اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل
قبيلن ڏانهن رسالت جي تياري
محمد المرسل ...... قرآن مظلومان
]محرم 7 نبوي (مارچ 616ع) کان ذي الحج 9 نبوي (مارچ 619ع) تائين[
رسول الله ﷺ جي جاکوڙ واري تاريخ ۾ انهن ٽن سالن وارو عرصو وڏي اهميت رکي ٿو جنهن ۾ ڳجهي دعوت جي ذريعي ظاهر ظهور دعوت جي لاءِ تياري ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ اڳئين مرحلي يعني علي الاعلان دعوت ۾ وري نظريي جي جزن تي وحي الاهي جي تفصيلي روشني ۾ اثرائتا دليل ڏنا ويا. ڪائنات، انساني معاشري ۽ انساني نفس کي شهادت جي طور تي پيش ڪيو ويو هو.
مڪي جي غلام بڻائيندڙ مالدار سردارن مسلمانن مٿان پنهنجي ايذاءَ رساني ۽ ظلم ۽ زيادتين واري مشق اڳي کان اڳري ڪري ڇڏي هئي ايتري تائين جو انهن کي حبشه ڏانهن پناهه لاءِ لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي. رسول الله ﷺ تي هوڪرا ڪرڻ، ٺٺوليون ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون سٽون سٽڻ معمول بڻجي ويو. غلامن ۽ ٻانهن تي تشدد جي انتها ٿي وئي. آزاد ۽ شريف ماڻهو به انهيءَ ٺٺول کان بچي نه سگھيا. نبي ڪريم ﷺ تمام ئي ثابت قدميءَ ۽ جوانمرديءَ سان انهن سڀني حالتن کي مڙس ٿي منهن ڏنو.
کليل طرح دعوت جي لڳ ڀڳ ٽن سالن جي مڪمل ٿيڻ تي هاڻي نئين صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ ۽ سندن قبيلي بنو هاشم ۽ بنو المطلب کي شعب ابي طالب ۾ قيد ڪيو ويو. انهن سان ڏيتي ليتي، لڳ لاڳاپن ۽ مٽي مائٽي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪافرن جو خيال هو ته متان بک ۽ اڪيلائيءَ کان تنگ ٿي ڪري محمد ۽ ان جا سنگتي پنهنجي آڳاٽي مسلڪ تي واپس موٽي اچن، پر ٽن سالن جي قيد ۽ اڪيلائي ۾ به رسول اللهﷺ ۽ سندن سنگتين جي همت ۽ حوصلي ۾ هيڻائي پيدا نه ٿي سگھي. اڃا به انهن ٽن سالن جي قيد ۾ رسول اللهﷺ تي اها حقيقت پڌري ٿي پئي ته جيستائين سياسي اقتدار حاصل نٿو ٿئي، ديني تعليم جو انساني زندگيءَ تي ڪو گھرو ۽ جوڳو اثر نٿو ٿي سگھي. مطلب ته رڳو انفرادي اخلاق کي سڌارڻ سان معاشري جي گڏيل زندگيءَ تي ڪوبه اثر ظاهر نٿو ٿي سگھي. شعب ابي طالب ۾ قيد ٿيڻ کان پهريان قرآن ۾ ”ارض الله واسعة“ يعني زمين جي وسعت ڏانهن اشارو ۽ ڪتاب وارن خاص ڪري عيسائين جي عقيدن ۽ رحمان جي ذڪر مان اهو پڌرو آهي ته هن وقت تائين نازل ٿيڻ وارو قرآن حبشه ڏانهن حجرت واري زماني جو آهي. حبشه ڏانهن حجرت جهڙي اهم واقعي جو قرآن ۾ ڪوبه ذڪر نه آهي. اهڙي طرح عيسائين سان ڳالهه ٻولهه جي تفصيل به قرآن ۾ موجود نه آهي، رڳو اشارا آيا آهن، جن منجھان ڄاڻي سگھجي ٿو ته قرآن جو اهو حصو حبشه ڏانهن هجرت ۽ عيسائين جي عقيدن تي تنقيد سان تعلق رکي ٿو.
شعب ابي طالب ۾ قيد ٿي وڃڻ کان پهريان بنو هاشم ۽ بنو عبدالمطلب جي خاندان منجھان حضرت حمزه، حضرت علي ۽ حضرت زيد ؒ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مرد رسول الله ﷺ تي ايمان آڻڻ وارن ۾ شامل ڪونه هو. ان کان سواءِ ٻئي جيترا به ماڻهو هئا، اهي رڳو قبائلي غيرت ۽ مائٽي جي ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جا حامي ٿي بيٺا هئا. ايتري تائين جو پاڻ ڪريم ﷺ کي به مڪي ۾ پرچار جي اجازت ڪونه هئي ۽ نه ئي وري ڪو سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هو. انهيءَ مان هڪڙو اهم سوال اڀري ٿو ته شعب ابي طالب ۾ قيد وارن ٽن سالن دوران جيڪو قرآن نازل ٿيو هو سو ڇا هو ۽ ان جي ڳالهه ٻولهه ڪنهن سان هئي؟ تفسيرون ۽ حديثون انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ چپ آهن.
اها ڳالهه پڌري آهي ته شعب جي اندر نظربند ٿيڻ وارن ۾ اهي ٿورڙا ماڻهو، جن جو ذڪر مٿي ٿيو آهي، سي ايمان وارا هئا، جڏهن ته باقي سڀئي ڪافر هئا. شعب کان ٻاهر جيڪي مسلمان هئا، اهي به پريشان هئا ۽ گھرن پيا ته ڪنهن طرح سان انهن ڏکن ڏولاون مان ڇوٽڪارو ملي. دين جي تعليم (نظرئي جي حد تائين) ته اڳي ئي مڪمل ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري وري وري مسلمانن يا مشرڪن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي ته اسلام ڇا آهي؟ انهيءَ باري ۾ ڪنهن نئين وحي جي ضرورت نه هئي. اسلام جو بنيادي نظريو الله تعالا جي وجود ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ عملن جي جزا ۽ سزا جي شڪل ۾ پيش ٿي چڪو هو. اهو به ٻڌايو ويو هو ته اسلام جو خدا ٻين قومن جي خدا وانگر نه رڳو انصاف ڪندڙ، پر بيحد ٻاجھارو به آهي. هو سزا به ڏئي سگھي ٿو ۽ معاف به ڪري سگھي ٿو. پر معاف ڪرڻ ۾ پنهنجي رحمت واري قانون جو پابند آهي.
رسالت جي تياري:
پهريان ٻڌايو ويو آهي ته جهڙي طرح ڳجھي دعوت جا ٽي سال ظاهر ظهور دعوت جي تياريءَ جا سال هئا، هاڻي هيءُ نظريو اڳيان هو ته عرب قومن ۾ اسلام جي پرچار جي تياري جي لاءِ رسول الله ﷺ کي وڌيڪ ٽن سالن جي وٿي ڏني وڃي ته جيئن پاڻ ﷺ دنيا کي اسوهء يوسفي (قيد) ۽ اسوهء موسوي (هجرت ۽ جهاد) تي عمل ڪري اهو سمجھائي سگھن ته خدا تعالا تي ڀروسو ڪرڻ وارو هڪڙو اڪيلو ماڻهو به سڀني ڏکيائين کي مات ڏئي سگھي ٿو.
هن زماني ۾ ڳالهه ٻولهه نه ته ڪافرن سان هئي ۽ نه ئي وري ايمان وارن سان. هن دؤر ۾ جيڪي به سورتون نازل ٿيون انهن ۾ ڳالهه ٻولهه رسول الله ﷺ سان ڪئي ٿي وئي. هن دؤر جي تعليم جو مقصد رڳو اهو هو ته ”الملک والدين تو امان“ (يعني رياست ۽ دين ٻه جاڙا ڀائر آهن). هاڻي وحيءَ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو هو، سو ملڪ ۽ حڪومت جا اصول ٻڌائي ٿو. پاڻ ڪريم ﷺ جن دينن جي تاريخ تي غور ڪندي ڄاڻي ورتو هو ته جيستائين حڪومت ۽ سلطنت نه هوندي، ان وقت تائين دين قائم نٿو ٿي سگهي. ڇو ته دين ۽ سلطنت پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. هڪڙي کان بنا ٻيو اڻپورو آهي.
اخلاقي سياست ئي نبوت جو مقصد
اخلاقي سياست ئي نبوت جو مقصد آهي: پاڻ ڪريم ﷺ کان پهريان حضرت موسى ؑ انسان کي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ اهڙا اصول قائم ڪيا هئا، جن تي ديني يعني عام انسانيت جي ڀلائيءَ جي لاءِ سلطنت قائم ٿي سگھي ٿي. اها سلطنت حضرت سليمان ؑ جي زماني ۾ عروج تي پهتي. اهڙي طرح قرآن ايران جي بادشاهه ڪوروش (ذوالقرنين) جي به واکاڻ ڪئي آهي. حضرت عيسى ؑ جو ذڪر به قرآن ۾ انهيءَ لاءِ ڪيو ويو آهي ته اهو انصاف ۽ رحم جي بنياد تي سلطنت (خدا جي بادشاهت) قائم ڪرڻ گھري پيو. قرآن آدم کان وٺي نبي ڪريمﷺ جي بعثت تائين جا تاريخي حوالا انهيءَ خيال سان ئي ڏنا آهن ته سڀني قومن ۾ انساني معاشري کي سنواري اخلاقي ۽ ديني بنيادن تي سياسي نظام قائم ڪيو وڃي. انهيءَ ئي مقصد ماڻڻ جي لاءِ دنيا جي قومن ڏانهن رهبر ۽ سڌارڪ انسان موڪليا ويا هئا. ديني تاريخ منجھان قرآن پاڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته هاڻي رڳو اهڙي ئي سياست زنده رهي سگھندي جيڪا نبين، رهبرن، فلسفين، حڪيمن، دينن ۽ ڪتابن (قانونن) جي هيٺ ڏنل بنيادي حقيقتن کي ڪڏهن به نه وساري:
1. خدا بابت عيسائين جي تصور موجب گھڻن معبودن يا هڪڙي گڏيل خدا جي ٻانهپ ائين ئي آهي، جيئن شيطان يا ان جي اولاد ۽ نفس اماره جي پيروي، تنهن ڪري انهيءَ روش کي تياڳڻ گھرجي ۽ رڳو هڪڙي ئي آقا ۽ خلقڻهار (رب العالمين) جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي ته جيئن انساني جماعت جي اندر فرقو پيدا نه ٿئي ۽ حق واري دين تي اتحاد قائم ٿي سگھي.
2. انساني وحدت ۽ برابري جو نظريو جيستائين عملي طور تي معاشري ۾ استعمال نه ڪيو وڃي انهيءَ جو ڪوبه نتيجو نٿو نڪري. تنهن ڪري (اڄ جي مذهبي پيشوائن جو خيال ته) ايمان کان نيڪ عمل کي يا نيڪ عمل کان ايمان کي الڳ ڪرڻ، اسلام جي حقيقت کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.
3. جيڪي ماڻهو انصاف ڀري سياست جي لاءِ ڪم ڪندا آهن، اهي ئي سچا مؤمن هوندا آهن. اهڙي طرح هر نبيءَ جي نبوت جي نظري تعليم جي روشني ۾ سياست يا عملي نبوت کي قائم ڪيو ويندو آهي ۽ رسالت جي انهيءَ اصل ڪم کي مڪمل ڪرڻ وارا هر دؤر ۾ اها ئي جدوجهد ڪندا رهندا آهن.
مڪي جي سردارن رسول الله ﷺ کي مجبور ڪيو ته پاڻ قبائلي ۽ قومي سياست جي بدران عالمي ديني سياست تي غور ۽ فڪر جي لاءِ اڪيلا ڇڏيا وڃن. تنهن ڪري شعب ابي طالب جا ٽي سال انهيءَ مقصد ماڻڻ جي لاءِ ڪم آيا. هن زماني ۾ قرآن يهودين جي تاريخ بلڪل انهيءَ ئي ترتيب سان ڏسي آهي جيئن بائبل ۾ آهي. شعب مان نڪرڻ کان پوءِ اهو سلسلو جاري رهيو. يهودين سان گڏ مجوسي به شامل ڪيا ويا ۽ مڪي جا مشرڪ انهيءَ ڳالهه کي سمجهي نه سگھيا ته هن قرآن ۾ ڪتاب وارن کي ٻڌيءَ جي دعوت ڏني پئي وڃي.
سنه 6 نبوي جو حج به ٻُسو هو. ايراني ۽ رومي سامراج پاڻ ۾ وڙهي رهيو هو. يتيمن، بيواهن ۽ غلامن خوف ۽ بک جي ڪري جنگ جي مخالفت شروع ڪري ڏني هئي. يروشلم ۾ عيسائيت خوار ٿي چڪي هئي. 616ع ۾ ايراني ساسانين فلسطين تي ۽ 619ع ۾ مصر تي قبضو ڪري ورتو هو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن ڪعبي جي مذهبي ٺيڪيدارن جي اڳواڻي ڪندڙ بنو عبدالدار ايمان آڻڻ وارن کي چٿي رهيو هو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي ساٿاري خاندان بنو هاشم جي حمايت کان پاڻ ﷺ ۽ ان جي ساٿين کي الڳ ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو هو.
مڪي جي انهيءَ دؤر واري تاريخ تي پردو پيل آهي. حبشه واري ابرهه جي ڪعبة الله تي حملي سبب مڪي وارن کي حبشه ۽ عيسائين کان نفرت هئي. مسلمانن جي هڪڙي جماعت حبشه ۾ پناهه وٺي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ايرانين ۽ رومي عيسائين جي ڇڪتاڻ ۾ رڳو رومي عيسائين کان ئي ديني ۽ سياسي اتحاد جي اميد هئي. اها ته خبر نه پئجي سگھي ته انهيءَ دؤر ۾ نجاشي کان سواءِ مسلمانن ڪن ٻين عيسائي ملڪن سان به رابطو ڪيو هو يا نه؟ پر اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته انهن مڪي جي مشرڪن جي دشمنن سان رڳو انهيءَ ڪري دوستي ڳنڍي ورتي هئي جو اهي هڪ الله جي پوڄا ڪندڙ ۽ موحد هئا ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا به قائل هئا.
اسلام ۽ ٻئي مذهب ۽ فلسفي مڪتبه فڪر
دنيا ۾ جيترا به مذهب پيدا ٿيا سي سڀئي سٺي ۽ ترقيءَ واري زندگيءَ جا طريقا ٻڌائيندا هئا. سامي قومن مذهب جي ذريعي جيڪو طريقو سوچيو، اهو ئي طريقو آريائي قومن فلسفي جي ذريعي ٻڌايو. انسان هڪ سماجي جانور آهي. سماجي زندگي ۽ ترقيءَ جي لاءِ جهڙي طرح مذهب ۽ فلسفو ڪمائتا آهن، ائين ئي سياست به ان جي لاءِ ضروري آهي. پر مذهب کي دنياوي زندگيءَ کان الڳ ڪري پيشوا، راهب يا جوڳي بڻجي ويهي رهجي ته انسان جي ترقيءَ جو عمل رڪجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن نظري فلسفو ۽ اخلاقي نصيحتون رڳو هڪ خيال تائين محدود ٿي وڃن ۽ عملي زندگيءَ سان انهن جو ڪو لاڳاپو نه رهي ته اهي به بي معنى ۽ بي فائدي ٿي وينديون آهن.
تنهن ڪري جن قومن پنهنجي عملي زندگيءَ سان پنهنجي مذهب (اخلاقي قانونن) يا فلسفي کي واڳيو ۽ اهڙا قانون جوڙيا جيڪي انساني فطرت موجب هجن ۽ ترقيءَ سان گڏوگڏ انهن ۾ ترقي پسند تبديلي به آڻيندا رهن، سي سڀئي مسلم قومون ئي هيون. دنيا ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي ٻين کي به ترقيءَ جي دڳ لائي سگھن. مطلب ته سماجي انصاف، رواداري، خدا پرستي، اسلام ۽ ترقي؛ اهي سڀئي ساڳي معنى رکندڙ لفظ آهن. انهن جو بنياد قرآن سان گڏوگڏ سڀئي آسماني ڪتاب آهن. قرآن جو ڪم رڳو اهو آهي ته اهو سڀني آسماني ڪتابن جي تصديق ۽ تشريح ڪري ٿو.
مذهب جا ٻه قسم:
اسلام کان اڳ ۾ ٻن قسمن جا مذهب ملن ٿا؛ انهن مان هڪڙو قومي ۽ نسلي ترقي جي بنياد تي قائم هو؛ جهڙوڪه يهودي ۽ هندستان جا هندو. انهن مان ٻيو عام انساني برادري کي ترقي ڏيڻ گھري پيو جهڙوڪه چيني، ٻڌ، عيسائي، مانوي وغيره.
انهيءَ دؤر ۾ هر قوم پنهنجي قوم کي ٻين قومن کان مٿانهون سمجھندي هئي. رنگ ۽ نسل تي وڏائي ڪرڻ جو مرض هر جاءِ تي موجود هو. اهڙيون سڀئي قومون تباهه ۽ برباد ٿي ويون جيڪي ٻين قومن کي غلام بڻائي، ڏاڍائيءَ سان انهن کان پنهنجي ديوتائين جي پوڄا ڪرائينديون هيون. اهڙين قومن ۾ آشوري، مصري، ڪلداني (خالدي)، ايراني، ساساني، يوناني ۽ رومي قومون شامل آهن. انهن قومن جي ترقي پنهنجي هٺ ۽ وڏائيءَ جي ڪري رڪجي وئي ۽ آخرڪار اهي ٻين قومن جي هيٺان غلام بڻجي ويون.
باقي اهي قومون جن پنهنجي سياسي زندگي ۾ عالمگير انساني پرگرام کي داخل ڪيو ۽ پنهنجي دين ۽ ملڪ جو مقصد گڏيل انساني ڀلائي رکيو ۽ پنهنجي سياست جو بنياد بين الاقوامي برابري ۽ همدرديءَ تي رکيو سي ايستائين زنده رهيون جيستائين انهن جي اندر اهو عالمگير جذبو قائم رهيو.
يهودين ۽ هندن جي تباهي:
اسلام کان پهريان يهودي مذهب جي تعليم سياسي آزادي ۽ نيڪ عملي سيکاريندي هئي. ڪجھه ڏينهن جي لاءِ اها يهودي رياست بڻي ۽ جيستائين اها خدائي قانونن جي فرمانبرداري ڪندي رهي تيستائين زنده رهي. ايران ۽ وچ ايشيا ۾ زرتشتي مذهب ۽ هندستان ۾ ڪجھه مختلف مذهبن جي پيروڪارن کي به پنهنجي رياست قائم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر انهن مذهبن ۾ دين ۽ رياست کي گڏوگڏ هلائڻ واري تعليم ختم ٿي وئي هئي. اهي رڳو اخلاقي طور يا فلسفي بنيادن تي ماڻهن کي نيڪ زندگي گذارڻ جون نصيحتون ڪرڻ لڳا هئا. ان کان پوءِ رياست تي حڪمراني ڪرڻ واري ذات (طبقو) الڳ ٿي ويو جيڪو برهمڻن ۽ ڀشڪن کان تعليم وٺندو هو. ائين حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگھي جو برهمڻن گھٽ ذات وارن ماڻهن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
رڳو اشوڪ اعظم جي بادشاهت، جيڪا گوتم ٻڌ جي ٻڌايل انساني برابريءَ واري اصول تي ٻڌل هئي، قائم رهي سگھي. ڇو ته مهاتما ٻڌ، جيڪو قديم طريقو ٻڌايو هو، انهيءَ ۾ فڪر ۽ عمل جي صحت جو دارومدار سخاوت، رواداري، پيار ۽ انساني برابريءَ تي رکيو ويو هو ۽ اهو انهيءَ لاءِ هو ته جيئن ملڪ جو بادشاهه نفساني خواهشن تي ضابطو آڻي ذات پات جي فرق کي ختم ڪري ڇڏي. بمبسار ۽ اشوڪ انهيءَ تعليم تي عمل ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم کي سياسي ترقيءَ جي لاءِ استعمال ڪيو جيڪو تمام ئي ڪامياب ويو.
غلاميءَ جو رواج:
جڏهن انساني معاشرو شڪار واري دؤر مان نڪري زراعت واري دؤر ۾ داخل ٿيو ۽ هن ڪڻڪ ۽ ٻئي اَن پوک جي شروعات ڪئي ته معاشرو آقا ۽ غلام جي نالن سان ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. سگھاري ٽولي زمين جي پوکيءَ وارن وڏن وڏن علائقن تي قبضو ڪري ورتو ۽ معاشري جي گھڻائي انهيءَ پيداواري وسيلي کان محروم ٿيندي وئي. جنگن ۾ پڪڙيا ويندڙ قيدي غلام بڻايا ويا، ڇو جو اَنَ جي جھجھي مقدار جي ڪري هاڻي انهن قيدين کي مارڻ جي ضرورت نه هئي، اڃا به فتحن جي وسيلي گھڻي کان گھڻا غلام حاصل ڪرڻ جي ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي وئي. حالت اتي وڃي بيٺي جو فلسفي به غلاميءَ کي هڪڙو فطري ادارو سڏڻ لڳا. ارسطو جو قول هو ته غلامي هڪڙي ضروري ۽ فطري شيءِ آهي. افلاطون به پنهنجي ڪتاب ”ري پبلڪ“ ۾ غلاميءَ جي خلاف هڪڙو ٻول ٻولي نه سگھيو. انهيءَ دؤر ۾ غلامن تي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪا حد ئي ڪونه هئي. سڪندر قديم فونيقي شهر طائر کي 332ع ۾ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيو. ارسطو کان پوءِ فلسفين غلاميءَ جي مسئلي تي ڪوبه توجهه نه ڏنو. فلسفين کان وڌيڪ ته يوناني شاعر غلامن سان همدرد ۽ انهن لاءِ ٻاجھه وارو جذبو رکندا هئا. يونان ۾ اهو قانون هو ته غلام کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي مالڪ کي پنهنجو مُلهه ڏئي آزاد ٿي وڃي. قرآن پاڪ به اهو ئي اصول ٻڌايو ته غلام تي احسان ڪري يا فديو وٺي ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ قانون تي عمل ڪرڻ هر آقا يا مالڪ لاءِ فرض سڏيو.
دين ۽ سياست:
يونان ۾ جيڪا رياست قائم ٿي انهيءَ ۾ انساني برابريءَ جي جاءِ قومي وڏائيءَ واري جذبي والاري. جيتوڻيڪ يونان جي فلسفي، سياست، فطرت پرستي ۽ سنگتراشي يوناني ثقافت کي تمام ئي شاهوڪار بڻائي ڇڏيو هو، پر پوءِ به غلاميءَ واري رواج جي ڪري انهن جي ثقافت جا ڪيترائي حصا بگڙجي ويا هئا. سڪندريه جي علمي مرڪز ۾ نون تصورن جي آميزش پيدا ٿي وئي، پر سياست وري به عالمگير تصور کان خالي رهي.
رومي سياست ۾ غلامي ۽ وياج، ٻئي شيون موجود هيون. جنگ جو مقصد ئي غلام حاصل ڪرڻ ۽ فتح ٿيل ملڪن ۾ وياج جو ڪاروبار ڪرڻ هو. روم کان ٻاهر رومي سامراج هر جاءِ تي تباهي مچائي ڇڏي هئي. 146 ق. م ۾ مقدونيه کي غلام بڻايو ويو ۽ سڪندر وانگر رومين به ڪارنٿ سان ساڳئي ئي قسم جو ورتاءُ ڪيو ست سئو سال پراڻي فونيقي شهر قرطاجنه جي ستيا ناس ڪري ڇڏي ۽ جنگ ۾ بچي ويل پنجاهه هزار قيدين کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيو. آگسٽن جي زماني ۾ ئي يمن کي فتح ڪيو ويو. ان وقت هندستان ۽ يمن سان ٿيندڙ مسالحن جو واپار، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان گذرندو هو، رومين جي هٿ لڳو ۽ عرب وارا ان کان محروم ٿي ويا. ان زماني ۾ مڪي مان جيڪي شاهراهه نڪرندي هئي سا بند ٿي وئي ۽ اُٺن جي قافلن جي جاءِ ٻيڙين والاري، جنهن جي نتيجي ۾ مڪي جي اهميت ختم ٿي وئي. پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ يهودين جي بغاوت جي ڪري يونانين يهودين جو قتل عام شروع ڪيو ۽ سڪندريه مان يهودين جو خاتمو ٿي ويو.
يهودين جي پاڻ ۾ جنگين فلسطين کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو. 70ع ۾ رومين يروشلم کي فتح ڪري عبادتگاهه ۽ باقي سڄو شهر تباهه ڪري ڇڏيو. يهودي هيڏي هوڏي ڀڄي ويا. روم ۾ فتحن جي گھڻائي دولت ۽ غلامن جي تعداد کي وڏي هٿي ڏني، نتيجو اهو نڪتو جو رومين جي شروعاتي بادشاهت، جيڪا رومي اميرن توڙي غريبن جي جمهوريت تي ٻڌل هئي، سا آهستي آهستي هڪ خاص ٽولي جي آمريت بڻجي وئي. انهن جي اندر شهريت جو احساس ختم ٿي ويو ۽ لوڀ ۽ مطلب پرستي اجماعتي زندگيءَ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. پر رومي قانون غلامن ۾ اهڙو روح ڦوڪي رهيو هو جو اهي هن غير فطري نظام کي ختم ڪري ڇڏين. روما جي ڦر مار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ مسيحيت کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ 529ع ۾ جسٽينن فلسفي جا اها اسڪول بند ڪري ڇڏيا هئا جيڪا افلاطون جي وقت کان هلندڙ هئا، پر هو انسان جي فلسفي سازي کي رومي قانون جي تدوين کان روڪي نه سگھيو.
جيڪا عيسائيت جسٽي نين کان پنج سئو سال پهريان رومي سامراج پيدا ڪئي هئي سا سڪندريه جي فلسفاڻي آب هوا ۽ يهودين، يونانين ۽ غلامن جي گڏيل ڪوڪ هئي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ عيسائيت بگڙجي هڪ پاسي اوڀر روم ۾ پادرين جي ٺيڪيداري پيدا ڪري ڇڏي ته ٻئي پاسي ماني مذهب کي پيدا ڪيو. انهن ٻنهي ملي ڪري دنيا جي قديم شهر مڪي کي موقعو ڏنو ته اهو سڪندريه وانگر رڳو فلسفي ۽ مذهب ئي نه، پر ان سان گڏوگڏ عملي سياست ۽ اخلاق کي ملائي معاشرتي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪري.
عرب کان سواءِ هر جاءِ تي مختلف بادشاهتون قائم ٿي تباهه ٿي چڪيون هيون. مختلف قسم جا قومي ۽ عالمي مذهب پيدا ٿي نئون لباس پهري چڪا هئا. ماڻهن وهمن کان نڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عقل هلائڻ شروع ڪيو هو، ڇو ته وهمن کان نه ته فلسفو خالي هو ۽ نه ئي ڪو مذهب. هر ملڪ جي سياست تي مذهبي جماعتن پنهنجو اقتدار قائم ڪري ورتو هو جنهن جي نتيجي ۾ سقراط جهڙي مهان ڏاهي کي به زهر جو پيالو پيئڻو پيو، ڇو جو هو قومي مذهب جي خلاف ٻاهرين تصورن کي ايٿنز ۾ داخل ڪري رهيو هو.
مصري ۽ سامي قومن جي مذهبي حڪومتن سان جڏهن آريائي قومن جو ميلاپ ٿيو ته هندستان، يونان ۽ چين ۾ اهڙيون عقلي تحريڪون اٿيون، جيڪي انساني تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي نتيجا ڪڍڻ لڳيون. سمجھه جي اهڙي طريقي کي فلسفو به چوندا هئا ۽ سائنسي علم به چيو ويندو هو. پر اهو علم ۽ فلسفو مذهب بڻجي ويو. عقلي ترقي ڪرڻ جي بدران ماڻهن نئين عقلي طريقي سان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ جي مٿان قديم مذهبي ڄاڻ کي اوليت ڏيڻ شروع ڪئي. انهيءَ سان قدامت پرستي پيدا ٿي ۽ ائين ترقي رڪجي وئي. جڏهن مختلف ملڪن ۾ مذهبي جماعتن سياست تي قبضو ڪري ورتو ته هر ملڪ جي سياست تي مذهبي پيشوائن ۽ پوڄارين جي راءِ جو اثر ٿيڻ لڳو، ائين مذهب به سياسي هٿيار بڻجي قدامت پرست بڻجي ويو.
شعب ابي طالب ۾ سماجي بائيڪاٽ:
هن تاريخي پس منظر ۾ شعب ابي طالب ۾ نظربندي وارن ٽن سالن ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن جو مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي ته هاڻي ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين جي بدران يهودين ۽ مجوسين ڏانهن آهي. حبشه ۾ پناهه ورتل مسلمانن جي مدد سان مڪي کي فتح ڪرڻ جو وقت اڃا نه آيو هو. رسول اللهﷺ جن ڏاڍائيءَ جي بنياد تي شيطان پرستيءَ کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه کي اڃا به مناسب نٿي ڄاتو.
توريت ۽ بني اسرائيل:
قرآن ڪريم عبري قوم کي ڪٿي بني اسرائيل ته ڪٿي وري يهودي ڪري سڏيو آهي. اصلي ۽ معياري توريت ۾ پنج ڪتاب هئا، پر اها توريت ناپيد ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ حضرت عزير ؑ 400 ق.م کان 360ق.م تائين ڪاتبن کي اهو زباني لکرايو. اهو توريت به 377 ق.م تائين اڻ لڀ ٿي چڪو هو. ان کانسواءِ توريت السبعين هو جيڪو 47 ق.م ۾ بروخيم جي ڪتب خاني ۾ باهه لڳڻ جي ڪري سڙي ويو. موجوده توريت، جنهن ۾ وڏي تحريف ڪئي وئي آهي سو سامري وارو توريت (Smaritan Roll) سڏجي ٿو.
حضرت عيسى ؑ کان ٻه سئو سال اڳ توريت جو يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. جيئن ته اهو بائيبل جي شروع وارن پنجن ڪتابن تي ٻڌل آهي، انهيءَ ڪري ان کي پنتاتوش (پنج ڪتاب) جو نالو ڏنو ويو. انهن پنجن ڪتابن منجھان چار ڪتاب قانوني نظام جي باري ۾ آهن. هن شروعاتي معاهدي ۾، جيڪو الله تعالى بني اسرائيل وارن سان ڪيو هو، جيڪي ڏهه حڪم بيان ٿيل آهن سي حمورابي قانون سان ايترو ته هڪجهڙائي رکندڙ آهن جو محققن جو خيال آهي ته اهي انهيءَ منجھان ئي ورتل آهن. جڏهن بني اسرائيل غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻي مصر منجهان نڪتا ته انهن تي آشوري ۽ بابلي رهڻي ڪهڻي وڏو اثر وڌو هو. حضرت سيلمان ؑ کان پوءِ هيءَ قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي؛ اسرائيل اترين فلسطين ۾ ۽ يهودي يروشلم جا حڪمران بڻجي ويا. 722 ق.م ۾ بني اسرائيل جا ڏهه قبيلا ڇڙوڇڙ ڪيا ويا ۽ آشورين اسرائيلي حڪومت کي برباد ڪري ڇڏيو. هاڻي رڳو بني يهود ۽ بني يامين ئي يروشلم جا حڪمران وڃي بچيا هئا. 606 ق.م ۾ بخت نصر انهن کي قيد ڪري بابل وٺي ويو. هتي پنجهٺ سالن جي غلاميءَ ۾ انهن بابلي قانون ۽ رهڻي ڪهڻي کي سکي پنهنجي ڪهاڻي لکي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو مقصد اهو هو ته يهودي قوم ئي اڪيلي جيئري ۽ عزت واري قوم آهي ۽ اها پنهنجي خدا (يهودا) کي ٻين قومن جي خدائن کان وڌيڪ سگھارو سمجھن. هن قوم جي هر هر تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ الله تعالى جي ذات کان بغاوت ۽ سرڪشي هئي. انهن جي سرڪشيءَ جو حال هي هو جو انهن پنهنجي عبادتگاهن جي ويجھو چڪلا کولي ڇڏيا هئا.
ڪوروش (سائرس يعني ذوالقرنين) ايراني بادشاهه جڏهن بابل کي فتح ڪيو ته يهودين کي مصر جي دنگ تي ٻيهر آباد ڪيو ۽ انهن کي يروشلم ۾ پنهنجو عبادتگاهه تعمير ڪرڻ جي جازت ڏني. انهيءَ ڪري ئي بائيبل ۾ ڪوروش کي موسى ثاني سڏيو ويو آهي. قرآن ڪريم انهيءَ ئي سائرس کي ذوالقرنين سڏي ٿو، ڇو ته انهيءَ بائيبل ۾ مذهبي آزادي ڏئي ڇڏي هئي. هن جي بادشاهت ۾ هر قوم جي خدائن جي بنا ڪنهن جھل پل جي پوڄا ٿيندي هئي.
توريت ۽ قرآن:
توريت ۾ حضرت موسى ؑ کان هزارين سال پهريان جا قصا موجود آهن. حضرت آدم کان حضرت ابراهيم تائين جو بڻ بڻياد ۽ حضرت موسى ؑ جي دؤر تائين وارا قصا ۽ ڪهاڻيون موجود آهن. ايتري تائين جو آدم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو به ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ اها ڳالهه به لکي وئي ته الله تعاليٰ ڇهن ڏينهن ۾ هر شيءِ کي پيدا ڪري ستين ڏينهن آرامي ٿيو. (نعوذبالله) انهيءَ ڪري يوم سبت يعني ڇنڇر جي ڏينهن يهودي ڪوبه ڪم نه ڪندا آهن؛ رڳو آرام ڪندا آهن. قرآن پاڪ انهن سڀني قصن کي عقلي معيار تي رکي انهن سان رڳو الله تعالى جي وڏائي ثابت ڪئي آهي.
حضرت آدم ۽ نوح عليه السلام:
قرآن چيو آهي ته شيطان جي دوکي ۾ اچڻ سان انسان کي سزا ملي ٿي. آدم کي باغِ عدن مان ڪڍيو وڃڻ کان پوءِ، مسجودِ ملائڪه هئڻ باوجود به، محنت ۽ ڪشالو ڪرڻو پيو. قرآن ۾ اهو ئي سبق نوح ؑ واري طوفان جي حوالي سان ڏنو ويو آهي ته شيطاني وسوسن ۾ پيو رهڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو حضرت نوح ؑ جو پٽ ۽ زال ٻئي تباهه ٿي ويا.
موجوده تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آدم ۽ نوح ؑ جا قصا بابل ۽ ٻين قومن ۾ به موجود آهن. پر قرآن ڪريم انهن قصن جي حقيقت جي باري ۾ بحث نٿو ڪري پر اهو يهودين کي توجهه ڏياري ٿو ته اهي قصا توهان جي ڪتاب يعني توريت ۾ به موجود آهن، انهيءَ ڪري انهن مان سبق حاصل ڪريو ۽ شيطان کان پري ڀڄو.
حضرت ايوب عليه السلام:
توريت جي روايت موجب حضرت ايوب ؑ 2233 ق.م ۾ پيدا ٿيو. هو هڪڙي عرب قبيلي جو چڱو مڙس هو. مختلف آزمائشن ۾ وڌو ويو جنهن کي هن صبر ۽ بردباريءَ سان برداشت ڪيو. ان کان پوءِ الله تعالى ٻيهر ان کي اولاد ۽ مال ملڪيت عطا ڪئي.
حضرت ابراهيم عليه السلام:
توريت جي روايت موجب حضرت ابراهيمؑ ۱92۱ ق.م ۾ سام جي اٺين پشت ۾ پيدا ٿيا. عرب مستعربه پنهنجي نسبي سلسلي کي انهن تائين پهچائن ٿا. پاڻ اُر شهر جا رهاڪو هئا. قرآن ڪريم کين خدا پرست ۽ موحد سڏي ٿو. هنن بابلي ستارن پرستي کان منهن موڙي خدا پرستي کي اختيار ڪيو هو. انهن جي زندگيءَ مان اهو ئي سبق ملي ٿو ته الله تعالى جي ذات کي مڃيو وڃي، نجومين ۽ ڀوپن جيڪو سج ۽ چنڊ کي پنهنجو ديوتا بڻائي رکيو آهي، تن کان منهن موڙيو وڃي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته بابلي رهڻي ڪهڻي جو بنياد آسماني ستارن جي پوڄا هئي ۽ بعل ديوتا اصل ۾ ”را“ يا ”سوريا“ آهي جيڪو مصر ۽ هندستان ۾ سج ديوتا جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
اسماعيل عليه السلام ۽ اسحاق عليه السلام:
توريت جي روايت مان ڄاڻ ملي ٿي ته اهي ٻئي بزرگ حضرت ابراهيمؑ جا پٽ هئا. قرآن چوي ٿو ته اسحاق ۽ اسماعيلؑ، ٻنهي جي نسلن کي گھرجي ته اهي آڳاٽي دين ابراهيمي ڏانهن، جيڪو اڪيلي الله جي ٻانهپ تي آڌاريل آهي، ڌيان ڌرين ۽ ٻئي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هڪڙي الله جو نالو مٿانهون ڪن. اسماعيل ؑ 1912 ق.م ۽ اسحاقؑ 1891 ق.م ۾ پيدا ٿيا.
توريت ۽ قرآن ۾ انهيءَ ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته ابراهيم ؑ ڪهڙي پٽ کي قربانيءَ جي لاءِ الله تعالى جي اڳيان پيش ڪيو هو. قرآن ڪريم انهيءَ لاءِ حضرت اسماعيل ؑ جو نالو کڻي ٿو جو هو سندن وڏو پٽ هو. بهرحال قرآن جو سبق اهو آهي ته حضرت ابراهيم ؑ پنهنجي پٽ کي الله جي نالي تي قربان ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر الله تعالى پنهنجي ٻاجھه هيٺ انساني قربانيءَ کي منسوخ ڪري ڇڏيو. الله تعالى واعدو ڪيو هو ته ابراهيم ؑ جي نسل کي وڌائيندس ۽ ڪنعان (فلسطين) جي حڪومت بخشيندس. انهيءَ ڪري ابراهيم ؑ بيت الله جي اڏاوت ۽ خدمت کي اهڙي عظيم نعمت جي شڪرگذاريءَ جي طور تي پنهنجي ذمي ورتو.
قرآن به اهو ئي گھري ٿو ته خدا پرستي انهيءَ ۾ ئي آهي ته هڪڙي خدائي قانونن تي عمل ڪندڙ حڪومت قائم ٿئي، ۽ پوءِ جڏهن اهڙي حڪومت قائم ٿي وڃي ته انهيءَ ڏينهن خوشي ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح مسلمان اڄ تائين انهيءَ ابراهيمي سنت تي ياد ۾ هر سال حج ادا ڪندا آهن ۽ انهيءَ ڏينهن کي ڏڻ جي طور تي ملهائيندا آهن. اهي مڪي ۾ گڏ ٿي حضرت ابراهيم ؑ، حضرت اسماعيل ؑ ۽ حضرت اسحاق (اسرائيل) جو نالو زکيو پيا اچن ۽ ائين سڄي دنيا کي امن ۽ ٻڌي ۽ خدا پرستي يعني خلق خدا جي خدمت جي دعوت ڏيندا آهن.
حضرت يوسف عليه السلام:
حضرت يوسف ؑ حضرت يعقوبؑ بن اسحاقؑ جو پٽ هو. پاڻ مصر جا حڪمران بڻيا. کين خوابن جي تعبير کان سواءِ معاشي انتظام (يعني گڏيل معيشت) قائم ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ هو. انهيءَ ئي معاشي انتظام جي ڪري ئي پاڻ مصر کي ڏڪر وارين حالتن کان بچايائون. حضرت يوسف ؑ پنهنجي خاندان وارن کي مصر ۾ آباد ڪري ورتو. جڏهن انهن جو نسل وڌڻ لڳو ته مصري ماڻهو ڊڄڻ لڳا، ڇو ته انهن کان اڳ عمالقه، جيڪي سامي نسل جا ڌنار هئا سي به مصر ۾ آيا هئا پر هتي ڪيترن ئي سئو سالن تائين تمام ئي ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪومت ڪري چڪا هئا. انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي مصري بادشاهن (فرعونن) هڪڙو قانون ٺاهي ڇڏيو ته اسرائيلي ڇوڪرن کي ڄمندي ئي نيل درياءَ ۾ اڇلائي ٻوڙيو وڃي يا قتل ڪيو وڃي. انهيءَ قصي کي بيان ڪرڻ منجھان قرآن ڪريم جو مقصد اهو آهي ته يوسف ؑ وانگر حق پرستيءَ سان ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي پوءِ ڀلي پنهنجا سڳا ڀائر ئي پنهنجي جيءَ جا دشمن ڇونه هجن. قريشي به رسول الله ﷺ جا ڀائر ۽ قبيلي ڀائي هئا، پر جڏهن اهي حق پرستيءَ ڏانهن نه آيا ته ته اهي برباد ٿي ويا.
حضرت موسيٰ عليه السلام:
موسى ؑ کي نيل درياءَ منجھان فرعون جي زال ڪڍي ورتو ۽ شاهي محلات ۾ سندن پرورش ٿي. حضرت موسى ؑ مصر جي جادوگرن کي الله تعالى جي طرف کان عطا ٿيل معجزن جي وسيلي شڪست ڏني ۽ پنهنجي قوم کي مصر مان لڏي وڃڻ تي آماده ڪري ورتو. انهن کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي سينا جي ميدان ۾ وٺي آيو، پر غلامن جو اهو انبوهه ٻن سئو سالن تائين غلاميءَ ۾ گذارڻ جي ڪري ان لائق نه رهيو هو جو اهي فلسطين کي فتح ڪري سگھن. انهيءَ ڪري انهن حضرت موسىؑ کي چيو ته تون ۽ تنهنجو خدا ٻئي وڃي وڙهو ۽ اها زمين اسان کي فتح ڪري ڏيو، باقي اسان ڪجھه به نه ڪنداسين. اهڙيءَ بزدليءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي چاليهن سالن تائين سينا جي ميدانن ۾ خوار ٿي ڦرندا رهيا. آخرڪار انهن جي پوءِ وارو نسل هڪ مضبوط قوم بڻجي اڀريو ۽ ڪنعان کي فتح ڪري ورتو. رسول الله ﷺ کي حضرت موسى ؑ جي طريقي جي ڳالهه ڪري کين هجرت ۽ جهاد جو سبق ڏنو ويو.
شعب ابي طالب جي قيد واري زماني جي انهن قصن جو بيان:
قرآن ڪريم مسلمانن کي اها ئي تعليم ڏني آهي ته ڪوشش ۽ جاکوڙ ۽ جهاد کان پوءِ ئي ڪا قوم زندهه يا ڪا غلام قوم آزاد ٿي سگھي ٿي. ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪنهن قوم کي بنا ڪنهن ڪوشش ۽ جاکوڙ جي بادشاهت ۽ عزت حاصل ٿي هجي.
حڪومت ۽ دين ٻه ڄاڙا ٻار آهن
شعب ابي طالب ۾ حضرت بي بي خديجهؒ، حضرت امير حمزيؒ، حضرت زيدؒ، ام ايمنؒ ۽ حضرت عليؒ کان سواءِ ٻئي سڀئي مشرڪ هئا، پوءِ به پاڻ ﷺ جي لاءِ هڪ قسم جي ڇپر ڇانو هئا. شعب کان ٻاهر ڪي ٿورڙا مسلمان هئا، باقي ٻئي سڀئي مسلمان حبشه ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا هئا. پاڻ ﷺ سان گڏ الله تعالى طرفان ڏنل همٿ هئي، غريبن ۽ بي سهارن جي لاءِ محبت هئي. خدائي وحي جو سلسلو هلندڙ هو پر ٻڌڻ وارا رڳو اهي ٿورڙا مسلمان ئي هئا. اها تعليم گھڻو ڪري پاڻ ﷺ جي لاءِ ئي هئي. حق واري دين کي قائم ڪرڻ جي لاءِ تڪليفن ۽ اهنجن واري کوري مان گذرڻ ضروري هو. پاڻ ڪريمﷺ جي لاءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وئي هئي ته دين ۽ سياسي اقتدار هڪٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن؛ هڪ کان سواءِ ٻئي جو قائم هجڻ ناممڪن آهي. دنيا ۾ ڪيترائي نبي آيا، پر انهن مان جيڪي پنهنجي حڪومت قائم نه ڪري سگھيا سي پنهنجي دين کي اڳتي وڌائي به نه سگھيا. حضرت موسى ؑ، حضرت دائود ؑ ۽ حضرت سليمان ؑ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ الله تعالى جي دين کي قائم ڪيو. حڪومت ختم ٿي وئي ته ان سان گڏ يهودي دين به ختم ٿي ويو. حضرت عيسى ؑ کي حڪومت ئي ڪونه ملي، وري جڏهن ٽين صدي ۾ ملي ته انهيءَ وقت تائين مذهبي ٺيڪيدارن يعني پادرين ۽ پوپن عيسائي دين کي رانديڪو بڻائي ڇڏيو هو. ائين سچي عيسائيت پردي پويان هلي وئي. ڪيترائي فلسفي به پيدا ٿيا، پر پنهنجي فلسفي جي بنياد تي ڪا حڪومت قائم نه ڪري سگھيا. مارڪس ايريليس ۽ اشوڪ پنهنجي حڪومت جي زور تي عوام تائين وڏا فلسفياڻا اصول پهچايا، پر جڏهن بادشاهت ئي نه رهي ته نه فلسفو رهيو ۽ نه دين ئي قائم رهي سگهيو. انهيءَ ڪري بادشاهت يا حڪومت هجي ته ڪتاب تي آڌاريل هجي ۽ اهڙي هجي جنهن کي جمهور پنهنجي حڪومت سمجھن ته جيئن هڪ فرد جي مرڻ کان پوءِ به بادشاهت ختم نه ٿئي. يعني مذهبي ٺيڪيداري يا مذهبي پيشوائيت جي نظام کان خالي هجي، انهيءَ جي پابند نه هجي.
ڪتابي سياست جي تمهيد:
مطلب ته انهيءَ زماني جو قرآن ڪتابي سياست جي تمهيد هو، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته دين جو بنيادي مقصد دنياوي زندگيءَ جو سڌارو آهي. رڳو ٿورڙن ظاهري رسمن ۽ عبادتن کي ادا ڪرڻ دين نه آهي. صرف دين يا وري رڳو سياست انساني سڌاري ۽ ترقيءَ جي لاءِ ڪافي نه آهي.
اهو رسول الله ﷺ جو ئي ڪارنامو هو ته پاڻ ﷺ جن عقل کي آزادي ڏئي ڪري دين ۽ دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي جمهوري، روحاني ۽ مذهبي پيشوائيت کان خالي حڪومت جو تصور ڏئي دين ۽ دنيا جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو.
هن دؤر جي سورتن ۾ مرڪزي سياسي پارٽيءَ جي لاءِ ڪجھه سونهري اصول ڏنا ويا ۽ خاص ڪري بني اسرائيل جي سياسي تاريخ کي اڳيان رکيو ويو.
1. سورت لقمان، اخلاقيات ۽ پارٽي فنڊ:
هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مرڪزي سياسي پارٽي کي نيڪ ڪمن جي عادت وجھڻ گھرجي. ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ضروري آهي، پر جڏهن اهي شرڪ جي لاءِ زور ڀرين ته الله تعالى جي هيڪڙائي ۽ ان جي پوڄا واري مقصد کي انهن جو چوڻ تي ڇڏڻ نه گھرجي. تڪليفن کي کلندي کلندي سهڻ گھرجي. وڏائي نه ڪرڻ گھرجي. قدامت پرستي کان پاڻ بچائيندي وچٿري واٽ اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏوگڏ الله تعالى جي حڪمن کي مڃڻ ۽ ان جي مضبوط رسي (عروة الوثقى) کي جھلي بيهڻ گھرجي. الله تعالى جي شڪرگذاريءَ جو سٺو طريقو اهو آهي ته هڪ پارٽي فنڊ قائم ڪري يتيمن، غريبن ۽ بکايلن جي مدد ڪئي وڃي. جڏهن معاشي برابري ۽ عمل ۾ ٻڌي پيدا ٿي وڃي ته پوءِ حڪومت قائم ڪرڻ به سهنجي ٿي پوندي.
لقمانؑ کي الله تعالى ڏاهپ ۽ حڪمت عطا ڪئي هئي، انهيءَ به شرڪ ڪرڻ کان منع ڪيو آهي. دنيا جي اندر فطرت جا سڀئي نظارا الله تعالى جي قدرت جون نشانيون آهن، سو انهن ئي نشانين سان الله تعالى کي سڃاڻيو.
الله تعالى جي فرمانبرداري ڪندي مضبوطيءَ سان پنهنجي مقصد تي قائم رهو. سک ۽ آرام ۾ به الله کي ياد ڪريو ۽ مسڪينن ۽ بکايلن ۽ يتيمن جي سهائتا ڪريو. اهڙن اصولن تي قائم رهڻ ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
لقمان هڪ حڪيم هو، ڪو نبي ڪونه هو، پر قرآن ان جي تعليم کي پنهنجايو. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڀئي فلسفي، حڪيم، شاعر، جن جي تعليم ۾ شرڪ کان روڪيو ويو هجي، الله تعالى جي هستيءَ تي ايمان آڻڻ جي ترغيب ڏنل هجي ۽ بنيادي اخلاقي تعليم ڏني وئي هجي، انهيءَ کي قرآن پنهنجائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ معيار ته قرآن جي بنيادي تعليم ئي رهندي. قرآن انهيءَ اصول کي پنهنجائي پنهنجي تعليم جي پلاند کي ڪيترو ته پکيڙيو آهي ۽ تعليم جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري نبي ۽ حڪيم (غير نبي) جي ظاهري ويڇي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. افسوس آهي جو مسلمان عالمن قرآن جي انهيءَ اصول مان تمام ئي ٿورڙو فائدو ورتو آهي.
ڪتابي يا ديني سياست:
ديني يا ڪتابي سياست کي الاهي حڪومت به چيو ويندو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته الله تعالى جي فرمانبردارن جي سياست اهڙي هئڻ گھرجي جو دنيا ۾ خدائي قانون (ڪتاب الله) لاڳو ٿي وڃي. مطلب ته جهڙي طرح الله تعالى انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي سو ائين ئي آزاد آهي ۽ ڪوبه ديني يا سياسي ٽولو (فرعون يا مذهبي پيشوا ۽ رعايتون ڏنل طبقي جا ماڻهو) پنهنجو خدائي قائم ڪرڻ لڳن ته ابراهيم ؑ ۽ موسى ؑ وانگر انهن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو ڦڙڪايو وڃي ته جيئن ڪو به عوام جي دماغن ۽ جسمن کي پنهنجي غلام بڻائي نه سگھي. اهو هن طرح ممڪن آهي ته صنعتي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي بدران رڳو الله تعالى کي ئي پنهنجو مالڪ مڃيو وڃي ۽ ارباب من دون الله جي خدائيءَ جو انڪار ڪيو وڃي. تاريخ جي شروعات کان وٺي غلامن، زرعي غلامن ۽ پگھاردار غلامن تي سيٺين، جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري انهن تي پنهنجي خدائي مڙهي ڇڏي آهي.
قرآن ابراهيم ؑ ۽ موسى ؑ کي نموني جي طور تي پيش ڪيو آهي. حضرت ابراهيم ؑ 1921 ق.م ۾ نمرود جي ستارن پرستيءَ کان انڪار ڪندي ۽ انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪندي پنهنجي ڀائيٽي (لوط ؑ ) کي ساڻ ڪري هجرت ڪئي.
موسوي انقلاب جو طريقو:
حضرت موسىؑ وانگر پهريان اڪيلو ئي اڪيلو هجرت ڪئي وڃي ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي پنهنجي غلام قوم کي ساڻ ڪري نڪري پئجي ۽ حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
ذبح عظيم جو مطلب:
ابراهيمي انقلاب جو طريقو قرآن ڪريم انهيءَ لاءِ مڃي ٿو جو حضرت ابراهيم ؑ سان الله تعالى واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن هو خدائي قانون تي هلندو ته هو پاڻ ۽ سندس اولاد سدائين عزت واري رهندي. انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي وڏي پٽ اسماعيل ؑ کي ڪعبة الله (خدائي گھر) جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. ٻين لفظن ۾ کين خلق خدا جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. اهو ئي ذبح عظيم يا وڏي قرباني آهي ۽ اها ئي الله تعالى سان ويجھڙائي آهي ته خدا پرستي ۽ خلق خدا جي خدمت (ايمان ۽ عمل صالح) جي لاءِ پنهنجي ڄمار وقف ڪري ڇڏجي. اهو هو ابراهيمي انقلاب جو طريقو.
يوسفي انقلاب جو طريقو:
حضرت يوسف ؑ (1707 ق.م) جو قصو به اها ئي ڳالهه ظاهر ڪري ٿو ته خدا پرستيءَ جو اجر هن دنيا ۾ به اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿو جو هڪڙو غلام بادشاهي ۽ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ واري مرتبي تي پهچي سگھي ٿو. پر جڏهن بني اسرائيل عزير (Osiris) پرستي ۽ گابي (Memphis) پرستي شروع ڪري ڏني ته پوءِ غلام بڻايا ويا. آخرڪار ٻن سالن جي غلاميءَ کان پوءِ الله تعالى دشمنن وٽ ئي حضرت موسىؑ جي پرورش ڪرائي ۽ پاڻ الله تعالى جي مدد سان هڪ غلام قوم کي آزاديءَ جو سبق ڏنو ۽ انهن کي ٻڌايو ته انهيءَ عزير جي جاءِ تي الله جي پوڄا ڪريو ۽ اهو نه سمجھو ته توهان ابراهيمؑ ۽ موسىؑ جي نسل مان آهيو، ڇو ته الله تعالى توهان تي پنهنجون رحمتون نازل ڪندو رهندو جيڪڏهن توهان جا عمل چڱا هوندا، ٻين لفظن ۾ جڏهن الله تعالى تي ڀروسو ڪندي معاشي برابري ۽ آزاديءَ جي لاءِ جاکوڙ ڪندؤ تڏهن توهان کي حڪومت ملي ويندي. ائين ڪونه ٿيندو ته مان الله تعالى کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃان ۽ ڪنعان وارن کي شڪست ڏئي توهان کي هڪ سائي ستابي ملڪ جو حڪمران بڻائي ڇڏيان. جيڪڏهن پنهنجو پاڻ همٿ واري زندگي شروع نه ڪندؤ ته سينا جي ريگستان ۾ بک وگھي مري ويندؤ ۽ من ۽ سلويٰ ته پري رهيو پر بصر ۽ سبزيون يا داليون به ملي نه سگھندوَ.
2. البقره رڪوع 35:
هن رڪوع جي اهميت اها آهي ته هن ۾ يهودين جي شروعاتي تاريخ تي روشني پوي ٿي. يهودين جي تاريخ جي شروعات حضرت ابراهيم ؑ جي پٽ اسحاق (اسرائيل) کان شروع ٿئي ٿي. جيئن ته قرآن توريت جي تصديق ڪندڙ آهي، انهيءَ ڪري رڳو ابراهيم ؑ جي واقعي کان قرآن شروع ٿئي ٿو ۽ شعب ابي طالب جي ماحول ۾ يهودين جي تاريخ وڏو حوصلو ڏيندڙ بڻجي پوي ٿي.
نمرود جو خيال هو ته زندگي ۽ موت ان جي وس هيٺ آهي، پر حضرت ابراهيم ؑ کيس ٻڌايو ته اهو اختيار رڳو الله تعالى کي ئي آهي ۽ نمرود کي چيو ته جيڪڏهن تون سج کي اوڀر بدران اولهه کان اڀارين ته پوءِ تنهنجي طاقت کي مڃي سگھجي ٿو. الله تعالى ئي مئل قومن کي جيئرو ڪندو آهي (۽ ان ڳالهه جو به گھڻو امڪان آهي ته قريشن جي مئل دلين ۾ به ساهه وجھي) پوءِ حضرت ابراهيم ؑ جي قصي کي بيان ڪيو ته انهن چئن پکين جا چار ٽڪرا ڪري ڇڏيا ۽ الله تعالى انهن کي جيئرو ڪيو.
نوٽ: هيءُ رڪوع 2 هجري ۾ ٻيهر ذڪر ٿيو.
الله تعالى جو حضرت ابراهيم ؑ سان اهو واعدو ٿيل هو ته بني اسماعيل ۽ بني اسرائيل ٻئي خدا پرستيءَ جي ڪري ترقي ڪندا ۽ مڪو امن جو گھر بڻجي ويندو. انهيءَ جو ذڪر خاص طرح سان سوره ابراهيم جي دعا ۾ آهي.
3. سورت ابراهيم عليه السلام ۽ قرآن ۽ توريت جو ڪم:
هر قوم جو رسول انهن کي انهن جي ٻوليءَ ۾ ئي الله تعالى جو ڪلام ٻڌائيندو آهي. قرآن جو ڪم به اهو ئي آهي جيڪو توريت جو هو؛ يعني ا هو ته ماڻهن کي جهالت جي اونداهيءَ مان ڪڍي معرفت ۽ علم جي روشنيءَ ڏانهن آندو وڃي. انهيءَ ڪم جي لاءِ مشهور نبين کان سواءِ ڪيترائي اهڙا نبي به اچي چڪا آهن، جن جي باري ۾ الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به خبر نه آهي.
پر پوءِ به ماڻهن الله تعالى جي وجود جي باري ۾ شڪ وارو رويو رکيو ۽ ان جي وجود بنسبت دليل گھرندا رهيا ۽ نبين کي ايذائيندا رهيا. مڪي جا قريشي به رسول الله ﷺ کي اهو ئي چوندا هئا.
حضرت ابراهيم ؑ بيت الله (ڪعبي) ۾ دعا گھري ته اي الله سائين، هن شهر مڪي کي امن ۽ سلامتيءَ وارو ڪري ڇڏ. تنهنجو شڪر آهي جو تو مونکي ڪراڙپ ۾ اولاد عطا ڪيو. اي الله سائين، اسان کي بتن جي پوڄا کان بچائي رک، تون ئي ڳجھه جو ڄاڻيندڙ آهين توکان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي.
4. سورت يوسف:
سورت يوسف جي يارهين رڪوع ۾ آهي ته جڏهن يوسف ؑ جا ڀائر مڪر ۽ دوکي ڪرڻ ۾ مشغول هئا ته انهيءَ وقت واريون ڳالهيون الله تعالى توکي ٻڌايون، تون انهيءَ وقت اتي موجود ڪونه هئين.اي محمد (ﷺ) خاطري رک ته يوسف وانگر تنهنجي به نيٺ فتح ٿيندي.
ائين ئي سورت القصص جي پنجين رڪوع ۾ آهي ته جڏهن حضرت موسى ؑ کي توريت ڏنو ويو تون ان وقت اتي ڳالهين کي ڏسندڙ ڪونه هئين ۽ نه ئي تون ان وقت اتي موجود هئين جڏهن الله تعالى موسىؑ کي سڏيو هو.
قرآن ڪريم ۾ قصا بيان ڪرڻ جو مقصد:
قرآن ڪريم جيڪي قصا بيان ڪري ٿو انهن جو مقصد رڳو قصو يا ڪهاڻي بيان ڪرڻ نه هوندي آهي پر انهيءَ جو ڪو خاص مقصد هوندو آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجي رسول تي وحي جي ذريعي ظاهر ڪندو آهي. وحي جو مقصد رڳو حضرت موسى ؑ ۽ حضرت يوسفؑ تي گذرندڙ واقعن کي بيان ڪرڻ نه هوندو آهي پر انهن واقعن منجھان جيڪا ڳالهه پيدا ٿيندي آهي ۽ جنهن جي لاءِ رسول الله ﷺ کي تيار ڪيو پيو وڃي سو اهو مقصد آهي جنهن جي لاءِ وحي نازل ٿي آهي. رسول الله ﷺ شعب ابي طالب ۾ بي سهارا هئا انهيءَ ڪري الله تعالى وحيءَ جي ذريعي کين اميد ۽ ڪاميابيءَ جا قصا ٻڌائي کين تيار ڪري رهيو آهي ته الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ وارن کي پڪ سان ڪاميابي حاصل ٿيندي.
5. سورت القصص:
موسى ؑ فرعون کي هارايو پر بادشاهت قائم ڪرڻ کان پهريان مدين ۾ وڃي تجربو حاصل ڪيو هو. موٽندي ”ايمن“ ماٿري ۾ (جيڪا شعب ابي طالب وانگر هئي) مٿن وحي نازل ٿي ته پنهنجي قوم کي غلاميءَ مان ٻاهر ڪڍ. اهي ڳالهيون الله وارن کي الله تعالى وٽان آيل وحيءَ ذريعي معلوم ٿيون آهن ته موسى ؑ جو مقصد ڇا هو؟ عام ڪتابن ۾ انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪٿي ٿي پوي!
قرآن ۽ توريت سان مقابلو:
حضرت موسىؑ کي ڪتاب يعني توريت ڏنو ويو جيڪو ماڻهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو، جيڪو رحمت هدايت آهي. ائين ئي حضرت محمد ﷺ کي عربي ٻوليءَ ۾ قرآن ڏنو ويو ته جيئن انهن ماڻهن کي نصيحت ڪن جن وٽ هن کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هو. اهو به توريت وانگر رحمت ۽ الله تعالى طرفان موڪليل سچو ڪلام آهي، پر ڪافرن انهن ٻنهي کي جادو سڏيو.
انهيءَ تي رسول الله ﷺ ڪافرن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته هنن ٻنهي ڪتابن (يعني قرآن ۽ توريت) جي تعليم کان وڌيڪ ٻي ڪا سٺي تعليم آڻيو؛ مان انهيءَ جي پيروي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. پر اهي خواهشن جا پوڄاري اهڙي ڪابه تعليم آڻي نه سگھيا. اهڙي قسم جي للڪار سورت احقاف ۽ سورت يونس ۾ به ڪئي وئي آهي.
هن سورت ۾ حضرت موسىؑ ۽ فرعون جي حالتن جي سلسلي ۾ رسول الله ﷺ کي هيءَ تعليم ڏني وئي آهي ته موسىؑ وانگر هجرت ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى جي ڀروسي تي غلامن جي مدد ڪرڻ سان ضرور توهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. جاهلن سان منهن ماري نه ڪرڻ گھرجي ۽ انهن سان نرميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گھرجي. باقي انهن کي ايترو سو چئي ڇڏ ته الله تعالى ڪنهن به وسنديءَ کي ان وقت تائين تباهه نه ڪندو آهي جيستائين انهن ڏانهن ڪو نصيحت ڪرڻ وارو نه موڪلي ۽ جيستائين اهي ظلم تي سندرو ٻڌي نه بيهن.
انهيءَ سلسلي ۾ موسىؑ جي قوم جي هڪڙي ماڻهو جو قصو به بيان ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو قارون هو جيڪو وڏو شاهوڪار هو. هو چوندو هو ته هي جيتري به مڏي آهي سا مون پنهنجي هنر سان ڪمائي آهي پوءِ انهيءَ کي غريبن تي ڇو خرچ ڪريان؟ هن کي پنهنجي دولت تي غرور هو. ماڻهن سان ڀلائي ڪرڻ بدران هو دنيا ۾ فساد پکيڙيندڙ هو. هو چوندو هو ته مان پنهنجو مال ٻين کي ڇو ڏيان؟ آخر ڪار ان جو اهو مال تباهه ٿي ويو ۽ مسڪينن کي پڪ ٿي وئي ته روزي رزق ڏيڻ وارو رڳو هڪڙو الله تعالى ئي آهي. هن قصي سان مسڪين مؤمنن کي دلاسو ڏنو ويو آهي ته الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ وارن جي ئي آخرڪار سوڀ ٿيندي آهي ۽ اهو ته قريش جا غلام بڻائيندڙ مالوند ماڻهو آخرڪار ضرور تباهه ٿيندا.
الله تعالى تي ڀروسو، خود اعتمادي ۽ ڏکن ڏاکڙن مان لنگھي پار پوڻ جي حوصلي جو مطلب انقلابي جاکوڙ سان انقلاب برپا ڪرڻو آهي. انهيءَ ڪري ئي هر انقلابي جماعت جي لاءِ، هن دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن هڪ روشن لاٽ آهي. صبر ۽ ثابت قدمي ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
شعب ابي طالب ۾ رسول الله ﷺ کي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان پڪ ٿي وئي هئي ته جيستائين ڪا ديني حڪومت قائم نه ڪئي ويندي، ديني تعليم منجھان عوام کي فائدو حاصل نه ٿي سگھندو. انهيءَ ڪري هن سورت القصص جي پنجين ۽ ڇهين آيتن ۾ انهيءَ حڪومت جو نقشو به چٽيو ويو آهي جنهن سان طبقاتي معاشرو، جيڪو حقيقت ۾ مشرڪ معاشرو هوندو آهي، توحيدي معاشري ۾ بدلجي ويندو. توحيدي معاشري ۾ اقتدار، قانونسازي ۽ دولت جا وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ اچي ويندا آهن ۽ معاشرو مخالف معاشي طبقن بدران غير طبقاتي معاشرو بڻجي ويندو آهي جنهن ۾ حضرت عيسى ؑ جي قول موجب ڪوبه شاهوڪار داخل ٿي نٿو سگھي.
موجوده دؤر جي قرآني تعليم جو تت
1. سورت لقمان: ٻڌي ۽ ثابت قدمي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. وڏائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪوري ڪڍو ۽ محبت ۽ ٻاجھه ڪرڻ سکو.
2. البقره رڪوع 35: حضرت ابراهيم ؑ نمرود کي ٻڌايو ته موت ۽ زندگي الله تعالى جي هٿ ۾ آهي ۽ ٻيو ڪنهن کي به انهيءَ جو اختيار نه آهي تنهن ڪري الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گھرجي.
3. سورت ابراهيم ؑ: الله تعالى جو واعدو آهي ته مڪو امن ۽ سلامتيءَ وارو شهر ٿيندو. پڪ سان هتي اسلام قائم ٿيندو. اهو ئي عهد قديم آهي.
4. سورت يوسفؑ: حق وارا قيد ۽ نظربندي کان ڊڄي حق واري واٽ کي نه ڇڏيندا آهن. هڪ ڏنهن اهڙو به اچڻ وارو آهي جڏهن يوسفؑ وانگر حضرت محمد ﷺ کي به سوڀ نصيب ٿيندي ۽ مڪي وارا سندس فرمانبردار ٿيندا. بک ۽ ڏڪر جو علاج اشتراڪي يا گڏيل معيشت آهي.
5. سورت القصص: حضرت موسىؑ هجرت کان پوءِ جهاد ڪيو ۽ يروشلم کي بني اسرائيل وارن حاصل ڪري ورتو. موسىؑ جي قوم غير الله (فرعون) جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وئي. طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ ئي نبوت جو مقصد آهي.
اي مڪي وارؤ، بت پرستيءَ کي ڇڏڻ سان توهان کي واپار ۾ گھاٽو نه ٿيندو. الله تعالى جو حڪم ۽ فيصلو جاري ٿيندو ئي ٿيندو ۽ حق ۽ سچ جي سوڀ ٿيندي، جنهن جي لاءِ بنيادي شرط ثابت قدمي آهي.