قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب جي سلسلي ۾ مستشرقن جو ناڪام ڪوششون
جيستائين يورپي محققن جو تعلق آهي، انهن سڀني ۾ سر وليم ميور جو نالو سڀني کان اوچو نظر اچي ٿو. هي اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن قرآن جي مختلف سورتن کي نزولي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. نوئل ذيڪي پڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته ميور کي قرآني سورتن جي ترتيب جو خيال سڀ کان پهريان آيو (ن.گ 5). مارگو ليوث جو قول آهي ته ميور ”لائف آف محمد“ تمام گھڻي عيسائي تعصب ۾ لکيو آهي. ڏسو انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا (Mahomet). جتيوڻيڪ هو پنهنجي لکڻي ”محمد“ ۾ هو ميور جي ”سيرت محمدﷺ“ کي پاڻ ڪريم جي باري ۾ اعتدال واري ۽ سنجيده تنقيد سڏي ٿو. ڄڻ ته ان جو خيال آهي ته ”هاڻي اهڙن ڪتابن جي ضرورت نه آهي“ (ڏسو ديباچو، صفحه ۽ ”محمد“ از مارگوليث). ميور پنهنجي دليلن ۾ قياس آرائيءَ کان گھڻو ڪم ورتو آهي ۽ ڪيترن ئي جائن تي ته موضوع ۽ ڪمزور حديثن کي دليل طور به استعمال ڪري ٿو. هن جي اها دعوى بنا ڪنهن سند جي آهي ته ”شروعاتي سورتون ۽ ٻئي قول محفوظ نه رکيا ويا، جيئن ته انهن کي وحي محفوظ سمجھيو ويو“. هن جو خيال آهي ته شروعاتي وحيءَ جا ڪاتب ورقهؒ، عليؒ، ۽ خديجهؒ (رسول الله ﷺجي گھر واري) هئا. (م.ل) هن کي اها به خبر نه آهي ته ورقه نابين هو. علي جي عمر رڳو ڇهه سال هئي ۽ خديجهؒ ڪڏهن ڪتابت ڪئي ئي ڪونه هئي. امڪانن ۽ قياسن کي بنيادي دليل بڻائڻ ۽ انهن مان ٻئي نتيجا اخذ ڪرڻ وڏو خطرناڪ ڪم آهي. بهرحال، هن جيڪو ڪجهه سورتن کي تاريخي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سا انهيءَ لاءِ وڌيڪ دلچسپ آهي جو اهو پهريون يورپي عيسائي آهي جنهن قرآن جي سورتن کي تاريخي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميور قرآن جي سورتن جا ڇهه دؤر ٻڌائي ٿو (ڏسو قرآن (Spek) ايڊيشن ۽ H.D صفحو 492) اهي هيٺ ڏنل آهن:
• ”پهريون دؤر 18 سورتن جي مشتمل آهي جنهن ۾ ننڍا ننڍا گيت يا نثر جا بي جوڙ ٽڪرا آهن جيڪي محمد ﷺ رسالت يا (خدائي مشن) جو خيال اچڻ کان اڳ لکيا هوندا. انهن مان ڪوبه اهڙو ٽڪرو نه آهي جيڪو خدائي پيغام جي شڪل ۾ هجي“.
• ٻيو دؤر چئن سورتون آهن. محمد ﷺ جي رسالت سورت 96 کان شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ قراءت جو حڪم آهي ۽ حديثون انهيءَ کي پهرين وحي سڏين ٿيون.
• ٽئين دؤر ۾ 19 سورتون آهن. انهن ۾ قيامت جي ڏينهن، بهشت ۽ دوزخ جو ذڪر آهي جيڪو قريشن جي سخت مخالفت سان لاڳاپو رکي ٿو. اها دؤر رسالت جي شروع کان وٺي حبشه جي هجرت تائين وارين سورتن تي مشتمل آهي. يعني نبوت جي پهرين کان پنجين سال تائين).
• چوٿين دؤر ۾ 23 سورتون آهن. اهي محمد ﷺ جي نبوت جي ڇهين کان ڏهين سال تائين وارين سورتن تي مشتمل آهي. هن دؤر ۾ يهودين جي پاڪ ڪتابن جو ذڪر شروع ٿئي ٿو. قديم قومن ۽ عرب جي ڪهاڻين جو ذڪر آهي. بت پرستيءَ کان ٿوري مدت لاءِ ٺاهه سورت 54 سان لاڳاپو رکي ٿو.
• پنجين دؤر ۾ 31 سورتون آهن. اهو دؤر پاڻ ڪريم ﷺ جي نبوت جي ڏهين سال کان شروع ٿي مڪي جي هجرت تائين حاوي آهي. انهيءَ زماني جي سورتن ۾ ڪي بيان انجيل جا آهن. حج جا حڪم ٻڌايا ويا آهن. قريش جي اعتراضن جو جواب ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي سامهون حشر ۽ جزا واري ڏينهن، جنت ۽ جهنم، توحيد جي ثبوت ۽ الله تعالى جي قدرت ۽ پالڻهاري جي جيئري جاڳندي تصوير چِٽي وئي آهي. آهستي آهستي سورتون ڊگھيون ٿينديون وڃن ٿيون ۽ ڪي ته ڪيترن ئي صفحن تائين پهچن ٿيون. هن زماني جي آخري سورتن ۾ اسان کي گھڻو ڪري مديني جون آيتون ملن ٿيون جيڪي ڪنهن مضمون جي سلسلي ۾ وڌايون ويون آهن. مثال طور سورت 42 جي آيت 40 هڪ اهڙي آيت آهي جنهن ۾ مڪي وارن جي خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
• ڇهون ۽ آخري دؤر ويهن سورتن تي مشتمل آهي جيڪي مديني ۾ ڏنيون ويون آهن (و. ڊ 509) يعني اهي سورتون جيڪي مديني ڏانهن هجرت جي پهرين سال کان پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات تائين نازل ٿيون.
ٻي ڪنهن جاءِ تي اسان ميور جي پوري فهرست نقل ڪئي آهي. هن پاڻ ڪريم ﷺ جي زندگيءَ جا جيڪي مختلف دؤر سڏيا آهن، سي مسلمان تاريخدانن جي بيانن ۾ ڪڍيا ويا آهن. پر نوئل ديڪي جو خيال صحيح آهي ته ميور قرآن جا ڇهه دؤر مقرر ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي آهي (ن.گ 95) ان کانسواءِ هن وٽ پنهنجي بيان لاءِ ڪابه سند نه آهي ته هو پهرين دؤر جي سورتن کي وحي نه سڏي. ڄڻ ته هن قرآن پاڪ جي 18 سورتن کي انهيءَ ڪري قرآن پاڪ مان خارج سڏيو، جو اهي ان جي گمان ۾ رسالت کان اڳ واريون سورتون آهن. ان کانسواءِ هو 21 سورتن جي باري ۾ اهو مڃي ٿو ته مان انهن کي ڪنهن خاص دؤر سان واڳي نٿو سگھان، ڇو جو کيس انهن جي نزول واري زماني جي پڪ نه آهي.
وائل: ڊاڪٽر گستاف وائل ٻيو مستشرق آهي، جنهن قرآن جي سورتن جي نزولي ترتيب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو ڪتاب ”تمهيد قرآن“، جيڪو 1878ع ۾ ٻيو دفعو ڇپيو، انهيءَ موضوع تي هڪ مشهور ڪتاب آهي. نوئل ديڪي ان مان گھڻي مدد ورتي آهي ۽ گھڻو ڪري هن جي ئي خيالن جي پابندي ڪئي آهي.
هن جي پهرين ڪوشش اها هئي ته پاڻ ڪريم ﷺجي سيرت ۽ قرآن جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪري (ڪ.ه 31). هن جو چوڻ آهي ته رڳو انهيءَ ئي طرح سان اسان ڪنهن حد تائين قرآن جي مختلف سورتن جي تاريخ ڄاڻي سگھون ٿا. (ڪ.ه 32).
”محمد ﷺ جي عربي سيرت نگارن جي مدد سان اسان قرآن جي انهيءَ حصي جي تاريخ مقرر ڪري سگھون ٿا، جن ۾ ڪي تاريخي واقعا ذڪر ڪيل آهن. جتي اها ڳالهه نه آهي، اتي جيڪا شيءِ مددگار ٿي سگھي ٿي سا وحيءَ جي صورت ۽ ان جي معنويت آهي“ (ک. ه. 32) انهيءَ ڪري هن پاڻ ڪريم ﷺ جي زندگيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائيو آهي:
1. شروع ۾ (محمد ﷺ هڪ سڌارڪ جي طور تي ظاهر ٿين ٿا. انهيءَ زماني ۾ مٿن جوش ۽ جذبي جو زور آهي. سندن ٻولي قافيي واري آهي، انهيءَ ۾ شاعريءَ واري سچي چاشني آهي. انهن سورتن ۾ سندن مقصد تبليغ جو ذڪر آهي. انهيءَ ۾ اها روحاني ڇڪتاڻ آهي، جنهن جي آخر ۾ کين پڪو ويساهه ٿي وڃي ٿو ته کين سچ پچ الله تعالى مقرر ڪيو آهي ته جيئن پاڻ قوم جي باطل پرستي کي ختم ڪن ۽ بت پرستي جي جاءِ تي هڪ قدرت رکندڙ ۽ هر شيءِ تي نظر رکندڙ الله تعالى جي پوڄا کي جاري ڪن، جيڪو بد ڪردار ۽ بي ايمان کي گھڻو ڪري هن دنيا ۾ جھجھي سزا ڏئي ٿو. پر هن کان پوءِ اچڻ واري زندگي ۾ ته پڪ سان سزا ڏيندو. ان سان گڏوگڏ ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آهي ۽ ڏيندو. انهيءَ زماني سان لاڳاپيل سندن اهي جملا آهن جيڪي پاڻ پنهنجي مخالفن تي ڪيائون. اهي مخالف جيڪي کين ذليل ۽ ڪوڙو سمجھندا هئا. انهيءَ ۾ اهي آيتون به آهن جيڪي الله تعالى سندن صبر ۽ ثابت قدمي جي لاءِ نازل ڪيون آهن. هن زماني جي ڪيترين ئي سورتن ۾ بهشت جي دلپسند رهڻي ۽ خوشين ۽ دوزخ جي اهنجن کي مادي رنگ ۾ رڱيو آهي ۽ انهيءَ ۾ قيامت جي ڏينهن وارين سختين کي خوفناڪ لفظن ۾ بيان ويو ڪيو آهي. باقي سورتن ۾ دعائون، گيت ۽ بد دعائون وغيره آهن. (ڪ ه 33، 34)
هاڻي اسان کي اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ته ”وحي جي صورت“ مان وائل جو ڇا مطلب آهي. صورت مان ان جو مطلب مختلف سورتن جي ڊيگھه آهي. ڇو جو هن جو خيال آهي ته قرآن جي سورتن جي تدوين اهڙي طرح ڪئي وئي آهي جو ڊيگھه ۽ ننڍائيءَ جي لحاظ کان ڊگھيون سورتون پهريان ۽ ننڍيون سورتون آخر ۾ رکيون ويون آهن. (ک ه 33) انهيءَ ڪري ننڍرين سورتون شروعاتي سورتون آهن. ”معنى“ سان انهيءَ جو مطلب پاڻ ڪريم ﷺ جي انهيءَ تعليم سان آهي، جيڪا انهن سورتن ۾ ڏني وئي آهي. انهيءَ تعليم جي باري ۾ هن جو خيال آهي ته اهي “هڪ اهڙي ماڻهو ڏني هئي جيڪو پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ جوش ۽ جذبي سان ڀريل هو ۽ هن کي پڪ نه هئي ته هو الله جو پيغمبر آهي، پر هو پنهنجو پاڻ کي رڳو هڪ سڌارڪ سمجھندو هو“.
پاڻ ڪريم ﷺ جن کي رڳو هڪ سڌارڪ سڏڻ ۾ وائل تحقيق ڪئي هجي يا نه، پر انهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ نه آهي ته رڳو ”جوش ۽ جذبي“ کي انهيءَ شيءِ جو بنياد سڏڻ ۾ هن تمام وڏي غلطي ڪئي آهي ته جيئن ان جي بنياد تي هو ڪنهن سورت کي انهيءَ دؤر سان لاڳاپيل هئڻ بيان ڪري سگھي. هرشفلڊ انهيءَ نظريي جي باري ۾ جيڪو چيو آهي سو تمام ئي مناسب لڳي ٿو ۽ اڳتي هلي اسان هرشفلڊ جو به تفصيلي بيان ڏنو آهي.
ان کانسواءِ شروعاتي دؤر وارين سورتن جي باري ۾ جيڪي روايتون آهن، سي ايتريون ته ٽڪراءَ ۾ آهن جو اسان کي انهن سورتن جي اندر ئي ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڳولي لهڻو آهي، جنهن مان خبر پئجي سگھي ته اها سورت ڪهڙي زماني سان واسطو رکي ٿي. اسان ڪنهن سورت کي رڳو ڊگھي نه هئڻ جي ڪري يا انهيءَ ۾ جوش ۽ جذبي نه هئڻ يا شاعريءَ وارو قافيو نه هئڻ جي ڪري شروعاتي دؤر ۾ بنا ڪنهن مناسب سبب جي نٿا رکي سگھون.
2. وائل جو چوڻ آهي ته ”ٻئي دؤر ۾ محمد (ﷺ) هڪ نئين مذهب جي باني جي حيثيت سان ظاهر ٿيا آهن. سنجيده مٿانهين تخيل پرستيءَ جي بدران غور ۽ فڪر ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو. شاعري جي جاءِ تي خطابت جو زور معلوم ٿئي ٿو. سندن ٻولي سنجيده ۽ منطقي ٿي وڃي ٿي ۽ اڳ وانگر دلي جوش ۽ جذبو باقي نٿو رهي“.
”سورتون ڪجھه ڊگھيون ٿي وڃن ٿيون ۽ انفرادي طور ايماني جزن جي تشريح ڪن ٿيون. يا آڳاٽن ماڻهن ۽ نبين جي قصن کي اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ بيان ڪن ٿيون جو مؤمنن جي ايمان ۾ سگھه ۽ مخالفن جي دلين ۾ خوف پيدا ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ محمد (ﷺ) پنهنجو پاڻ کي آڳاٽن نبين وانگر سمجھن ٿا ۽ پنهنجي وات مان اهي ڳالهيون ڪن ٿا جن جي ڳالهه جو رخ مڪي وارن ڏانهن هوندو آهي. اهي ٻڌائن ٿا ته انهن نبين کي ان دؤر جي ماڻهن غلط سمجھيو هو، ايتري تائين جو حق جي سوڀ ٿي ۽ گنهگار شرمندا ڪيا ويا ۽ تباهه ڪيا ويا. انهيءَ دؤر سان اهي سورتون به لاڳاپو رکن ٿيون جن ۾ انهن ڪفر گاڏڙ مطالبن جي خلاف دليل آهن، جيڪي نبوت جي ثبوت جي لاءِ معجزي گھرڻ جي صورت ۾ ڪيا ويندا هئا. پر پاڻ سدائين وحيءَ جي سچائي جي لاءِ ان جي معنوي سچائي ۽ صوري ڪمال ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائن ٿا ته اهو ئي پڪو ٺڪو نشان (معجزو) ان جي خدائي مآخذ (وحي) هجڻ جو آهي. انهيءَ زماني سان لاڳاپيل ڪيترائي خواب آهن جن ۾ پاڻ ﷺ جن سان جِنن عقيدت جو اظهار ڪيو. انهيءَ ۾ بيت المقدس تائين اڌ رات جو سفر (معراج) به آهي. اهي آسماني سفر سندن دؤر جي ماڻهن جي نظرن ۾ خواب هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪجھه اخلاقي حڪم عيسائين جي تثليث ۽ عيسىؑ جي سوريءَ تي چاڙهڻ کي رد ڪيو آهي. انهن سڀني کانسواءِ ڪيتريون ئي شيون جي الله، وحي، قيامت ۽ حشر جي باري ۾ آهن، اڳ ۾ ئي پڙهي ٻڌايون ويون آهن، سي هر هر ورجايون ويون آهن“. (ڪ. ه 24).
وائل جي چوڻ موجب، هن زماني جي خاص ڳالهه اها آهي ته پاڻ ڪريمﷺ هڪ نئون مذهب پيش ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻين نبين وانگر سمجھن ٿا. جيستائين ”نئين مذهب“ جو تعلق آهي، اسان انهيءَ جي دعوى ڪري سگھون ٿا ته اهو قرآن پاڪ ۾ موجود نه آهي. حقيقت ۾ پاڻ سمورن مذهبن جي بنياد توحيد کي عقليت جي اصولن موجب مڃيو آهي، جنهن جو اسان اڳتي هلي تجزيو ڪنداسين.
هن دؤر ۾ ڪنهن حد تائين ڊگھين سورتن کي بنا ڪنهن سبب جي وائل جاءِ ڏني آهي. يعني هن کي انهن سورتن ۾ جوش ۽ جذبو نظر نٿو اچي. جيتوڻيڪ اهو ظاهر آهي ته پهرين ئي سورت (سورت 96) ۽ ان کان پوءِ واريون سورتون به ايتري ئي سنجيده ٻولي ۽ فصاحت سان بيان ڪيون ويون آهن جهڙيون ٻيون سورتون آهن.
هُن هِن دؤر ۾ جن سورتن کي رکيو آهي، تن جو صحيح تجزيو ڪيو آهي. پر سمجھه ۾ ايئن ٿو اچي ته هن اصل عربي قرآن جي بدران ان جي ترجمن مان ڪم ورتو آهي. ڇو جو قرآن پاڪ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي آسماني سفر جو ڪٿي به ذڪر نه آهي. ۽ پاڻ ڪريم ﷺجي دؤر وارن ماڻهن نه، پر قرآن پاڪ ئي اسرى واري واقعي کي خواب سڏيو آهي. انهيءَ مان چٽيءَ طرح خبر پوي ٿي ته جيستائين قرآن پاڪ جو اصل عربيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو وڃي ۽ رڳو تفسيرن ۽ ترجمن تي ئي گذارو ڪيو وڃي ته ڪنهن به طرح اهو ممڪن نه آهي ته ڪو محقق صحيح نتيجو ڪڍي سگھي.
3. ٽئين دؤر جي باري ۾ وائل جو خيال آهي ته ”هن جي ٻولي بلڪل معمولي هئي. اها نه رڳو ان وقت ڪؤڙي سمجھه ۾ ايندي آهي جڏهن پاڻ قانون ۽ حڪم جاري ڪندا آهن ۽ غزون جو حال بيان ڪندا آهن، پر ان وقت به ڦڪي ٿي ويندي آهي جڏهن پاڻ خدائي صفتن، ڪائنات جي سونهن، قيامت واري ڏينهن جي سختين ۽ بهشت جي شان ۽ رونقن کي ظاهر ڪن ٿا“. (ک . ه. 32)
وائل جو اهو ڪو ڪمال نه آهي ته هن کي خبر پئجي وئي ته هن دؤر جون سورتون ۽ آيتون ڊگھيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مدني دؤر جي سورتن جو ترجمو پڙهندو ته هو آسانيءَ سان انهن شين کي ڏسي سگھي ٿو. وائل جون انهيءَ دؤر جي باري ۾ اميدون بلڪل ئي غير ضروري آهن. ڇو جو هو گھري ٿو ته مڪي سورتن وانگر هن دؤر جو بياني اندازبه ”شاعراڻو“ هو. هن کي اهو ڄاڻڻ گھربو هو ته بياني انداز جي تبديلي رڳو اتفاقي يا غير ضروري نه هئي. حقيقت اها آهي ته جاهليت جي شاعري بيٺل يا غير تخليقي بڻجي وئي هئي ۽ هن پنهنجي زندگي ۽ شڪل صورت مٽائي ڇڏي هئي. اها رڳو تڪبندي وڃي رهي هئي. اهڙيءَ طرح قرآن ڪريم انهيءَ شاعريءَ کي گمراهي سڏيو ۽ هن هڪ نئون بياني انداز ايجاد ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺجن عرب وارن جي اڳيان جيڪي نثر جا قسم پيش ڪيا سي عرب جي ادبي تاريخ ۾ هڪ تخليقي دماغ جي سمورن ڳڻن کي پيش ڪن ٿا. ظاهر آهي ته بحث هيٺ آيل مسئلي جي نوعيت جي لحاظ کان بياني انداز پڻ بدلبو رهندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن قانونن کي نظم يا شاعراڻي نثر ۾ بيان ڪيو وڃي ته اها بلڪل غير فطري شيءِ هوندي. قرآن ڪريم جو هڪ مقصد اهو به هو ته سادي نثر جا نمونا ايجاد ڪري ۽ شاعري ۽ شاعرن کي تمام ئي پوئتي ڇڏي وڃي. هڪ قانونساز مان اها اميد ڪرڻ ته هو قانونن کي شاعريءَ ۾ ادا ڪري، هڪ عجيب قسم جو خيال آهي. مدني سورتن جي باري ۾ هر مستشرق اهي غلطي ضرور ڪئي آهي.
بهرحال وائل کي ڪيتريون ئي تاريخي شيون ڊگھين سورتن ۾ مليون جن ۾ بيان ڪيل خيال سان هن انهن کي مدني دؤر ۾ جاءِ ڏني. پر اهو ياد رکڻ گھرجي ته انهن سورتن ۾ ڪيترائي اهڙا رڪوع آهن جيڪي مختلف وقتن ۾ نازل ٿيا آهن ۽ انهن کي مختلف سورتن ۾ مضمونن جي اعتبار کان پوءِ گڏ ڪيو ويو آهي. انهن جي ترتيب تنزيلي نه آهي. تنهن ڪري اسان کي ڪن مدني سورتن کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائڻو پوندو ته جيئن انهن کي صحيح طور تي تاريخ وار ترتيب ڏئي سگھجي. اهڙو اتفاق تمام ئي گھٽ ٿيو آهي جو هڪ پوري سورت (مدني دؤر ۾) ٻي سورت کان پوءِ تاريخي حيثيت سان گڏ نازل ڪئي وئي هجي.
نوئل ڊيڪي:
ميور جي ”لائيف آف محمد“ جي ڇپجڻ کان ٻه سال پوءِ ٿيورڊ ورنوئل ڊيڪي پنهنجي تاريخ قرآن 1859ع ۾ ڇاپرائي. اهو هڪ اهڙو ڪتاب هو جنهن تي 1860ع ۾ پيرس اڪاڊمي آف النس ڪر شنز مصنف کي سرڪاري اعزاز ڏنو (د.ق 11). هن جو خيال آهي ته قرآن جي تاريخي ترتيب جو هڪ عام تصور ئي قائم ڪرڻ ناممڪن آهي. ڇو جو مڪي سورتن ۾ ته تمام ئي ٿورڙا تاريخي اشارا آهن ۽ مدني سورتن ۾ جيڪو ڪجھه آهي، سو اهڙو نه آهي جو انهن تي اعتماد ڪيو وڃي. اهي واقعا ته سورت ۾ غزوه بدر سورت 33 ۾ غزوه احد ۽ سورت 48 ۾ صلح حديبيه جو ذڪر آهي، بلڪل صحيح آهن. پر اهي تاريخي اشارا گھڻا نه آهن ۽ ڪنهن ڪنهن سورت ۾ ملن ٿا (ن.گ 45). هن جو خيال آهي ته هڪ حد تائين صحيح نزولي ترتيب جو ڄاڻڻ ناممڪن آهي. هو چوي ٿو ته ميور تفصيلي طور تي ترتيب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي، ڇو جو ان جو ڄاڻڻ ناممڪن آهي (ن. گ 59). تنهن ڪري ڪوششن جي باوجود هو پڪن پختن نتيجن تائين نه پهچي سگھيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هن انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا ۾ انهيءَ باري ۾ هڪ ڪالم لکيو ته هن کي پنهنجا شروعاتي نظريا بدلائڻا پئجي ويا ۽ هن سورتن جي مختلف جزن جي باري ۾ اهو چيو ته حقيقت ۾ ڊگھين سورتن جي ڪيترن ئي ٽڪرن کي مڃڻو پوندو ته اهي شروع ۾ جدا جدا هئا، ايتري تائين جو ننڍين ننڍين سورتن ۾ به اهڙا حصا ملندا جيڪي انهن ۾ اڳي نه هئا. پر ان سان گڏوگڏ اسان کي انهيءَ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ بندوبست نه ڪرڻ گھرجي، جيئن مون پنهنجي شروعاتي ڳالهين ۾ ڪيو آهي ۽ جيئن ته شپرنگر به ڪڏهن ڪڏهن ڪندي ڏسجي ٿو. اهو بلڪل واضح آهي ته ڪي سورتون شروع کان ئي ڊگهيون هيون. مثال طور سورت مريم نمبر 13. هن ۾ هڪ ننڍڙي تمهيد آهي، پوءِ يوسف جي تاريخ آهي. ان کان پوءِ ڪجھه خاتمي جا لفظ آهن ۽ اهي سورت مڪمل طور تي هڪجهڙي آهي. اهڙي طرح سورت 20 موسى جي تاريخ بيان ڪري ٿي ۽ پوري آهي. اهو ئي حال سورت 18 جو آهي، وغيره (انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا)
جيستائين سورتن جي نزولي ترتيب جو لاڳاپو آهي، نوئل ڊيڪي صحيح چوي ٿو ته هڪ ئي روايت آهي جنهن ۾ سمورين سورتن جي نزولي ترتيب ٻڌائڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. پر اهو چوڻ بي فائدو آهي ته اهي ئي روايتون مختلف شڪلين ۾ ملن ٿيون. انهيءَ ۾ اهو ذڪر به نه آهي ته اسان جي موجوده سورتن ۾ مختلف تاريخن جا حصا شامل آهن. انهيءَ روايت ۾ ايترا ته شبها آهن يا وري بنا ڪنهن شڪ جي غلط بيان آهن جو انهيءَ کي گھڻي اهميت نٿي ڏئي سگھجي. ان کانسواءِ اهو به ناممڪن آهي ته محمد (ﷺ) جي ڪنهن هم عصر اهڙي فهرست تيار ڪئي هجي، پوءِ ڀلي اها ڪنهن به ڪئي هجي ته ان جي لاءِ لڳ ڀڳ اهو ناممڪن ٿي ويو هوندو ته شروعاتي مڪي سورتن جي باري ۾ اعتماد جوڳي معلومات حاصل ڪري سگھي (انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا قرآن).
نوئل ڊيڪي جي معلومات جو بنياد وائل ۽ ميور جون تحقيقون آهن، هو جتي ڪٿي ميور تي تنقيد ڪري ٿو. هن کي اها به خبر نه آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪهڙي سال نبوت جو اظهار ڪيو. ڇو جو هو به ميور وانگر سمجھي ٿو ته شروعاتي دؤر ۾ ڪيتريون ئي سورتون هيون ۽ انهن مان ڪيتريون ته بيڪار ٿي ويون. اسان ڄاڻون ٿا ته اهو بيان رڳو هڪ خام خيال ئي آهي ۽ ان جو ڪوبه کُر پير نه آهي. پروفيسر وائل وٽان هو اهو به سکي ٿو ته قرآن کي ٽن دؤرن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، پر هن کي اها خبر ئي نه آهي ته ڪڏهن هڪ دؤر ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو شروع ٿئي ٿو ڇو جو هن جي خيال ۾ اهي دؤر بلڪل ئي جدا جدا ورهايل نه آهن. ڪن سورتن جي باري ۾ هو چوي ٿو ته انهن ۾ شڪ آهي ته انهن کي وچين درجي ۾ رکيو وڃي يا شروعاتي يا آخري دؤر ۾ ۽ انهن گروپن ۾ به اهو بلڪل ئي ناممن آهي ته ڪنهن حد تائين مختلف سورتن جي صحيح نزولي ترتيب ڄاڻي سگھجي. انهيءَ مان چٽيءَ طرح ظاهر ٿي وڃي ٿو ته قرآن جي سورتن جي ترتيب، جيڪا هن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، رڳو هڪ قياسي شيءِ آهي ۽ ان جو پڪو پختو بنياد نه آهي. تنهن ڪري هن اهو طريقو اختيار ڪيو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جي نفسياتي ارتقا کي قرآن جي ذريعي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ۽ اهڙي طرح مختلف سورتن کي ترتيب ڏنو اٿس. اها صورت به انهيءَ منطقي شڪ جو هڪ نج مثال آهي جنهن کي ”دوريه“ چوندا آهن. ڇو جو هو قرآن جي ترتيب کي قرآن جي ئي ترتيب مان ڄاڻڻ گھري ٿو. قرآن جي بنا ڪنهن تاريخي ترتيب جي اهو ناممڪن آهي ته ”پاڻ ڪريمﷺ“ جي نفسياتي ارتقا تي روشني پئجي سگھي. هو اڳتي هلي انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪري ٿو ته ”اهڙين حالتن ۾ انسان سدائين داخلي مفروضن يا رڳو وهمن کي يقيني شيءِ مڃڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي“ تنهن ڪري نوئل ڊيڪي جي سموري ڪوشش جو تت هن جي پنهنجي ئي لفظن ۾ اهو آهي ته ”اهو ئي ڀلو ٿيندو ته اسان مڪي سورتن جي ٽن گروپن کي ڪنهن حد تائين هڪ خاص ترتيب سان ملائي ڇڏڻ تي ئي ڳالهه ختم ڪريون (ا.ب) ٻين لفظن ۾ قرآن جي باري ۾ هن کي نه ته اها خبر پئجي سگھي ته مڪي دؤر ڪڏهن ختم ٿيو ۽ ٻيو دؤر شروع ٿئي ٿو ۽ نه ئي هو انهن سورتن جي، انهن جي دؤرن موجب ترتيب ئي ڄاڻي سگھيو.
”وحي جو مدني حصو“ پوءِ ڀلي اهو سڄي سورت هجي يا مڪي جي سورت جو ڪو جزو هجي، اسان چٽيءَ طرح سان ڄاڻي سگھون ٿا. ان جي سڃاڻ هيءَ آهي ته انهن جا مضمون مڪي دؤر جي سورتن کان جدا آهن“. اهو خيال انهيءَ حصي جي شروع ۾ ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ قرآن جي مختلف ٽڪرن جي تاريخ جو بيان آهي. پر رڳو ٻن جملن کان پوءِ هو هڪ شرط سان ان کي مشروط ڪري ڇڏي ٿو. يعني ”مديني جي سورتن جي باري ۾ به ڪيتريون ئي غير متعين ڳالهيون باقي رهجي وڃن ٿيون“. ڇو جو هو روايتن ۽ تاريخي حوالن جي شڪ ۾ وجھڻ وارين ڳالهين تي ڪا به پڪي پختي راءِ قائم نٿو ڪري سگھي.
مدني سورتن جو هڪ حصو شرعي حڪمن ۽ ديواني ۽ فوجداري قانونن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. انهيءَ ۾ ئي منافقن ۽ يهودين تي سختيءَ سان نڪته چيني ڪئي وئي آهي. انهيءَ حصي جو بياني انداز آخري مڪي دؤر جي بيان سان ملندڙ آهي ۽ گھڻو ڪري بلڪل ئي سادو نثر آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي قافيا بندي به ملي ٿي. (ن. گ. 55)
قرآن ڪريم جي مڪي حصي کي هو ٽن دؤرن ۾ ورهائي ٿو:
1. پهريون دؤر پهرين سال کان پنجن سالن تائين وارو جذباتي دؤر آهي. سورتون ننڍيون آهن ۽ انهن جون آيتون به ننڍيون ننڍيون آهن. گھڻو ڪري سورتون قسم سان شروع ٿين ٿيون. انهن ۾ قيامت، بهشت ۽ جهنم جو ذڪر آهي. تنهن هوندي به اهو تمام ئي ڏکيو آهي ته انهن سورتن کي تاريخي ترتيب ڏئي سگھجي.هن سورتن ۾ انهن ماڻهن کي، جيڪي الله تعالى جي هيڪڙائي، مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ، ۽ جزا ۽ سزا جو انڪار ۽ ان ڳالهه تي ٺٺوليون ڪندا هئا، سخت عذاب کان ڊيڄاريو ويو آهي ۽ رسولن جا به ننڍڙا قصا لکيل آهن.
2. ٻئي دؤر جي سورتن ۾ (پنجين کي ڇهين سال تائين) ”تخيل جي تيزي آهستي آهستي گهٽجي وڃي ٿي. تنهن هوندي به انهيءَ ۾ جوش ۽ جذبو موجود آهي. پر بيان آهستي آهستي سادو ٿيندو وڃي ٿو ۽ سورتون ڊگھيون ٿي وڃن ٿيون جن ۾ فطرت ۽ تاريخ آهي. ڊگھين عبارتن ۾ هڪ دردمندانه سڏ آهي. سورت فاتحه انهيءَ دؤر جي شروعاتي سورت آهي. رحمان جو استعمال هن دؤر ۾ وڌيڪ آهي، پر اها پڪ نه آهي ته بسم الله هن دؤر سان تعلق رکي ٿي يا نه“.
3. مڪي جي ٽئين دؤر جون سورتون (ستين سال کان هجرت تائين) موجوده قرآن جو وڏو حصو آهن. اهي لڳ ڀڳ بلڪل ئي معمولي ٻوليءَ ۾ آهن. ڪي سورتون ۽ آيتون ڊگھيون آهن ۽ انهن ۾ نصيحت جو رنگ ڀريل نظر اچي ٿو. (ن گ 55، 21) ۽ انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا. قرآن)
ايڇ گرم:
گرم به قرآن ڪريم جي مختلف سورت کي انهن جي بياني انداز جي لحاظ کان ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فلچر پنهنجي ڪالم ”محمدن رليجن“ ۾ انسائيڪلوپيڊيا برطانيڪا ۾ بيان ڪيل ”گرم“ جي ترتيب لکي آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته هن قرآني سورتن کي نزول جي لحاظ کان نه پر انهن جي عبارت جي لحاظ کان ترتيب ڏنو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو سورت اقراء (96) کي پنهنجي فهرست ۾ ٻارهين نمبر تي لکي ٿو. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگھجي ته اها پهرين سورت آهي. هن يارهين سورت کي پهرين نمبر تي رکيو آهي جيڪا پڪ سان بعد واري سورت آهي ۽ اهو مڃائڻ بلڪل ئي ناممڪن آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ پنهنجي مشن جي شروعات تبت يدا کان شروع ڪئي هجي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي چاچي ابولهب کان بيزاري ظاهر ڪئي آهي. بهرحال ”گرم“ پنهنجي سورتن جي مختلف گروهن کي هن ريت ملايو آهي:
1. مڪي کان پهرين گروهه کي هو آڳاٽي قافيه بندي سڏي ٿو. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته ”آڳاٽي قافيه بندي نثر“ جي معنى چٽي نه آهي. جن ماڻهن ”علم بديع“ تي قلم کنيو آهي، تن قافيه بندي جا پنج قسم ڳڻايا آهن:
أ. نثر متوازي: جنهن جا ٻئي جملا هم وزن ۽ هم قافيا هجن.
ب. نثر مطرف: جنهن ۾ هم قافيه ٻه جملا هجن، پر هم وزن نه هجن.
ت. نثر متوازي: جنهن ۾ هم وزن جملا هجن، پر هم قافيا نه هجن.
ث. نثر مرصع: جنهن ۾ هڪ جملي جو هر هڪ لفظ ٻئي جملي جي مقابل لفظ جي هم وزن ۽ هم قافيه هجي.
ج. نثر متماثل: اهو به نثر مرصع وانگر ئي هوندو آهي. فرق رڳو ايترو هوندو آهي ته ان ۾ لفظ ته هم وزن هوندا آهن، پر هم قافيه نه هوندا آهن.
وري انهن سمورن نثرن جي پکيڙ يا جملن جي تعداد جي لحاظ کان ورڇ ڪئي وئي آهي جيڪا يا ته ننڍڙي هوندي آهي يا وري ڊگھي. اهڙيءَ طرح نثر جا ڏهه قسم بڻجي ويندا آهن.
”گرم“ نثر جا ٻه قسم ٻڌايا آهن جيڪا ڳالهه اسان جي سمجھه کان ٻاهر آهي. هتي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رهي ته بديع تي لکڻ وارن جو وڏو انگ (مثال طور باقلاني ۽ اشاعره) انهيءَ کان انڪاري آهن ته:
(1) قرآن ۾ قافيه بندي آهي. تنهن هوندي به انهيءَ ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته قرآن جي مڪي سورتن ۾ ڪيترين ئي هنڌن تي قافيو ملي ٿو.
(2) گراهم جو قول آهي ته مڪي سورتن جو ٻيو ميڙ هلڪي قافيه بندي ۾ آهي. اهي هلڪي قافيه بندي ڇا آهي؟ اهو سمجھه کان ئي ٻاهر آهي.
(3) ٽيون ميڙ مدني سورتن جو آهي. انهن کي ”گرم“ وڌيڪ مناسب طريقي سان ورهايو آهي. ڇو جو انهيءَ ۾ مشهور غزون جو احوال آهي. انهن جا هن چار گروپ ڏسيا آهن:
أ. هجرت کان غزوه بدر تائين. ۽ ٿورڙيون آِيتون جيڪي مڪي سورتن ۾ ملايون ويون آهن.
ب. غزوه بدر کان غزوه احد تائين.
ت. غزوه احد کان مڪي جي فتح تائين.
ث. مڪي جي فتح کان پوءِ رڳو سورت (9) جون آيتون 25 کان 124 تائين.
مديني جي انهن سورتن کي ”گرم“ تاريخي حوالن جي بنياد تي ورهايو آهي جيڪو گھڻو ڪري صحيح آهي. پر جيستائين مڪي سورتن جي ترتيب قافيي جي لحاظ کان ڪئي وئي آهي، سا بلڪل ئي غلط آهي ۽ انهيءَ ترتيب کان بلڪل ئي جدا آهي، جيڪا اسان اڳتي هلي نفسياتي تاريخي لحاظ کان ترتيب ڏني آهي.
هارٽ وگ هرش فلڊ:
گھڻو ڪري هرش فلڊ آخري يورپي مستشرق آهي، جنهن قرآن کي مختلف زمانن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ڪتاب ”قرآن جي باري ۾ نيون تحقيقون“ هن جي مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪو ”انڊين انٽي ڪوئري“ بمبئي جي 29 ۽ 30 نمبرن جي جلدن ۾ 1900 ۽ 1901 ۾ ڇاپيا. هن قرآن ڪريم جي مختلف جزن جي تفسير بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي نظرين جي تائيد ۾ ڪي بيهودا نظريا به گھڙي ورتا آهن. ڪنهن مناسب جاءِ تي اسان ان جو ذڪر ڪنداسين. هن ”ويجھي ۾ ويجھي“ ترتيب قرآن پاڪ جي سورتن جي ئي نه، پر مختلف آيتن جي به ڪرڻ گھري آهي. (ڏسو انٽي ڪوئري، جلد 30، صفحا 526 کان 528)
هن سورت 12 کي نزولي ترتيب ۾ چوٿون درجو ڏنو آهي جيڪو بلڪل ئي غلط آهي. اڳتي هلي اسان ڏسنداسين ته نه رڳو روايتون ۽ تاريخ، پر هن سورت جي اندروني شاهدي به ظاهر ڪري ٿي ته اها پوءِ واري زماني جي آهي. هن جيڪي سندون ڏنيون آهن، سي گھڻو ڪري يورپي ترجمن جون آهن ۽ ان جي تحقيقن جو رخ هرڀرو غلط آهي. عام طور تي هو پنهنجي گمانن جي ئي پيروي ڪري ٿو. مثال طور:
”مان سمجھان ٿو ته سورت 112 کي شروعاتي وحين ۾ جاءِ ڏيان “ اڳتي هلي وري چوي ٿو ته هن وقت تائين مون ٽن سورتن کي تاريخي جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها هڪ لحاظ کان خراب شروعات آهي، جنهن جي ذريعي مون قرآن جي سورتن جي نزولي ترتيب سان ڇنڊڇاڻ شروع ڪئي آهي. مان پهريان ئي انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڇونه ڪريان ته انهيءَ باري ۾ اعتماد جوڳا نتيجا حاصل ڪرڻ جي تمام ئي گھٽ اميد آهي. جتيوڻيڪ اهي اسلام جي آهستي آهستي ٿيندڙ ارتقا کي ڄاڻڻ لاءِ ڪيترائي ضروري ڇونه هجن. اسان کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ مثال ملي ئي ويو، جنهن قرآن کي ترتيب ڏيڻ وارن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو ته ان کي ڪهڙي سورت سان ملائن. اهڙي طرح ڪيترا ئي مثال آهن. ڪيترين ئي سورتن جي باري ۾ اهو نٿو چئي سگھجي ته اهي ڪڏهن نازل ٿيون ۽ انهن کي ڳولڻ جي لاءِ جيڪي معياري قاعدا آهن سي تمام ئي ٿورا آهن ۽ تمام ئي گھٽ انهن تي ڀروسو ٿي سگھي ٿو.“ (ا – ا. جلد 29، صفحو 203)
بهرحال هو قرآني وحي جا پنج گروپ مقرر ڪري ٿو ۽ حضرت عائشه جي روايت کي دليل طور ڪتب آڻي ٿو ته پاڻ فرمايو هئائون ته: ؟ڪيتريون ئي بياني سورتون قانوني حڪمن کان پهريان نازل ٿيون هيون“. اها روايت اسان اڳي ئي لکي آيا آهيون. پر هرش فلڊ چوي ٿو ته ”تنهن هوندي به اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي ته اهي گروپ پوري طرح سان ورهايل آهن. ان جي برخلاف اهي هڪٻئي ۾ داخل ٿي ويندا آهن. يعني هر گروپ جا جزا آڳاٽين سورتن ۾ ملن ٿا ۽ بعد جي جزن ۾ گذريل رڪوعن کي ورجايو ويو آهي“. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته هو پنهنجي موجوده اندازن تي آڌاريل ورڇ تي به ويساهه نٿو رکي ته اهي صحيح آهن يا نه. هو چٽيءَ طرح اقرار ڪري ٿو ته اسان کي سورتن جي تاريخي ترتيب ڏيڻ جي خيال کي سدائين جي لاءِ ڦٽو ڪرڻ گھرجي، پر اهو ٿي سگھي ٿو ته قرآن کي مضمونن جي لحاظ کان ورهائي اسان ڪنهن حد تائين قرآن جي انهن مطلبن کي ڄاڻي سگھون ٿا، جن لاءِ اهو نازل ٿيو آهي. مديني جي سورتن جي لاءِ واقعن جي رفتار هڪ قسم جي رهبر جو ڪم ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ تي به پورو ڀروسو نٿو ٿي سگھي. (جلد 29، صفحو 204).
مڪي دؤر جي باري ۾ ان جي اندازن تي آڌاريل نزولي ترتيب هيٺ بيان ڪيل ڇهن حصن تي ورهايل آهي:
1. پهريون خطبو جيڪو سورت اقراء کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ پنج آيتون آهن.
2. ان کانپوءِ اهڙيون سورتون نازل ٿيون آهن جن مان مٿين اعلان جي تصديق ٿئي ٿي. يعني پاڻ ڪريم ﷺ جي نبوت جي تصديق.
3. هن کان پوءِ فصيح ۽ بليغ ٻوليءَ ۾ نيڪيءَ تي اڀاريندڙ ۽ بڇڙائيءَ جي نتيجن کان خوف ڏياريندڙ سورتون آهن. سندن عقلمند هئڻ ۾ جيڪي شڪ ۽ شبها آهن، تن جي ترديد آهي ۽ گمراهن جي لاءِ سخت سزا ۽ ڌمڪي آهي. انهن ۾ سخت قسمَ آهن جي جي ٻولي قافيي دار آهي.
4. ان کان پوءِ بياني سورتون آهن جن ۾ آڳاٽا قصا ۽ انجيلن جون ڪهاڻيون آهن. ”جڏهن رسولن جو ڏک ڏولاوو ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي واعظن ۽ سزائن جو بيان ڪندا آهن“.
5. ”تشريحي خطبا (سورتون) ان وقت ڏنا وڃن ٿا جڏهن پاڻﷺ جي ڪهاڻين جو ذخيرو لڳ ڀڳ ختم ٿيڻ تي هوندو آهي. انهيءَ ۾ قدرت جي نظارن ۽ عظمت جو بيان هوندو آهي“.
6. مٿين دؤر جي ختم ٿيڻ تي قانوني خطبا ڏنا ويندا آهن يعني جڏهن مسلمان اهڙا خطبا ٻڌڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار ٿي ويندا آهن. انهن ۾ ايماندارن کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته پڪي عقيدي واري مسلمانن جي زندگي ڪهڙي طرح گذارجي.
هرشفلڊ ”قانوني“ اصطلاح کي تمام ئي عام معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي ته جيئن اهو پڙهڻ واري کي حقيقي قانوني سورتن جي لاءِ تيار ڪري سگھي جيڪي سچ پچ به مديني ۾ ئي نازل ٿيون هيون. انهيءَ لاءِ به ته هن جيڪو نظريو هڪ دؤر جو ٻئي دؤر ۾ داخل ٿيڻ بنسبت بڻايو آهي، سو ثابت ٿي سگهي. حقيقت اها آهي ته هو انهيءَ ڳالهه جو قائل آهي ته ”قانوني“ مان ان جو مطلب ”اخلاقي“ تعليم آهي. (جلد 30، صفحه 11) بهرحال صاف ظاهر آهي ۽ هرشفلڊ پاڻ به مڃي ٿو ته هن جيڪا قرآن پاڪ جي ورهاست ڪئي آهي، سا تاريخي نه آهي.
راڊول:
راڊول 1876ع ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو شايع ڪيو هو. هن مڪي سورتن کي وائل جي ترتيب موجب نزولي ترتيب ڏني ۽ مدني سورتن کي ڪونوئل ڊيڪي جي ترتيب موجب رکيو.
مرزا ابو الفضل:
الهه آباد کان 1911ع ۾ مرزا ابو الفضل قرآن پاڪ جو انگريزيءَ ۾ لفظي ترجمو ڇاپرايو. هن جي دعوى هئي ته ”قرآن جي سورتن کي اهڙي تاريخي ترتيب سان مرتب ڪيو ويو آهي جو هن وقت تائين عالمن انهيءَ کي مڃيو آهي. وغيره“ پر اها ترتيب اصل ۾ اها ئي آهي جيڪا نوئل ڊيڪي ڏني هئي. باقي ايترو سو فرق آهي ته شروع وارين اٺن سورتن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي (يعني ڪنهن کي پهريان ۽ ڪنهن پوئتي ڪيو ويو آهي.) اهو ظاهر آهي ته اسلام جي عالمن اها ترتيب نه ڏني آهي. بهرحال سمجھه ۾ اچي ٿو ته هاڻي اها ترتيب منسوخ سمجھي مرزا صاحب ٻيو قرآن ڇاپيو آهي، جنهن ترتيب اها ئي آهي جيڪا عثماني صحيفي جي آهي.
نظر ثاني:
يورپي محققن جي باري ۾ اسان وڌيڪ لکڻ نٿا گھرون. جيستائين نزولي ترتيب جو لاڳاپو آهي، هو پاڻ به مڃن ٿا ته اهو انهن جي وس کان ٻاهر هو. هرشفلڊ جي هيٺ لکيل راءِ انهيءَ بيان جي تائيد ۾ ڪافي آهي:
هرشفلڊ چوي ٿو ته: ”جيستائين مڪي سورتن جو تعلق آهي، ڪجھه عام نڪتا وائل ۽ ميور قائم ڪيا آهن ۽ انهن کي ئي نوئل ڊيڪي اختيار ڪيو آهي ته جيئن مونجھارن کي منهن ڏئي سگھجي. اهي سڀئي سمورين سورتن کي ٽن دؤرن ۾ ورهائن ٿا ۽ اها ورڇ ظاهر ۾ گھٽ جوش وارين نبوي ﷺ ۽ گھٽ جذباتي ڊيگھه وارين آيتن تي ٻڌل آهي. پر اسان بيان ڪري چڪا آهيون ته شروع کان ئي رسول الله ﷺ جي تقريرن (آيتن) ۾ سنجيده غور ۽ فڪر موجود آهي. جوش ۽ جذبي جو نظريو اهڙو آهي جنهن تي اعتماد نٿو ڪري سگھجي. جيڪڏهن اسان انهيءَ بيان ڪيل ”جوش“ جو تجزيو ڪريون ته اسان کي ٻن شين ۾ فرق رکڻ گھرجي. هڪڙو جوش ته اهو هوندو آهي جيڪو حقيقي طور تي انسان جي دل ۾ قائم رهي ڪري ڪنهن خيال جي ڌُن ۾ ان کي لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ئي هو پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي. ٻيو جوش خالي جذبو هوندو آهي، جيڪو وات مان نڪرندي ئي ٿڌو ٿي ويندو آهي. پهريون جوش محمد ﷺ جي دل ۾ ان وقت کان موجود هو جڏهن پاڻ ڪوبه پروگرام اڃا نه ڏنو هئائون ۽ اهو ان وقت تائين قائم رهيو جيستائين چيو وڃي ٿو ته سندن تقريرون سنجيده ۽ ٿڌيون ٿي ويون هيون.
”جوش ۽ جذبن جا مختلف درجا هوندا آهن جيڪي گھٽ يا وڌ تقريرن مان ظاهر ٿيندا آهن. انهن کي رڳو اهڙيءَ طرح پرکڻ گھرجي جهڙي طرح انسان جي جذبن جي تبديليءَ کي پرکيو ويندو آهي. خارجي حالتن جو جذبن تي گھرو اثر ٿيندو آهي. وقتي جوش ته رڳو اتفاقي طور تي يا ڪنهن همٿ ڏياريندڙ ڳالهه سان به پيدا ٿي سگھي ٿو. انهيءَ ڪري اهو نٿو چئي سگھجي ته اهي سورتون جن ۾ زور بيان يا جوش هوندو آهي رڳو شروعاتي دؤر سان واسطو رکن ٿيون. جيڪڏهن اهو کڻي مڃيو به وڃي ته سورت اقراءکان وٺي ئي اسان کي مڃڻ گھرجي ته محمد (ﷺ) ۾ اصلي جذبو موجود نه هو، ته اهو سراسر سورت اقراء جي تاريخ جي خلاف آهي.“ (جلد 29، صفحو 203)
اي منگانا انهن مستشرقين جي باري ۾، جن قرآن جي نزولي ترتيب ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پنهنجو خيال ظاهر ڪيو آهي ته اها شايد آخري ڳالهه آهي. انهيءَ کان وڌيڪ نٿو چئي سگھجي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انهن جون ڪوششون ضرور ساراهه جوڳيون آهن، ڇو جو اهي حقيقت تائين پهچڻ گھرن ٿا. پر جن تصنيفن ۽ ترجمن مان هو مدد وٺن ٿا، سي انهن يونيورسٽين جون هونديون آهن جيڪي اسلام ۽ ان جي بانيءَ جي لاءِ سخت تعصب رکنديون آهن. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو آهي ته اهي قرآن جي باري ۾ غلط نتيجا ڪڍي ويندا آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪم بنا ارادي جي ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيئن ته اسان اڳ ۾ به لکي چڪا آهيون ته گھڻن مستشرقن وٽ عربي ادب جي ڄاڻ اڻپوري هوندي آهي. پر انهيءَ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته انهن مان ڪيترا ئي ليکڪ اهڙا به آهن جن پنهنجي دلين ۾ ڪٽرپڻي کي ڪڍي ڇڏيو آهي. پر عربي ٻوليءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن لفظ يا محاوري کي غلط سمجھڻ انهن ماڻهن جي لاءِ به ضروري آهي جيڪي انهيءَ ٻوليءَ جا ماهر آهن. بهرحال اي منگانا جو قول انهيءَ ڳالهه جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو مستشرقن جي صحيح ارادن جي تشريح ڪري ٿو:
”جيڪي ڪوششون يورپين ڪيون آهن ته قرآن کي نزولي ترتيب موجب مرتب ڪن، سي ايترو ئي ناڪام رهيون آهن جيترو مقامي ماڻهن جون. مثال طور راڊول جي ترجمي کي کڻو، انهيءَ ۾ سورت 16 کي 73 سڏيو ويو آهي ۽ سورت نمبر 6 کي 89 ڏسيو ويو آهي. پر سورت نمبر 16 جي اڻويهين آيت ۾ آهي:
”وَعَلَي الَّذِيْنَ ہَادُوْا حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَيْكَ مِنْ قَبْلُ۰ۚ وَمَا ظَلَمْنٰہُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَہُمْ يَظْلِمُوْنَ“
يعني اها ڳالهه هن کان اڳ ذڪر ٿي چڪي آهي. هاڻي سورت نمبر 6 جي 47هين آيت کي ڏسو
”وَعَلَي الَّذِيْنَ ہَادُوْا حَرَّمْنَا كُلَّ ذِيْ ظُفُرٍ۰ۚ وَمِنَ الْبَقَرِ وَالْغَنَمِ حَرَّمْنَا عَلَيْہِمْ شُحُوْمَہُمَآ اِلَّا مَا حَمَلَتْ ظُہُوْرُہُمَآ اَوِ الْحَــوَايَآ اَوْ مَا اخْتَلَطَ بِعَظْمٍ۰ۭ ذٰلِكَ جَزَيْنٰہُمْ بِبَغْيِہِمْ۰ۡۖ وَاِنَّا لَصٰدِقُوْنَ“.
هن ۾ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر آهي. يعني ڪن شين کي يهودين تي حرام ڪرڻ جو ذڪر آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن مختلف سورتن کي تاريخي حيثيت سان گڏ ڪرڻ ممڪن هجي ته سورت نمبر 6 کي سورت 16 کان اڳ ۾ جاءِ ڏيڻ گھرجي.
رسول الله ﷺ جي نفسياتي ارتقاء واري مفروضي تي ڪنهن سورت جي تاريخ کي دارومدار سمجھڻ فطري طور تي هڪ غير علمي طريقو آهي ۽ نه ئي اهو اهڙي طرح ممڪن آهي جو سندن علم جي ترقي کي انهيءَ ترتيب جو بنياد سڏي ڪجھه فائدو حاصل ڪري سگھجي. مثال طور شپرنگر چوي ٿو ته 617ع ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي خبر پئي ته هود ۽ صالح ؑ جون ڪهاڻيون فرضي آهن، انهيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو پاڻ آئينده انهن کي ذڪر ڪرڻ ۾ احتياط ڪيائون. پر حقيقت اها آهي ته پاڻ انهن واقعن جو ذڪر سورت نمبر 9 جي آيت نمبر 17 ۾ ڪيو اٿس.
”اَلَمْ يَاْتِہِمْ نَبَاُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِہِمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَمُوْدَ۰ۥۙ وَقَوْمِ اِبْرٰہِيْمَ وَاَصْحٰبِ مَدْيَنَ وَالْمُؤْتَفِكٰتِ۰ۭ اَتَتْہُمْ رُسُلُہُمْ بِالْبَيِّنٰتِ۰ۚ فَمَا كَانَ اللہُ لِيَظْلِمَہُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَہُمْ يَظْلِمُوْنَ“
۽ حديثن موجب هيءَ سورت قرآن ڪريم جي آخري يا ان کان پهرين سورت آهي.
(هسٽينگز. انسائيڪلوپيڊيا، جلد 10، صفحه 545)
***