پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي پيدا ڪري. انهيءَ جو جواب اهو ئي آهي ته الله تعالى ئي جياريندو ۽ ماريندو آهي ۽ اهو ئي بيشڪ قيامت جي ڏينهن سڀني کي جيئرو ڪري گڏ ڪندو.
8. الله تعالى مَلِڪ يا بادشاهه آهي. انهيءَ جي ئي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي ۽ اهو ئي قيامت جي ڏينهن به ملڪ (بادشاهه) هوندو يعني آخري فيصلو ڪندو. وَلِلہِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ وَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَۃُ.
9. جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قيامت ضرور ايندي (السَّاعَۃُ لَا رَيْبَ فِيْہَا) ته اهي چون ٿا ته اسان کي گمان ته ٿيندو آهي پر انهيءَ جي پڪ نٿي ٿئي.

ڀاڱو ٽيون: قبيلن کي تبليغ، مطعم جي پٺڀرائي ۽ مديني ڏانهن هجرت
]23 ذيقعد 10 نبوي (اپريل 619ع) کان صفر 13 نبوي (مئي 622ع)[

اِذْ ہُمَا فِي الْغَارِ اِذْ يَقُوْلُ لِصَاحِبِہٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللہَ مَعَنَا۝۰ۚ فَاَنْزَلَ اللہُ سَكِيْـنَتَہٗ عَلَيْہِ وَاَيَّدَہٗ بِجُنُوْدٍ لَّمْ تَرَوْہَا
”جڏهن اهي ٻئي (محمدﷺ ۽ ابوبڪرؒ ) غار ۾ هئا ته محمد ﷺ پنهنجي سنگتي (ابوبڪرؒ ) کي چيو ته غم نه ڪر، الله تعالى اسان سان گڏ آهي، تڏهن الله تعالى ان تي پنهنجي سڪينه نازل ڪئي ۽ اهڙين فوجن سان مدد ڪئي جن کي توهان نٿا ڏسي سگھو.“
سُبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِہٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَيٰ
”ڪيتري پاڪ ذات آهي اها جنهن رات وچ ۾ پنهنجي ٻانهي کي مڪي کان يروشلم تائين سير ڪرايو.“
جڏهن طائف وارن وٽان مايوسي ملڻ کان پوءِ پاڻ نخله پهتا ته تمام ئي اداس ٿي پيا. ذيقعد ختم ٿي رهيو هو ۽ حج کان پوءِ جيڪو عام امن واري حالت هئي سا به ٻن مهينن کان پوءِ ختم ٿيڻ واري هئي. انهيءَ جي ڪري ضروري هو ته مڪو ڇڏڻ کان پهريان ڪنهن نه ڪنهن قبيلي کي پنهنجو ڀرجھلو بڻايو وڃي. انهيءَ مقصد هيٺ پاڻ نخله کان حرا جبل تائين آيا ۽ زيد کي مڪي ڏانهن موڪليائون ته جيئن ڪنهن سردار جي حمايت حاصل ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان پاڻ اخنس بن شريق ڏانهن حمايت جي لاءِ چوائي موڪليائون جنهن جواب ڏنو ته مان حليف آهيان انهيءَ ڪري حمايت نٿو ڪري سگھان. ان کان پوءِ پاڻ سهيل بن عمرو ڏي نياپو ڪيائون انهيءَ چيو ته بني عامر جي حمايت بنو ڪعب تي لاڳو نٿي ٿئي. آخرڪار پاڻ مطعم بن عدي کان حمايت گھريائون جنهن لاءِ هو يڪدم تيار ٿي ويو. ان کان پوءِ مطعم ۽ ان جي خاندان وارا هٿيار ٻڌي مسجد حرام تائين پاڻ ڪريم ﷺ جن کي وٺي ويا ۽ چيو ته مسجد ۾ داخل ٿي وڃو. پاڻ مسجد ۾ داخل ٿي ڪعبي جو طواف ڪيائون ۽ نماز پڙهيائون. مطعم پڙهو ڏياريو ته اي قريشيو! مون محمد کي پناهه ڏني آهي، انهيءَ ڪري نه ڪير کين ايذائي ۽ نه سندن گلا ڪري. ان کان پوءِ پاڻ ﷺ کي پنهنجي گھر پهچايو. ڪجھه وقت تائين پاڻ اتي رهيا.
مڪي ۾ تبليغ ڪرڻ ناممڪن هئي ۽ قريشن سان ڳالهه ٻولهه به بي فائدي هئي. انهيءَ ڪري پاڻ ڀلائي انهيءَ ۾ سمجھيائون ته حج جي موقعي تي جيڪي قبيلا ٻاهران اچن ٿا انهن سان مڪي کان ٻاهر ئي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح پاڻ منى ۾ وڃي ڪري مختلف قبيلن کي اسلام جي دعوت ڏيندا رهيا، پر هر جاءِ تي ابولهب سندن پيرو کنيو ٿي آيو ۽ قبيلن کي چوندو ٿي وتيو ته هي ماڻهو گھري ٿو ته لات ۽ عزى ۽ پنهنجي دوست جنن کي ڇڏي ڪري بدعت ۽ گمراهيءَ ۾ پئجي وڃو.
10 نبوي ذي الحج مهيني ۾ قبيلي خزرج جا ڇهه ماڻهو حج تي آيا. رسول الله ﷺ جن کين قرآن ٻڌايو. اهي ماڻهو مديني جي يهودين وٽان اهي ڳالهيون ٻڌندا ايندا هئا ته هڪڙو نبي اچڻ وارو آهي، انهيءَ ڪري هنن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي تائيد ڪئي ۽ سندن ڳالهين جي تصديق ڪري مديني ڏانهن واپس هليا ويا ته سورت الزخرف نازل ٿي.
(6) سورت الزخرف:
علم جو سرچشمو الله تعالى وٽ آهي. هيءُ چٽو علم عربي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن توهان سمجھي سگھو (هيءُ جادو نه آهي پر) انهيءَ جو سرچشمو (ام الڪتاب) الله تعالى وٽ آهي. (يعني جادوءَ وانگر هيءُ شيطاني ڳالهيون نه آهن) اهي (مشرڪ) ماڻهو گھرن ٿا ته اها تعليم نه ڏني وڃي جڏهن ته الله تعالى جا (موڪليل) نبي پهريان به ايندا رهيا آهن. ڪوبه نبي ٺٺولين کان بچي نه سگھيو پر ٺٺوليون ڪرڻ وارن جو انجام سدائين بربادي ئي ٿيو.
اهي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته هن سموري ڪائنات جو خالق صرف هڪڙو ئي آهي جيڪو مئل زمين ۾ مينهن جي وسيلي نئين زندگي پيدا ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ به اهي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي نٿا مڃين ۽ ٻانهن کي انهيءَ ۾ ڀائيوار ڪن ٿا.
اهي ماڻهو ملائڪن کي ماديون سمجھن ٿا ۽ چون ٿا ته اهي الله جون ڌيئر آهن (لات، منات ۽ عزى کي به الله تعالى جو ڌيئر سمجھن ٿا). اهي الله تعالى جي لاءِ ڌيئر پسند ڪن ٿا، پر پنهنجي لاءِ پسند نٿا ڪن ۽ چون ٿا ته جيڪا زينت ۽ لاڏ ڪوڏ ۾ پلجي پر جنگ ۾ ڪم نه اچي سا ڪهڙي ڪم جي؟ اهڙي طرح جڏهن ڪنهن قوم ۾ ڪو نبي آيو ته (طائف جي سردارن وانگر) سدائين ائين ئي چوندا رهيا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندا آهيون (يعني لات کي ديوي مڃيون ٿا). جيڪي ماڻهو الله تعالى کي اڪيلو ۽ ڀائيواريءَ کان پاڪ نٿا مڃن سي آخرڪار تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن. اهي ابراهيمؑ سان پنهنجو بڻ ڳنڍين ٿا جڏهن ته اهو بت پرستيءَ جو مخالف هو.
هاڻي مڪي ۽ طائف جي سردارن وٽ حق ( قرآن ) ۽ رسول آيو ته اهي حق واري ڳالهه کي جادو ٿا سڏين ۽ چون ٿا ته اسان جي شهر جي ڪنهن وڏي ماڻهو تي اهو قرآن نازل ڇو ڪونه ٿيو؟ اهي سمجھن ٿا ته جهڙي طرح دنياوي دولت انهن جي سردارن کي ملي آهي، اهڙيءَ طرح رسالت به انهن جو حق آهي. جڏهن ته رسالت ته الله تعالى جي رحمت آهي ۽ انهيءَ مال کان ڀلي آهي جنهن کي اهي ميڙي گڏ ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ڀلي ته دنيا ۾ ڪي ڏينهن عيش ڪري وٺن. پرهيزگارن کي آخرت ۾ بهشت جو آرام ۽ راحت حاصل ٿيندي ۽ ڪافرن کي جهنم نصيب ٿيندو. اي رسول! اهي ٻوڙا آهن ۽ ڪنهن چڱي ڳالهه کي ٻڌي نٿا سگھن.
اي رسول (ﷺ)! جهڙيءَ طرح اهي ماڻهو تنهنجي تعليم کي جادو ڪوٺين ٿا، اهڙي طرح موسى ؑ کي به اهي جادوگر چوندا هئا. جڏهن سندس دعا سان عذاب ٽري ويندو هو ته واعدو ٽوڙي ڇڏيندا هئا. فرعون به موسى ؑ کي گهٽ سمجھندو هو، ڇو ته ان جي نظر ۾ موسىؑ نه ته مالدار هو ۽ نه ان سان گڏ ڪو ملائڪ هو.
ان کان پوءِ حضرت عيسى ؑ جڏهن چٽيون نشانيون ۽ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون (عقلي دليل) کڻي آيو ۽ ٻڌايو ته جيڪو منهنجو پالڻهار آهي سو توهان جو به پالڻهار آهي ۽ اها ئي سڌي واٽ آهي. اِنَّ اللہَ ہُوَرَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۝۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ يعني پالڻهار جي ٻانهپ ئي سنئين واٽ آهي. انهن به انهيءَ تعليم کي نه مڃيو ۽ اختلاف ڪيو ۽ قيامت جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لڳا. انهن کي چئي ڇڏ ته جيڪڏهن ”ٻاجھاري“ (الله) جو ڪو پٽ هجي ها ته سڀ کان پهريان مان ئي ان جي ٻانهپ اختيار ڪيان ها. الله تعالى رڳو آسمان جو ئي نه پر زمين جو به خلقڻهار آهي. اها ڳالهه ته ڪافر به مڃن ٿا ته زمين ۽ آسمان الله تعالى ئي جوڙيو آهي. سو جيئن ته اهي تنهنجو چوڻ نٿا مڃن تنهن ڪري اي رسولﷺ! انهن کان پنهنجو ذاتي توجهه هٽائي ڇڏيو، انهن کي رڳو سلام ڪري ڇڏي ڏيو. انهن کي ستت ئي خبر پئجي ويندي. فَاصْفَحْ عَنْہُمْ وَقُلْ سَلٰمٌ۝۰ۭ
(7) سورت النمل:
جيڪي ماڻهو عملن جي جزا ۽ قيامت جي ڏينهن جا انڪاري آهن، انهن کي سخت عذاب ڏنو ويندو.
موسى ؑ الله تعالى جي وجود جا نظر ايندڙ دليل پيش ڪيا ۽ چيو ته اي فرعون جي ٽوليءَ وارؤ اهو سمورو عذاب توهان جي بداعمالين جي سبب هڪ ڇينڀ آهي ۽ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته الله تعالى پنهنجين آيتن (نشانين) ڏيکارڻ تي وس وارو آهي. اهڙيءَ طرح يمن ۾ بلقيس راڻيءَ جي قوم سج جي پوڄاري هئي. سليمان ؑ ڪتاب واري علم جي وسيلي ثابت ڪري ڇڏيو ته سج کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي. حضرت سليمانؑ انهيءَ علائقي ۾ اها ڳالهه لکي انهيءَ جي شروعات بسم الله سان ڪئي ۽ راڻي بلقيس کي به ڏيکاريو ته جِنَ ان جي هٿ وس آهن جيڪي اک ڇنڀ ۾ هر ڪم ڪري سگھن ٿا. راڻي ايمان آندو ۽ ان کي عذاب کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيو، پر جن قومن ثمود ۽ لوطؑ جي قوم وانگر ايمان نه آندو سي تباهه ۽ برباد ٿي ويون.
اي بني اسرائيلو! توهان انهن ڳالهين کي ڄاڻو ٿا، تنهن ڪري توهان اختلاف کان بچو ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي يقين ڪريو. الله تعالى ئي قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو. (اِنَّ رَبَّكَ يَقْضِيْ بَيْنَہُمْ بِحُكْمِہٖ۝۰ۚ)
مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مڪي جي پالڻهار (رَبَّ ہٰذِہِ الْبَلْدَۃِ) جو حڪم مڃان ۽ قرآن ٻڌايان ۽ اهو ته جيڪو به سڌي واٽ وٺندو سو پنهنجي فائدي لاءِ وٺندو ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو سو به پنهنجي لاءِ ئي ٿيندو. الله تعالى جلد ئي اهڙيون نشانيون ڏيکاريندو جن کي توهان سڃاڻي وٺندؤ. پر هنن ماڻهن انهن نشانين کي جادو سڏيو.
بيبي سوده بنت زمعه سان نڪاح:
شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ به قريشن پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ڪا به مٽي مائٽي قائم نه ڪئي. پاڻ انهيءَ ظالماڻي سماجي بائيڪاٽ کي ختم ڪرڻ گھريائون. ان وقت حبشه جي مهاجرن مان حضرت سڪران بن عمروؒ پنهنجي زال سوده بنت زمعه سان مڪي موٽي آيو. اهي ٻئي بنو عامر لوري جي قبيلي سان واسطو رکندڙ هئا. سڪران گذاري ويو ۽ بي بي سوده بي سهاري ٿي پئي. پاڻ ﷺ جن به اهو گھرن پيا ته قريشن جي ضد کي ختم ڪن. انهيءَ ڪري پاڻ بي بي سوده سان نڪاح ڪري ورتائون جيڪا هڪ ئي وقت مهاجرياڻي توڙي مؤمنياڻي جا گڻ رکندڙ هئي.
حضرت عائشه ؒ سان پاڻ ﷺ جي مڱڻي:
قريشن کي شرمسار ڪرڻ ۽ پاڻ ﷺ جي ڏک کي گھٽائڻ جي خيال کان حضرت ابوبڪرؒ پنهنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ جي مڱڻي رسول الله ﷺ جن سان ڪري ڇڏي ۽ اهو ڏيکاريو ته اهڙي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، جڏهن ايمان آڻڻ وارن جي زندگي هر وقت خطري ۾ هئي ۽ خاص طرح سان پاڻ ڪريم ﷺ تي ڪافرن جي ڪاوڙ حد کان لنگھيل هئي، ان وقت به پاڻ ﷺ جو هڪڙو اهڙو سنگتي موجود هو جيڪو پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. ٽن سالن کان پوءِ بي بي عائشه ؒ جوان ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ جي زالن مان صرف عائشه ؒ ئي ڪنواري هئي. اهو حضرت ابوبڪر جو اهڙو احسان هو جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن مڃتا ڏني ۽ فرمايو ته مون تي جيڪڏهن ڪنهن ڪو احسان ڪيو ته مون انهيءَ جو بدلو چڪائي ڇڏيو، پر ابوبڪر جي احسانن جو بدلو نه ڏئي سگھيس.
پاڻ ڪريم ﷺ جي نڪاحن تي اعتراض:
عام طرح سان عيسائي عالم پاڻ ڪريم ﷺ جي گھڻن زالن هجڻ تي اعتراض ڪندا آهن، پر اهي قومون جن ۾ زالن جي گھڻائي تي ڪا پابندي نه آهي سي چُپ آهن. عيسائين جو اعتراض انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏي ٿو ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ عورت جو جيڪو هيڻو حال هو انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو هو ته اها بد پيشو ڪرائي پنهنجو پيٽ پالي. تنهن کانسواءِ انهيءَ زماني ۾ غلامي جو رواج به عام هو ۽ ماڻهو عورتن کي خريد ڪري وٺندا هئا، ۽ انهن کان بد پيشو ڪرائي ان جي ڪمائيءَ مان تڳڻ کي خراب نه سمجھندا هئا. زنا جو هڪڙو طريقو اهو به هو ته ڪي ٻه دوست ڪجھه ڏينهن لاءِ هڪ ٻئي جو زالون پاڻ ۾ مَٽائيندا هئا. اهو به طريقو هلندڙ هو ته هڪڙي آزاد عورت جيڪا ڪنهن جي به نڪاح ۾ نه هجي ۽ گھڻن ماڻهن کان زنا ڪرائيندڙ هجي، پنهنجي ٻار جو بڻ قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن به ماڻهو لاءِ گھري ته ان جو نالو وٺي سگھي پئي. ائين انهيءَ عورت پاران نامزد ڪيل ماڻهو انهيءَ ٻار جو پيءُ سمجھيو ويندو هو ۽ ان جي پرگھور ۽ پالنا انهيءَ ماڻهوءَ جي مٿان هوندي هئي. ڪجھه قومن ۾ اهو به دستور هوندو هو ته نامرد مڙس جي لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٻار حاصل ڪيو وڃي، انهيءَ کي زنا به نه سمجهندا هئا. اهڙيءَ طرح جن قومن ۾ مادري قدر (Matriarchy) قائم هو، اتي اهو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو ته ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟ قبيلي جو ڪوبه ماڻهو ٻار جو پيءُ ٿي سگهندو هو. اتي اصل سوال اهو هو ته ماءُ ڪير آهي؟ اهڙي طرح ڪيتريون ئي عورتون مندرن ۽ ديوتائين جي نالي ٿي وينديون هيون. انهن مان جيڪڏهن ڪابه عورت زنا ڪري وجھندي هئي ته ان جي انهيءَ حرڪت کي زنا نه سمجھيو ويندو هو ۽ انهن جي اولاد خدا جي اولاد سمجھي ويندي هئي.
اسلام جو سڌارو:
بهرحال انهيءَ زماني جي لحاظ کان زالن جي گھڻائي ته پري جي ڳالهه پر زنا کي به خراب نه سمجهيو ويندو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن نه رڳو زالن جي گھڻائي ۽ زنا جي عمل کي ختم ڪري ڇڏيو، پر اهڙيون حدون مقرر ڪري ڇڏيون جنهن جي ڪري زنا ناممڪن بڻجي وئي. يعني طلاق جو قانون جاري ڪري عورت کي اهو حق ڏنو ته اها پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي سگھي ٿي ۽ پنهنجي پسند جي مڙس سان نڪاح ڪري سگھي ٿي. اڄڪلهه پرڻيل عورتون زنا انهيءَ ڪري ڪن ٿيون جو اهي پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي نٿيون سگھن ۽ ان جو ٻيو سبب عورتن جي معاشي بدحالي آهي. اسلام عورت کي ورثي ۽ ملڪيت جو حق ڏئي ان کي معاشي بدحالي کان به بچايو ۽ ان ۾ اڃا به واڌارو اهو ڪري ڇڏيو ته نڪاح جي بدلي جيتري رقم گھري پنهنجي ٿيندڙ مڙس سان مقرر ڪري، جيڪا ان جي ذاتي ملڪيت هوندي. مڙس جي مٿان اهو فرض ٿيندو ته هو پنهنجي زال کي نه رڳو زال هئڻ واري حيثيت ۾، پر طلاق يا جدائيءَ کان پوءِ به ڪجھه مهينن تائين کاڌو پيتو ڏئي ۽ پنهنجي گھر مان نه ڪڍي.
دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ڇوڪري کي پيدا ٿيندي ئي ماري ڇڏيندا هئا. عرب، هندستان، انڊونيشيا ۽ ڪجھه ملڪن ۾ اها رسم به هئي ته مڙس جي لاش سان گڏ ان جي سڀني زالن ۽ ٻانهين کي به جيئرو ساڙيو ويندو هو. هاڻي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورت کي ايترو ته گھٽ سمجھيو وڃي ٿو جو انهن جا پيءُ ماءُ ان جي مرڻ جي تمنا ڪندا آهن. ڇو ته ڇوڪرن کي جيستائين شادي ڪرڻ جي بدلي ۾ جھجھو پئسو نه ملي، اهي ڇوڪري سان شادي نه ڪندا آهن ۽ پيءُ ماءُ کي ڏاج جي لاءِ سڄي ڄمار لوڙڻو پوندو آهي. انهن حالتن جي روشني ۾ رسول الله ﷺ جن عورتن کي جيڪو درجو عطا ڪيو انهيءَ درجي تي غير مسلم عورتون اڃا تائين پهچي نه سگھيون آهن.
ڳجھي بيعت عقبه (ذي الحج 11 نبوي):
طائف کان واپسي کان پوءِ رسول الله ﷺ جن هڪ سال تائين خدائي حڪم موجب مڪي وارن کان بلڪل ئي پاسيرا رهيا. اها سموري ڪارروائي ڳجھي هئي ته جيئن قريش تڪليفون ڏيڻ ۾ واڌارو نه ڪن. حقيقت ۾ اها ڳجھي تياري انهيءَ لاءِ هئي ته جيئن اهڙي ڪا جاءِ ملي وڃي جتي مسلمان پنهنجو هڪڙو سياسي مرڪز بڻائي سگھن.
بهرحال 11 نبوي جي ذي الحج مهيني ۾ مديني جي ٻارنهن ماڻهن بيعت ڪئي ۽ واعدو ڪيو ته اهي الله تعالى کي اڪيلو ۽ لاشريڪ مڃيندا. چوري، زنا، نياڻين کي قتل ڪرڻ ۽ ڪنهن تي بهتان مڙهڻ کان بلڪل پري رهندا ۽ سڀني چڱين ڳالهين ۾ رسول الله ﷺ جي پيروي ڪندا. انهيءَ بيعت کي بيعت النساء به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين تي عورتون به بيعت ڪري سگھن ٿيون. اها بيعت الحرب يعني ڪنهن جنگ جي لاءِ بيعت نه آهي.
هن بيعت جون خاص ڳالهيون:
هن بيعت يا معاهدي کان پهريان مڪي جي مشرڪن ۽ حبشه ۽ ٻين علائقن جي عيسائين کي قرآن جي ڪيترين ئي اخلاقي ڳالهين کي مڃڻ لاءِ زور ڏنو ويو هو، خاص طرح سان مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي اسلام جي بنيادي عقيدن ۾ ڳڻيو ويو هو. پر هن معاهدي ۾ ڪي ٿورڙيون اخلاقي ڳالهيون ٻڌائي چيو ويو ته چڱين ڳالهين ۾ رسول الله ﷺ جي پيروي اختيار ڪندا. يعني جڏهن اهو مڃيو ويو ته الله تعالى اڪيلو ۽ لاشريڪ آهي ۽ محمد ﷺ ان جو رسول آهي ته پوءِ ڪنهن نيڪ ڪم جي تفصيل ٻڌائڻ غير ضروري هئي. ايتري تائين جو عام طور تي انساني قتل کي بڇڙو سمجھيو ويندو هو، پر معاهدي ۾ رڳو ڇوڪرين کي قتل نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته عرب ۾ عورت جو درجو ڪيترو هيٺ هو.
هن زماني جي معاشري ڪيترين ئي بڇڙين ڳالهين کي به ماڻهن جي نظرن ۾ چڱو ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن چٽائي ڪري ڇڏي ته جيتوڻيڪ عربستان وارا چوري، ڦرمار، زنا، اولاد کي قتل ڪرڻ، بهتان ٻڌڻ ۽ ڳالهه کي وڌائي چڙهائي ٻڌائڻ کي خراب نٿا سمجھن، اڃا به ڪيترائي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ زنا جون ڳالهيون فخر طور بيان ڪن ٿا (جيئن امراء القيس). ڦرمار ۽ شريف عورتن سان عشق کا چڱو سمجھن ٿا ۽ قتل کي مردانگي ۽ هندستان وارن وانگر شرافت جو نشان سمجھن ٿا، تنهن ڪري اهي ڳالهيون منڪر يعني بڇڙيون سمجھيون وينديون ۽ بيعت ڪرڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي مڃي ورتو.
بيعت کان پوءِ رسول الله ﷺ جن عبدالدار قبيلي جي پهرين مسلمان ۽ حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ حضرت مصعب بن عمير کي سڏايو ۽ هنن ماڻهن سان گڏ مديني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. هي پاڪيزه انسان شروع کان وٺي اسلام ۽ ڪفر جي ڇڪتاڻ کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ پاڻ به انهيءَ ئي قبيلي سان واسطو رکي پيو جيڪو سڄي عرب ۾ مذهبي پيشوريت ۽ بت پرستي ۾ سڀني کان الڳ سڃاڻ رکندڙ هو. مديني ۾ ان جي پهچڻ جي ٿورڙن ڏينهن جي اندر ئي مديني جا ڪيترائي مشرڪ شرڪ کان تائب ٿي پڪا موحد بڻجي ويا.
بني اسرائيل کي شامل ڪرڻ جي خواهش:
هن زماني ۾ وري پاڻ ڪريم ﷺ جن بني اسرائيل ڏانهن ڌيان ڏنو. سندن دلي خواهش هئي ته مديني جا آسودا يهودي، جيڪي سڄي عربستان جي واپار تي ڇانيل آهن، مسلمانن ۽ عيسائين سان ملي ڪري هڪڙي متحد قوم بڻجي پون. سڀئي الله تعالى کي لاشريڪ مڃين ۽ مسجد حرام (مڪي) کان مسجد اقصى (يروشلم) تائين هڪڙي ئي الله تعالى جي هيڪڙائي جي لولي هجي. سڀئي ماڻهو مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندڙ بڻجي پون. يهودي توريت جي تحريف کان بچي ويل حڪمن تي عمل ڪن ۽ دنيا ۾ انصاف ۽ عدل پکيڙين، ظلم ۽ وياج خوريءَ کي ڇڏي ڏين. عيسائي مسيح ابن مريم کي حقيقي تصور ۾ مڃين ۽ ڪفاري واري دوکي مان نڪري مذهبي پيشوائن (پوپن) کي ختم ڪري ڇڏين ۽ اڄوڪي دؤر جي پروٽسٽنٽن وانگر ڪليسا کي ڇڏي رڳو انجيل کي مڃين ۽ ڪيلسا جي مدد کانسواءِ انجيل ۽ توريت جي حڪمن تي عمل پيرا ٿين.
انهيءَ ڪري ئي الله تعالى پنهنجي رسول ﷺ کي مڪي کان يروشلم تائين وٺي ويو ته جيئن اهي هڪڙي مضبوط قوم بڻجي وڃن ۽ بني اسرائيل ۽ عيسائين کي جن ڳالهين ۾ اندروني اختلاف آهي، انهن کي قرآن جي ٻڌايل برابري ۽ منڪر ۽ معروف جي اصولن موجب مڃي وٺن.
اسراء يا معراج جي حڪمت:
سوره بني اسرائيل حقيقت ۾ بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙو پيغام هو ته اچو ته اسان ۽ توهان ملي ڪري هڪڙو متحد محاذ جوڙيون. توهان جا آسودا خودغرضي ڇڏي ڏين ته پوءِ آزادي ملي سگھي ٿي ۽ مڪي ۽ يروشلم مان اڪيلي الله جو نالو مٿانهون ٿي سگھي ٿو. تورات جا ڏهه حڪم ته تمام سٺا آهن، پر انهن جو مقصد قرآن سان چٽو ٿئي ٿو ۽ اهو هيءُ ته اک، ڪن ۽ دل کي بڇڙن خيالن ۾ نه لڳايو. ظاهري ۽ باطني حواسن کي پاڪ رکو، وڏائي نه ڪريو، ظلم نه ڪريو ۽ ڪنهن کي ڏک نه ڏيو. (بلڪل اها ئي ڳالهه مهاتما ٻڌ جي اٺن اصولن (هشت مارگ) جي باري ۾ به سچي ثابت ٿئي ٿي).
انهيءَ زماني ۾ مڪي جا ڪافر انهيءَ ڳالهه کي سمجھي ويا هئا، انهيءَ ڪري اهي رسول الله ﷺ تي زور ڏيندا هئا ته ڪتاب وارن سان اتحاد ڪرڻ وارين آيتن کي بدلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ رسول الله ﷺ کي پريشان ڪري مڪي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. قرآن انهيءَ روش جو جواب هي ڏنو ته جيڪڏهن الله جي رسول کي ڊيڄارڻ کان توهان نه مڙندؤ ته توهان کي ئي جلاوطن ڪيو ويندو. الله تعالى جو قانون آهي ته ظالم کي سزا ضرور ملندي آهي.
(8) سورت بني اسرائيل:
بني اسرائيل شرڪ، نفس پرستي ۽ فساد جي ٻه دفعا واٽ ورتي ۽ ٻه دفعا يروشلم تباهه ٿيو ۽ اهي غلام بڻائي وڪرو ڪيا ويا. جڏهن توبه ڪيائون ته دشمنن تي سوڀارا ٿيا ۽ بادشاهت به بحال ٿي وئي. تنهن ڪري اي بني اسرائيل! جيڪڏهن ٻيهر شرارت ڪندؤ ته وري تباهه ٿي ويندؤ. جيڪڏهن توهان آخرت جي ڏينهن کي مڃي وٺو ها ته بڇڙايون نه ڪريو ها ۽ نه تباهه ٿيو ها. قومون سدائين پنهنجي آسودن ماڻهن جي عيش پرستي، بڇڙائين ۽ خودغرضي جي ڪري تباهه ٿيون آهن. الله تعالى جو دستور اهو رهيو آهي ته پنهنجو عذاب نازل ڪرڻ کان پهريان قومن کي خبردار ڪندو آهي.
قرآن جي اخلاقي حڪمن جو بنياد هيءُ آهي ته ڪن، اک ۽ دل کي پاڪ رکو، وڏائي نه ڪريو، ظلم نه ڪريو، ڪنهن کي تڪليف نه ڏيو؛ اهي ئي اخلاق توريت ۾ به بيان ٿيل آهن.
معجزا نه ڏنا ويندا، معجزن کي ڏسي ڪري ڪوبه ايمان ناهي آڻيندو. الله تعالى جي قدرت جون نشانيون چئني طرفن ۾ موجود آهن. هر شيءِ الله تعالى جي تسبيح ڪري رهي آهي. قرآن ۾ ثمود جي قوم ۽ بني اسرائيل وغيره جون حالتون جيڪي نبي کي وحي جي وسيلي معلوم ٿينديون آهن، سي هتي بيان ڪيون ويون آهن. مشرڪ گھرن ٿا ته اڳوڻين قومن تي عذاب جا قصا بيان نه ڪيا وڃن ۽ دنيا ۽ آخرت جي عذاب کان کين نه ڊيڄاريو وڃي، ايتري تائين جو رسول الله ﷺ جن به انهيءَ ڳالهه ڏانهن لاڙو ڪري چڪا هئا، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته ٻيڻو عذاب اچي ها. جيئن ته الله تعالى جي نيڪ ٻانهن تي شيطان غالب نٿو ٿي سگھي انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ به اهڙي قدم کان بچي ويا.
توهان پڇو ٿا ته روح ڇا آهي؟ اهو ته الله تعالى جو حڪم آهي. اهو خدائي وحي آهي. پر اهڙين فلسفياڻين ڳالهين جي مشرڪن کي تمام ئي ٿورڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. جهڙيون عمديون ڳالهيون قرآن ۽ ٻين خدائي ڪتابن ۾ موجود آهن تهڙيون توهان جي شاعرن ۽ ڀوپن جي ڳالهين ۾ موجود نه آهن. توهان انهن خدائي تعليمات جو مٽ يا مثال ٺاهي پيش ڪري نه ٿا سگهو. توهان پنهنجي سنگتي انسانن ۽ شيطانن کان به ڀلي جيترو وڻيوَ اوتري مدد وٺو، پر توهان اهڙيون ڳالهيون نٿا چئي سگهو. توهان کي گهرجي ته شرڪ ڇڏي ڪري اڪيلي الله جي حڪمن کي مڃيو. موسى ؑ تي معجزا نازل ٿيا، پر ماڻهن نه مڃيو. مان هڪڙو انسان آهيان، نه ته چشما وهائي سگھان ٿو ۽ نه آسمان ڪيرائي سگھان ٿو. سچا يهودي ۽ عيسائي قرآن ٻڌي ڪري خشوع کان سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ چون ٿا ته هيءُ به انهيءَ ئي سرچشمي کان روح القدس جي ذريعي ئي نازل ٿيو آهي جنهن جي ذريعي توريت نازل ٿيو هو. انهيءَ کي الله چئي ڪري سڏيو يا رحمان، سڀئي چڱا نالا انهيءَ لاءِ آهن.
پاڻ 12 نبوي ۾ بنو هزيل قبيلي وارن ڏانهن ويا. حضرت ابوبڪر پاڻﷺ جن سان گڏ هو. انهيءَ قبيلي جي سردار جو نالو مفروق هو. حضرت ابوبڪر ؒ مفروق کي چيو ته منهنجو ساٿي الله تعالى جو پيغام کڻي توهان وٽ آيو آهي. پاڻ فرمايائون ته هڪڙي الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به پوڄا نه ڪريو ۽ نيڪ عملي اختيار ڪريو. انهيءَ موقعي تي پاڻ ﷺ جن سورت الانعام جو چوٿون رڪوع تلاوت فرمايو. مفروق چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو اهڙين عمدين ڳالهين کي به قريش نٿا مڃين، اڃا به خدائي عذاب کي دعوت ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مان فارس (ايران) جي شهنشاهه جو حليف آهيان، نه ته توهان جي ضرور مدد ڪريان ها ۽ هن وقت ڪنهن به قسم جو جنگي معاهدو نٿو ڪري سگھان. پاڻ هن جي تعريف ڪيائون ۽ فرمايائون ته الله تعالى پنهنجي دين جي مدد فرمائيندو.
قرآن ۽ نماز:
هر قوم ۾ پنهنجي الٰه، ديوتا، خدا يا ملائڪ کان مدد گھرڻ جو طريقو اهو هو ته اهي ان جي واکاڻ ڪندا ۽ ان جي اڳيان راڳ ڳائي ان کي خوش ڪندا هئا يا قرباني جي رت ۽ گوشت کي پيش ڪيو ويندو هو ته جيئن هو پنهنجي پوڄاريءَ جي ڳالهه مڃي وٺي. ڪجھه قومن ۾ پنهنجي ديوتا کي خوش ڪرڻ جي لاءِ انساني قرباني به ڏني ويندي هئي ۽ ڪيترين جائن تي ته ڇوڪريون به انهن جي خدمت ۾ نذراني طور ڏنيون وينديون هيون. گل، شربت، شراب ته هاڻي به ڪجھه ملڪن ۽ قومن ۾ پنهنجي ديوتا کي خوش ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي. (هندن وٽ اڄ به ڪالي ديوي تي انساني قرباني ڪئي ويندي آهي). پوڄا جي وقت مذهبي پيشوائن جي هڪڙي ٽولي ڪجھه منتر پڙهندي آهي، جنهن کي عوام سمجھي نه سگھندو آهي. عوام کي ته انهن منترن جي پڙهڻ جو حق به نه هوندو آهي.
ان جي برعڪس قرآن پوڄا يعني عبادت جي طريقي کي ئي بدلائي ڇڏيو. انهيءَ ٻڌايو ته نه رڳو عبادت پر پنهنجي آقا جي ٻانهپ يعني فرمانبرداري به اختيار ڪئي وڃي. يعني ان جي حڪمن کي مڃڻ ئي ان جي عملي حمد ۽ ثنا آهي. رڳو زباني واکاڻ سان ڪوبه آقا خوش نٿو ٿي سگھي جيستائين جو ان جي حڪمن جي بجاآوري نه ڪئي وڃي. خدا رب (آقا) آهي، جڏهن ته انسان عبد (ٻانهو) آهي. انهيءَ نعبد مان عبادت جو مفهوم به جڙي ٿو، اڃا به ائين چئجي ته عبادت جي حقيقت جهانن جي پالڻهار جي ٻانهپ سان ئي واڳيل آهي. انهيءَ کان پهريان صلوٰة جي اها اصطلاحي معنى ڪونه هئي، پر اها پوڄا جو فرض ادا ڪرڻ يا سلام ڪرڻ جي معنى ۾ هئي.
رسول الله جن جو اهو دستور هو ته الله تعالى جون آيتون عظمت ۽ شان جي مختلف موقعن ۾ تلاوت فرمائيندا هئا. جڏهن به موقعو ملندو هو ته ڪعبي جي سامهون وڃي ڪري الله جو نالو وٺندا ۽ قرآن پڙهندا هئا. اها ڳالهه مشرڪن کي بلڪل نه وڻندي هئي. اهي چوندا هئا ته اسان جي ديوين جي به واکاڻ ڪريو. پر الله تعالى کين سمجھائي ڇڏيو هو ته ڪافرن ڏانهن لاڙو ڪرڻ بلڪل به صحيح نه آهي ۽ الله تعالى جي مدد سان پاڻ ﷺ جن انهن شيطانن جي چڪر ۾ ڪڏهن به نه آيا.
(9) سورت هود (للڪار):
انهيءَ ئي زماني ۾ سورت هود نازل ٿي جنهن ۾ قرآن تي اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو چيو ويو ته جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ قرآني تعليم هٿ ٺوڪي آهي ته پوءِ ڀلا توهان پنهنجي جنن ۽ ديوتائن جي مدد سان هن جهڙيون ڪي ڏهه سورتون ٺاهي کڻي اچو. ظاهر آهي، انهن ماڻهن وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه جواب ڪونه هو. انهن جي شاعرن ۽ جادوگرن به اهڙن اعلى اخلاقي اصولن کي انساني سڌاري جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي دعوى نه ڪئي هئي. انهيءَ ڪري قرآن چيو ته هاڻي به سمجھي وٺو ته هيءَ تعليم انهيءَ ئي ڀلائيءَ واري سرچشمي مان آئي آهي جتان توريت ۽ انجيل آيو آهي. انهيءَ جي تعليم جو تت اهو آهي ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن به معبود جي پوڄا نه ڪريو. اها تعليم ئي خدائي ڪلام آهي نه ڪي شيطاني. انهيءَ ڪري توهان ۽ توهان جا شيطان اهڙي تعليم نٿا پيش ڪري سگھن.
هن کان اڳتي هن سورت سڳوريءَ ۾ دنيا جي قومن جي تاريخ سان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته بدعملي ۽ ظلم (غلامن ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي محنت جي استحصال) سان قومون تباهه ٿينديون رهيون آهن. جيڪڏهن توهان به انهن حرڪتن کان مڙي نه ويا ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ. اي رسول ﷺ! ڪافرن کي چئي ڏي ته الله تعالى جي مدد اچڻ واري آهي انهيءَ ڪري توهان انتظار ڪريو. اسان انهيءَ تي ئي ڀروسو رکون ٿا.
بيعت عقبه ثاني (ذي الحج 12 نبوي):
هڪ سال جي عرصي ۾ حضرت مصعب بن عميرؒ جي ڪوششن سان مديني جا 73 مرد ۽ ٻه عورتون مسلمان ٿي چڪا هئا ۽ اهي حج جي موقعي تي حضرت مصعب بن عمير سان گڏجي آيا هئا. مني ۾ رات جو هڪڙي ڳجھي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ رسول الله ﷺ جن به پنهنجي چاچي عباس بن عبدالمطلب سان گڏ آيا. عباسؒ جو اسلام آڻڻ به ڳجھو رهيو. انهن مان ڪنهن کي به اها خبر ڪونه هئي ته ڪو ابولهب لڪي انهن جون سڀئي ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي.
هاڻي عباس بن عبدالمطلب، جنهن کي مديني وارا سڃاڻيندا هئا، اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته اي خزرج وارؤ! محمد ﷺ اسان جي قوم مان آهي ۽ اسان جي حفاظت ۾ آهي ۽ عزت سان گذاري رهيو آهي. اهو پاڻ انهيءَ ڳالهه جو خواهشمند نه آهي ته مڪو ڇڏي توهان وٽ هليو اچي. پر جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا ته جيڪو ڪم توهان جي سامهون آهي انهيءَ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سندن مديني وڃڻ ضروري آهي ته پوءِ توهان کي سندن مڪمل طرح سان حفاظت ڪرڻي پوندي. پوءِ جيڪڏهن ائين ڪري سگھو ته کين ڀلي پاڻ سان وٺي وڃو، پر جي نه ته هينئر ئي انهيءَ ڳالهه تان هٿ کڻو.
جنگ جي امڪان جو ذڪر:
هاڻي سعد بن عباده انصاري جيڪو مديني کان مسلمان ٿي ڪري آيو هو سو اٿي بيٺو ۽ چيو ته ماڻهؤ! قريش محمد ﷺ جا جاني دشمن آهن، جيڪڏهن اسان سندن پٺڀرائيءَ جو وچن ڪريون ٿا ته سمجھي ڇڏيو ته اسان عرب قبيلن کي جنگ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون. تنهن ڪري جيڪڏهن گھرو ٿا ته دنيا ۽ دين، ٻنهي ۾ توهان جو ڀلو ٿئي ته پوءِ پنهنجي مالن جي تباهي ۽ چڱن مڙسن ۽ سردارن جي موت لاءِ تيار ٿي وڃو. ڇو ته قربانيءَ کانسواءِ اها ڳالهه حاصل نه ٿي سگھندي.
رسول اللهﷺ جي تقرير:
پاڻ ﷺ جن فرمايو الله تعالى جي غلامي ۽ روحانيت کي عام ڪرڻ ئي منهنجو پيغام آهي ۽ شيطان پرستي يا ماديت کي مٽائڻ انهيءَ جي منزل آهي. جڏهن خدا پرستي ۽ محبت عام ٿي ويندو ۽ خود پرستي ۽ نفرت جو خاتمو ٿي ويندو ته الله تعالى جو دين مٿانهون ٿيندو. هيءَ دنيا بهشت بڻجي ويندي. جيڪڏهن انهيءَ حق جي ڪلمي کي مٿانهون ڪرڻ جي لاءِ توهان تيار آهيو ته وچن ڪريو ته:
1. خدا پرستيءَ جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ اسان هر طرح جو سهڪار ڪنداسين.
2. جڏهن مان مڪي کان هجرت ڪري مديني ايندس ته منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جي حفاظت ۽ مدد اهڙيءَ طرح جان ۽ مال سان ڪندؤ جهڙي طرح توهان پنهنجي ٻارن ۽ عورتن جي ڪندا آهيو.
جنگ تي بيعت:
انهيءَ کان پوءِ سڀني ماڻهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ رسول الله ﷺ جن انهن کي اطمينان ڏياريو ته فتح مڪي کان پوءِ پاڻ مدينو ڇڏي مڪي نه ايندا ۽ فرمايو ته منهنجي ذميداري توهان جي ذميداري آهي، منهنجي عزت توهان جي عزت آهي، مان توهان جو آهيان ۽ توهان منهنجا آهيو. توهان جنهن سان وڙهندؤ مان به انهن سان وڙهندس، توهان جنهن سان ٺاهه ڪندا، مان به انهن سان ٺاهه ڪندس.
بل الدم الدم، والهدم الهدم، انا منکم وانتم مني احارب من حاربتم و اسالم من سالتم
انهيءَ کان پوءِ رسول الله ﷺ خزرج جي نون ۽ اوس جي ٽن ماڻهن جي چونڊ ڪئي ۽ انهن کي حضرت عيسى ؑ جي طريقي تي پنهنجو نقيب يا حواري بڻايو. انهن جو ڪم اهو هو ته مديني ۾ وڃي ڪري اسلام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪن.
ابولهب جي جاسوسي:
اهي سڀئي ڳالهيون ابولهب ٻڌي ورتيون ۽ وڏي سڏ واڪو ڪري چيو ته اي خيمي وارؤ! توهان کي ڪا خبر پئي ته محمدﷺ ۽ ان جا سنگتي توهان سان جنگ ڪرڻ وارا آهن.
عباس انصاري انهيءَ موقعي تي رسول الله ﷺ کي عرض ڪيو ته اسان هن جي منڍي تلوار سان لاهي ڇڏينداسين، پر رسول الله ﷺ جن انهن کي روڪي ڇڏيو ۽ پر امن رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ خيمن ۾ واپس موٽي وڃڻ جو حڪم فرمايو.
صبح جو قريشن خزرج قبيلي جي سردار عبدالله بن ابي سان شڪايت ڪئي ته تنهنجا ماڻهو اسان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. قريشن ٻن مسلمانن کي جھلي ورتو ۽ انهن کي ڏاڍو ماريو. آخر انهن جبير بن مطعم ۽ حارث بن حرب کي سڏيو ته جبير انهن کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو ۽ اهي واپس مديني پهچي ويا.
(10) سورت يونس:
انهيءَ زماني ۾ سورت يونس نازل ٿي. مشرڪن جو مطالبو هو ته قرآن جي تعليم کي بدلائي ڇڏيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هن وقت تائين جيڪا قرآن جي تعليم ڏني هئي، سا اها هئي ته الله تعالى جي غلاميءَ جو اعلان ڪريو ۽ پڪ ڄاڻو ته انسان هجڻ جي حيثيت ۾ توهان سڀئي هڪجهڙا آهيو. وڏائي ۽ ننڍائي واري فرق کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ظلم ۽ وڏائيءَ کي شيطاني فعل سمجھو نه ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ ۽ مرڻ کان پوءِ الله تعالى توهان کي ٻيهر جيئرو ڪري توهان جي ظلمن جو حساب وٺندو. اها ڳالهه ته الله تعالى ٻيهر جيئرو ڪندو، رڳو سمجھو ۽ عقل وارا ماڻهو ئي الله تعالى جي نشانين کي ڏسي ڪري سمجهي سگھن ٿا. هر قوم جو هڪڙو وقت مقرر ٿيل آهي، جيڪڏهن اها بداعمالي ڪري ٿي ته اها تباهه ٿي ويندي آهي، انهيءَ ڪري جڏهن وقت ايندو ته خدائي عذاب نازل ٿيندو ۽ توهان تباهه ٿي ويندؤ.
جيڪي ماڻهو نفس پرست آهن اهي شيطان جا ٻانها آهن ۽ پڪ سان شيطان وانگر جنت مان ٻاهر لوڌيا ويندا. پر الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ وارن کي هن دنيا ۾ نه ڪنهن شيطان، حڪمران يا مالدار ۽ جادوگر جو ڊپ آهي ۽ نه ئي موت کان پوءِ اچڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ ڪو فڪر يا ڳڻتي آهي. تنهن ڪري رسول الله ﷺ ۽ ان جي ساٿين کي صبر ڪرڻ گھرجي ۽ مشرڪن کي چئي ڏيڻ گھرجي ته اهي انتظار ڪن ۽ ڏسن ته الله تعالى ڇا ٿو پيو ڪري. موسىؑ وانگر حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي ته فرعون وانگر اهي ڪافر انهيءَ کي ڪوڙو سمجھن ٿا، انهيءَ ڪري انهن جو انجام به اهو ئي ٿيندو جهڙو فرعون ۽ ان جي پيروي ڪرڻ وارن جو ٿيو.
مشرڪن کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته هڪ انسان تي هيءَ وحي نازل ٿي ته هو ماڻهن کي هوشيار ڪري ته بڇڙايون نه ڪن نه جهنم جو ٻل بڻجي ويندا ۽ ايمان وارن جي لاءِ خوشخبري آهي ته انهن کي نعمت وارا باغ ملندا ۽ اهو ته سڄي ڪائنات انهيءَ قانون تي هلي رهي آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. جڏهن ڪافر به مڃن ٿا ته الله تعالى مئل مان جيئرو ۽ جيئري مان مئل کي پيدا ڪري ٿو ته پوءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ جي لاءِ ڪنهن معجزي گھرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو قرآن اهڙي طرح الله تعالى جو ڏنل علم آهي جهڙي طرح هن کان اڳ به رسولن کي ڏنو ويو آهي. هي منهنجو لکيل نه آهي.
جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هن جهڙو ڪلام انسان ٺاهي سگھي ٿو ته پوءِ هن جهڙي ڪا هڪڙي سورت ٺاهي کڻي اچو. هر امت ۾ هڪڙو رسول ايندو آهي، مان به انسان آهيان. نه ته پنهنجو پاڻ کي ڪنهن معجزي جي ذريعي ڪو فائدو پهچائي سگھان ٿو ۽ نه ئي ڪو نقصان. اهي سڀئي ڳالهيون الله تعالى جي حڪم سان ٿيندڙ آهن. اهي ڳالهيون هدايت ۽ نصيحت لاءِ توهان کي ٻڌايان ٿو. خدائي علم (ڪتاب مبين) ۾ هر شيءِ موجود آهي، اهو ئي ڄاڻي ٿو ته عذاب ڪڏهن ايندو. خدائي وحيءَ تي عمل ڪريو ۽ صبر ڪريو، پوءِ ڏسو ته الله تعالى ڇا ٿو پيو ڪري. اهي ڪافر هن ڪلام کي جادو يا ڪوڙ سمجھن ٿا، تنهن ڪري انهن جو انجام به اهو ئي ٿيندو جيڪو فرعون جو ٿيو هو.
مديني ڏانهن هجرت:
ابن هشام چوي ٿو ته الله تعالى رسول الله ﷺ کي قتال جي اجازت ڏني هئي. انهيءَ اجازت کان پوءِ پاڻ مڪي جي مسلمانن کي چيائون ته الله تعالى مديني ۾ توهان جا ڀائر پيدا ڪيا آهن ۽ اهڙي جاءِ پيدا ڪري ڇڏي آهي جتي توهان امن سان رهي سگھو ٿا، تنهن ڪري توهان مديني لڏي وڃو. پر قرآن ۾ انهيءَ ڳالهه جي ڪابه وضاحت نه آهي، ايتري تائين مديني وڃڻ کان پوءِ به پاڻ قتال جو حڪم نه ڏنائون، باقي ايترو سو آهي ته بچاءَ جي لاءِ مسلمانن کي تيار ڪندا رهيا.
بيعت عقبه ثاني کان پوءِ ستت ئي مشرڪن اهو نتيجو ڪڍي ورتو هو ته عرب جي دستور موجب موقعو ملندي ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيندا ۽ پوڄارين ۽ جادوگرن جي جماعت کي طاقت جي ذريعي ختم ڪري ڇڏيندا. پر پاڻ ڪريم ﷺ جن نه ته ڪو جنگ جو اعلان ڪيو ۽ نه ئي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ فوجن کي موڪلڻ وقت اهو ٻڌايو ته پاڻ ڪٿي وڃڻ وارا آهن. انهيءَ کي فوجي اصطلاح ۾ ’توريه‘ سڏيندا آهن. پاڻ ﷺ جن پنهنجي جنگي کيڏن کي ڳجھو رکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن فوجن کي اهڙي رستي کان موڪليندا هئا جنهن جي ڪري دشمن کي انهيءَ ڳالهه جي سمجھه ئي نه پوندي هئي ته پاڻ ﷺ جن ڪيڏانهن پيا وڃن ۽ ڪٿي حملو ٿيندو.
(11) سورت النحل ۽ (12) سورت انعام:
12 نبوي جي آخر ۽ مديني ڏانهن هجرت، يعني محرم 13 نبوي تائين اهي ٻئي سورتون نازل ٿيون. انهن ٻنهي سورتن ۾ پاڻ ڪريمﷺ جي ٻارنهن سالن واري مڪي تعليم جو تت آهي ۽ اهو رڳو اها ئي ڳالهه آهي ته رڳو هڪڙي الله تي ايمان آڻيو ۽ ظلم جي بدران انصاف ۽ محبت کان ڪم وٺو، نه ته الله تعالى توهان کي هن دنيا ۾ تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ڪري توهان جي بڇڙن عملن جي سخت سزا ڏيندو.
هجرت جون اوکايون:
هجرت جي موڪل ملڻ کان پوءِ مسلمان ڪنهن نه ڪنهن طرح مديني پهچڻ لڳا، پر ڪيترا اهڙا به هئا جيڪي اڃا غلام هئا، قرضي هئا يا وري هيڻا هئا. ڪن کي ته پنهنجي سموري مڏي ملڪيت مڪي ۾ ڇڏڻي پئي، ڇو ته مڪي جا مشرڪ نه پيا گھرن ته مسلمان انهن جي ڪڙي مان نڪري ڪنهن سڪون واري جاءِ تي ٽڪن. اهي ڪن مسلمانن کي ٺڳيءَ سان مديني کان واپس به وٺي آيا. ڪي ڳجھي طرح سان مڪي مان نڪتا، باقي حضرت عمر بن خطابؒ سو سرعام ٻولائي نڪتا. پهريان ڪعبي جو طواف ڪيائين ۽ پوءِ مشرڪن کي چيائين ته مان مديني پيو وڃان، ڪنهن کي همت آهي ته اچي مونکي روڪي.
مجوسين کي تبليغ:
انهيءَ کان اڳ بني هزيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هئي. مڪي ۾ به ايران جي مجوسين جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ يمن ته انهن جي بادشاهت هئي، مصر تائين به انهن جو قبضو هو. تنهن ڪري جتي عيسائين ۽ يهودين کي الله تعالى جي ٻانهپ جي دعوت ڏني پئي وئي اتي مجوسين کي پڻ، جيڪي ٻن خدائن ۽ باهه جا پوڄاري هئا. پڻ توحيد جو پيغام ڏنو پئي ويو. انهن کي چيو ويو ته اهرمن جي دنيا تي حڪمراني کي مڃڻ بدران رڳو يزدان جي هر جاءِ تي حڪومت مڃيو. حقيقت ۾ اها ئي تعليم زرتشت عيسىؑ کان به هڪ هزار سال اڳي ڏني هئي. وقت جي وهڪري خدا پرستي واري مذهبي تصور ۾ بابلي تصور کي داخل ڪري ڇڏيو ۽ ماني ۽ مزدڪ انهيءَ کي فلسفياڻو يا صوفياڻو رنگ ڏئي ڇڏيو. اهڙي طرح اهي ئي بابلي تصور زرتشت جي اصل تعليم سمجھيا وڃڻ لڳا.
سورت النحل جو تت:
خدائي حڪم ويجهو اچي ويو آهي (يعني هجرت جو وقت) تنهن ڪري اٻهرائي نه ڪريو. اي مجوسيو، ٻن خدائن جي پوڄا نه ڪريو. عقل وارن کان پڇا ڪري ڏسو ته اهي توهان کي ٻڌائيندا ته ڪائنات جي هر شيءِ الله تعالى جي آڏو فرمانبردار آهي، تنهن ڪري توهان جي لاءِ به ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته طاغوت کان پاسو ڪريو، اهرمن جي پوڄا نه ڪريو رڳو يزدان جي فرمانبرداري ڪريو (انما هو الٰه واحد). اهو الله عدل ۽ احسان ۽ ٻڌي ۽ اتحاد جو حڪم ڏئي ٿو.
جڏهن الله تعالى هڪڙي دليل (آيت) جي جاءِ تي ٻيو دليل ڏيندو آهي ته ماڻهو سمجھندا آهن ته نبيءَ انهيءَ کي پنهنجو پاڻ گھڙيو آهي، جڏهن ته نيڪ ٻانهن جي باطن ۾ شيطان يا نفس پرستي داخل ئي نه ٿي سگھندي آهي. اهي پنهنجو نفسياتي خواهشن سان ڪو دليل نه ڏيندا آهن، يعني اهي آيتون پاڻ نه گھڙيندا آهن، پر اهي الله تعالى جي طرف کان هونديون آهن.
اي يهوديو! هر قسم جو پاڪ گوشت توهان جي لاءِ حلال آهي، پر توهان ڪي شيون پنهنجو پاڻ تي پاڻ ئي حرام ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته اهي شيون ملت ابراهيمؑ تي حرام ڪونه هيون. انهيءَ ڪري توهان ابراهيم ؑ جي طريقي جي پيروي اختيار ڪريو ڇو ته اها ئي قديم ملت آهي. حرام ۽ حلال جا حڪم مون پنهنجي مرضيءَ سان نه جوڙيا آهن، پر اهي ڳالهيون الله تعالى ٻڌايون آهن جيڪو انساني فطرت کان چڱيءَ طرح واقف آهي.
مشرڪ چون ٿا ته قرآن جي دليلن کي محمد ﷺ پنهنجو پاڻ بدلائي ٿو، جنهن مان سمجھه ۾ اهو ٿو اچي ته اهو ڪلام جادوگرن جي ڪلام وانگر سندن پنهنجو ڪلام آهي. پاڻ ﷺ جن انهن جي جواب ۾ انهن کي فرمايو ته هڪ موقعي تي هڪڙي آيت ۽ ٻئي موقعي تي ٻي آيت الله تعالى ئي مونتي نازل ڪري ٿو انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ شيطاني وسوسي جو ڪوبه دخل نه آهي ڇو جو اهو ڪنهن انسان جو ڪلام نه آهي.
قرآن اصل ۾ خدائي تعليم آهي جيڪا عربي ٻوليءَ ۾ آهي. ايتري تائين جو توريت ۽ انجيل به الله تعالى جي عبادت تي زور ڏين ٿا ۽ اهي ڪتاب به الله تعالى جي طرفان نازل ٿيا هئا. هاڻي انهيءَ ئي تعليم کي صاف ۽ سؤلي عربي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. عيسائي به اهو ئي چون ٿا ته الله هڪ آهي. عيسى ؑ ان جو ڀائيوار نه آهي، پر افسوس آهي جو توهان انهن جي ٻولي نٿا سمجھو ۽ نه عقيدن جي ڪا خبر اٿوَ. توريت ۽ قرآن ٻئي هدايت ۽ نور آهن. بيشڪ جبر و يسار وغيره عجمي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جون ڳالهيون ڪن ٿا.
مجبور ماڻهن کي الله تعالى معاف ڪندو. هيءَ آيت انهن ماڻهن جي لاءِ آئي آهي جن کي قريشن ماري ڪٽي ڪفر جو ڪلمو چوڻ تي مجبور ڪيو هو.
ابراهيمؑ جي ملت هجڻ جو حق هيءُ آهي ته پنهنجي طرفان گھڙيل رسمن تي هلڻ جي بدران دين فطرت تي هلو. جانورن جي حلال ۽ حرام کان وڌيڪ پنهنجي عملن جي حرام ۽ حلال هجڻ تي ويچاريو. بدلي کان معاف ڪرڻ ڀلو آهي. ڪنهن کي جھڻڪ ڏيڻ کان سهڻي ڳالهه چوڻ ڀلي آهي. اهي ابراهيم جا صحيفا ۽ ابراهيمي قانون آهن ۽ توريت ۽ قرآن جي مڃڻ کان پهريان انهن قانونن کي مڃڻ ضروري آهي.
هر قوم جي مالدارن ۽ عيش ۾ رهڻ وارن جي ڪري قومون تباهه ٿيون آهن. اهي ماڻهو پنهنجي فائدي جي لاءِ قانون جوڙيندا آهن ۽ غريبن جي محنت جو استحصال ڪندا آهن ۽ انهن کي دلبي ۾ رکي کين عقل ۽ دولت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي سگھي. توهان سڀئي پنهنجن پنهنجن عملن جي باري ۾ جوابده آهيو. جيڪڏهن غير الله جي ذهني ۽ عملي غلاميءَ مان پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندؤ ته پوءِ جهنم ۾ رهڻو پوندوَ جنهن جا ذميوار توهان پاڻ ئي هوندؤ نه ڪو ٻيو. تنهن ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته الله تعالى تي ايمان آڻيو يعني روحانيت ۽ حق پرستي جي دنيا جوڙيو. ماديت ۽ خود غرضي جي ڪوڙڪيءَ مان نڪري آزادي ۽ عزت حاصل ڪريو.
سورت الانعام جو تت:
هاڻي مجوسين کي ٻيهر خطاب ٿئي ٿو ته اي مجوسيو! اونداهي ۽ سوجھرو الله (يزدان) ئي پيدا ڪيو آهي. پر اهي ڪافر اهرمن کي يزان جو مَٽ ۽ ثاني سمجھن ٿا. (هو الله احد) اهو الله اڪيلو ۽ بي مثال آهي، انهيءَ جو ڪوبه ڀائيوار نه آهي.
ڪافر مطالبو ڪن ٿا ته ڪا اهڙي نشاني ڏيکاريو جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ انهن کي پڪ ٿي وڃي ته الله تعالى موجود آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا نشاني ڏيکاري نٿو سگھين ته پوءِ پنهنجي خدا کي چؤ ته اسان تي آسمان ڪيرائي ته جيئن ڀلي ته اسان تباهه ٿي وڃو.
ياد رکو، اهڙي قسم جو ڪوبه معجزو نه ڏيکاريو ويندو. نه حضرت موسىؑ جي عذاب وارن معجزن جهڙو ڪو معجزو ڏيکاريو ويندو. انهن جي سامهون الله تعالى جي موجود هئڻ ۽ خالق هجڻ جون هزارين نشانيون موجود آهن جن کي اهي اکين سان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ڏسي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪنهن هڪ به شيءِ جي خلقڻ کان عاجز آهن، اهي ئي ته خدائي معجزا آهن.
بهرحال اي رسول (ﷺ)! جيڪڏهن تون انهن جي گُھر موجب معجزا ڏيڻ گھرين ۽ جيڪڏهن تنهنجي وس ۾ هجي جو تون زمين ۾ لهي وڃي يا آسمان تي ڏاڪڻ رکي مٿي چڙهي وڃين؛ جهڙي به قسم جو معجزو ڏيکارين اهي ايمان نه آڻيندا.
الله تعالى گھري ته انهن تي عذاب نازل ڪري سگھي ٿو، پر اهي ماڻهو نٿا سمجھن ته ڇاجي ڪري هو عذاب نازل نٿو ڪري.
بهرحال اهي جنهن شيءِ (خدائي عذاب) جي اهي تڪڙ لائي ويٺا آهن سا مان نازل نٿو ڪري سگھان؛ مان ته رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهيان. يعني مان ته انهن کي رڳو انهن جي بداعمالين جي نتيجي کان هوشيار ڪرڻ آيو آهيان ۽ گھران ٿو ته اهي نيڪو ڪاري اختيار ڪري ترقي حاصل ڪن ۽ ذلت ۽ خواريءَ مان نڪري اچن.
نه مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه ئي مان ڪو ڳجھه ڄاڻان ٿو ۽ نه ئي وري مان ڪو ملائڪ آهيان. مان ته توهان وانگر ئي هڪڙو انسان آهيان. مون تي ته الله تعالى جي طرف کان اها وحي نازل ٿي آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريان. جيڪڏهن توهان کي پڪ نٿي ٿئي ته هيءَ خدا جي طرف کان موڪليل وحي آهي ته ڪتاب وارن کان پڇي ڏسو ته خدائي وحي ڇا ٿيندي آهي ۽ الله جو رسول ڪنهن کي چيو ويندو آهي.
يهودي ڪن ڳالهين کي ظاهر ڪندا آهن ۽ ڪن کي لڪائيندا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترا ئي ٽولا ٿي پيا آهن. تنهن ڪري هيءُ قرآن ابراهيم ۽ موسى ؑ جي واٽ وٺائڻ واري اها سچي تعليم آهي، جيڪا مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ماڻهن جي لاءِ الله تعالى مونکي ڏني آهي.
توهان مردار کائو ٿا، اولاد کي ديوتائن لاءِ قربان ڪريو ٿا، نياڻين کي قتل ۽ جيئرو پوريو ٿا: مطلب ته توهان اخلاقي لحاظ کان تمام ئي ڪريل آهيو. مان توهان کي انهن ڳالهين کان بچائي ڪتاب وارو ۽ تهذيب يافته بڻائڻ گھران ٿو ته جيئن شرڪ نه ڪريو ۽ بڇڙين ڳالهين کان بچو. پڪ ڄاڻو ته هيءُ قرآن به موسى ؑ جي ڪتاب وانگر برڪت ڀريو آهي. ماڻهؤ! الله جي عذاب کان ڊڄو، جيڪڏهن اهو اچي ڪڙڪيو ته پوءِ توهان جي توبه ڪرڻ ڪنهن ڪم جي نه هوندي. مان ملت ابراهيمي تي هلي رهيو آهيان، منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ سڀ اڪيلي الله جي لاءِ آهي.
اِنِّىْ وَجَّہْتُ وَجْہِيَ لِلَّذِيْ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ حَنِيْفًا وَّمَآ اَنَا مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ
”منهنجي نماز، منهنجو روزو، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ سڀ الله جي لاءِ آهي. جيڪو انسان جو پالڻهار (آقا) آهي.“
هڪڙو فلسفياڻو بحث:
سورت الانعام ۾ هڪڙو فلسفياڻو بحث موجود آهي. شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پنهنجي ڪتاب تاويل الاحاديث ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو اهي ۽ مولانا عبيد الله سنڌيؓ پڻ انهيءَ تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. مولانا جڳ مشهور تاريخدان حافظ عماد الدين ابن ڪثير جي حوالي سان فرمايو آهي ته صابي ڪنهن هڪڙي فرقي جو نالو نه آهي، پر غير سامي قومن يعني آريائي ۽ زرد قومن کي صابي چيو ويو آهي. ڇو ته حضرت ابراهيم ؑ پهريان ستاري کي، پوءِ چنڊ کي ۽ آخري ۾ سج کي معبود مڃيو، پر جڏهن سج به لهي ويو ته هن چئي ڏنو ته مان لهي ويندڙن (آفلين) کي پنهنجو معبود نٿو مڃان.
شاهه ولي الله فرمايو آهي ته حضرت ابراهيمؑ کان پهريان سڀئي قومون ڪائنات جي نظارن مان حق تعالى جي جلوي کي ئي خدا مڃيندا رهيا. حضرت ابراهيم ؑ کان پوءِ انساني دل کي خدائي جلوي جو مرڪز مڃڻ شروع ڪيو ويو. حضرت ابراهيم ؑ جو واقعو اصل ۾ انساني فڪر جو صابيت کان حنيفيت ڏانهن سفر هو.
فطرت جي نظارن ۾ خدائي جلوي کي خدا جي قائم مقام مڃڻ جو هڪڙو نقصان اهو آهي ته انهن جي پوڄا ٿيڻ لڳي، اڃا به فطرت جي قوتن کي شخصيت جو روپ ڏئي خدائي صفتون انهن ڏانهن منسوب ڪري بت پرستي شروع ڪئي وئي. حضرت ابراهيمؑ انساني دل کي خدائي جلوي جو مرڪز سڏي اڻ ڏٺي الله جي عبادت جو بنياد وڌو. انهيءَ ڪري حنيفيت ۾ بت پرستي ۽ ظاهر پرستي سان پيدا ٿيڻ واري شرڪ جو خاتمو ٿي ويو.
جيتوڻيڪ قرآن چيو آهي ته انسان پنهنجي نفساني خواهشن جي پوڄا شروع ڪري ڏني، پر انهيءَ جي باوجود به ظاهر پرستي ۽ بت پرستي جي ڪري شرڪ جي جيڪا شڪل پيدا ٿئي ٿي سا نفساني خواهشن تي عمل ڪرڻ سان نٿي پيدا ٿئي. قرآن فطرت جي نظارن ۾ خدائي جلوي جو مطالعو ڪرڻ کي خدائي هستي جي موجودگي ۽ سڃاڻپ جي لاءِ هڪڙو ضروري وسيلو سڏيو آهي. نه رڳو اهو پر تخليق جي عمل کي به الله تعالى جي وجود جو دليل سڏيو آهي.
ڪائناتي نظارن جي مطالعي جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو جو صابي قومن انهيءَ مطالعي جي نتيجي ۾ مختلف علمن جو بنياد وڌو. رياضي، طبعيات، فلڪيات ۽ عمرانيات وغيره انهيءَ عقلي ويچار جو نتيجو آهن. حضرت نوحؑ کان پوءِ حضرت ابراهيمؑ تائين مختلف نبين خدائي الهام سان مختلف علمن کي سهيڙيو. اڄڪلهه جي سائنسي طريقي جيئن ته ٻاهرئين مطالعي ۾ وڌيڪ محويت کان ڪم ورتو آهي، انهيءَ ڪري اڻ ڳڻيا علم ۽ فن وجود ۾ اچي ويا آهن. پر جيئن ته تحقيق جي سائنسي طريقي رڳو حواس جي شاهدين کي اعتبار جوڳو قرار ڏنو آهي ۽ ڪائنات جي نظارن ۾ خدائي جلوي کي ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ماديت ۽ دهريت جا فڪر ۽ نظريا پکڙي رهيا آهن.
هن موضوع يعني صابيت کان حنيفيت ڏانهن انساني فڪر جي ارتقا تي مولانا عبيد الله سنڌي ؓ سورت الانعام جي تفسير ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ مطالعي جو بنياد شاهه ولي الله جو ڪتاب ’تاويل الاحاديث‘ آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو انهيءَ مسئلي تي روشني وڌي وئي آهي.

مڪي جي آخري دؤر جا ڪي اهم واقعا
سويد ؐ جو اسلام قبولڻ:
حضرت سويد بن صامت شاعر هو ۽ لقمان جي حڪمت ڀريل ٻولن کي منظوم ڪندو هو، سو مڪي کان مديني آيو، قرآن کي ٻڌائين ۽ ايمان آندائين ته سچ پچ هيءُ خدائي ڪلام آهي. موٽندي قبيلي خزرج جي ڪنهن ماڻهو کيس شهيد ڪري ڇڏيو.
ابوذر غفاري ؐ جو اسلام قبولڻ:
حضرت ابوذر غفاري (متوفي 33هه) مديني کان مڪي پيرين پنڌ آيو ۽ رسول الله ﷺ کان پڇيو ته اسلام ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ”الله تعالى جي ٻانهپ ۽ شيطان کان نفرت جو نالو اسلام آهي“. پاڻ ٻڌندي ئي انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪيائون جنهن تي قريشن کيس ڏاڍو ماريو ڪٽيو. آخرڪار ايمان آڻڻ کان پوءِ واپس موٽي مديني آيو. ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته اسلام جي معاشي تصور کي، جيڪو سرمائيداري جو سخت مخالف آهي، هن چڱيءَ طرح سمجھي ورتو هو ۽ سرمائيداري يا مال ميڙي رکڻ جو سخت دشمن بڻجي ويو. هو معاشي برابري جو علمبردار هو ۽ هر جاءِ تي مال ميڙڻ جي خلاف نصيحتون ڪندو رهندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ ابوذر ؒ حضرت دانيال ؑ وانگر سڄي ڄمار خدا جي هيڪڙائي ۽ سرمائيداري جي خلاف تبليغ ڪئي. ان جو ڀاءُ انيس ۽ قبيلي غفار جا اڌ ماڻهو مسلمان ٿي ويا. آخري عمر ۾ پاڻ حضرت عثمانؒ جي حڪم سان ربذه جي سنسان علائقي ۾رهڻ لاءِ پابند ڪيا ويا جتي پاڻ وفات ڪيائون.
ضماد آزدر ؐ جو اسلام قبولڻ:
هي اسلام قبولڻ کان پهريان جادوگر هو، پر جڏهن قرآن کي ٻڌائين ته جادو ڇڏي ڏنائين.
حضرت سوده سان پاڻ سڳورن ﷺ جو نڪاح:
بيبي سڳوريؒ حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ ۽ حضرت سڪران جي زال هئي ۽ وڏي عمر جي هئي. سندن واسطو قبيلي عبدالشمس سان هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت بيبي خديجه ؒ جي وفات کان پوءِ ساڻن نڪاح فرمايو.
حضرت عائشه رضه سان مڱڻي:
حضرت بي بي خديجه ؒ جي وفات کان پوءِ حضرت عائشه جي پاڻ ڪريم ﷺ سان مڱڻي ٿي. مڱڻي جي وقت سائڻ نابالغ هيون ۽ اها مڱڻي حضرت ابوبڪر سندن پيءُ ۽ والي هجڻ جي حيثيت سان ڪئي هئي.
رسول الله ﷺ جي قتل جون صلاحون:
13 نبوي جو محرم مهينو ختم ٿي چڪو هو ۽ حاجي ۽ واپاري پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا هئا. هاڻي قريش جي سردارن دارالندوه ۾ هڪڙي ڳجھي گڏجاڻي ڪئي ته رسول الله ﷺ مان ڪنهن طريقي سان جان ڇڏائجي. انهن کي اها به خبر پئجي وئي هئي ته مديني وارن به مسلمانن جي پٺڀرائي ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ تي هشام بن عمرو چيو ته زهير ۽ نابغه به وڏا ناليوارا شاعر هئا، انهن کي سنگھرن سان ٻڌي هڪڙي ڪوٺڙي ۾ واڙيو ويو هو، ائين ئي محمدﷺ کي به قيد ڪيو وڃي هو اتي ئي گھٽجي گھٽجي مري ويندو. پر هڪڙي ڪراڙي سردار چيو ته اهو طريقو غلط آهي، ڇو ته بنو هاشم ۽ انهن جا ساٿاري کين ڇڏائي ويندا. ابوالبختري چيو ته کين جلاوطن ڪري ڇڏيو، انهيءَ راءِ سان به اتفاق نه ڪيو ويو ڇو ته انهيءَ طرح سان محمدﷺ مختلف قبيلن ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي مٿن حملو ڪري ڏيندو. تڏهن ابوجهل اها صلاح ڏني ته قريش جي هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ نوجوان ورتو وڃي ۽ اهي سڀئي گڏجي محمدﷺ تي تلوار سان وار ڪن ۽ کين قتل ڪري ڇڏين. ائين ڪرڻ سان مڪي جي هر قبيلي ڏانهن محمد جو خون ورهائجي ويندو ۽ بنو هاشم وارا سڀني سان وڙهي قصاص وٺي نه سگھندا. آخرڪار خون بها ڀري ڏيڻ تي ڳالهه ٺهي ويندي ۽ پوءِ اسان سڀئي گڏجي اها رقم ادا ڪنداسين. قرآن پاڪ ۾ به انهيءَ واقعي جو ذڪر موجود آهي:
وَاِذْ يَمْكُرُ بِكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِيُثْبِتُوْكَ اَوْ يَقْتُلُوْكَ اَوْ يُخْرِجُوْكَ۝۰ۭ وَيَمْكُـرُوْنَ وَيَمْكُرُ اللہُ۝۰ۭ وَاللہُ خَيْرُ الْمٰكِـرِيْنَ۝۳۰ (الانفال)
هيءَ آيت فتح بدر کان پوءِ سنه 2 هجري ۾ نازل ٿي.
انهيءَ صلاح تي سڀئي سهمت ٿيا. رات جو قاتلن گھر تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پاڻ ﷺ جن پنهنجي خاص چادر حضرت علي ؒ کي ڍڪائي ۽ پنهنجي بستري تي سمهي پوڻ لاءِ چيو. امانتون سندن حوالي ڪيون ته جيئن اهي مالڪن کي پهچائي ڏين ۽ پاڻ رات جي اونداهيءَ ۾ گھر مان نڪري پيا ۽ حضرت ابوبڪر کي ساڻ ڪري غار ثور ۾ وڃي لڪيا.
صبح ٿيندي ئي قريش جا اهي ماڻهو گھر ۾ گھڙي پيا ۽ چادر هٽائي جو ڏٺو ته بستري تي حضرت عليؒ ستو پيو آهي. کين حرم تائين ڪٽيندا وٺي ويا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته پاڻ ڪٿي آهن؟ مارڪٽ کان پوءِ حضرت عليؒ کي ڇڏي ڏنو ويو.
هاڻي ڪافرن پاڻ ڪريم ﷺ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. حضرت ابوبڪر جي ڌيءَ اسماء کي به ماريو ڪٽيو. آخر ڪار پيرا آهوڙي ڳولا شروع ڪيائون ۽ ائين غار ثور تائين پهچي ويا. غار جي اندر ڪونه ويا جو اتي ڪوريئڙي جو ڄار ڏٺائون ۽ هڪڙي ڪبوتري آنن تي آرو ڪري رهي هئي. انهيءَ موقعي تي حضرت ابوبڪرؒ کي سو ڳڻتي ورايو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کين فرمايو ته ڇا تون سمجھين ٿو هتي اسان رڳو ٻه آهيون، پر اسان سان گڏ ٽيون الله به آهي جيڪو سڀني تي سوڀارو آهي. اهي ئي لفظ قرآن جو به حصو بڻجي ويا.
ثَانِيَ اثْـنَيْنِ اِذْ ہُمَا فِي الْغَارِ اِذْ يَقُوْلُ لِصَاحِبِہٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللہَ مَعَنَا۝۰ۚ
پاڻ ﷺ جن ٽن ڏينهن تائين انهيءَ غار ۾ لڪيا رهيا. عامر بن فهيره ٻڪريون چاريندي اتان لنگھندو هو ۽ شام جي وقت ٻنهي کي کير پياري واپس ايندو هو. عبدالله بن ابوبڪر مڪي وارن جون خبرون چارون پيو آڻيندو هو. جڏهن قريش ڳولا ڪري ٿڪجي پيا ته ٻنهي جي گرفتاري جي لاءِ سئو اٺ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چوٿين رات پهرين ربيع الاول 13 نبوي (پهرين مئي 622ع) پنجشنبه جي رات جو پاڻ غار مان نڪتا ۽ تمام ئي ڏکويل لهجي ۾ مڪي ڏانهن مهاڙ ڪري فرمايائون ته ”تون مونکي سڄي دنيا کان پيارو آهين، پر تنهنجا پٽ مون کي هتي رهڻ نٿا ڏين“.
عبدالله بن اريقط، جيڪو هڪڙو مشرڪ هو تنهن کي سونهون ڪري ٻئي اٺ تي چاڙهيو ويو. عامر بن فهيره ۽ حضرت ابوبڪر به گڏجي پيا ۽ ٻن اٺن جو قافلو روحانيت ۽ محبت جي دنيا وسائڻ لاءِ الله جي ڀروسي تي مديني ڏانهن راهي ٿيو.
مڪي ۾ تبليغي زندگيءَ جا تيرنهن سال:
تاريخ ٻڌائي ٿي ته حقيقت جي ڀيٽ ۾ هدايت جو رستو وڌيڪ ڏکيو ۽ اؤکو هوندو آهي. دنيا جي مصلحتن، عملي فلسفين ۽ پيغمبرن جا واقعا انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن. حضرت ابراهيم ؑ به حضرت لوط ؑ سان گڏ اُر ڏانهن مهاجر بڻجي نڪتو هو. حضرت موسى ؑ به هزارين غلامن کي وٺي ڪري فرعوني لشڪر کان بچي نيل درياءَ کي پار ڪيو هو. ڪيترن ئي نبين کي ته هجرت کان پهريان ئي شهادت جو پيالو پيئڻو پيو. حضرت شعيبؑ، حضرت صالحؑ ، حضرت عيسىؑ تي ڪهڙيون ڪهڙيون مصبيتون نه گذريون؟ اهي سڀئي خدا پرستي ۽ انساني برابريءَ جا علمبردار هئا.
گوتم ٻڌ پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڪري سنياسي بڻيو ته ان تي زندگيءَ جو راز کليو، ۽ جڏهن هن خون جي قرباني ڪرڻ وارن کي عقل ۽ سچائيءَ جو رستو ڏسيو ته ان جي مڃيندڙن جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو، ويندي ان جي پيغام کي به سمجھه کان مٿي چيو ويو. اهو ئي حال زرتشت جو ٿيو ۽ ماڻهن ان کان پوءِ يزدان کي ڇڏي اهرمن جي پوڄا شروع ڪري ڏني. سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻو پيو. موسى ۽ ڪرشن کي پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي موت جو پيغام انهن ئي ظالمن جي طرف کان مليو جيڪي عدل ۽ انصاف ۽ رحم ۽ ٻاجهه جي مطلب کان به اڻ واقف هئا. حضرت ابراهيم ؑ جي لاءِ نمرودي آڙاهه ٻاريو ويو. پرهلاد ڀڳت جي لاءِ آتش هرينه (Hiranya Kashyapu) تيار ڪڪئي وئي ۽ هر دؤر ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ باهه ڀڙڪائي ويندي آهي، پر آخرڪار خواري باطل جي ئي نصيب ۾ ايندي آهي.