اسلامي انقلاب جي ٻين منزل
[/b][i]المنذر و المزکي [/i]
ساڍن ٽن سالن جي چپ چاپ پرچار کان پوءِ ٿورڙن جانثارن ۽ انقلاب جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجھڻ وارن جي هڪڙي جماعت پيدا ٿي وئي هئي. وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ جي آيت انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي. هاڻي وقت اچي ويو هو ته قريش جي سامهون علي الاعلان پرچار شروع ڪئي وڃي. ڳجھي دعوت واري زماني ۾ رڳو اهڙن ماڻهن ۾ پرچار ڪئي پئي وئي، جيڪي سمجھه ڀريا هئا ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ حوصلو رکن پيا.
انقلاب برپا ڪرڻ جا جيڪي طريقا هئا، انهيءَ جي پهرين مرحلي ۾ ٻڌايو ويو هو ته دولت حاصل ڪرڻ جي حوس ۽ غلامن، عورتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي محنت جي استحصال لاءِ انهن تي ظلم ڪرڻ ته جيئن وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪري سگھجي، اها معاشرتي چال چلت قومن جي برباديءَ جو سبب بڻبي رهي آهي. ڇو ته دولت ۽ پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ گھڻائي کي غلام بڻائي وٺڻ ۽ انهن کي علم، مالي خوشحالي ۽ انهن کي آزاديءَ کان محروم رکي ڪري خوف ۽ هراس ۾ جڪڙڻ سان معاشرو ٻن مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن ۾ ورهائجي ويندو آهي. ان کان سواءِ انهن جي پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بداخلاقيون پيدا ٿي پونديون آهن. اهڙي طرح معاشري مان امن ۽ سڪون ۽ محبت ۽ شرافت جهڙا اعلى گڻ تباهه ٿي ويندا آهن.
ٻئي مرحلي ۾ انهيءَ رعايتون ڏنل طبقي جي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته اهو نه سمجھو ته ظلم ۽ استحصال ڪندو رهڻ سان توهان ڪنهن سزا ۽ تباهي کان بچي ويندا ۽ توهان جي زندگي خوشي ۽ فرحت سان گذر ٿيندي. ايئن نه آهي، جيڪڏهن هن دنيا ۾ توهان کي سزا نه ملي ته مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ توهان جي هر ڳالهه ۽ عمل جي باري ۾ توهان کان ضرور پڇاڻو ٿيندو ۽ توهان کي سدائين جي لاءِ جهنم جي باهه ۾ سڙڻو پوندو. هن دؤر ۾ نبي ڪريم ﷺ کي المنذر يعني بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڊيڄاريندڙ ۽ المزڪي يعني بڇڙن ڪمن ۽ عملن کان دلين کي پاڪ ۽ صاف رکڻ واري تعليم ڏيڻ وارو چيو ويو آهي. هن دؤر ۾ ڳالهه ٻولهه وڏيرن (بڇڙن مالدار طبقن) سان هئي.
[b]پهرين دعوت:
[/b]
نبوت جو چوٿون سال شروع ٿي چڪو هو. محرم 4 نبوي ۾ حج جي موسم واري رونق ختم ٿي چڪي هئي. واپاري پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن واپس هليا ويا هئا. مڪي ۾ عام طور تي خاموشي ۽ سڪون وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو. انهيءَ ماحول ۾ الله جي رسول (صه) صفا جبل تي چڙهي قريشن کي سَڏ ڪيا سڀئي گڏ ٿي ويا ته پاڻ انهن کي چيائون ته جيڪڏهن مان توهان کي چوان ته هن ٽَڪري جي پويان هڪڙو لشڪر توهان تي حملو ڪرڻ لاءِ لڪي ويٺو آهي ته ڇا توهان منهنجي ڳالهه مڃيندؤ؟ سڀني هڪ ئي آواز ۾ چيو ته توهان ته سچار ۽ امانتدار آهيو، انهيءَ ڪري اسان کي توهان جي ڳالهه تي ڀروسو آهي. ان کان پوءِ پاڻ انهن کي چيائون ته جنگ جي ڪري واپار ٺپ ٿي ويو آهي، واپار جي لاءِ اونهاري ۽ سياري جي موسم ۾ رجب ۽ ذي الحج کان پوءِ وارا جيڪي وقت مقرر هئا، سي روم ۽ ايران جي پاڻ ۾ جنگ جي ڪري بيڪار ٿي ويا آهن. واپار جي ڪري بک ۽ خوف وارو ماحول ختم ٿي ويندو هو، سو هاڻ ناهي ٿيو پر اسان انهيءَ ۾ ڦاسي ويا آهيون. توهان حاجين جي لُٽ ڦُر ۾ اڃا تائين لڳا پيا آهيو، دولتمند طبقو گھڻي ميڙِي جو حرص کڻي قبرن ۾ وڃي پوي ٿو، پر مسڪينن، غلامن ۽ مسافرن جي ڪير به سار نٿو لهي. انهيءَ تي ابولهب جي زال پاڻ ﷺ کي ٽوڪيندي چيو ته ڇا اسان پنهنجي دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيون؟ ڇا اهو چوڻ جي لاءِ اسان کي سڏيو هيئي؟ ابولهب به ان جو پاسو کنيو ۽ جھيڙو ٿي پيو. ماڻهو واپس هليا ويا، باقي جيڪي پوئتي رهجي ويا تن کي رسول الله ﷺ جن فرمايو:
انهيءَ صورتحال جو هڪڙو ئي علاج آهي ته توهان سڀني ديوتائن ۽ آقائن جي غلامي ختم ڪري هڪڙي اڪيلي پالڻهار يا مالڪ جي غلامي اختيار ڪريو جيڪو سڀني جو خالق آهي. اهو ديوتائين وانگر قرباني جي رت ۽ گوشت سان خوش ناهي ٿيندو. اهو ظالم نه آهي ۽ دنيا جي آقائن وانگر پنهنجي غلامن جي محنت جو استحصال ناهي ڪندو، پر هن سندن فائدي لاءِ کين ڏاهپ ۽ سمجھه سان نوازيو آهي. انهيءَ ڪري سڀئي انسان برابر آهن. مالڪ ۽ غلام جي فرق کي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀئي پاڻ ۾ اتحاد ڪن. ايئن ڪرڻ سان عقل ۽ عمل جي سگهه آزاد ٿي تخليقي ڪمن ۾ لڳي ويندي. مايوسي ختم ٿي ويندي ۽ بازار جي ٻاڙائي جو به خاتمو ٿي ويندو. اڄوڪن لفظن ۾ پاڻ ﷺ جو پيغام هيءُ هو ته آقا ۽ غلام تي ٻڌل طبقاتي معاشري کي ختم ڪري توحيدي يعني غير طبقاتي معاشرو قائم ڪيو وڃي، جيڪو مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن کان پاڪ ۽ صاف هجي. سڀئي ماڻهو پنهنجي محنت مان ڪمايل پونجي جا پاڻ ئي مالڪ هجن. انهن جي محنت جي آمدني جي وڏي حصي تي ڪوبه ماڻهو قبضو ڪرڻ وارو نه هجي. هڪڙو طبقو جيئن ته پيداواري وسيلن جو مالڪ آهي، تنهن ڪري سڀئي شرارتون، جهالت، ساڙ، نفرت ۽ ڦر مار اهو طبقو ڪري ٿو جيڪو دولت مند آهي. اهڙي طرح ڀوپن ۽ جادوگرن جو طبقو ۽ ڪوڙيون تعريفون ڪرڻ وارا شاعر به انهيءَ لڏي ۾ شامل آهن.
هن گڏجاڻي جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن ۾ انهيءَ پيغام جي باري ۾ چور پچور شروع ٿي وئي ۽ ماڻهو نبي ڪريم ﷺ کان سوال ڪرڻ لڳا. مثال طور اهو ته حاجين کان پئسا وٺڻ ڪيئن گناهه آهي؟ اسان انهن کي ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌايون ٿا جن سان انهن جو واپار وڌي ٿو. اهي اسان وٽان جادو سکندا آهن ۽ تعويذ لکڻ سمجھندا آهن، انهيءَ سان سندن دشمن برباد ٿيندا آهن ۽ کين گهڻا پُٽَ ڄمندا آهن. جنن ۽ شيطانن کان حفاظت ۾ رهندا آهن. غلام يا ڌاريي سان ٻاجھه سان پيش اچڻ ڪمزوري جي نشاني آهي ۽ ظلم ڪرڻ ئي شرافت آهي. جيڪي ظلم نٿا ڪن انهن تي ٻئي ماڻهو ظلم ڪندا آهن. نبي ڪريم ﷺ انهن سڀني ڳالهين جو جواب وحي جي ٻوليءَ ۾ ڏنو. انهيءَ زماني ۾ جيڪي سورتون نازل ٿيون اهي هي آهن؛ (1) سورة قريش، (2) سورة والليل، (3) والعاديات ۽ (4) الزلزال. انهن جو مختصر مطلب هيءُ آهي:
[b][u](1) سورت قريش:
[/u][/b]
قريشي ڇڙوڇڙ هئا. قصي بن ڪلاب انهن کي گڏ ڪيو ۽ هڪڙي قبيلي ۾ سلهاڙيو. ائين هن مڪي ۾ هڪڙي شهري رياست قائم ڪري ورتي. هن جا ٻه پٽ هئا؛ عبدالمناف ۽ عبدالدار. عبدالمناف جا چار پٽ هئا؛ هاشم، عبدالشمس، مطلب ۽ نوفل. شام جي غساني بادشاهه سان هاشم، حبش جي بادشاهه سان عبدالشمس، يمن جي حڪمرانن سان مطلب ۽ عراق ۽ فارس جي حڪومتن سان نوفل واپاري لاڳاپا قائم ڪيا. انهيءَ عمل سان مڪو عرب ٻيٽ جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز بڻجي ويو ۽ قريش وري ماڻهن جا اڳواڻ بڻجي ويا.
هن مبارڪ سورة کان انقلاب جو ٻيو دؤر شروع ٿيو ۽ ڳجھي پرچار وارو زمانو ختم ٿي ويو، انقلابي جاکوڙ جو اعلان ڪيو ويو. صفا جبل کان انهيءَ جي شروعات ڪئي وئي. انهيءَ زماني ۾ عرب جو واپار ايران ۽ روم جي لڳاتار جنگين جي ڪري تباهه ٿي ويو هو ۽ عرب جي اندروني امن امان واري صورتحال عرب قبيلن جي پاڻ ۾ ويڙهه جهيڙن جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي. گذريل ڇهه سؤ سالن کان سڄي دنيا بدامني ۽ ويڙهه جهيڙي ۾ ڦاٿي پئي هئي. غلامن جي خريد ۽ وڪرو عام جام هو، ڏاڍائي واري بادشاهت جو رواج هو. عورت مظلوم هئي ۽ وڪائو مال وانگر نيلام ٿيندي هئي. اگھاڙپ، جنسي ڇڙواڳي هر طرف پکڙجي چڪي هئي. ادب ۽ آرٽ انسان جي حيواني يا شيطاني خواهشن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. غلامن جي محنت جو بي رحمي سان استحصال ڪيو ويندو هو. لڳاتار جنگ جي ڪري انسانيت ماتم ڪري رهي هئي. انهيءَ ماحول ۾ هن سورة مبارڪه ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته سڀني دنياوي آقائن جي خلاف بغاوت ڪري هڪ آقا، جيڪو سڀني جو خالق، نوازشون ڪندڙ، مربي ۽ راهه ڏيکاريندڙ آهي. جي غلامي اختيار ڪئي وڃي. هڪ آقا جي غلام هجڻ جي حيثيت ۾ سڀئي انسان برابر آهن. پنهنجو پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي وڃي، انهيءَ سان بک ۽ جنگين واري گدلاڻ ختم ٿي ويندي. ڪعبي جي پالڻهار جي عبادت ۽ اطاعت سان ئي بک ۽ ڀؤَ جو خاتمو ٿيندو.
انهيءَ جو اهو مطلب هو ته مالدار پنهنجي دولت پٺتي پيل طبقن ۾ ورهائن ته جيئن قبائلي وڏائيءَ کي ختم ڪري برابري پيدا ڪئي وڃي. ڇو ته سڀئي ماڻهو الله تعالى جو عيال آهن. انهيءَ ئي آقا انهن کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي لاءِ رزق جو سامان ميسر ڪري ڏنو آهي. ٿورڙن ماڻهن کي اهو حق ناهي ته اهي قولي ۽ عملي طرح پنهنجو پاڻ کي خدا سڏائن ۽ الله تعالى جي اختيارن ۾ ڀائيوار بڻجي، رزق جي وسيلن تي قبضو ڪري وٺن ۽ عام انسانن کي بک ۽ بدحالي ۾ ڦاسائي ڇڏين. ٻين جي زمينن ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ عوام جي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏين.
پهرين وحي جي پنجن آيتن ۾ اهو ئي پيغام ڏنو ويو هو ته محبت، مساوات، شهري انصاف ۽ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي حاصل ڪيل علم جي مدد سان ارتقا ڪرڻ ۽ عبادت جي وسيلي نفس جي پاڪائي حاصل ڪرڻ ئي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي.
انهيءَ دؤر کان وٺي مڪي جي اميرن ۽ سردارن جي، رسول الله ﷺ ۽ غريب مسلمانن سان دشمني چوٽ چڙهي وئي. اهي ماڻهو تشدد تي لهي آيا. پر پاڻ انهن جي مقابلي ۾ تشدد جي واٽ وٺڻ جي بدران هر قسم جي ظلم کي برداشت ڪيائون.
سورة قريش هڪ ٻي ڳالهه تي به قرآني ثبوت پيش ڪري ٿي ۽ اهو شمسي ڪئلينڊر بابت آهي. قرآن جڏهن ”عمل نسئي“ کي قانون جي خلاف سڏيو ته ان جو مطلب اهو هو ته قمري ڪئلينڊر جي بدران شمسي ڪئلينڊر کي پنهنجايو وڃي. ڇو ته قمري ڪئلينڊر کي شمسي ڪئلينڊر سان مطابقت ۾ آڻڻ جي لاءِ ڏينهن کي گھٽايو وڌايو ويندو آهي. جڏهن ته شمسي ڪئليندڙ ۾ ٻارنهن مهينا پورائي رهندا آهن. سورة قريش ۾ اونهاري ۽ سياري ۾ واپاري قافلن جي وڃڻ جو مطلب اهو هو ته اها موسم پنهنجي وقت تي اچي وڃي ٿي. اهي ئي امن ۽ واپار (حج يا ميلي) جا ڏينهن هوندا هئا؛ جڏهن حج اڪبر مارچ ۾ ۽ حج اصغر سيپٽمبر ۾ هوندو هو. هاڻي بيت الله جي ڪري ماڻهن کي بک ۽ ڀؤَ مان انهن ميلن ۽ واپار (حج) جي ذريعي ڇوٽڪارو ملندو هو. اهي مهينا چيٽ ۽ ڪتي جي وچولي موسم ۾ ايندا هئا، انهيءَ ڪري شمسي ڪئلينڊر ئي صحيح ڪئلينڊر آهي.
[u][b] (2) سورت واليل:
[/b][/u]
سورة قريش ۾ انهيءَ اعلان جي وضاحت کان پوءِ ته جاکوڙ جون ٻه واٽون آهن، هڪ ”اعطى“ (سخاوت) واري ۽ ٻي ڪنجوسيءَ واري. اسلامي انقلاب جو بنياد اعطى واري واٽ آهي.
هن سورة ۾ ٻن مختلف واٽن يا طبقن جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته جيئن انقلابي جاکوڙ ۾ ڪا به نظرياتي مونجھه پيدا نه ٿئي. هڪ انقلابي پنهنجو مال انهيءَ ڪري خرچ ناهي ڪندو ته هو ڪنهن جو بدلو چڪائي رهيو آهي يا ٿورو ڪري رهيو آهي، پر هو اهو سڀ ڪجھه پنهنجي پالڻهار جي راضپي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي ترقي ۽ پاڪائي گھربل هوندي آهي.
ٻي واٽ يا طبقو انهن جي برعڪس آهي. شاهه ولي الله ؓ فرمايو آهي ته جڏهن ڪنجوسي پسند ڌريون، جيڪي سرمائيداري ۽ دولت کي گڏ ڪري رکڻ جون حامي هونديون آهن، معاشري تي حاوي ٿي وينديون آهن ته انسان جي تخليقي صلاحتين جي واڌويجھه رڪجي ويندي آهي. پوءِ الله تعاليٰ طرفان موڪليل ڪو نبي يا ڏاهو انسان وحي الاهيءَ جي مدد سان انهيءَ حالت کي بدلائي ڇڏيندو آهي.
هن سورة ۾ مالدار طبقن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ وارن کي، جيڪي انساني معاشري جي تاريخ جي پهرين ڏينهن کان محنت جي استحصال تي ٻڌل غربت، محرومي، جنسي ڇڙواڳي، رنڊي بازي، اغوا، ويڙهه، ڦرمار، قتل وغيره جهڙن ڪرڀائتن غيراخلاقي عملن جي لاءِ بهانو ڳولڻ وارن فلسفياڻن ۽ اخلاقي نظرين ۽ ڪائناتي تعبيرن گھڙڻ جو سبب بڻبا آهن، اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي طبقا پنهنجي غير انساني فڪرن ۽ عملن جي نتيجن کان مرڻ پڄاڻان به ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگھندا، پر اڃا به جيڪڏهن هن دنيا ۾ سزا کان بچي ويا ته آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويندا.
انهن انساني استحصال پسند ظالم طبقن جي طرفان لادينيت ۽ ماديت جي فلسفن کي هٿي ڏني پئي وئي آهي. نه رڳو ايترو پر انهن الهامي مذهبن جي تعليمن کي ميساري، پنهنجي مفادن جي حق ۾ استعمال ڪيو آهي. قرآن ٻڌايو آهي ته اهي طبقا پنهنجي سزا کان ڪڏهن به بچي نه سگھندا. قيامت جي ڏينهن تي ايمان هڪ تمام ئي انقلابي نظريو آهي، جنهن کان سواءِ اخلاقن کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ ناممڪن آهي.
[b]اعطى:
[/b]انقلابي جاکوڙ جي ڪاميابي ۽ پٺتي پيل طبقن جي خوشحالي جي لاءِ مال خرچ ڪرڻ آهي.
[b]اتقي:
[/b]فرد ۽ معاشري جي ڀلائي ۽ سڌارو، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ۽ انفرادي نفس جي پاڪائي جي لاءِ تبديلي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي.
[b]صدق بالحسنى:
[/b]اهو پروگرام ۽ تعليم جيڪا نفس جي پاڪائي ۽ گڏيل خوشحالي پيدا ڪرڻ ۽ برابري ۽ ٻڌي جو سبب بڻجي.
نبوي انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ رياست اهڙا قانون جوڙيندي آهي، جن سان دولت کي ڪٺو ڪرڻ جو عمل ختم ٿي ويندو آهي ۽ عام خوشحالي جو دؤر شروع ٿي ويندو آهي. ماڻهو کي عبادت جي لاءِ گھڻو وقت ملندو آهي جنهن سان ان جي روحاني سگھه وڌي ويجھي ٿي.
نبوي انقلاب پنهنجي ڪاميابي ۽ جاکوڙ دوران استحصالي طبقن جي لاءِ واڌويجھه جا سڀئي دڳ بند ڪندو ويندو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته انهيءَ جاکوڙ جي شروعات ۽ ان جي ڪاميابي ٻئي الله تعالى جي قانونن موجب هونديون آهن. هن انقلاب جي شروعات ڪندڙ ۽ اڳواڻ کي وحي الاهي جي ذريعي واٽ ٻڌائي ويندي آهي. سڌو رستو خوشحالي، امن، سلامتي ۽ پرهيزگاري ۽ نفس جي پاڪائي وارو ئي رستو آهي.
دولت ۽ اقتدار جي حرص جو لازمي نتيجو لڳاتار جنگاڻ آهي. هن باهه (ناراً تلظى) جو اولڙو آخرت واري زندگيءَ ۾ جهنم جي باهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
[b][u](3) سورت والعٰديٰت:[/u]
[/b]سورة قريش جي انقلاب واري اعلان ۽ ان کان پوءِ سورة واليل ۾ انقلاب واري واٽ جي چٽائي کان پوءِ عرب جي تاريخ ۽ اڻ سڌي طرح دنيا جي تاريخ کي شهادت جي طور تي پيش ڪيو پيو وڃي ته نبوي انقلاب انسان جي اندروني قوتن تي اثر انداز ٿيندو آهي. اهو نه رڳو ٻاهرين حالتن کي بدلائي ڇڏيندو آهي، پر گڏوگڏ اهو به ٻڌائيندو آهي ته قومن جي بربادي ۽ زوالپڻي جو بنيادي سبب دولت جو حرص آهي، جنهن جي لاءِ مزدور جي پورهئي جو استحصال ڪيو ويندو آهي ۽ سڀئي اخلاقي برائيون اتان ئي پيدا ٿينديون آهن. قرآن ٻڌايو آهي ته دولتمندن سان گڏوگڏ انهن جي بتن جا پوڄاري ۽ ڀوپا ۽ جادوگر سڀئي دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندا.
هن سورة جي شروع وارين آيتن ۾ نه رڳو عرب جي اندروني بدامني جي چٽائي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڌاڙا، ڦرمار، خون خرابو ۽ قبيلن جون هڪٻئي تي برتري جي اظهار جي لاءِ جنگيون؛ سڀئي اچي وڃن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ بدامني جا بنيادي سبب پڻ ٻڌايا ويا آهن. اڃا به ائين چئجي ته انهن لفظن ۾ نه رڳو گذريل، پر اچڻ واري تاريخ جو به نقشو چٽيو ويو آهي. يعني جيستائين پورهئي جي استحصال تي ٻڌل معاشي نظام قائم رهندو، تيستائين اهي حالتون برقرار رهنديون. تاريخ ۾ نظر ڪري ڏسبو ته هڪڙين قومن تي ٻين قومن جي چڙهت ۽ حملا انهيءَ ئي دولت کي گڏ ڪرڻ ۽ زمين جي گھڻي کان گھڻي حصي تي قبضو ڪرڻ واري حرص جو نتيجو رهيا آهن ۽ سڀئي حيلا سرمائيداراڻي نظام جو منطقي نتيجو آهن.
لڪنود: خون خرابو، ڌاڙا ڦريون ۽ گھڻي کان گھڻي زمين تي قبضو ڪرڻ واري انساني تاريخ شاهد آهي ته انسان وڏي ٽوٽي ۾ آهي ۽ اهو ناشڪرو آهي. ناشڪري جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جو نالو آهي. انهيءَ سان همدردي، برابري، معاشرتي انصاف، دولت جي ورڇ ۽ نفس جي پاڪائيءَ جي بدران خون خرابي، ڦرمار ۽ قبيلائي دشمني وڌي ٿي. اڄ ڪلهه ته وري قوميت ۽ وطنيت جي بيڪار سياست جو دؤر اچي ويو آهي. انهن سڀني ۾ پنهنجي ذهني ۽ جسماني قوتن کي خرچ ڪرڻ، الله تعالى جي ناشڪري جي برابر آهي. پنهنجو پاڻ انساني تاريخ به شاهد آهي ته انهيءَ سڄي ناٽڪ جو بنيادي محرڪ يا پس منظر ڌن دولت کي گڏ ڪرڻ جو حرص آهي، جنهن جو ذريعو غلام، زرعي غلام ۽ صنعتي يا پگھاردار غلام جي محنت جو کليل استحصال آهي.
هي سامراجي ذهن رکڻ وارا جنگ ۽ خون خرابي جي تباهين کان جيڪڏهن بچي به وڃن ته هڪ ڏينهن انهن کي قبرن مان ڪڍي حساب ورتو ويندو. نبوي انقلاب جي پيروڪارن جو الله تعالى جي ذات تي ايمان کان پوءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ويساهه رکڻ لازمي هوندو آهي. انسان جو هيءُ فلسفو غلط آهي ته علمن جو اثر رڳو دنيا تائين محدود آهي. حقيقت هيءَ آهي ته موت کان پوءِ به هڪ ڏينهن حساب ڪتاب جو آهي جيڪو پڪ سان اچڻو آهي. الله تعالى زندگيءَ جو روحاني بنياد آهي. انهيءَ کان ڪابه ڳالهه ڳجھي نه آهي. گناهه کي اڀارڻ واريون اندروني قوتون الله تعالى جي سامهون ظاهر ٿي پونديون. ڇو ته بڇڙائي کي هٿي ڏيڻ وارا رڳو ٻاهريان سبب نه هوندا آهن، پر ٻاهريان سبب به اصل ۾ اندروني هوندا آهن جيڪي عمل ۾ اچي ڪري تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ ٻاهرين صورت اختيار ڪري وٺندا آهن.
نبوي انقلاب سمجھه کي بدلائي ڇڏيندو آهي. عبادت، ياد الاهي جي ذريعي معاشري کي تبديل ۽ توحيدي معاشرو قائم ڪري، سمجھه جي انهيءَ تبديليءَ ۾ آخرت واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ تمام ئي وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهيءَ عقيدي کان سواءِ اخلاقن کي هاڪاري بنياد ناهي ملندو. انهيءَ عقيدي سان اخلاق فرد جي مرضي تي منحصر نٿو رهي ته هو سٺن اخلاقن کي اختيار ڪري وٺندو آهي. پر قيامت جي ڏينهن جو خيال ان کان اهو اختيار کسي وٺندو آهي ۽ کيس اعلى اخلاق پنهنجائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. پنهنجي خود رخي واري آزادي جو خاتمو ٿي ويندود آهي. عمل جي اندروني سگھه ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ جنت ۽ جهنم کي جوڙي ٿي.
[b][u](4) سورت الزالزال: [/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ قيامت جي ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. قرآني انقلاب جنهن حياتياتي نظريي تي ٻڌل آهي، انهيءَ ۾ سڀني بڇڙائين ۽ تعميري عملن جي اثرن کي مرڻ کان پوءِ واري مدت تائين ڊيگھه ڏني وئي آهي. گذريل سورتن ۾ جن عملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هن سورة ۾ قيامت جي نقشي سان گڏوگڏ انهن جي اثرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
مڪي وارا مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ کي نه مڃيندا هئا. يهودين جو نه رڳو هڪڙو فرقو انهيءَ ڳالهه کي مڃيندو هو، جڏهن ته ٻيو چوندو هو ته تورات ۾ اهڙو ڪوبه تصور نه آهي. قديم مصر وارا انهيءَ تصور کي بابل وارن وانگر روحاني واپسي سمجھندا هئا. ايرانين مان زرتشي انهيءَ کي مڃيندا هئا. هندستان جا آريا نسل به مرڻ کان پوءِ روح جو هڪ قالب کان ٻئي قالب ۾ جنم وٺڻ (آواگون عقيدي) جا قائل هئا. يونان جا ڪجھه فلسفي، جهڙوڪ فيثاغورث به انهيءَ آواگون عقيدي جو قائل هو. قديم آفريڪي قبلين ۾ ته اڃا تائين اهو تصور هلندڙ آهي ته مرڻ کان پوءِ انهن جا روح جانورن، ٻوٽن ۽ وڻن جي شڪل ۾ وري وري ظاهر ٿيندا رهندا آهن.
پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي وارن کي سڀ کان پهريان اهو تصور ڏنو ته رڳو انهيءَ پالڻهار جو حڪم مڃڻ گھرجي جيڪو الله آهي. سڀني کي خلقيندڙ ۽ تمام گھڻو ٻاجھارو ۽ مربي آهي. ان کانپوءِ پاڻ مرڻ مرڻ پڄاڻان هڪ نئين زندگيءَ جو تصور ڏنو ۽ ٻڌايو ته اها زندگي پڪ سان اچڻي آهي. اسلام انهيءَ تصور جي ذريعي انساني عمل ۾ هڪ اڻ مٽ سگھه ڀري ڇڏي. هاڻي انسان جي لاءِ موت هڪ نئي دنيا ۾ پهچڻ جو ذريعو بڻجي ويو جنهن ۾ سندس رهڻي ڪهڻي جو معيار سندس دنياوي زندگيءَ جا عمل آهن.
[b]ڏاڍ ۽ مرضي جي مسئلي جو حل:
[/b]انهيءَ سان ڏاڍ ۽ مرضيءَ وارو ڏکيو مسئلو به حل ٿي ويو ته انسان پنهنجي اخلاقي عملن جي لاءِ مجبور نه آهي. الله تعالى کيس عقل ۽ سمجھه انهيءَ لاءِ ڏني آهي ته جيئن هو ڍورن وانگر پنهنجي جبلتن جي اثر هيٺ نه رهي، پر انهن جبلتن کان مٿانهون ٿي پنهنجو عقل ۽ سمجھه کان ڪم وٺي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هو مجبور نه آهي پر پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي. هاڻي اها ان جي مرضي آهي ته نيڪيءَ جا ڪم ڪري الله تعالى جو راضپو حاصل ڪري يا بڇڙائيءَ جي ڌٻڻ ۾ پاڻ ڦاسائي الله تعالى کي ناراض ڪري پنهنجي آخرت برباد ڪري.
[b]ماديت جو فلسفو:
[/b]جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سراسر مجبور سمجھن ٿا، انهن جي اڳيان اميد واري ڪا به وائي وات ناهي هوندي. اهي ماديت پرست بڻجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري اهي مادي زندگيءَ کي موت تائين محدود سمجھن ٿا.
[b]روحانيت جو فلسفو:
[/b]جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مرضيءَ جو مالڪ سمجھن ٿا، اهي پنهنجي عملن جو لاڀ حاصل ڪرڻ جو يقين رکن ٿا. اهي آسائتا هوندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا قائل هوندا آهن. قرآن مرڻ کان پوءِ به زندگيءَ جي سلسلي کي قائم ڪري ڇڏيو ۽ نيڪيءَ واري واٽ تي آيل موت کي به آسائتو بڻايو ۽ اهو به ٻڌايو ته ڪنجوس ۽ ظالم ماڻهو موت کان پوءِ واري زندگيءَ کي انهيءَ ڪري نٿو مڃي ته متان کي سندس بدعملن جي سزا ملي. پر سندس اها سوچ کيس پنهنجي بد عملن جي سزا کان بچائي نه سگھندي ۽ آخر ڪار کيس پنهنجي بڇڙن عملن جو اگرو نتيجو پسڻو ئي پوندو.
[b]ٻي دعوت:
[/b]نبوت جي چوٿين سال، محرم جي مهيني ۾ پهرين دعوت ڏني وئي. هاڻي رجب ۾ ٻي دعوت ڏني وئي. انهيءَ لاءِ پاڻ ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ فرمايو ته مان گھران ٿو ته توهان کي دنيا ۾ به عزت ملي ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ به عيش ۽ آرام نصيب ٿئي. هن دفعي ماڻهن ظاهر ظهور مخالفت نه ڪئي. پاڻ ڪريم ﷺ دولتمند ٽولن ۽ خاندانن کي دردناڪ عذاب کان ڊيڄارڻ شروع ڪري ڇڏيو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪو قرآن نازل ٿيو اهو هي آهي:
[b][u](5) سورت والعصر:
[/u][/b]
دنيا جي قومن جي تاريخ مان شاهدي ورتي وئي ته قومن جي بربادي ايمان (مقصد جي تعين) ۽ نيڪ عملن (انهي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ) جي اڻهوند جي ڪري ٿي آهي. مقصد جو مطلب هڪ پالڻهار (حقيقي مالڪ) جي ٻانهپ اختيار ڪرڻ ۽ ٻين سڀني (دنياوي) مالڪن کان بغاوت ڪرڻ آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ انساني ڀلائي ۽ سڌاري جي لاءِ حق واري دين جو قائم ٿيڻ ضروري آهي. انهيءَ مقصد ۽ نيڪ عمل کان سواءِ تاريخ جون سڀئي تهذيبون ۽ اڄ جي اولهائين تهذيب به حسي (Sensual) تهذيبون سڏيون وڃن ٿيون، جن جو مقصد رڳو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ هوندو آهي. انهيءَ ظلم، جنگ ۽ جھيڙي، جنسي ڪميڻائپ، چوري ۽ ڦرمار، ڪمزور کي ڦرڻ ۽ انهن جي محنت جو استحصال، دولت جي حرص جهڙيون سڀئي بداخلاقيون پيدا ٿين ٿيون ۽ اهي ئي برائيون قومن کي برباد ڪري ڇڏينديون آهن؛ ۽ اهو ئي قرآن جو قطعي ۽ عالمگير قانون آهي. سڄي انساني تاريخ طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي جنهن جي شروعات زراعت واري دؤر کان ٿي ۽ معاشرو ٻه مخالف مفاد رکڻ وارن معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. اِهي ئي اُهي حقيقتون آهن جن جي نتيجي ۾ سموري تاريخ انهن تباهي پيدا ڪندڙ تخريبي بداخلاقين سان ڀري پئي آهي. سموري تاريخ ۾ عورت ۽ غلام تمام ئي مظلوم طبقا هئا. انسان جي انسان مٿان ظلمن ۽ تباهيءَ سان سموري تاريخ رتورت آهي. انهيءَ صورتحال جو علاج رڳو توحيدي يعني غير طبقاتي معاشري جو قائم ڪرڻ آهي. ڇو ته طبقاتي معاشرو مشرڪ ۽ شرڪ تي ٻڌل معاشرو هوندو آهي.
[u][b](6) سورت التڪاثر:[/b]
[/u]سورة والعصر کان پوءِ تاريخ جي طبقاتي تصور جي سلسلي ۾ ”التڪاثر“ ۾ مالدار طبقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اسان جي دؤر ۾ مالدار طبقو ڪارخانيدارن، جاگيردارن ۽ وڏن واپارين تي ٻڌل آهي. انهيءَ طبقي جو مقصد ئي نفعو ڪمائڻ هوندو آهي نه ڪي عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ. اهو طبقو نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ مزدور جي محنت جو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي استحصال ڪندو آهي جيڪو حقيقت ۾ وياج آهي.
هنسورة ۾ انهيءَ طبقي کي دوزخ جي باهه ۾ سزا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي. هيءُ اهو ئي طبقو آهي جيڪو انساني تاريخ ۾ سڀني بڇڙائين جو سرچشمو رهيو آهي ۽ اڄ به آهي. شراب خوري، زنا، رتوڇاڻ، غربت، بيروزگاري وغيره، اهي سڀئي معاشرتي بيماريون انهيءَ ئي طبقي جي ڦر مار ۽ استحصال جي پيداوار آهن. انهيءَ ڪري ئي قرآن ڪريم ۾ هر جاءِ تي انهن کي دوزخ جي سزا کان ڊيڄاريو ويو آهي. ڌن دولت جو حاصل ڪرڻ ئي انهيءَ طبقي جو بنيادي مقصد آهي. هنن وٽ سڀئي پيداواري وسيلا هوندا آهن جڏهن ته انساني گھڻائي انهن وسيلن کان محروم هجڻ جي ڪري هن طبقي وٽ پنهنجي محنت وڪڻي روزي حاصل ڪندا آهن.
هن سورة مبارڪه ۾ يقين جا ٽي درجا ٻڌايا ويا آهن. علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين. مثال طور جيڪڏهن ڪٿان ڪو دونهون اٿي رهيو هجي ته گمان ٿيندو آهي ته اتي باهه ٻري رهي آهي (علم اليقين)، جيڪڏهن باهه جا ڀڀڙ نظر اچن ته پڪ ٿي ويندي آهي (عين اليقين) پر جيڪڏهن انهيءَ ڀڀڙ ۾ هٿ وڌو وڃي ۽ سڙاند محسوس ٿئي ته اهو حق اليقين جو مرحلو آهي. ڇو ته هاڻي انهيءَ جي باهه هجڻ ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو. حق اليقين جو مرحلو قيامت جي ڏينهن سامهون ايندو.
[b][u](7) سورت القارعه:[/u]
[/b]سورة تڪاثر ۾ دولتمندن جي لاءِ باهه جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هن سورة مبارڪه ۾ انهيءَ طبقي کي، جيڪي غلامن (پيداواري وسيلن کان محروم ٿيل طبقو جنهن وٽ پيٽ پالڻ جو ذريعو رڳو محنت ئي آهي، جاگيرداري زماني ۾ زرعي غلام ۽ هاڻي مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخاني جو مزدور پگھاردار غلام بڻجي ويو آهي) جي استحصال سان پنهنجي ٽجوڙين کي ڀريندا آهن، انهن کي ” خَفَّتْ مَوَازِيْنُہ “ يعني ٽوٽي وارا ٻڌايو ويو آهي. انهن جي سزا هاويه آهي، جيڪا دوزخ جي هڪڙي کاهي آهي.
”ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُہٗ“جو مطلب مالي برابري قائم ڪرڻ، محنت جي استحصال کي ختم ڪرڻ، پٺتي پيل طبقن کي انهن جي محنت جو حق ڏيڻ جي لاءِ پيداواري وسيلن کي ڳڻيل ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي، عوام جي حوالي آهي. ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار مزدور کي ان جي پيدا ڪيل شين جي نفعي مان ڪجھه به نٿو ڏئي ۽ لڳ ڀڳ سڄي ساري نفعي تي پاڻ ئي مالڪ ٿي ويهي رهي ٿو. انهيءَ کي هو نفعو سڏي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو نفعو نه پر سراسر وياج آهي. ڇو ته انهيءَ ۾ ڪارخاني جي مالڪ يا جاگيردار جي محنت شامل نه هوندي آهي، پر محنت ڪرڻ واري جي محنت مان جيڪو نفعو حاصل ٿيندو آهي، تنهن کي به هو ڦٻائي وڃي ٿو. انهيءَ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ کان سواءِ عوام نه ته علم حاصل ڪري سگھي ٿي ۽ نه خوشحال زندگيءَ جو مزو ماڻي سگھي ٿي. هن سورة ۾ قيامت جي قائم ٿيڻ جو حال به بيان ڪيو ويو آهي. اهو ئي قيامت ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن آهي.
[b][u](8) سورت الناس: [/u]
[/b]حق واري دين جي عملي پروگرام جي وضاحت جي لاءِ اها چوٿين صورت آهي. الناس جو مطلب عوام آهي. ٻي جاءِ تي ان کي ”الانام“ چيو ويو آهي. عوام جي گھڻائي غلامن ۽ پٺتي پيل طبقن تي ٻڌل هئي. اسان جي دؤر ۾ اهي ئي غلام اصل ۾ زرعي ۽ پگھاردار غلامن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ڀوپا، شاعر توڙي مذهبي ٺيڪيدار، سڀئي دولتمندن جي مفادن جي پشت پناهي ڪندڙ آهن. اهي ئي خناس آهي. اسان جي دؤر ۾ اهي روحانيت جي دعوى ڪرڻ وارن مرتدن يا رڳو پنهنجي شهرت جو شوق رکڻ وارن شاعرن ۽ مذهبي پيشوائن جي شڪل ۾ موجود آهن.
رب الناس ئي عوام جو مالڪ حقيقي آهي؛ يعني پرورش جو سامان مهيا ڪرڻ وارو، ته جيئن عوام انهن جي پيداواري وسيلن سان پنهنجون مادي ضرورتون پوريون ڪري سگھي. اهو ملڪ الناس يعني عوام جو بادشاهه آهي، يعني فيصلو ڪرڻ وارو، دولتمند استحصال پسندن ۽ ڪنجوسن کي دوزخ ۾ وجھندو. الٰه الناس يعني عوام جو معبود. بت ۽ انهن جي پوڄا ڪرڻ دولتمندن ۽ انهن جي ساٿارين جي سازش آهي، جنهن سان اهي عوام کي ڦرن ٿا ۽ انهن جي اندر بدحالي کان منهن موڙڻ لاءِ بي بنياد وهم پکيڙين ٿا. انهن کي علم جي روشني کان محروم رکن ٿا ۽ عقلن تي وسوسن جا پردا وجھي ڇڏين ٿا. اهي عوام کي ٻڌائن ٿا ته بدحالي، غربت ۽ مسڪيني الله تعالى انهن جي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي جنهن کي ختم نٿو ڪري سگھجي. تنهن ڪري انهن کي صبر ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جي بدلي مرڻ کان پوءِ انهن کي وڏو اجر ملندو. انهيءَ طبقي کي رستي کان هٽائڻ ئي حق واري دين جو اصل مقصد هوندو آهي ته جيئن عوام ۽ انهن جي مالڪ (رب) ملڪ الناس ۽ معبود جي وچ ۾ سڌو سنئون لاڳاپو قائم ٿي سگھي.
جيتوڻيڪ جِنَ انسانن کان هڪ الڳ مخلوق آهن، پر عام ماڻهو انهن جي باري ۾ خبر چار نٿا لهي سگھن. جنهن ڪري اهي بحث جو موضوع نٿا بڻجي سگھن.
هن سورة مبارڪه ۾ انسان جون ٽي حيثيتون ۽ سندس الله تعالى سان لاڳاپي جي وضاحت ڪئي وئي آهي. (رب) اهي ماڻهن کي غلام ڪندڙ ڪوڙا آقا آهن. عوام جي پرگھور جو سامان الله تعالى پيدا ڪيو آهي، جنهن کي هو پنهنجي محنت، عقل ۽ سمجھه سان استعمال جي لائق بڻائي سگھن ٿا. (ملڪ) بادشاهه ۽ حڪمران طبقا؛ ٻئي غلامن کي ڦرن ۽ انهن کي پنهنجي ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙين ٿا، اڄوڪي نالي ۾ جمهوريت جي ايوانن ۾ اهي ئي جاگيردار، صنعتي سرمائيدار ۽ وڏا واپاري، جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي جوئا خانن کي هلائن ٿا، ويٺل آهن. الله تعالى سڀ کان مٿانهين بادشاهه هجڻ جي حيثيت سان بدڪار ماڻهن کي انهن جي عملن جي بدلي ۾ دوزخ ۾ وجھندو. ڇو ته بادشاهه توڙي فيصلو ڪرڻ واري حاڪم هجڻ (معبود) جي ڪري عبادت جي لائق رڳو الله تعالى جي ذات آهي، جنهن عوام جي لاءِ ان جي پرورش جو سامان پيدا ڪيو ۽ انهن کي عقل ۽ فڪر جي روشني ڏني. (علم بالقلم) انهن کي تجربي ۽ مشاهدي جي سگھه بخشي ته جيئن اهي پنهنجي مرضي موجب ترقي ڪري سگھن. پر اهي دولتمند حڪمران طبقا، بت پرستي تي زور ڏيڻ وارا شيطان پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عوام ۾ قناعت، غلامي ۽ وهمن کي پکيڙين ٿا. اهو ئي خناس طبقو آهي. انهن جي برائيءَ کان رڳو الله تعالى جي صحيح معنى ۾ سڃاڻ، ايمان ۽ عمل سان ئي بچي سگھجي ٿو.
خناس: ظاهر ۾ ته اهي دولتمند حڪمران ۽ مذهبي ٺيڪيدار (مذهبي پيشوا) عوام دوست ۽ مددگار جي حيثيت سان سڃاتا ويندا آهن، پر اهي پنهنجي اصلي ۽ خوفناڪ مقصدن کي لڪائيندا آهن. عوام ۾ وري اهو مشهور ڪندا آهن ته اهي سندن دوست، مددگار ۽ ڀرجھلا آهن. انهن ٽنهي طبقن (دولتمندن، حڪمرانن ۽ مذهبي پيشوائن) طرفان پنهنجي مفادن ماڻڻ جي لاءِ وڏو مواد شايع ڪيو ويندو آهي. انهيءَ سڄي عمل ۾ عوام ڏينهون ڏينهن مفلس، غلام، مظلوم ۽ وهمن ۾ گھيربو ويندو آهي. اهو ئي اُهو معيار آهي جنهن سان انساني تاريخ ۾ هن طبقي کي پرکي ۽ سڃاڻي سگھجي ٿو. انهيءَ جي برخلاف الله تعالى جي فرمانبرداري، پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت؛ آمريت، بادشاهيت ۽ سامراجيت جي جاءِ تي علم دوستي، تجربي ۽ مشاهدي سان علم جو حاصل ڪرڻ؛ فطرت کي مسخر ڪرڻ سان ترقي جي دڳ تي هلڻ جي ضمانت آهي. اهو سڀ ڪجهه الله تعالى جي آقا، حاڪم ۽ معبود مڃڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي رعايتون ڏنل طبقن الله ۽ مذهب جي نالي کي عوام کي ڦرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
[b][u](9) سورت والشمس: [/u]
[/b]هن سورة ۾ ڪاميابي ماڻڻ وارن ۽ ناڪام ٿيڻ وارن طبقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪائنات، انساني نفس ۽ تاريخ جون شاهديون پيش ڪيون ويون آهن. اهي ٽئي وسيلا انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته انساني معاشرن ۽ قومن مٿان تباهي انهن جو مالدار طبقو آڻيندو آهي. انهن کي محڪوم ۽ غلام بڻائيندو آهي ۽ انهن کي علم ۽ عقل کان محروم رکندو آهي ۽ انهن جي تباهيءَ جو سبب بڻبو آهي.
سورة عصر ۾ بيان ڪيل تاريخ بابت نظريي جي وضاحت ۾ اهي سڀئي مبارڪ سورتون بيان ڪيون پيون وڃن. يعني غربت، بدحالي، محڪومي، اظهار ۽ عمل جي آزادي جي کوٽ، علم ۽ تجربي کان محرومي، جهالت جي اوندهه؛ اهي ئي اهي سڀئي شيون آهن جيڪي قومن کي برباد ڪنديون آهن. شاهه ولي الله دهلويؓ جي قول موجب، جڏهن بادشاهن ۽ حڪمرانن جي طرفان پنهنجي حڪومت ۽ اقتدار بچائڻ ۽ رڳو پنهنجي عيش ۽ آرام جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ عوام کان سخت پورهيو ڪرايو ويندو آهي ۽ عام انسان عقلي ۽ ذهني لحاظ کان گڏهن ۽ ڍڳن جي حد تائين ڪري پوندا آهن ۽ آخرت جي علمن کان بي خبر ٿي ويندا آهن، ته اهو معاشرو ۽ قوم برباد ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري اسلامي معيشت، عوامي جمهوريت ۽ علم جي حاصلات کي عام ڪرڻ ئي ترقي، شان ۽ شوڪت جا ضامن آهن. دين الاهي به انهن ئي ڳالهين کي قائم ڪرڻ جي لاءِ آيو آهي. انهيءَ سان ئي عام ۽ خاص، سڀئي پنهنجي آخرت واري زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. پرهيزگاري ۽ عبادت جو عمل اهڙي ئي ماحول ۾ صحيح نتيجا پيدا ڪندو آهي.
هن سورة جي پهرين کان ڇهين آيت تائين ڪائناتي شاهديون پيش ڪيون ويون آهن. ستين ۽ اٺين آيت ۾ انساني نفس جي شاهدي ڏني وئي آهي. نائين ۽ ڏهين آيتن ۾ ڪاميابي ۽ بربادي جي رستن جي چٽائي ڪئي وئي آهي. يارهين آيت کان سورة جي آخر تائين تاريخي شاهديون پيش ڪيون ويون آهن.
سوجھرو ۽ اونداهي، مٿانهين ۽ هيٺانهين، تکي ساڙيندڙ اس ۽ ٿڌي سوجھري جا ضد انهيءَ ڳالهه تي دلالت ڪن ٿا ته انسان جي لاءِ به ٻه واٽون آهن. هڪڙي واڌويجھه ۽ ترقي جي واٽ ۽ ٻي وري بربادي ۽ بي حسي واري واٽ. انهن ٻنهي واٽن جي ڄاڻ انسان جي شعور ۾ وڌي وئي آهي، جيڪا ان لاءِ اڻپوري آهي، جنهن ڪري الله تعالى طرفان نبين کي موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جيئن ته انسان پنهنجي اندر يا ضمير جي آواز کي پنهنجي خواهشن جي دٻاءَ هيٺ غلط رخ ۾ ڦيري ڇڏي ٿو. تنهن ڪري مالدار طبقن نبين سڳورن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ انهن کي تڪليفون ڏنيون، ۽ آخرڪار اهڙن پرڪارن جي ڪري سموري قوم تباهه ڪئي ٿي وئي. ثمود قوم جو واقعو انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي، جنهن جي سردارن پنهنجي نبيءَ کي چيو ته توکي انهيءَ جي ڪري نٿا مڃون جو تون اسان جي نيچ ماڻهن سان اٿين ويهين ٿو.
[b][u](10) سورت الهمزه:[/u]
[/b]هن سورة ۾ مالدار ماڻهن واري طبقي جي هڪڙي نفسياتي بيماري جي چٽائي ڪئي وئي آهي. اهو هيءُ ته اهي سمجھندا آهن ته محنت ڪندڙن جي محنت جي استحصال ۽ ٻين غلط طريقن سان جيڪا دولت گڏ ڪئي ويندي آهي سا سدائين انهن وٽ رهندي. الله تعالى ٻڌائي ٿو ته انهن جو مال، انهن جي وڏيرپ ۽ جاگيرون، انهن جا ڪارخانا، انهن جون شپنگ ڪارپوريشنون کين آخرت جي عذاب کان بچائي نه سگھندا. گذريل سورتن ۾ لڳاتار اهو ٻڌايو پيو وڃي ته سڀني معاشرتي بيمارين جو بنياد حد کان وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ جو حرص آهي. ظالمن ۽ نافرمانن جي لاءِ باهه جا ڀڀڙ ڊگھن ٿنڀن جي صورت ۾ ڀڙڪي رهيا هوندا ۽ اها باهه دلين تائين يعني عقل ۽ شعور تائين پهچي ويندي ۽ انهن کي برباد ڪري ڇڏيندي جنهن کان پوءِ اهي پنهنجي حواسن کان ڪم نه وٺي سگھندا.
[u][b](11) سورت المعارج:
[/b][/u]
هن سورة مبارڪه ۾ دوزخي ۽ جنتي معاشري جو نقشو چٽيو ويو آهي.
[b]جهنمي معاشرو
[/b]1. مالدارن جي ڦرمار، محنت جي استحصال، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ذريعي پنهنجي ٽجوڙين کي ڀرڻ سان معاشري ۾ غربت، بدحالي ۽ مفلسي پيدا ٿئي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گھڻن ئي انسانن کي، جيڪي گھڻو ڪري مزدور ۽ پورهيت هوندا آهن، الله تعالى سان لاڳاپن ۽ علم جي سوجھري کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن.
2. انهيءَ مالدار طبقي جي ڪري ئي جنسي ڇڙواڳي پيدا ٿئي ٿي. زنا عام ٿي وڃي ٿي. مجبور ماڻهو پنهنجي عزت وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ۽ آسودا انهن غريبن جي عزتن سان کيڏڻ لڳندا آهن.
3. ڪائنات جي تصور ۾ الحاد ۽ ماديت جو تصور اچي ويندو آهي.
4. هن طبقي وٽ معاهدي جي پابندي ڪابه اهميت ناهي رکندي. انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي واعدي خلافي عام ٿي ويندي آهي.
5. هي مالدار طبقو ڪوڙا ڪيس ڪري ڌوڌ ۽ ڌانڌلي جي ذريعي ڪمزور ماڻهن جي ملڪيتن ۽ انهن جي محنت جي ڪمائي تي قبضو ڪري وٺندو آهي.
6. رشوت خوري، پنهنجا نوازڻ، جارحاڻي قوميت ۽ وطنيت هن ئي طبقي جا فڪري نتيجا آهن.
7. الله تعالى سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ نماز جي قائم ڪرڻ کي هيءُ طبقو وقت جو زيان سمجھندو آهي.
8. پٺتي پيل طبقن جي مدد ڪرڻ، جيڪي حقيقت ۾ انهن طرفان ڪيل محنت جي استحصال جي پيداوار آهن، هنن جي لاءِ پئسو زيان ڪرڻ جي برابر آهي.
9. ٻين جي ملڪيت ۽ ٻين جي ڪچي مال جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ، غلامن ۽ مزدورن جي سستي محنت مان فائدو وٺڻ، پنهنجي دولت جي واڌاري جي لاءِ ويڙهه ۽ خون خرابو ۽ ڦرمار ڪرڻ هن طبقي جو پسنديده مشغلو آهي.
10. انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تائين جيتريون به غيرانساني ريتون رسمون ۽ عمل نظر اچن پيا، سڀئي انهيءَ مالدار طبقي جون ئي لچائيون آهن.
11. قرآن انهيءَ ئي معاشرتي پيش منظر کي دوزخ ۽ دوزخي معاشري جي نالي سان پيش ڪري ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجي دعوت جو مقصد حق جي پيروڪارن جي هڪڙي جماعت تيار ڪري، انقلابي جاکوڙ شروع ڪرڻ ۽ جاني ۽ مالي قرباني جي مدد سان انهيءَ دوزخي معاشري کي جنتي يا توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ سڏي ٿو.
[u]جنتي معاشرو
[/u]
هي دوزخي معاشري جو ضد آهي.
1. هن معاشري ۾ پيداواري يا روزگار جي وسيلن کي انفرادي يا ذاتي (private) ملڪيت جي بدران مزدورن جي گڏيل سهڪار واري جماعت پنهنجي هٿ هيٺ رکندي آهي ته جيئن دولت ڪن ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ گڏ ٿي بيهي نه وڃي ۽ سورة حشر جي مطابق دولت هيٺين طبقي تائين به پهچي سگھي.
2. انهيءَ جو نتيجو اهو به ٿيندو آهي ته عام ماڻهن جي ملڪيت ۽ محنت سان حاصل ڪيل موڙي کي ڪوڙن ڪيسن ۽ ڏاڍ جي ذريعي ڦريو ناهي ويندو، پر هر ڪنهن جي ذاتي(personal) ملڪيت جو احترام ڪيو ويندو آهي. يعني اها ملڪيت جيڪا رڳو اڻٽر ذاتي ضرورتن جو پورائو ڪندي هجي، جنهن ۾ ذاتي ”ضرورت“ عياشيءَ واري حد کي نه پهچي.
3. دولت جو ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ جي خاتمي سان جنسي ڇڙواڳي، چڪلي خوري، عزت وڪڻڻ ۽ ان طرح جي ٻين جنسي برائين جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. عورت جي عزت ۽ پاڪدامنيءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي. جنسي لاڳاپا جائز طريقن سان قائم ٿيندا آهن.
4. ڪنهن جي خلاف ڪوڙ شاهدي ڏيڻ، پنهنجي مفادن جي لاءِ معاهدن کي ٽوڙڻ ۽ واعدن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي.
5. انساني زندگيءَ جو مقصد اخلاقي پاڪائي ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۽ الله تعالى سان تعلق قائم ڪرڻ ٿي ويندو آهي، جنهن جي ڪري برائين ۽ بڇڙائين جي اندروني قوتن جو خاتمو ٿي ويندو آهي. ائين جبلتن ۽ حيواني گهرجن تي ضابطو حاصل ٿي ويندو آهي.
6. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نماز قائم ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ تي هميشگي اختيار ڪئي ويندي آهي ته جيئن انساني نفس ۾ بڇڙائين يا جبلتن جي حيواني گھرجن جي اندروني قوتن جو خاتمو ٿي سگھي ۽ معاشري ۾ دائمي امن، خوشحالي، اخلاقي پاڪائي، ڀائپي ۽ برابري قائم ٿي وڃي. اهڙي معاشري ۾ عورت جو احترام قائم رهندو آهي جيڪو هر تعميري معاشري جو لازمي گڻ آهي.
7. اهڙيءَ طرح انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي انساني ترقي ۽ ان جي قوتن جي واڌويجھه جاري رهندي آهي. ويڙهه جھيڙي ۽ جارحاڻي وطنيت ۽ قوميت جا رجحان ختم ٿي ويندا آهن.
8. هن معاشري ۾ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور الحاد ۽ ماديت تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر الله تعالى کي پنهنجو مالڪ (پالڻهار) ۽ مربي مڃيو ويندو آهي. انسانن سان احترام ۽ محبت تي ٻڌل سلوڪ رکيو ويندو آهي. هر ڪنهن جي حقن جي سنڀال ۽ معاشرتي انصاف تي وڌ کان وڌ زور ڏنو ويندو آهي.
9. قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ڏني ويندڙ جزا ۽ سزا کان ڊيڄاريو ويندو آهي.
هن سورة مبارڪه ۾ هڪ ٻيو اشارو اهو به ملي ٿو ته انساني تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي جي ترقي شايد پنجاهه هزار سالن تائين رهي. زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڏهه هزار سال ته گذري چڪا آهن. اسلام کان پوءِ يورپ ۾ گذريل چار سؤ سالن کان ترقي جي رفتار تمام ئي تيز رهي آهي ۽ زمين جي گولي تان سامراج ۽ دولت جو ڪن ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ واري شيطاني عمل جي خاتمي کان پوءِ، ترقي جي رفتار گڏيل طور تي تمام تيز ٿي ويندي ۽ الله تعالى جو منصوبو انسان جي هٿان مڪمل ٿيڻ ڪري ويڙهه جھيڙي واري حالت ماٺي ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ نئين دنيا ظاهر ٿيندي. اهڙي طرح ايندڙ چاليهه هزار سالن ۾ انساني ترقي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سڀئي اخلاقي بڇڙائيون دولت جو ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. اهڙا مالدار ماڻهو هزارن ۾ ڪي ٿورڙا ئي هوندا جيڪي الله لوڪ ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ وارا هوندا. عام طرح وڏائي، گھمنڊ، ڪمزورن تي ڏاڍائي، جنسي ڇڙواڳي، جوئا بازي ۽ ٻئي انسان دشمن عمل عام طرح مالدار طبقي وارن کان ئي ٿيندا آهن. هن سورة مبارڪه ۾ خدائي عذاب جي پڪڙ جي سختي کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سزا ڏنل ماڻهو پنهنجي سزا کان بچڻ لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻين مٽن مائٽن کي پنهنجي بدراڻ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.
اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته جيستائين پيداواري وسيلا ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ ملڪيت مان نڪري ڪري عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ نٿا اچي وڃن، انساني معاشرو جيئن جو تيئن دوزخي معاشرو بڻيو رهندو، پوءِ ڀلي علم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪيتري ئي ترقي ڇونه ڪري وٺي.
جنتي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پيداواري وسيلن کي عوامي ملڪيت ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي روحاني تعبير يعني هن ڪائنات جي خالق جي وجود کي مڃڻ ۽ انساني فطرت ۾ جبلتن کان سواءِ خدائي سگھه (Divine Energy) جي موجودگي کي مڃڻ به ضروري آهي. ڇو ته ڪائنات ۽ انساني فطرت جي روحاني تعبير کان سواءِ عوامي ملڪيت مان حاصل ٿيڻ واري خوشحالي ۽ خوشي، فردن منجهان ذڪر ڪيل اعلى مقصدن ڏانهن توجهه کي هٽائي جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي ۽ جوئابازي وغيره ڏانهن وٺي ويندي آهي. اشتراڪي معاشري ۾ مذهب کي رد ڪرڻ جي ڪري اها ئي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي، جنهن جي ڪري ان جو وجود ئي ختم ٿي ويو.
[u][b](12) سورت عَبَسَ:[/b]
[/u](1) هن سورة مبارڪه ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه حق واري دين جي پرچار بابت ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ اهو هي ته هڪ انسان، جيڪو غريب ۽ مسڪين آهي، پر اهو حق جي ڳالهه کي سمجھي وٺي ٿو ۽ ايمان آڻي ٿو ته اهو هڪ وڏي مالدار ۽ اٿي ويٺي واري ماڻهو جي مقابلي ۾ انقلاب لاءِ وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿيندو آهي. جڏهن ته مالدار ماڻهو حق واري ڳالهه کي مڃڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو. قرآن انهيءَ حقيقت جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهي ماڻهو نبيءَ جي ڳالهه کي انهيءَ جي ڪري نٿا مڃين جو سندس انهيءَ ڳالهه کي ان جي غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي ماڻهن مڃي ورتو آهي. ابوجهل به پاڻ ڪريم ﷺ جي دعوت جي جواب ۾ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي.
(2) قرآني تعليم توڙي قرآني انقلاب جي عظمت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي سا ڪا معمولي تعليم يا معمولي انقلاب نه آهي. انهيءَ تعليم کي اڳتي وڌائڻ وارا، ان جي اشاعت ڪرڻ وارا ۽ ان جي بنياد تي انقلاب آڻڻ وارا تمام ئي عظيم ماڻهو آهن. اها تعليم انسان کي عظمت جي تمام ئي مٿانهين درجي تي پهچائي ڇڏي ٿي. انهيءَ تعليم جي ڪري فرد توڙي معاشرو، اخلاقي برائين جي بڇڙائي کان ڇوٽڪارو ماڻيندي دوستي، محبت، معاشي خوشحالي، برابري، امن ۽ آزاد فڪري جي مٿانهين درجي تائين پهچي وڃن ٿا. نه رڳو قرآن پر سڀني پاڪ آسماني ڪتابن تي ايمان رکڻ وارا، انهن جي حقيقي تعليم موجب انقلاب آڻڻ وارا ماڻهو تمام ئي عظيم انسان آهن. قرآن دينن جي هيڪڙائي جو قائل آهي.
(3) مالدارن ۽ حڪمران طبقن کي سبق ڏنو ويو آهي ته انهن کي پٺتي پيل طبقن ڏانهن نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ بدران، پنهنجي خلقت تي ويچار ڪرڻ گھرجي ته انسان جي حيثيت ۾ انهن جي خلقت جو عمل به اهو ئي آهي جيڪو هڪ غريب جو هوندو آهي. ٻئي هڪ ئي طرح ۽ هڪ ئي حالت ۾ پيدا ٿيندا آهن. رڳو طبقاتي ماحول جو فرق هوندو آهي، جنهن سان نئون ڄاول ٻار امير يا غريب جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي.
(4) طبقاتي اختلاف جي ڪري معاشي هيٺ مٿانهين به خدا تعالى جي جوڙيل تقدير آهي. پر الله تعالى اهو مقدر نه ٺاهيو آهي ته پٺتي پيل ۽ غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي حالت بدلائڻ جي لاءِ جاکوڙ به نه ڪن. اهو ته معاشي قانونن تي دارومدار رکي ٿو ته ماڻهو امير يا غريب پيدا ٿيندا آهن. اڄ جڏهن انهن قانونن جي سمجھه اچي چڪي آهي ته هاڻي اهو ٿي سگھي ٿو ته مزدور ماڻهو پنهنجي شعور کي جاڳائن ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري جاکوڙين ته جيئن استحصال پسند طبقن کان ڇوٽڪارو ماڻي، انهن کان به وڌيڪ مٿانهين ۽ عظمت ڀري زندگي گذاري سگھن.
(5) مالدار طبقن جا ماڻهو پنهنجي دولت جي ڪري وڏائي ۽ انسان دشمني جهڙن اجاڙيندڙ ۽ ناڪاري ڪردار کي پنهنجائي، خدائي حڪمن جي خلاف عمل سان پنهنجي پڄاڻي کي پهچن وڃن ٿا.
(6) قرآن چوي ٿو ته مالدار طبقي کي ويچار ڪرڻ گھرجي ته روزگار جي سڀني وسيلن جي پيدائش هن طبقي جي دولت ۽ محنت جو نتيجو نه آهي. زندگيءَ جا وسيلا الله تعالى پنهنجي سڀني ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن، پر مزدور انهن جي پيدائش مان فائدو نٿو وٺي سگھي، ڇو ته انهن تي ڏاڍائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڪي ٿورڙا ماڻهو قبضو ڪري وٺن ٿا. جيتوڻيڪ انهن وسيلن جي پيدائش تي انهن جو ڪو به وس نه آهي، اهي خدائي بخشش آهن. جيئن ته انهن وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي سبب ماڻهن جي گھڻائي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي محنت وڪڻي، پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور هوندي آهي؛ انهيءَ ڪري قابض طبقو پنهنجي دولت جي گھڻائي جي ڪري، جيڪو اصل ۾ مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي؛ اقتدار، علم ۽ تهذيب جي وسيلن تي قبضو ڪري وٺندو آهي. اهڙي طرح انسان پنهنجي انساني حيثيت کان محروم ٿي مزدور، غلام- زرعي يا پگھاردار غلام جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ پنهنجي محرومي ۽ ناداري جي ڪري علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان لڳاتار محروم رهندو آهي.
(7) جيڪڏهن هي مالدار ۽ حڪمران طبقو انهيءَ انساني ۽ معاشي حقيقت کي نه سمجھي ۽ پنهنجي دولت ۽ سگھه کي پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي انساني سطح تي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ۾ خرچ نه ڪري ته دوزخ جي باهه ۾ سڙڻ جي لاءِ تيار رهي. اتي عذاب جي ايتري ته سختي هوندي جو هو پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ويجھن مٽن مائٽن کي به پنهنجي جاءِ تي عذاب ڏيارڻ جي لاءِ الله تعالى کي درخواست ڪندو، پر هو انهيءَ عذاب کان ڇوٽڪارو ماڻي نه سگھندو.
القارعه کان وٺي عبس تائين حق واري دين جو عملي پروگرام ڏنو ويو هو. يعني مالي برابري پيدا ڪرڻ، دولت جي حرص کي تياڳي ڇڏڻ، غلاميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ثمود قوم جو مثال ڏنو ويو آهي ته ڪيئن اها نبيءَ جي تعليم جي مخالفت ڪري ٿي، ايتري تائين جو اها برباد ٿي وڃي ٿي. مڪي جي سردارن ۽ مالدارن طرفان پاڻ ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ دعوت کي بلڪل ئي ڪوڙو ڪيو ويو. نه رڳو اهو، پر مالدارن ۽ سردارن بتن جي پوڄا کي ڇڏڻ ۽ موت کي پوءِ عملن جي پڇاڻي کي مڃڻ جو کليل طرح اعلان ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ وحي الاهي جي ٻوليءَ ۾ انهن جي اڳيان ٿورڙا نيڪ ۽ تعميري عمل به رکيا، ته جيئن انهن کي اپنائي اهي ڇوٽڪارو ماڻي سگھن.
[b][u](13) سورت البلد:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ اصحاب الميمنه (سڄي پاسي وارن) ۽ اصحاب المشئمه (کٻي پاسي وارن) ماڻهن جو ڪردار چٽيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي. اڄ جي اصطلاح ۾ انهن کان جيڪو معاشرو جڙي ٿو انهيءَ کي جنتي يا توحيدي معاشرو جڙي ٿو ۽ انهيءَ جي برخلاف جيڪو معاشرو جڙندو سو دوزخي يا شرڪ تي مبني معاشري سان سڃاتو ويندو. نه رڳو قرآن، پر سڀني پاڪ الهامي ڪتابن جي اها بنيادي تعليم آهي. جنت مان نڪرڻ کان پوءِ انسان ٻيهر پنهنجي جنت اڏي نه سگھيو. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته معاشرو ٻن مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن ۾ ورهائجي ويو. هڪ ننڍڙي طبقي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ورتو. هن طبقي جو اقتدار تي به قبضو ٿي ويو. گھڻائي وٽ جيڪي غلام ۽ پٺتي پيل حالت ۾ رهڻ تي مجبور آهن، پنهنجي محنت کي وڪڻي پيٽ پالڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ذريعو نه آهي. گذريل ڏهن هزار سالن کان پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيل طبقي مزدور جي محنت جي استحصال سان بيشمار دولت گڏ ڪري رکي، معاشري جي سڀني ادارن تي اهو ئي طبقو حاوي ٿي ويو آهي. گھڻائي جيئن جو تيئن مسڪين ۽ محروم آهي. حبشه ڏانهن هجرت تائين جيڪو قرآن نازل ٿيو، انهيءَ ۾ سڌي طرح انهيءَ مالدار طبقي تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. انهن کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي غلام ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي پنهنجي دولت سان مدد ڪن، نه ته انهن جي بربادي اڻٽر آهي ۽ آخرڪار اهي پنهنجي ڪنجوسي، هٺ ۽ وڏائي جي بدلي دوزخ جي باهه ۾ اڇلايا ويندا.
هن سورة ۾ اصحاب الميمنه ۽ اصحاب المشئمه يعني ٻه معاشرا ۽ ٻن نمونن جا اخلاق، ٻن نمونن وارا زندگي گھارڻ جا انداز ۽ ٻه رويا وجود ۾ اچن ٿا. اهي ٻئي هڪٻئي جي برخلاف يا هڪ ٻئي جو ضد آهن، جن جو نقشو هتي چٽيو ويو آهي. انهن اخلاقن ۽ عملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو جنتي يا توحيدي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. پاڻ ڪريمﷺ جي جاکوڙ مڪي جي دوزخي معاشري کي جنتي معاشري ۾ مَٽائڻ جي لاءِ هئي.
مفسر عام طرح انفرادي اخلاق جي نقطه نظر کان آيتن تي غور ڪندا آهن. جڏهن ته قرآن ڪريم اهڙن پرهيزگارن جي جماعت جوڙي ٿو جيڪا رسول الله ﷺ جي اڳواڻي ۾ معاشري جي غلط ادارن، غلط اخلاقن ۽ غلطن فڪرن ۽ نظرين جي خلاف جاکوڙيندي موجوده معاشري کي مڪمل طرح بدلائي ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙي معاشري کي جوڙي، جنهن جو بنياد انفاق، صبر جي صلاحيت ۽ سگھه ۽ ٻاجهه تي بيٺل هجي.
هن سورة مباڪه ۾ به دولتمند طبقي جي پرڪارن تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته غلامي جي اداري جو وجود ڏيک ويک، هٺ ۽ وڏائي، توڙي علم ۽ عقل جو غلط استعمال، گھڻو ڪري مالدار طبقي جي طرف کان هوندو آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ غلامي کي ختم ڪرڻ، انساني آزادي کي بحال ڪرڻ، دولت کي پٺتي پيل طبقن تي خرچ ڪرڻ، محنت جي استحصال جو خاتمو ڪرڻ، فضول خرچي ۽ اجائي ناماچاري کان بچڻ، علم ۽ عقل کي نفس جي پاڪائي ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ، يتيمن، مسڪينن ۽ محروم ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي سارسنڀال لهڻ انهيءَ لحاظ کان ته اهي به انساني سطح تائين اچي وڃن، معاشري جي ماڻهن جو صبر يعني پنهنجي نفساني خواهشن تي ضابطو ماڻڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ته جيئن معاشري ۾ هڪ بهاري لڳي وڃي؛ انهن سڀني مقصدن جي لاءِ ٻاهرين ادارن کي اخلاقي قدرن تي آڻڻ ۽ جيڪي قوتون هن ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجن، انهن جي طرف کان جيڪا تڪليف پهچي انهيءَ جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ ۽ ٻاجهه يعني سڀني ماڻهن جي روحاني، جسماني ۽ عقلي واڌويجھه ۾ مدد ڏيڻ ئي اهي اصول ۽ اخلاق آهن، جن جي ڪري معاشرو ترقي ڪري سگھي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ سان پنهنجي تخليقي مقصد کي پورو ڪري سگھي ٿو. اهڙن گڻن وارو اصحاب ميمنه يعني سڄي پاسي وارن ماڻهن جو معاشرو آهي. اهڙي معاشري جي جوڙڻ ۽ ضرورت کان انڪار ڪرڻ وارا اصحاب مشئمه آهن ۽ اهي دوزخ ۾ وڌا ويندا.
انسان کي محنت ۽ جفاڪشي (ڪبد) تي پيدا ڪيو ويو آهي، ته جيئن هو انهيءَ جفاڪشي سان الله تعالى جي پيدا ڪيل وسيلن ۽ پيداوار مان فائدو حاصل ڪري، جسماني ۽ اخلاقي لحاظ کان ترقي ڪري. پر ڪجھه ماڻهن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، گھڻائيءَ جي محنت جو استحصال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ استحصال سان دولت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مزدور کي ان جي محنت مان حاصل ٿيل نفعي مان رڳو ايترو ڏنو ويندو آهي، جنهن سان هو رڳو جيئرو رهي سگھي، جڏهن ته نفعي جو سڀ کان گھڻو حصو سرمائيدار پاڻ وٽ رکي ڇڏي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اها صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهندي ۽ ڪابه سگھه انهيءَ کي بدلائي نه سگھندي. هو انهيءَ حالت کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو مال به خرچ ڪندو آهي. پر الله تعالى انسان کي اکيون، زبان ۽ چپ انهيءَ لاءِ ڏنا آهن ته هو پنهنجي سمجھه کي سجاڳ ڪري ۽ انقلابي جاکوڙ سان معاشري جي انهيءَ طبقاتي جوڙجڪ کي بدلائي. جيڪڏهن محروم ۽ پٺتي پيل طبقا پنهنجي انقلابي جاکوڙ سان انهيءَ صورتحال کي نه بدلائيندا ته اهي سدائين جي لاءِ دوزخي معاشري جي باهه ۾ پاڻ به سڙندا رهندا.
[b][u](14) سورت الفجر:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ مالدار طبقن جي ڪردار جي مخالفت ۾ پهريان ڪائناتي دليل ۽ پوءِ تاريخي شاهديون ۽ آخر ۾ نفسياتي دليل ڏنا ويا آهن. انهن شاهدين کان پوءِ قومن جي بربادي جا سبب بيان ڪيا ويا آهن، پوءِ قيامت جو حال، هٺ ۽ وڏائي ڪندڙ مالدار طبقن جي پڄاڻي ۽ سڀ کان آخر ۾ جنتي معاشري جي جوڙجڪ جا شرط، سبب ۽ حالتون بيان ڪيون ويون آهن.
هن سورة ۾ عاد ۽ ثمود جهڙين قومن جي مالدار طبقن جي ذڪر سان گڏ مصر جي فرعون جو به ذڪر آيو آهي. نزولي ترتيب ۾ هيءُ پهريون بادشاهه آهي، جنهن جو نالو کنيو ويو آهي. مالدار ۽ استحصال پسند طبقا جڏهن حڪومت ٺاهيندا آهن ته انهن جو ڪردار اهڙو ئي هوندو آهي. حڪومت ڀلي واپاري هجي يا سرمائيداراڻي جمهوريت هجي يا ڪنهن هڪ ماڻهو جي آمريت يا بادشاهي هجي، ٻنهي جو ڪردار هڪجهڙو هوندو آهي. ڳالهه هاڻي طبقن سان حڪومت جي تنظيم تائين پهچي وئي آهي.
هن سورة ۾ چئن شين کي شاهديءَ طور پيش ڪيو ويو آهي. پهرين پرهه ڦٽي، ٻيو ڏهه راتيون، ٽيون اڪي ۽ ٻڌي راتيون ۽ چوٿون پڄاڻي ڪندڙ رات. اها شاهدي جزا ۽ سزا جي باري ۾ آهي، جنهن جو مڪي وارا شدت سان انڪار ڪري رهيا هئا. انهيءَ جي لاءِ عاد ۽ ثمود قوم جو کين مثال ڏنو ويو آهي.
• پرهه ڦٽيءَ جو قسم: هن جو مطلب اهو وقت آهي جڏهن رات جي اونداهيءَ مان صبح جو سوجھرو ظاهر ٿيندو آهي.
• ڏهن راتين جو قسم: انهيءَ جو مطلب هر مهيني جي ٽيهن راتين مان هر ڏهه راتيون آهن. پهرين راتين ۾ چنڊ سنهو هوندو آهي. ان کان پوءِ وارين راتين ۾ جيئن پوءِ تيئن چنڊ جي وڌڻ سان رات جو گھڻو حصو روشن ٿي ويندو آهي. آخري راتين ۾ وري اهو سڄي مان گھٽجي ننڍو ٿيندو ويندو آهي ۽ رات جو گھڻو حصو اونداهيءَ ۾ رهندو آهي، ايتري تائين جو مهيني جي آخري ٻه راتيون بلڪل ئي اونداهه ۾ هونديون آهن.
• اڪي ۽ ٻڌي جو قسم: هن جو مطلب ڪائنات جون سڀئي شيون ٿي سگھن ٿيون. ڇو ته هر شيءِ يا ته جوڙي جي صورت (ٻڌي) ۾ آهي يا وري اڪيلي (اڪي) آهي. اصل ۾ هتي اڪي يا ٻڌي جو مطلب ڏينهن جي ڦيرڦار سان آهي. مهيني جون تاريخون هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان ٽي ٿي وڃن ٿيون. مطلب ته ڦير ڦار پاڻ سان گڏ هڪ نئين ڪيفيت کڻي ٿي اچي.
• کٽندڙ رات جو قسم: انهيءَ جو مطلب اونداهي آهي، جيڪا سج جي لهي وڃڻ کان پوءِ دنيا تي ڇانئجي وئي هئي ۽ رات جي پڄاڻي سان سج جي اها روشني هاڻي ٻيهر موٽي اچي رهي آهي ۽ نئين صبح جي ظاهر ٿيڻ سان دنيا وري روشن ٿي وئي آهي.
انهن چئني قَسمن تي جيڪڏهن گڏيل حيثيت سان نظر وجھون ته خبر پوي ٿي ته هن ڪائنات ۾ جيڪو به ڪو ڪم ٿي رهيو آهي، سو ڌڪي تي، بي مقصد، بي حڪمت ۽ مصلحت کان خالي نه آهي، پر هر ڪم جي پٺيان هڪ چٽي پٽي حڪيماڻي منصوبي بندي نظر اچي رهي آهي. ڪائنات جو هيءُ زبردست نظم ۽ ضبط ڪنهن قادر مطلق جو قائم ڪيل ٿو ڏسجي. هاڻي جيڪڏهن اهڙي حڪيم، ڏاهي ۽ قدرت ۽ سگھه رکڻ واري خلقيندڙ کان دنيا ۾ رهڻ وارو ڪو ماڻهو انڪار ڪري ۽ گڏوگڏ آخرت جي جزا ۽ سزا جو انڪاري هجي ته چئبو ته اهو ٻن بيوقوفين مان هڪ جو کاڄ ٿي ويو آهي. پهريون هي ته يا ته انهيءَ طاقت واري هستي جو انڪاري آهي ۽ سمجھي ٿو ته اها هن ڪائنات کي اهڙي بيمثال نظم ۽ ضبط سان پيدا ڪرڻ جي سگھه به رکي ٿي، پر انسان کي ٻيهر پيدا ڪري جزا ۽ سزا ڏيڻ جي سگھه نٿي رکي. يا وري ٻيو اهو ته، هو منڍ کان ئي الله تعالى جي حڪمت ۽ ڏاهپ جو انڪاري آهي ۽ انهيءَ باري ۾ هو اهو سمجھي ويٺو آهي ته هن انسان کي دنيا ۾ عقل ۽ اختيار ڏئي ڪري پيدا ته ڪري ڇڏيو آهي، پر نه ته هو کائنس ڪڏهن حساب ڪتاب ڪندو ته هن پنهنجي عقل ۽ اختيار کان ڪم ورتو يا نه ۽ نه چڱن ڪمن جو بدلو ڏيندو ۽ نه خراب ڪمن جي ڪري سزا ڏيندو.
هن کان پوءِ تاريخ ۾ دليل ورتو ويو آهي جنهن لاءِ عاد ۽ ثمود ۽ ٻين قومن جا مثال ڏئي ڪري ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ ڪائنات فطرت جي ڪنهن انڌي ٻوڙي قانون هيٺ عمل نه پئي ڪري، پر هڪ حڪمت ڀريو الله ان کي هلائي رهيو آهي. انساني تاريخ جو لڳاتار تجربو ٻن ڳالهين جي چٽي پٽي شاهدي پيش ڪري رهيو آهي. هڪ هيءُ ته آخرت جو انڪار هر قوم کي خراب ۽ آخرڪار برباد ڪري ڇڏي ٿو، ڇو ته آخرت هڪ حقيقت آهي. ٻيو هيءُ ته عملن جو بدلو ايندڙ ڪهڙي به وقت ۾ مڪمل طور تي عمل ۾ اچي سگھي ٿو. اهي ماڻهو يا قومون جيڪي فساد جو ٻج پوکي هن دنيا مان موڪلائي ويا هليا ۽ ان جي سزا چکي نه سگھيا، انصاف جي گھرج اها آهي ته انهن کي ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به صورت ۾ سزا ڏني وڃي. انهيءَ ڪري ئي قيامت جو ڏينهن قائم ڪيو ويندو.
[u][b](15) سورت الاعليٰ:
[/b][/u]
تسبيح ڪرڻ جو حڪم، يعني ذات باري تعالى کي ان جي پاڪ نالن سان سڏڻ، جيئن سبحان ربي الاعلى، سبحان الله وبحمده سبحان الله العظيم.
”بتن جا نالا پنهنجي پس منظر ۾ تمام ئي ڌڪار جوڳا هوندا آهن. بتن جا نالا انسانن جي وحدت کي ختم ڪري، انهن کي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهن. ڇو ته هر قبيلي جو بت جدا هوندو آهي، ۽ مالدار ماڻهو جادوگرن ۽ ڀوپن جهڙن طبقن جي پٺڀرائي ڪندا آهن.“
هن سورة مبارڪه ۾ چئن حدبندين (Dimensions) کان سواءِ ٽين اندروني گڻن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي، جيڪي هر شيءِ ۾ موجود آهن، ان جون چار حدون هونديون آهن. انهن کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جو وجود قائم نٿو رهي سگھي. ڊيگھه، ويڪر، ٿولهه ۽ وقت. قرآن چوي ٿو ته انهن چئن پاسن کان سواءِ هر شيءِ ٽن خاصيتن واري به ٿيندي آهي. انهن خاصيتن کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جو وجود نٿو ٿي سگھي. صحيح ڪرڻ (Disposeth) نسبت قائم ڪرڻ، ٺيڪ ڪرڻ (Measureth) اندازو قائم ڪرڻ، هدايت (Guideth) جنهن ڪم لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي لاءِ رهنمائي ۽ هدايت ڏيڻ؛ هنن ٽنهي قدرن کي (Dimensions of Creative Process) چئي سگھجي ٿو. مثال طور، ڪڪڙ جي جسم کي ڏسو، ته انهيءَ ۾ هڪ نسبت نظر اچي ٿي. اها هڪجهڙائي ئي ان جي تقدير آهي ۽ اها هڪجهڙائي ۽ تقدير بلڪل انهيءَ ئي مقصد (هدايت) موجب آهي، جنهن جي لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته چار حدبنديون ته رڳو وجود ۾ اچڻ لاءِ ضروري آهن. پر انهن ذڪر ڪيل گڻن کان سواءِ به ڪا شيءِ يا وجود پنهنجي مقصد جي لاءِ ڪوبه عمل نٿو ڪري سگھي. قرآن چيو آهي ته هيءَ ڪائنات بي مقصد ناهي جوڙي وئي، پر هر شيءِ پنهنجو خاص مقصد رکي ٿي. تنهن ڪري مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جي وجود ۾ تناسب ۽ هڪجهڙائي، ورجاءَ وارو انداز، مقصد ۽ هدايت جي گڻن کي وڌو ويو آهي.
اهو الله تعالى ئي آهي جو ڪمال ۽ زوال کي آڻيندو آهي. اڄ جيڪڏهن مالدار طبقا زورآور، حڪمران ۽ واڳ ڌڻي آهن، ته جيڪڏهن الله تعالى گھريو ته سڀاڻي مزدور به پنهنجي سمجھه کي سجاڳ ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي منظم ڪري حڪمران ٿي سگھن ٿا.
پرچار يا تبليغ جو اصول اهو آهي ته حق جي ڳالهه چوندا رهو، پوءِ جنهن کي نصيحت وٺڻي هوندي سو وٺي ئي ويندو، يعني جنهن ۾ واڌويجھه جي صلاحيت آهي ۽ اهو پٿر وانگر سخت نه آهي. اها ئي تعليم حضرت ابراهيم ۽ حضرت موسى عليهم السلام جي صحيفن ۽ انهن کان پهريان وارن صحيفن ۾ به ڏني وئي آهي. ٻڌي ۽ انساني هيڪڙائي جي لاءِ سامي، آريائي، ۽ زرد قومن ۾ موڪليل نبين تي به ايمان آڻڻ ضروري آهي. ٻين قومن جا حڪيم ۽ صالح، جهڙوڪ ڪرشن جي، رامچندر جي، مهابير، مهاتما ٻڌ، زرتشت، سقراط، ڪنفيوشس ۽ افلاطون جو احترام به ضروري آهي ته جيئن انساني هيڪڙائي قائم ٿي سگھي. جنهن به انسان واڌويجھه ۽ ترقي ڏيڻ وارن اخلاقن کي پنهنجايو اهو ئي ڪاميابي ماڻيندڙ آهي. هن انقلابي ۽ اخلاقي تبديلي جي لاءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ ضروري آهي.
[b][u](16) سورت الڪوثر:[/u]
[/b]هن سورة جي نازل ٿيڻ وقت ڪافر سمجھندا هئا ته محمد ﷺ جي نبوت واري دعوى جي ڪري، سڄي قوم ان کان ڪٽجي وئي آهي. نبوت جي ڪري ان جو واپار به بند ٿي ويو آهي ۽ وري پاڻ ﷺ جو پٽائون اولاد به نه آهي، جو سندن نالو قائم رهي. هن سورة جي اندر مخالفن جي انهن انديشن جو جواب ڏنو ويو آهي. قرآن ڪريم حڪمت کي خير ڪثير سڏيو آهي. انقلاب جي لاءِ ٻن ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي؛ يعني نظريو ۽ عملي پروگرام. انقلاب جي انهن ٻنهي ڳالهين رهنمائي خدائي وحي جي ذريعي ٻڌايون ويون. هي نظريو الله تعالى جي هيڪڙائي، عملن جي نتيجي ۽ آخرت جي زندگي جي لاءِ اخلاقي ۽ روحاني گڻن جي ڀاڱن تي مشتمل اهي. عملي پروگرام اهو آهي ته توحيد جي نظريي کي معاشري تي لاڳو ڪرڻ سان ئي توحيدي معاشرو قائم ٿي سگھندو جيڪو مخالف معاشي طبقن کان پاڪ ۽ صاف هوندو. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ اچڻ بدران عوام جي ملڪيت هوندا. انسان پنهنجي ذميوارين کان ڪنهن به طرح آجو نه آهي کيس پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن هن دنيا ۾ حساب ۽ ان جي جزا ۽ سزا پوري نه ٿي سگھي ته موت کان پوءِ انهيءَ جو پورائو ڪيو ويندو. انهيءَ جي لاءِ اخلاقي ۽ روحاني گڻ ٻڌايا ويا آهن، جن سان ماڻهو جي ذات جي تڪميل ۽ معاشري ۾ امن، معاشي خوشحالي، فڪر جي آزادي ۽ سياسي آزادي جي واڌويجھه ٿيندي. فرد جي ذاتي تڪميل جي لاءِ عبادت ۾ محويت ۽ اخلاقي ۽ روحاني گڻن جو انساني نفس ۾ رچي وڃڻ لازمي آهي. اهو انهيءَ ڪري به ضروري آهي، ته جيئن ماڻهو نه رڳو پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھي، پر جمالياتي گھرجن تحت سهڻي کان سهڻي ۽ ڀلي کان ڀلي ڏانهن وک وڌائي سگھي. اهو مقصد توحيدي معاشري جي قائم ڪرڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي. ڇو ته نماز جي قائم ڪرڻ جي لاءِ معاشي مساوات کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جيستائين پُٽائين اولاد جو تعلق آهي، ته امت جي صورت ۾ رسول الله ﷺ کي روحاني اولاد عطا ڪيو ويو آهي جنهن ڪري قيامت تائين پاڻ ﷺ جو نالو مٿانهون رهندو ۽ سندن ذات بابرڪات جي مٿان هر وقت درود ۽ سلام موڪليو ويندو رهندو.
پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته مسلمان عالمن به ٻين مذهبن جي پيشوائن وانگر اسلام کي نماز پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ توحيدي معاشري کي قائم ڪرڻ واري تصور کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نماز ته پوءِ به ڪي ماڻهو پڙهي ئي وٺن ٿا، پر معاشي خوشحالي ۽ برابري قائم نه ٿي سگھي. انهيءَ جي لاءِ توحيدي يا غير طبقاتي معاشري جو جڙڻ لازمي هو. مديني پاڪ ۾ قائم ٿيڻ واري رياست اڃا پوري طرح غيرطبقاتي نه ٿي سگھي هئي جو خلافت کي دمشق ڏانهن منتقل ڪري بادشاهيت قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم مديني واري رياست کي سماجوادي جمهوريت چيو اهي. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ انقلاب جي دشمن قوتن انهيءَ رياست کي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن معاشرتي ترقيءَ منجھان بادشاهيت ختم ٿي، ته سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ جمهوريت قائم ٿي وئي، جيڪا پنهنجي ڪردار ۾ بادشاهيت جي گھرجن کي پورو ڪندي آهي. جڏهن مدني رياست عوامي جمهوريت هئي، جنهن ۾ معاشيات، حڪومت ۽ قانونسازي تي عوام کي پهچ حاصل هئي، خلافت راشده جي خاتمي کان پوءِ اهي ٽئي ادارا رعايتون ڏنل طبقي جي چنبي ۾ اچي ويا ۽ اڄ تائين ان جي ئي هٿ ۾ آهن. سماجوادي انقلاب انهن ادارن کي عوام جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، پر ڪن سببن جي ڪري اهي پاڻ ئي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. تنهن ڪري خير ڪثير واري حڪمت نماز جي قائم ڪرڻ ۽ معاشي برابري ۽ انفرادي ۽ گڏيل گھرجن جي تڪميل لاءِ ڪافي آهي، اڃا به ائين چئجي ته لازمي آهي.
[b][u](17) سورت الماعون:[/u]
[/b]هن مبارڪ سورة ۾ ان ڳالهه جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته دولت جو حرص سرمائيداري ۽ جاگيرداري، يا سرمائيداراڻي سوچ رکڻ واري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي جي معاشي حالت کي سڌارڻ جي بلڪل به قائل نه آهي. اڄوڪي اصطلاح ۾ محنت جي استحصال کي غير انساني عمل ۽ گھڻن انسانن کي سندن محنت ۽ جفاڪشي جي باوجود به انهن جي بردباري واري معاملي کي به اهي ڪا اهميت نٿا ڏين. اهو انهيءَ ڪري آهي جو اهي ماڻهو پنهنجي عملن جي نتيجن جي جزا ۽ سزا تي ويساهه نٿا رکن. اهي ماڻهو جيڪڏهن نماز پڙهن ٿا ته اها به ڏيکاءَ لاءِ ته جيئن ماڻهو انهن کي نيڪ ۽ نمازي سمجھندي، انهن جي انهيءَ استحصالي عمل کي نظرانداز ڪري ڇڏين جنهن سان اهي مزدور جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪن ٿا. انهن جي زڪوات، صدقا ۽ خيرات به انهيءَ ۾ اچي وڃن ٿا.
نه رڳو اسلام ۾، پر هر مذهب ۾ دولتمندن ۽ وڏيرن جو اهو ئي ڪردار رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هي طبقو مذهبي پيشوائن کي مالي مدد ڏئي، پاڻ سان ملائي، طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ واري جاکوڙ کي ديني فرض سمجھڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ انهيءَ کي رڳو دنياوي معاملو سڏيو. انهيءَ مذهبي طبقي سان گٺ جوڙ ڪري دولت جي ورڇ کي خدا جي مرضي سڏي، پٺتي پيل ۽ مزدور طبقي کي مطمئن ڪري ڇڏيو. يعني اهو ته غربت، جهالت، غلامي خدا انهن جي نصيب ۾ لکي ڇڏي آهي. ائين حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته دين کان ڏُوري ۽ لاپرواهي جو لاڙو، اڃا به ائين چئجي ته الحاد، ماديت ۽ ماديت جي فلسفي تي ويساهه جو سبب به اهو ئي مالدار طبقو آهي. اهو ئي سبب اهي جو مذهبن جي پيروڪارن ۽ مسلمانن جون نمازون نه ته انسان دوستي، محنت جي قدر، محبت، ڀائپي، امن وغيره جي اعلى اخلاقي گڻن ۽ معاشري ۾ نيڪي جي واڌاري جو سبب بڻيون نه ئي فرد ۾ انهن اخلاقن کان سواءِ نفس جي پاڪائي ۽ خدا تعالى ڏانهن خشوع ۽ خضوع سان متوجهه ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڏئي سگهيون. هن طبقي جي ڪنجوسي ۽ ڪميڻائپ جي حد اها آهي جو ڪا خسيس شيءِ به ڪنهن کي اڌاري طور استعمال لاءِ نٿا ڏين. (الماعون)
[b][u](18) سورت اللهب:[/u][/b]
قرآن ڪريم اسلام دشمن طبقي جي رڳو هڪڙي ئي ماڻهو جو نالو کنيو آهي ۽ اهو آهي پاڻ ڪريم ﷺ جو سڳو چاچو ابولهب ۽ ان جي زال ام جميل، جيڪا ابو سفيان جي ڀيڻ هئي. ٻئي اسلام ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جا سخت دشمن هئا، ايتري تائين جو ابولهب ته هڪ مهلڪ ڦرڙين واري مرض ۾ وچڙي مري ويو. ان جي زال ۽ پٽن کيس ڇڏي ڏنو ۽ ڪجھه شيدي غلامن کي مزدوري ڏئي پهريان ته کڏ کوٽرائي پوءِ ڊگھن پنڃرن سان ان جي ڌپ ڪيل لاش کي کڏي ۾ اڇلائي پورائي ڇڏيو. ابولهب وڏو پئسي جو پوڄاري ۽ وڏائي وارو ماڻهو هو. ان جو اصل نالو عبدالعزى هو. ابولهب کيس انهيءَ ڪري چوندا هئا جو ان جو رنگ شعلي وانگر چمڪندو هو.
[b][u](19) سورت الطارق:[/u][/b]
مڪي جا ماڻهو مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو سختيءَ سان انڪار ڪري رهيا هئا. هن سورة مبارڪه ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا دليل ڏنا ويا آهن ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته قرآن هڪ پڪي ٺڪي ڳالهه آهي ۽ ڪا ڪوڙي ڪچي ڳالهه نه آهي.
[b]نظام شمسي سان استدلال:
[/b]1. آسمان جا سڀئي چمڪندڙ ستارا انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيا آهن ته ڪا اهڙي هستي آهي جنهن انهن کي جوڙيو آهي، چمڪندڙ ڪيو آهي، فضا ۾ ٽنگي رکيو آهي، انهن جي حفاظت ۽ نگهباني ٿي رهي آهي، اهي سڀئي پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گھمي رهيا آهن، انهن مان ڪو هڪ ٻئي سان ٽڪرائي نٿو؛ اهو سمورو نظام پنهنجو پاڻ ڪنهن جوڙيندڙ کانسواءِ قائم ٿي نٿو سگھي. سائنسي تحقيق ته انهن قانون کي ڳولي سگھي ٿي، پر اهو نٿي ٻڌائي سگھي ته انهن جو خلقيندڙ ڪير آهي؟ ڇو ته تخليق پاڻمرادو نٿي ٿي سگھي، انهيءَ جي لاءِ سمجھه، زندگي، ارادو، حڪمت ۽ مقصد جو هجڻ ضروري آهي. پر مادو انهن صفتن کان خالي آهي.
[b]انساني خلقت مان استدلال:
[/b]2. انسان جي پهرين جوڙ ان جي ٻيهر پيدا ٿيڻ جو دليل آهي.
ٻوٽن جي خلقڻ ۽ مينهن مان استدلال:
3. جهڙي طرح اهو بي مقصد عمل نه آهي، ائين ئي قرآن بي مقصد عمل نه آهي، پر اهو سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي صفا چٽو ۽ ظاهر ڪرڻ وارو آهي. جهڙي طرح مينهن وسڻ سان زمين مان ٻوٽا ڦٽي پوندا آهن، اهڙيءَ ئي طرح قرآن پاڪ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ سان معاشرتي زمين ۾ نئين زندگي پيدا ٿئي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته جهڙي طرح مينهن سان زمين مان ٻوٽا ڦٽائڻ جو عمل بي مقصد نه آهي، پر نئين زندگيءَ جو سبب بڻجي ٿو، ائين ئي قرآن حڪيم جي تعليم جو ٻج به معاشرتي زندگيءَ ۾ پوکيو پيو وڃي جيڪو نئين زندگيءَ جي خلقت جو سبب بڻبو. جيئن زمين ڦاٽي ٻوٽن کي اپائي ٿي، تيئن انقلابي جاکوڙ سان نئين معاشرتي زندگي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به نئين زندگي پيدا ٿي سگھي ٿي.
مڪي جو مالدار طبقو قرآني انقلاب جو رستو روڪڻ جي تدبير ڪري رهيو آهي. الله تعالى انهيءَ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ قرآن کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ تدبير ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري صبر ۽ ثابت قدمي سان جاکوڙيندو رهڻ ضروري آهي. مرڻ کان پوءِ واري زندگي تي قرآن ڪريم ورائي ورائي هي دليل ڏنو آهي ته جهڙي طرح مينهن وسڻ سان مري ويل زمين وري جيئري ٿي پوي ٿي، اهڙيءَ ئي طرح مرڻ کان پوءِ ٻيهر زندگي پيدا ٿي سگھي ٿي. قدرت جا اها قانون، جيڪي مئل زمين کي جيئرو ڪن ٿا، اهي ئي قانون مرڻ کان پوءِ انسان کي زندگي عطا ڪندا آهن. سڀني پاڪ ڪتابن منجهان قرآن پاڪ ئي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي وڌ کان وڌ زور ڏنو آهي. ڇو ته انهيءَ عقيدي کانسواءِ انسان جي اندر اعلى اخلاقن جون پاڙون سايون نٿيون ٿي سگھن. عملن جي نتيجي جي طور تي جزا ۽ سزا جو ملڻ انسان جي مرضي تي ڇڏيل نه آهي، پر اهو قدرت جو هڪ عالمگير قانون آهي. اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيئن هر سٺي ۽ خراب عمل جو نتيجو هن دنيا واري زندگيءَ ۾ پورو نٿو ملي. جيڪڏهن ظالم پنهنجي ظلم جو نتيجو هتي نٿو ڏسي ته ان کي نتيجو ڏيکارڻ کانسواءِ ڇڏي ڏيڻ به هڪ ظلم آهي. جيئن ته الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي، انهيءَ ڪري انصاف جي گھرج اها آهي ۽ ائين ئي ٿيندو ته الله تعالى هڪ ڏينهن انسان کي ان جي عملن جو بدلو کيس ضرور ڏيندو.
[b][u](20) سورت المزمل:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه جا ٻه رڪوع آهن. پهريون مڪي آهي، ٻيو مدني آهي. مدني رڪوع کي مڪي رڪوع سان گڏ ملايو ويو آهي. مدني رڪوع جي اهميت ته مديني ۾ ئي ٿي سگھي پئي نه ڪي مڪي ۾. مڪي رڪوع جا مطلب هي آهن:
1. قرآني انقلاب جي لاءِ راتيون جاڳڻ ضروري آهي. اڄڪلهه جا مسلمان مصلح، جيڪي عبادت جي اهميت کي گھٽائن ٿا، اهي غلطي تي آهن.
2. رات جو جاڳڻ نفس تي ضابطي جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. قرآن حڪيم جي معنى ۽ مقصد تي ويچار ڪرڻ جي لاءِ به اهو تمام ئي مناسب وقت هوندو آهي.
3. پاڻ ڪريم ﷺ کي هدايت ڏني وئي آهي ته مخالفن جي طرف کان جيڪو ڪجھه به چيو پيو وڃي، انهيءَ تي صبر ڪريو ۽ سٺي طرح سان انهن کان الڳ ٿي وڃو.
4. فساد جو ڪارڻ اهو ئي مالدار طبقو آهي. اهي ئي قيامت جي ڏينهن جا انڪاري آهن. ڇو ته انهن کي پنهنجي ظلم، محنت جي استحصال ۽ عيش آرام جي لاءِ هڪ اهڙي عقيدي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ کانئن سندن عملن جي پڇاڻي جو ڪوبه قانون نه هجي. الله تعالى فرمايو آهي ته ذرني والمکذبين ان اولي النعمة. (مالدار طبقي کي ۽ مون کي ڇڏي ڏي، مان انهن سان پڄي پوندس.
5. مڪذبين يوم الدين کي چيو پيو وڃي ته محمد ﷺ جي حيثيت توهان جي نسبت ائين آهي جيئن موسى ؑ جي فرعون ڏانهن هئي. جيڪا فرعون جي پڄاڻي ٿي هئي، نافرماني جي صورت ۾ توهان جي به اها ئي ٿيندي.
6. قرآن ته رڳو هڪڙي نصيحت آهي، جنهن ۾ صلاحيت هوندي، اهو انهيءَ مان فائدو ماڻي وٺندو ۽ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي کي پاڪ صاف ۽ سڌاري ۽ ترقي وارو بڻائيندو.
هن سورة مان به اها ئي ڄاڻ ملي ٿي ته الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار مالدار طبقي جو ئي وطيرو رهيو آهي. ڇو ته هو پنهنجي لاءِ مادر پڌر آزادي گھري ٿو. سڀني اخلاقي برائين جو ڪارڻ اهو ئي مالدار طبقو آهي.
مزمل: مولانا عبيدا الله سنڌي ؓ مزمل جي معنى ”رفيق (Comrades) بنائڻ وارو“ ڪئي آهي. قرآن ڪريم انهن رفيقن کي والذين معہ چيو آهي. جڏهن عام معنى ته اوڍڻ وارو ڪئي وئي آهي، جنهن جو انقلابي عمل سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي.
[b][u](21) سورت التين:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ پهريان ته اهو ٻڌايو ويو آهي ته نبي ڪريم ﷺ کان پهريان نبين سڳورن جي مخالفت به ائين ئي ٿيندي رهي آهي، جيئن رسول الله ﷺ جي ٿي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انهن مرڪزن جو شان ٻڌايو ويو آهي. جبل ”تين“ جتان کان حضرت نوح ؑ پنهنجي پرچار شروع ڪئي هئي، ان کان پوءِ جبل زيتون جتان کان حضرت عيسى ؑ پنهنجو مشهور وعظ شروع ڪيو هو. طور سينين جتان کان حضرت موسى کي وحي الاهي جي ذريعي هدايت جون تختيون مليون.
حضرت نوح ؑ کان وٺي حضرت عيسى ؑ تائين وارو زمانو انساني تاريخ جو هڪ وڏو حصو آهي، جيڪو انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي ته نبين سڳورن جي مخالفت ۽ انهن کي تڪليفون ڏيڻ وارو طبقو مالدار طبقو ئي هو. اهو ئي طبقو پاڻ ڪريم ﷺ جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ رهيو آهي.
ڊاڪٽر حميد الله (پيرس واري) ٻڌايو آهي ته تين جو مطلب مهاتما ٻڌ آهي. ڇو ته کيس هڪ پراڻي انجير جي وڻ هيٺان ئي معرفت الاهي حاصل ٿي هئي. ائين ته انجير ۽ زيتون جو علائقو جتي اهي گھڻائي سان ڄمندا آهن، شام ۽ فلسطين آهي، جتان حضرت ابراهيم ؑ کان وٺي ڪري حضرت عيسى ؑ تائين گھڻائي نبي سڳورا ايندا رهيا آهن. بائبل جو قديم عهدنامو انهيءَ ڳالهه تي شاهد اهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ به سڀني نبين سڳورن جو ذڪر نه آهي.
ٻي ڳالهه اها چئي وئي آهي ته انسان پنهنجي جسماني، ذهني ۽ نفسياتي بڻاوٽ ۾ ٻي هر مخلوق کان ڀلو آهي. پر انسان پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي تباهي ۽ برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيو اهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن انسان ڪڻڪ پوکڻ شروع ڪئي ته شڪار جو دؤر ختم ٿي ويو، جنهن ۾ انسان آزاد هو ۽ ٻيلن مان ميوا ۽ جانورن جو گوشت حاصل ڪندو هو. دريائن ۽ سمنڊن مان مڇيون ۽ ٻين پاڻي وارن جانورن کي پڪڙي کائيندو هو. هن دؤر ۾ ٻيلن ۽ دريائن وغيره تي ڪنهن قبيلي جو ملڪيتي قبضو ڪونه هو. پر جڏهن کان زمين تي پوک شروع ٿي ته زمين ۽ ان جي پيداوار تي ذاتي ملڪيت جو قبضو ٿيڻ شروع ٿي ويو. هن دؤر ۾ خوراڪ جي محفوظ ٿيڻ ۽ گھڻو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري پڪڙيو وڃڻ وارن قيدين کي خوراڪ جي کوٽ جي ڪري قتل نه ڪيو ويندو هو، ۽ نه ئي آدم خوري رهي جيڪا بک لاهڻ جو ذريعو هئي، جن کي خوراڪ جي طور تي کاڌو ويندو هو. هاڻي انهن کي غلام بڻايو پئي ويو ۽ انهن غلامن کان سخت پورهئي وارا ڪم ورتا وڃڻ لڳا. غلام جي انساني شخصيت ختم ٿي وئي هئي. ان کي قتل ڪري سگھبو هو، وڪرو ڪري سگھبو هو ۽ ان تي هر قسم جو ظلم ڪري سگھبو هو. غلام جي مالڪ کي ئي ان جو واڳ ڌڻي سمجھيو وڃڻ لڳو. هاڻي سياڻن ۽ پنهنجي مطلب ۽ فائدن جي سنڀال ڪرڻ وارن ماڻهن وڌ کان وڌ غلام (مرد ۽ عورتون) حاصل ڪرڻ شروع ڪيا. ائين معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. انهيءَ انداز ۾ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ غلام زرعي غلام بڻجي ويو ۽ مالڪ يا آقا جاگيردار سڏجڻ لڳو. مشين جي ايجاد کان پوءِ جاگيردار ڪارخاني جو به مالڪ بڻجي ويو ۽ هاري ماهوار يا ڏهاڙي جي بنياد تي پگھاردار غلام بڻجي ويو. زراعت واري زماني کان وٺي اڄ تائين لڳ ڀڳ ڏهه هزار سالن کان معاشرو جيئن جو تيئن انهن ئي ٻن طبقن ۾ ورهائيل رهندو آيو آهي.
جاگيردار آقا ۽ ڪارخانيدار مالڪ جو پيداواري وسيلن تي مالڪاڻو قبضو آهي. يعني زمين، کاڻين، ڪارخانن، تيل ۽ پئٽرول جي ذخيرن ۽ ٻيلن وغيره تي معاشري جي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو قبضو هلندو ايندو آهي، جڏهن ته نوي سيڪڙو آبادي مزدور ۽ پٺتي پيل، وسيلن کان محروم ماڻهن تي ٻڌل هوندو آهي. اهي نوي سيڪڙو ماڻهو وسيلن کان محروم هجڻ جي ڪري، انهن پيداواري وسيلن جي مالڪ بڻيل ماڻهن وٽ پنهنجي محنت وڪڻي، پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ تي مجبور هوندا آهن. زمين ۽ ڪارخاني وغيره جو مالڪ گڏيل پيداوار جي وڏي حصي تي قبضو ڪري وٺندو آهي. هو اڃا به تمام ئي گھٽ حصو پورهيت کي ان جي مزدوري طور ڏيندو آهي. ڏهه هزار سالن کان مزدور (غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام) کي ايترو ئي ڏنو ويندو آهي جنهن سان هو تمام ئي ڏکيائي سان جيئرو رهي سگھندو آهي ته جيئن هو آقا، زمين جي ٽڪري تي جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت ۾ پنهنجي محنت سان واڌارو ڪندو رهي.
غلامي جو زمانو، اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين لڳ ڀڳ اٺ يا ڏهه هزار سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني جون سڀئي تهذيبون غلام ۽ آقا تي ٻڌل هيون. اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت به روم، ايران ۽ مصر جون غلام بڻائيندڙ تهذيبون موجود هيون. رسول الله ﷺ نبوت کان پهريان، پنهنجي واپاري سفرن ۽ مڪي ۾ ٿيندڙ ميلي سوق عڪاظ ۾ اچڻ وارن واپارين سان، جيڪي مختلف مڪلن مان ايندا هئا ۽ واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مذهبن ۽ فلسفياڻن فڪرن کي به آڻيندا هئا، انساني معاشري جي انهيءَ ورڇ جو حال پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. عورت ۽ غلام جي حالت تمام ئي نيچ هئي ۽ انهن تي ظلم جي حد ٿي وئي هئي.
مصر جا اهرام هجن يا ديوارِ چين ۽ اتان جو عظيم الشان محلاتون ۽ عبادت گاهون، سڀئي غلامن جي محنت جو نتيجو هئا. انسان کي عقل ۽ سمجھه ڏني وئي هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس احسن تقويم چيو ويو. پر پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي ملڪيت، انسان جي گھڻائيءَ کي انساني سطح کان ئي ڪيرائي جانور بڻائي ڇڏيو هو. شاهه ولي الله دهلوي ؓ حجة الله البالغه ۾ انهيءَ صورتحال تي تفصيلي روشني وڌي آهي. قرآن ڪريم انسان جي انهيءَ روش کي سندس اسفل سافلين تائين ڪري پوڻ سان ڀيٽيو آهي. نبوت جو سلسلو انسان کي انهيءَ اسفل سافلين جي حالت مان ڪڍي، ٻيهر انساني حالت ۾ آڻڻ جي لاءِ شروع ٿيو هو. نبين سڳورن توحيد الاهي کي شهري طور لاڳو ڪرڻ سان توحيدي معاشري جي قيام جي تاڪيد ڪئي هئي ته جيئن انساني معاشرو مخالف معاشي طبقن تي مشتمل رهڻ بدران، غير طبقاتي معاشرو بڻجي وڃي جنهن ۾ هر ماڻهو محنت ڪري ۽ پنهنجي محنت جو پاڻ ئي مالڪ هجي ۽ پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي مان واندڪائي حاصل ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى جي عبادت ۽ ذڪر جي ذريعي ان جو قرب حاصل ڪري، جيڪو اصل ۾ ان جي خلقت جو بنيادي مقصد هو.
پر ٿيو ائين جو هر نبي يا رسول کان پوءِ دين جي ڄاڻ رکڻ وارن مذهبي پيشوائن (جن ۾ مسلمان مذهبي پيشوا به شامل آهن) پنهنجي ذاتي فائدن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍي طبقي سان ملي ڀڳت ڪري، توحيدي معاشري جي قيام کي ديني عمل جي بدران دنياوي معاملو سڏي، نبوت جي تعليم کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ عوام کي ٻڌايو ته رڳو رسمي ۽ ظاهري عبادت ڪرڻ ئي ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪافي آهي. دولت جي ورڇ الله سائين پنهنجي مرضي سان ڪندو آهي. يعني امير ۽ غريب جو نصيب الله تعالى پاڻ ٺاهيو آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ خدائي ورڇ کي ختم ڪرڻ انساني وس جي ڳالهه نه آهي. انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ به هڪ وڏو گناهه آهي.
اڄ هر پاسي ڏسي سگھجي ٿو ته مزدور جي استحصال سان پيداواري وسيلن جو مالڪ دولتمند ۽ خوشحال آهي، پر مزدور جيئن جو تيئن محروم ۽ ڏتڙيل حال آهي.
[b]هڪ غلط فهمي جو ازالو: [/b]
عام طور تي اهو سمجھيو ويو آهي ته قرآن ڪريم ۾ معاشي نظام جي باري ۾ جيڪي حڪم ڏنا ويا آهن، اهي دائمي آهن. ٻين لفظن ۾ اسلام کان پهريان ۽ توڙي اسلام ۾ پڻ پيداواري وسيلن تي جيڪو ٿورڙن ماڻهن جو ذاتي قبضو رهيو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح آهي، پر اسلام ۾ دولتمندن جي لاءِ ڪي حڪم ڏنا ويا آهن، جن سان غريبن ۽ پٺتي پيل طبقن جي غربت ۽ بک کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي آهن: (1) وراثت جي ويجھن مائٽن ۾ ورهاست (2) زڪوات جي ادائگي (3) وياج جي حرمت ۽ (4) صدقا ۽ خيراتون.
ائين ئي سمجھيو ويو ۽ مذهبي پيشوائن جي طرف کان به اهو ئي سمجھايو ويو آهي ته مٿي ذڪر ڪيل وراثتي ۽ خيراتي حڪمن جي پابندي سان الله تعالى جو اهو حڪم پورو ٿي ويندو، جنهن ۾ صاف طرح چيو ويو آهي ته دولت رڳو توهان جي اميرن ۾ ئي نه ڦري گھري. مشين جي ايجا کان پهريان ته رڳو زمين ئي پيداواري وسيلو هئي ۽ ان وقت جاگيرداري نظام رواج ۾ هو. غلام ۽ آزاد ماڻهو جاگيردار جي زمين کي کيڙيندا هئا. جاگيردار پنهنجي غلامن ۽ ڪڙمين جي پرورش ڪندو هو. مذهبي پيشوائن اهو ٻڌائي ڇڏيو هو ته جاگيردار، غلام ۽ ڪاسبي سڀ الله سائين جوڙيا آهن ۽ اها ئي سندن تقدير آهي. پر انهيءَ جي باوجود ڪڏهن انهيءَ نظام جي خلاف بغاوتون به ڇڙي پونديون هيون. اهي بغاوتون حڪمران طبقن جي خلاف هونديون هيون، ڇو ته حڪمران طبقي جو ئي انهن جاگيردارن تي هٿ رکيل هوندو هو. عام طرح مزدور، غلام ۽ ڪاسبي چپ چاپ ڪم ڪندا رهندا هئا.
اسلام انهيءَ نظام خلاف حڪم ڏنا آهن. قرآن ٻڌايو ته سڀئي پيداواري وسيلا الله تعالى پنهنجي عيال (عوام) جي لاءِ پيدا ڪيا آهن. ”ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۰ۤ “ (البقره:29) رسول الله ﷺ فرمايو، زمين جو مالڪ اهو ئي آهي جيڪو انهيءَ کي کيڙي. يعني زمين واري پاسي کان به محنت جي استحصال کي ختم ڪري ڇڏيو ويو. خيبر جي فتح کان پوءِ رسول الله ﷺ خيبر جي زمينن ۽ باغن کي رياست جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ مقامي هارين کان اڌ پيداوار جي ڍل وٺڻ شروع ڪئي. حضرت عمرؒ فتح ڪيل زمينن کي بيت المال ۾ داخل ڪري ڇڏيو. يعني انهن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو. پر حضرت عثمانؒ جي دؤر ۾ جڏهن بنو اميه جو مالدار طبقو حڪومت جي عهدن تي مقرر ٿيو ته ان هن نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. خلافت مديني مان کڻي دمشق ۾ آندي وئي ۽ آهستي آهستي امير معاويهؒ مدني رياست جي اسلامي حالت کي بادشاهيت ۾ بدلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ بادشاهت هڪ هزار سال کان به وڌيڪ عرصو ترڪي جي خلافت عثمانيه تائين قائم رهي. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن غلامي واري اداري کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ ان کي چئن سالن تائين ويڙهه به ڪرڻي پئي، ان کان پوءِ هو انهيءَ ئي مقصد ۾ پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو.
مسلمان عالمن بادشاهت جي اثر هيٺ، انهيءَ سان ٺاهه ڪري غلامي واري اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو. ڪڙمت جي اجازت ڏني وئي، جنهن سان رسول الله ﷺ جي فرمان ته زمين جو مالڪ اهو ئي آهي جيڪو انهيءَ کي کيڙي ٿو؛ جي خلاف اهو نظام رائج ٿي ويو ته هڪ شخص جيترو چاهي زمين رکي سگھي ٿو ۽ بٽئي تي هارين کان پوکي ڪرائي سگھي ٿو. اولهه توڙي اسلامي دنيا ۾ غير اسلامي نظام فرانس واري انقلاب تائين قائم رهيو. باقي فرانس واري انقلاب ۾ جاگيردار ۽ گرجا گھر، ٻنهي کي زندگيءَ جي ڪاروبار مان ٻاهر ڪڍيو ويو، پر نئوبني تعليم يافته سماجي قدر رکندڙ نظام، مشين جي پيداوار جي بنياد تي سرمائيداري نظام قائم ڪري ڇڏيو، جنهن اڳتي هلي هڪ خونخوار سامراجي نظام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. بئنڪنگ سسٽم قائم ڪيو ويو جيڪو اصل ۾ جديد ڪاروباري نظام هو.
قرآن ته فيصلائتي ڳالهه ڪري ڇڏي ته ”ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا“ پر هن خدائي معاشي نظام جي خلاف، جيڪو سموري ڪائنات ۾ رائج آهي، زمين جي گولي ۽ مشينن تي ٿورڙن ماڻهن ذاتي قبضو ڄمائي ورتو ۽ گھڻائيءَ کي انهن ذريعن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪري ڇڏيو ويو.
غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين خدائي وحي ۾ قلم جي ذريعي علم وارو اصول انسانن کي عطا ڪيو ويو هو، جنهن جو مطلب اهو هو ته تجربي ۽ مشاهدي، يعني تحقيق جو سائنسي طريقو ئي حقيقي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. مسلمان ته علم جي انهيءَ طريقي کي استعمال نه ڪري سگھيا، پر يورپ انهيءَ کي پنهنجائي ورتو ۽ فطرت جي مطالعي سان اڻ ڳڻيا علم حاصل ڪيا، جن مان سڀني کان اهم شيءِ مشين هئي. ٻاڦ ۽ بجلي زندگيءَ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو هو. پر بغداد ۽ اندلس جي خلافتن جي زوال کان پوءِ مسلمان علمي طرح سان پٺتي پئجي ويو ۽ نتيجي ۾ اولهه وارين قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاسندو ويو. تحقيق جي جاءِ تقليد والاري ورتي. اجتهاد، يعني آزاد ذهني سوچ جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن ڪري مسلمان جي زندگي هڪ جاءِ تي بيهجي وئي ۽ مسلم مذهبي پيشوائيت وري انهيءَ تي مهر هڻي ڇڏي ته هيءَ تقليد ۽ سوچ جي بندش بلڪل قرآني ۽ ديني مسلڪ موجب آهي.
جڏهن صنعتي سرمائيداري نظام سامراجي شڪل اختيار ڪئي ۽ قومي سرمايو مالياتي سرمائي ۾ بدلجي ويو ته انهيءَ تبديليءَ جا خوفناڪ نتيجا سامهون اچڻ لڳا. اولهه وارن وري ڪارل مارڪس جي شڪل ۾ هڪ اهڙي محقق کي پيدا ڪري ورتو جنهن سائنسي تحقيق جي بنياد تي اهو ثابت ڪيو ته محنت ئي سرمايو پيدا ڪندي آهي، سرمايو محنت کي پيدا ناهي ڪندو ۽ آدم سمٿ هيءَ غلط ڳالهه چئي آهي ته ڪچي مال کي ضرورت واري شين ۾ بدلائڻ واري عمل ۾ سرمايو ئي ڪم ڪري ٿو نه ڪي محنت؛ مثال طور اڻ گھڙيل ڪاٺ کي ميز يا ڪرسي وغيره ۾ بدلائڻ جي لاءِ محنت نه پر سرمايو خرچ ٿيندو آهي. مارڪس ٻڌايو ته سرمايو (دولت) مزدور جي پورهئي جي استحصال سان پيدا ٿيندو آهي. اهو نه زمين مان نڪرندو آهي ۽ نه آسمان مان لهندو آهي. معاشي عمل جي شروعات ۾ جڏهن سرمائي جو وجود ڪونه هو، ان وقت انسان وٽ رڳو محنت ئي هئي. پوءِ انهيءَ محنت ئي شين جي پنهنجو پاڻ ۾ مٽاسٽا واري عمل سان دولت پيدا ڪئي ۽ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ سِڪو ايجاد ٿيو. ان کان پوءِ غلامن جي محنت جي استحصال سان سرمائي جا ذخيرا پيدا ڪيا ويا. جيئن ته غلام تي ان جي آقا جو قبضو هوندو هو، انهيءَ ڪري دولت جي پيدائش تي، جيڪا غلام جي محنت جو نتيجو هئي، سندس آقا ئي قبضو ڪري ويٺو. معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ جاگيردار ڪارخانيدار بڻجي ويو. غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو. محنت جو استحصل جيئن جو تيئن جاري رهيو ۽ اڄ تائين هلي پيو. زمين ۽ مشين جهڙن پيداواري وسيلن تي انهن جي مالڪن جو قبضو ٿي ويو.
جيستائين وياج کي حرام سڏڻ ۽ انهيءَ وياجي عمل کي الله ۽ ان جي رسولﷺ جي خلاف جنگ جي اعلان جي برابر سڏڻ جو لاڳاپو آهي، ته عالمن محنت جي استحصال ۽ وياج ۾ فرق کي سمجھيو ئي نه آهي. قرآن ڪريم هر انهيءَ عمل کي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي سندس محنت شامل نه هجي ۽ هو انهيءَ مان ڪو نفعو حاصل ڪري ٿو ته انهيءَ کي وياج سڏيندي حرام ٻڌائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري ئي رسول الله ﷺ ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالهه ته اها آهي ته وياج جا ٻه قسم آهن. انهيءَ جو هڪ قسم ته هي آهي ته ڪنهن ماڻهو يا ڪنهن عورت جي شادي هجي، ان جي ڳئون مري وڃي ته هو ڪنهن شاهوڪار کان وياج تي قرض کڻي پنهنجي ضرورت پوري ڪري ٿو. ٻيو قسم بئنڪن وارو وياج آهي جنهن ۾ وياج تي قرض کڻي ڪارخانو لڳايو ويندو آهي ۽ ڪارخاني ۾ مزدور ڀرتي ڪيا ويندا آهن. انهن جي محنت جي استحصال سان اهي ڪارخانا ٿورڙن ئي سالن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪارخانن کي جوڙي وٺندو آهي. هڪ مثال سان اها ڳالهه چٽي ٿي ويندي. هڪ ماڻهو بينڪ کان بنا وياج جي هڪ ڪروڙ رپيا قرض وٺي ٿو ۽ انهن پئسن مان ڪارخانو قائم ڪري ٿو. ٿورڙن سالن ۾ قرض به ادا ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڪارخاني جي آمدني مان وڌيڪ ڪارخانا به جڙي وڃن ٿا. سوال هيءُ آهي ته هڪ ڪارخاني مان وڌيڪ ڪارخانا ڪيئن ٿا ٺهن؟ جڏهن ته انهيءَ ئي ڪارخاني جا مزدور انهيءَ عرصي ۾ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم رهن ٿا. انهيءَ عمل جو سائنسي مطالعو ٻڌائي ٿو ته مزدور اٺن ڪلاڪن واري عرصي ۾ جيتري پيداواري ڪري ٿو ۽ انهيءَ مان جيڪو نفعو حاصل ٿيندو آهي، ڪارخانيدار ان کي اهو پورو ادا ناهي ڪندو، پر هو مالڪ هجڻ جي حيثيت سان اڌ کان وڌيڪ نفعو پاڻ رکي ڇڏيندو آهي ۽ اڌ کان به گهڻو گھٽ حصو پورهيت کي مزدوري طور ڏيندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پورهيت کي ان جي ئي پيدا ڪيل نفعي مان ڪي ٿورڙا پئسا مزدوريءَ جي طور ڏيندو آهي. ائين کڻي سمجھو ته هڪ ڪارخاني ۾ سؤ مزدور ڪم ڪن ٿا ۽ ڏهه رپيا انهن جي ڏهاڙي جي حساب سان مزدوري آهي. شام جو هر هڪ مزدور ڏهه روپيا وٺي ڪري پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿئي ٿو، پر ڪارخاني جو مالڪ انهن سئو مزدورن جي محنت جي پيداوار مان حاصل ٿيندڙ نفعي جو اڪيلو مالڪ ٿي ويندو آهي. انهيءَ ئي نفعي مان هو وڌيڪ ڪارخانا لڳائيندو وڃي ٿو يا ٻيو ڪو ڪاروبار شروع ڪري ٿو.
تنهن ڪري رڳو وياج کي ختم ڪرڻ سان محنت جو استحصال ختم نٿو ٿئي، پر اهو انهيءَ سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام هيٺ پوءِ به هلندو رهي ٿو. جيستائين محنت جو استحصال ختم نٿو ٿئي، نوي سيڪڙو ماڻهن جي مالي حالت انساني سطح تائين نٿي پهچي سگھي. محنت جي استحصال جو خاتمو ان وقت تائين نٿو ٿي سگھي جيستائين پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ نٿا اچي وڃن.
قرآن ڪريم سورة بقره جي آيت نمبر 29 کان سواءِ سوره حٰم سجده جي آيت نمبر 10 ۾ ٻڌايو آهي ته:
وَجَعَلَ فِيْہَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِہَا وَبٰرَكَ فِيْہَا وَقَدَّرَ فِيْہَآ اَقْوَاتَہَا فِيْٓ اَرْبَعَۃِ اَيَّامٍ۰ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ۱۰
”انهيءَ ئي (زمين کي وجود ۾ آڻڻ کان پوءِ) ان جي مٿان جبل کوڙيا ۽ انهيءَ ۾ برڪتون رکي ڇڏيون ۽ انهيءَ ۾ سڀني سوال ڪندڙن (يعني کاڌ خوراڪ جي گھرج ڪندڙن) جي لاءِ هر ڪنهن جي طلب ۽ حاجت موجب بلڪل پوري اندازي سان خوراڪ جو سامان ميسر ڪري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجھه چئن ڏينهن ۾ ٿي ويو“.
هن آيت مبارڪه جو مطلب هيءُ آهي ته زمين جي پيداوار هر هڪ ضرورتمند جي لاءِ انهيءَ جي ضرورت موجب هڪجيترو کليل هئڻ گھرجي. ڪنهن تي به انهيءَ جا دروازا بند نه ٿيڻ گھرجن. پر گڏيل قومن جي تحقيق موجب اڌ کان وڌيڪ دنيا پنهنجي بنيادي ضرورت جيتري خوراڪ حاصل نٿي ڪري سگھي. انهيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته انهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه آهي. اها رپورٽ ڪيليفورنيا (آمريڪا) ۾ ڪم وارڻ واري ”خوراڪ ۽ ترقياتي حڪمت عملي جي اداري“ خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڇاپي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”عالمي بک بابت غلط مفروضا“. هن رپورٽ موجب دنيا ۾، خاص ڪري ترقي پذير ملڪن ۾ ڪروڙين انسان مناسب غذا کان محروم آهن، جڏهن ته دنيا ۾ کائڻ جي لاءِ تمام گھڻي خوراڪ موجود آهي. محرومي جو سبب رڳو اهو آهي ته انهن وٽ خوراڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ گھربل رقم موجود ناهي هوندي ۽ انهن ۾ خريدڻ جي سگھه نه آهي. رپورٽ موجب اڄ به بکين ماڻهن جي موجودگيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته انهن ملڪن جو معاشي نظام غير منصفاڻو آهي، جنهن جي ڪري سڀئي ماڻهو خوراڪ جا وسيلا حاصل نٿا ڪري سگھن. رپورٽ چوي ٿي ته دنيا ۾ هن وقت جيتري غذا پيدا ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اها هٿراڌو يا ظالماڻي روڪ کان سواءِ سڀني انسانن تائين پهچي وڃي ته اڄ به ڏيڍ کان ٻه ڪلو تائين غذائي شيون في ڏينهن جي حساب سان هر هڪ ماڻهوءَ جي حصي ۾ اچي سگھن ٿيون. ڪجھه ترقي پذير ملڪن ۾ خوراڪ جي پيداوار اتان جي سڀني رهاڪن جي لاءِ ڪافي آهي. پر انهن رهاڪن جو هڪ وڏو حصو خريدڻ جي سگھه کان محروم آهي، انهيءَ ڪري اهي ويلا ويهڻ تي مجبور آهن. پنجن سالن کان گھٽ عمر وارا 87 سيڪڙو ٻار مناسب خوارڪ کان محروم آهن، جڏهن ته اتي جھجھي مقدار ۾ خوراڪ موجود هوندي آهي. انهيءَ جو سبب رڳو اهو ئي آهي ته ماڻهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه هوندي آهي. جنهن ملڪن کي ”بکيا ملڪ“ چيو ويندو آهي، اتي به ايتري خوراڪ موجود هوندي آهي جو سڀئي رهاڪو پنهنجي ضرورت موجب اها حاصل ڪري سگھن ٿا، پر سرمائيداراڻي معاشي نظام جي ڪري، اها خوراڪ انهن ملڪن جي رهاڪن کي ملڻ جي بدران منافعي خورن جي هٿان ٻين ملڪن کي برآمد ڪئي ويندي آهي. هندستان، ميڪسيڪو ۽ فلپائن جهڙن ملڪن ۾ زرعي انقلاب جي باوجود به انهن جا پنهنجا ئي لکين شهري بک وگهي مري رهيا آهن، جڏهن ته اتان جا سرمائيدار خوراڪ کي ٻاهر برآمد ڪن ٿا. ڏڪر سٽيل علائقن ۾ به جن وٽ خريدڻ جي سگھه آهي، اهي خوراڪ خريدي وٺندا آهن. ڪن ملڪن، جهڙوڪ نائيجيريا، برازيل ۽ بوليويا ۾ خوراڪ جھجھي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي، پر ماڻهو بک کان مرندا آهن، ڇو ته انهن جو معاشي نظام انهن کي خريدڻ جي سگھه نٿو ڏئي. هن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن زمين جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا هارين کي پوکيءَ لاءِ ملي وڃن ته خوراڪ جي پيداوار ۾ 80 سيڪڙو تائين واڌارو ٿي سگھي ٿو. ڇو ته اهي هاري زمين جي پنهنجي ذاتي مالڪي واري حصي تي تمام گھڻي محنت ڪندا آهن. آمريڪا جي انهيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برازيل کان سويابين تيل جي برآمد وڏي پئماني تي ڪئي وئي آهي ته جيئن جپان ۽ يورپي ملڪن جي چوپاين کي سڻڀو چارو ۽ غذا ملي سگھي. پر برازيل ۾ به اهڙن ماڻهن جو تعداد هڪ ٽهائي کان وڌي ٻه ٽهائي ٿي ويو آهي جيڪي غربت جي سطح کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن. سبب رڳو اهو آهي ته انهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه آهي. هن رپورٽ جو تت هيءُ آهي ته انسانن جي گھڻائي کي کاڌ خوراڪ جي شين تائين پهچ نه آهي جنهن جو سبب غلط معاشي نظام هئڻ جي ڪري سندن خريدڻ جي سگھ جو نه هجڻ آهي.
سورة النحل جي آيت نمبر 71 ۾ آهي ته:
وَاللہُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلٰي بَعْضٍ فِي الرِّزْقِ۰ۚ فَمَا الَّذِيْنَ فُضِّلُوْا بِرَاۗدِّيْ رِزْقِہِمْ عَلٰي مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُہُمْ فَہُمْ فِيْہِ سَوَاۗءٌ۰ۭ اَفَبِنِعْمَۃِ اللہِ يَجْحَدُوْنَ۷۱
”۽ (ڏسو) الله تعالى توهان مان ڪن کي ڪن تي روزي جي لحاظ کان برتري ڏني آهي (ته ڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو ۽ ڪو گھٽ ڪمائي ٿو) پوءِ جن ماڻهن کي رزق (روزي) ۾ برتري حاصل آهي سي انهيءَ حڪم جا پابند آهن ته انهيءَ روزيءَ مان پنهنجي ماتحتن کي ڏيندا ڪن. ڇو ته اهي به انهيءَ ۾ برابر جا حقدار آهن. اهي ماڻهو ڇاجي ڪري الله تعالى جي نعمتن جي ناشڪري ڪن ٿا (۽) ائين ناهي ٿيندو ته جنهن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سو پنهنجي روزي پنهنجي ماتحتن کي موٽائي ڏئي جڏهن ته سڀئي انهيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهن. پوءِ ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي نعمتن جا کليل طرح انڪاري ٿي رهيا آهن؟“
هن آيت جي تشريح ۾ مولانا مودودي ۽ مولانا ابو الڪلام آزاد ۾ وڏو فرق آهي. اڃا به ائين چئجي ته ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. مولانا مودودي سرمائيداراڻي نظام جو حامي آهي پر مولانا آزاد جو لاڙو هن نظام جي خلاف آهي ۽ هو معيشت ۾ سماجوادي رويي جو حامي آهي.
جيئن ته قرآن ڪريم توحيدي معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ نازل ٿيو آهي، جيڪو مخالف معاشي نظام کان پاڪ ۽ صاف هوندو اهي ۽ جنهن کي اڄڪلهه غير طبقاتي معاشرو چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري منهنجي نظر ۾ مولانا آزاد جو رويو وڌيڪ صحيح آهي. مولانا آزاد فرمائي ٿو ته:
هن آيت ۾ ٻه ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، هڪ هي ته معاشي وسيلا سڀني وٽ هڪجيترا نه آهن ۽ اهڙي قسم جو اختلاف قدرتي آهي. الله تعالى سڌي طرح انهيءَ کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته رزق جي حقدار هجڻ جي معاملي ۾ سڀئي ماڻهو برابر جا حقدار آهن. ڀلو ڪو آقا هجي يا ٻانهو، ڪو زورآور هجي يا ڪو هيڻو، ائين ٻه ڳالهيون هڪ جاءِ تي گڏجي انهيءَ سوال تي روشني وجھن ٿيون ته معاشي نظام جي معاملي ۾ قرآن جو منهن ڪهڙي پاسي آهي.
پر موجوده دؤر ۾ معيشت جي سائنسي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قرآن موجب الله تعالى پيداوار جي سڀني وسيلن کي سڀني انسانن لاءِ پيدا ڪيو آهي. (البقره: 29) ته پوءِ ڇا سبب آهي جو انسانن جي گھڻائي هڪ ٿورڙي تعداد وٽ پنهنجي محنت وڪڻي پيٽ پالي ٿي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته معيشت جو اهڙو نظام الله تعالى جي گھربل معاشي نظام جي خلاف آهي. انهيءَ جو رڳو هڪڙو ئي حل آهي، اهو هيءُ ته پيداواري وسيلا عوام (الخلق عيال الله) جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنا وڃن، ته جيئن محنت جو استحصال نه ٿي سگھي. جيستائين رزق جي گھٽ يا وڌ هئڻ جو فرق آهي ته اهو ذهني ۽ جسماني قوت جي فرق جي ڪري آهي، پر مزدور جي محنت جي استحصال جي ڪري، معيشت جي درجن ۾ جيڪو فرق پوي ٿو، سو غير فطري ۽ غير انساني آهي. انهيءَ فرق جي لاءِ الله تعالى ذميوار نه آهي. اهو انسان جي پنهنجي پاڻ ۾ لاڳاپي جي نوعيت جو نتيجو آهي. ذهني ۽ جسماني سگھه جي ڪري جيڪو فرق پيدا ٿيندو آهي، سو تمام ئي ٿورڙو هوندو آهي. ائين نه آهي ته ڏهه سيڪڙو ماڻهو ته اربين رپين جا مالڪ هجن ۽ نوي سيڪڙو ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ محتاج ۽ پريشان هجن. اسلام کان پهريان هيءَ شڪل آقا ۽ غلام جي لاڳاپي جي هئي، جيڪو پوءِ جاگيردار ۽ ڪڙمي جي شڪل اختيار ڪري ويو. اسلام کان پوءِ، هاڻي اها صورتحال مشين جي ايجاد سان ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل ۾ سامهون آئي آهي. تنهن ڪري هن معاشي نظام جي خلاف پورهيتن جي بغاوت جائز آهي ته پيداواري وسيلن، جهڙوڪه زمين، ڪارخاني، کاڻين، پئٽرول ۽ گيس وغيره جي ذخيرن تي قبضو ڪري وٺن.
انسان جو احسن تقويم هجڻ جو سبب انهيءَ جي اندر خدائي روح جو ڦوڪيل هجڻ آهي. ڇو ته انسان ۾ خدائي روح ڦوڪيل هجڻ جي ڪري ان ۾ ارادو، ڪا شيءِ ٺاهڻ جي ڏات، نيڪ ۽ بد جي پرک، رهبري، پاڻ سڃاڻڻ، خدمت، سوچ ويچار ۽ ڪجھه ڪرڻ جي سگھه ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر انسان فطرت جي معاشي نظام جي برخلاف دولت کي هڪ جاءِ تي روڪي رکڻ ۽ ٿورڙن ماڻهن جي پيداواري وسيلن تي قبضي واري نظام کي پنهنجائي، ذڪر ڪيل گڻن سان پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏيو آهي. اها ئي معاشي، سياسي ۽ اخلاقي پستي آهي جنهن کي اسفل سافلين سان ڀيٽيو ويو آهي.
[b][u](22) سورت الانشقاق:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان شعوري يا لاشعوري طور تي لاچار ٿي پنهنجي خالق ڏانهن وڃي رهيو آهي، انهيءَ ڪري کيس نبين سڳورن جي تعليم تي غور ڪري پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي، ڇو ته عملن جا نتيجا هڪ ڏينهن ظاهر ضرور ٿيندا. عملن جي نتيجن جو ظاهر ٿيڻ موت کان پوءِ (اڃا به هن حياتيءَ ۾ به) انسان جي مرضي تي نه ڇڏي ڏنو ويو آهي.
قيامت جي ڏينهن زمين تان سمنڊ، جبل، ٻيلا وغيره سڀئي ختم ڪري، انهيءَ کي سنئون ميدان بڻايو ويندو ته جيئن سڀئي انسان ان تي بيهي سگھن. هر هڪ ماڻهوءَ کي ان جو اعمالنامون ڏنو ويندو. انسان کي هڪ حالت تي ناهي رهڻو، کيس ٻالڪپڻ کان جواني، جواني کان ڪراڙپ، ڪراڙپ کان موت، موت کان برزخ، برزخ کان ٻيهر زندگي، ٻيهر زندگيءَ کان حشر جو ميدان، حساب ڪتاب ۽ آخر ۾ جزا ۽ سزا وارين منزلن کان لازمي طرح گذرڻو پوندو.
ٽن شين کي زندگيءَ جي انهيءَ تسلسل تي شاهد بڻايو ويو آهي. يعني سج لهڻ کان پوءِ افق تي ٿيندڙ ڳاڙهاڻ، ڏينهن کان پوءِ واري رات جي اوندهه ۽ انهيءَ ۾ انسانن ۽ جانورن جو گڏ ٿي هڪ جاءِ تي اچڻ جيڪي ڏينهن جي وقت زمين تي ٽڙيل پکڙيل هئا ۽ چنڊ جو ان جي سنهڙي حالت ۾ ڏاڪي به ڏاڪي وڏو ٿي پورو چنڊ ٿي وڃڻ. جهڙي ريت اهي ڳالهيون پڪيون آهن اهڙيءَ ئي ريت انسان جي ذڪر ڪيل تقدير به پڪي ڳالهه آهي.
اهي آسودا ۽ قيامت جا انڪاري ماڻهو ٿورڙا ڏينهن پنهنجي دولت جي جھجھائيءَ سان عياشيون ڪري وٺن، ان کان پوءِ سدائين جي لاءِ دوزخ ۾ سڙندا. اهي پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ مست هئا ۽ اڻ ڳڻيون حرام پايون ڪري، ڪيترن ئي انسانن جو حق ماري، پنهنجي ۽ پنهنجي آڪهه جي لاءِ عيش عشرت جو سامان گڏ ڪندا رهيا آهن.
[b][u](23) سورت الانفطار:[/u]
[/b]نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي قيامت جو ڏينهن پنهنجي اکين سان ڏسڻو هجي ته اهو سورة ”انشقاق“ ۽ سورة ”انفطار“ ۽ سورة ”التڪوير“ پڙهي.
هن سورة مبارڪه ۾ به سورة انشقاق وانگر قيامت جي ڏينهن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. انهيءَ ڏينهن انسان جو اعمالنامو تاريخ وار ترتيب ڏئي ڪري، ان جي سامهون پيش ڪيو ويندو. هن سورة ۾ اها هڪ نئين ڳالهه ٻڌائي وئي آهي ته هر انسان تي ٻه مانائتا ملائڪ ڪاتب ۽ نگران جي طور تي مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ان جي هر هڪ چرپر ۽ عمل کي محفوظ ڪندا يا لکندا وڃن ٿا. انهيءَ نگراني عملن جي ڳڻپ ۽ انهن جي جزا ۽ سزا کي يقيني ڪري ڇڏيو آهي. قيامت جي ڏينهن هر انسان جي عملن جو رڪارڊ ان جي سامهون پيش ڪيو ويندو، انهيءَ ڏينهن ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ڪونه هوندو، سڀئي اختيار الله تعالى وٽ هوندا.
غلط طريقن سان دولت ڪمائڻ، ٻين ڪمزور انسانن جا حق ڦٻائي دولت حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ انهيءَ دولت تي عياشيءَ واري زندگي گذارڻ الله تعالى جي عذاب کي سڏڻ جي برابر آهي.
[b][u](24) سورت المرسلات:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ به قيامت جي قائم ٿيڻ جا دليل آهن ۽ انهيءَ ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. هن سورة ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪائنات ۾ رڳو طبعي قانون (physical laws) ڪم نٿا پيا ڪن، پر انهن ۾ اخلاقي قانون (moral laws) به ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي مطابق انساني عملن جا نتيجا پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي ئي نتيجا هن دنيا ۽ قيامت ۾ انسان جي لاءِ جزا ۽ سزا جو سبب بڻجندا.
سائنس رڳو طبعي قانون جي تحقيق ڪري سگھي ٿي، اخلاقي قانون انهيءَ جي تحقيقي حدن کان ٻاهر آهن. انهيءَ ڪري ئي نبين سڳورن کي موڪلڻ ۽ پاڪ ڪتابن جي نزول جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته جيئن انسان سٺن يا خراب عملن کي سڃاڻي سگھي. انهيءَ مقصد جي لاءِ مذهب جي ضرورت آهي. پر مذهبي پيشيوائيت، مذهب جي ٻڌايل اخلاقي قانونن جي جاءِ تي رڳو ظاهري رسمن ۽ عملي ڪردار کان بنا عبادت تي زور ڏئي ڪري مذهب کي بگاڙي ڇڏيو. قرآن ڪريم، جيڪو آخري خدائي ڪتاب آهي، ٻڌايو آهي ته سڀني نبين سڳورن جيڪي عقيدا ۽ اخلاق ٻڌايا آهن، اهي سڀئي هڪجهڙا آهن. ائين ئي عبادت جو لاڳاپو انساني خدمت سان جوڙڻ لازمي آهي ۽ دينن جي هيڪڙائي ئي اصل ۾ انساني هيڪڙائي جي ضمانت آهي.
توحيد الاهي ۽ اخلاقي گڻن تي زور ڏيڻ جي بدران رڳو ظاهري عباداتي رسمن تي زور ڏيڻ سان عملن جي نتيجن ۽ انهن تي ملندڙ جزا سزا ۽ قيامت جي ڏينهن تان ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو ۽ مذهب فساد جو بڻياد بڻجي ويو. يورپ وارن هن بگاڙيل مذهب جي جاءِ تي سيڪولرازم کي پنهنجائي ورتو جنهن جي ذريعي فطرت جي مطالعي سان حاصل ٿيڻ وارا علم ته حاصل ٿي ويا، پر اخلاقي گڻن جو زندگيءَ سان واسطو ختم ٿي ويو. انهيءَ ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته مذهب جي ڏنل اخلاقي تعليم ۽ گڻن تي زور ڏنو وڃي ۽ مذهبي عبادتن ۽ رسمن جو مقصد به اهو ئي هو ته انسان جي نفسيات ۾ اخلاقي گڻ پيوست ٿي وڃن.
[b][u](25) سورت القيامه:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ به مڪي وارن جي غلط عقيدن ۽ انهن جي گمراهين تي کين خبردار ڪيو ويو اهي. قيامت واري ڏينهن جي باري ۾ انهن جي سڀني شڪن ۽ اعتراضن جو جواب ڏنو ويو آهي. قيامت جي قائم ٿيڻ جي باري ۾ تمام ئي سگھارا دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن ۽ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي ته قيامت جي ڏينهن جي انڪار جو اصل سبب انهن جون نفساني خواهشون آهن. ڇو ته جيڪڏهن اهي قيامت جي ڏينهن پنهنجي عملن جي حساب ڪتاب کي مڃي وٺن ته اهي مراعتون ڏنل طبقي جا ماڻهو نه ته غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل ماڻهن جي محنت جي استحصال سان دولت گڏ ڪري سگھندا ۽ نه ئي انهيءَ جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيل دولت جي آڌار پنهنجي عيش پرستي کي جاري رکي سگھندا اهو ئي سبب آهي جو گھڻو ڪري نبين جي اڳيان پويان غلام ۽ مجبور ۽ مظلوم طبقي جا ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. هن سورة ۾ ڪائنات کي قيامت واري ڏينهن جي اچڻ بنسبت شاهدي طور پيش ڪيو آهي. هن ڪائنات جي ابتدا جو به ڪو هڪ ڏينهن هو، انهيءَ جي ڪري لازمي طرح ان جي پڄاڻي به ضرور ٿيندي. سائنس اندر ٿرموڊائنامڪس جي ٻئي قانون ۾ ٻڌايو آهي ته جنهن شيءِ جي شروعات آهي، انهيءَ جي پڄاڻي به لازمي آهي. هيءَ ڪائنات هر پل بدلجندڙ هجڻ جي ڪري دائمي ۽ هميشه رهندڙ نٿي ٿي سگھي.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته قيامت جي ڏينهن انسانن جي سڀني عملن جو حساب ڪتاب ٿيندو ۽ انهيءَ موجب ئي انهن کي جزا ۽ سزا ملندي. انهيءَ جي لاءِ نفس لوّامه کي شاهد بڻايو ويو آهي. نفس لوّامه کي اڄوڪي دؤر ۾ ضمير يا اندر جو آواز چون ٿا. انسان جو ضمير کيس هر غلط ڪم تي ٽوڪيندو آهي. انسان رڳو طبعي وجود نٿو رکي، پر ان سان گڏوگڏ کيس اخلاقي وجود به آهي. تنهن ڪري اخلاقي قانونن جي خلاف عمل ڪرڻ تي ان جو پڇاڻو لازمي ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ملامت جو سامان به ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن پڇاڻو نه هجي ته پوءِ ملامت جي به ضرورت نٿي رهي. ضمير جي ملامت انهيءَ ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته انسان جو هڪڙو اخلاقي وجود به آهي، رڳو طبعي وجود وجود نه آهي.
[b][u](26) سورت الواقعه:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن انسانن کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ويندو:
”السابقون“ يا ”مقربون“ اصل ۾ اهي ماڻهو آهن، جن دعوت جي شروعاتي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايمان آندو ۽ انقلاب جي ضرورت ۽ اهميت کي سمجھيو. کُلي طرح پرچار کان پوءِ ظلمن ۽ ڏاڍاين جو سڀ کان وڌيڪ نشانو به هنن ئي ماڻهن کي بڻايو ويو. اهي انقلابي تحريڪ ۾ سڀني کان اڳرا آهن.
اصحاب ميمنه جو مطلب عام صالح ۽ نيڪ ماڻهو آهن ۽
اصحاب مشئمه: جو مطلب وري بڇڙا ۽ غلط ڪردار وارا ماڻهو آهن.
نبي ڪريم ﷺ جي امت ۾ اهي ٽن قسمن جا ماڻهو آهن. پهريان ايمان آڻڻ وارا، جن سڀني کان وڌيڪ تڪليفون سٺيون، اهي فڪر ۽ عمل ۾ سڀني کان وڌيڪ پهچ وارا ماڻهو آهن.
هن سورة ۾ انهن ٽنهي قسم جي انسانن جي رهڻ جي جاءِ انهن جي مرتبي موجب ٻڌائي وئي آهي. اصحاب ميمنه وارن جي لاءِ جنتي معاشري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ائين ئي اصاحب مشئمه وارن جي لاءِ دوزخي معاشري جو نقشو به ٻڌايو ويو آهي. انقلابي تحريڪ ۾ سڀ کان پهريان شامل ٿيڻ وارا جنت جي مٿانهن درجن ۾ رهندا.
اصحاب مشئمه کي ”بام مارگي“به چيو ويندو آهي. هيءَ هلچل هندستان ۾ ڏٺي ويندي هئي. هن جو باني چارواڪ هو، پر انهيءَ جو مطلب هر اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو انقلاب جي مخالفت ڪندڙ آهي. انهيءَ هلچل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪرشن جي، رامچندر جي، مهاتما ٻڌ ۽ مهابير ڪم ڪيو. انساني امتن ۾ جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو آهي، نبوي يا روحاني انقلاب جا اثر گھٽجي ويندا آهن ۽ اصحاب مشئمه جو تعداد وڌي ويندو آهي. اسان جي دؤر ۾ اشتراڪي هلچل ۾ مذهب کي رد ڪري ڇڏڻ جي ڪري اصحاب مشئمه وارا پرڪار پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. جبلتن جي حيواني گھرجن تي ضابطو رڳو مذهب جي تاڪيد ڪيل اخلاقي گڻن کي پنهنجائڻ سان ئي آڻي سگھجي ٿو، ٻي صورت ۾ اهي حيواني گھرجون تمام ئي تڪڙو بام مارگي فرقي جي بڇڙائين ڏانهن وٺي وينديون آهن.
هن سورة کان پوءِ قريشن جو پهريون وفد ابو طالب وٽ آيو ۽ ظلم ۽ زيادتين ۾ سختي اچي وئي. ائين ئي ٻيو وفد به آهي، جنهن کان پوءِ مخالفت ۾ ايذاء رساني جو پهلو حد کان وڌي ويو ۽ پاڻ ﷺ جي حڪم سان ماڻهن کي حبشه ڏانهن لڏڻو پيو.
مڪي جي قريشن جو ابو طالب ڏانهن پهريون وفد: قريشن ابو طالب ڏانهن پهريون وفد موڪليو. روم ۽ ايران واري جنگ جي ڪري انهن ملڪن مان واپارين ۽ حاجين جو اچڻ بند ٿي ويو هو. رڳو هندستان ۽ بحرين يا يمن ۽ حبشه جا واپاري ايندا هئا. اچڻ وارا نفعي جي اميد تي ايندا هئا. مڪي جي قريشن سمجھيو ته اها محمد ﷺ بن عبدالله ۽ بنو هاشم وارن جي سازش آهي، اهي گھرن ٿا ته خاني ڪعبي جي عزت گھٽجي وڃي ۽ ماڻهو هن پاسي نه اچن.
مڪي جي قريشن خدا جي هيڪڙائي جي بنياد تي عرب قبيلن کي هڪ مضبوط گڏيل ۽ سياسي وحدت بڻائڻ جي بدران اهو سمجھيو ته هڪڙي خدا جي پوڄا ۽ غلام ۽ آزاد جو فرق ميساري ڇڏڻ، انهن جي عزت ۽ مان مرتبي جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، جنهن سان انهن جي سماجي برتري ختم ٿي ويندي. تنهن ڪري انهيءَ تصور هيٺ انهن فيصلو ڪيو ته محمد ﷺ جي پيروي ڪرڻ وارن جي سخت مخالفت ڪرڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ هنن سٺو اهو سمجھيو ته پهريان ابو طالب سان انهيءَ موضوع تي ڳالهه ڪئي وڃي، ٿي سگھي ٿو ته هو پنهنجي ڀائٽي کي سمجھائي انهيءَ ڪم کان روڪي وڃي.
انهيءَ وفد ۾ قريشن جا وڏا وڏا سردار شامل هئا. ابوسفيان بن حرب انهيءَ وفد جو اڳواڻ هو. انهيءَ سان گڏ ابوجهل بن هشام، وليد بن مغيره، فوج جو مهندار عاص بن وائل سان گڏ قريشن جا ٻيا به ڪي سردار شامل هئا. عتبه ۽ شيبه ۽ ابو البختري به انهيءَ هلچل جو مخالف نه هئڻ جي باوجود به انهيءَ وفد ۾ شامل هو. انهيءَ وفد وارن ابو طالب کي چيو:
”ادا ابو طالب! تون ڏسين پيو ته تنهنجو ڀائٽيو اسان جي روزي تي لت ڏيڻ لاءِ پويان پئجي ويو آهي. هو چوي ٿو ته گھڻن خدائن جي بدران رڳو هڪڙي خدا جي پوڄا ڪريو. هو اهو نٿو سمجھي ته اسان سمورو بار هڪڙي خدا تي وجھڻ بدران ان کي گھڻن ئي خدائن ۾ ونڊي ورڇي ڇڏيو آهي. اسان مجوسين کان اهو سکيو آهي ته هر ڏينهن جو هڪ خدا (فرشته ايزد) هئڻ گھرجي. وري اسان مسيحي مريم (ديوي)، ڏاڏي ابراهيم ۽ بابل جي ديوتا بعل جهڙن سڀني خدائن کي مڃي ورتو آهي، جيئن جنهن به قوم جو ڪو ماڻهو هتي اچي ته اهو بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجي خدا يا ديوتا جي پوڄا ۾ لڳي وڃي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ان جي مراد ڪنهن هڪڙي خدا وٽان پوري نٿي ٿئي ته هو ڪنهن ٻئي ديوتا کان مدد گھري وٺي. اسان پنهنجي ديوين کي خدا ته ڪونه ٿا مڃون، اسان ته انهن کي رڳو سفارشي ڪري ٿا سمجھون. اهي خدا جون ڌيئر آهن. لات ديوي طائف ۾ آهي، مناة سمنڊ ڪناري آهي جيڪا سومنات هندي جي برابر آهي. عزى نخله ۾ آهي. انهيءَ ۾ ڀلا محمد ﷺ جو ڪهڙو گھاٽو آهي؟ جيترا وڌيڪ ديوتا هوندا اوترو ئي نفعو به ته وڌيڪ ٿيندو“.
”مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ، غلامن، عورتن يا زيارتين تي جو مال ڦٻائڻ يا قصاص وٺڻ جي سزا جو ملڻ، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. ڪير به مرڻ کان پوءِ جيئرو نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪو جيئرو ٿي به سگھي ٿو ته پوءِ ڀلا محمد ﷺ کي چئو ته قصي بن ڪلاب يا هاشم کي ٻيهر جيئرو ڪري ڏيکاري، اهي به ته اسان جا وڏا هئا. محمد ﷺ غلامن ۽ ڏٻرن ماڻهن ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. ان اسان جو سڀ کان وڏو نقصان هي آهي ته اسان جا ٺٺ ختم ٿي ويندا ۽ اسان جي لاءِ زندگي عذاب بڻجي ويندي“.
ابو طالب انهن جون ڳالهيون ٻڌي، نرم لهجي ۾ جواب ڏئي وفد کي موٽائي ڇڏيو ته سوچي سمجھي ڪو قدم کنيون وڃي. پاڻ ڪريم ﷺ کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته تمام گھڻو خوش ٿيا ته قريش هاڻي هوشيار ٿيا آهن، من پنهنجي غلفت واري ننڊ مان سجاڳ ٿي وڃن.
وفد جي موٽ وڃڻ کان پوءِ هاڻي کليل طرح پرچار جو ٻيو سال شروع ٿي ويو هو. يعني 5 نبوي ۾ رسول الله ﷺ پنهنجي پرچار ۾ وڌيڪ تيزي ۽ دليلن ۾ وڌيڪ وضاحت شروع ڪري ڏني ۽ خدائي وحي جي لهجي ۾ مختلف سورتن اندر مشرڪن جي اعتراضن جو پهريان کان به وڌيڪ چٽو جواب ڏيڻ لڳا.
[b][u](27) سورت نوح:
[/u][/b]
هن سورة مبارڪه ۾ هڪ اهڙي سفر جي شروعات ٿي، جنهن ۾ مڪي جا ڪافر ايمان آڻڻ وارن تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي اڃا به وڌيڪ ايذائڻ شروع ڪيو. انهيءَ دؤر کان پهريان وارين سورتن ۾ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو هو، پر انهن جي بتن جي مخالفت نه ڪئي وئي هئي. هاڻي جڏهن جو مڪي جي سردارن سختي سان بت پرستي کي نه ڇڏڻ واري روش اختيار ڪئي هئي ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي اڃا وڌيڪ زور ڏئي انڪار ڪرڻ شروع ڪيو، ته انهيءَ ڪري هن دؤر ۾ انهن انڪارين جي دنياوي تباهيءَ جي باري ۾ وڌيڪ زور ڏيڻ ۾ آيو ۽ ٻڌايو ويو ته آخرت ۾ ته انهن جي بربادي آهي ئي آهي، پر گذري ويل قومن وانگر هن دنيا ۾ به انهن جي بربادي پڪي آهي.
هن دؤر ۾ اهي سورتون نازل ٿيون، جن ۾ گذريل نبين جي انڪار ۽ انهن جي قومن جي تباهي ۽ بربادي جو ذڪر آهي. ائين انهيءَ سلسلي جي پهرين سورة نوح آهي، جنهن ۾ حضرت نوح ؑ جي قومي سردارن پنهنجي رسول جو انڪار ڪيو ۽ پنهنجي بتن جي پوڄا کي ڇڏڻ کان نابري واري. وري محروم ۽ غلام طبقن جو استحصال به سختي سان ٿيڻ لڳو هو، تنهن ڪري اها قوم دنيا جي تختي تان ميساري وئي. هن سورة اندر اصل ۾ مڪي جي سردارن کي ٻڌايو ويو آهي ته رسولن جي انڪار جو نتيجو تباهي ۽ بربادي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو. پهريان نوح ؑ جي قوم برباد ٿي، هاڻي محمد ﷺ جي مخالفت جي ڪري توهان جي بربادي به پڪي آهي.
عراق ۾ نوح ﷺ جي قوم جي دلين ۽ دماغن تي نجومي ڇانيل هئا. ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو انسان اشرف المخلوقات آهي، پر پوءِ به هو پنهنجي خالق کي ڇڏي پنهنجي ئي جوڙيل بتن ۽ پنهنجي خواهشن (هوا) جي پوڄا ڪرڻ لڳي ٿو. بت پرستي اسان جي پنهنجي مرتبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي ٿي. هن جو پاڻ تان ويساهه کڄي وڃي ٿو ۽ اهو سمجھي ويهي ٿو ته ٻاوا، پير، ڀوپا ۽ نجومي کيس بک ۽ خوف مان ڇوٽڪارو ڏئي سگھن ٿا. هو مختلف ديوتائن جي نالن تي باسون باسي ۽ قربانيون ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو اهي ديوتان رت ۽ گوشت وٺي ان جي مدد ڪندا. اصل ۾ اهو گوشت ته ٻاون جي ئي پيٽ ۾ وڃي ٿو. اهي ٻاوا ديوين کي الله جون ڌيئر ٻڌائي ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندا آهن. نتيجي طور قوم بي عملي ۽ بدعملي جو کاڄ ٿي تباهه ٿي ويندي آهي.
نوح ؑ جي قوم جي ڪجھه بتن جي عرب وارن به پوڄا شروع ڪري ڏني هئي. جيئن وود قضاعه قبيلي جي هڪڙي شاخ بنو ڪلب وارن جو معبود هو. هيءُ بت مرد جي شڪل ۾ هو جنهن جو مندر دومة الجندل ۾ هو.
هذيل وارن جي ديوي جي سواع قبيلو پوڄا ڪندو هو جنهن جي شڪل عورت جي هئي. ينبوع جي ويجھو رباط جي علائقي ۾ ان جو مندر هو. يغوث وري طي قبيلي جي شاخ انعم ۽ مذحج قبيلي جي ڪجھه شاخن جو معبود هو، جنهن جو مندر يمن ۽ حجاز جي وچ تي جرش واري علائقي ۾ هو. انهيءَ جي شڪل شينهن جهڙي هئي.
همدان قبيلي جي شاخ خيوان جو معبود وري يعوق هو، جيڪو گھوڙي جي شڪل جهڙو هو.
حمير قبيلي جي شاخ آل ذوالڪلاح جو معبود نسر هو، جنهن جو مندر بلخع واري علائقي ۾ هو ۽ ان جي شڪل گڏهه جهڙي هئي.
[b][u] (28) سورت النازعات:[/u]
[/b]سورة نوح ۾ حضرت نوح ؑ جي قوم پاران سندس انڪار جي نتيجي ۾ انهيءَ قوم جي تباهيءَ جو ذڪر هو. هن سورة ۾ حضرت موسى ؑ جو ذڪر آهي ته فرعون ان جو انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ هو نيل درياءَ ۾ ٻوڙيو ويو. نبين جي انڪار جي نتيجي ۾ قومون برباد ٿي وينديون آهن. سڀني نبين جي قومن سان اها ئي ڪار ٿي.
فرعون پنهنجو پاڻ کي خدا يا خدا جو پٽ (عزيز) سڏرائيندو هو. انهيءَ جي قوم سحر يا جادوگري جي اثر ۾ هئي جيڪي ماڻهن کي مرڻ کان پوءِ سج ديوتا تائين پهچڻ جي تعليم ڏيندا رهندا هئا ۽ ڄاڻڻ وارا پروهت نيل درياءَ جي ديوي تي هر سال هڪ ڪنواري ڇوڪري کي جيئرو لوڙهي زرخيري ۾ لاڀائتي ٻوڏ آڻڻ جا قائل هئا. اهي به بت پرستي ۽ ستارا پرستي ۽ سج پرستي ۾ ايترا ته جڪڙيل هئا جو سڀئي ڪم غلامن جي حوالي ٿي ويا. پروهتن جو ڪم رڳو فرعون جي پوڄا جا طريقا ٻڌائڻ ٿي ويو هو.
بي عملي قوم کي گيدي بڻائي ڇڏيو هو. انهن کي ڪڏهن عمالقه وارن فتح ڪيو، ڪڏهن يونان ۽ روم وارن ته ڪڏهن وري جهالت جي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ئي وڙهي تباهه ٿي ويا. اهو ئي حال بني اسرائيل وارن جو به هو. جيستائين انهن ۾ قومي وحدت قائم هئي ۽ اهي رڳو هڪڙي الله تي ڀروسو ڪندا رهيا، ان وقت تائين حضرت دائود ؑ ۽ سليمان ؑ جي حڪومت قائم رهي. صدوقي، فريسي، يهودا ۽ اسرائيل جي پنهنجو پاڻ ۾ جنگ ڇڙي پئي ۽ جتي ڪٿي ٿيڻ لڳي، نتيجي ۾ انهيءَ ڳالهه بني اسرائيل کي ٻين قومن جو غلام بنائي ڇڏيو. بعل جي پوڄا ۽ وياج خوري سان گڏ ڪيل دولت انهن کي غلاميءَ کان بچائي نه سگھي. هن سورة ۾ به قيامت ۽ حساب ڪتاب جي ڏينهن جي قائم ٿيڻ جي لاءِ وڏا سگھارا ۽ چٽا دليل ڏنا ويا آهن.
[b][u](29) سورت البروج:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ ”اصحاب الاخدود“ وارن جو مثال ڏنو ويو آهي، جن کي مخالفن باهه جي کاهين ۾ اڇلائي جيئرو ساڙي ڇڏيو هو. اهي پهريان عيسائي هئا. انهيءَ ئي سلسلي ۾ فرعون ۽ ثمود ۽ انهن جي لشڪرن جو ذڪر آهي ته اهي الله تعالى پاران موڪليل رسولن جو انڪار ڪرڻ جي ڪري برباد ٿي ويا ۽ انهن جي مٿان خدائي عذاب آيو. اصحاب الاخدود وارن جي مثال سان رسول الله ﷺ جي پيروڪارن کي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته انهن تي ڀلي ڪيترا به ظلم ڪيا وڃن، انهن کي گھرجي ته اهي ثابت قدم رهن. فرعون ۽ ثمود جي قوم وانگر انهن مڪي جي سردارن جو به اهو ئي حشر ٿيڻ وارو آهي.
هن سورة جي نازل ٿيڻ واري زماني ۾ مسلمانن تي ظلمن جي حد ٿي وئي هئي. غلامن کي ماريو ڪٽيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن انهن (آقائن) کي چيو ويندو هو ته غلامن ۽ محرومن سان ٻاجھه ۽ محبت سان پيش اچو ته مرڻ کان پوءِ به توهان عيش ۾ رهندؤ ته اهي سختي سان آخرت واري زندگيءَ جو انڪار ڪندا هئا. اهي چوندا هئا ته هڏين جي ڳري ۽ سڙي اٽو ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر ڪهڙي طرح حياتي ملندي؟ انهن چيو ته اهي مؤمنن ۽ تصديق ڪندڙن تي ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رهندا، اڃا به انهن کي جيئرو ساڙيندا. قرآن ٻڌايو ته اصحاب الاخدود وانگر مڪي جا سردار به تباهه ۽ برباد ٿي ويندا. ظالم ۽ جاهل جو ڪنڌ جھڪي ويندو ۽ آخرڪار غلام آزاد ٿي ويندا. اها هڪ چٽي حقيقت آهي ته پٿر تي ليڪ وانگر اهو خدائي قانون به اڻ مِٽ آهي. اها ئي تعليم قرآن کان پهريان موڪليل رسولن ۽ پيغمبرن کي ڏني وئي هئي. اهو ڪو جادو ۽ ڀوپي گيري ڪونه آهي، پر اها ته هڪ چٽي ۽ صاف تعليم آهي. قرآن لوح محفوظ ۾ رکيل آهي، جتي توهان جي مخالفت انهيءَ کي مِٽائي نٿي سگھي.
[b][u](30) سورت المدثر:
[/u][/b]
هن سورة مقدسه ۾ انقلاب جي مقصد ۽ ان جي انڪار ڪندڙن جي پڄاڻي جي خبر ڏني وئي آهي. الله تعالى جي وڏائي جو مطلب هيءُ آهي ته اهي سڀئي آقا، جيڪي غلامن سان ڌڪار ڀريو ۽ ايذائيندڙ رويو رکن ٿا، تن جي دنياوي وڏائي ۽ دٻدٻي ۽ اقتدار جو سختيءَ سان انڪار ڪيو وڃي، ۽ انهيءَ خدا جي وڏائي کي مڃيو وڃي جيڪو سڀني جو خالق، ٻاجھارو ۽ مربي آهي. اصل ۾ غلامن کي ٻڌايو پيو وڃي ته پنهنجي آقائن جي خلاف بغاوت ڪن. فانذر جي لفظن ۾ اها ئي للڪار آهي ته آقائن کي انهن جي ظلمن ۽ بدڪرداري جي نتيجي کان ڊيڄاريو. هو وليد بن مغيره جو نالو وٺڻ کانسواءِ، آسودن ۽ ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاريندڙن جي لاءِ، جيڪي غلامن تي ظلم ڪندا هئا ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ جزا ۽ سزا جو انڪار ڪندا هئا، جو ذڪر ڪري هڪ عام خدائي قانون ٻڌايو آهي ته ظلم جو نتيجو آخرڪار تباهي ۽ بربادي ئي آهي. انقلاب جي رستي ۾ جيڪي تڪليفون آيون آهن، انهن تي صبر ڪرڻ ۽ بردباري سان انقلابي جاکوڙ کي جاري رکڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي.
نبوي انقلاب جي ٻن خاصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ نماز جي پابندي ۽ ٻيو محروم طبقي جي محرومي، بک، جهالت ۽ غلاميءَ جو تدارڪ ڪرڻ. اسان جي دؤر ۾ ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ انقلاب جو مقصد رڳو محروم ۽ پٺتي پيل طبقن جي محرومي ۽ مفلسي کي ختم ڪري، انهن ۾ مالي آسودگي، سياسي ۽ ذهني آزادي جو شعور پيدا ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي. نبوي انقلاب جو مقصد مالي آسودگي، امن، فڪري آزادي ۽ غلاميءَ جو خاتمو ڪرڻ سان اهو آهي ته روح جيڪو خدا جي روح مان ڦوڪيل آهي، جي گھرجن کي پورو ڪيو وڃي ۽ خدا سان ويجھڙائي حاصل ڪئي وڃي. نماز انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. مذهبي پيشوائن رڳو ظاهري رسمن واري نماز تي زور ڏنو آهي، پر پٺتي پيل ۽ محروم طبقن جي حالت کي سڌارڻ واري ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن طبقن جي حالت رڳو خيرات ۽ صدقن سان سڌري نٿي سگھي، جيستائين جو پيداواري وسيلن کي انهن جي يونين جي ملڪيت ۾ نه ڏنو وڃي.
قرآن جادوگرن، ڀوپن ۽ جنن جو ڏنل علم نه آهي، پر اهو الله تعالى جو ڪلام آهي. انهيءَ ڪري اهو حق آهي ۽ نيڪيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ واري تعليم اهي. اهو اساطير الاولين (گذريل قومن جا قصا ۽ ڪهاڻيون) نه آهي ۽ نه ئي هي ڪو ڍاڙو ٽڪاءُ آهي. ان ۾ ڏنل هر قصي، مثال توڙي ڳالهه جو هڪ خاص مقصد آهي ۽ اهو هيءُ ته هن ڪائنات جو هڪ خالق ۽ پالڻهار (آقا) آهي. انسان کي پنهنجي علمن جي جزا ۽ سزا جي لاءِ ان جي سامهون وڃڻو آهي ۽ آخرت واري زندگي هڪ حقيقت آهي. قرآن جي تعليم مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته توحيد الاهي ۽ خدا پرستي ئي انساني وحدت جي ضمانت آهي ۽ پنهنجي عملن جي ذميواري ئي انسان کي عزت ۽ عظمت ڏئي سگھي ٿي.
نبي ڪريم ﷺ کي اهو چيو ويو آهي ته پنهنجا ڪپڙا پاڪ ۽ صاف رکو. عرب جا جادوگر ۽ ڀوپا عام طرح گَدلا رهندا هئا ۽ انهن جا وار وڪوڙيل هوندا هئا. اهو حڪم اصل ۾ پاڻ ﷺ کي انهن کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ آهي ته انقلابي پنهنجي جسم ۽ ڪپڙي کي صاف رکندو آهي.
[b][u](31) سورت مطففين (التطفيف):[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ به الله تعالى جي انڪار ۽ آخرت ۾ عملن جي جزا ۽ سزا جي انڪارين جي خلاف دليل ڏنا ويا آهن. معاشي مسئلن ۾ هڪ تمام وڏو ڏوهه گھٽ تورڻ ۽ گھٽ ماپڻ آهي. هن سورة جي نزول جو زمانو سچار انسانن جي لاءِ تمام ئي ايذائيندڙ ۽ انهن تي ٺٺول وارو زمانو آهي. هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن مڪي جي ڪافرن جي سامهون تاريخي واقعا بيان ڪيا وڃن ٿا ۽ کين ٻڌايو وڃي ٿو ته الله ۽ آخرت تي ايمان نه آڻڻ سان قومي تباهي ايندي آهي ته اهي انهن دليلن (آيتن) کي اهو چئي رد ڪن ٿا ته اهي ته اڳين قومن جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. هن سورة ۾ اخلاق جي آخرت جي عقيدي سان لاڳاپي تي روشني وڌي وئي آهي ته ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن سچي ۽ مستقل ديانتداري پيدا ٿي سگھي ٿي ته پوءِ رڳو خدا جي خوف ۽ آخرت تي ويساه رکڻ سان ئي ٿي سگھي ٿي. انهيءَ حالت ۾ ديانتداري (يا سٺا اخلاق) هڪ پاليسي نٿا رهن، جنهن سان دنياوي ڏيتي ليتي ۾ فائدو حاصل ٿيندو آهي، پر هڪ آخرت سان تعلق رکندڙ فرض بڻجي وڃي ٿي. انهيءَ جو دارومدار رڳو دنيا ۾ فائدو حاصل ٿيڻ تائين محدود ناهي رهندو.
[b][i](32) سورت ن والقلم:[/i]
[/b]انڪار ڪندڙن جو رسول الله ﷺ جي مخالفت جو مقصد اصل ۾ اهو هو ته جيئن پاڻ دٻاءَ ۾ اچي انهن سان ٺاهه ڪن. پر رسول الله ﷺ کي نصيحت ڪئي پئي وڃي ته مخالفت، ٺٺول ۽ ايذاء رساني جو جيڪو طوفان اٿي رهيو آهي، انهيءَ جو بردباريءَ سان مقابلو ڪريو. پاڻ ﷺ تي چريو هجڻ واري الزام جو جواب اهو ڏنو ويو آهي ته توهان اخلاق جي اعلى معيار تي بيٺل آهيو. هن سورة ۾ مخالفتن جي لاءِ تمام ئي سخت لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. جهڙوڪه حَلَّافٍ مَّہِيْنٍ، ہَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍبِنَمِيْمٍ، مَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۽ عُتُلّ زَنِيْمٍ يعني گھڻا قسم کڻندڙ يعني خسيس، طعنا ۽ چغلي هڻندڙ، ڀلائيءَ کان روڪيندڙ، ظلم ۽ زيادتيءَ ۾ حد کان لنگھيل، سخت بدڪار، ۽ بد بڻياد يعني حرامي ڦر.
اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري آهي ته هو گھڻو مال ۽ اولاد رکي ٿو ۽ دليلن کي اڳين ماڻهن جون ڪهاڻيون سڏي ٿو. هن سورة ۾ هڪ باغ جي مالڪن جو مثال ڏنو ويو آهي. انهيءَ ۾ باغ جي مالڪن جي خاص ڳالهه اها ٻڌائي وئي آهي ته انهن چيو ته باغ جي ميوي مان ڪنهن مسڪين کي ڪجھه به نه ڏنو وڃي، اڃا به اها ڪوشش ڪن ته گهڻن انسانن ڪو مسڪين باغ ۾ اچي ئي نه سگھي. انهن جي بخيلپ ۽ ڪنجوسيءَ جي ڪري اهو باغ هڪ طوفان جي ور چڙهي ويو. انهيءَ جو مفهوم به اهو ئي آهي. اهو معاشرو، جيڪو طبقاتي هوندو، جنهن ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو گهڻن انسانن جي محنت جو استحصال ڪندا هجن، ۽ پيداواري وسيلن مان لاڀ ماڻڻ جي عام ماڻهن کي اجازت نه ڏيندا هجن ته، اهڙو معاشرو آخرڪار تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. اسلام کان پهريان واريون سڀئي تهذيبون انهيءَ ڏوهه جي ڪري ئي برباد ٿي ويون. قرآن ته هڪ نصيحت آهي، اهي ڪنهن چريي جون ڳالهيون نه آهن.
[b][u](33) سورت التڪوير:[/u]
[/b]قيامت جي ظاهر ٿيڻ ۽ پوءِ حساب ڪتاب ٿيڻ جو نقشو چٽي اهو ٻڌايو ويو آهي ته قرآن ڪنهن جادوگر يا شيطان جو ڪلام نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن جِنَ جو ڪلام آهي، پر اهو ته وهي الاهي آهي ۽ دنيا جي سڀني قومن جي لاءِ هڪ نصيحت آهي. هيءُ شيطاني ڪلام ڪئين ٿو ٿي سگھي، جڏهن ته هي شرڪ ۽ بت پرستي ۽ دهريت ۽ بي ديني کان هٽائي، خدا پرستي ۽ توحيد جي تعليم ڏئي ٿو. انسان کي بلڪل آزاد هئڻ بي مهار اٺ بڻجي وڃڻ جي بدران خدا پرستي، احساس ذميواري ۽ جوابدهي سيکاري ٿو. جاهلاڻين رسمن، ظلم، بدديانتي، بداخلاقي ۽ بدڪرداري کان منع ڪري ٿو. پاڪ ۽ پوتر زندگي، عدل ۽ پرهيزگاري ۽ اعلى اخلاقن پنهنجائڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. قرآن جو پيغام سڀني انسانن يا قومن جي لاءِ آهي رڳو عرب وارن لاءِ نه آهي.
قريش جي سردارن جو ٻيو وفد ابوطالب وٽ:
نبوت جي پنجين سال کانپوءِ قريشن پنهنجو ٻيو وفد ابوطالب وٽ موڪليو. ڇو ته انهن محسوس ڪري ورتو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جي هلايل هلچل جو اثر مڪي کان ٻاهر نڪري، واپارين ۽ زيارتين تائين به پهچڻ لڳو هو. اهڙي طرح حج کان پوءِ اهي ابوطالب وٽ آيا ۽ کيس چيائون:
”توهان اسان جا وڏا آهيو. اسان جا سردار آهيو، شريف ۽ خانداني آهيو. اسان گھريو هو ته توهان پنهنجي ڀائٽي کي سمجھائيندؤ ۽ ان کي انهن ڳالهيون کان روڪيندؤ. پر توهان کين نه روڪيو. هاڻي اسان اهي ڳالهيون گھڻي دير تائين سهي ڪونه سگھنداسين. توهان جو ڀائٽيو اسان جي وڏڙن کي ڳالهائي ٿو ۽ بتن کي به گھٽ وڌ چئي ٿو، تنهن ڪري يا ته کيس جھلينس يا وري مقابلي جي لاءِ تيار ٿي وڃ ته جيئن اسان ٻنهي مان ڪو هڪ باقي رهي“.
ابوطالب تي انهيءَ ڌمڪيءَ جو وڏو اثر ٿيو. هو نه ته محمد ﷺ کي انهن جي حوالي ڪري پئي سگھيو، ۽ نه وري قريشن کي ڇڏي پئي سگھيو. پاڻ رسول الله ﷺ کي سڏايائون ۽ چيائون ته ڀائٽيا، مون تي ايترو ٻوجھه نه وجھه جيڪو مان کڻي نه سگھان.
رسول اللهﷺ سمجھيو ته شايد منهنجو چاچو منهنجو ساٿ ڇڏي رهيو آهي. پنهنجي ۽ پنهنجي قبيلي جي حمايت کان محروم ڪري رهيوآهي يا وري ان ۾ ايترو ست نه آهي جو پنهنجي قبيلي کان منهنجي حفاظت ڪري سگھي.
پاڻ فرمايائون ته چاچا سائين، جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ رکيو وڃي تڏهن به مان پنهنجي ڪم کان پوئتي نه هٽندس. منهنجي اڳيان ٻه ئي واٽون آهن، ڪاميابي يا موت!
اهو چوندي رسول الله ﷺ جون اکيون ڀرجي آيون. پاڻ بيهي رهيا ۽ هلڻ لڳا ته ابوطالب سڏي چيو ته ڀائٽيا، موٽي اچ، جيئن وڻئي تيئن ڪر، مان توکي هنن ماڻهن جي حوالي نه ڪندس.
قريشن جڏهن ڏٺو ته ابوطالب ڪنهن به طرح محمد ﷺ تان پنهنجو هٿ هٽائڻ لاءِ تيار نه آهي ته انهن هڪڙي نئين ٽِرڪَ ڪئي. يعني مڪي جي هڪڙي تمام ئي خوبصورت ۽ سهڻي جوان عمار بن الوليد کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا ۽ ابوطالب کي چيو ته توهان هن نوجوان کي پنهنجو پٽيلو ڪريو ۽ پنهنجو ڀائٽيو اسان جي حوالي ڪريو ته جيئن اسان ان کي ماري ڇڏيون.
ابوطالب انهن کي چيو ته توهان مون کي ايترو ڪريل ماڻهو سمجھيو آهي ڇا جو مان پنهنجو ماڻهو ته توهان کي ڏيان ته جيئن توهان ان کي ماري ڇڏيو ۽ دشمن جي نوجوان کي پالي نپائي جوان ڪريان. ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي. هاڻي ٽرو هتان، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو، باقي توهان جيئن چاهيو ٿا، ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. مطعم بن عدي به انهيءَ ڳالهه کي انصاف ڀريو سڏيو، پر ابوطالب انهيءَ فيصلي کي ٿُڏي ڇڏيو.
ان کان پوءِ رسول الله ﷺ اڳ کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان پنهنجي انقلابي پروگرام جي پرچار شروع ڪري ڏني. پر پاڻ ﷺ جيترو گھرن پيا ته هي مالدار ماڻهو سڌي واٽ تي اچي وڃن ۽ هڪ شريف قوم وانگر هن انقلابي هلچل ۾ همراهه ٿين، تيئن ايترو ئي انهن سردارن پنهنجي غلامن تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو رسول الله ﷺ تي به سخت حملا ڪري ڏنائون.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته دقيانوسي سوچ رکندڙ جماعتن جو سدائين اهو وطيرو رهيو آهي ته اهي پنهنجي ڀلائيءَ جي ڳالهه به ناهن ٻڌندا ۽ پنهنجو پاڻ ئي جوڙيل حقن کان ان وقت تائين هٿ ناهن کڻندا، جيستائين انهن کي مجبور نه ڪيو وڃي. انهن کي تمام ئي سختيءَ سان مڃائبو آهي. اهڙن ماڻهن سچار انسانن تي سخت ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. غلامن ۽ غريب طبقي جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ايذاء رساني جو نشانو بڻايو ويو. ان سان گڏوگڏ انهن دولتمندن پاڻ ڪريم ﷺ جو به زور شور سان انڪار شروع ڪري ڏنو ته انهيءَ صورتحال کي ڏسندي رسول الله ﷺ کي حڪم ٿيو ته انهن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏين ۽ جن ماڻهن جي حق ۾ ڳالهه کي مڃڻ جي صلاحيت آهي، انهن ڏانهن ئي ڌيان ڏين. انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ 5 نبوي جي رجب مهيني ۾ پنهنجي ڪجھه ساٿين کي حبشه ڏانهن هجرت جي اجازت ڏنائون.
[b][u](34) سورت الذاريات:[/u]
[/b]ائين ته هن مبارڪ سورة ۾ نه رڳو سگھارن دليلن سان جزا ۽ سزا جي عمل ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ جا ثبوت ڏنا ويا آهن، پر ٻڌايو آهي ته ڪائنات، تاريخ ۽ انسان جي پنهنجي وجود ۾ به اهڙيون نشانيون موجود آهن، جن مان ڄاڻ ملي ٿي ته انسان کي جانورن وانگر نه بڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن اهو مري ويو ته ان جي عملن تي ڪابه جزا ۽ سزا نه هجي. پر حقيقت اها آهي ته انسان کي ارادي جو مالڪ ۽ سمجھه ڀريو بڻائي پيدا ڪيو ويو آهي. هو پنهنجي عملن جي چونڊ ڪرڻ جي معاملي ۾ آزاد آهي. اها ڳالهه تاريخ مان به ثابت ٿئي ٿي ته هر قوم ۾ نبي سڳورا موڪليا ويندا رهيا آهن جيڪي ڏسيندا رهيا آهن ته ماڻهن جي عملن تي ملڻ واري جزا ۽ سزا جي لاءِ هڪ حساب ڪتاب جو ڏينهن مقرر آهي، جنهن ۾ انهن کان حساب ڪتاب ورتو ويندو.
پر انهن سڀني دليلن کان سواءِ هن سورة ۾ نبي ڪريم ﷺ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هاڻي توهان (ﷺ) انهن ڪافرن کان منهن موڙي ڇڏيو، ڇو ته انهن جي اندر حق کي مڃڻ جي صلاحيت ئي ختم ٿي وئي آهي. هاڻي توهان جي نصيحت جو رخ ٻين انهن ماڻهن ڏانهن هئڻ گھرجي، جيڪي انهيءَ حق جي واٽ تي هلڻ ۽ ان تي ايندڙ مصيبتن کي سهڻ لاءِ آماده آهن. اهڙيءَ طرح ٻن ٽن مهينن کان پوءِ اصحابن سڳورن جو هڪڙو ننڍڙو جٿو حبشه ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي انهن پناهه وٺڻ سان گڏوگڏ اسلام جي پرچار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.
[b][u](35) سورت الحاقه:[/u]
[/b]هن سورة ۾ قيامت ۽ حساب ڪتاب واري ڏينهن جي قائم ٿيڻ بابت سگھارا دليل ڏيڻ سان گڏوگڏ تاريخي شاهديون به پيش ڪيون ويون آهن. يعني ڪابه قوم پنهنجي نبيءَ جي ڳالهه کي رد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگھي آهي، پر اها تباهه ۽ برباد ٿيندي رهي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن سورة ۾ جيڪا خاص ڳالهه چئي وئي آهي، سا هيءَ آهي ته هيءُ قرآن نه ته ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڀوپي جون ٻڌايل ڳالهيون آهن. پر هي جهانن جي پالڻهار الله جي طرف کان نازل ڪيل آهن. جيڪڏهن نبي (محمدﷺ) پنهنجي طرف کان ڪا ڳالهه اسان ڏانهن منسوب ڪئي هجي ها ته اسان ان جي شاهه رڳ کي ڪٽي ڇڏيون ها.
رسول الله ﷺ مڪي جي ڪافرن کي چيو ته مان جيڪا هيءَ تعليم توهان کي ڏيان ٿو انهيءَ جو مقصد توهان کان ڪو معاوضو وٺڻ نه آهي. مان نه توهان کان جادوگرن ۽ ڀوپن وانگر قرباني جو گوشت گھران ٿو، نه ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌائڻ جي ڪا ٻٽاڪ هڻان ٿو، پر جيڪو ڪجھه توهان کي ٻڌايان ٿو انهيءَ ۾ ته رڳو توهان جي ئي فائدي جي ڳالهه آهي. هاڻي ائين سمجھو ته جيڪڏهن مان الله تعالى تي ڪوڙ هڻان ها ته تباهه ۽ برباد ڪيو وڃان ها. اهڙي قسم جي للڪار وارا لفظ ثابت ڪن ٿا ته قرآن الله تعالى وٽان نازل ڪيل آهي ۽ الله تعالى جو ئي ڪلام آهي. اهو رسول الله ﷺ جو پنهنجو ٺاهيل ڪلام نه آهي. انهيءَ للڪار کان پوءِ به جيڪڏهن اهي انهيءَ تعليم کي نه مڃين ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي انهن ماڻهن ۾ حق جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت ئي ناهي رهي. انهيءَ ڪري نصيحت جو رخ ڪنهن ٻي قوم يا قبيلي ڏانهن ڦيرائڻ ضروري آهي.
[b][u](36) سورت القمر:[/u]
[/b]هن سورة مبارڪه ۾ به سورة الذاريٰت جا ”فَتَوَلَّ عَنْہُمْ“ وارا لفظ ورجايا ويا آهن. رسول الله ﷺ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مڪي جي ڪوڙن کان پنهنجو منهن موڙي حبشه جي انصارين ڏانهن ڪريو، ڇو ته هاڻي انهن مڪي وارن ۾ حق جي ڳالهه کي ٻڌڻ جي صلاحيت نه رهي آهي. مختلف نبين ۽ انهن جي قومن جون شاهديون پيش ڪيون ويون ته جهڙي طرح اهي قومون نبين جي انڪار جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويون، توهان مڪي وارا به ائين ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ.
سورة الحاقه ۾ للڪار آهي ته هيءَ تعليم رسول الله ﷺ پنهنجي پاران نه گھڙي آهي، پر اها جهانن جي پالڻهار الله جي طرف کان ڏني وئي آهي، تنهن ڪري انهيءَ جو انڪار پڪ سان تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندو. ڇو ته اها تعليم تمام ئي آسان عربي ٻوليءَ ۾ آهي، اهو گذريل قومن جي تاريخ مان عبرت وٺڻ لاءِ چٽيءَ طرح بيان ڪري ٻڌائي ٿو؛ اهو ئي فرق آهي الله جي ڪلام ۽ شيطاني ٻڌايل ڳالهين ۾. نجومين ۽ ڀوپن وانگر هي ڪلام اجائين ۽ واهيات ڳالهين سان ڀريل نه آهي.
هن سورة تي اسلامي انقلاب جو هڪڙو دؤر ختم ٿي وڃي ٿو، جيڪو ڳجھي پرچار کان پوءِ کليل طرح پرچار سان شروع ٿيو هو. هن دؤر ۾ ٻه سورتون نازل ٿيون، جن جو موضوع قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ عملن جو حساب وٺڻ بابت آهي. هن دؤر ۾ خطاب مالدار طبقن ۽ غلام بڻائيندڙ سردارن ڏانهن رهيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مذهبي ٺيڪيدارن کي به ڇنڀيو ويو آهي. هن ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته مالدار طبقو ئي سڀني اخلاقي برائين جو بنياد آهي. نفس پرستي، خود غرضي، دولت گڏ ڪرڻ جو حرص، جنسي ڇڙواڳي، دولت جي گھڻائي جي ڪري عيش واري زندگي گذارڻ، دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ غلامن ۽ پوئتي پيل ماڻهن تي ظلم ۽ زيادتيون ڪرڻ ۽ انهن جي محنت جو کليل طرح استحصال ڪرڻ، اهي سڀئي ڳالهيون مالدار طبقي کان ئي ٿين ٿيون. اهو ئي طبقو سڀني نبين سڳورن جو انڪار ڪندو ۽ انهن کي ايذائيندو رهيو آهي.
هن دؤر جي قرآني تعليم ٻڌائي ٿي ته قيامت جي ڏينهن انهن کان پڇيو ويندو ته الله تعالى توهان کي عقل ۽ پيار سيکاريو، پوءِ اهي جادوگر، ڀوپا، شاعر ۽ مذهبي ٺيڪيدار توهان جي دماغن تي ڪيئن ڇائنجي ويا؟ توهان دولت جي لالچ ۾ انڌا ٿي ويا ۽ يتيمن، مسڪينن، غلامن، نياڻين ۽ ڪمزورن تي ظلم ڪندا رهيا ۽ انهن کي جيئرو پوريندا رهيا آهيو. هاڻي دوزخ جو عذاب توهان جي لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ نه توهان کي موت ايندو ۽ نه ئي توهان کي عذاب کان ڇوٽڪارو ملندو. هن دؤر ۾ ٻڌايو ويو ته اهو نه سمجهو ته محنت جي استحصال ۽ انفرادي بئنڪن جي وياج خوري سان گڏ ڪيل دولت توهان کي الله جي عذاب کان بچائي سگھندي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مالدار طبقي وٽ دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اسان جي دؤر ۾ سائنسي تحقيق سان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته دولت پيداوار جي وسيلن تي قبضو ڪري، مزدور جي محنت جي استحصال سان اچي ٿي. مون پنهنجي لکڻي ”فلسفه بيگانگي اور قرآن “ ۾ وڏي وضاحت سان انهيءَ تي روشني وڌي آهي. مشين جي ايجاد کان پهريان پيداواري وسيلو رڳو زمين هئي، جنهن جاگيرداري جي شڪل اختيار ڪري ورتي. اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت تائين غلامي عام هئي. غلام نه رڳو زمين تي ڪم ڪندا هئا، پر مصر جي اهرامن، ديوارِ چين ۽ تمام ئي عظيم الشان محلاتن ۽ عبادتگاهن جي تعمير کان سواءِ، بحري ٻيڙن ۽ سامونڊي جهازن جي چرخين کي به هزارين غلامن جي هٿن جي محنت سان چرپر ۾ آڻي، وڏن کنڊن جي وچ ۾ واپاري مال ۽ فوجن جي اچ وڃ ٿيندي هئي.
يورپ ۾ مشين ۽ انجڻ جي ايجاد کان پوءِ زراعت جو ڪم ڪرڻ وارا ۽ هر طرح جا غلام ڪارخانن ۾ مزدورن جي شڪل اختيار ڪري ويا. ڇو ته اهڙي طرح اهي جاگيردار وٽ سڄي عمر جي قيد مان به ڇوٽڪارو ماڻي وٺندا هئا ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪري آزاد زندگي به گذاريندا هئا. هاڻي جاگيردار سان گڏوگڏ ڪارخانيدار به محنت جي استحصال جي ڏڍ تي شاهوڪار ٿي ويو ۽ انهن جاگيردارن سان گڏوگڏ ان جو ورتاءَ به هڪجهڙو يعني ظالماڻو رهيو. جيئن آقا غلام جي محنت جو استحصال ڪندو آهي، تيئن جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار به هاري ۽ مزدور جي محنت جي استحصال ڪري ٿو. مشين جي ايجاد کان پوءِ ته محنت جي استحصال ۾ اڃا به واڌارو اچي ويو آهي.
تنهن ڪري قرآن ڪريم ڪوڙن جي لاءِ تنبيهه جو جيڪو لهجو اختيار ڪيو هو، اهو ئي هن دؤر جي سرمائيدارن جي لاءِ به هئڻ گھرجي. پر مذهبي پيشوائيت مزدور ۽ پٺتي پيل محروم ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته غربت ۽ مسڪيني کي الله تعالى انهن جي نصيب ۾ لکي ڇڏيو آهي. قرآن جي سڀني تفسيرن کي کولي ڏسو، سڀني تفسيرن ۾ اها ئي ڳالهه موجود ملندي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو مسلمانن ۾ اڄ تائين فرانس ۽ روس جي انقلاب جهڙو ڪوبه انقلاب اچي نه سگھيو آهي. انهن انقلابن يورپ کي وڏي ترقي ڏني ۽ انهن انهيءَ مذهب کي، جيڪو ميسارجي چڪو هو، زندگيءَ جي معاملن کان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو. مسلمان مذهبي پيشوائن مسلمان حڪمرانن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جي اها ڌمڪي (خبردار ڪرڻ) جيڪا مڪي جي ڪوڙن جي لاءِ هئي، سان انهن جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي مسلمان آهن. پر جيڪڏهن کليل اک سان ڏٺو وڃي ته انهن جي پرڪار ۽ رويه انهن جهڙا ئي آهن، جهڙا مڪي جي ڪوڙن جا هئا. مسلمان عالمن مالدارن کي ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌايو ته انهن جي دولت، جيڪا مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي، تنهن مسلم امت کي تباهي ۽ غلامي ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. انهن جي نمازن جي حقيقت کي ملا زاده ضيغم لولابي جو هي شعر، چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو:
اے شیخ امیرون کو مسجد سے نکلوا دے
ہے ان کی نمازوں سے محراب ترش آبرو
اسان جي دؤر جون سڀئي اخلاقي بڇڙائيون ۽ انهن جون پيدا ڪيل جنگيون فساد، جنسي ڇڙواڳي، جوئابازي، شراب نوشي، محنت جو کليل طرح استحصال، بئنڪن جو ڪاروباري نظام جنهن جو بنياد وياج تي آهي، ڪڙمت ۽ ڀائيواري وغيره جو علاج رڳو اهو آهي ته الله تعالى جي هيڪڙائي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان ۽ اشتراڪي معيشت کي پنهنجايو وڃي. بين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته پيداواري وسيلن تي ٿورن ماڻهن جو قبضو ختم ڪري، انهن کي مزدورن جي پنهنجو پاڻ ۾ جوڙيل منڊلين جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي. ڇو ته الله تعالى ڏاڍ سان سمورا وسيلا ڪن ٿورن ماڻهن جي لاءِ نه، پر پنهنجن سمورن ٻانهن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن. (البقره:29)
توحيد الاهي جي معنى جتي انساني نفس ۾ اعلى اخلاقي گڻن کي پيوست ڪرڻ آهي، ته جيئن جبلتن جي حيواني گھرجن تي ضابطو آڻي سگھجي، اتي توحيدي معاشري جو قائم ڪرڻ به توحيد جو بنيادي ۽ لازمي گھرج آهي، جنهن کي اڄ جي ٻولي ۾ غير طبقاتي معاشرو چون ٿا. توحيدي معاشري کان سواءِ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم نٿو ڪري سگھي. ڇو ته جنهن معاشري ۾ هو رهندو آهي، سو اخلاقي برائين کي جنم ڏيڻ ۾ ئي رات ڏينهن رڌل آهي ۽ ماڻهو ننڍڙي ٻار وانگر بيوس ٿي ويو آهي.
ظلم اهو آهي ته قرآن جي هن چٽي هدايت جي باوجود ته مالدار طبقو ئي سڀني اخلاقي برائين جو منڍ آهي، قرآن ڪريم جو طبقاتي نقطه نظر سان مطالعو نٿو ڪيو وڃي. اڃا به سماجي معيشت، جيڪا اصل ۾ نبين سڳورن جي ٻڌايل معيشت آهي، تنهن کي ۽ ڪارل مارڪس کي ڪچيون گاريون ڏنيون وينديون آهن. مسلمانن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته اها سرمائيداري ئي مؤمن ٻانهي جو دين آهي. مارڪس جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هن انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو اهو ثابت ڪيو آهي ته هڪ ڪارخاني مان گھڻا ڪارخا ڪيئن ٺهندا آهن. مزدور، جن جي محنت انهن ڪارخانن کي جنم ڏيندي آهي، سي پاڻ بنيادي ضرورتن کان پشت بپشت ڇاجي ڪري محروم ڪيا وڃن ٿا. مارڪس بلڪل نبين جي تعليم موجب اهو چٽيءَ طرح واضح ڪري ڇڏيو ته دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي. ٻيو اهو ته هن انهيءَ ميساريل مذهب کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته مالدار جي دولت ۽ مزدور جي غربت الله تعالى جو تقديري فيصلو آهي ۽ انهيءَ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڏوهه آهي هاڻي اهو مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي پيشوائن جو فرض هو ته اهي ٻڌائن ها ته اها انهن جي مذهب جي حقيقي تعليم نه، پر بگاڙيل مذهب جي آهي.