اسلامي انقلاب جي نائين منزل
بيعت رضوان کان مڪي جي فتح تائين
](ذيقعد 6 هه کان ذي الحج 8 هه / فيبروري 628ع کان مارچ 630ع تائين)[
دولت ڪتابيه جو عربي پروگرام .....
بيعت رضوان ئي فتح مبين آهي.
اسلام جو عالمگير ڪردار:
خندق واري جنگ ۾ هارائجڻ جي ڪري مڪي جي مشرڪن ۽ يهودين جي چيلهه ڀڄي پئي هئي. هجرت جو ستون سال شروع ٿيڻ وارو هو ۽ 628ع جي شروعات ٿي چڪي هئي. اهو زمانو هر مختلف قومن ۾ جشن وارو زمانو هو. مثال طور مجوسين جو جشن، ايسٽر ۽ عيد جي تيارين جو زمانو هو. پر هر جاءِ تي هڪ ئي دعا گھري وڃي ٿي ته اي الله! اسان کي اهرمن جي تباهين کان بچاءِ. اونداهين مان ڪڍي پنهنجي نور ۽ عدل سان دنيا کي روشن ڪري ڇڏ. جهڙي طرح آسمان تي الله تعالى جو نالو مٿانهون آهي، تئين زمين تي به ان جو ئي نالو مٿي هجي. هرڪو امن ۽ سلامتيءَ جو خواهشمند آهي. ڪو ابراهيم ۽ موسى جي نالي تي امن ۽ رحمت جي ڳولا ڪري رهيو آهي، ڪو رام ۽ ڪرشن جي نالي تي شفقت جو طلبگار آهي، ڪو زرتشت ۽ ماني جي ذريعي دنيا مان اهرمن جي اونداهيءَ کي پري ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ ڪو وري مسيح ۽ يحيى جي نالي تي غلامن تي رحم ڪرڻ ۽ رواداري پکيڙڻ جي آس رکي ٿو. پر هر مذهب جو پيروڪار پنهنجي پنهنجي بزرگن ۽ خدائن کي رڳو پنهنجي قوم تائين محدود رکي پيو. ڪوبه اهو سمجھڻ جي ڪوشش نه پيو ڪري ته هر هڪ سچو دين هڪ ئي تعليم ڏئي ٿو ته الله تعالى کي مڃيو، سٺن ڪمن کي فروغ ڏيندي بڇڙائين کان بچو ۽ قومن جي اتفاق ۽ اتحاد سان دنيا کي بهشت بڻائي ڇڏيو. انساني تاريخ ۾ اسان کي محمد عربي ﷺ وانگر ٻيو ڪوبه ڪردار نظر نٿو اچي جنهن عالمگير امن،اتحاد ۽ ترقي جي لاءِ آواز اٿاريو هجي؛ نه رڳو آواز اٿاريو هجي، پر انهيءَ کي عملي جامو به پهرايو هجي.
جهڙي طرح رسول الله ﷺ جن مڪي ۾ خواب ڏٺو هو ته مڪي ۽ بيت المقدس، ٻنهي کي دارالسلام ۽ هڪ ئي خدا جو گھر مڃيندي سمورا ڪتاب وارا هڪ ٿي سموري دنيا ۾ خدا پرستيءَ جي دعوت کي عام ڪندا. پاڻ مديني ۾ اسلام جي انهيءَ ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪيائون ته مسلمان، يهودي ۽ عيسائي پاڻ ۾ گڏجي سڏجي رهن ۽ ڪعبة الله ۽ بيت المقدس کي هڪ ئي الله جو گھر سمجھيو وڃي. مسلمان دارالسلام عتيق يا مسجد ابراهيمي ڪعبة الله ۾ وڃي پراڻي طريقي تي بيت الله جو طواف ڪن ۽ طواف کان پوءِ مسجد اقصى ڏي مهاڙ ڪن ۽ الله تعالى جي ٻنهي گھرن کي مڃڻ وارن کي هڪ ئي مقصد تي گڏ ڪن؛ يعني بت پرستيءَ کي ختم ڪري خدا پرستي کي رواج ۾ آڻين. مهاجرن کي جڏهن اها خبر پئي ته رسول الله ﷺ جن مڪي وڃڻ گھرن ٿا ته اهي سمورا پڻ پاڻ سڳورن سان مڪي هلڻ لاءِ تيار ٿي پيا.
مڪي ڏانهن پر امن روانگي:
ذيقعده 6 هه تائين مديني تي پوري عرب وارن جي حملي يعني خندق واري جنگ کي پورو هڪ سال ٿي چڪو هو. ذيقعد 5 هه کان ذيقعد 6 هه تائين مديني جي حڪومت، مديني جي اوسي پاسي ۾ رهندڙ سمورن قبيلن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي هئي. سرڪش يهودين کي مديني مان لوڌي، باغي قسم جي ماڻهن کي پنهنجي آخري انجام تائين پهچايو ويو هو.
هاڻي رسول الله ﷺ جن انهيءَ نيت سان مڪي ڏانهن روانو ٿيا ته پاڻ ڪعبة الله جي زيارت ڪن ۽ ذيقعده کان محرم تائين مسلمان انهن قانونن تي عمل ڪن جيڪي انهن مهينن ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ رائج هئا. جيڪي ماڻهو هلن سي ڪنهن حملي جي نيت سان نه هلن.
انهيءَ اعلان سان مڪي جي قريشن تي اهو ظاهر ڪرڻو هو ته اسان جي نيت عمري (بيت الله جي زيارت) جي آهي، جنگ ناهي ڪرڻي. اسان اعلان ڪري مڪي ڏانهن اينداسين ۽ الله تعالى جي ٻانهپ جو اعلان ڪري واپس هليا وينداسين.
اهڙيءَ طرح پاڻ ﷺ سنه 6 هه جي ذيقعد مهيني ۾ پنهنجن سورنهن سئو جانثار اصحابن سان گڏجي مڪي ڏانهن روانو ٿيا. پاڻ سان گڏ رڳو تلوارون کيائون جيڪي رڳو حفاظت جي خيال کان هيون. قربانيءَ جي لاءِ ستر اُٺ پاڻ سان گڏ کنيائون جن جي اڳيان اڳيان ويهه سوار هئا ۽ پاڻ ﷺ جن احرام ٻڌي وڏي آواز سان تلبيو چئي رهيا هئا:
لبيک، اللهم لبيک، لبيک لا شريک لک لبيک، ان الحمد و النعمة و الملک لک لا شريک لک
”اي الله! اسان حاضر آهيون، تنهنجو ڪوبه ڀائيوار نه آهي، واکاڻ ۽ نعمت ۽ بادشاهي توکي ئي سونهين ٿي.“
ڄڻ ته پاڻ ﷺ جن الله تعالى جي وحدانيت ۽ ان جي عالمگير بادشاهت جو اقرار ڪري غير الله جي پوڄا ۽ ٻانهپ کان نفرت جو اظهار ڪري رهيا هئا.
مڪي وارا مديني وارن تي ٽي حملا ڪرڻ جي ڪري اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پرامن طريقي سان عمرو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. تنهن ڪري انهن پاڻ ﷺ جن کي روڪڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڏني. يسر خزاعي جيڪي پاڻ ڪريم ﷺ جو ساهراڻو راڄ هئا ۽ ڳجھي طرح سان مسلمان به ٿي چڪا هئا، تن پاڻ ﷺ جن کي ڄاڻ ڏني ته خالد بن وليد ۽ عڪرمه جي اڳواڻيءَ ۾ ٻن سوارن جو جٿو مٿن حملو ڪرڻ لاءِ روانو ٿي چڪو آهي ۽ قريش ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو انهن جي پويان آهن. رسول الله ﷺ جن صفبندي کانپوءِ صلاة الخوف پڙهي ۽ قريشن وارو دڳ ڇڏي ٻئي ڏکي دڳ کان مڪي ڏانهن روانو ٿيا ۽ حرم واري علائقي ۾ داخل ٿي ويا. حديبيه واري علائقي ۾ ترسي پيا، ڇو جو اتي هڪ وڏو کوهه پڻ هو.
حديبيه مڪي کان رڳو نون ميلن جي مفاصلي تي هو. هتي ترسڻ جو مطلب اهو هو ته مسلمان وڙهڻ جو ڪوبه ارادو نٿا رکن ۽ نه ئي حرم جي اندر ڪنهن به قسم جي رتوڇاڻ گھرن ٿا. خزاعي مڪي وارن جي طرف کان اچي ڪري چيو ته قريش وارن احابيش (غير عرب قبيلي) کي تيار ڪري ورتو آهي ته اهي ڪنهن به طرح مسلمانن کي بيت الله تائين پهچڻ نه ڏين. پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته اسان ويڙهه ڪرڻ نه آيا آهيون، باقي جي قريش وڙهندا ته پوءِ هيڻا اسان به نه آهيون. خزاع وارن رسول الله ﷺ جي مائٽي ۾ هجڻ جي ڪري مڪي جي قريشن کي ڏاڍو ڍيڄاريو. مڪرر به اهو ئي پيغام مڪي وارن کي ڏنو. ان کان پوءِ احابيش جو سردار حليس بن علقمه آيو. هن ڏٺو ته قربانيءَ وارن اٺن جي ڳچين ۾ ڳانا ٻڌل آهن، جن کي ڏسندي ئي هو سمجھي ويو ته مسلمانن جي نيت بري نه آهي. هو پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ملڻ کانسواءِ ئي واپس موٽي ويو ۽ قريشن کي چوڻ لڳو ته اهي ماڻهو ديندار آهن ۽ جنگ جي ارادي سان نه آيا آهن، تنهن ڪري کين اچڻ ڏيو. قريشن ان کي چيو ته تون ڳوٺائي ماڻهو آهين توکي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر. قريشن وٽان ايندڙ آخري ماڻهو عروه ثقفي هو. هن جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جي اصحابن جي جانثاري ۽ حوصلا ڏٺا ته قريشن کي وڃي چيائين ته اهي ماڻهو تمام ئي سخت آهن. عمري ڪرڻ کانسواءِ هو موٽي نه ويندا.
هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ ٺاهه جي لاءِ حضرت عثمان بن عفانؒ کي مڪي وارن ڏانهن موڪليو ته انهن کي وڃي ٻڌايو وڃي ته اسان رڳو عمرو ڪرڻ آيا آهيون. جڏهن حضرت عثمانؒ سفير جي حيثيت ۾ مڪي وارن وٽ پهتا ته ان جي قبيلي بنو اميه وارن سمجھي ورتو ته سورنهن سئو ماڻهن کي روڪڻ ڪو سئولو ڪم نه آهي. هيڏانهن ڪنهن اها خبر هُلائي ڇڏي ته حضرت عثمان ؒ کي شهيد ڪيو ويو آهي. سمجھه ۾ ائين پيو اچي ته اها به ڪنهن بزرگ جي جنگي کيڏ هئي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته کرو ۽ کوٽو مسلمان ڪهڙو آهي؟
بيعت رضوان، مرڪزي انقلابي ڪاميٽيءَ جو قائم ٿيڻ:
انهيءَ خبر جو نتيجو اهو نڪتو جو پاڻ سڳورا ﷺ هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيا ۽ پنهنجو هٿ پکيڙي ڇڏيائون ته جيڪو به ماڻهو مرڻ جو وچن ڪري ۽ بهشت جي بدلي پنهنجي جان وڪڻندو هجي سو منهنجي هٿ تي هٿ رکي آخري دم تائين بدلي وٺڻ لاءِ وڙهڻ جو وچن ڪري. اها بيعت الله تعالى سان ٿيندي ۽ رسول الله ﷺ جو هٿ ڄڻ ته الله جو هٿ آهي جو سڌي سنئين خدا سان بيعت ٿي رهي آهي. سورنهن سئو ماڻهن ساهه صدقو ڪري ڇڏڻ جي بيعت ڪري ورتي ۽ قريش جي جاسوسن جون دليون ڏڪي ويون ته هڪڙي عثمان جي بدلي ۾ سمورن مڪي وارن کي سزا ملندي.
بيعت رضوان ئي فتح مبين آهي:
جڏهن قرآن ۾ سورت فتح جو پهريون رڪوع نازل ٿيو ته انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته مسلمانن جي جماعت جو اڄ تائين اهڙي قسم جو گڏيل محاذ نه ٺهيو هو. انهيءَ ۾ شايد ڪي منافق به هئا، ڪمزور دل وارا به هئا، قريش جا ڪي همدرد به هئا ۽ ڪي اهڙا به هئا جيڪي اسلام جي انقلابي سيرت کان واقف نه هئا. پر هاڻي هڪ اهڙي مرڪزي پارٽي تيار ٿي پئي هئي، جيڪا نه رڳو عرب پر سموري دنيا ۾ انقلاب آڻي سگھي پئي.
قرآن چيو ته اها ظاهر ظهور ڪاميابي (فتح مبين) آهي ۽ الله تعالى انهيءَ جو انعام اهو ڏئي ٿو ته هن وقت تائين رسول الله ﷺ ۽ سندن ساٿين کان ڪافرن جي مقابلي ۾ جيڪي ڪوتاهيون ٿيون آهن اهي سڀئي معاف ڪيون وڃن ٿيون. ڪفر جي مقابلي ۾ هاڻي توهان هرگز ڪوتاهي نه ڪندؤ ۽ الله تعالى توهان جي زبردست مدد ڪندو.
سڪينه ۽ زمين و آسمان جون فوجون:
”انهيءَ الله توهان جي دلين کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ زمين ۽ آسمان جون مضبوط دل رکندڙ فوجون نازل ڪري ڇڏيون آهن. (يعني هاڻي اهي مسلمان ايترو ته پڪا مسلمان ٿي چڪا آهن جو انهن کي ڪفر جي طاقت پنهنجي دڳ تان ٿيڙي نٿي سگھي) انهن جو ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن رسول الله ﷺ سان نه پر الله تعالى سان وچن ڪيو آهي ته، انهن الله تعالى جو نالو مٿانهون ڪرڻ ۽ شيطان کي هيڻو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجيون جانيون وڪڻي ڇڏيون آهن. انهن جي هٿ مٿان الله تعالى جو هٿ آهي.“
قريشن جي ٺاه لاءِ منٿ ميڙ:
جهڙي طرح غزوه حمراء الاسد جي ذريعي رسول الله ﷺ غزوه احد جي شڪست کي سوڀ ۾ بدلائي ڇڏيو هو؛ جهڙي طرح قريشن ۽ يهودين ۾ خندق واري ويڙهه دوران ضمانت طور دشمن کي ماڻهو حوالي ڪرڻ واري ترڪيب مشرڪن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا هئا ۽ قريشن کي هار کائڻ تي مجبور ڪري ورتو هو، تئين ئي خزاعه قبيلي مان ام المؤمنين جويريهؒ سان نڪاح ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن هن قبيلي کي پنهنجو ساٿاري بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن اوچتو پاڻ مڪي کان ٿورڙن ڪوهن تي سورنهن سئو ماڻهن سان ظاهر ٿيا ته انهيءَ ئي قبيلي جي ماڻهن قريشن کي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. احابيش وارن به بنو خزاعه وارن جو ساٿ ڏنو. مٿان وري بيعت رضوان ته انهن جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا. قريشن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو . انهن سهل بن عمرو کي ٺاهه جي شرطن سان رسول الله ﷺ جن وٽ موڪليو. پاڻ سڳورا ﷺ ته گھرن ئي اهو پيا ته قريش پنهنجي شرارتن کان دائمي يا گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه عرصي لاءِ مڙي وڃن. پاڻ ﷺ کي پنهنجي پالڻهار تي ايترو پڪو ويساهه هو ته پاڻ ضرور هڪ ڏينهن سموري عرب کي فتح ڪري ويندا. انهيءَ ڪري ئي حديبيه وٽ پهچڻ کان پوءِ پاڻ پهريون ئي پيغام اهو موڪليائون:
”اي قريشيو! توهان کي ويڙهه جھيڙن هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي توهان ۾ ست نه رهيو آهي جو ڪنهن سان وڙهي سگھو، پر پوءِ به توهان ويڙهه لاءِ تيار ٿي پيا آهيو. هن کان اڳ به توهان سموري عرب کي گڏ ڪري مٺ جيترن مسلمانن کان کٽي نه سگھيا آهيو. انهيءَ ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته مون کي ۽ عرب کي ڇڏي ڏيو ۽ ڏسو ته سوڀ ڪنهن جي ٿئي ٿي. جيڪڏهن مان کٽي وڃان ته توهان جي لاءِ اها عزت واري ڳالهه ٿيندي جو مان به قريشي آهيان. هاڻي توهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪابه ڳالهه نه روڪيندي.“
اهو پيغام هن کان اڳ ۾ به ڪيترائي دفعا ڏنو ويو هو.
سهيل بن عمرو چيو ته اها اسان جي لاءِ وڏي شرم جي ڳالهه ٿيندي جو توهان زوريءَ مڪي ۾ داخل ٿي عمرو ڪريو. ايئن ڪرڻ سان عرب جا باقي قبيلا اسان مٿان کلون ڪندا. انهيءَ ڪري توهان هن سال بنا عمرو ڪرڻ جي واپس موٽي وڃو. رسول الله ﷺ جن انهن جي انهيءَ مطالبي کي مڃي ورتو.
وري سهيل چيو ته ايندڙ سال توهان جڏهن عمرو ڪرڻ ايندا ته پرامن طريقي سان ايندا، يعني توهان جون تلوارون مياڻ ۾ ئي هونديون ۽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ مڪي ۾ نه ترسندا. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن جو اهو شرط به مڃيو.
سهيل وري چيو ته جيڪو قريشي پنهنجي وارث جي اجازت کانسواءِ توهان وٽ ايندو ته توهان کيس واپس ڪندا ۽ جيڪو مسلمانن مان اسان وٽ ايندو ۽ اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿيندو ته اسان ان کي واپس نه ڪنداسين. رسول الله ﷺ جن انهن جو اهو شرط به مڃي ورتو ڇاڪاڻ ته پاڻ ارڙهن سالن کان وٺي انهيءَ ئي آزاديءَ جي لاءِ وڙهي رهيا هئا ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڏاڍ سان آزمائش ۾ نه وڌو وڃي. يعني ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ يا دين مٽائڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. پر قريش سمجھندا هئا ته ڪنهن کي پنهنجي راءِ يا دين مٽائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي. اهي اهو نه سمجھندا هئا ته اهو هڪ اهڙو ظلم آهي جيڪو مظلوم کي بغاوت تي آماده ڪندو آهي ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ظالم تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. دنيا جي انقلابن جي تاريخ وڃي ڏسو، هر جاءِ تي اها ئي ڳالهه نظر ايندي ته ظالم پاڻ ئي پنهنجي ظلمن جي ڪري مظلومن کي بغاوت تي آماده ڪندو آهي ۽ پوءِ دير يا سوير انهيءَ باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي.
قومن جي تباهيءَ جا ڪارڻ:
صلح حديبيه واري سال (628ع) تائين، جيڪو مسيحي سال هو، دنيا جون گھڻيون قومون ظلم ۽ ناانصافين جي ڪري تباهه ٿي چڪيون هيون. عاد ۽ ثمود، لوط ۽ فرعون جي قوم، ساماني، فونيقي، يوناني ۽ رومي وغيره سمورا پنهنجي ظلم جو ئي شڪار ٿي ويون هيون. انهن کان به اڳ بابلونيه، سميري، ڪالڊين، قديم مصرين جهڙيون قومون به غلط اکرن وانگر ميسارجي تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون هيون. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن سڀني کان واقف هئا. غلامي، عورت جي ذلت، انصاف جي کوٽ، يا اهو نظريو ته حڪمران ٽولي جي لاءِ انصاف جو هڪڙو معيار هجي ۽ رعيت ۽ مجبورن جي لاءِ وري ٻئي قسم جو معيار يا قانون هجي؛ انهن ڳالهين قومن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو ۽ ڌرتيءَ تان انهن جو نالو ئي مٽائي ڇڏيو هو.
حجاز هڪ اهڙو علائقو هو جتي هن وقت تائين ٻاهرين سامراجن جا پير نه پهتا هئا. پر اهو علائقو به قدامت پرستي، وهمن، فال وجھڻ ۽ غلام ٺاهڻ جا ائين ئي شوق رکندڙ هو جيئن دنيا جي ٻين علائقن ۾ هو. يورپي تاريخدان لکن ٿا ته عرب سموري جو سمورو انقلاب جي لاءِ تيار هو. انهن کي اها خبر نه هئي ته ننڍڙا ننڍڙا قبيلا پنهنجي لڏ پلاڻ جي ڪري بلڪل ئي غير متمدن زندگي گذاري رهيا هئا. ملڪ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جنهن جي آبادي واپاري قافلن جي لنگھه واري هئڻ ڪري هڪ ٻه هزار ماڻهن تي مشتمل هئي.
رسول الله ﷺ جو ڪارنامو:
اها رڳو رسول عربيﷺ جي اڻٿڪ ڪوشش ۽ دور انديشي ئي هئي جنهن اڻ ڄاڻائي ۽ جهالت جي بنياد تي ٿيندڙ قبائلي انتشار کي هڪ قانون ۽ مذهبي انتظام هيٺ جڪڙي ڇڏيو ۽ هڪ سلطنت نه پر هڪ قوم جي تعمير ڪري ڇڏي، جنهن جي سڃاڻ ئي ظلم کي ختم ڪري انصاف ڀريو معاشرو قائم ڪرڻ هو. رسول الله ﷺ کي اهو پڪو ويساهه هو ته مسلمانن مان ڪوبه ماڻهو قريشن جي بيٺل ۽ مطلبي معاشري ۾ واپس نه ويندو، پر ڪي ٿورڙا نوان مسلمان اهڙا هجن ته انهن کي اهي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندا ۽ آخرڪار اهي انهن لاءِ ئي خطرو بڻجي ويندا؛ انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ جن انهن جو اهو شرط به مڃي ورتو. هتي اهو به ياد رکڻ گھرجي ته اهو شرط رڳو قريشن مان ٿيندڙ مسلمانن جي لاءِ هو. باقي ٻين قبيلن کي مڪمل آزادي حاصل هئي ته جيڪڏهن اهي گھرن تي قريشن جا ساٿاري بڻجن يا رسول الله ﷺ جي پاڙي ۾ اچي رهن. صلح جو اهو معاهدو ڏهن سالن لاءِ هو، پر پنجن سالن جي اندر ئي رسول الله جن پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪري هن دنيا مان موڪلائي ويا.
معاهدي جي لکت ۾ رحمان ۽ رسول الله لکڻ تي اعتراض:
حضرت عليؒ معاهدي جي شروعات بسم الله الرحمٰن الرحيم سان ڪئي ته سهيل، جيڪو زبردست خطيب ۽ نقاد هو، تنهن رحمٰن جي لفظ تي اعتراض ڪيو ته اسان رحمان کي نٿا سڃاڻون. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ ڪري رحمٰن جي جاءِ تي بسمک اللهم لکرائي ڇڏيو.
وري حضرت عليؒ جڏهن اهو لکيو ته هي معاهدو رسول الله ﷺ جي طرف کان آهي ته سهيل وري اهو اعتراض ڪيو ته جيڪڏهن اسان محمد (ﷺ) کي الله جو رسول مڃيو ها ته پوءِ جھڳڙو ڇو ڪريون ها؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ کي ڊاهي ان جي جاءِ تي محمد بن عبدالله لکرائي ڇڏيو. هاڻي معاهدي تي حضرت ابوبڪر، عبدالرحمان، سعد بن ابي وقاص، ابو عبيده ۽ محمد بن مسلمه# مسلمانن جي طرف کان صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين معاهدي جو هڪ هڪ نقل پاڻ وٽ رکي ڇڏيو.
جنگبندي جو معاهدو ۽ انهيءَ جا هاڪاري نتيجا:
اهو معاهدو پاڻ ڪريم ﷺ جي حڪمت عمليءَ جي تمام وڏي سوڀ هئي جو قريشن ڏهن سالن جي لاءِ جنگبنديءَ جو معاهدو ڪري ورتو هو. جڏهن ته اهي ئي قريش مختلف قبيلن کي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف ڀڙڪائيندا رهندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ جن اهو گھرن پيا ته اهي پنهنجن شرارتن کان مڙي وڃن، پر انهن جي دلين ۽ دماغن کي ذاتي مفادن ۽ پروهتن جي ڪڍ لڳڻ واري ذهنيت اهڙو ته مرده ڪري ڇڏيو هو جو انهن کي خودغرضي ۽ وهم پرستيءَ مان ڪڍي سڌي ۽ هدايت واري واٽ وٺائڻ ممڪن ئي نه هو. هاڻي هن قسم جي معاهدي جو مطلب اهو هو ته هنن مختلف قبيلن کي اسلام ڏانهن آڻڻ لاءِ ۽ اتحاد ڏانهن آماده ڪرڻ جو دڳ کولي ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري قرآن انهيءَ کي پڌري سوڀ (فتح مبين) سڏيو.
جيئن ئي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون؛ بنو خزاعه وارن اعلان ڪيو ته اسان محمد ﷺ جي معاهدي ۾ شامل ٿيون ٿا. هيءُ ئي اهو قبيلو آهي جنهن جي ٻه سئو ماڻهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن ام المؤمنين جويريه ؒ سان نڪاح ڪرڻ وقت آزاد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ قبيلي جي سمجھداريءَ صلح حديبيه جي لاءِ دڳ کوليو هو ۽ انهيءَ ئي قبيلي جي ڪوششن سان مڪي وارا رسول الله ﷺ جي فرمانبرداريءَ لاءِ تيار ٿيا هئا.
انهيءَ سان گڏ ئي بنو بڪر وارن به اعلان ڪيو ته اهي قريشن سان گڏ آهن ۽ قريشن جي معاهدي ۾ شامل ٿين ٿا.
سورت الفتح رڪوع 1:
اصل ۾ مسلمانن جي هڪ اهڙي مرڪزي جماعت تيار ٿي وئي جيڪا الله تعالى جي نالي تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار هئي. انهيءَ بيعت جي خوف کان قريشن ٺاهه جي لاءِ درخواست ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ئي اها پڌري سوڀ (فتح مبين) هئي.
سورت الفتح رڪوع2:
ڪيترائي ڳنوار قسم جا ماڻهو حديبيه اچڻ کان لهرائن پيا، هاڻي اهي به گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي پيا. رسول الله ﷺکي گھرجي ته جيڪي ماڻهو غنيمت جي مال جي لالچ ۾ گڏ هلن تن کي گڏ هلڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن اهي آزمائش ۾ پورو اچن ٿا ته جهاد ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا.
پاڻ ﷺ جن حج نه ڪيو ۽ نه ئي عمرو ڪري سگھيا، پر پڌري سوڀ (فتح مبين) جي خوشيءَ ۾ ٽن ڏينهن تائين حديبيه ۾ عيد جي خوشي ملهائي، اٺ قربان ڪيا. بنو خزاعه وارا به انهيءَ عيد ۾ شريڪ هئا.
مساوات جو سال 7 ه (12 اپريل 628ع)
فتح حديبيه کان پوءِ ڪتابي جمهوريت
(توحيدي معاشري) جو قيام
هن وقت تائين مديني جي سلطنت ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو حڪم ئي خدا جو حڪم هو. عام طور تي پاڻ ئي خدائي وحي کي بيان ڪندا هئا ۽ پاڻ ئي انهيءَ تي عمل ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته خاص دوستن سان صلاح مشورو به ڪري وٺندا هئا.
پر هاڻي بيعت رضوان کان پوءِ هڪ تمام ئي وڏي جانثار انقلابي جماعت قائم ٿي وئي هئي، جيڪا اسلام جي حقيقت کان واقف هئي. انهيءَ ڪري پاڻ سڳورن ﷺ جن محسوس ڪيو ته مختلف مسئلن ۾ بيعت رضوان وارن اهم سنگتين جي صلاح به فائديمند ٿي سگھي ٿي. تنهنڪري انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ انهيءَ مقصد هيٺ پاڻ ﷺ جن انهن کان صلاح وٺڻ شروع ڪئي. اها ڳالهه اصل ۾ اسلامي پارٽي جي حڪومت ۽ سرداريءَ جو منڍ هئي جنهن جي ضرورت ۽ اهميت جو احساس نبوت واري اداري جي خاتمي کان پوءِ شدت سان ٿيو.
انهيءَ ڪتابي آمريت کي شورائي جمهوريت به چئي سگھجي ٿو جنهن ۾:
(1) الاهي ڪتابن جي اصولن تي بحث ڪري نه پيو سگھجي.
(2) باقي اصولن کي عمل ۾ آڻڻ وارن ذريعن ۽ طريقن تي بحث ڪري سگھجي پيو.
(3) هن شورائي آمريت ۾ گھڻائيءَ واري راءِ تي فيصلا نه ٿيندا هئا، پر جماعت جي امير کي جيڪا سڀ کان صحيح راءِ نظر ايندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو.
(4) صحيح ڳالهه جو معيار خدائي ڪتاب رکيو ويو هو.
(5) مطلب ته خدائي فرمانبرداريءَ جي بنياد تي دنيا مان خوف، بک، غلامي، ذلت، خواري ۽ ظلم ۽ ناانصافي کي مٽائڻ انهيءَ شورائي حڪومت جو بنيادي مقصد هو.
غزوه خيبر / اسلامي معاشي نظام:
محرم سنه 7 هجري (اپريل سنه 628ع) ۾ بنو نضير مديني کان نڪري خيبر ۾ اچي آباد ٿيا هئا. خيبر مديني کان ٽن منزلن (108 ملين) جي مفاصلي تي اتر پاسي هڪ سائو ستابو علائقو هو. حجر ڏانهن اهو ئي رستو ويندو هو. اهو يهودين جو وڏو مرڪز هو. جنگ احزاب به انهن ئي ڀڙڪائي هئي.
خيبر جي ويجھو بنو غطفان وارا رهندا هئا، جن سان سازش ڪري يهودين مديني تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مديني جا منافق انهن جا همدرد هئا، انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن گھريو ته جهڙي طرح حديبيه وارو ٺاهه ٿيو هو، ائين ئي يهودين سان به ٺاهه ٿي وڃي. اهڙي طرح پاڻ ﷺ جن حضرت عبدالله بن رواحه کي ٽيهن ماڻهن سان گڏ خيبر ڏانهن موڪليو. انهن اسير بن زارم کي، جيڪو يهودين جو سردار هو، رسول الله ﷺ جو نياپو پڄايو ته جيڪڏهن مديني وارن سان ٺاهه ڪرين ته رسول الله ﷺ جن توهان کي خيبر جو حاڪم مڃيندا. هن اها ڳالهه مڃي ورتي ۽ ٽيهن ماڻهن سان گڏ مديني ڏانهن هليو. رستي ۾ ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ ويڙهه ٿي پئي ۽ نتيجي ۾ رڳو هڪڙو يهودي وڃي بچيو.
هاڻي يهودين غطفان قبيلي وارن کي مديني تي حملوڪرڻ لاءِ تيار ڪري ورتو ۽ پنهنجي باغن جي اڌ پيداوار ڏيڻ جو واعدو ڪيو. بنو فرازه پنهنجو پاڻ ئي وڃي انهن سان مليو. پاڻ سڳورن ﷺ جن کي جڏهن خبر پئي ته انهن کي خط لکيائون ته توهان پنهنجي حرڪتن کان مڙي وڃو.
خيبر واري واقعي کان ٽي ڏينهن اڳ يهودين مسلمانن جي اٺن تي حملو ڪيو. ابن بوذر کي قتل ڪري، ان جي زال کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، پر مسلمه تير هڻي انهن کان اٺ ڇڏائي ورتا.
مڪي وارن کان مسلمانن کي ڪنهن به قسم جو خوف نه هو، ڇاڪاڻ ته انهن سان ٺاهه ٿي چڪو هو. خيبر جي يهودين کي به امن پسند ٽولي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جماعت جي پسنديده ميمبرن سان صلاح مشورو ٿيو. جهڙي طرح مسلمان اوچتو مڪي پهچي ويا هئا، اهڙيءَ ئي طرح اهي خيبر ۾ به پهچي ويا. ايترو سو ڪيائون ته انهن منافقن کي گڏ نه کنيائون جيڪي رڳو مال غنيمت ملڻ جي لالچ تي هلڻ گھرن پيا. اهو جهاد الله جي راهه ۾ امن ۽ سلامتيءَ وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ هو، انهيءَ ڪري انهيءَ جماعت جي پسنديده ماڻهن کي ئي کنيو ويو. انهن چوڏهن سئو پسنديده ماڻهن ۾ ٻه گھوڙيسوار هئا. ڦٽيلن جي چاڪري لاءِ ويهه اصحابياڻيون به گڏ هليون.
غطفان قبيلي وارا يهودين جا دوست هئا، انهيءَ ڪري ڪمانڊر حباب بن المنذر جي راءِ تي عمل ٿيو ۽ مسلمانن جي فوج رجيع واري علائقي ۾ ترسي پئي ته جيئن بنو غطفان ۽ يهودين جي وچ ۾ اسلامي فوج رهي ۽ اهي هڪٻئي جي مدد ڪري نه سگھن. مختلف قلعن تي مختلف جرنيلن حملو ڪيو. پهريون قلعو ناعم حضرت عليؒ فتح ڪيو. حضرت زبير ۽ حضرت حباب ٻئي قلعا فتح ڪيا. باقي قلعن وارن هٿيار ڦٽا ڪيا. انهيءَ گھيراءَ ۾ پندرنهن مسلمان شهيد ٿيا ۽ ٽيانوي يهودي مارجي ويا.
ڍل:
ڪنانه کانسواءِ جنهن جنرل محمود بن مسلمه کي قتل ڪيو هو، سڀني جي جان بخشي وئي. سموريون زمينون ۽ ۽ باغ مدني حڪومت جي ملڪيت ۾ داخل ڪيا ويا ۽ سموري بٽائيءَ جو اڌ ڍل جي طور تي مديني کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن کي يهودين خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو. اها گڏيل معيشت ۽ پڻ معاشري جي شروعات هئي. حضرت اسامه بن زيد کي سڀني کان وڌيڪ غنيمت جي مال مان حصو مليو ۽ سڀني کان ويجھو ڳڻيو ويو.
شهزادي صفيه سان نڪاح:
رسول الله ﷺ جن جي عمر مبارڪ سٺ سالن جي ٿي چڪي هئي. يهودين کي دوست بنائڻ جو هڪڙو طريقو اهو هو ته مسلمانن انهن کي پنهنجي حفاظت ۾ آڻي محفوظ ڪري ورتو هو. انهن جي باغن ۽ زمينن جو قبضو به انهن وٽ ئي رهڻ ڏنو ويو. ٻيو طريقو مصاهرت جو هو. پاڻ ڪريمﷺ جن محسوس ڪيو ته ڪنانه جي قتل کان پوءِ شهزادي صفيه بيواهه ٿي پئي هئي ۽ سندس پيءُ حي بن اخطب بنو قريظه ۾ قتل ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري يهودين جي انهن ٻنهي قبيلن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ان سان نڪاح ڪيائون ۽ کين مديني ڏانهن وٺي آيا.
چوڏهن سالن کان جيڪي مسلمان مهاجر حبشه ۾ ترسيل هئا سي خيبر جي فتح واري خبر ٻڌي خيبر پهچي ويا. حضرت جعفر بن ابي طالب ۽ ام المؤمنين ام حبيبه بنت ابو سفيان پڻ انهيءَ قافلي ۾ شامل هيون. ان جو مڙس عيسائيت اختيار ڪري مري ويو هو ۽ پاڻ اتي ئي رسول الله ﷺ جي نڪاح ۾ اچي ويون هيون.
سڌارا:
خوراڪ جي معاملي ۾ گندي خوراڪ کائڻ کان منع ڪيو ويو. هاڻي مسلمان مجبور نه هئا ته هر قسم جو گوشت کائن. انهيءَ دؤر ۾ خوراڪ يا طعام جو مطلب ئي گوشت هوندو هو. اهڙيءَ طرح خچرن ۽ گڏهن جو گوشت حرام ڪيو ويو.
واپار جا ڪي اهڙا طريقا رواج ۾ هئا جن جي بڇڙائيءَ کي پاڻ ڪريمﷺ جن هڪ واپاريءَ جي حيثيت ۾ چڱيءَ طرح سمجھن پيا. تنهن ڪري هر اهڙي واپار يا واپاري ڏيتي ليتيءَ کي ناجائز قرار ڏنائون، جنهن ۾ مزدور يا ڪاريگر جو نقصان ٿيندو هو ۽ دولت چالاڪ واپارين وٽ گڏ ٿي ويندي هئي. انهيءَ ڪري ئي چانديءَ جي بدلي ۾ وڌيڪ سون جي ڏيتي ليتي کي ناجائز سڏيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ واپار ئي آمدنيءَ جو سڀ کان وڏو وسيلو هئي. انهيءَ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن مزدور جي مفادن جو گهڻو خيال رکيو. واپار جي انهن طريقن کي ناجائز سڏيائون جن ۾ مزدور جي محنت کي نقصان پهچڻ جو ٿورڙو به انديشو هو.
سورت الفتح رڪوع نمبر3:
اصل ۾ بيعت رضوان ئي خيبر جي فتح جو پيش خيمو هئي. ڇاڪاڻ ته بيعت رضوان ۾ جانثار جماعت تيار ٿي چڪي هئي جيڪا فتح خيبر جو سبب بڻي ۽ جنهن مان غنيمت جو مال به هٿ آيو. اهو خدائي وجود جو دليل آهي ته الله تعالى پنهنجي حڪمت سان هيڻن کي ڏاڍو بڻائي ڇڏيندو آهي. انهيءَ ئي الله توهان کي صراط مستقيم (يعني اسلام، ٻڌي ۽ بي ڊپائي جي دڳ) تي آڻي بيهاريو آهي. هاڻي مڪي جي فتح ويجھو آهي.
تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو حق جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندا آهن، تن کي ڪڏهن به هار جو منهن ڏسڻو نٿو پوي. اهو الله تعاليٰ جو اٽل قانون آهي. الله تعالى بيعت رضوان جي ڪري جنگ ٿيڻ نه ڏني. قريش ڊڄي ويا ۽ جيڪي مسلمان مڪي ۾ هئا اهي به پريشاني کان بچي ويا.
سورت الفتح رڪوع نمبر 4:
حديبيه ۽ خيبر واري سوڀ کان پوءِ مسلمانن جي ڌاڪ ويهي وئي ۽ رسول الله ﷺ جن جو خواب پڻ سچو ٿي ويو. بيعت رضوان وارن کان الله تعالى راضي ٿي ويو ۽ انهن جا گناهه معاف ڪري ڇڏيا ۽ ايندڙ وقت ۾ به تمام وڏو اجر ڏيڻ جي خوشخبري ڏني.
غزوه وادي القريٰ، سنه 7 هجري:
خيبر جي فتح کان پوءِ جيڪي يهودي وادي القرى ۾ هئا، انهن به فرمانبردار ٿي رهڻ قبوليو. اها قديم وادي عاد واري قوم جي ڀڙڀانگ وسندي تي آڌاريل هئي ۽ مدينه کان خيبر واري رستي تي هئي. هتان جي يهودين به اڌ پيداوار ڍل جي طور ڏيڻ قبولي.
اطاعتِ فدڪ، سنه 7 ه:
فدڪ وارن به بنا ڪنهن جنگ جي فرمانبرداري قبولي. جيئن ته هتي ويڙهه نه ٿي هئي، انهيءَ ڪري هتان واري غنيمت ۾ غازين کي ڪوبه حصو نه ڏنو ويو. اها پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خالص ملڪيت سڏي وئي.
حضرت ابو هريره جو اسلام قبولڻ:
جنهن دؤر ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن خيبر ۾ هئا، حضرت ابوهريره مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪري آيو ۽ اسلام قبوليو. جاهليت واري دؤر ۾ سندن نالو عبدالشمس هو. مسلمان ٿيڻ تي ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جي صحبت ۾ ٽي سال رهيا. پاڻ پنج هزار ٽي سئو چوهتر حديثون بيان ڪيون اٿائون. پاڻ حديثن جي گھڻي روايت ڪرڻ جو سبب اهو ڄاڻائن ٿا ته مهاجر ۽ انصاري پنهنجي واپار ۽ روزمره جي معاشي سرگرمين ۾ رُڌل هوندا هئا جڏهن ته مان پاڻ ڪريم ﷺ جن کان رڳو علم جي حاصل ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوندو هئس. پاڻ اٺهتر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون.
دنيا کي الله جي اطاعت جي دعوت، صفر سنه 7 ه
ہُوَالَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَہٗ بِالْہُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْہِرَہٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّہٖ۰ۭ وَكَفٰى بِاللہِ شَہِيْدًا۲۸ۭ ﴿الفتح: 28﴾
اِنِّىْ رَسُوْلُ اللہِ اِلَيْكُمْ جَمِيْعَا ﴿الاعراف: 158﴾
هن ئي سال اسلام جي عالمگير دعوت جي شروعات ٿئي ٿي جڏهن ته اڃا تائين اسلام رڳو عرب علائقي تائين ئي محدود هو.
عيسائي بادشاهن کي اسلام جي دعوت:
سورت آل عمران ۾ چيو ويو:
يٰٓاَھْلَ الْكِتٰبِ تَعَالَوْا اِلٰى كَلِمَۃٍ سَوَاۗءٍ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ
”اي ڪتاب وارؤ! اچو ته هڪ ئي ڳالهه تي اتفاق ڪريون، اها هيءَ ته هڪڙي الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به غلامي نه ڪريون، اهو الله جنهن جو ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار نه آهي، نه ڪنهن انسان يا مذهبي اڳواڻ کي پنهنجو خدا بڻايون ۽ نه ڪنهن کي اوتار سمجھي پوڄا ڪريون، ڇو جو انهيءَ سان انسان جي خوداري ۽ عزت ختم ٿي ويندي آهي ۽ انساني برابري ۽ عزتِ نفس جو خاتمو ٿي ويندو آهي.“
تنهن ڪري عيسائي بادشاهن ۽ سردارن کي خدائي وحدت ۽ انساني وحدت ڏانهن دعوت ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته انسان ڀلي ڇونه ڪيترو به وڏي عزت وارو هجي، پر اهو معبود هرگز نٿو ٿي سگھي، ڇاڪاڻ جو هو وري به مخلوق ئي آهي. اهڙيءَ طرح مخلوق کي خالق جو درجو ڏئي، مذهبي پيشوائن يا گھڻن خدائن جي جماعت کي پيدا ڪرڻ پنهنجي ۽ الله تعالى جي توهين ۽ گستاخي آهي. اهو خدا ڪيترو نه ويچارہ ۽ مجبور هوندو جنهن کي خسيس ماڻهو به ذليل ڪري سگھن. يا اهي انساني ديوتا ڪيترا نه هيڻا هوندا جيڪي پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ٻاوا، پادري بڻجي ويا هجن ۽ ٻين جي خيراتن تي گذارو ڪري رهيا هجن. انهيءَ دعوت کي کڻي وڃڻ وارا هيٺيان ماڻهو هئا ۽ انهن ئي ملڪن جي ٻولين ۾ انهن کي پيغام پهچائيندا هئا.
(1) عمر بن اميه: نجاشي اصحم وٽ توحيد جو پيغام کڻي ويو جنهن کي ٻڌي هو مسلمان ٿي ويو.
(2) دحيه ڪلبيؒ : قسطنطينيه جي شهنشاهه هرقل وٽ ربيع الاول سنه 7 هه (جون 628ع) ۾ بصره جي والي حارث جي ذريعي خط کڻي ويو. هر قل شايد اسلامي توحيد کي مڃي وٺي ها، پر ڪن سياسي مصلحتن هيٺ ان وٽ موجود پادرين خدائي توحيد ۽ انساني برابري يعني حضرت عيسى کي رڳو انسان مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هن ايمان نه آندو. (بخاري، ڪتاب الجهاد)
(3) حارث غساني: جيڪو رومي سلطنت سان لاڳاپيل هو، تنهن چيو ته هن دعوت جو جواب مان تلوار سان ڏيندس.
(4) حضرت حاطب: مقوقس، سڪندريه جي بادشاهه وٽ حضرت حاطبؒ بن ابع بلتعه رسول الله ﷺ جن جي دعوت جو پيغام کڻي ويو. ان وقت مصر جي حالت تمام ئي خراب هئي. ساساني (ايراني) ۽ رومي فوجن جي پاڻ ۾ ٿيندڙ جنگ ان کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. مقوقس هن پيغام کان ڏاڍو خوش ٿيو. عيسائي تثليث ۽ مجوسي ثنويت مان نڪري اسلامي توحيد کي ڏاڍو پسند ڪيو. ايتري تائين جو ان جي ملڪ ۾ پڻ عيسائيت جي هڪ توحيد پرست جماعت موجود هئي. هن پاڻ ڪريمﷺ جن کي پنهنجي دوستاڻي خط ۾ لکيو ته مان ڄاڻان ٿو ته هڪ نبي اچڻ وارو آهي جيڪو ابراهيم، موسى، يحى ۽ عيسى عليهم السلام جي دين کي زنده ڪندو. مان ٻه ٻانهيون، پوشاڪون ۽ هڪ خچر تحفي ۾ موڪليان ٿو.
انهن ٻنهي ٻانهين مان پاڻ ڪريم ﷺ جن ماريه قبطيه کي پاڻ وٽ رکيو. اهو ربيع الثاني يا جمادي الاول سنه 8 هه جو واقعو آهي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن ملڪن جي بادشاهن کي جيڪي خط لکيا، انهن خطن سان اسلام جي بين الاقوامي دؤر جي شروعات ٿي. انهيءَ ڪري هن واقعي جي اهميت کي سامهون رکندي انهن خطن جو متن هيٺ لکجي ٿو.
پاڻ ڪريمﷺجن جو هرقل روم جي نالي
تي لکيل خط
پاڻ ڪريمﷺ جن 6 هه ۾ حديبيه کان واپس ٿيڻ تي هرقل جي نالي هڪ خط لکيو جيڪو کيس سنه 7 هجري جي محرم مهيني ۾ مليو. پاڻ اهو خط حضرت دحيه ڪلبيؒ کي ڏئي موڪليو هئائون ۽ کين فرمايائون ته پاڻ اهو خط بصره جي حاڪم کي پهچائن ته جيئن هو اڳتي هرقل تائين انهيءَ کي پهچائي. اهو حاڪم حارث نالي غسان جو بادشاهه هو. هرقل بادشاهه اها باس باسي هئي ته جيڪڏهن هو فارس (ايران) وارن تي سوڀارو ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هو شڪرانو ادا ڪرڻ لاءِ پيرين پنڌ بيت المقدس جي زيارت ڪندو. اهڙيءَ طرح هو 628ع (7هه) جي ڪَتي واري مند ۾ پنهنجي باس پوري ڪرڻ لاءِ بيت المقدس ڏانهن روانو ٿي ويو. ان جي سفر دوران ئي بصري جي حاڪم پاڻ ڪريم ﷺ جن جو خط مبارڪ کيس پهچايو. جڏهن حضرت دحيه ڪلبي حارث وٽ پهتو ته هن عدي بن حاتم کيس گڏي ڏنو ته جيئن هو کيس هرقل تائين پهچائي. انهيءَ مبارڪ خط جو متن هن طرح هو:
بـسم الله الرحمٰن الرحيم
من محمد رسول الله ﷺ الي هرقل عظيم الروم والسلام عليٰ من اتبع هدي اما بعد – اسلم تسلم يؤتک الله اجرک مرتين و ان تتول فان اثمال الرثيين عليک
الله ٻاجھاري مهربان جي نالي سان شروع
”محمد رسول الله جي طرف کان روم جي بادشاهه هرقل جي نالي. جنهن هدايت واري واٽ ورتي تنهن تي سلام هجي. اما بعد، اسلام قبول ڪر، ڇوٽڪاري وارو ٿيندين. الله تعالى توکي انهيءَ جو ٻيڻو اجر ڏيندو. پر جيڪڏهن اسلام کان منهن موڙيندين ته تنهنجي رعيت جو گناهه به تنهنجي ڪنڌ هوندو.“
حضرت عبدالله بن عباس کان روايت ٿيل آهي ته مونسان ابوسفيان بن حرب بيان ڪيو ته اسان واپاري قوم هئاسين ۽ اسان جي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگين اسان جي واپار کي ٺپ ڪري ڇڏيو هو، ايتري تائين جو اسان جو واپار ۾ لڳل سرمايو به ڦاسي پيو هو. حديبيه واري ٺاهه کان پوءِ جڏهن اسان جي ۽ رسول الله ﷺ جي وچ ۾ جنگ بنديءَ وارو معاهدو ٿيو، ته اسان پنهنجو پاڻ کي پرامن محسوس ڪرڻ لڳاسين. انهيءَ ڪري مان اطمينان سان قريش واپارين جو هڪ قافلو وٺي شام ڏانهن راهي ٿيس. اسان جو ارادو غزه ۾ لڳندڙ واپاري منڊيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو هو. اسان اتي ان وقت پهتاسين جڏهن هرقل اتي ٻيهر پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو هو جنهن تي هن کان اڳ فارس (ايران) وارن جو قبضو هو. هرقل وڏي جاکوڙ سان ايرانين کي اتان هڪالي ڪڍيو ۽ ٻيهر پنهنجو قبضو حاصل ڪري، انهن کان پنهنجي عظيم صليب واپس وٺي ورتو جيڪو انهن رومين کان کسي ورتو هو. جڏهن هرقل کي انهن سوڀن جي خبر پهتي ۽ پڻ اها به خبر پئي ته انهن جو صليب پڻ ايرانين کان واپس کسيو ويو آهي ته هو، جيڪو ان وقت حمص واري علائقي ۾ موجود هو، الله تعالى جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ جو ان سندس علائقو ۽ صليب واپس ڏياريو هو، پيرين پنڌ بيت المقدس جي زيارت جي لاءِ روانو ٿي ويو، ته جيئن اتي پهچي شڪراني جي نماز ادا ڪري ۽ اتي فرش وڇائي ۽ گل چاڙهي.
جڏهن هو بيت المقدس ۾ پهچي نماز مان واندو ٿيو ته ان وقت ان سان گڏ ان جا پادري ۽ روم جا وڏا وڏا سردار به هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير ڏک ڀريو ٿي اٿيو ۽ آسمان ڏانهن وري وري ٿي ڏٺائين. انهيءَ تي هن جي پادرين کيس چيو ته اي سلطان، خدا جو قسم اڄ ته توهان صبح سوير ئي ڏکارا نظر پيا اچو؟ چيائين ته هائو، ڳالهه هيءَ آهي ته گذريل رات مون کي ڏيکاريو ويو ته فتني وارو ظاهر ٿيڻ وارو آهي. پادري عرض ڪيو ته اسان اهڙي ڪنهن به قوم کي نٿا سڃاڻون جيڪا فتني باز هجي سواءِ يهودين جي، جڏهن ته اها قوم اڳي ئي توهان جي قبضي ۽ رعيت ۾ شامل آهي. باقي توهان جي اُلڪي جي لاءِ تدبير اها آهي ته توهان پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقن جي وڏيرن ۽ سردارن کي اهو حڪم ڏياري موڪليو ته انهن جي علائقن ۾ جيترا به يهودي رهندڙ هجن، تن سڀني جون منڍيون لهرائي ڇڏين. اهڙيءَ طرح توهان جو اهو اُلڪو ۽ پريشاني ختم ٿي ويندي. اهي ماڻهو اڃا هرقل جي اڳيان اهي تجويزون پيش ڪري ئي رهيا هئا جو بصره جي واليءَ جو هڪ قاصد هڪ عرب کي ساڻ وٺي هرقل وٽ پهتو. ان وقت جو رواج اهو هو ته ملڪن جا بادشاهه پاڻ وٽ پهچندڙ نئن خبرن چارن جي ڏيتي ليتي ڪندا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح قاصد عرض ڪيو ته اي بادشاهه! هيءُ ماڻهو عرب جو ٻڪرار آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ هڪ نئين ۽ عجيب قسم جي واقعي جي ظاهر ٿيڻ جي خبر ٻڌائي ٿو. توهان انهيءَ باري ۾ هن کان پڇا ڳاڇا ڪريو. جڏهن بصري جي والي وٽان آيل قاصد انهيءَ ماڻهوءَ کي هرقل جي اڳيان پيش ڪيو ويو ته هرقل پنهنجي ترجمان کي چيو ته هن کان پڇا ڪر ته هن جي ملڪ ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي آهي؟ ترجمان جڏهن هن کان پڇا ڪئي ته هن جواب ۾ چيو ته اسان مان هڪڙو ماڻهو ظاهر ٿيو آهي جيڪو انهيءَ ڳالهه جي دعوى ڪري ٿو ته هو الله تعالى جو موڪليل پيغمبر آهي. ڪن ماڻهن هن جي ڳالهه کي مڃي ورتو ۽ سندس اطاعت اختيار ڪئي ۽ ڪن وري ان جي مخالفت ڪئي ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي پيا. ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي جنگيون به لڳنديون رهنديون آهن. مان انهن کي انهيءَ ئي حال ۾ ڇڏي آيو آهيان. جڏهن هن اها خبر ٻڌائي ته بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي اگھاڙو ڪريو. جڏهن کيس اگھاڙو ڪيو ويو ته هن جو طُهر ٿيل هو. تڏهن هرقل چيو ته الله جو قسم هيءُ اهو ئي آهي جيڪو مون کي خواب ۾ ڏيکاريو ويو آهي، نه اهو جنهن جي باري ۾ توهان چئي رهيا آهيو (يعني يهودي). هن کي سندس ڪپڙا موٽائي ڏيو. ان کان پوءِ ڪوٽوال کي گھرائي کيس حڪم ڏنو ته سڄي شام ملڪ ۾ ڳولا ڪري ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي وٺي اچو جيڪو انهيءَ نبيءَ جي قوم وارن مان هجي.
ابوسفيان جو بيان آهي ته الله جو قسم اسان ان وقت غزه ۾ هئاسين جو ڪوٽوال اسان کي سوگھو ڪيو ۽ چيو ته ڇا توهان انهيءَ نبيءَ جي قوم وارن مان آهيو جيڪو حجاز ۾ ظاهر ٿيو آهي؟ اسان چيو ته هائو. هن چيو ته پوءِ توهان اسان سان گڏجي اسان جي بادشاهه وٽ هلو. اهڙيءَ طرح اسان هن سان گڏ هلي پياسين. جڏهن اسان بادشاهه وٽ پهتاسين ته هن پڇيو ته ڇا توهان انهيءَ ماڻهوءَ جي قوم مان آهيو جيڪو نبوت جي دعوى ڪري ٿو؟ اسان چيو ته هائو. چيائين ته توهان مان ڪهڙو ماڻهو مٽيءَ ۾ ان کي سڀ کان وڌيڪ ويجھو آهي؟ مون چيو مان ئي ان کي سڀ کان وڌيڪ ويجھو آهيان.
ابوسفيان جو بيان آهي ته الله جو قسم! مون ڪڏهن به ڪنهن اڻ طهريل ماڻهو يعني هرقل کان وڌيڪ ڪنهن کي تيز فهم ۽ عقلمند نه ڏٺو.
هن مون کي چيو ته منهنجي ويجھو ٿيءُ. پوءِ مون کي پنهنجي سامهون ۽ منهنجي ساٿين کي منهنجي پويان ويهاري ڇڏيو. ان کان پوءِ منهنجي سنگتين کي چيائين ته مان هن کان سوال ڪندس. جيڪڏهن ڪٿي به هي ڪوڙ ڳالهائي ته توهان يڪدم انهيءَ جي ترديد ڪجو. خدا جو قسم! جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهايان به ها ته به منهنجا سنگتي منهنجي ترديد نه ڪن ها، پر جيئن ته مان پنهنجي قوم جو سردار هئس، تنهن ڪري مان ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪندو هئس. مان اهو به سمجھي ويس ته سؤلي ڳالهه اها ٿيندي ته جيڪڏهن مون هتي ڪوڙ ڳالهائي ورتو ته منهنجا سنگتي انهيءَ ڳالهه کي ياد رکندا ۽ واپس موٽي منهنجي ڪوڙ هڻڻ وارين ڳالهين جا قصا ٻڌائيندا. انهيءَ خيال کان مون ڪوڙ نه ڳالهايو. ان کان پوءِ هرقل سوال ڪيو ته مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ جيڪو توهان ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ هڪ نئين دعوى ڪري ٿو.
ابوسفيان چوي ٿو ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جي شان کي هرقل جي سامهون حقير ۽ ان جي دعوى کي خسيس ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته اي بادشاهه! توهان جو انهيءَ ۾ ڇا وڃي؟ ان جو شان توهان جي وڏي مرتبي کان گھٽ آهي، پر هرقل هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن جو انهن ڳالهين ۾ ڌيان ئي نه ويو. پوءِ هن چيو ته مان انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ توکان جيڪو به سوال ڪريان ته تون رڳو مونکي انهيءَ ئي سوال جو جواب ڏي. مون چيو ته تنهنجي جي مرضي آهي، جيڪو وڻيو سوال ڪريو. ان کان پوءِ اسان جي وچ ۾ هي سوال جواب ٿيا:
هرقل: توهان مان انهيءَ جو بڻ بڻياد ڪيئن آهي؟
ابوسفيان: هو بڻ بڻياد جي لحاظ کان اسان سڀني ۾ نج ۽ عزتدار آهي.
هرقل: ڇا ان جي خاندان مان هن کان اڳ به ڪنهن اهڙي قسم جي ڪا دعوى ڪئي هئي، جهڙي دعوى هي ڪري ٿو، جنهن مان سمجھه ۾ اچي ته هو انهيءَ جو نقل ڪري رهيو آهي؟
ابوسفيان: نه
هرقل: ڇا هن ماڻهوءَ جي ڪا جاگير هئي، جنهن کي توهان ڦٻائي ويا هجو جنهن مان معلوم ٿئي ته هن پنهنجي انهيءَ ڦٻايل جاگير کي هٿ ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جي دعوى ڪئي هجي؟
ابوسفيان: نه
هرقل: توهان مان هن جا پوئلڳ ڪير ۽ ڪهڙي طبقي جا ماڻهو آهن؟
ابوسفيان: پوڙها، مسڪين، ڳڀرو جوان ۽ زائفون ان جا پوئلڳ آهن. پر ان جي قوم جي عزتدار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن مان ڪنهن به پوئلڳي نه ڪئي آهي.
هرقل: ڇا اهڙو ماڻهو جيڪو ان جو پوئلڳ بڻجي ٿو سو ساڻس محبت ڪري ٿو ۽ پابنديءَ سان ان سان سلهاڙيل رهي ٿو يا وري ڪجھه وقت کان پوءِ ان کي ڇڏي جدائي اختيار ڪري ٿو وڃي؟
ابوسفيان: اڄ تائين اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي آهي ته ڪنهن مٿس ايمان آڻڻ کان پوءِ کيس ڇڏي ڏنو هجي.
هرقل: توهان جي ۽ ان جي وچ ۾ ٿيل جنگين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي؟
ابوسفيان: جنگ ۾ اسان برابر رهندا آهيون. ڪڏهن هو اسان تي سوڀارو ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن وري اسان مٿس سوڀارا ٿيندا آهيون.
هرقل: ڇا هو ڪا واعدي خلافي ڪندڙ يا معاهدو ٽوڙيندڙ آهي؟
ابو سفيان: (چوي ٿو ته ڪنهن به سوال جي جواب ۾ مون کي پاڻ ﷺ جي خلاف ڳالهائڻ يا ڪو اشارو ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھيو سواءِ انهيءَ سوال جي. مون جواب ڏنو ته) هن وقت تائين ته هن ڪنهن به قسم جي واعدي خلافي نه ڪئي آهي، پر اڄڪلهه هن سان اسان جي جنگبنديءَ جو معاهدو ٿيو آهي. اسان نٿا چئي سگھون ته اڳتي لاءِ هنن جو رويو ڇا هوندو.
ابو سفيان چوي ٿو ته الله جو قسم! هرقل منهنجي انهيءَ ڳالهه تي تر جيترو به ڌيان نه ڏنو. ان کان پوءِ هن سوال ڪرڻ بند ڪيا ۽ مون سان هن طرح سان ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکيو.
هرقل چيو ته مون جو توکان سوال ڪيو ته ان جو بڻ بڻياد ڪيئن آهي ته تو جواب ڏنو ته هو بڻ بڻياد ۾ نج ۽ تمام ئي شريف ۽ عزتدار آهي؛ الله تعالى جڏهن ڪنهن کي نبي بڻائيندو آهي ته ان کي اهڙن ئي ماڻهن مان چونڊيندو آهي جيڪو پنهنجي قوم ۾ تمام ئي اعلى بڻ بڻياد وارو هجي. وري مون توکان سوال ڪيو ته ڇا ان جي گھراڻي ۾ هن کان اڳ به ڪنهن اهڙي قسم جي دعوى ڪئي هئي جنهن جو هي نقل ڪري رهيو هجي، تو جواب ڏنو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي. وري مون سوال ڪيو ته توهان جي علائقي ۾ ان جي اهڙي ڪا جاگير آهي ڇا جيڪا توهان ڦٻائي ويا هجو ۽ هاڻي هن اهي نيون ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون هجن ته جيئن انهن ڳالهين جي داٻي ۾ اچي توهان کيس ان جي جاگير واپس ڪري سگھو، ته ان جي جواب ۾ تو اهڙي ڪنهن ڳالهه جو به انڪار ڪيو. ان کان پوءِ مون توهان کان سندس جي پوئلڳن جي باري ۾ سوال ڪيو ته تو ٻڌايو ته ان جا پوئلڳ هيڻا، مسڪين، ڳڀرو جوان ۽ زائفون آهن. حقيقت هيءَ آهي ته نبين جا پيروڪار سدائين اهڙي ئي قسم جا ماڻهو هوندا آهن. اڳتي مون توکان سوال ڪيو ته ڇا ان جا پوئلڳ ساڻس محبت ڪن ٿا ۽ ان سان واڳيل رهن ٿا يا ڪجھه وقت کان پوءِ ان کي ڇڏي جدا ٿي وڃن ٿا؟ تو انهيءَ جي جواب ۾ ٻڌايو ته ان جا پوئلڳ کيس ڇڏي نٿا وڃن ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ساڻس وفادار رهن ٿا. حقيقت اها آهي ته ايمان جي چاشني اهڙي ئي هوندي آهي جو جڏهن اهو ڪنهن جي دل ۾ لهي وڃي ته پوءِ اهو نڪري نه سگھندو آهي.
وري مون توکان سوال ڪيو ته ڇا هو ڪڏهن واعدي خلافي ڪري ٿو، تو چيو ته نه؛ سو ٻڌي ڇڏيو ته جيڪڏهن هو سڀني ڳالهين ۾ سچو آهي جيڪي تو مونسان بيان ڪيون آهن ته پڪ سان هو هڪ ڏينهن منهنجي پيرن هيٺان آيل زمين تي به هڪ ڏينهن قابض ٿي ويندو. منهنجي دل جي تمنا هئي ته مان ان جي خدمت ۾ حاضر ٿي ان جا پير ڌوئان ها. سو هاڻي توهان وڃي سگھو ٿا.
ابو سفيان چوي ٿو ته مان اتان اٿي روانو ٿيس ۽ پنهنجي هڪ هٿ تي ٻيو هٿ هڻي رهيو هئس ۽ چئي رهيو هئس اي الله جا ٻانهؤ! ابن ابي ڪبشه جو معاملو ايتري تي عظمت اختيار ڪري ورتي آهي جو بنو اصفر جا سلطان به پنهنجي شامي حڪومت تي سندس سوڀ جي تصور کان ڊڄن ٿا.
راوي جو بيان آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جو خط مبارڪ جڏهن هرقل کي پيش ڪيو ويو ته هن انهيءَ کي عزت سان پنهنجي سامهون رکيو.
بخاري شريف جي روايت ۾ اچي ٿو ته جڏهن قيصر حمص پهتو ته روم جي سردارن کي پنهنجي محلات ۾ گھرايو، ان کان پوءِ ان جا دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ ميڙ ڏانهن منهن ڪري چيائين ته اي روميو! جيڪڏهن توهان پنهنجي ترقي، خوشحالي ۽ هدايت گھرو ٿا، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن توهان پنهنجي ملڪ کي بچائڻ گھرو ٿا ته انهيءَ پيغمبر جي پيروي اختيار ڪريو.
اهو ٻڌي اهي ماڻهو وحشي جانورن وانگرن ڏمرجي دروازن ڏانهن ڀڄڻ لڳا، پر جڏهن انهن دروازا بند ڏٺا ته چوڻ لڳا ته ڇا تون اسان کي عيسائيت ڇڏڻ ۽ هڪ دهقاني غلام جي تابعداري جي صلاح ڏئين ٿو؟ جڏهن هرقل انهن جي ڌڪار جو اهو حال ڏٺو ۽ انهن جي ايمان آڻڻ کان مايوس ٿي ويو ته چوڻ لڳو ته انهن سمورن کي موڏانهن موٽائي وٺي اچو. ان کان پوءِ انهن کي آٿت ڏنائين ته مون اها ڳالهه رڳو انهيءَ خيال کان چئي هئي ته انهيءَ سان توهان جي پنهنجي دين تي پابنديءَ جي شدت کي جاچي وٺان، سو مون توهان جي مذهبي پختگي ڏسي ورتي. اهو ٻڌي ويٺلن ان جي سامهون تعظيمي سجدو ادا ڪيو ۽ ان کان راضي ٿي ويا. ان کان پوءِ هرقل به اسلام قبول نه ڪيو.
سموريون ڌاريون لکڻيون انهيءَ ڳالهه ٻولهه جو انڪار ڪن ٿيون، جيڪا هرقل ۽ ابو سفيان جي وچ ۾ ٿي جنهن مان ان جي اسلام سان رغبت ڏانهن خبر پئجي ٿي. انهن جو خيال آهي ته جيئن ته هو هڪ پڪو عيسائي ۽ مذهب جو پابند هو، انهيءَ ڪري هن بنسبت اهڙي قسم جو ڪو به تصور نٿو ڪري سگھجي ته هن ابوسفيان سان اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي ته جيڪو ڪجهه تو بيان ڪيو آهي جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته هو سوڀارو ٿي منهنجي پيرن هيٺان واري زمين تائين پهچندو ۽ منهنجي هيءَ خواهش آهي ته جيڪر مان پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندن پير ڌوئان ها. اها ڳالهه به عقل کان مٿي نظر اچي ٿي ته هن پنهنجي قوم کي عيسائيت ڇڏي پاڻ ڪريمﷺ جي تابعداريءَ لاءِ چيو هجي، جڏهن ته هو ان وقت عيسائيت جو سردار هو ۽ فارس وارن (ايرانين) کان پنهنجي عظيم الشان صليب کا واپس وٺڻ جي لاءِ پنهنجي سنگتين سان صلاحن ۾ رُڌل هو.
پاڻ ڪريمﷺ جو حارث بن ابي شمر غساني
جي نالي تي لکيل خط مبارڪ
حارث بن ابي شمر غساني قيصر روم جي طرف کان دمشق جو حاڪم هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن شجاع بن وهب اسدي رضي الله کي ڏانهنس پنهنجي خط مبارڪ ڏئي موڪليو هو جنهن جو مضمون هن طرح هو:
بـسم الله الرحمٰن الرحيم
من محمد رسول الله الي الحارث بن ابي شمر. سلام علي من اتبع الهدي و اٰمن بالله فاني ادعوک الي ان تؤمن بالله وحده لا شريک له يبق ملکک
الله ٻاجھاري مهربان جي نالي سان شروع
”محمد رسول الله ﷺ جي طرف کان حارث بن ابي شمر جي نالي. سلام هجي انهيءَ تي جنهن هدايت واري واٽ ورتي ۽ الله تي ايمان آندو. سو مان توکي اڪيلي الله تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيان ٿو جنهن جو ڪو به ڀائيوار نه آهي. جيڪڏهن فرمانبرداري ڪندين ته تنهنجو ملڪ سلامت رهندو.“
حضرت شجاع فرمائي ٿو ته مان جڏهن اتي پهتس ته مون ان کي قيصر جي دعوت جي تياري ۾ رُڌل ڏٺو جيڪو فارس وارن تي سوڀارو ٿيڻ تي الله تعالى جو شڪرانو ادا ڪرڻ لاءِ حمص کان بيت المقدس پهتو هو. مان غسانيءَ جي در تي ٽي چار ڏينهن ٽڪيل رهيس. پوءِ مون ان جي درٻان کي چيو ته مان حضرت رسول الله ﷺ جو قاصد آهيان ته درٻان چيو ته تون ان تائين پهچي نٿو سگھين جيستائين جو هو فلاڻي فلاڻي ڏينهن، جيڪي هن جي ٻاهر نڪرڻ جا ڏينهن آهن، پنهنجو پاڻ ٻاهر نه اچي. پوءِ اهو درٻان مون کان پاڻ ڪريم ﷺ جي ذاتي زندگي ۽ دعوت جي باري ۾ پڇڻ لڳو. مان ان کي ٻڌائيندو ٿي ويم ۽ هو نرم ٿيندو ٿي ويو ايتري تائين جو هو روئڻ لڳو ۽ چيائين ته مون انجيل پاڪ ۾ جيڪو ڪجھه پڙهيو آهي، انهيءَ موجب مان انهيءَ نبيءَ ۾ اهي ئي وصفون ڏسان ٿو. منهنجو خيال هو ته هو شام ملڪ ۾ ظاهر ٿيندو، پر سمجھه ۾ اچي ٿو ته هو عرب جي ملڪ ۾ ظاهر ٿيو آهي. سو مان انهيءَ تي ايمان آڻيان ٿو ۽ ان جي تصديق ڪريان ٿو، پر مونکي خوف آهي ته حارث بن ابي شمر مونکي انهيءَ ڳالهه تي ماري ڇڏيندو. اهو درٻان رومي هو ۽ ان جو نالو مري هو. هو منهنجي وڏي عزت ۽ مهماني ڪرڻ لڳو. هن مون کي حارث جي طرف کان مايوس ڪري ڇڏي ۽ چيو ته هو قيصر کان ڊڄندو آهي.
هڪ ڏينهن حارث پنهنجي مٿي تي تاج رکي ٻاهر نڪتو ته مونکي ان جي سامهون پيش ڪيو ويو. مون هن کي پاڻ ڪريم ﷺ جو ڏنل خط ڏنو. هن انهيءَ کي پڙهي اڇلائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کان منهنجو ملڪ ڪير کسي سگھي ٿو؟ مان پاڻ هلي وڃي ان جو مقابلو ڪندس. جيڪڏهن هو يمن ۾ هوندو ته مان اتي وڃي به هن جو مقابلو ڪندس. هن حڪم ڏنو ته لشڪر تيار ڪيو وڃي ۽ هو سڄي رات پنهنجو پاڻ انتظام ڪندو رهيو. گهوڙن کي نعلون لڳائڻ جو حڪم ڏنائين. ان کان پوءِ شجاع کي چيائين ته تون جيڪو ڪجھه هتي ڏسي رهيو آهين تنهن جو وڃي ڪري پنهنجي سردار کي ٻڌاءِ. ٻئي پاسي هن قيصر ڏانهن خط لکي منهنجي باري ۾ ٻڌايو جيڪو ان کي بيت المقدس ۾ مليو. ان وقت حضرت دحيه اڃا اتي موجود هو، جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن قيصر ڏانهن موڪليو هو. جڏهن قيصر حارث جو خط پڙهيو ته ان کي لکيو ته پيغمبرن ڏانهن لشڪر وٺي روانو ڪڏهن به نه ٿيءُ. اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ مون سان اچي بيت المقدس ۾ ملي وڃ. جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حارث جي گستاخيءَ جي خبر ملي ته پاڻ فرمايائون ته ”هن جو ملڪ تباهه ٿيو “. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته هن اسلام نه قبوليو هو.
فارس جي بادشاه خسرو ڏانهن
پاڻ ڪريمﷺ جو خط مبارڪ
پاڻ ڪريمﷺ جن خسرو پرويز بن هرمز کي به خط لکيو ۽ حضرت عبدالله بن حذافه سهمي رضي الله کي خط مبارڪ ڏئي ڪري روانو ڪيو، ڇو جو ان جي خسرو پرويز وٽ گھڻي اچ وڃ هوندي هئي. خط جو مضمون هن طرح هو:
بـسم الله الرحمٰن الرحيم
من محمد رسول الله ﷺ الي کسري عظيم فارس اسلام علي من اتبع الهديٰ و امن بالله و رسوله و شهد ان لا اله الا الله و اني رسول الله ﷺ الي الناس کافة لينذر من کان حيا. اسلم تسلم فان ابيت فعليک اثم المجوس.
الله ٻاجھاري مهربان جي نالي سان شروع
”محمد رسول الله ﷺ جي طرف کان خسرو، فارس جي بادشاهه ڏانهن. سلام هجي ان تي جنهن هدايت واري واٽ ورتي ۽ الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو ۽ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏني ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ اها ڳالهه ته مان سمورن انسانن ڏانهن الله تعالى جي طرف کان پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهيان ته جيئن هر جيئري انسان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري. اسلام قبول ڪر ته امن وارو ٿيندين پر جي انڪار ڪندين ته پوءِ تنهنجي سموري مجوس قوم جي گناهه جو بار به تنهنجي ڪنڌ هوندو.
خسرو پاڻ ڪريم ﷺ جي خط مبارڪ کي ڦاڙي ڇڏيو. انهيءَ تي رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”الله تعالى هن جي ملڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو.“
انهيءَ خط جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڻ ڪريم ﷺجن انهيءَ ۾ لکرايو ته ”مان سمورن انسانن ڏانهن الله تعالى جو موڪليل رسول آهيان.“ انهيءَ جملي مان مستشرقين وغيره جي انهيءَ دعوى جي ترديد ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رڳو عرب وارن ڏانهن رسول ڪري موڪليا ويا هئا.
الله تعالى جو اهو ارشاد به انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪري ٿو:
وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا كَاۗفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَايَعْلَمُوْنَ۲۸ ﴿سبا: 28﴾
”اسان توکي سمورن انسانن ڏانهن خوشخبري ڏيندڙ ۽ الله تعالى کان ڊيڄارڻ وارو ڪري موڪليو آهي، پر ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي انهيءَ حقيقت کي نٿا سمجھن.“
خسرو نه رڳو خط مبارڪ ڦاڙيو، پر يمن ۾ پنهنجي مقرر ڪيل هڪ گورنر باذان کي لکي موڪليو ته پنهنجي ٻن دلير ماڻهن کي حجار جي انهيءَ ماڻهوءَ وٽ موڪل ته جيئن اهي کيس پڪڙي مون وٽ وٺي اچن. ائين باذان بابويه نالي پنهنجي ماليات جي سيڪريٽري کي جيڪو ان جو وڏو منشي پڻ هو ۽ حڪومت جي خرچن ۽ آمدنيءَ جو حساب ڪتاب لکندو هو؛ ۽ ان سان گڏ خر خسره نالي هڪ پارسي ماڻهو کي پاڻ ﷺ جي نالي هڪ خط لکي موڪليو جنهن ۾ پاڻ ﷺ کي حڪم ڏنو ويو هو ته توهان هنن ٻنهي ماڻهن سان گڏ يڪدم خسرو جي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
بابويه کي وري اها خاص هدايت ڪيائين ته انهيءَ ماڻهوءَ جي شهر پهچي پهريان ان سان ڳالهه ٻولهه ڪر ۽ مون کي انهيءَ جو حال احوال ڏي. اهي ٻئي گڏجي طائف پهتا. اتي هنن طائف جي ڀلي زمين ۾ قريش جي ڪجهه ماڻهن کي ڏٺو ۽ انهن کان پاڻ ڪريم ﷺجي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته انهن کين ٻڌايو ته پاڻ مديني ۾ آهن.
طائف وارا انهن ٻنهي ماڻهن جي اچڻ تي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ چوڻ لڳا ته خوش ٿيو جو شهنشاهه خسرو ان جو دشمن ٿي پيو آهي. سو هاڻي هو توهان جي طرف کان انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي ۽ اهي ٻئي قاصد اتان روانو ٿي پاڻ ڪريم ﷺجي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان بابويه هيءَ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
بابويه: شهنشاهه خسرو شاهه باذان ڏانهن حڪم موڪليو آهي ته هو اهڙي ماڻهوءَ کي توهان ڏانهن موڪلي جيڪو توهان کي ان جي خدمت ۾ حاضر ڪري سگھي. هن مونکي توهان ڏانهن موڪليو آهي ته جيئن توهان مونسان گڏجي ان جي خدمت ۾ هلو. جيڪڏهن توهان ايئن ڪندا ته باذان شهنشاهه وٽ توهان جي حق ۾ اهڙي سفارش ڪندو جنهن سان توهان کي فائدو ٿيندو ۽ اهڙي طرح توهان شهنشاهه جي ڪنهن به نقصان کان محفوظ ٿي ويندؤ. پر جيڪڏهن توهان گڏجي هلڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ توهان سمجھي ويا هوندؤ ته هو ڪير آهي. هو توهان کي ۽ توهان جي سموري قوم کي تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ توهان جي ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيندو.
اهي ماڻهو پاڻ ڪريم ﷺجي خدمت ۾ ڪجھه اهڙي حليي سان حاضر ٿيا هئا جو انهن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون ۽ شهپر وڌيل هئا. پاڻ انهن ڏانهن منهن ڪري ڳالهائڻ به پسند نه فرمايو ۽ فرمايائون ته توهان تي افسوس آهي، توهان کي اهڙي صورت اختيار ڪرڻ جو ڪنهن حڪم ڏنو آهي؟ انهن جواب ڏنو ته اسان جي مالڪ (يعني خسرو) حڪم ڏنو آهي. پاڻ جواب ۾ فرمايائون؛ پر مون کي منهنجي مالڪ ته ڏاڙهي وڌائڻ ۽ شهپر ننڍا ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. پوءِ فرمايائون، هاڻي توهان موٽي وڃو، سڀاڻي مون وٽ اچجو. انهيءَ وچ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ وٽ آسماني وحي جي وسيلي اها خبر ملي ته خسرو تي الله تعالى ان جي پٽ شيرويه کي بڇيو آهي ۽ هن پنهنجي پيءُ کي فلاڻي مهيني جي فلاڻي رات فلاڻي وقت ماري ڇڏيو آهي.
واقدي جو بيان آهي ته شيرويه پنهنجي پيءُ خسرو کي ڏهه جمادي الاول سنه 7 هه اڱاري جي رات جو اڌ رات کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو. ائين پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ٻنهي قاصدن کي گھرائي انهيءَ واقعي جي خبر ٻڌائي ته هنن چيو ته توهان کي خبر آهي ته توهان ڇا چئي رهيا آهيو؟ اسان انهيءَ بڇڙي خبر تي توهان کان پڇاڻو ڪنداسين. ڇا اسان توهان جي حوالي سان اها ڳالهه لکي ڪري بادشاهه (باذان) تائين پهچايون؟ پاڻ فرمايائون ته ضرور توهان پنهنجي بادشاهه تائين اها خبر لکي موڪليو ۽ هن ڏانهن اها ڳالهه به لکي موڪليو ته منهنجو دين ۽ منهنجي حڪومت اتي به پهچندي جتي هن وقت خسرو جو راڄ آهي ۽ منهنجي حڪومت اتي به پهچندي جيستائين انسانن جا پيرَ ۽ جانورن جي کُرن جا نشان پهچندا ۽ پنهنجي بادشاهه باذان کي اهو به چئجو ته جيڪڏهن تون اسلام قبوليندين ته جيڪا حڪومت هن وقت تنهنجي هٿ هيٺ آهي، انهيءَ کي تو وٽ ئي رهڻ ڏيندس ۽ اڳتي لاءِ به تنهنجي ئي قوم کي بادشاهت تي قائم رکندس. ان کان پوءِ پاڻ خر خسره کي هڪ ٿيلي عطا فرمائي جنهن ۾ سون ۽ چاندي هو جيڪا ڪنهن بادشاهه پاڻ ﷺ جن کي تحفو ڪري موڪلي هئي.
اهي ٻئي قاصد پاڻ ڪريم ﷺ وٽان واپس موٽي باذان وٽ پهتا. انهن جون ڳالهيون ٻڌي هن چيو ته خدا جو قسم اها ڳالهه ٻولهه ڪنهن بادشاهه جي ته نه آهي. مان سمجھان ٿو ته پاڻ پنهنجي دعوى موجب پڪ سان پيغمبر ئي آهن. هاڻي توهان پاڻ ﷺ جي ڏنل خبر جو انتظار ڪريو. جيڪڏهن خسرو جي قتل واري خبر سچي آهي ته انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ الله تعالى جا پيغمبر آهن. پر جيڪڏهن اها ڳالهه سچي نه ٿي ته پوءِ ئي اسان پاڻ ﷺ جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگھنداسين.
باذان جو اسلام قبولڻ:
باذان جي ڳالهه ٻولهه اڃا ختم ئي نه ٿي هئي جو شيرويه جو هيٺيون فرمان ان وٽ پهتو:
جيئن ته خسرو فارس جي تمام ئي عزتدار ماڻهن جو قتل عام ڪرايو ۽ انهن جي گھرن کي باهيون ڏياري ڇڏيون، انهيءَ ڪري فارس وارن کي انهيءَ تي سخت ڪاوڙ هئي جنهن ڳالهه کي سامهون رکندي مون ان کي ماري ڇڏيو آهي. سو تون هاڻي پاڻ وٽ ماڻهن کان منهنجي فرمانبرداريءَ جو واعدو وٺ ۽ خسرو جنهن ماڻهوءَ (يعني رسول الله ﷺ) جي باري ۾ توڏانهن حڪم موڪليو هو، انهيءَ تي نظر رک ۽ جيستائين انهيءَ جي باري ۾ توکي مون وٽان ڪو ٻيو حڪم ملي، ڪنهن به قسم جي اڳرائي نه ڪج.
جڏهن شيرويه جو اهو فرمان باذان کي مليو ته هو چوڻ لڳو ته پڪ سان اهو ماڻهو الله جو رسول آهي. ائين هن اسلام قبوليو ۽ يمن ۾ ان سان گڏ جيڪي به فارس وارا هئا تن به اسلام قبوليو. انهيءَ بنياد تي حمير قبيلي وارا انهيءَ همياڻي (پئسا ڏوڪڙ کڻڻ واري ڳوٿري) جي ڪري، جيڪا پاڻ ڪريمﷺ جن خر خسرو کي عطا ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ چوندا هئا ته ”خسرو معجزي وارو آهي.“ حمير جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي منطقه معجزه سڏيو ويندو آهي. سو اڄ تائين ان جي اولاد انهيءَ ڳوٿريءَ جي نسبت سان خر خسره معجزي واري جي اولاد سڏي ويندي آهي.
بابويه ڳالهائيندي شاهه باذان کي اهو به چيو هو ته مون اڄ تائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به انهيءَ ماڻهو (يعني رسول الله ﷺ) کان وڌيڪ دٻدٻي واري ماڻهو سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي.
باذان سوال ڪيو ته ڇا انهيءَ نبيءَ سان گڏ پوليس جو پهرو آهي؟ ته هن چيو ته بلڪل به نه.
جڏهن باذان اسلام قبوليو ته نبي ڪريم ﷺ جن کيس يمن جي علائقن جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو. ان جي بيٺڪ صنعاء ۾ ٿي جيڪو شروع کان ئي ان جي گاديءَ جو هنڌ رهندو پئي آيو. هو پنهنجي حڪومت تي قائم رهيو. ايستائين جو حجة الوداع کان پوءِ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريمﷺ جن ان جي پٽ مشهر بن باذان کي صنعاء جي علائقي جو بادشاهه مقرر فرمايو ۽ هر علائقي تي هڪ اصحابيءَ کي حاڪم مقرر فرمايو.
پوءِ الله تعالى حضرت عمر رضي الله جي خلافت واري زماني ۾ خسرو جي سموري حڪومت، اتان جي خزانن ۽ سموري ڌن دولت تي مسلمانن جو اقتدار قائم فرمايو. اهڙي طرح الله تعالى خسرو جي طاقت کي ڇڙوڇڙ ڪري دعوت الي الله کي پورو ۽ ثابت ڪري ڇڏيو.
مسٽر نورث پنهنجي ڪتاب ’مختصر اسلامي تاريخ‘، ڇاپو 1934ع، صفحو 34 تي انهيءَ واقعي جو منڍ کان ئي انڪار ڪيو آهي ته پاڻ ڪريمﷺ جن روم جي شهنشاهه ۽ ايران جي شهنشاهه ڏانهن ڪو خط موڪليو هو. هن جو چوڻ آهي ته انهيءَ واقعي جو ڪوبه تاريخي بنياد نه آهي. سچ اهو آهي ته يورپ جي تاريخدانن اهڙيءَ طرح هر اسلام خبر، ايتري تائين جو تاريخي طور ثابت ٿيل حقيقتن جو به صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پاڻ ڪريمﷺ جو قبط جي بادشاهه مقوقس
ڏانهن خط مبارڪ
(7هه مطابق 628ع)
حضرت رسول الله ﷺ جن حاطب بن ابي بلتعه رضي الله کي مقوقس ڏانهن روانو فرمايو. انهيءَ جو قصو هن طرح آهي ته حديبيه کان واپسي تي پاڻ ﷺ جن فرمايو: ”اي ماڻهؤ! توهان مان ڪير آهي جيڪو منهنجو هيءُ خط مصر جي بادشاهه وٽ کڻي وڃي جنهن جو ثواب ان کي الله تعالى وٽان ملندو. اهو ٻڌي ڪري حضرت حاطب بن ابي بلتعه رضي الله بيهي رهيو ۽ عرض ڪيو ته اي الله جا رسول، مان انهيءَ خدمت جي لاءِ حاضر آهيان. پاڻ فرمايائون، اي حاطب! الله تعالى توکي برڪت ڏئي.“
خط جو مضمون هن طرح هو:
بـسم الله الرحمٰن الرحيم
من عبد الله و رسوله الي المقوقس عظيم القبط سلام علي من اتبع الهدى، اما بعد فاني ادعوک بدعاية الاسلام اسلم تسلم يوتک الله اجرک مرتين فان توليت فعليک اثم کل القبط يا اهل الکتاب تعالوا الي کلمة سواءِ بيننا و بينکم ان لا نعبد الا الله ولا نشرک به شيئا ولا يتخذ بعضنا بعضا اربابا من دون الله فان تولوا فقولوا اشهدوا بانا مسلمون.
الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان شروع
الله جي ٻانهي ۽ ان جي رسول جي طرف کان قبط جي بادشاهه مقوقس جي نالي، جنهن هدايت واري واٽ ورتي ان تي سلامتي هجي. ان کان پوءِ مان توکي اسلام جي دعوت ڏيان ٿو، اسلام قبول ڪر ته ڇوٽڪارو ماڻيندين ۽ الله تعالى وٽان توکي ٻيڻو اجر ملندو ۽ جيڪڏهن تو انهيءَ کان منهن موڙيو ته سموري قبطي قوم جو وبال به تنهنجي ڪنڌ هوندو. اي ڪتاب وارؤ انهيءَ ڪلمي ڏانهن اچو جيڪو توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ساڳيو آهي، سو اهو ته الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به عبادت نه ڪنداسين ۽ نه ئي ان سان ڪنهن کي شريڪ مقرر ڪنداسين ۽ نه ئي اسان مان ڪو الله تعالى کانسواءِ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي پنهنجو پالڻهار بڻائينداسين. جيڪڏهن ٻئي ماڻهوءَ اها ڳالهه نه مڃن ته تون چٽو پٽو اعلان ڪري ڇڏ ته اسان ته الله تي ايمان آڻڻ وارا آهيون.
پاڻ ڪريم ﷺ انهيءَ خط مبارڪ تي پنهنجي مهر نبوت هڻي ڪري حضرت حاطب رضي الله جي حوالي ڪري ڇڏيو.
(اهو خط مبارڪ هاڻي ترڪي جي آثار قديمه واري کاتي وٽ محفوظ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن کان اڳ اهو خط مبارڪ هڪ فرانسيسي عالم کي سعيد پاشا اخميم جي ويجھو واري دؤر ۾ مصر جي ويجھو هڪ گرجا گھر مان مليو هو).
حضرت حاطب رضي الله انهيءَ خط مبارڪ کي کڻي مديني کان روانو ٿي مصر جي شاهه مقوقس جي محلات وٽ پهتو. اتي بادشاهه موجود نه هو ته پاڻ ان وٽ اهو خط کڻي اسڪندريه پهتا ۽ کيس پاڻ ڪريم ﷺجن جو خط مبارڪ پيش ڪيائون. هن انهيءَ خط کي پڙهي سيني سان لڳايو ۽ هاٿي جي ڏندن مان جوڙيل هڪ صندوقڙي ۾ رکيو ۽ ڪاتب کي گھرائي عربيءَ ۾ جواب لکرايو.
الي النبي صلي الله عليه وسلم
بسم الله الرحمٰن الرحيم، لمحمد بن عبدالله من المقوقس عظيم القبط سلام عليک اما بعد فقد قرات کتابک و فهمت ماذکرت فيه وما تدعوا اليه وقد علمت ان نبيا قدبقي و قد کنت اظن انه يخرج بالشام
نبي ڪرم ﷺ جي نالي
”الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان شروع، قبط جي بادشاهه مقوقس جي طرف کان حضرت محمد بن عبدالله جي خدمت ۾ سلام عرض آهي. ان کان پوءِ مون توهان جو خط مبارڪ پڙهيو ۽ توهان جيڪو ڪجھه انهيءَ جي اندر ارشاد فرمايو آهي ۽ جنهن دين جي دعوت ڏني آهي مون انهيءَ کي چڱيءَ طرح سمجھيو. مون کي اها اڳي ئي خبر هئي ته هڪ نبي اچڻ وارو آهي، پر منهنجو خيال هو ته اهو شام ملڪ مان ظاهر ٿيندو.“
حضرت حاطب رضي الله سان هو جنهن عزت ۽ احترام سان پيش آيو انهيءَ جو پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ذڪر ڪيو ويو. روايت آهي ته مقوقس قاصد کي هڪ سئو دينار ۽ پنج وڳا ڪپڙا ڏنا. ان کان پوءِ هڪ ڏاهي ماڻهوءَ کي گھرائي عورتون آڻڻ جو حڪم ڏنو، جنهن وڏي ڳولا کان پوءِ سڄي مصر مان ماريا (مريم) ۽ ان جي ڀيڻ سيرين کان وڌيڪ سهڻي ٻي ڪابه عورت نه ڏٺي. اهي ٻئي مصر ملڪ جي انصنا نالي ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ حفن قبيلي سان تعلق رکندڙ هيون. مقوقس انهن ٻنهي کي پاڻ ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ تحفي جي طور تي روانو ڪيون. انهن سان گڏ هڪ خچر ۽ بنها واري علائقي جي ماکي پڻ تحفي ۾ موڪلي ڏني. هڪ روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته انهن شين کانسواءِ مصر جي ڪتان ريشم مان ٺهيل ويهه ڪپڙا، عطر عود ۽ مشڪ به تحفي ۾ موڪليا پر اسلام نه قبوليو.
پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي انهن تحفن کي قبوليو ۽ ماريا کي پنهنجي لاءِ رکيو ۽ سيرين کي حضرت حسان بن ثابت کي تحفو ڪري ڏنو. اها ئي سيرين عبدالله بن حسان جي ماءُ هئي. خچر جو نالو دلدل هو جيڪو اڇي رنگ جو هو. عربن وٽ انهيءَ زماني ۾ انهيءَ جهڙو ٻيو ڪو خچر ڪونه هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن بنها جي ماکيءَ ۾ برڪت جي دعا فرمائي. مقوقس نبي ڪريم ﷺ ڏانهن جيڪي تحفا موڪليا هئا، تن جي هڪ فهرست حفني ناصف بيگ مرحوم پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هن طرح ڏني آهي.
1. هڪ ماريه بنت شمعون جنهن ماءُ روم ڄائي هئي.
2. ٻي ٻانهي سيرين هئي جيڪا سونهن ۾ ماريه کان گھٽ هئي.
3. ٽين ٻانهي جنهن جو نالو قيسر هو.
4. هڪ ڪاري شيدڻ ٻانهي جنهن جو نالو بريره هو.
5. هڪ شيدي غلام جنهن جو نالو هابو هو.
6. اڇي رنگ جو هڪڙو خچر جنهن جو نالو دلدل هو.
7. هڪ گھوڙو سنجن سميت جنهن جو نالو ميمون هو.
8. اڇي رنگ جو گڏهه جنهن جو نالو يعفور هو.
9. هڪ چوڪنڊي پيتي جنهن ۾ سرمي داڻي، ڪنگو، تيل جي شيشي، قينچي ۽ ڏندڻ رکيل هئا.
10. بنها جي ماکي
11. هڪ هزار مثقال سون.
12. مصر جا ريشمي ويهه ڪپڙا.
13. ڪجھ عود عطر ۽ مشڪ
14. شيشي جو پيالو.
چيو وڃي ٿو ته انهن تحفن ۾ هڪڙو حڪيم پڻ هو، پر پاڻ ڪريمﷺ جن کيس فرمايو ته تون واپس پنهنجي گھر هليو وڃ، ڇاڪاڻ ته اسان بک لڳڻ کان اڳ نه کائيندا آهيون ۽ جڏهن کائيندا آهيون ته پيٽ ڀري نه کائيندا آهيون (جنهن ڪري نه ته بيمار ٿيندا آهيون ۽ نه ئي حڪيم جي ضرورت ٿيندي آهي).
مديني جي رستي ۾ ئي حضرت حاطب بن ابي بلتعه جي تبليغ جي بنياد تي ماريه ۽ سيرين، ٻنهي اسلام قبول ڪري ورتو هو.
ماريه قبطيه:
ماريه مديني ۾ 8 هجري ۾ پهتي هئي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ماريه تمام گھڻو پسند هئي. پاڻ اڇي رنگ ۽ اڇن وارن واري تمام ئي خوبصورت عورت هئي. پاڻ کين ۽ ان جي ڀيڻ سيرين کي حضرت ام سليم بنت ملحان جي گھر ۾ ٽڪايو. اهي ٻئي مسلمان ٿيون. پاڻ ماريه سان ٻانهيءَ جي حيثيت ۾ همبستري فرمائي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن کي بنو نضير جي مالن مان جيڪا غنيمت حاصل ٿي هئي، پاڻ ماريا کي ٿوري عرصي لاءِ انهن زمينن ڏانهن موڪلي ڇڏيو. پاڻ گرمي ۽ کارڪن جي موسم ۾ اتي رهنديون هيون. پاڻ تمام ئي ديندار عورت هئي. پاڻ ﷺ جن ان جي ڀيڻ سيرين کي حضرت حسان بن ثابت رضي الله کي، جيڪو درٻار نبوت جو شاعر هو، بخشش ڪري ڏني. ان جي پيٽ مان حضرت حسان بن ثابت جو پٽ حضرت عبدالله بن حسان پيدا ٿيو. جڏهن ته بي بي ماريه جي پيٽ مان پاڻ ڪريم ﷺجن جو پٽ حضرت ابراهيم پيدا ٿيو. حضرت ماريه حضرت عمر رضي الله جي خلافت ۾ سنه 16 هجري ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع قبرستان ۾ دفن ڪئي وئي. حضرت عمر رضي الله پنهنجو پاڻ ماڻهن کي سندن جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گڏ ڪندا رهيا ۽ جنازي جي نماز به پاڻ ئي پڙهايائون.
ابراهيم بن رسول اللهﷺ
جڏهن حضرت ابراهيم پيدا ٿيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سندن ڄمڻ جي ستين ڏينهن هڪ ٻڪري ڪُهي سندن عقيقو ڪيو. ان جو مٿو ڪوڙايو ۽ وارن جي وزن جيتري چاندي مسڪينن ۽ غريبن ۾ ورهائي ۽ ان جي وارن کي زمين ۾ دفن ڪرايو. حضرت ماريه جي دائي پاڻ ڪريم ﷺ جي ٻانهي سلمى هئي. هن وڃي پنهنجي مڙس ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي غلام ابو رافع کي ٻڌايو ته حضرت ماريه کي پٽ پيدا ٿيو آهي. اهو ٻڌي ابو رافع پاڻ ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ پهتو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اها خوشخبري ٻڌائي. پاڻ انهيءَ خوشيءَ ۾ هن کي هڪ غلام دان ۾ عطا فرمايو. انهيءَ خبر تي پاڻ ڪريمﷺ جي پاڪ بيبين کي ڏاڍي غيرت آئي ۽ هڪ ٻانهيءَ مان پاڻ ﷺ جي اولاد جو ڄمڻ انهن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. حضرت ابراهيم جي پيدائش ذي الحج مهيني سنه 8 هه مطابق اپريل 630ع ۾ عاليه واري علائقي ۾ ٿي جيڪو مديني جي اوسي پاسي ۾ هڪ علائقو هو. انصاري عورتون هڪ ٻئي سان ريس ڪرڻ لڳيون ته ان کي کير پيارڻ جي خوشنصيبي ڪنهن جي حصي ۾ اچي ٿي. ائين پاڻ کين حضرت ام برده بن منذر بن زيد بن لبيد بن خداش بن عامر بن غنم بن عدي بن نجار جي حوالي ڪيو. ان جو مڙس براء بن اوس بن خالد رضي الله هو. اهڙيءَ طرح انهيءَ عورت حضرت ابراهيم کي کير پياريو.
پاڻ ڪريم ﷺ جو اصحمه نجاشي جي
نالي تي خط مبارڪ
مسلمانن پهرين هجرت حبشه ڏانهن ڪئي هئي جتي نجاشي انهن کي تمام ئي عزت ۽ احترام سان رکيو ۽ اتي رهندي اهي ماڻهو قريشن جي ظلمن کان حفاظت ۾ هئا. جڏهن پاڻ ڪريمﷺ جن مديني ڏانهن هجرت فرمائي ته حبشه ڏانهن هجرت ڪرڻ وارن مان چاليهه اصحابي مديني ڏانهن روانو ٿي اتي پاڻ ڪريمﷺ جن سان وڃي مليا ۽ انهن مان پنجاهه يا سٺ اصحابي سڳورا حبشه ۾ ئي نجاشيءَ جي پناهه ۾ رهيا.
عمرو بن ضميري رضي الله کي پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻه خط مبارڪ ڏئي ڪري نجاشيءَ ڏانهن موڪليو هو. انهن مان هڪ خط مبارڪ ۾ پاڻ نجاشيءَ کي اسلام جي دعوت ڏني هئائون.
ٻئي جي لاءِ کين هدايت ڪئي هئائون ته هو پاڻ ڪريم ﷺ جي طرف کان والي بڻجي حضرت ام حبيبه سان رشتو ڪري پاڻ ﷺ جي نڪاح ۾ ڏئي. جنهن خط ۾ پاڻ کين اسلام جي دعوت ڏني هئائون تنهن جي متن (Text) ڪجھه هن طرح هو:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
من محمد رسول الله ﷺ الي نجاشي الاصحم ملک الحبشة. سلم انت فاني احمد اليک الله الملک القدوس السلام المهيمن و اشهد ان عيسى ابن مريم روح الله و کلمة القاها الي مريم البتول الطيبة الحصنة فحملت بعيسي من روحه و نفخه کما خلق اٰدم بيده و نفخه و اني ادعوک الي الله وحده لا شريک له و الموالاة علي طاعته و ان تتبعني و تؤمن بالدي جآء ني فاني رسول الله وقد بعثت اليک ابن عمي جعفرا و نفرا معه من المسلمين فاذا جاءوک فاقرهم و دع التجبر فاني ادعوک و جنودک الي الله فقد بلغت و نصحت فاقبلوا نصحي و السلام علي من اتبع الهدى.
الله ٻاجھاري مهربان جي نالي سان شروع
”محمد رسول الله ﷺ جي طرف کان اصحم نجاشي، شاهه حبشه جي نالي. تون سلامت هجين. مان تنهنجي سامهون انهيءَ هستيءَ جي واکاڻ ڪريان ٿو جيڪو سموري ڪائنات جو شهنشاهه، تمام ئي پاڪ ذات، امن ۽ سلامتي وارو، ايمان جي نعمت عطا فرمائڻ وارو ۽ رزق ۽ موت ۽ حياتيءَ جو ضامن آهي. مان انهيءَ جي تصديق ڪريان ٿو ته حضرت عيسى بن مريم الله تعالى جو روح ۽ انهيءَ جو ڪلمو هو جنهن کي الله تعالى مريم جي جسم ۾ منتقل ڪيو جيڪا ڪنواري، پاڪباز ۽ نيڪو ڪار عورت هئي. سو پوءِ اها انهيءَ خدائي روح ۽ انهيءَ ڦوڪ سان حامله ٿي وئي جيئن الله تعالى حضرت آدم عليه السلام کي پنهنجي هٿ ۽ پنهنجي ڦوڪ سان پيدا فرمايو هو. مان توهان کي انهيءَ الله ڏانهن سڏيان ٿو، جيڪو اڪيلو آهي، ان جو ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار نه آهي. سو تون الله تعالى جي اطاعت قبول ڪر. مان توکي پنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ ۽ انهيءَ شيءِ تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيان ٿو جيڪا مون ڏانهن وحي جي وسيلي نازل ٿئي ٿي. بيشڪ مان الله جو رسول آهيان. مان تووٽ پنهنجي سؤٽ جعفر ۽ ان سان گڏ ڪجھه ٻين اصحابن کي توڏانهن موڪليو آهي. جڏهن اهي تووٽ اچن ته تون انهن کي پنهنجو مهمان ڪري رکجان ۽ انهن جي سامهون بغاوت ۽ وڏائي نه ڏيکارجان. مان توکي ۽ تنهنجي قوم کي الله تعالى ڏانهن سڏيان ٿو. مون پنهنجو پيغام توهان تائين پهچائي ڇڏيو ۽ توهان کي نصيحت ڪري ڇڏي. سو توهان منهنجي نصيحت تي عمل ڪريو ۽ هدايت واري واٽ وٺڻ واري تي سلامتي هجي.“
جڏهن نجاشيءَ کي اهو خط مليو ته هن انهيءَ کي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ تعظيم ۾ پنهنجي تخت تان لهي زمين تي ويهي رهيو ۽ اسلام قبوليو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ ڏانهن هي خط لکرايو:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
الي محمد رسول الله ﷺ من النجاشي الاصحم بن ابجر سلام عليک يا نبي الله ور حمة الله و برکات الله الذي لا اله الا هو الذي هداني الي الاسلام.
اما بعد فقد بلغتي کتابک يا رسول الله فيما ذکرت من امر عيسي فورب السماء والارض ان عيسي ما يزيد علي ما ذکرت و قد عرفنا ما بعثت به الينا وقد قربنا ابن عمک و اصحابه فاشهد انک رسول الله صادقا مصدقا و قد بايعتک و بايعت ابن عمک و اسلمت علي يديه لله رب العالمين و ارسلت اليک بانبي ارهابن الاصحم بن ابجر فاني لا املک الا ننسي و ان شئت ان آيتک فعلت يا رسول الله.
الله ٻاجھاري مهربان جي نالي سان شروع
”اصحم بن ابجر نجاشي جي طرف کان حضرت محمد ﷺ جي خدمت ۾، اي الله جا نبي توهان تي الله جو سلام ۽ ان جي رحمت ۽ برڪت نازل ٿئي. اهو الله اڪيلو ۽ ڪنهن به ڀائيواري کان پاڪ آهي جنهن مون کي اسلام جو دڳ ڏيکاريو.
ان کان پوءِ اي الله جا رسول! توهان جو مبارڪ خط مون کي مليو جنهن ۾ توهان حضرت عيسى ؑ جو واقعو بيان فرمايو آهي. زمين ۽ آسمان جي پالڻهار جو قسم، بيشڪ حضرت عيسى جي باري ۾ جيڪو ڪجھه توهان فرمايو آهي، پاڻ ان کي تر جيترو به وڌيڪ نه هئا. توهان جيڪا اسلام جي دعوت مون ڏانهن موڪلي آهي، تنهن جي حقيقت کي مون سمجھي ورتو آهي. اسان توهان جي سؤٽ ۽ ان جي سڀني سنگتين کي پاڻ وٽ مهمان ڪري رکيو آهي. مان انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪريان ٿو ته توهان الله تعالى جي سچا ۽ تصديق ڪيل رسول آهيو. مون توهان جي توهان جي سؤٽ جي هٿ تي بيعت ڪري ورتي آهي. مون پنهنجي پٽ ارها بن اصحم بن ابجر کي توهان ڏانهن موڪليو آهي. مان رڳو پنهنجي جان جو مالڪ آهيان. جيڪڏهن توهان مون کي به حاضر ٿيڻ لاءِ حڪم موڪليندؤ ته مان حاضر ٿي ويندس.“
ابن اسحاق بيان ڪري ٿو ته مون کي ٻڌايو ويو ته نجاشي هڪ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي پٽ کي سٺ حبشين سان گڏ پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ روانو ڪيو هو، پر جڏهن اهي ماڻهو وچ درياءَ ۾ پهتا ته ٻيڙي ٻڏي وئي، جنهن ڪري اهي سڀئي مري ويا. نجاشيءِ جي انهيءَ خط مان جيڪو هن پاڻ ڪريم ﷺ ڏانهن موڪليو هو، ان جي اسلام قبولڻ جي چٽائي ٿئي ٿي. ان سان گڏوگڏ اها به ڄاڻ ملي ٿي ته اسلام جيڪو ڪجھه حضرت عيسى ؑ جي باري ۾ چوي ٿو، هو انهيءَ جي باري ۾ به اها ئي راءِ رکندو هو.
نجاشيءَ جو اسلام قبولڻ:
ابن اسحاق جي روايت ۾ انهيءَ ڳالهه جي چٽائي موجود آهي ته نجاشيءَ اسلام قبولي ورتو هو ۽ حضرت جعفر بن ابي طالب جي سامهون سورت مريم تلاوت ڪئي هئي جنهن ۾ حضرت عيسى ؑ جو اهو قول به موجود هو:
قَالَ اِنِّىْ عَبْدُ اللہِ۰ۣۭ اٰتٰىنِيَ الْكِتٰبَ وَجَعَلَنِيْ نَبِيًّا۳۰ۙ ﴿مريم: 30﴾
”حضرت عيسى چئي ڏنو ته مان الله تعالى جو ٻانهو آهيان. هن مون کي ڪتاب (انجيل) عطا ڪيو آهي ۽ مون کي نبي بڻائي موڪليو ۽ مان جتي به هجان مون کي خير ۽ برڪت وارو ڪري ڇڏيو اٿس.“
هن آيت ۾ حضرت عيسى پنهنجي ٻانهپ جي پاڻ ئي چٽائي ڪري ڇڏي ۽ الله تعالى جو ارشاد ٿيو:
ذٰلِكَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَمَ۰ۚ قَوْلَ الْحَــقِّ الَّذِيْ فِيْہِ يَمْتَرُوْنَ۳۴ مَا كَانَ لِلہِ اَنْ يَّــتَّخِذَ مِنْ وَّلَدٍ۰ۙ سُبْحٰــنَہٗ۰ۭ اِذَا قَضٰٓى اَمْرًا فَاِنَّمَا يَقُوْلُ لَہٗ كُنْ فَيَكُوْنُ۳۵ۭ
﴿مريم: 35﴾
”هي عيسى پٽ مريم جو آهي ۽ اهو ئي قول سچو آهي، جنهن جي باري ۾ هي ماڻهو جھيڙو ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه الله تعالى جي شان جي بلڪل خلاف آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بڻائي. هو انهيءَ ڳالهه کان گھڻو مٿي آهي. جڏهن به ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي ته انهيءَ لاءِ حڪم ڏيندو آهي ته ٿي پئو ته اها شيءِ ٿي پوندي آهي.“
الله تعالى جي حڪم عيسى بن مريم ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هو انهيءَ عورت جو پٽ آهي نه ڪه الله تعالى جو. قرآن پاڪ ۾ آيو آهي:
وَاِنَّ اللہَ رَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ۳۶ ﴿مريم: 36﴾
”۽ حضرت عيسى چيو ته پڪ سان الله ئي توهان جو ۽ منهنجو پالڻهار آهي، سو توهان انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي.“
ڪجھه ماڻهو نجاشيءَ جي اسلام قبولڻ ۾ شڪ ڪيو آهي، پر سمورن اهم تاريخي ڪتابن ۾ ان جي اسلام قبولڻ جي چٽائي ٿيل آهي.
حضرت عمرو بن عاصؒ جو قول آهي ته نجاشيءَ اسلام تي بيعت ڪئي هئي جنهن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ايندو، پر هو پنهنجي اسلام کي لڪائيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي قوم عيسائي هئي ۽ کيس انهيءَ ڳالهه جو خوف هو ته ڪٿي هو مٿس حملو نه ڪن.
نجاشيءَ جي اسلام قبولڻ مان انهيءَ ڳالهه کي به هٿي ملي ٿي ته هو نسطوري عيسائي هو ۽ نسطوري مذهب جو بنياد توحيد تي آهي ۽ اهو مذهب حضرت عيسى ؑ جي خدا هئڻ واري ڳالهه جو انڪاري آهي. انهيءَ ڳالهه جي ثبوت ۾ نسطوريه جو قول پيش ڪري سگھجي ٿو:
”توهان اهو نه چئو ته مريم خدا جي ماءُ آهي، ڇو ته هوءَ انسان هئي ۽ اها ڳالهه ناممڪن آهي ته خدا انسان منجھان پيدا ٿئي “.
مان هن کان اڳ بيان ڪري چڪو آهيان ته بحيرا راهب، جنهن پاڻ ڪريمﷺ جي شام واري واپاري سفر ۾ پاڻ ﷺ جي شخصيت جي ڪجھه نشانين کي ڏسي سڃاڻي ورتو هو ۽ سندن جي عزت ۽ احترام ڪيو هو، سو به انهيءَ ئي مذهب جو پيروڪار هو. اهو نسطوريه نالي ماڻهو عيسائي مذهب جو وڏو عالم ۽ وڏي عزت وارو ماڻهو هو ۽ اها ڳالهه ان جي عزت ۽ شان شوڪت جو دليل آهي ته هو 428ع کان 531ع تائين لڳاتار قسطنطينيه جي پادرين جو سردار رهندو آيو هو ۽ ڪيترائي پادري ان جا پوئلڳ هئا. پر هن جي عقيدي جي ڪري عسيائين جي طرف کان ان مٿان ظلم ڪيا ويا ۽ کيس جلا وطن ڪيو ويو.
پوءِ جڏهن خبر پئجي وئي ته نجاشيءَ جو عقيدو بلڪل نسطوري عقيدو هو، ته اهو ئي قول وڌيڪ ترجيح جوڳو ٿيندو ته جڏهن ان کي پاڻ ڪريم ﷺ جي خط مبارڪ جي وسيلي اسلام جي دعوت ڏني وئي ۽ حضرت جعفرؒ ان جي سامهون سورت مريم تلاوت ڪئي، جيڪا انهن جي مذهب جي عين مطابق هئي، ته هن پڪ سان اسلام قبوليو هو. هن اها دعوت انهيءَ ڪري به قبولي جو اسلام بتن جي پوڄا جي مخالفت ڪري ٿو ۽ توحيد خداوندي ڏانهن سڏي ٿو. اهڙي طرح حضرت عيسى ؑ جي خدائيءَ جو پڻ انڪار ڪري ٿو. باقي پاڻ ڪريم ﷺ جي نبوت جو سو اعتراف ڪري ٿو. نجاشيءَ جو به اهو ئي عقيدو هو. تنهن ڪري ان جو اسلام قبولڻ قياس کي وڌيڪ ويجھو آهي.
مسند امام شافعي رحمة الله ۾ (ڪتاب جنازه و حدود) حضرت ابوهريرهؒ کان روايت ٿيل آهي ته جنهن ڏينهن نجاشيءَ جي وفات ٿي، انهيءَ ڏينهن ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن به پنهنجي اصحابن کي ان جي موت جي خبر ڏني ۽ سڀني کي وٺي عيدگاهه ڏانهن ويا. انهن جو صفون سڌيون ڪرايون ۽ نجاشيءَ جي غائبانه جنازي نماز پڙهائي جنهن ۾ چار تڪبيرون چيون. اهو واقعو نجاشيءَ جي اسلام قبولڻ جو پڪو پختو دليل آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رڳو مسلمانن جي ئي جنازي جي نماز پڙهائيندا هئا.
صحيح بخاري ۾ حضرت جابر ؒ کان روايت ٿيل آهي ته جنهن ڏينهن حبشه ۾ نجاشيءَ جي وفات ٿي انهيءَ ڏينهن مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اڄ هڪ مؤمن مرد جو مرتيو ٿيو آهي. سو اٿي بيهو ۽ پنهنجي اسلامي ڀاءُ اصحم جي لاءِ جنازي جي نماز پڙهو.
مجوسين ڏانهن هڪڙي خدا کي مڃڻ جي دعوت:
628ع ۾ خسرو پرويز رومين کان هارائڻ کان پوءِ بدلي وٺڻ جي تياري ۾ مصروف هو. انهيءَ ئي زماني ۾ عبدالله بن خدافه سهمي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو خط مبارڪ کڻي اچي پهتو. خط ۾ لکيل هو ته ٻن خدائن جي بدران هڪڙي ئي الله کي نيڪيءَ ۽ بديءَ جو خدا مڃو. اها ئي توهان جي اصلي تعليم آهي جيڪا زرتشت ڏني هئي ۽ جنهن کي بعد ۾ بگاڙي ماڻهن يزدان ۽ اهرمن جي پوڄا ۾ بدلائي ڇڏيو هو. تنهن ڪري جيڪڏهن خدائي توحيد کي مڃيندي منهنجي اطاعت ڪندؤ ته توهان لاءِ امن ۽ سلامتي جو دروازو کلي ويندو. ٻي صورت ۾ توهان پنهنجي قوم جي گمراهيءَ جا پڻ الله تعالى وٽ جوابدار رهندؤ.
خسرو پرويز پاڻ ڪريم ﷺ جو خط مبارڪ ڦاڙي ڇڏيو ۽ يمن جي گورنر باذان کي خط لکيو ته حجاز جي نبيءَ کي گرفتار ڪري هتي موڪل. پر باذان جڏهن تحقيق ڪئي ته هو پاڻ ئي مسلمان ٿي ويو ۽ انهيءَ زماني ۾ خسرو جي پٽ شيرويه کيس قتل ڪري تخت تي قابض ٿي ويٺو.
منذر بن سادي، جيڪو بحرين جو رئيس هو، تنهن ڏانهن علاء بن الحضرمي موڪليو ويو ۽ ڪيتري ئي عوام مسلمان ٿي وئي. انهيءَ زماني ۾ نازل ٿيڻ واري سورت الاعراف جي رڪوع نمبر 2 ۽ سورت آل عمران جي رڪوع نمبر 7 کي سامهون رکڻ گھرجي جيڪي هن طرح آهن:
سورت الاعراف رڪوع نمبر 2:
انسانو! مان سمورن انسانن جي لاءِ انهيءَ الله جو پيغام کڻي آيو آهيان جنهن جي زمين ۽ آسمان جي مٿان بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي، اهو ئي ماريندو آهي ۽ اهو ئي جياريندو آهي. تنهن ڪري الله تعالى کي مڃو ۽ ان جي آخري نبي کي به مڃو جيڪو پاڻ الله کي ۽ ان جي سمورن ڪتابن (حڪمن) کي مڃي ٿو.
آل موسيٰ جي سڃاڻ:
موسى ؑ جي قوم جو هڪ ٽولو حق جي واٽ ڏسي ٿو ۽ انهيءَ مطابق ئي اهي انصاف ڪن ٿا. الله تعالى موسى جي قوم جا ٻارنهن قبيلا ٺاهيا هئا ۽ انهن جي مٿان وڏا وڏا احسان ڪيا هئا. پر انهن پنهنجي بدعملي سان الله تعالى جو ته ڪجھه به نه وڃايو، اڃا به پنهنجو ئي نقصان ڪري ورتو. ۽ جڏهن پهرين تباهيءَ کان پوءِ ٻيهر بيت المقدس آباد ٿيو ته توبه ۽ نيڪي ڪرڻ جي بدران، جنهن جو کين حڪم به ڪيو ويو هو، اهي خدائي حڪمن ۾ ڦيرگھير ڪري پنهنجي خواهشن جي پويان لڳي پيا. يعني بدعملي ۽ نفاق پيدا ڪري ورتو ۽ انهن جي شرارتن جي ڪري انهن مٿان عذاب نازل ٿيو.
(بلڪل انهن ئي لفظن ۾ سورت بقره جي ستين رڪوع ۾ اهو ذڪر آهي. ايترو سو آهي ته بقره ۾ يظلمون جي بدران يفسقون جو لفظ آيو آهي).
سورت آل عمران رڪوع نمبر 7:
ڪتاب وارن کي ٻڌيءَ ۾ رهڻ جي دعوت: اي ڪتاب وارؤ، اچو ته انهيءَ ڳالهه تي هڪ ٿي وڃون، جيڪا ڳالهه توهان ۽ اسان ۾ ساڳي ئي آهي؛ ۽ اها هيءَ ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به ٻانهپ اختيار نه ڪريون ۽ نه ان سان ڪنهن کي ڀائيوار ڪريون ۽ نه الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن انسان کي پنهنجو مالڪ (رب) بڻايون. بهرحال جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه جو انڪار ڪريو ٿا ته پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته اسان الله تعالى جا فرمانبردار آهيون. اي ڪتاب وارؤ! (يعني توريت ۽ انجيل کي مڃڻ وارؤ!) توهان ابراهيم ؑ جي صحيفن کي ڇاجي ڪري نٿا مڃيو؟ ڇا توهان اها ڳالهه نٿا سمجھو ته ابراهيم ؑ تي نازل ٿيڻ وارا صحيفا اڳي نازل ٿيا آهن، جڏهن ته توريت ۽ انجيل ان کان پوءِ نازل ٿيل آهن. ابراهيم نه ته يهودي هو ۽ نه عيسائي. هو ته حنيف (سڀني ڪوڙن مذهبن کان بيزار) هو ۽ مسلمان (يعني الله تعالى جو فرمانبردار) هو نه ڪي مشرڪ. ابراهيم ؑ سان ويجھي نسبت انهن ئي ماڻهن جي آهي جيڪي ان جا پوئلڳ هئا. هاڻي رسول عربي ﷺ ان جي تعليم کي مڃيندڙ آهن. تنهن ڪري اي ڪتاب وارؤ! حق واري ڳالهه ۾ ڄاڻي واڻي باطل يعني پنهنجي نفساني خواهشن کي نه ملايو ۽ مؤمنن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
اها ئي توحيد واري دعوت سورت المائده جي رڪوع نمبر 10 ۾ آهي. اهو ئي حڪم سورت النساء جي آخري رڪوع 20 ۾ آهي ته پنهنجي ڪتابن کي به مڃيو ۽ قرآن کي به مڃيو. ڇو ته ٻئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته الله اڪيلو ۽ هر قسم جي ڀائيواريءَ کان پاڪ آهي ۽ سمورن انسانن جي لاءِ خدا پرستيءَ جو پيغام آهي. رڳو يهودين ۽ عيسائين جي لاءِ خاص نه آهي. سمورا انسان الله تعالى جا ٻانها هئڻ جي لحاظ کان برابر آهن. اهو به ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته اها ئي توحيد واري دعوت مجوسين لاءِ به هئي ته ان کانسواءِ ٻين مشرڪن جي لاءِ به هئي.
جزيي يا ڍل جي شروعات:
منذر جڏهن مسلمان ٿي ويو ته ان جي رعايا ۾ ڪي ماڻهو مجوسيت ۽ يهوديت يعني پنهنجي ابتدائي مذهب تي قائم رهڻ گھرن پيا. انهيءَ صورتحال ۾ منذر پاڻ ڪريم ﷺ کان پڇا ڪئي ته هاڻي ڇا ڪيو وڃي؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ته اها ڳالهه انهن جي لاءِ ڀلي هئي، باقي جيڪڏهن اهي پنهنجي مذهب تي قائم رهڻ گھرن ٿا ته انهن جي حفاظت اسان جي مٿان لازم آهي، پر انهيءَ جي لاءِ انهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن کي ايران ۾ گزيو چيو ويندو آهي. اهو ئي لفظ اڳتي هلي جزيو بڻجي ويو.
مڪي کان مسلمان ٿي اچڻ وارا:
صلح حديبيه کان پوءِ هڪڙو مسلمان ابو بصير رضي الله مڪي مان ڀڄي مديني آيو ته قريشي ان کي وٺڻ لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن وٽ اچي پهتا. پاڻﷺ جن پنهنجي واعدي موجب کيس انهن سان گڏ واپس موٽائي ڇڏيو. رستي ۾ ابو بصير هڪڙي قريشي کي ماري ڇڏيو ۽ ڀڄي وڃي قريشن جي شام واري واپاري رستي تي ديرو ڄمايو. مڪي جي بيوس مسلمانن کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته اهي به وڃي ان سان مليا ۽ هڪ سال جي اندر ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ مسلمان گڏ ٿي ويا ۽ قريشن جي واپاري قافلن کي روڪڻ لڳا. هاڻي مڪي وارن ڏاڍو پڇتايو ۽ گهريو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن معاهدي جي انهيءَ شرط کي ٽوڙي ڇڏين ۽ انهن کي واپس مديني گھرائن، پر پاڻ اهو قبول نه فرمايائون.
انهيءَ وچ ۾ مديني جي شيطان قسم جي ڦورن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي ننڍڙيون مهمون به روانو ڪيون ويون، جنهن سان مديني جي حڪومت جي طاقت وڌي وئي ۽ جنگي قبيلن محسوس ڪيو ته مديني ۾ هڪ مضبوط ۽ طاقتور حڪومت قائم ٿي وئي آهي.
سورت البقره رڪوع نمبر 24:
مدافعت طور وڙهڻ نيڪي آهي. هاڻي عمرة القصاص جي تياري هئي ۽ انهيءَ ڳالهه جو انديشو هو ته حرم جي اندر ويڙهه نه ٿي پوي، تنهن ڪري قرآن چيو ته ويڙهه ڪرڻ وقت حد کان نه لنگھو، اها ڳالهه الله تعالى کي پسند نه آهي. جيڪڏهن ڪو توهان سان مسجد حرام جي حدن اندر وڙهي ته مدافعت جي لاءِ توهان به وڙهو. جيڪي ماڻهو دين جي حڪمن تي عمل ڪرڻ کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍ کان ڪم وٺي توهان کي گھرن مان ڪڍي چڪا آهن، سي قتل کان به وڌيڪ بڇڙو ڪم ڪري چڪا آهن. قتل ڪرڻ، چَٽي ۽ راءِ کان ڦرڻ جي مقابلي ۾ تمام خراب ڳالهه آهي. پوءِ به توهان حد کان نه لنگھو ۽ جيڪو مسڪين، يتيم، غلام، رشتي دار، مجاهد، قيدي ۽ بکيو هجي ان جي مدد ڪريو ۽ ان جي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ خرچ ڪريو. (مطلب ته چندو ڏئي انهن کي آزاد ڪرايو) قرباني سان پيٽ ڀريندو آهي، انهيءَ جي لاءِ عمري جي ادائگي جي شڪراني طور قرباني ڪريو ۽ ماڻهن کي کارايو .
عمرة القصاص، ذيقعد 7 هجري (فيبروري 629ع)
مديني کان روانگي:
ذيقعد 7 هه تي پاڻ ڪريم ﷺ جن ڏهه هزار ماڻهن ۽ قربانيءَ لاءِ کنيل سٺ اُٺَن سان گڏ مديني کان روانو ٿيو. مڪي کان اٺ ميلن جي مفاصلي تي معاهدي موجب هٿيار ڦٽا ڪيا ويا. مڪي ۾ سمورا مسلمان ذوق ۽ شوق سان داخل ٿيا. مڪي جا مشرڪ حرم ڇڏي ٻاهر هليا ويا ۽ جبل ابو قبيس جي چوٽيءَ کان مسلمانن کي ڏسڻ لڳا. مسلمانن به ڪعبي ڏانهن آڪڙجي تيز تيز هلڻ شروع ڪيو ته جيئن مشرڪ اهو نه سمجھن ته اسان هيڻا آهيون. رسول الله ﷺ جي فرمان موجب سڀني جي زبانن تي هي لفظ هئا:
لا اله الا الله وحده نصر عبده واعز جنده و هزم احزاب وحده الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هن پنهنجي ٻانهي محمد ﷺ جي مدد ڪئي ۽ ان جي لشڪر کي سوڀ ڏني ۽ هن اڪيلي سر دشمن ٽولي کي شڪست ڏني.
ٽن ڏينهن کان پوءِ مسلمانن مڪو خالي ڪري ڇڏيو. ڪنهن به قسم جو جھيڙو ڪونه ٿيو. اڃا به رسول الله ﷺ جن قريشن کي دعوت ڏني ته اچو ته اٺ قربان ڪريون ۽ سڀئي گڏجي خوشي ملهايون. پر مڪي وارن انهيءَ دعوت کي نه قبوليو.
آخري نڪاح:
پاڻ حرم کان ٻاهر اچي ڪري مقام سريف تي ميمونه هلاليه سان نڪاح ڪيو. هوءَ حضرت خالد بن وليد جي پڦي ۽ حضرت عباس جي سس هئي. انهيءَ نڪاح جو اهو اثر ٿيو جو ٻن مهينن جي اندر ئي حضرت خالد بن وليد مسلمان ٿي ويو.
عثمان بن طلحه ڪعبي جو سڀ کان وڏو پوڄاري هو. انهيءَ محسوس ڪيو ته رحمان خدا هبل کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، تنهن ڪري پاڻ به مديني ۾ اچي مسلمان ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ذي الحج سنه 7 هه ۾ خالد بن وليد ۽ عمرو بن العاص به مديني ۾ اچي مسلمان ٿي ويا.
عام المساوات سنه 7 ه جا ڪي اهم واقعا:
1. صلح حديبيه جي ڪري سڄو سال خير خيريت سان گذري ويو. خيبر جا يهودي به مسلمانن جا دوست بڻجي ويا.
2. مڪي ۾ اسلام تيزيءَ سان پکڙڻ لڳو ۽ قرآن پاڪ کلي عام پڙهجڻ لڳو. هاڻي مسلمان ”الرحمان“جو نالو وٺندا هئا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي رسول الله ﷺ چوندا هئا، پر انهيءَ تي مشرڪ چڙندا نه هئا.
3. حضرت ماريه قبطيه ؒ حمل سان هئي ۽ غالبا ڪجهه پاڪ بيبين کي ان سان ريس ٿيڻ لڳي هئي.
4. انهيءَ ئي سال ذيقعد مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن بي بي ميمونه هلاليه بنت حارث سان نڪاح ڪيو ۽ اعلان به ڪري ڇڏيو ته هي آخري نڪاح آهي. انهيءَ وقت بي بي ميمونه بيوه هئي ۽ سندن عمر ايڪونجاهه سال هئي. حضرت خالد بن وليد ان جو ڀاڻيجو هو.
5. انهيءَ امن ۽ سلامتيءَ واري زماني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ان ڳالهه جو موقعو ملي ويو ته پاڻ يتيمن، مسڪينن ۽ خاص طرح سان عورتن جي باري ۾ قانونسازي ڪن. انهيءَ زماني ۾ خانگي زندگي ۽ تمدن ۽ معاشرت جا انقلابي حڪم جاري ڪيا ويا ۽ عورتن ۽ مسڪينن کي معاشري ۾ مٿانهون مرتبو حاصل ٿيو.
عام الفتح سنه 8 ه (پهرين اپريل سنه 829ع)
انهيءَ ئي سال مڪو پرامن طريقي سان فتح ٿي ويو. فتح کان اڳ نون مهينن تائين مسلمانن جي معاشرتي زندگي جي اصلاح تي ڌيان رهيو ۽ پاڙيسري ملڪن ۽ بادشاهن ڏانهن اسلام جو پيغام موڪليو ويو.
فتح کان اڳ رڳو هڪڙو سريو جمادي الاول ۾ موڪليو ويو جنهن جا ٻه مقصد هئا:
1. غلامن جي حڪومت: يعني موته واري سريي ۾ حضرت زيد بن حارث، رسول الله ﷺ جي پٽ ڪري سڏيل، کي اصحابن جي مٿان سردار بڻائي موڪليو ويو جنهن جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته اسلام ۾ برابريءَ جو تصور اهو آهي. هاڻي ٻانهي ۽ آزاد مسلمان ۾ ڪوبه فرق نه آهي.
2. قاصد جي حرمت: ٻيو مختلف قومن کي اهو ٻڌائڻ مقصد هو ته قاصد جو قتل ڪرڻ جنگي ۽ اخلاقي اصولن جي خلاف آهي ۽ قاصد جو قتل حرام آهي.
ابراهيم بن محمدﷺ جي ڄمڻ ۽ ان جا اثرَ:
پڪ سان ابراهيم جي ڄمڻ تي عرب ۾ خوشيون ملهائيون ويون هونديون. عام طرح سان عربن مان ڪنهن هڪ کي جيڪڏهن ڌيءَ پيدا ٿيندي هئي ته ان جي پيدائش تي ڏک ۽ حسرت کان ان جو منهن ڪاراٽجي ويندو هو. اهي نياڻي جي پيدائش کي پنهنجي لاءِ ذلت ۽ خواري سمجھندي ان کي جيئرو ئي پوري ڇڏيندا هئا. انهيءَ حقيقت ڏانهن قرآن پاڪ ۾ هن طرح اشارو ڪيو ويو آهي:
وَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُہُمْ بِالْاُنْثٰى ظَلَّ وَجْہُہٗ مُسْوَدًّا وَہُوَكَظِيْمٌ۵۸ۚ يَتَوَارٰى مِنَ الْقَوْمِ مِنْ سُوْۗءِ مَا بُشِّرَ بِہٖ۰ۭ اَيُمْسِكُہٗ عَلٰي ہُوْنٍ اَمْ يَدُسُّہٗ فِي التُّرَابِ۰ۭ اَلَا سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ۵۹ ﴿النحل﴾
اهڙيءَ طرح سورت زخرف ۾ فرمايو ويو ته اهي ماڻهو پنهنجي ديوين کي رحمان الله جون ڌيئر چون ٿا، جڏهن ته اهي پاڻ ڌيئرن کان ايتري ته نفرت ڪندا آهن جو ڌيءَ جي پيدائش تي انهن جو منهن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ چوندا آهن ته اهڙي اولاد جو ڪهڙو فائدو جنهن کي لاڏ ڪوڏ سان پالجي پر ويڙهه وقت ٻڙڪ به ٻولي نه سگھي.
وَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُہُمْ بِمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْہُہٗ مُسْوَدًّا وَّہُوَكَظِيْمٌ۱۷ اَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْحِلْيَۃِ وَہُوَفِي الْخِصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ۱۸
﴿الزخرف 17-18﴾
جيئن ته اهي ڌيئرن کي ماري ڇڏيندا هئا، انهيءَ ڪري قرآن ڪريم پنهنجي مڪي دؤر ۾ انهن کي جهنم جي سزا کان ڊيڄاريو:
وَاِذَا الْمَوْءٗدَۃُ سُىِٕلَتْ۸۠ۙ بِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ۹ۚ ﴿التڪوير: 8-9﴾
جناب ابراهيم جي پيدائش دنيا جي ٻانهين لاءِ رحمت جو دروازو کولي ڇڏيو. رسول الله ﷺ جن اهو قانون ٺاهي ڇڏيو ته جنهن ٻانهيءَ کي ٻار پيدا ٿئي ته اها آزاد ٿي ويندي. شرعي اصطلاح ۾ انهيءَ کي ام ولد چوندا آهن. ڪوبه ٻار غلام پيدا نه ٿيندو آهي. انهيءَ جو سبب پاڻ ڪريم ﷺ جن اهو ٻڌايو ته هن وقت تائين هلندڙ دستور موجب جيڪو ٻار ڪنهن ٻانهيءَ جي ڪک مان ڄمي پيو سو به غلام ئي سمجھيو ويندو هو، پر اهو قانون بلڪل ئي غلط هو. حقيقت ۾ ڪوبه ٻار غلام پيدا نه ٿيندو آهي. جيڪو ٻار ٻانهيءَ جي ڪک مان پيدا ٿيندو. اهو هاڻي ابن حرّه يعني آزاد سڏيو ويندو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ بي بي ماريه قبطيه جو درجو آزاد زالن جي برابر ٿي ويو ۽ کيس به پردي جو اهو ئي حڪم ٿيو جيڪو ٻين بيبين جي لاءِ هو.
(انهيءَ سلسلي ۾ ڏهين باب جي اندر پاڪ بيبين جي احتجاج تي نظر ڊوڙائي ڏسو)
گھڻن نڪاحن ۽ هڪ زال تي نظر:
پاڻ ڪريم ﷺ جن سٺ سالن جي عمر ۾ آخري نڪاح ڪيو. هتي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته مختصر طور پاڻ ڪريم ﷺ جي نڪاحن جي نوعيت تي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ڏٺو وڃي جيڪي ماڻهو رڳو هڪڙي نڪاح جا پابند آهن، سي انهيءَ ڳالهه کي ڇاجي ڪري پسند نٿا ڪن.
قرآني نقطه نظر اهو آهي ته هڪ مرد جي هڪ ئي زال هجي. پر حالتن جي گھرج اها آهي ته ڪو ماڻهو هڪ کان وڌيڪ عورتن جي سارسنڀال لهڻ گھرندو هجي ۽ انهن جي اندر انصاف قائم ڪري سگھندو هجي ته هو چار نڪاح به ڪري سگھي ٿو.
حقيقت ۾ ڪيترين ئي زالن کي جدا جدا گھر ۾ رکڻ ۽ هر هڪ سان برابريءَ وارو سلوڪ ڪرڻ ۽ واري واري سان سڀني وٽ وڃڻ ۽ رهڻ اصل ۾ ”هڪ ئي زال“وارو درجو رکي ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته ”هڪ زال“ جي حالت ۾ مرد لڳاتار هڪڙي ئي عورت وٽ رهندو آهي ۽ سڀني کي جدا جدا رکڻ سان هر هڪ وٽ وٿي سان ويندو آهي. هر هڪ عورت سان جدا نڪاح جو معاهدو ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري اهو هڪ خالص ”هڪ زال“ واري اصول کان بنيادي طور تي ڪو مختلف نه آهي. (انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا)
اهو به ياد رهي ته رڳو مالدار، بادشاهه يا امير ماڻهو ئي گھڻين زالن واري اصول تي عمل ڪري سگھندا هئا. انهيءَ کي به قرآن چئن جي تعداد تائين محدود ڪري ڇڏيو.
ڪابين
قرآن ڪريم عورت جو اهو حق رکيو آهي ته اها جيترو گھري پنهنجي لاءِ ڪابين مقرر ڪري ۽ مڙس کان وٺي، قانون عورت کي ان جو حق ڏياريندو. عورت کي اهو به حق حاصل آهي ته جنهن سان وڻيس نڪاح ڪري.
يهودي: يهودين ۾ اهو رواج هو ته اهي پنهنجي زالن کي انهن جي پيءُ کان خريد ڪري وٺندا هئا. قرآن ڪريم پيءُ ماءُ کي پئسا وٺڻ جو حق نه ڏنو، پر اهو حق عورت کي ڏنو آهي ته هوءَ مڙس کان ڪابين وٺي.
هندو: مٿين ذات وارن هندن ۾ اهو رواج آهي ته پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيئرن لاءِ مڙس خريد ڪندا آهن. جيتوڻيڪ آڳاٽي زماني ۾ اهو رواج هو ته مرد ڇوڪريءَ جي گُهر ڪرڻ لاءِ ان جي پيءُ ماءُ وٽ ويندا هئا ۽ ڇوڪري جنهن مرد کي پسند ڪندي هئي، تنهن سان شادي ڪندي هئي.
طلاق: عرب وٽ طلاق جو رواج جاهليت واري زماني کان هلندڙ هو. قرآن انهيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو. رسول الله ﷺ جن طلاق کي جائز شين ۾ تمام ئي بڇڙي شيءِ سڏيو ۽ قرآن هڪ يا ٻن طلاقن کان پوءِ رجعت يعني مرد عورت جي ٺاهه کي جائز سڏيو.
خلع: باقي جيڪا طلاق عورت پئسا وغيره ڏئي حاصل ڪري ۽ پنهنجي مڙس کان ايتري ته نفرت ڪندي هجي جو ان سان ڪنهن به صورت ۾ رهڻ برداشت نه ڪري، ۽ ڪجھه مال ڏئي ڪري مڙس کان طلاق وٺي ته اهڙي حالت ۾ مرد ٻين طلاقن وانگر رجعت نٿو ڪري سگھي. هتي به قرآن عورت کي جاهليت واري ظلم کان بچائي ٿو ته جيئن اها ٽنگيل نه رهي ۽ ٻئي مرد سان نڪاح ڪري سگھي.
گھڻن مڙسن وارو مسئلو:
ڪي ماڻهو اهو اعتراض ڪندا آهن ته جهڙي طرح قرآن مردن کي چئن نڪاحن ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، اهڙي طرح عورت کي اهو اختيار ڇو ڪونه ڏنو آهي ته جيئن اها به هڪ ئي وقت چار مڙس ڪري سگھي ها؟
انهيءَ جو حياتياتي (Biological) جواب گھڻن ئي ماڻهن ڏنو آهي. يعني مٿين درجي وارن کير پياريندڙ جانورن ۾ مڙسن جي گھڻائي جو سلسلو نٿو ملي. انهيءَ کانسواءِ حيواني لاڳاپي جو مقصد قدرت مقرر ڪري ڇڏيو آهي. يعني حيواني نسل جي ترقي. اهو ئي نه، پر جانورن جي لاءِ جنسي لاڳاپي جي مند به هر ملڪ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. انهيءَ ڪري انسان جو مقصد انهيءَ کان مٿانهون هئڻ گھرجي. هو نه رڳو انساني نسل کي ترقي ڏئي، پر خانداني زندگيءَ ۾ ٻار جي تربيت ۾ هڪٻئي جي مدد ڪري. اهڙي طرح عام خانداني ۽ انساني زندگي، جانورن جي مقابلي ۾ وڌيڪ جٽادار ۽ وڻندڙ بڻجي وڃي. ائين نه ٿئي جو اولاد ۽ مٽن مائٽن سان محبت جو سلسلو ٻارن جي واڌ ويجهه کان پوءِ ختم ٿي وڃي. اهو رڳو انهيءَ ئي وقت ممڪن آهي جو ٻارن کي خبر هجي ته انهن جا پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ ڪير آهن. مڙسن جي گھڻائيءَ جي صورت ۾ اها سڃاڻ ۽ رت وارن رشتن سان چاهه باقي نٿو رهي.
پر انهيءَ جو اهو به مطلب نه آهي ته اسلام عورتن کي خلع يا طلاق کان پوءِ ٻئي مڙس سان نڪاح ڪرڻ کان روڪي ٿو. قرآن ته گھري ئي اهو ٿو ته زال ۽ مڙس، خوشگوار ازدواجي زندگي واري معاهدي تي قائم رهن، پر جيڪڏهن عورت گھري ٿي ته هوءَ ٻيو مڙس ڪري ته پوءِ کيس انهيءَ ڳالهه جو حق آهي ته هوءَ کائنس طلاق وٺي يا نڪاح واري وقت ئي مڙس سان انهيءَ ڳالهه جو معاهدو ڪري ته مون کي انهيءَ ڳالهه جو حق رهندو ته مان جڏهن به گھران آزاد ٿي سگھان ٿي. انهيءَ لاءِ شرط رڳو اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ حامله آهي ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٻيو نڪاح ڪري سگھي ٿي. مقصد اهو ئي آهي ته اولاد کي خبر هجي ته ان جو پيءُ ڪير آهي.
زنا: قرآن زنا کان منع ڪيو ۽ انهيءَ جي تمام ئي سخت سزا مقرر ڪئي آهي. ظاهر آهي ته جڏهن ڪنهن مرد يا عورت کي قانوني طور تي حق حاصل آهي ته جنهن مرد يا عورت، پوءِ ڀلي اهو شرعي طريقي تي ازدواجي زندگي جي ذريعي لاڳاپو قائم ڪري وٺي، ته ڪوبه سبب نه آهي ته اهي لڪي وڃي بدڪاري ڪن.
انهيءَ بدڪاريءَ جو سڀ کان وڏو اثر ان زنا ڪرائيندڙ عورت جي اولاد تي ئي پوندو آهي. ڪو به مرد انهيءَ معصوم ٻار جو پيءُ يا سنڀاليندڙ بنجڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو، ايتري تائين جو جنهن مرد زنا ڪئي هوندي آهي، سو به پنهنجي بزدليءَ جي ڪري انهيءَ ٻار جو پيءُ ٿيڻ کان انڪاري ٿي ويندو آهي. معصوم عورت مرد جي ٺڳيءَ ۾ اچي پنهنجي سڄي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ٻار به ڪٿي جو ناهي رهندو. اسلام بزدليءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن به شيءِ کي نفرت جوڳو نه سمجھيو آهي. انهيءَ ڪري ئي زاني کان وڌيڪ بزدل چور کي به نه سمجھيو آهي. چور لاءِ رڳو هٿ ڪٽڻ جي سزا مقرر ڪئي، جڏهن ته زانيءَ کي سنگسار ڪرڻ (پٿر هڻي مارڻ) جو حڪم ڏنو آهي.
مطلب ته رسول الله ﷺ جن عورت جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو انهيءَ ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته پاڻ بيواهن ۽ بي سهاري عورتن سان نڪاح ڪري، انهن کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو. پاڻ ﷺ جي زالن مان رڳو امان عائشه ئي ڪنواري هئي، جڏهن ته باقي ٻئي سڀئي بيواهه ئي هيون. ان کان پوءِ انهن سڀني جا گھر جدا جدا هئا ۽ انهن سڀني سان انصاف ڪيو ويندو هو.
سورت الاحزاب رڪوع نمبر 6:
”اي مؤمنو! الله تعالى کي گھڻو ياد ڪريو. هن پنهنجي رحمت سان توهان کي اونداهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ مان سوجهري ۽ محبت ڏانهن آندو آهي ۽ رسول الله ﷺ کي چمڪندڙ ڏيئو (سراج منير) ڪري موڪليو آهي. تنهن ڪري:
(1) جيڪڏهن ڪنهن عورت سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ بنا همبستريءَ جي طلاق ڏئي ڇڏيو ته اهڙين عورتن کي عدت ۾ ويهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي (ڇو ته عدت جو اصل مقصد اهو ڄاڻڻ هوندو آهي ته عورت حامله ته نه آهي) ۽ انهن کي سهڻي نموني ڇڏي ڏيو.
(2) ڪابين مقرر ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به عورت سان نڪاح نٿو ٿي سگھي (يعني عورت کي مال ملندو، نه ان کان ورتو ويندو).
(3) رسول الله ﷺ جن کي ڪن خاص حالتن هيٺ بيواهه عورتن سان نڪاح ڪرڻ جي اجازت هئي، سا به هاڻي ختم ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته مڪو هاڻي فتح ٿي چڪو آهي. اسلام هر پاسي پکڙي ويو آهي. آسودن مسلمانن جي کوٽ نه رهي آهي جو جن غريب عورتن کي مڙسن جي سنڀال حاصل ڪرڻ جي ضرورت هجي تن کي نه ملي رهي هجي. هاڻي عورتن کي ڪابين ملڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه رهي آهي.
سورت الاحزاب، رڪوع نمبر 7:
مردن کي پردي جي پويان رهڻ جو حڪم:
(1) نبي ﷺ جي زالن جي گھرن ۾ اجازت کانسواءِ داخل ٿيڻ منع ڪيو ويو آهي. اڃا به جيڪڏهن ڪا شيءِ توهان کي گھرجي ۽ وٺڻ وڃو ته اها به پردي جي پويان گھرو. باقي انهن جا خاص مائٽ (جهڙوڪ ڀاڻيجا، ڀائيٽيا وغيره) انهن جي گھرن ۾ اجازت وٺي اندر به وڃي سگھن ٿا.
(2) پنهنجي دلين ۾ رسول الله ﷺ جي پاڪ زالن بنسبت ڪوبه گندو خيال نه آڻيو ۽ اهو خيال به ڪڏهن نه ڪريو ته رسول الله ﷺ جي وفات پڄاڻان ڪڏهن انهن سان نڪاح ڪرڻو آهي. الله تعالى وٽ اها تمام ئي بڇڙي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي امت جون مائر آهن.
سورت الاحزاب رڪوع نمبر8:
مديني جي منافقن ۽ بدڪردار لعنتين ۽ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙيندڙن کان بچڻ لاءِ مؤمن عورتن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اهي جڏهن به ٻاهر وڃن ته پنهنجي لاءِ پردي جو انتظام ڪري وڃن. باقي انهن منافقن جي لاءِ به جلد ئي ڪو بِلو ڪيو ويندو. اهو هيءُ ته اهي جتي به ڏٺا ويندا اتي قتل ڪيا ويندا.
سورت الاحزاب رڪوع نمبر9:
الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ ئي عظيم ڀلائي آهي. مؤمن خدائي امانت جا پاسدار ٿيندا آهن. منافق ۽ مشرڪ تمام ئي جلد سخت عذاب ۾ گرفتار ڪيا ويندا ۽ مؤمنن جي غلطين کي الله تعالى معاف ڪري ڇڏيندو، جو هو غفور ۽ رحيم آهي. (يعني ڪجھه قومن جي خدائن وانگر مجبور نه آهي) هو جنهن کي گھرندو ته بخشي به ڇڏيندو.
موته وارو سريو (جمادي الاول سنه 8 ه آگسٽ 629ع)
موته دمشق جي ويجھو بلقاء وٽ آهي. اتي شرجيل غساني پاڻ ڪريمﷺ جي قاصد کي قتل ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري کيس سيکت ڏيڻ جي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺجن ٽي هزار مجاهدن جو لشڪر حضرت زيد بن حارثه جي مهنداريءَ هيٺ روانو ڪيو. ان کي نائب آفيسر حضرت جعفر ۽ حضرت عبد الله بن رواحه ڪري ڏنا ويا. هنن ٽنهي جي شهادت کانپوءِ مسلمانن کي انهيءَ ڳالهه جو اختيار ڏنو ويو هو ته هو جنهن کي به گھرن پنهنجو مهندار مقرر ڪن. لشڪر کي الوداع ڪرڻ جي لاءِ رسول الله ﷺ جن پنهنجي سر پاڻ ثنيه الوداع تائين گڏجي هليا ۽ زيدؒ کي اڇي رنگ جو جھنڊو عنايت فرمايائون ۽ فرمايائون ته وڃ ۽ انهن ماڻهن کي الله تعالى جي فرمانبرداريءَ لاءِ سڏ.
شرجيل بهراء، وائل، لخم ۽ جذام وغيره قبيلن مان هڪ لک ماڻهو گڏ ڪري ورتا هئا. جڏهن ته شهنشاهه هرقل مواب واري علائقي ۾ موجود هو. مقابلو تمام ئي سخت هو. ٽئي مهندار شهيد ٿي ويا ته خالد بن وليد کي مجاهدن جو مهندار مقرر ڪيو ويو. پاڻ وڏي سورهيائي سان وڙهيا. ان پوءِ پوءِ پنهنجي فوج کي وڏي حڪمت عمليءَ سان دشمن جي گھيري مان ڪڍي آيا. اهو حضرت خالد بن وليد جو وڏو ڪارنامو آهي.
واپسي تي مديني وارن ان جو شاندار استقبال ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي جنگي تدبير جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ حضرت جعفر جي يتيم نياڻي کي پنهنجي هنج ورتو ۽ پنهنجي ڀاءُ زيد کي ياد ڪندي ڏاڍا ڏکارا ٿي پيا.
ان کان پوءِ ڪجھه ٻيون مهمون به روانو ڪيون ويون. انهن مان هڪ موقعي تي بطن اخم واري علائقي ۾ ابو قتاده رضه هڪ شخص کي قتل ڪري ان جو مال پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو، جڏهن ته هن اسلامي طريقي تي اسلام عليڪم به چيو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن اهو ٻڌي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪو ماڻهو اسلام جي طريقي تي سلام ڪري ۽ چوي ته مان مسلمان آهيان ته ان کي مسلمان ئي سمجھو. انهيءَ تي قرآن پاڪ ۾ هيءُ حڪم ٿيو:
سورت النساء رڪوع نمبر 13:
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا ضَرَبْتُمْ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ فَتَبَيَّنُوْا وَلَا تَقُوْلُوْا لِمَنْ اَلْقٰٓي اِلَيْكُمُ السَّلٰمَ لَسْتَ مُؤْمِنًا۰ۚ (جيڪو سلامتي گھري، تنهن سان نه وڙهو)
مڪي ۾ پر امن طريقي سان داخل ٿيڻ
(سنه 8 ه جنوري 630ع)
بيعت رضوان ۽ صلح حديبيه جي ٻاويهن مهينن کان پوءِ مديني ۾ اها خبر پهتي ته مديني وارن جي حليف قبيلي بنو خزاعه وارن تي قريشن بنو بڪر وارن سان ملي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن. پاڻ ڪريم ﷺ جن اها ڳالهه ٻڌندي ئي قريشن ڏانهن نياپو ڪيو ته ٽن شرطن مان ڪوبه هڪ شرط مڃيو:
(1) مقتولن جو خون بها ڏيو.
(2) بنو بڪر وارن جي حمايت کان الڳ ٿي وڃو ته خزاعه وارا پنهنجو پاڻ ئي هنن سان ٻه ٻه پاڻي ڪن.
(3) اهو اعلان ڪريو ته حديبيه وارو معاهدو ٽوڙيو ٿا.
قريشن آخري شرط مڃي ورتو ۽ اعلان ڪيو ته هاڻي وري مڪي ۽ مديني وارن ۾ جنگي حالت قائم ٿي وئي آهي.
مڪي وارا انهيءَ فيصلي تي جلد ئي پيشمان ٿيا ۽ ابو سفيان، جيڪو ان وقت مڪي جو سردار هو، پنهنجي سر پاڻ مديني ۾ اهو پيغام آيو ته حديبيه واري معاهدي کي ٻيهر قائم ڪريون پر انهيءَ معاهدي جي تجديد نه ٿي سگھي. پاڻ ڪريم ﷺ جن ڳجھي نموني مڪي تي حملي جي تياري شروع ڪري ڏني. شروع ۾ ته اهو ممڪن هو ته فوج جنهن به طرف ڏانهن موڪلي وڃي انهيءَ طرف کي راز ۾ رکيو وڃي، پر هاڻي راز ظاهر ٿي پيو هو. جيتوڻيڪ هاڻي به رازداريءَ جو حڪم هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو حضرت حاطب بن ابي بلتعه رضه قريشن کي هڪ خط لکيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي تي حملو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي حليف بنو خزاعه وارن جي مقتولن جو سخت بدلو وٺندا. سندن خيال هو ته ائين ڪرڻ سان سندس گھر وارا، جيڪي اڃا تائين مڪي ۾ ٽڪيل هئا، محفوظ رهندا، پر خط پڪڙجي پيو. پاڻ ڪريمﷺ جن انهيءَ ڳالهه کي کِلي ڪري ٽاري ڇڏيو ۽ فرمايو ته هي بدري آهي ۽ هن جا سمورا گناهه معاف ٿي چڪا آهن. ان کان پوءِ سورت الممتحنه نازل ٿي.
سورت الممتحنه رڪوع نمبر 1:
دشمنن خلاف پنهنجن منصوبن کي ڳجھو رکو. الله تعالى جي واٽ ۾ پنهنجي گھر وارن جو خيال نه ڪريو، بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح حضرت ابراهيم ؑ پنهنجي گھروارن جو خيال نه رکيو هو. ڪافرن کان پنهنجن منصوبن کي ڳجهو رکو.
سورت الممتحنه، رڪوع نمبر 2:
جيڪي ماڻهو توهان سان نٿا وڙهن تن سان ڀلائي ۽ انصاف ڪريو، پر جن توهان کي جلاوطن ڪيو هو تن سان دوستي گناهه آهي. (ان کان پوءِ مؤمن عورتن جي بيعت جو ذڪر آهي)
پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن مختلف قبيلن سان گڏجي، جن سان مسلمانن جو معاهدو ٿيل هو، سنه 8 هه ۾ مڪي ڏانهن ڏهه هزار جو لشڪر وٺي روانو ٿيا. هاڻي وري مهاجرن جو نعرو ”يا بني عبدالرحمان“مقرر ٿيو. سمورو لشڪر مڪي جي ويجھو مر الظهران وٽ ترسيو. اتي ابوسفيان اچي ڪري اسلامي لشڪر جي تعداد کي ڏٺو ۽ ايترو ته هيسجي ويو جو حضرت عباس ؒ سان گڏجي پاڻ ڪريم ﷺ وٽ اچي آڻ مڃيائين ته ”رحمان“کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي، جيڪڏهن ٻيو ڪو معبود هجي ها ته اڄ ضرور اچي اسان جي مدد ڪري ها. بي دليائي سان رسول الله ﷺ جي رسالت جو اقراري ٿيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي هن دشمن جي دل وٺڻ لاءِ اعلان فرمايو ته جيڪو ماڻهو ابوسفيان جي گھر ۾ پناهه وٺندو تنهن کي معاف ڪيو ويندو.
مڪي اندر پر امن طرح سان داخل ٿيڻ:
20 رمضان المبارڪ، سنه 8 هه، پرهه ڦٽيءَ مهل پاڻ ﷺ جن پنهنجي ڏاچي قصوى تي سوار ٿيا. پاڻ ﷺ سان گڏ زيد بن حارثه جو پٽ اسامه به سوار هو. جتي مڪي وارن کي مهاجر مسلمان ”رحمان“جي ياد ڏياري رهيا هئا، اتي پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي وارن کي اهو به ياد ڏياري رهيا آهن ته غلامن ۽ يتيمن کان وڌيڪ سندن نظر ۾ ٻيو ڪوبه انسان نه آهي. (زيد غلام هو ۽ ان جو پٽ اسامه يتيم هو)
مڪي پهچي پاڻ حجون جي جبل تي ترسيا. اتي سمورو مڪو چٽيءَ طرح سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ پاڻ ﷺ جي سامهون هو. گذريل ڏهن سالن جا واقعا پاڻ ڪريم ﷺ جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ پاڻ تمام ئي عاجزاڻي طريقي سان پنهنجي ڏاچيءَ تي ويٺي ويٺي ئي شڪر جو سجدو ڪري ورتائون. پاڻ عام اعلان ڪيائون ته مڪي ۾ پرامن طريقي سان داخل ٿيندا ۽ اهو به اعلان ڪيائون ته ڪعبة، حڪيم بن حزام ۽ ابوسفيان جو گھر دارالامان سمجهيو ويندو. اهو به فرمايو ته انهن جائن کان سواءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي گھر جو دروازو بند رکندو تنهن تي پڻ حملو نه ڪيو ويندو، جيڪو هٿيار ڦٽا ڪندو سو پڻ محفوظ رهندو. ان جي باوجود به بنو ڪنانه وارن خالد بن وليد واري جٿي تي حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ انهن تي حملو ڪيو ويو ۽ انهن جا ڪي ماڻهو مارجي ويا. پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌي ڪري فرمايو ته الله تعالى جي اها ئي مرضي هئي ۽ وڌيڪ تاڪيد ڪئي ته تلوار نه ڪڍي وڃي. پاڻ اعلان ڪيائون ته يوسف ؑ جيئن پنهنجي ڀائرن کي معاف ڪيو هو، اڄ مان به پنهنجي دشمنن کي معاف ڪريان ٿو.
لَا تَثْرِيْبَ عَلَيْكُمُ الْيَوْمَ۰ۭ يَغْفِرُ اللہُ لَكُمْ۰ۡوَہُوَاَرْحَمُ الرّٰحِمِيْنَ
پاڻ سورت الفتح جي تلاوت ڪندي بيت الله وٽ آيا ۽ وڏي آواز سان فرمايو ته:
جَاۗءَ الْحَقُّ وَزَہَقَ الْبَاطِلُ۰ۭ اِنَّ الْبَاطِلَ كَانَ زَہُوْقًا﴿الاسراء: 81﴾
عثمان بن ابي طلحه ڪعبي جي ڪنجي آڻي ڏني. بلال ۽ طلحه سان گڏ پاڻ اندر داخل ٿيا. مختلف بتن کان ڪعبة الله کي پاڪ ڪيو ۽ الله تعالى جي وڏائيءَ جو اعلان ڪيو. هبل کي ڇت کان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو ۽ بلال ڇت تي چڙهي الله تعالى جي مقابلي ۾ ايندڙ سمورن باطل اِلاهن، سمورن انسانن ۽ سموري ڪائنات کان سندس وڏائيءَ جو اعلان ڪيو ۽ محمد بن عبدالله جي پيغمبر هئڻ جو وڏي سڏ اعلان ڪيو.
اسلام (خدائي فرمانبرداريءَ) تي بيعت:
رسول الله ﷺ جن بيت الله جي طواف ۽ تطهير کان پوءِ صفا جبل تي ويهي رهيا ۽ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيڻ گھرن پيا تن کان هيٺين ڳالهين جو واعدو وٺن پيا:
(1) الرحمان ئي الله آهي، ان جو ڪوبه ڀائيوار نه آهي.
(2) محمد الله تعالى جا پيغمبر آهن.
انهيءَ ڪري اسان سمورن شيطاني ڳالهين کان توبه ڪريون ٿا. خود غرضي، بدلو وٺڻ ۽ پنهنجي بڻ بڻياد تي فخر ڪرڻ واري روش اختيار ڪندي ڪنهن کي حر ۽ ڪنهن کي عبد (يعني ابن ڏاڏن جي تعظيم ڪندي انساني برابريءَ کي مٽائڻ) ۽ جهالت واري هٺ کان مڙي وينداسين.
(3) چوري، قتل، نياڻين کي مارڻ ۽ تهمت لڳائڻ ڇڏي ڏينداسين.
(4) حق واري ڳالهه ۾ رسول الله ﷺ جي فرمانبرداري ڪنداسين. (اهو شرط انهيءَ ڪري تمام ئي اهم آهي جو ماڻهن جي ضمير کي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي ته جيئن اهي جن ڳالهين کي مٿين اصولن جي روشنيءَ ۾ چڱو سمجھن تن تي عمل ڪن ۽ جن ڳالهين کي شيطاني سمجھن تن کي ڇڏي ڏين).
(5) عورتن کان شرڪ، چوري، زنا، تهمت، قتل کان مڙي وڃڻ کانسواءِ اهو به واعدو ورتو ويو ته اسان جاهليت واري رسم موجب غم جي وقت پنهنجا وار نه کولينديون سين ۽ نه سينو ڪٽينديون سين ۽ نه ئي قبرن تي وڃي ماتم ڪنديون سين.
سورت الممتحنه رڪوع نمبر 3:
هن رڪوع ۾ مؤمن عورتن جي بيعت جو ذڪر آهي.
هن کان پوءِ پاڻ ستن واجب القتل ڏوهارين جي معافيءَ جو اعلان ڪيائون ۽ خاص طرح سان صفوان بن اميه بن خلف کي پنهنجو پٽڪو مبارڪ نشاني طور موڪلي معاف ڪيائون. معافي کان پوءِ به هو پنهنجي ڪفر تي قائم رهيو. پر غزوه حنين کان پوءِ جڏهن ان کي گھڻو مال انعام طور ڏنو ويو ته هو قائل ٿي ويو ته الله جي رسول کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو ايتري سخاوت نٿو ڪري سگھي. تنهن ڪري آخرڪار هن الله (ٻاجهاري) ۽ رسول الله ﷺ تي ايمان آندو.
نبوي تقرير ۽ ان جي ادبي اهميت:
تقرير جي ذريعي هميشه انساني جذبن جي لهرن ۾ طوفان پيدا ڪيو ويو آهي. ڪرشن جي نالي تي دياس جيڪو خدائي نغمو (ڀڳوت گيتا) لکيو هو ۽ توريت ۾ جيڪي حڪم بيان ڪيا ويا ۽ زبور ۾ جيڪي ترانا ٺاهيا ويا آهن، مگاسٿي (ارسطو جي شاگرد) عيسى ؑ کان ٽي سئو سال پهريان جيڪي موتي پوئيا هئا، سي سڀ حقيقت ۾ تقريري ادب جي تخليقي فنڪاري جو بهترين نمونو آهن. پر جڏهن اسان پاڻ ڪريم ﷺ جي انهيءَ فتح واري تقرير (خطبي) تي نظر وجھون ٿا ته جيڪو هڪ نبي، هڪ فاتح، هڪ مصلح ۽ هڪ محسن جي حيثيت سان پاڻ ﷺ جن حضرت عيسى ؑ کان 628 سال پوءِ ڏنو هو سو پنهنجو مٽ پاڻ نظر اچي ٿو. اها تقرير انهيءَ تعليم جو تت آهي جنهن جي لاءِ پاڻ ﷺ جن تيرنهن سال مڪي ۾ ۽ ست سال مديني ۾ پاڻ پتوڙيو هو. اها عظيم تقرير ڪجھه هن طرح آهي:
• لا اله الا الله وحده لا شريک له
”الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود ٻانهپ جي لائق نه آهي. هو اڪيلو آهي ۽ انهيءَ جو ڪوبه ڀائيوار نه آهي“.
• صدق وعده و نصر عبده و حزم الاحزاب وحده.
”هن پنهنجو واعدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي ٻانهي محمد جي مدد ڪئي ۽ ان ئي مشرڪن جي فوجن کي اڪيلو ئي شڪست ڏني“.
• لا ماثرة اودم او مال يدعي فهو تحت قدمي هاتين الاسد انه البيت و سقاية الحاج.
”ٻڌي وٺو، جاهليت جون سموريون رسمون، قصاص ۽ خون بها جون دعوائون منهنجي ٻنهي پيرن هيٺان آهن. باقي ڪعبة الله جي مجاوري ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ وارو عهدو (سقايه) باقي رهندو“.
• الا و قتيل الخطا شبه العمد بالسوط والعصاء ففيه الدية المخلظة في بطونها اولادها.
”ٻڌي ڇڏيو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي چهبڪ سان يا لٺ سان ماري، جڏهن ته ان کي اڦٽ مارڻ جو ارادو نه رکندو هجي، پر هو مري پوي ته به پوري خون بها يعني هڪ سئو اٺ کيس ڏيڻا پوندا. انهن مان چاليهه ڏاچيون ڍڪيون هونديون.“
• يا معشر القريش! ان الله قد اذهب عنکم نخوة الجاهلية و تعظمها بالآباء الناس کلهم من آدم و آدم من تراب.
”اي قريش قوم وارؤ! الله تعالى توهان مان جاهليت واري زماني جي وڏائي ختم ڪري ڇڏي آهي. هاڻي توهان کي پنهنجي بڻ بڻياد تي وڏائي نه ڪرڻ گھرجي. سمورا انسان آدم جو اولاد آهن ۽ آدم کي گاري جهڙي ڪِني ٿيل مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو جيڪو تمام ئي هيٺاهون عنصر سمجھيو ويندو آهي. (مقصد اهو آهي ته سمورا انسان پاڻ ۾ برابر آهن)“
• يا ايها الناس! ان اکرمکم عندالله اتقاکم
”اي انسانو! ياد رکو ته الله تعالى وٽ سڀ کان وڌيڪ عزت ڀريو اهو ئي آهي جيڪو بيحيائي ۽ بڇڙائيءَ وارن ڪمن کان پاڻ کي بچائي ٿو ۽ نيڪيءَ وارا ڪم ڪري ٿو“.
• ان الله قد حرم مکه يوم خلق السماوات والارض فهي حرام الي يوم القيامه فليبلغ شاهد کم غائبا کم ولا يحل لنا من غنائمها من شي.
”مڪي کي الله تعالى انهيءَ وقت کان احترام وارو بڻايو آهي جڏهن کان هيءَ ڪائنات پيدا ڪئي هئي. هيءَ قيامت تائين ائين ئي احترام جوڳو رهندو. انهيءَ ڳالهه جي خبر انهن ماڻهن تائين پهچايو جيڪي هتي موجود نه آهن. هن شهر جي ڪنهن به شيءِ کي ڦرڻ اسان جي لاءِ جائز نه آهي“.
• مثلي و مثلکم کما قال يوسف لا خوته: لا تثريب عليکم اليوم اذهبوا فانتم الطلقاء يغفر الله لکم وهو ارحم الراحمين.
”منهنجو ۽ توهان جو مثال ائين آهي جيئن يوسف ۽ ان جي ڀائرن جو هو. اڄ توهان تي ڪنهن به قسم جي ميار نه آهي، وڃو توهان بلڪل آزاد آهيو. الله تعالى توهان کي معاف ڪري، هو تمام ئي وڏو رحمت ڪندڙ آهي.“
تقرير کان پوءِ پاڻ ڪعبة الله جي چاٻي حضرت عثمان به ابي طلحه کي ڏنائون. سقايه يعني حاجين کي پاڻي پيارڻ جو عهدو حضرت عباس وٽ ئي رهڻ ڏنو ۽ باقي ادارا ختم ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن جي شڪل ۾ ڪعبة الله جا مذهبي ٺيڪيدار حاجين کي ڦريندا هئا. ڪو جوتشي هو ۽ نساءت شهور يعني قمري سال جي مهينن کي شمسي بڻائيندا هئا. ڪو ڳجھه جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو ته ڪو وري ڀوپو هو. ڪو ڪرائي ته ڪعبة الله جو طواف ڪرڻ لاءِ ڪپڙا پيو ڏيندو هو، ٻي صورت ۾ اگھاڙو ٿي ڪعبي جو طواف ڪرڻو پوندو هو. ڪو مختلف بتن جي نالن تي قرباني پيو ڪرائيندو هو. مطلب ته پوڄارين جون جاري ڪيل جيتريون هٿ ٺوڪيون رسمون هيون تن سڀني کي ختم ڪيو ويو ۽ هر ماڻهوءَ کي سڌو سنئون، يعني پوڄاري يا مذهبي ٺيڪيدار جي واسطي کانسواءِ ئي الله تعالى جي عبادت جو حق حاصل ٿي ويو هو. هندستان ۾ انهيءَ واقعي جي ساڍن تيرهن سالن کان پوءِ اڇوتن کي عبادت گاهن ۾ وڃي عبادت ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي، پر اڃا به هر ماڻهوءَ کي برهمڻ بڻجڻ جو حق نه مليو آهي. ايتري تائين هاڻي به اڇوت عبادت گاهن ۾ نٿا وڃي سگھن، ڇو جو برهمڻ ۽ انهن جي مٿين ذاتين وارا چيلا انهن تي تشدد ڪرڻ کان نٿا مڙن.
اهو ئي حال عيسائي پادرين ۽ مجوسي دستورن جو آهي. انهن کانسواءِ ٻيا ماڻهو سڌوسنئون خدا تائين نٿا پهچي سگھن. اهو اسلام جو ئي اثر آهي جو عبادت جي آزادي ۽ بنا ڪنهن وچ واري شفاعت ڪندڙ جي، الله تعالى تائين پنهنجي پڪار (دعا) پهچائڻ جو تصور ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پروٽسٽنٽ ۽ هريجن تحريڪن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. پر هاڻي انهن اصلاحي تحريڪن جو ظهور بي معنى آهي. ڇو جو ڪميونسٽ تصور، انهن بي عمل ۽ بي ڪردار مذهبي رهنمائن ۽ انهن جي ٺيڪيداريءَ به انهن جي خلاف ايتري ته نفرت پکيڙي ڇڏي آهي جو ماڻهو هاڻي مذهب کي ئي وهم پرستي ۽ اجايا خيال سمجھڻ لڳا آهن.
مدني دؤر جو مڪي قرآن
قرآن ڪريم جا ڪيترائي جزا اهڙا آهن جو جيتوڻيڪ مڪي آهن، پر هجرت کان پوءِ نازل ٿيا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي شروع وارن ترتيب ڏنل نسخن ۾ مدني شمار ڪيو ويندو آهي. مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ رسول الله ﷺ جن تي جيڪو قرآن نازل ٿيو سو ڪن پراڻن بحثن کي ٻيهر جياري ٿو ۽ انهن جا جواب ڏئي ٿو، ايتري تائين جو انهيءَ مدني قرآن جو بياني انداز ۽ تقريري انداز به مڪي وارو آهي.
مڪو ڇڏڻ کان پهريان قريش ور ور ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن کان آيتون (نشان، ثبوت يا معجزا) گھرندا هئا. مطلب ته اهي چوندا هئا ته انهيءَ ڳالهه جو ڪهڙو ثبوت آهي ته الله تعالى موجود آهي جيڪو تو وٽ پيغامن کي موڪلي ٿو ۽ توهان ان جا رسول آهيو؟ يعني اهي ٻن شين جو هر وقت ثبوت گھرندا هئا. هڪ ته الله تعالى جي وجود جو، ۽ ٻيو اهو ته هن کين رسول يا پيغمبر بڻايو آهي. مديني ۾ نازل ٿيڻ وارو اهو قرآن انهيءَ پراڻي سوال جو جواب ڏئي ٿو ۽ انهيءَ جي ڳالهه ٻولهه جو رخ به قريشن ڏانهن آهي.
سورت البقره رڪوع نمبر 20:
هيءُ رڪوع الله تعالى جي وجود جي ثبوت ۾ آهي. آسمان ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ڏينهن ۽ رات کي ڪير ٿو ڦيرائي؟ سمنڊ جي اندر ٻيڙيون ڪهڙي قانون هيٺ ترن ٿيون؟ پاڻي ڪير وسائي ٿو؟ هوائون ڪهڙي قانون ۽ حڪم هيٺ هلن ٿيون؟ جيڪڏهن توهان عقل ۽ سمجھه رکندڙ آهيو ته اهي سموريون حقيقتون الله تعالى جي موجودگيءَ جو دليل آهن. ٻيو ڪوبه نه ته ڪائنات جو خلقيندڙ آهي ۽ ئي ڪو ڪائنات جو حاڪم آهي. سندس قانون جي خلاف هڪ ذرو به نٿو چري سگهي. تنهن ڪري هر مخلوق پنهنجو پاڻ ئي الله تعالى جي وجود جو دليل پيش ڪري ٿي.
سورت البقره رڪوع نمبر 1:
بيشڪ قرآن هدايت آهي. اهوئي الف لام ميم جن مان ڪلما ٺهن ٿا ۽ جن سان چٽيءَ طرح سمجھه ۾ اچڻ وارو هي قانون (ڪتاب) ٺهي ٿو؛ انهيءَ ۾ بيشڪ هدايت ڀريل آهي. (يعني اهو جادو يا ڳجھ جو علم نه آهي جو ٻٽي معني رکندو هجي يا توهان کي ڳجھو رکيو وڃي يا انهيءَ جي ذريعي مذهبي پيشوا ۽ ٺيڪيدار ۽ شاعر دولت ڪمائي سگھن).
جيڪي ماڻهو الله تعالى کان ڊڄن ٿا (۽ ان کانسواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نٿا ڪن) تن کي ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي ڳجھه يعني الله تعالى کي مڃين ٿا، جيڪي پنهنجي فرضن يعني نماز جا پابند آهن ۽ پنهنجو مال غريبن ۽ مجاهدن تي خرچ ڪن ٿا، تن کي هن ڪتاب (قانون علم) مان هدايت حاصل ٿي آهي ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻيندڙ آهن.
الله تعالى کي مڃڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو پراڻن ڪتاب ( آڳاٽن خدائي ڪتابن) کي به موجوده تعليم (يعني قرآن) سان گڏ گڏ مڃين ٿا. اهو به مڃين ٿا ته چڱن ۽ بڇڙن عملن جي قيامت جي ڏينهن جزا يا سزا ملندي. اهي ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي ڏسيل واٽ تي آهن ۽ انهن لاءِ ئي ڀلائي آهي.
سورت البقره رڪوع نمبر3:
رڳو قرآن ئي معجزو نه آهي، پر سمورا خدائي ڪتاب معجزو آهن.
مڪي ۾ مشرڪن اهو بحث شروع ڪري ڏنو هو ته ڪابه تعليم الله تعالى وٽان نٿي اچي. ڳجھه جو علم شيطانن جي وسيلي شاعرن ۽ ڀوپن کي حاصل ٿيندو آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن ور ور ڪري قرآن جي ذريعي ٻڌايو ته ۽ اهو ئي جواب ڏنو ته ڳجھه جو علم الله تعالى پنهنجي ملائڪن جي وسيلي جنهن به ٻانهي کي گھري ڏئي سگھي ٿو. يعني بحث اهو نه هو ته قرآن معجزو آهي، پر بحث انهيءَ ڳالهه تي هو ته سموري وحي الله تعالى جي طرف کان هوندي آهي، پوءِ ڀلي اها انزل عليڪ (قرآن جو نازل ڪرڻ) هجي يا انزل من قبلڪ (توريت، زبور، انجيل وغيره) يعني بحث قرآني معجزي جو نه پر سمورن ڪتابن جو الله تعالى جي طرف کان نازل ڪرڻ بابت آهي. ظاهر آهي ته عرب جي مشرڪن وٽ جيڪو ڪلام هو، تنهن کي هو پاڻ به شيطاني چوندا هئا، سي ڪٿان خدائي ڪلام آڻين ها؟ پر جيڪڏهن آڻين به ها ته انهن کي مڃڻو پوي ها ته الله آهي ۽ هو پنهنجي رسولن تي وحي موڪلي ٿو. تنهن ڪري مڪي ۾ اچي رسول الله ﷺ قرآني وحيءَ بنسبت بحث کي ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ اڄ تائين رڳو ڪجھه علم وارا انهيءَ غلطيءَ ۾ ڦاٿل آهن ته اهو بحث رڳو قرآني معجزي بنسبت آهي، جڏهن ته بقره جو پهريون رڪوع چٽائيءَ سان چئي رهيو آهي ته الله تعالى جي طرف کان جيترا به ڪتاب نازل ٿيا آهن، تن سڀني کي سچو مڃڻ گھرجي. جيستائين انهن جو الله تعالى جي طرف کان هئڻ جو سوال آهي، اهي سمورا معجز آهن يعني الله جا انڪاري نه آهن، هر گز الله جي طرف نٿا مڃي سگھن ۽ نه اهو چئي سگھن ٿا ته الله تعالى رسولن کي موڪلي ٿو. جيڪڏهن اهي ائين چوندا ته اهي مسلمان ٿي ويندا آهن. “۽ اي ماڻهؤ! جيڪڏهن توهان کي انهيءَ ۾ جيڪو الله تعالى پنهنجي ٻانهي محمد تي نازل ڪيو آهي، شڪ ۾ آهي ته پوءِ توهان ئي اهڙي قسم جي (توحيد ۽ سڌاري واري) تعليم وارا ڪي جملا (هڪڙي ئي سورت) ٺاهي آڻيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجن شاهدن کي به وٺي اچو (جيڪي اهو چون ته اها تعليم جيڪا توهان ٺاهي آيا آهيو شيطان نه ٺاهي ڏني آهي پر اها خدا پرستيءَ واري تعليم آهي) ته مان توهان کي سچو مڃيندس. پر مان ڄاڻان ٿو ته توهان ايئن نه ڪري سگھندؤ ۽ نه ئي ائين ڪرڻ جي توهان ۾ سگھه آهي. انهيءَ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو نتيجو نڪرندو ته توهان انڪار ۽ بي دينيءَ جي ڪري جهنم جي تري ۾ اڇلايا ويندؤ.
”۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ سان گڏ نيڪ عمل به ڪن ته انهن کي بهشت جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي.“
”الله سان جيڪو توهان جو نيڪ عملي ۽ خداپرستيءَ جو معاهدو آهي (حضرت ابراهيم ؑ جي زماني کان وٺي لڳاتار ٿيندو آيو آهي)، تنهن کي نه ٽوڙيو. دنيا ۾ فساد نه پکيڙيو. ڇو جو اهي شيطاني ڪم آهن. اهڙا ماڻهو نقصان ۾ رهندا. ياد رکو ته الله تعالى ئي خالق ۽ عليم آهي.“
مڪي تعليم جي مڪي ۾ پڄاڻي:
مطلب ته روحانيت (الله تعالى تي ايمان) ۽ نيڪ عملي جي جيڪا تعليم مڪي ۾ شروع ڪئي وئي هئي، فتح مڪي کان پوءِ مڪي ۾ ئي انهيءَ جي پڄاڻي ٿي ۽ ماڻهن کي اها خبر پئجي وئي ته رحماني ۽ شيطاني تعليم ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ الله تعاليٰ ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي جو اعتقاد ۽ نيڪ عملي پرامن زندگي (اسلام) جي لاءِ ضروري آهي.
هن رڪوع ۾ چٽيءَ طرح سان ٻڌايو ويو آهي ته رحماني تعليم ماڻهن کي خوف ۽ ڏڪر (جنگ ۽ فساد ۽ بک ۽ بدحالي) کان بچائي ٿي. فساد في الارض کان روڪي ٿي ۽ نيڪ عمليءَ جي هدايت ڪري ٿي. (يعني الله جي موڪليل ڪلام ۽ شيطاني وسوسي جي وچ ۾ اها ئي ڪسوٽي آهي).
شيطاني وسوسا جيڪي ڀوپن ۽ شاعرن جي وسيلي توهان حاصل ڪرڻ جي دعوى ڪريو ٿا، سي ڪوڙين اڳڪٿين، ڪوڙي واکاڻ ۽ ٺڳيءَ سان دولت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ توهان جا شاعر قتل ۽ غارتگري جي تعليم ڏين ٿا. اهي ظلم ۽ زيادتين، جنگ ۽ زمين تي فساد جو ماحول پيدا ڪن ٿا. توهان جا ڀوپا اهڙيون تاريخون ۽ سوڻ ٻڌائن ٿا جن تي عمل ڪري توهان مظلومن کي قتل ڪري سگھو ۽ انهن يتيم ٻارن ۽ عورتن کي غلام ۽ ٻانها بڻائي سگھو. (الشعراء يتبعهم الغاون). انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن کي جڏهن ڪافرن للڪاريو ته توهان شعر پڙهو ته پاڻ صاف انڪار ڪري ڇڏيائون ته الله تعالى مون کي اهڙي قسم جو شيطاني ڪلام نه سيکاريو آهي.(وما علمناه الشعر)
آخري للڪار يا جنگ:
ڇا مٿين ڳالهين ۾ ڪا هڪ ڳالهه به قرآن ڪريم يا ٻئي ڪنهن آسماني ڪتاب ۾ ملي ٿي؟ ظاهر آهي ته ڪنهن خدائي تعليم ۾ ڪابه شيطاني تعليم نٿي ملي سگھي. تنهن ڪري جيڪڏهن انهن ۾ اجايون ڳالهيون نه آهن ته پوءِ توهان پاڻ ئي خدائي ڪتابن ۽ قرآن وانگر ڪا سورت ٺاهي آڻي ڏيکاريو. اها ئي ڳالهه هڪ ٻي جاءِ تي هن طرح بيان ڪئي وئي آهي:
قُلْ فَاْتُوْا بِكِتٰبٍ مِّنْ عِنْدِ اللہِ ہُوَ اَہْدٰى مِنْہُمَآ اَتَّبِعْہُ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ۴۹ ﴿القصص: 49﴾
يعني توريت ۽ قرآن کان وڌيڪ بهتر تعليم ڏيندڙ ٻيو ڪو ڪتاب کڻي اچو ته مان انهيءَ جي پيروي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. هتي به اهو ئي چيو ويو آهي ته فيصلو به ڀلي توهان جا ئي ماڻهو ڪن ته جيڪڏهن توهان جي لکڻي الله تعالى وٽان نازل ڪيل ڪتاب جهڙي آهي ته پوءِ مان توهان کي مڃي وٺندس ته توهان سچا مسلمان ٿي ويندؤ. الله ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻي نيڪ عمل ڪرڻ کي ايمان جو جزو بڻائيندؤ. انهيءَ ڪري ئي ڪافر اهڙو ڪلام چوڻ تي وس وارا نه هئا. ”وَلوْ نَشَاۗءُ لَقُلْنَا مِثْلَ ہٰذَآ۰ۙ “. اها انهن جي رڳو زباني دعوى هئي، پر ضد جي ڪري رسول الله ﷺ کي چوندا هئا ته تون شاعرن واريون اجايون ڳالهيون ٿو ڪرين.
مشرڪ عجيب قسم جي اڻ تڻ ۾ هئا. جيڪڏهن اهي خدائي ڪتابن وانگر ڪي خيال گھڙين ٿا ته اهي مسلمان ٿي وڃن ٿا، پر جي نٿا گھڙين ته هارجي وڃن ٿا. اهي وڌ کان وڌ اهو چئي پئي سگھيا ته توهان ڪو شعر ٺاهي کڻي اچو، جنهن جو جواب اڳي ئي رسول الله ﷺ جن ڏئي چڪا هئا. شعر جي اندر اجايون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي منهنجي لاءِ مناسب نه آهن. الله تعالى مون کي اهڙي قسم جي شاعري ناهي سيکاري.
بهرحال اهي ڪا هڪ عبارت به نه ٺاهي سگھيا ۽ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته قرآن، انجيل، توريت وغيره، سمورا آسماني ڪتاب ۽ انهن کي عاجز ڪرڻ وارا آهن. جاهليت وارا ڪلام يعني شعر، سجع ۽ فال ڪڍڻ جو گھڻو حصو شيطانيت واري واٽ ڏيکاري ٿو. يعني يا ته انهيءَ ۾ نسيب آهي، يا قصيدو مرثيو آهي يا شعر حماسه آهي جيڪي سموري جا سمورا زمين تي فساد، قتل، ظلم، سرڪشي ۽ ڪوڙين ڳجهه جي ڄاڻ جي دعوائن تي آڌاريل آهن. انهيءَ ڪري ئي رسول اللهﷺ جن فرمايو، ”شعر چوڻ منهنجي عزت ۽ شان جي بلڪل ئي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي سڃاڻ اها آهي ته اهي جيڪو ڪجهه چوندا آهن سو ڪندا نه آهن.“ انهن جون گھڻيون ڳالهيون بي تڪيون هونديون آهن. انهيءَ زماني ۾ سورت نصر نازل ٿي جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهن گھڻي تعداد ۾ اسلام قبولڻ شروع ڪري ڏنو هو.
سورت النصر:
اي رسول! الله تعالى جو شڪر ڪر جو الله تعالى جي مدد سان ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي اسلام ۾ داخل ٿي رهيا آهن. يعني اهي الله تعالى کي مڃيندي نيڪ عملي جو واعدو ڪري رهيا آهن ۽ اهو سمجھي ويا آهن ته بد عملي جو نتيجو هتي نه ته هتي بڇڙو ٿيندو.
ڪعبة الله جو خزانو ۽ ان ۾ جيڪو مال هو سو جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو. بت ٽوڙيا ويا، اتي حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل ۽ حضرت عيسى عليهم السلام جون تصويرون به هيون جيڪو اڌ ڊٺل حالت ۾ وڏي عرصي کان ڪعبي ۾ رکيل هيون. مختلف قبيلن مسلمان ٿي پنهنجي ديوين ۽ بتن کي ڊاهي ڇڏيو ۽ الله تعالى جي سڌيءَ طرح ٻانهپ شروع ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته مذهبي ٺيڪيدان جي جماعت ئي ختم ڪئي وئي هئي، جن کانسواءِ اهي ڪا به عبادت نه ڪري سگھندا هئا. اسلام جو دنيا تي اهو هڪ وڏو احسان آهي.
مشرڪن جي دلجوئي:
رسول الله ﷺ جن جو مقصد مشرڪن جي دلين کي پنهنجو ڪرڻ هو. انهيءَ ڪري مهاجرن کي پنهنجون اهي ملڪيتون جيڪي انهن هجرت واري وقت مڪي ۾ ڇڏيون هيون ۽ مشرڪن انهن جي پويان اتي قبضو ڪري ورتو هو، واپس وٺڻ کان روڪيو ويو.
مشرڪن جي دلجوئي جو هڪڙو طريقو اهو به اختيار ڪيو ويو ته مخلتف غزون ۾ جيڪو مال غنيمت ملندو هو، سو تمام ئي سخاوت سان مشرڪن ۾ ورهايو ويندو هو.
جيڪي مشرڪ پاڻ ڪريمﷺ جن سان جنگ نه ڪندا هئا، تن کي مڪمل مذهبي آزادي ڏني ويندي هئي. انهيءَ ڪري ئي اهي حنين واري جنگ ۾ ٻن هزارن جي تعداد ۾ مسلمانن سان گڏجي وڙهيا، ۽ مسلمانن کي به انهن جي ڪري ئي شروع ۾ شڪست ٿي. ان کان پوءِ بيعت رضوان وارن اصحابن بگڙي ويل حالتن کي قابو ۾ آندو. هاڻي خدائي واکاڻ جون ٻه سورتون نازل ٿيون، يعني الحديد ۽ التغابن.
سورت الحديد رڪوع نمبر1:
هن رڪوع ۾ الله تعالى جي واکاڻ جو مغز يا عرق پيش ڪيو ويو آهي. ڪائنات جو ذرو ذرو انهيءَ جي پاڪائي بيان ڪندو آهي. ان جي ئي هر جاءِ تي حڪومت آهي. اهو ئي سڀ کان پهريون آهي ۽ اهو ئي سڀ کان آخري آهي. اهو ئي ظاهر آهي ۽ اهو ئي ڳجھو آهي. اهو ئي خلقڻهار آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪجھه ڄاڻندڙ آهي. هو دلين جو حال ڄاڻندڙ آهي. اهو ئي محفل ۽ اڪيلائيءَ ۾ توهان سان گڏ هوندو آهي. الله ۽ ان جي رسول تي ايماڻ آڻيو ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو. انهيءَ ئي الله پنهنجي ٻانهي محمد ﷺ جي ذريعي توهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشني ۾ آندو، تنهن ڪري الله تعالى توهان کي جيڪو ڪجھه ڏنو آهي، تنهن مان سندس واٽ ۾ خرچ ڪريو.
سورت الحديد رڪوع نمبر2:
جيڪي خيرات ڪندا تن کي ٻيڻو نفعو ڏنو ويندو ۽ ان کانسواءِ اجر عظيم جا مستحق ٿيندا. منافق ۽ يهودي دولت گڏ ڪرڻ واري حوس جي ڪري انهيءَ نفعي حاصل ڪرڻ کان محروم رهندا.
سورت الحديد رڪوع نمبر3:
هر ڪا مصيبت الله تعالى جي طرف کان ئي هوندي آهي. تنهن ڪري جيڪو توهان کي نه ملي انهيءَ تي غم نه ڪريو ۽ جيڪو ملي وڃي انهيءَ تي آڪڙجي نه وڃو. ڪنجوسيءَ سان دولت وڌندي نه آهي ۽ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ سان گھٽبي نه آهي. نبي انهيءَ لاءِ ايندا آهن ته دنيا ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪن ۽ لوهه مان ڪم وٺن جنهن ۾ عدل قائم ڪرڻ لاءِ سختي ۽ زور موجود آهي ۽ ان کانسواءِ ٻيا به ڪي نفعا آهن.
سورت الحديد رڪوع نمبر4:
نوح ۽ ابراهيم عليهم السلام جي اولاد کي الله تعالى نبوت سان گڏ حڪومت يعني قانوني فيصلي جي سگھه پڻ ڏني هئي. انهن مان ڪي سنئين واٽ تي هليا (يعني عدل ڪيو) ۽ ڪي وري گمراهه ٿي ويا. سڀني کان آخر ۾ عيسى بن مريم خوشخبري (انجيل) ٻڌايو ته ٻاجھه ۽ محبت ڪرڻ واري کي ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو.
الله تعالى رهبانيت ۽ جوڳ جي تعليم نه ڏني آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو الله تعالى کي پنهنجي زهد ۽ تقوى سان راضي ڪرڻ گھري ته رڳو ڏيکاءَ وارو درويش نه بڻجي، پر زهد ۽ جوڳ جو پورو پورو حق ادا ڪري. عيسائين اها ڳالهه شروع ته ڪئي پر ان کي پورو نه ڪري سگھيا.
مؤمنو! آخر ۾ انهيءَ نبي (محمدﷺ) کي مڃو جيڪو الله تعالى جي طرف کان مهرباني ۽ روشني جا توهان کي ٻيڻا حصا ڏياري ٿو. (يعني سمورن نبين کي مڃيندي جيڪڏهن توهان محمد ﷺ کي به مڃيندؤ) ته الله تعالى جو خاص فضل توهان سان گڏ رهندو.
سورت الحديد جي اهميت:
ياد رکو ته هن سورت (الحديد) ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ويهن سالن واري تعليم جو تت آهي. ماڻهو هن سورت جي آيتن جي مدد سان وحدت الوجود واري نظريي کي به ثابت ڪندا آهن ته وحدت الشهود واري نظريي کي پڻ پيش ڪندا آهن. انهيءَ مان دنيا جو عملي رستو به ڳولي لهندا آهن ۽ انهيءَ ئي زهد ۽ رهبانيت جي وچولي رستي تي هلي سگھندا آهن. نه رڳو يهودي ۽ عيسائي، پر ٻيون خدا پرست قومون ۽ نور جي پوڄا ڪندڙ آريا قومون (مثال طور مجوسي ۽ براهمه) به هن سورت مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿيون. بهرحال مسلمانن کي ڏينهن رات هن جو مطالعو ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ۾ الاهيات، اخلاقيات ۽ سياست، سڀني جو خلاصو موجود آهي.
سورت التغابن رڪوع نمبر1:
سورت تغابن خدائي واکاڻ ۾ ٻي بي مثال تقرير آهي. سموري ڪائنات ۾ انهيءَ جي ئي حڪومت آهي. تنهن ڪري انهيءَ جي ئي واکاڻ ڪريو. جنهن کي به بادشاهت ملي ته اها الله تعالى ئي ڏني، تنهن ڪري ان جي واٽ ۾ خرچ ڪريو. انسان جي هدايت جي لاءِ انسان ئي ايندو آهي. مرڻ کان پوءِ واري زندگي يقيني آهي. يعني جزا ۽ سزا وارو قانون اڻ ٽر آهي ۽ اها ئي قرآن جي تعليم آهي.
سورت التغابن رڪوع نمبر2:
ڪنهن به غير الله تي ڀروسو نه ڪريو. جيڪو ڪجھه ڪري ٿو سو الله تعالى ئي ڪري ٿو. مال ۽ اولاد جي فتني کان بچو ۽ الله تعالى جي واٽ ۾ خرچ ڪريو.
غزوه حنين، هوازن ۽ ثقيف قبيلن جي مدافعت
(6 شوال سنه 8 ه مطابق جنوري 630 ع)
مڪي جي پر امن انقلاب کان پوءِ عرب جا ٻه وڏا قبيلا هوازن ۽ ثقيف مسلمانن تي حملي ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا هئا. اهي ماڻهو چئن هزارن جي فوج سان مڪي کان ٽن راتين جي وٿيءَ تي حنين واري هنڌ گڏ ٿيا. اها جاءِ نخله ۽ طائف ۽ اوطاس کان هڪ جيتري وٿيءَ تي آهي. رسول الله ﷺ جن اها ڳالهه ٻڌي فوجي چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ لاءِ مشرڪن کان به شيون اڌاريون ۽ پئسا قرض طور ورتا ۽ 6 شوال تي ٻارنهن هزار فوجين سان گڏ روانو ٿيا. انهن ۾ ٻه هزار نوان مسلمان ۽ مشرڪ به گڏ هئا. اهي سڀئي پنهنجي عددي گھڻائي تي وڏائي ڪري رهيا هئا.
هوازن وارن صفبنديءَ جو انتظار نه ڪيو پر مختلف مورچن کان تير چُٽڻ شروع ڪري ڏنا ۽ ايترو ته سخت حملو ڪيو جو مسلم فوج جا پير اُکڙي ويا. ڀڄڻ وارن هڪٻئي کي چيڀاٽڻ شروع ڪيو. ايتري تائين جو رسول اللهﷺ جن اڪيلا رهجي ويا. پاڻ سڏ ڪيائون ياانصار الله ورسوله، پر ڪنهن به ڀڄ ڊڪ جي ڪري نه ٻڌو. آخر ۾ پاڻ حضرت عباسؒ کي حڪم ڪيائون ته ماڻهن کي سڏن، جو هن جو آواز ڳرو هو. هن وڏي سڏ آواز ڏنو ۽ چيو: اي انصاريو، اي بيعت رضوان وارؤ وارو، ڊڄو! اهو ٻڌندي ئي مهاجر ۽ انصاري چرين وانگر پاڻ ڪريم ﷺ جي اوسي پاسي مڙي ويا. هاڻي هوازن وارا ڀڄڻ لڳا ۽ ثقيف وارن جا ستر ماڻهو ماريا ويا. انهيءَ ويڙهه ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن حڪم فرمايو ته عورتن ۽ ٻارن کي بلڪل به نه ماربو جو انهيءَ کان وڌيڪ بزدليءَ واري ٻي ڪا ڳالهه نه آهي.
اوطاس وارو سريو:
جيڪي ماڻهو اوطاس ڏانهن ڀڄي ويا هئا، تن جو به پيڇو ڪيو ويو ۽ اتان ڇهه هزار عورتون ۽ ٻار، چوويهه هزار اُٺ، چاليهه هزار ٻڪريون ۽ چار هزار اوقيه چاندي غنيمت ۾ مليو.
انهيءَ فتح جو ذڪر اڳتي هلي سورت توبه ۾ ٿيو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي دلين کي الله تعالى اطمينان بخشيو ۽ ملائڪن جو لشڪر توهان جي مدد لاءِ نازل ڪيو جنهن ڪري توهان جي هار به سوڀ ۾ بدلجي وئي.
غزوه طائف:
اوطاس مان واندڪائي کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن طائف ڏانهن وڌيا. بنو ثقيف وارا قلعو بند ڪري اندر ويهي رهيا. مسلمانن منجنيقون استعمال ڪيون، ثقيف وارن ٻارنهن مسلمانن کي تيرن سان شهيد ڪري ڇڏيو. آخرڪار ارڙنهن ڏينهن جي گھيراءَ کان پوءِ گھيرو ختم ڪيو ويو ۽ جعرانه ۾ اچي ڪري غنيمت جو مال ورهايو ويو.
گھيراءَ جي دوران پاڻ ﷺ جن اعلان ڪيو ته اسلام غلامن جو مددگار آهي. جيڪو غلام قلعي مان نڪري اسان وٽ ايندو، سو آزاد سمجھيو ويندو. انهيءَ اعلان تي چاليهه پنجاهه غلام ٻاهر نڪري آيا جيڪي آزاد ڪيا ويا.
جڏهن اوطاس جو مال غنيمت ورهايو ويو ته قيدين کي به ورهايو ويو. هي اهو قبيلو هو، جنهن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي ننڍپڻ ۾ حليمه سعديه جو کير پيتو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جي کير شريڪ ڀيڻ شيما به قيدين ۾ شامل هئي. تنهن ڪري جڏهن هوازن جي مردن اچي ڪري پاڻ ﷺ کي درخواست ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته منهنجا ۽ منهنجي خاندان جا قيدي آزاد آهن. مهاجرن ۽ انصارن جڏهن اهو ٻڌو ته انهن به پنهنجي حصي جي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. رڳو بني تميم ۽ بنو فزاره وارن قيدين کي فديي کانسواءِ آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو جو اهي مشرڪ هئا. انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن انهن کي فرمايو ته بنو هوازن وارا مسلمان (فرمانبردار) ٿي توهان وٽ آيا آهن تنهن ڪري انهن جي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، انهن جي هر قيديءَ جي بدلي ۾ توهان کي ڇهه ڏاچيون ڏنيون وينديون. تنهن ڪري هڪ ئي وقت ڇهه هزار عورتون ۽ ٻار آزد ٿي ويا.
جعرانه وارو عمرو:
18 ذيقعد سنه 8 هجري تي پاڻ ڪريم ﷺ جن عمري جي نيت ڪئي. پاڻ مڪي ۾ اچي عمرو ادا ڪيائون. عتاب بن اسيد کي مڪي جو گورنر مقرر ڪيائون ۽ معاذ بن جبل کي ان سان گڏ ڇڏيائون ته جيئن هو ماڻهن کي قرآن جي تعليم ڏين. عتاب جي پگھار هڪ درهم ڏهاڙي جي حساب سان مقرر ڪيائون ۽ پاڻ واپس مديني موٽي آيا. حج جا حڪم سورت بقره جي رڪوع نمبر 25 ۽ رڪوع نمبر 19 ۾ ۽ سورت الحج ۾ بيان ڪيا ويا آهن.
انصارن جي هڪ غلط فهميءَ جو ازالو:
جيترو به مال مليو اهو نون مسلمانن ۾ تمام ئي سخاوت سان ورهايو ويو. انصارن جا ڪي نوجوان چوڻ لڳا ته مڪي وارن تي ته خاص مهرباني ٿي رهي آهي. پاڻ انهن کي سمجھايائون ته اهي ماڻهو دولت جا بکيا هئا، تنهن ڪري مون انهن کي مال ڏنو. پر مان توهان جو آهيان ۽ توهان منهنجا آهيو. مان توهان سان گڏجي مديني هلندس. انهيءَ تي سڀني جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۽ پنهنجي بدگمانيءَ تي پيشمان ٿيا.
سورت البقره رڪوع نمبر 25:
هن رڪوع ۾ حج جا حڪم بيان ڪيا ويا آهن:
(1) جيڪو ماڻهو حج جو احرام ٻڌي سو پنهنجي زال کان جدا پري رهي، گناهن کان بچي ۽ ويڙهه جھيڙي ۾ نه پوي.
(2) پاڻ سان گڏ سفر جو سامان واڌاري رکي.
(3) واپار ڪري ۽ نفعو ڪمائي
(4) پيءُ ڏاڏي جا ڪارناما بيان ڪرڻ جي بدران الله تعالى جي رحمتن جو بيان ڪري.
(5) منافقن کان هوشيار رهي.
(6) جيڪا مرڪزي جماعت بيعت رضوان ڪرڻ وارن جي جڙي آهي، انهيءَ جي عزت ڪريو. اها جماعت امن ۽ امان گھري ٿي، منافقن وانگر فساد پکيڙڻ نٿي گھري. انهن ئي جانبازن جي ڪري حنين واري ويڙهه ۾ فتح ممڪن ٿي سگھي.
اسلام جو مقصد امن ۽ سلامتي آهي. الله تعالى فساد کي پسند نٿو ڪري. الله تعالى جي ٻانهپ سان نهٺائي ۽ بردباري پيدا ٿيندي آهي. شيطان جي وسوسن تي عمل ڪندؤ ته انهيءَ ۾ توهان جو ئي نقصان ٿيندو.
سورت البقره رڪوع نمبر 19:
جيڪو ماڻهو الله تعالى کان مدد گھري ٿو، ۽ گڏوگڏ ثابت قدميءَ سان پنهنجي مقصد تي قائم رهي ٿو ته الله تعالى ان جي مدد ڪري ٿو. ۽ جڏهن ان تي ڪا مصيبت اچي ٿي ته هو چئي ٿو ته اسان الله جا آهيون ۽ الله ڏانهن ئي موٽي وينداسين. (انالله وانا اليه راجعون). انهن تي الله تعالى جا انعام ۽ رحمتون وسنديون آهن.
انساني زندگيءَ جو مقصد
علامه اقبال پنهنجي ڇهين خطبي ۾ ٻڌايو آهي ته مذهب پنهنجي مٿانهين مفهوم ۾ نه ته عقيدو (Dogma) آهي ، نه رسمن جو مجموعو ۽ ظاهري عمل ۽ نه ئي وري مذهبي پيشوائيت آهي، پر اهو انهن ٻن ڳالهين جو جواب آهي ته انسان ڪٿان (Whence) آيو آهي ۽ ڪٿي (Where) ويندو. مٿي ذڪر ڪيل آيت ۾ به چيو ويو آهي ته انسان الله تعالى جي طرف کان اچي ٿو ۽ الله تعالى ڏانهن ئي موٽي ويندو. اهو ئي انساني زندگيءَ جو مقصد آهي ته هو پنهنجي اصل يعني الله تعالى ڏانهن موٽڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي. انهيءَ عظيم مقصد هيٺ ئي زندگيءَ جا ٻئي ننڍا مقصد ٿيندا آهن.
مثال طور هڪ ماڻهو پنهنجي گھر کان پنهنجي دوست ڏانهن وڃي ٿو، پر رستي ۾ ان کي ياد نٿو رهي ته هو ڪٿان هليو هو ۽ ڪيڏانهن وڃي پيو ته نتيجي ۾ اهڙو ماڻهو هيڏي هوڏي ڀلجي گمراهه ٿي تباهه ٿي وڃي ٿو. اهي سموريون تهذيبون جن جي سامهون زندگيءَ جو اهو عظيم مقصد نه هو سي زمين جي نقشي تان ئي مٽجي ويون آهن. فرد توڙي قوم، ٻنهي لاءِ لازمي آهي ته اهي پنهنجي معاشرتي، نفسياتي ۽ تهذيبي قوتن کي اهڙي طرح ترتيب ڏين جو انهيءَ عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.
سائنس ٻڌائي ٿي ته انساني فطرت ۾ جنسي جذبو (Sex) غالب آهي، جيئن فرائڊ جي تحقيق آهي. اهڙي انڪشاف جنسي ڇڙواڳي پيدا ڪئي آهي. ايتري تائين جو جنسيت کي قانوني شڪل ڏني وئي آهي. سائنس جون سموريون تحقيقون زندگيءَ جي حيواني مقصدن جي ورچڙهي ويون آهن. دنيا جي سمورن مذهبن زندگيءَ جو مقصد الله تعالى ڏانهن موٽي وڃڻ ٻڌايو آهي. تنهن ڪري تعليم ۽ پيغام رساني وارن وسيلن کي استعمال ڪندي انساني زندگيءَ جو اهو عظيم مقصد انساني نفسيات ۾ ڀري ڇڏڻ گھرجي. معاشرتي سطح تي انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ موجوده طبقاتي معاشري کي توحيدي يعني غيرطبقاتي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ گھرجي، جنهن ۾ پيداواري وسيلن تي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي قبضي ۾ هجڻ بدران نوي سيڪڙو مزدور طبقي جو قبضو هوندو آهي. مزدور کي پنهنجي مزدوري ڪمائڻ جي لاءِ انهن وسيلن جي مالڪن وٽ مزدوريءَ تي پنهنجي محنت وڪرو ڪرڻي نه پوندي آهي. اڃا به پنهنجي محنت جي پيداوار جو هو پاڻ ئي مالڪ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پيداواري وسيلن تي ان جو ذاتي قبضو هوندو آهي. طبقاتي معاشري ۾ گڏيل زندگي فرد کي پنهنجي ذاتي تڪميل ۾ ڪابه مدد نه ڏيندي آهي، ڇو جو انهيءَ جو بنياد محنت جي استحصال وسيلي ”نفعو“ ڪمائڻ هوندو آهي.
شهيد مئل نه پر جيئرا آهن:
اهڙي طرح صبر ۽ ثابت قدمي سان الله تعالى جي واٽ ۾ ساهه صدقو ڪرڻ وارو مرندا نه آهن، پر اهي جيئرا رهندا آهن، باقي توهان کي انهيءَ جي سمجھه نه آهي. اهي ماڻهو الله تعالى جي واٽ ۾ خوف، بک، مالي نقصان ۽ پنهنجي حاصل ڪيل ميون جو نقصان خوشيءَ سان سهندا آهن (۽ هميشه جي لاءِ زنده ٿي ويندا آهن).
نوٽ: في سبيل الله جو هڪ مطلب في سبيل العوام به آهي. ڇاڪاڻ ته الله تعالى الٰه الناس به آهي. جيڪي ماڻهو عوام کي بک، ويڙهه جھيڙي، غلامي، اڻ ڄاڻائي ۽ غلاميءَ واري زندگيءَ مان ڪڍڻ لاءِ استحصالي ۽ رعايتون ڏنل طبقي جي خلاف جاکوڙيندي پنهنجو ساهه صدقو ڪن ٿا، سي اصل ۾ روحانيت ۽ نيڪيءَ جي رستي ۾ سر گھورين ٿا، پوءِ ڀلي انهن جو مذهب، قوميت ۽ ملڪ ڪهڙو به هجي. رڳو ڪنهن مذهب جي نالي تي ساهه ڏيڻ ئي شهادت نه آهي. جيئن ته دين يا مذهب، دولت جي غير مساوي ورڇ يعني سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جا حامي بڻجي چڪا آهن، انهيءَ ڪري مذهب جي نالي تي انهيءَ معاشي ٺيڪيداريءَ واري نظام کي قائم رکڻ ۽ محنت جي استحصال کي جائز سڏڻ جي لاءِ ساهه صدقو ڪرڻ نيڪي ۽ روحانيت (الله تعالي) جي لاءِ ساهه ڏيڻ نه آهي. انساني وحدت ۽ محنت سان حاصل ڪيل پيداوار تي مزدور جو پاڻ ئي مالڪ ٿيڻ جي لاءِ جاکوڙيندي سر ڏيڻ به حقيقت ۾ ڄڻ ته الله تعالى جي لاءِ ئي سر ڏيڻ آهي. ڇاڪاڻ ته الله تعالى اصل ۾ روحانيت، محبت، امن، مساوات، آزادي ۽ ڀائپي جو حامي آهي. رڳو مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۽ ظاهري طرح سان عبادت ڪرڻ الله تعالى کي اڪيلو ڪري مڃڻ واري عقيدي جي خلاف آهي. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته مذهب جي لاءِ جاکوڙڻ سگھارن طبقن جي مفادن کي قائم رکڻ لاءِ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جن اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي قائم ڪرڻ جي لاءِ مذهب يا نبي سڳورا آيا هئا، مذهب جي مٽجي وڃڻ کان پوءِ هاڻي انسانيت جي ڀلائي ۽ ترقي جا اهي مقصد غير مذهبي قوتن پنهنجائي ورتا آهن.
صفا ۽ مروه:
صفا ۽ مروه جبل الله تعالى جي نشانين مان آهن جيڪي حضرت ابراهيمؑ ۽ حضرت اسماعيل ؑ جي ياد ڏيارين ٿا. حج يا عمرو (يعني بيت الله جي زيارت) ڪرڻ وقت جيڪڏهن انهن جبلن جو طواف ڪيو وڃي ته ڪوبه گناهه نه آهي. (جاهليت واري زماني ۾ هتي بت کتل هئا، پر هاڻي اهي بت نه آهن). اهي جبل حضرت ابراهيمؑ جي مڪي اچڻ ۽ حضرت بي بي هاجره جي پاڻيءَ لاءِ ڳولا ۾ ڊڪڻ جي ياد ڏيارن ٿا.
جن ماڻهن الله تعالى جو انڪار ڪيو سي دائمي عذاب ۾ گرفتار ڪيا ويندا. اهڙين ڳالهين کان توبه ڪريو. الله تعالى وڏو بخشڻهار ۽ پنهنجي ٻانهن سان محبت ڪندڙ آهي. ان کي مڪمل اختيار حاصل آهي ته هو ڪنهن کي به معاف ڪري ڇڏي. سڀني جو معبو هڪڙو ئي آهي. اهو ئي ٻاجھارو آهي ۽ رحمت ڪندڙ آهي. لا اله الا هو الرحمٰن الرحيم.
حج ڇا آهي؟
حج زراعتي رهڻي ڪهڻي جي يادگار آهي. ائين کڻي چئجي ته اهو هڪ ميلو هوندو هو جنهن ۾ وچولي موسم ۾ پنهنجا فصل کڻڻ کان پوءِ هر قوم خوشيون ملهائيندي هئي ۽ پنهنجي ديوتائن کي به گل ۽ ميوا، پکين ۽ جانورن جا نذرانا يا قربانيون پيش ڪندي هئي. عبراني يا سنسڪرت ۾ ذبح جي معنى ئي ڪنهن شيءِ کي نذر ڪرڻ آهي. مثال طور حضرت اسماعيلؑ کي ذبيح الله انهيءَ لاءِ چوند آهن جو هو ”الله تعالى جي گھر“ بيت الله جي لاءِ خاص طرح سان نذراني طور پيش ڪيا ويا هئا ته جيئن اهي الله جي گھر جا مجاور ٿين ۽ الله تعالى جي ٻانهپ ڪرڻ وارن کي هدايت جو رستو ڏيکارين.
بهرحال دنيا جي هر ملڪ ۾ هر سال ۾ ٻه دفعا چيٽ ۽ ڪتي جي فصل واري زماني ۾ جڏهن ڏينهن وچولا هوندا هئا (21 مارچ ۽ 21 سيپٽمبر) تڏهن ميلا لڳندا هئا. عرب ۾ اهو دستور هو ته مختلف ميلن ۽ بازارن مان لنگھندي ذي الحج (فيبروري، مارچ) ۾ عرفات، مزدلفه ۽ منيٰ ۾ ماڻهو ميلا لڳائيندا هئا. انهي کي حج اڪبر سڏيو ويندو هو. ان کانسواءِ انهيءَ زماني ۾ ٽن مهينن تائين قتل، ويڙهه جھيڙو بند ڪيوويندو هو. يعني ذيقعد، ذي الحج، ۽ محرم (جنهن کي صفر اول به چوندا آهن) محترم مهينا سمجھيا ويندا هئا. ايتري تائين جو پنهنجي جاني دشمن کي قتل ڪرڻ يا مسافر کي ڦرڻ به ناجائز سمجھيو ويندو هو.
انهيءَ زماني ۾ ايران ۾ نو روز جمشيدي، هندستان ۾ هولي، فلسطين ۾ يهودي عيد فصح ۽ عيسائين ۾ نو روز (ايسٽر) ملهايو ويندو هو. عرب وارا انهيءَ حج واري موسم ۾ گرميءَ جو سفر (رحلة الصيف) ڪندا هئا ۽ عام طرح سان ٿڌن ملڪن ڏانهن ويندا هئا.
ڪَتي واري مند ۾ يعني 21 سيپٽمبر جي ويجھو هڪ ننڍڙو ميلو لڳندو هو جنهن کي عرب وارا حج اصغر سڏيندا هئا. انهيءَ مهيني ۾ رحلة الشتاء يعني سياري جو سفر هوندو هو ۽ جيئن ته چيٽ جي مقابلي ۾ اهو فصل ٿورڙو هوندو هو، انهيءَ ڪري رڳو هڪ مهينو يعني رجب جو مهينو انهيءَ لاءِ گھڻو سمجھيو ويندو هو. ايران ۾ انهيءَ کي نئين سياري جو جشن سڏيو ويندو هو. هندستان ۾ انهيءَ کي دسهڙو سڏيندا آهن جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ڏينهن ۽ بنگال ۾ هڪ مهيني تائين ملهايو ويندو آهي ۽ انهيءَ ۾ ديوتائن کي به قرباني وغيره سان خوش ڪيو ويندو آهي.
قرباني ۽ قرآن:
هر ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ قربانيءَ جي رسم هلندڙ هئي. پکين، جانورن ۽ انسانن جي قربانيءَ جا مختلف طريقا رواج ۾ هئا. قرآن ٻڌايو آهي ته انهيءَ جو مقصد الله تعالى جي اڳيان جانورن جو گوشت پيش ڪرڻ نه آهي. ڇو ته هن کي انهن شين جي ڪابه ضرورت نه آهي. انهيءَ جو مقصد رڳو اهو آهي ته الله تعالى جا ٻانها ان جي حڪمن تي عمل ڪن ۽ گناهن کان بچن. ظاهر آهي ته گناهه جون جيتريون به شڪليون آهن، سي ٻين انسانن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تڪليف پهچائن ٿيون. قتل، چوري، زنا، ڪوڙي شاهدي، ويڙهه جهيڙو، وياج وغيره. انهيءَ ڪري قرآن تقوى يعني گناهن کان بچڻ کي ٻانهپ جو درجو ڏنو آهي.
سورت حج جي رڪوع نمبر 5 ۾ اچي ٿو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته اصل مقصد بدحال ۽ محتاجن کي کاڌو کارايو وڃي. اهڙي طرح اڳتي فرمايو ويو ته انسان ٻن مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي؛ هڪڙو بک ۽ ٻيو ڏک. بک جو علاج گڏيل معيشت آهي ۽ ڏک جو علاج گناهن کان بچڻ ۽ مراقبي جي ذريعي الله تعالى سان لاڳاپو قائم رکڻ. مهاتما ٻڌ به اها ئي تعليم ڏني هئي.
سورت الحج انهيءَ ڪري مدني سڏجي ٿو جو اها هجرت کان پوءِ نازل ٿي آهي، پر اها مڪي انهيءَ ڪري آهي جو اها مڪي ۾ نازل ٿي. پاڻ ڪريمﷺ جن ڪافرن کي پراڻي معجزي گھرڻ واريون ڳالهيون ياد ڏياريون. انهيءَ سورت ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جهاد ڇاجي ڪري فرض ٿيو ۽ مذهبي رسمن خاص طرح سان قربانيءَ جي لاءِ ٻڌايو ته اها رسم هر قوم ۾ رهي آهي. پر اسلام يا دين ابراهيم حنيف ۾ اها قرباني الله تعالى جي نالي تي ٿئي ٿي، بتن جي نالي تي نٿي ٿئي ۽ انهيءَ لاءِ ٿيندي آهي ته جيئن محتاجن جي مددگاري ٿي سگھي، نه انهيءَ لاءِ ته الله تعالى رت ۽ گوشت سان خوش ٿئي. الله تعالى تائين اهو رت ۽ گوشت نٿو پهچي، پر الله تعالى کي توهان جي پاڪائي يعني بڇڙين ڳالهين کان بچڻ پسند آهي. الله تعالى جي ويجھڙائي ۽ راضپو حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ۽ اهو اهو ته ان جي سمورن حڪمن کي مڃيو وڃي ۽ ان جي ٻانهپ کان منهن نه موڙيو وڃي. تنهن ڪري عبادت جي طريقن تي جھيڙڻ نه گھرجي پر عبادت جي مقصد تي نظر رکڻ گھرجي. هاڻي سورت الحج جو تت ڏنو وڃي ٿو.
سورت الحج رڪوع نمبر1:
قيامت ضرور ايندي. الله تعالى جي وجود ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. اي انسانو انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. قيامت ضرور ايندي. اي مڪي جا ڪافرؤ، الله تعالى جي وجود جي باري ۾ جھيڙو نه ڪريو، ڇو جو اها شيطان جي پيروي آهي. الله تعالى ئي خالق آهي. اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪرڻ وارو آهي. هو هر شيءِ تي وس وارو آهي.
سورت الحج رڪوع نمبر2:
ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي خوشحاليءَ ۾ ته خدا پرست بڻجي ويندا آهن ۽ جي بدحالي اچي وڃين ته شيطان پرست ٿي پوندا آهن. انهن جي دنيا ۽ آخرت خراب ٿي وئي. ڇا اُهي اِهو نٿا ڏسن ته ڪائنات جي هر شيءِ الله تعالى کي سجدو ڪري ٿي، يعني اها انهيءَ قانون جي پابند آهي. انسان کي مونجھو نه ٿيڻ گھرجي.
سورت الحج رڪوع نمبر 3:
نيڪ عمل ڪندڙ مؤمن جنت ۾ ويندا ۽ مسجد حرام کان جھليندڙ ڪافر جهنم ۾ داخل ڪيا ويندا (مسجد حرام ڪعبة الله کي سڏيو ويندو آهي جيڪو حضرت ابراهيم جي طرف کان ٺاهيل الله جو گھر آهي).
سورت الحج رڪوع نمبر4:
بيت الله ۾ عبادت جا جيڪي طريقا رائج آهن، يعني طواف، قيام، رڪوع ۽ سجدا، سي ابراهيم ؑ جي وقت کان وٺي آهن. ان کانسواءِ هتي ٻئي واپاري، سماجي ۽ معاشي فائدا به آهن. قربانيءَ جو مقصد رڳو محتاجن جو پيٽ ڀرڻ آهي. قول زور يعني شرڪ کان بچڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بتن جي نالي تي قرباني نه ڪئي وڃي.
سورت الحج رڪوع نمبر 5:
قربانيءَ جي رسم هر قوم ۾ رهي آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته الله جي نالي تي قرباني جي ذريعي الله تعالى جو نالو مٿي رهي ۽ غريبن جو پيٽ به ڀربو رهي. پوءِ اهڙي طرح سان الله تعالى جي ويجھڙائي به حاصل ٿئي. ياد رکو ته الله تعالى کي جانورن جو گوشت ۽ رت نٿو پهچي، پر الله جي خلق جي خدمت ۽ پاڪائي ۽ گناهن کان بچڻ جو خيال (عمل) الله تعالى کي پسند آهي. (اهو ڀلو طريقو ئي قرباني ۽ الله جي ويجھڙائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي).
سورت الحج رڪوع نمبر 6:
قتال جي حڪم جي توجيهه: ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته قتال جي باري ۾ اها پهرين آيت آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته مڪي جي فتح کان پوءِ اهو قتال جي جواز جي باري ۾ هڪ بيان آهي. قتال انهيءَ ڪري فرض ڪيو ويو هو ته مسلمان مظلوم هئا ۽ ناحق سان پنهنجي وطن مان لوڌيا ويا هئا. انهن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته اهي الله تعالى کي پنهنجو رب مڃڻ تي ضد ڪري بيٺا هئا. جيڪڏهن الله تعالى جي مدد پنهنجن ٻانهن سان نه هجي ها ته مشرڪ ماڻهو ڪڏهن جو گرجا گھرن، مدرسن، عبادتگاهن ۽ مسجدن کي ڊاهي ڇڏين ها.
فتح کان پوءِ فرض:
جڏهن الله تعالى ڪنهن مسلم يا خدا پرست قوم کي ڪنهن ملڪ جو مالڪ بڻائي ته ان جوقوم جو فرض آهي ته اها نماز قائم ڪري، زڪوات ڏئي، نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ۽ ان کان پوءِ نتيجو الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏي. ڏسو ته بنين کي ڪوڙو ڪندڙ قومون به الله تعالى ئي تباهه ڪيون آهن. افسوس آهي جون توهان جون اکيون ته آهن پر انهن سان ڏسو نٿا ۽ دليون ته آهن پر انڌا ٿي رهيا آهيو.
سورت الحج رڪوع نمبر 7:
هن رڪوع جي آيت ”وَالَّذِيْنَ سَعَوْا فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَحِيْمِ“ اڳي به مڪي دؤر ۾ نازل ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ انهيءَ شيطاني وسوسي جو به ذڪر آهي جنهن جي ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ 5 نبوي ۾ واپس اچي ويا هئا. هتي، يعني مڪي ۾ اچي ڪري انهيءَ آڳاٽي ڳالهه جو ٻيهر جواب ڏنو ويو ته شيطاني وسوسو ته آدم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ٿيندو رهيو، پر نبي کي الله تعالى هوشيار ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري ڪوبه نبي حق جي واٽ تان ڪڏهن به نه ٿڙيو. هيءَ آيت انهيءَ آيت جي تشريح آهي جيڪا مڪي ۾ سورت النجم ۾ لات ۽ منات واري ذڪر ۾ ٿي چڪي آهي.
مڪي جي ڪافرن کي جواب:
جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ انهن جي پويان پون ٿا، انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته هن کان اڳ به جيڪي رسول ۽ نبي آيا آهن تن جي تعليم ۾ شيطان ملاوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر الله تعالى شيطاني خيالن کي مٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڳالهين کي رسولن جي دلين ۾ پختو ڪري ڇڏيو. يعني انهن آيتن کي محڪم ڪري ڇڏيو. پر جڏهن شيطاني وسوسي کي سخت دل مشرڪن ٻڌو ته اهي جملا انهن جي لاءِ فتنو (آزمائش) بڻجي ويا ۽ جيئن ته اهي ظالم سخت مخالفت لاءِ آماده هئا، تنهن ڪري اهي اڃا به وڌيڪ پٿر دل بڻجي ويا.
اهي محڪم آيتون (يعني الله تعالى جي ڏنل مضبوط خيالن جو علم) جڏهن انهن ماڻهن ٻڌيون جيڪي علم وارا آهن ته انهن کي خبر پئجي وئي ته اهي الله تعالى جي طرف کان ئي نازل ڪيل حق ۽ سچ واريون ڳالهيون آهن. انهن کي ٻڌي انهن ايمان آندو ۽ انهن جون دليون نرم ٿي ويون.
پر ڪافر انهيءَ معاملي ۾ قيامت تائين شڪ ۾ رهندا. انهيءَ ڏينهن الله تعالى جي بادشاهي هوندي ۽ اهو فيصلو ڪندو ۽ ڪوڙو ڀائيندڙن تي خوار خراب ڪندڙ عذاب بڇيندو.
سورت الحج رڪوع نمبر8:
مهاجر ۽ شهيد: اهي ماڻهن جيڪي الله تعالى جو نالو مٿانهون ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر مان لڏي ويا ۽ حق جي واٽ ۾ قتل ٿيا يا مري ويا، تن کي الله تعالى سٺو (طيب) بدلو (رزق) ڏينهن ۽ دلپسند بهشت ۾ داخل ڪندو ۽ هر مظلوم جي داد رسي ڪندو.
سورت الحج رڪوع نمبر 9:
قومن جي بندگيءَ جا طريقا: الله تعالى هر امت جي لاءِ ٻانهپ جو طريقو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. يعني جيڪو عبادت جو طريقو الله تعالى ٻڌايو آهي، انهيءَ ۾ ڪنهن (ڪافر) کي جھيڙڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اها ئي سڌي واٽ آهي. بحث ڪرڻ وارن کي چئي ڇڏ ته الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهيءَ جو به فيصلو ڪندو (ته قرباني يا ٻانهپ جو مقصد ڪنهن سمجھيو) اهي ماڻهو قرآن ٻڌي ڪري مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، انهيءَ جو نتيجو جهنم آهي. الله تعالى جي طرف کان الله تعالى جي عبادت جا طريقا هر قوم ۾ رائج آهن ۽ اهي سڀئي سچا آهن.
نوٽ: دنيا جي مذهبن وچ ۾ سمورو جھيڙو ۽ فساد عبادت جي طريقن ۾ اختلاف جي ڪري آهي. دين ته الله تعالى جي عبادت ۽ نيڪ عملي جو نالو آهي، پر ان جي عبادت ڪرڻ جا طريقا مختلف آهن. مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي سورت فاتحه جي تفسير ۾ ”وحدت دين جي اصل عظمت اور قرآن حڪيم“ جي عنوان سان انهيءَ تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. مون پنهنجي تصنيف ”اسلامي انقلاب کا عهدنامه“، جيڪا سورت فاتحه جو تفسير آهي، ۾ اهدنا جي بحث ۾ اهو بحث جيئن جو تيئن لکي ڇڏيو آهي. انهيءَ ۾ رڳو انهيءَ ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ته عبادت ڪرڻ وقت ڪنهن بُتَ، تصوير وغيره کي سامهون رکيو وڃي. الله تعالى جي عبادت اڻ ڏٺي ڪئي وڃي. ڪنهن به پاسي منهن ڪري ڪنهن به طريقي سان عبادت ڪرڻ خدائي ويجھڙائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.
سورت الحج رڪوع نمبر 10:
الله تعالى جي وجود جو دليل: انسانو! هڪڙو مثال ٻڌو. ڇا انهن ديوتائن، جن کي توهان پوڄيو ٿا، هڪ مک به پيدا ڪئي آهي؟ الله تعالى ته تمام ئي سگھارو ۽ هر شيءِ تي سوڀارو آهي. هو ٻڌندڙ به آهي ته ڏسندڙ به آهي. چڱو نگهبان ۽ چڱو سنڀاليندڙ آهي. جنهن لاءِ گھرندو آهي تنهن کي ملائڪن ۽ انسانن ۾ پنهنجو پيغامبر مقرر ڪندو آهي. اهو ئي ڳجھه جي ڄاڻ رکندڙ آهي. اي ايمان وارؤ! پنهنجي پالڻهار (الله) جو حڪم مڃو. سڀني سان ڀلائي ڪريو ته توهان جو به ڀلو ٿئي. هن امت جو نالو ابراهيمي امت آهي. انهيءَ توهان جو نالو مسلم (الله تعالى جو فرمانبردار) رکيو هو. قرآن به توهان کي اهو ئي نالو ڏنو آهي. تنهن ڪري نماز ادا ڪريو ۽ زڪوات تي قائم رهو. الله تعالى جي حڪم کي مضبوطيءَ سان جھليو (يعني شيطان کان پري ڀڄو)
ہُوَمَوْلٰىكُمْ۰ۚ فَنِعْمَ الْمَوْلٰى وَنِعْمَ النَّصِيْرُ
”اهو ئي توهان جو مالڪ آهي. ڪيترو نه سٺو مالڪ ۽ ڪيترو نه چڱو مددگار آهي.“
گڏيل حج، سنه 7 هه: اهو حج گڏيل هو. يعني انهيءَ ۾ مؤمنن جو امير الحج حضرت عتاب بن اسيد هو ۽ مشرڪن پنهنجي طريقي تي حج ڪيو هو.
رسول الله ﷺ سياسي ضرورتن جي لاءِ مديني واپس آيا هئا. هتي اچي پاڻ ﷺ جن پنهنجي پٽ ابراهيم کي ڏٺو ته هو ستن اٺن مهينن جو ٿي ويو هو. پاڻ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. ٻيون زالون نه رڳو ماريه قبطيه سان ريس ڪرڻ لڳيون هيون.
پاڻ ڪريمﷺ جن مديني آيا هئا. هتي منافقن ٻيهر بغاوت شروع ڪري ڏني هئي. هيٺين آيتن ۾ انهيءَ جو ئي ذڪر آهي:
سورت النساء رڪوع نمبر 20:
منافق رڳو ڏيکاءَ لاءِ نماز پڙهندا آهن. اهي ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ لٽڪيل آهن. مؤمنو! توهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست نه بڻايو. اهي منافق جهنم جي بلڪل هيٺئين طبقي ۾ وڌا ويندا. هائو، باقي جيڪي توبه ڪري خالص ديندار ۽ مؤمن بڻجي ويا ته پوءِ اهي به مؤمنن سان گڏ رهندا. مظلوم کانسواءِ ڪنهن کي به ڪنهن جي شڪايت نه ڪرڻ گھرجي. بهرحال برائيءَ کي معاف ڪرڻ وڌيڪ ڀلي ڳالهه آهي.
اصلي ڪافر:
اصلي ڪافر اهي آهن جيڪي الله ۽ ان جي سمورن رسولن کي نٿا مڃن. يعني ڪن کي ته مڃن ٿا، پر ڪن کي نٿا مڃن. اهي ڪا وچ واري واٽ وٺڻ گھرن ٿا.
اصلي ايمان:
الله ۽ سمورن رسولن کي اهڙيءَ طرح مڃڻ جو انهن ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه ڪيو وڃي، اهو ئي اصلي ايمان آهي. (يعني الله جي هر رسول کي مڃڻ گھرجي ۽ ڪنهن رسول کي ٻئي رسول تي فضيلت نه ڏيڻ گھرجي. پيغام جي اعتبار سان سڀني جو اهو ئي پيغام آهي ته الله کي مڃو ۽ بدعمليءَ جي سزا کان ڊڄو ۽ نيڪ عملي ڪريو).
سورت النساء رڪوع نمبر 23:
سمورا نبي وحي جي اعتبار کان برابر آهن. اي رسول الله ﷺ جهڙي طرح پهرين نبين تي اسان وحي نازل ڪئي ۽ زبور ۽ توريت نازل ڪيو، ايئن ئي تون به رسول آهن ۽ اسان توتي قرآن نازل ڪيو آهي. رسولن جو ڪم بهشت جي خوشخبري ڏيڻ ۽ بدعملي جي عذاب کان ڊيڄارڻ آهي. آڳاٽن نبين تي به جاڳندي توڙي خواب جي صورت ۾ خدائي پيغام آيا هئا. (۽ هاڻي جيڪي انهن لفظن جا ترجما موجود آهن، سي به خدائي ڪلام آهن).
وحي جي نوعيت:
قرآن الله تعالى جي علم سان نازل ٿيو آهي: الله تعالى ۽ ان جا ملائڪ شاهد آهن ته قرآن جي تعليم الله تعالى جي علم سان آئي آهي. اها حق واري ڳالهه جنهن کي رسول، الله تعالى وٽان کڻي آيو آهي، تنهن کي مڃڻ ۾ ئي توهان جي لاءِ ڀلائي آهي. (يعني قرآن پاڪ معنوي طور الله وٽان آيو آهي) ڪلام من علم الله ۽ ڪلام الله جو فرق ظاهر آهي.
متشابهات ۽ عيسائي:
مسيح عيسى مريم جو پٽ هو. هو الله جو رسول ۽ ان جو ڪلمو هو. ان کي الله تعالى مريم جي پيٽ ۾ وڌو هو. هو الله تعالى جي طرف کان روح هو. الله تعالى اڪيلو آهي، ٽي نه آهن. الله تعالى کي ڌيءَ جي ڪابه حاجت نه آهي، جڏهن جو سموري زمين ۽ سڀئي آسمان ان جي ملڪيت آهن.
ايندڙ سورت آل عمران واري حصي ۾ متشابهات تي تفصيلي بحث آهي. پر هتي اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته ڳالهه جو رخ عيسائين ڏانهن آهي. ۽ اهي خاص ملندڙ جلندڙ آيتون (متشابهات) جن کي عيسائين جا عالم مڃيندا هئا، تن جو خاص لاڳاپو سورت النساء جي هن رڪوع سان آهي. ياد رهي ته قرآن انهن دليلن (آيتن) کي محڪمات سڏي ٿو جيڪي بنيادي آهي. مثال طور خدا، مرڻ کان پوءِ اٿاريو وڃڻ وغيره. ۽ متشابهات انهن آيتن کي سڏي ٿو جيڪي محڪمات جو تفصيل آهن يا ان مان نتيجي جي طور تي پيدا ٿيون آهن. مثال طور الله تعالى خلقيندڙ ۽ مصور آهي. اها محڪم ڳالهه مڃي وئي آهي ته انهيءَ جو نتيجو، يعني هو بنا پيءُ جي پيدا ڪري سگھي ٿو، اهو متشابه يا نتيجو يا تفصيل آهي. اهڙو دليل (آيت) پاڻ انجيل ۾ به موجود آهي.
(ڏسو انجيل يوحنا، باب اول)
(1) شروع ۾ ڪلمو هو، ڪلمو الله تعالى سان گڏ هو، ڪلمو ئي خدا هو.
(2) شروع ۾ اهو ئي ڪلمو (لوگاس يا عقل پهريون) خدا سان گڏ هو.
(3) انهيءَ ڪلمي (يا لوگاس) سموريون شيون جوڙيون (پيدا ڪيون) ۽ جيڪا به شيءِ پيدا ٿي، ان جي مدد کانسواءِ پيدا نه ٿي.
(4) انهيءَ ۾ روح هو ۽ اهو روح انسانن جي لاءِ روشني هو.
(5) يوحنا کي خدا موڪليو ته انهيءَ نور جي شاهدي ڏئي ته هڪ مسيح اچڻ وارو آهي، جنهن دنيا کي ٻڌايو ته اهو ڪلمو خدا جو اڪيلو پٽ ۽ نور آهي.
انهيءَ کان اڳتي واري باب اٺين جي آيت نمبر 2 ۾ آهي ته:
”مسيح چيو ته مان دنيا جو نور آهيان. جيڪو منهنجي پيروي ڪندو سو اونداهيءَ ۾ نه ويندو پر زندگيءَ جو نور حاصل ڪندو.“
قرآن انهن متشابهات يعني انجيل ۽ قرآن جي ملندڙ جلندڙ آيتن کي وڏي حد تائين مڃي ٿو ته مسيح هڪ ڪلمو هو. پر يوحنا هڪ فلسفي ماڻهو هو. هن مسيح کي الله تعالى جو همسر بڻائي ڇڏيو آهي ته اهو ڪلمو خدا سان گڏ هو. قرآن چوي ٿو ته اهو ڪلمو به الله تعالى جو حڪم يا امر هو. يٰمَرْيَمُ اِنَّ اللہَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَۃٍ مِّنْہُ ۰ۤۖ اسْمُہُ الْمَسِيْحُ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَمَ وَجِيْہًا فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَۃِ وَمِنَ الْمُقَرَّبِيْنَ يعني اهو ڪلمو يا مسيح الله تعالى پيدا ڪيو آهي. (کلمه منه) الله جو حڪم.
اهڙي طرح هن سورت (آل عمران) ۾ چيو ويو آهي، اَنَّ اللہَ يُبَشِّرُكَ بِيَحْيٰي مُصَدِّقًۢـا بِكَلِمَۃٍ مِّنَ اللہِ حڪم خدائي يعني مسيح ؑ مخلوق ۽ خدائي حڪم آهي.
هتي سورت النساء ۾ چٽيءَ طرح چيو ويو آهي ته مسيح الله تعالى جي برابر نه هو پر ان جي مخلوق هو. هو برابريءَ جي حڪم ۾ نه هو پر الله تعالى جي حڪم سان مخلوق هو. ”وَكَلِمَتُہٗ اَلْقٰىہَآ اِلٰي مَرْيَمَ.“
8 هجري جا مختلف واقعا:
(1) انهيءَ سال بيبي ماريه قبطيه جي ڪک مان ابراهيم ؑ پيدا ٿيو ۽ ان جي آزاديءَ جي ڪري سڀني امهات ولد جي آزاديءَ جو اعلان ٿيو، جنهن جو مطلب اهو هو ته جنهن ٻانهيءَ کي ٻار ڄمي سا آزاد آهي. جيئن ته ٻار غلام نه هوندو آهي، انهيءَ ڪري ان جي ماءُ به هاڻي غلام نه پر آزاد هوندي.
(2) زينب بنت رسول الله ﷺ (حضرت ابوالعاص بن ربيع جي گھرواري) جي وفات ٿي.
(3) حضرت بي بي سوده ؒ تمام وڏي عمر جي ٿي وئي هئي تنهن ڪري هن پنهنجو وارو بيبي عائشه ؒکي بخشي ڇڏيو هو ۽ رسول الله ﷺ جن ان جي واري ۾ حضرت عائشه وٽ رهڻ لڳا.
(4) مڪي ۽ حنين جي فتح کان پوءِ بت خانا الله تعالى جي عبادت جا گھر بڻايا ويا.
(5) ابوسفيان، يزيد بن ابوسفيان، عروه بن مسعود ثقفي، عڪرمه بن ابو جهل، شيبه بن عثمان عبدري، حڪيم بن حزام، ابو قحافه حضرت ابوبڪر ؒ جو پيءُ، خويلد بن اسد، مالڪ بن عوف نضري مسلمان ٿيا.
نوٽ: قرآن ڪريم ٻڌائي ٿو ته هر ڳوٺ ۾ نبي موڪليو ويو آهي. ڪجھه نبين جا نالا قرآن ۾ ورتا ويا آهن ۽ ڪن جا نه ورتا ويا آهن. اصل ۾ اسلام جو بنياد حضرت ابراهيم جي تعليم ۽ فڪر تي آهي. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم سامي قومن جي نبين جو ذڪر ڪيو آهي پر آريائي ۽ رزد قومن جي نبين جو ذڪر نه ڪيو آهي. انهن جو رڳو اشارو ڪيو آهي. پر ختم نبوت جي مقصدن کي سامهون رکندي، انساني وحدت جو قائم ڪرڻ اسلام جو بنيادي مقصد آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرآن ڪريم عبادتن ۽ رسمن جي طريقن تي زور نٿو ڏئي پر ان جي جاءِ تي رڳو اهو چئي ڇڏيو ته هر امت جا طريقا جدا جدا آهن. انهن کي بحث ۽ جھيڙي جو ذريعو بنائڻ قرآني مقصدن جي خلاف آهي. اهڙي طرح آريائي ۽ زرد قومن جي نبين ۽ انهن جي ڪتابن کي مڃڻ انساني وحدت جي قيام لاءِ ضروري آهي. ڪرشن، رام چندر، مهابير، مهاتما ٻڌ، زرتشت، سقراط، افلاطون، ڪنفيوشس جهڙن حڪيمن ۽ انهن جي تعليم جو قرآن پاڪ جي تعليم سان گڏ گڏ مطالعو ڪرڻ نه رڳو ضروري آهي، پر قرآني مقصدن جي حاصلات لاءِ اڻ ٽر آهي.
دنيا ۾ دائمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ جتي پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت کي مڃڻ ۽ تنگ نظر قوميت ۽ نسل پرستيءَ جو خاتمو ضروري آهي، اتي آريائي ۽ زرد قومن جي عظيم مذهبي رهنمائن کي مڃڻ ۽ انهن جي ڪتابن ۽ تعليم جو گھرو مطالعو ڪرڻ به تمام ئي ضروري آهي. مسلمانن رڳو سامي قومن جي نبين کي مڃيو آهي ۽ وما انزل من قبلڪ ۾ رڳو توريت ۽ انجيل کي مڃيو آهي. مسلمان امت قومن جي امانت جو اهو اهم منصب تڏهن ئي حاصل ڪري سگھي ٿي جڏهن اها مٿي ذڪر ڪيل مذهبن جي بانين ۽ انهن جي تعليم جو هاڪاري انداز ۾ مطالعو ڪندي.