مذهب

انقلابِ مڪہ

ڪتاب ”انقلابِ مڪه نبيﷺ جي سيرت، قرآن جي روشني ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد آهي، جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار احمد الدين شر آهي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.
Title Cover of book انقلابِ مڪہ

اسلامي انقلاب جي پهرين منزل

[b]ڀاڱو پهريون: صبح ولادت
[/b]
وانت لما ولدت اشرقت الارض
وضائت بنورک الافق

فنحن في ذلک الضياء في النور
وسهل الرشاد نخترت

(العباس بن مطلب)
پرهه ڦٽيءَ جو پهر هو. ربيع الاول جو چنڊ ستارن جي جھرمت کي ڏسي ڪيتري دير تائين دير اڳي لڪي ويو هو. باک جو سوجھرو ستارن جي ٿڌي مٺي روشني تي سوڀارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جون مهيني جي گرمي کي بياباني رات مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي هئي. جبل عرفات کان بوقبيس تائين بيابان جون نرم هٻڪارون، صبح جي ٿڌڙين هيرن سان گڏ نخري سان اچي رهيون هيون. سج جا سونهري ڪرڻا، بحر الهادي ۾ وهنجي سهنجي ڪيترائي ڪلاڪ پهريان روانو ٿي چڪا هئا ۽ هوانگ هو جي ماٿري ۾ لاتزي جي سادي زندگي، ڪنفيوشس جي آڳاٽي وضع داري ۽ گوتم ٻڌ جي آرين مارگ (صراط مستقيم) سان ڀاڪر ۾ هئا. هتان کان اڳتي وڌي گنگا ۽ جمنا جي لهرن کي گھوريندي اهي ڪرڻا، سون وانگر جرڪندڙ ماٿري ۾ بيهي ويا هئا، ڇو ته سمرقند اوڀر جو يونان بڻجي ويو هو.
ٿورو اڳتي يوناني ۽ ساساني غلامن جون فوجون پنهنجي آقائن جي لاءِ فارس کان آفرڪا ۽ اطاليه تائين تباهي مچائي رهيون هيون. انهيءَ سان گڏوگڏ يونان، شام، روم ۽ هند جي بهترين ڪتابن جو پهلوي ٻوليءَ ۾ ترجمو به جاري هو. اهو فلسفو، جيڪو جسٽينين جي حڪم سان ايڪيتاليهه سال پهريان پنهنجي مدرسن کي بند ڪري چڪو هو، مختلف ملڪن ۾ پکڙجي پنهنجي آڳاٽن بحثن کي جاري رکيو ويٺو هو. پر مذهب، لڙائي ۽ واپار سڄي دنيا کي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ ظالم (آقا) ۽ ٻيو مظلوم (غلام) هو.
[b]حجاز:[/b]
ريگستاني عرب جو اهو علائقو، جنهن کي هاڻي حجاز چون ٿا، نه ته هن وقت تائين ڪنهن سڪندر جي حڪم هيٺ آيو آهي، نه ئي ڪنهن فاتح کي هن پاسي وڌڻ جي جرئت ٿي آهي. هزارين سالن کان سج ۽ چند مڪي جو طواف ڪندا رهيا، پر اڄ تائين انهن واپاري سرگرمين ۽ مهمان نوازي جي محفلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏٺو. هزارين سالن کان حج اڪبر جي موقعي تي، مذهب جيڪو واپار ۽ امن جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو هو، اهو اڃا تائين جاري آهي. حج اصغر يعني اعتدال شمسي يا خريف ڪتيءَ جي مند ۾ به مذهب اڳيان اچي ٿو ۽ امن جي اعلان سان واپار ترقي ڪري ٿو. بهرحال مقصد واپار ۽ خوشحالي آهي. انهيءَ ڪري ئي مذهب جي ڪا واٽ مقرر نه آهي. بي ديني کان بت پرستي تائين جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀئي جاري آهن. انڪار ۽ اقرار، ڪفر ۽ ايمان جا جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀني جا ساٿي هتي موجود آهن. مطلب ته مهذب دنيا ۾ رڳو حجاز ئي هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي سڀني مذهبن کي معاش جي لاءِ جيئاريو ويو آهي. اتي ڪنهن هڪ خيال يا پارٽي يا شخص جي حڪومت نه آهي، پر انهيءَ خيالن جي فرق ۽ جاودگريءَ هڪ طرح سان خيالن جو ڳٺ جوڙ پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
محرم ۾ ابرهه جو لشڪر تباهه ٿي ويو هو. حملي جي دوران ئي سڀئي حاجي سفر جي تياري ڪري چڪا هئا ۽ واپارين جا قافلا عڪاظ ڏانهن روانو ٿي چڪا هئا. مڪي ۾ حملي جي پنجويهن ڏينهن کان پوءِ خاموشي ڇانيل هئي. ربيع الاول جي نائين يا ٻارهين تاريخ هئي. پرهه ڦٽيءَ جو نور اڃا پوري طرح نه پکڙيو هو جو سڄو جهان محمد عربي ﷺ جي ڄمڻ سان پرنور ٿي ويو ۽ فاطمه زوجه بن ابوالعاص ؒ جيڪا سيده آمنه وٽ موجود هئي اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته انهيءَ رات جو آسمان جا ستارا وڌيڪ چمڪندڙ ۽ ويجھا پئي محسوس ٿيا. ڄڻ ته سموري ڪائنات خليل الله جي دعا ۽ مسيحا جي خوشخبري تي گھور ٿي رهي هئي.
رَبَّنَا وَابْعَثْ فِيْہِمْ رَسُوْلًا مِّنْھُمْ يَتْلُوْا عَلَيْہِمْ اٰيٰـتِكَ وَيُعَلِّمُہُمُ الْكِتٰبَ
وَالْحِكْمَۃَ وَيُزَكِّيْہِمْ۝۰ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ۝۱۲۹ۧ
(خليل الله جي دعا: سورة بقره)
وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُہٗٓ اَحْمَدُ۝۰ۭ
(مسيحا جي خوشخبري: سوره الصف)
مطلب جي آڪهه ۾ خوشيءِ جون هيرون گھلڻ لڳيون. ابولهب پنهنجي ٻانهي ثوبيه کي انهيءَ خوشيءَ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. سيده آمنه ننڍڙي محمد (صه) کي ٻن چئن ڏينهن تائين کير پياريو، ان کان پوءِ ثوبيه پيارڻ شروع ڪيو.
عربن جي رواج موجب سردارن جي ٻارن کي کير پيارڻ جي لاءِ ڳوٺاڻيون عورتون وٺي وينديون هيون، پر محمد ﷺکي يتيم سمجھندي ڪنهن نه ورتو. آخرڪار سعديه قبيلي جي هڪ عورت حليما، خالي هٿين موٽي وڃڻ بدران يتيم محمد ﷺ کي وٺي وڃڻ ئي مناسب ڄاتو. اهو بنو سعد قبيلو، طائف جي چراگاهن ۾ ڦرندو هو ۽ بنو هوازن جي هڪ شاخ هو. هن قبيلي جي ٻولي پوري عرب جي لاءِ فصاحت ۽ بلاغت جو مثال هئي. انهيءَ ڪري ئي پاڻ فرمايو هئائون:
انا من اعرابکم انا من قريش و لساني لسان بني سعد بن بکر
”مان نج عرب آهيان، ڇو ته مان قريش منجھان آهيان ۽ منهنجي ٻولي به نج آهي، جيڪا بنو سعد ۾ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي“.
هيءُ بنو سعد قبيلو طائف جي ويجھو رهندو هو. هتان ئي مڪي وارو واپاري گس لگهندو هو، جنهن تي هر سال حج جي مهينن ۾ ڏهه ميل ڊگھو هڪ ميلو لڳندو هو، جتي سڀني قومن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. ننڍپڻ ۾ هتي ئي پاڻ سڳورن ﷺ کي سموري عرب ۽ دنيا جي قومن جي حالتن کي سمجھڻ جو موقعو مليو.

[b]نبوت کان اڳ
[/b][i]ٻولي ۽ بيان جي تعليم:[/i]
شروع کان ئي عرب جي سڀ کان فصيح ٻولي، جيڪا بنو سعد ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پاڻ ﷺ جي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي. مڪو جيتوڻيڪ هڪ غيرآباد ماٿري هيو، پر طائف وري انهيءَ رڻ ۾ هڪ جنت جو ٽڪرو هو. بنو هوازن ۽ نبو ثقيف جا ميدان ۽ چراگاهه طائف جي اوسي پاسي ۾ هئا.
طائف مڪي جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اڄ تائين مڪي وارن ۽ حاجين جي لاءِ ميون ۽ ڀاڄين جي منڊي بڻيل آهي. انهيءَ جاءِ تي حضر موت (يمن) جي رستي هندستان جو مال، صنعاء يمن ۾ ايندو هو ۽ حضر موت جون کارڪون، يمن جو قهوو ۽ اَنُ قافلن سان گڏ هتي ايندو هو. يمن جي ئي ويجھو، سمنڊ جھاڳي سوڊان ۽ حبشه جا واپاري به ايندا ويندا هئا جيڪي ٻيڙين وسيلي پر گھڻو تڻو اٺن جي ذريعي طائف کان ٿيندي مڪي ۽ پوءِ مڪي کان شام، عراق ۽ مصر ويندا هئا. اهي قافلا سياري ۾ (رحلة الشتاء) يا وري گرمين ۾ (رحلة الصيف) هلندا هئا. طائف ۾ لات ديوي جو مندر هو. هر قوم ۽ ملڪ جا مسافر عربن جي اڳواڻي ۾، مختلف بازارن ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ طائف ۽ مڪي کان ضرور لنگھندا هئا. مڪي ۾ هر قوم جا بُتَ هئا. طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ عڪاظ جو ميلو لڳندو هو سو عرب جي سڀني ماڻهن جو هڪ اسڪول هو. انهيءَ ڪري ئي پاڻ ڪريم ﷺ ننڍپڻ کان ئي رجب ۽ ذي الحج جي ميلن کي ڏسڻ، ان جي مسافرن ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ واپارين جي حالتن کي سمجھڻ شروع ڪيو هو. يعني ٻن يا ٽن سالن جي عمر کان ئي پاڻ ﷺ کي سمجھه اچي وئي هئي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي نبي ٿي چڪا هئا.
[b]عرب جو ادبي ماحول:
[/b]شاعري جا مجموعا جيڪي شايع ٿي چڪا هئا. شاعرن جو خيال هو ته شاعري انهن جي پنهنجي صلاحيتن جو نتيجو نه هئي. پر جِنَن جي مدد جو نتيجو هئي. انهن عشق، غزل يا تشبيب سدائين عورت جي ذڪر سان شروع ٿيندي هئي انهن جي جنگي فرياد، بحر رجز جي وزنائتن لفظن ۾ هوندي هئي ۽ دشمن جي دل کي لوڏي ڇڏيندي هئي. انهن جا قصيدا بدلي جي باهه کي اهڙو ته ڀڙڪائي ڇڏيندا هئا، جو ڪيترن ئي نسلن تائين قصاص جو سلسلو هلندو رهندو هو. انهن جي شاعري واکاڻ، خود ثنائي تي ٻڌل هوندي هئي ۽ پنهنجي پوري قبيلي جي عظمت جو اظهار ڪندي هئي يا وري گلا ۾ هوندي هئي. اها گلا پنهنجي مخالف جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندي هئي. انهن جي قصيدن جي شاعراڻي تمهيد ۾ عربي زندگيءَ جي سادگي، انهن جو سفر، انهن جي اٺن ۽ قدرتي حالتن جو بيان دلين ۾ تير ۽ ڀالا بڻجي کپي ويندا هئا.
انهيءَ وقت جي مشهور شاعر امراء القيس، عمرو بن ڪلثوم، طرفه، نابغه، علقمه، الاعبثيل لبعيد، ڪعب بن زهير جا خوبصورتي سان سينگاري لکيل شعر ڪعبي تي لٽڪيل هئا. تابط شرا ۽ شنفره جي شاعري دليري ۽ بهادري جا معيار مقرر ڪري ڇڏيا هئا. سخاوت، دليري، غيرت، ننگ ۽ حڪمت سيکارڻ وارن شاعرن جي کوٽ نه هئي. کل ڀوڳ ۽ چرچن ۾ به کين ڪمال حاصل هو. اميه بن ابي الصلت جو ڪلام گھڻو ڪجھه قرآن سان ملندڙ جلندڙ هو. انهيءَ ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش نه هئي ته مڪو نه رڳو واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو، پر شعر ۽ شاعري، تقرير ۽ داستان گوئي جو به مرڪز ۽ معيار هو.
انهيءَ ادبي ماحول ۾ پاڻ ﷺ جي ذهني پرورش ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ دعوت اسلام کان پهريان ئي پاڻ شاعري ۽ تقرير جا بهترين نقاد هئا ۽ کين عرب جي شاعرن جا شعر گھڻائيءَ سان ياد هئا. عرب شاعرن جي ڪلام جا ڪيترائي نمونا اڃا تائين موجود هئا، پر اهي انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي بدران شيطانن تي ڀروسو ۽ قسمت تي شاڪر رهڻ سيکاريندا هئا. پاڻ سڀني کي ادبي حقيقت پسندي (Literary Realism) جي معيار تي پرکي انهن کي بيڪار ۽ بيهوديون ڳالهيون سڏيو هو. سندن سڄي ڄمار انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته سندن هر ڪلام کي، پوءِ توڙي اها ادبي هجي يا اخلاقي، ديني هجي يا سياسي، حق هجي يا باطل، پرکڻ جو معيار پنهنجو هو. اهو هيءُ ته اهو ادب يا اخلاق جيڪو خود اعتمادي سان خدا شناسي سيکاري ٿو، اهو ئي حق، خدا طرفان ۽ سٺو آهي، نه ته اهو باطل، شيطاني ۽ بڇڙو آهي.
پاڻ طائف جي ميدان ۾ ملهه وڙهڻ، کانڀاڻي هلائڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ سکي چڪا هئا. مديني ۾ جڏهن ماءُ سان گڏ آيا ته ترڻ به سکي ورتو هو. مڪي واپس ويندي ابواء جي هنڌ ماءُ گذاري وئي. اهو خود اعتمادي جو ٻيو سبق هو. ام ايمن يتيم ۽ بي سهاري ٻار کي مڪي ۾ وٺي آئي. قضا ۽ قدرت جا ڪارندا، جيڪي سندن تعليم تي مقرر هئا، ڇهن سالن جي ٻالڪ کي دنيا جي ور وڪڙ واٽن تي هلڻ سيکاري رهيا هئا!
[b]عبدالمطلب ۽ ابو طالب جي ڪفالت:
[/b]ڏاڏي مطلب خوشيءَ خوشيءَ سان ٻالڪ کي پنهنجي سنڀال ۾ ورتو ۽ سندس وفات جو ويجهو ٿيو ته کين وقت ابوطالب جي حوالي ڪري ڇڏيو. عبدالمطلب کان پوءِ حرب بن اميه طاقتور رئيس بڻجي ويو ۽ عباس کان رفاعه يعني حاجين کي ماني کارائڻ واري سعادت به کسي ورتي. رڳو زمزم يعني سقايه عباس بن عبدالمطلب وٽ رهجي ويو. آمدني نه هجڻ جي ڪري ابوطالب تنگي ۽ غربت جي زندگي گھاري رهيو هو. پاڻ نه رڳو ابوطالب سان گڏ ٻڪريون چاريندا هئا، پر مزدوريءَ تي ٻين جون ٻڪريون به چاريندا هئا ته جيئن ڀاڻڀرا رهن.
[b]شام جو سفر:
[/b]حضرت يعقوبؑ جي زماني کان وٺي نبطي قوم الحجر (پٿرا) ۾ واپار جي اڪيلي ٺيڪيدار هئي. رومين جي زماني ۾ جيڪي شاهي دڳ تعمير ٿيا هئا، اهي يمن ۽ فارس تائين واپارين ۽ فوجن جو لنگھه هئا. هڪڙو دڳ عبيله (هاڻوڪو عقبه) تائين ويندو هو. انهيءَ دڳ جي هڪ شاخ دمشق تائين ۽ ٻي غزه تائين ويندي هئي. هاشم بن قصي جي وفات غزه ۾ ئي ٿي هئي. الحجر (پٿرا) جي ڏکڻ ۾ بصرى هو ۽ سوق عڪاظ جي واپار جو رخ انهيءَ پاسي هوندو هو. ابوطالب 12 نبوي ۾انهيءَ شهر (بصرى) جو سفر ڪيو هو ۽ پاڻؐ جن به ساڻن گڏجي هلڻ لاءِ ضد ڪيو هو.
حجاز جا ٽي شهر تمام ئي اهم هئا. طائف، مڪو ۽ يثرب. اهي ٽئي شهر انهن مک دڳن تي موجود هئا، جن کان عربن جو واپار لنگھي مڪي تائين پهچندو هو، اتان کان شام، مصر عراق ۽ حبشه تائين خشڪي ۽ سامونڊي رستي اونهاري ۽ سياري جي مندن ۾ انهيءَ واپار جا قافلا پهچندا هئا. اونهاري جو واپار (رحلة الصيف) بهار جي مند ۾ شروع ٿيندو هو. انهيءَ موقعي تي طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ وڏو ميلو لڳندو هو، جنهن کي حج اڪبر چوندا هئا. واپار جي بازار گرم هوندو هئي ۽ هر ملڪ جو مال مٽا سٽا جي لاءِ موجود هوندو هو. هند جا واپاري، زيارتي ۽ مهاجر سمرقند ۽ بخارا، ايران ۽ عراق، شام ۽ روم ۽ مصر ۽ حبشه جي واپارين سان ملي ڪري، هڪ ٻئي جي ملڪن جي داستانن کي ٻڌندا هئا. شاعرن ۽ خطيبن، افسانا ٻڌائندڙن ۽ جوتشين ۽ مسافرن کي انهيءَ زماني ۾ هيءَ دولت مفت ۾ ملندي هئي.
طائف کان مڪي ويندي دڳ تي هڪ نخله نالي هنڌ اچي ٿو، اتي عزى ديوي جو مندر هو. ان جا پوڄاري ابوطالب جا دوست هئا. پاڻ سڳورن ﷺ طائف وارن جي ايذاءَ کان بچي، هن ئي نخله واري هنڌ پناهه ورتي هئي. نخله کان اڳتي مڪو هو. اتي جيڪا جاءِ بتن جي لاءِ بڻيل هئي، اها حضرت ابراهيم ؑ جي زماني کان قائم هئي. انهيءَ کي ڪعبو چيو ويندو هو. ان جي هڪ ڀت ۾ هڪ ڪارو پٿر ”حجر اسود“ لڳل هو، جنهن کي حضرت ابراهيم ؑ لڳايو هو ۽ انهيءَ جي سامهون کان ئي طواف شروع ٿيندو هو.
طائف زرخير هو، پر مڪي جو علائقو غيرآباد هو. انهيءَ ڪري انهيءَ جي آباديءَ جي گذر سفر جو دارومدار ڪعبي جي زيارتين ۽ مختلف ملڪن جي واپار جي اپت تي هئو. مڪي جي آبادي انهن خاندانن تي ٻڌل هئي، جيڪي قريش جو اولاد هئا. قريش بنو اسماعيل هئا، يعني عرب جا آڳاٽا رهاڪو نه هئا، پر حضرت اسماعيل ؑ جي زماني کان انهن عرب کي پنهنجو وطن بڻايو هو.
چوٿين صدي عيسوي ۾ ايران ۽ قسطنطينه جي جنگين جي ڪري واپاري دڳَ بند ٿي ويا، جنهن ڪري مڪي جو وڻج واپار ٿڌو ٿي ويو هو. پاڻ ﷺ جي حقيقي چاچي هاشم قيصر ۽ نجاشي سان واپاري ٺاهه ڪيا هئا ۽ پنهنجي ڀاءُ عبدالدار کان ڪعبي جي خدمت جا ٻه شعبا کسي ورتا، جنهن ڪري پاڻ ﷺ جي وقت تائين هاشمين ۽ عبدالدار وارن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هلندي ٿي آئي. پاڻ ﷺ جي ڄمڻ کان چاليهه ڏينهن اڳ يمن جي گورنر ابرهه مڪي تي هَلان ڪئي. الله جي قدرت سان سڄو لشڪر هاٿين سميت تباهه ۽ برباد ٿي ويو.
[b]حج جا ميلا:
[/b]حج جي مهينن ۾ امن رهندو هو. سڀني مهذب ملڪن جا واپاري قافلا ايندا هئا. مڪي ۾ ٺهندڙ چم جون شيون، خوشبو، دوائون، کنئور ۽ ملم جي لاءِ بلسان جو وڪرو ٿيندو هو. شام جا سُڪل ميوا ۽ ڳاڙهسري نارنگي رنگ جا ڪپڙا، عراق جون تلوارون، بحرين جي موتين ۽ سپن جون ٺهيل شيون، حبشه جا ٿانو ۽ غلام، ايران جون قالينون ۽ چاندي جا ٿانو، شرابَ ۽ ڳههَ به وڪرو ٿيندا هئا. شراب جي محفلن ۾ ناچ ۽ راڳ جو هُل لڳو پيو هوندو. شاعر اٺن تي چڙهي پنهنجا شعر ٻڌائيندا ۽ داد وٺندا هئا. خطيب فصيح ٻوليءَ ۾ خطبا ڏيندا هئا. اها مند بهار جي هوندي هئي. ٻين ملڪن ۾ ته رڳو هڪ مهينو بسنت يا بهار جو ميلو لڳندو هو جڏهن ته ايران ۾ نوروز، فلسطين ۾ عيد فصح ۽ ايسٽر ٿينديون هيون. مڪي ۾ ٽن مهينن – ذي القعد، ذي الحج ۽ محرم– جي مهينن ۾ ميلو لڳندو هو. اهي ٽي مهينا خوشين ۽ امن امان جا مهينا هوندا هئا.
[b]مذهبي اهميت:
[/b]هن ميلي ۾ نه رڳو سڀني ملڪن جا واپاري ايندا هئا، پر سڀني مذهبن جا پوئلڳ به ايندا هئا. هندو رڳو ڀاڄيون کائيندو هو، يهودي سوئر ۽ اٺ جو گوشت نه کائيندو هو ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ڪوبه ڪم نه ڪندو هو، عيسائي سڀ ڪجھه کائيندو هو. ٻئي پاسي ٻانهي ۽ غلام تي هر مذهب جو آقا سخت هوندو هو. غلام وڪرو ڪندڙ گھڻو ڪري ائين ڪندا هئا ته ماءُ هڪ ماڻهوءَ کي وڪرو ڪري ڏني ته ٻار وري ٻئي ماڻهو کي وڪڻندو هو. آسودو واپاري پنهنجي حفاظت جي لاءِ ڪيترائي غلام رکندو هو پر غريب مسافرن ۽ غلامن جو ڪو حال پڇڻ وارو ڪونه هو. تنهن ڪري اهي ميلا وڏي نظر رکڻ واري جي لاءِ عبرت جي سبق کان گھٽ نه هئا.
يتيم محمد ﷺ ۾ هاڻي ايتري سمجھ اچي وئي هئي ته هو مختلف قومن ۽ هڪ قوم جي مختلف طبقن يعني غلام ۽ آقا جي صحيح حالت جو اندازو ڪري سگھي ۽ انهن مان سبق وٺي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت نه هئي ته ڪو بحيرا راهب يا ڪو نصراني يا ڪو زرتشي رسول الله ﷺ کي اهو ٻڌائي ته غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ غلامن جي هڪ اهڙي ٽولي آهي، جنهن جي ساهه ۽ عزت جو دنيا ۾ ڪو مُلهه نه آهي. انهن جي ڄمار ٻين جي لاءِ آهي ۽ انهن جي مصيبتن جو ڇوٽڪارو رڳو سندن موت آهي. مطلب ته حالتن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ﷺ جي اندر طبقاتي نقطه نظر پڪو پختو ٿي چڪو هو. افسوس آهي جو مسلمان عالمن، سنت نبوي جي پيروي ۾ طبقاتي نقطه نظر اپنائڻ ۽ بيڪسن، مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي اهنجن جو احساس ڪرڻ جي بدران، غلامي جي اداري کي هٿي ڏئي، معيشت جي جاگيرداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام جي طور تي پنهنجائي ورتو. ڳالهه اڃا اتي ختم نٿي ٿئي؛ مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي سرمائيداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام سڏي، محنت جي استحصال کي جائز سمجھيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلام جي نالي تي هڪ اهڙو معاشي نظام پنهنجايو ويو، جنهن ۾ غريب مزدور ۽ هاري جي مقابلي ۾ جاگيردار، مالدار ۽ صنعتي سرمائيدار کي الله جي جوڙيل تقدير سمجھيو ويو. ائين اڄ تائين ”ہے وہی سرمایہ داری بندہ مؤمن کا دین“ وانگر سرمائيداري نظام کي اسلامي نقطه نظر کان جائز سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عالمن جا خطبا، تقريرون ۽ تفسيرون امت جي زوال کي روڪي نه سگھيون؛ ايتري تائين جو ابراهم لنڪن غلاميءَ کي ختم ڪيو ۽ مارڪس جي سائنسي تحقيقن جاگيرداري ۽ صنعتي سرمائيداري تي ڳاٽي ٽوڙ ڌڪ هنيون.
شام جي سفر ۾ پاڻ هي ڏٺائون ته رستي ۾ ڪجھه شهر وايران پيا آهن. انهن تي خدائي عذاب نازل ٿيو هو ۽ اهي تباهه ڪيا ويا هئا. رومي، مصري، يوناني ۽ ايراني رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مٽ سٽ ٻولين ۽ مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن کي به چڱيءَ طرح ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون. پاڻ ڏٺائون ته انهن ۾ ڪي ته الله تعالى جي نعمتن سان فيضياب آهن ۽ وڏو تعداد اهڙڻ ماڻهن جو آهي، جيڪو عرب جي واپارين وانگر محنت مزدوري جي زندگيءَ ۾ گھيريل آهن. چون ٿا ته انهيءَ سفر ۾ پاڻ ﷺ تي بحيرا راهب جي سادگي ۽ خداپرستيءَ جو گھرو اثر ٿيو. هو هڪ نسطوري توحيد پرست فرقي جو عيسائي هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ آريوس ۽ نسطورين وغيره جي موحد ساٿين تي تثليث پرستن جيڪي ظلم روا رکيا هئا، تن بابت هيءُ راهب داستان ٻڌائيندو هو. بهرحال، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪنهن هڪ راهب يا دستور يا غلام يا رومي آفيسر کان پاڻ ﷺ انهيءَ زماني جي معاشري جو صحيح نقشو سکيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته پاڻ ﷺ جي شروعاتي سادي ۽ فطري پالنا، سندن اندر اها صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ته جڏهن کين بازنطيني ۽ ايراني تمدن سان واسطو پيو ته ان جي ظاهري ڏيک ويک کان پاڻ مرعوب نه ٿيا، پر پاڻ انهيءَ شهري زندگيءَ جي اندروني اوڻائين کي هڪ ئي نظر ۾ سمجھي ورتائون. امير هجي يا غريب، هر ماڻهو مڪي وارن وانگر خوف، بک ۽ بدحاليءَ ۾ گرفتار نظر ايندو هو، ڇو ته هر ماڻهو دولت گڏ ڪرڻ کي ئي پنهنجي زندگي سمجھيون ويٺو هو. مال جي لالچ هر ماڻهوءَ کي اجتماعي طورت تي سوچڻ ۽ عام انساني ڀلائي تي سوچڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
پوءِ هيءُ به سوچڻ گھرجي ته چاليهن سالن جي عمر تائين پاڻ لڳاتار واپار جي ڌنڌي سان لڳا رهيا ۽ عرب جي هر ڪنهن بازار ۽ ميلي (حج جي گڏيل واپاري سرگرمين) ۾ شامل ٿيا ۽ عرب کان ٻاهر به عيسائي ۽ مجوسي ملڪن ۾ ويا ۽ رڳو هڪ بحيرا راهب کي نه، پر سوين راهبن، برهمڻن ۽ غير عرب ڀوپن ۽ واپارين کي ڏٺو.شام جي سفر کان پوءِ اهم واقعن منجھان حرب الفجار ۾ عملي طرح حصو نه ڳنڍڻ ۽ حلف الفضول جي منڊلي جو قيام، حضرت خديجه سان نڪاح، شام ۽ يمن ۽ بحرين تائين جو سانگ ۽ ڪعبي جي اڏاوت ۾ حصو ڳنڍڻ رسول الله ﷺ جي زندگيءَ جا اهم موڙ آهن.
[b]حرب الفجار:
[/b]ابن سعد جي چوڻ موجب، پاڻ ﷺ جي عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي جو حرب فجار ڇڙي پئي. هن لڙائيءَ کي فجار يا ناجائز انهيءَ ڪري چون ٿا جو هيءَ محرم مهيني ۾ شروع ٿي هئي، جيڪو امن وارو مهينو هو. پاڻ ﷺ جن ويڙهه ۾ حصو نه ورتو، رڳو پنهنجي چاچن ڏانهن جيڪي تير اچن پيا، تن کي روڪين پيا. هن ويڙهه جي غلط نوعيت جي ڪري پاڻ ان ۾ حصو نه ورتائون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻ جائز ۽ ناجائز جنگين ۾ فرق رکندا هئا، تنهن ڪري ئي ناجائز جنگ باقاعده شريڪ نه ٿيا.
[b]حلف الفضول:
[/b]عرب ۽ مڪي جي معاشري ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڙهه ٿيندي هئي. مظلوم جو ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو نه هو. يعني اهڙي ڪابه عدالت ڪونه هئي، جيڪا انصاف ڪري سگھي ۽ ڪمزور کي سندس حق ڏياري سگھي. هن معاهدي جي ڪري مظلومن کي هڪ وڏو سهارو ملي ويو ۽ غاصب ڊڄڻ لڳا. هن جماعت جي ٺهڻ جو سبب هيءُ ٿيو جو عاص بن وائل کي يمن جي ڪنهن رهاڪو پنهنجو مال وڪرو ڪري ڏنو، پر عاص پنهنجي سرداري جي مغروريءَ ۾ کيس پئسا نٿي ڏنا. يمني پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جي دانهن ڪجھه شعرن ۾ ظاهر ڪئي، جن کي ٻڌي ڪري قريش قبيلن جا سربراهه عبدالله بن جدعان جي گھر ۾ گڏ ٿيا ۽ بنو هاشم، بنو المطلب، اسد، زهره ۽ تيم وارن هي عهد ڪيو ته:
(1) اسان مان هر ماڻهو مظلوم جي حمايت کي پنهنجو فرض سمجھندو، جيستائين جو کيس حق نه ملي وڃي.
(2) جيستائين مظلوم کي سندس حق نه ملي وڃي، اسان مان ڪير به سک سان نه ويهندو.
پاڻ انهيءَ معاهدي ٿيڻ وقت موجود هئا ۽ ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته انهيءَ جماعت جي رڪنيت مون کي ڳاڙهن اٺن کان به وڌيڪ پياري هئي ۽ هاڻي به جيتوڻيڪ اسلامي دؤر آهي، پر مان هن قسم جي ٿيندڙ معاهدي جو دل سان طرفدار آهيان. سندن انهن لفظن مان مڪي واري انقلاب جو رجحان ۽ نصب العين متعين ٿئي ٿو ته هي انقلاب مراعتون ڏنل طبقي جي خلاف هو ۽ محنت ڪندڙ مزدور ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي مفادن جو حامي هو. پر اسان جي مفسرن ۽ عالمن، ملوڪيت جي گھرجن جي اثر ۾ اچي، انهيءَ نصب العين کي پوئتي اڇلائي ڦٽو ڪيو، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن تفسير يا تقرير ۾ انهيءَ نصب العين جي حمايت نظر نٿي اچي ۽ اهو طبقو اڃا تائين ڪسمپرسي جي حالت ۾ گھيريل آهي.
[b]مڪي جي تعمير:
[/b]حلف الفضول کان پوءِ جڏهن پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ پنجويهن سالن جي ٿي ته سندن امانت ۽ ديانت جو چرچو پري پري تائين هُلي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ ڪعبي جي اڏاوت ڪمزور ٿي وئي هئي. هيٺاهين ۾ هجڻ جي ڪري اوسي پاسي جي جبلن تان مينهن جو پاڻي ٻوڏ جي شڪل ۾ اچي گڏ ٿيندو هو. ڪعبي جي ڀتيون ماڻهوءَ جي قد برابر هيون ۽ ڇت تي هبل جو بت کوڙيل هو. قريشن هڪ رومي مستريءَ جي مدد سان ان جي ڀتين کي وري اوساريو ته ان وقت حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو شرف، هر قبيلي جو رئيس حاصل ڪرڻ گھري پيو. ڪن ته رت جي پيالي ۾ هٿ ٻوڙي انهيءَ شرف کي حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو. آخرڪار سڀني جي گڏيل صلاح سان اها ڳالهه بيٺي ته سڀاڻي صبح جو جيڪو ماڻهو سڀن کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيندو اهو ئي حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکندو. محمد عربي ﷺ ئي صبح جو سڀ کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيا ۽ سڀني چئي ڏنو ته هي امانتدار ئي انهيءَ ڪم جي لاءِ سڀ کان ڀلو آهي. پاڻ هڪڙي چادر وڇائي حجراسودکي انهيءَ تي رکيائون ۽ سڀني رئيسن کي چيائون ته سڀئي ماڻهو چادر جي پاندن کي پڪڙي مٿي کڻن. جڏهن پٿر ڇاتيءَ جيترو مٿي کڄي ويو ته پاڻ پٿر کي کڻي ڪري ان جاءِ تي رکيائون جتي اڄ تائين کوڙيل آهي. اهڙيءَ تدبير تي سڀئي خوش ٿي ويا.
[b]بين الاقوامي تعليم:
[/b]حديثن مان ثابت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن نه رڳو شام جون بازارون ڏٺيون هيون، پر يمن ۾ جرش ۽ اولهه ۾ بحرين تائين به ويا هئا. هتي ايراني حاڪم منذر بن ساوي حڪمران هيو ۽ يهودين ۽ عيسائين جي وڏي آبادي هئي. اهڙيءَ طرح يمن جي غلامن جي فوج جي مدد سان 585ع ۾ حبشي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي. سعدي ڪرب تخت تي ويٺو هو. ان کي وهزار ماريو ۽ پاڻ حاڪم بڻجي ويٺو. هتي يهودي ۽ عيسائي حڪومت رهي چڪي هئي ۽ هن وقت تائين اتي عيسى ؑ کان گھڻو اڳ وارين مختلف قومن جا آثار ڏٺا وڃن ٿا. اها ڳالهه به پڪي آهي ته ڇهين صدي عيسوي کان گھڻو پهريان، ٻڌ ڌرم سمرقند کان مصر ۽ يونان تائين پهچي چڪو هو. منڪريت بيديني ۽ انڪار جو هر تصور پوري مان ۽ شان سان، بڇڙي ۾ بڇڙي بت پرستي سان گڏوگڏ هلي رهيو هو. مطلب ته مختلف قومن جي ڄاڻ پاڻ ﷺ کي شام ۽ عرب جي بازارن، حج جي ميلن ۽ هر قسم جي ماڻهن جي ملاقاتن سان حاصل ٿي، ۽ پڻ مڪي مان به حاصل ٿي جيڪو سڀني مذهبن جو سال ۾ ٻه دفعا مرڪز بڻجي ويندو هو.
[b]حضرت خديجه سان نڪاح:
[/b]پاڻؐ جن فطري طرح دنيا کي ڏسڻ گھرن پيا ۽ انهيءَ جو وسيلو رڳو واپار ئي هو. بيبي خديجه مڪي جي هڪ مالدار عورت هئي. هن پاڻ سڳورن ﷺ جي امانت ۽ ديانت جو حال ٻڌي، پنهنجي واپار جو منتظم بڻائي ورتو. پاڻﷺ جي ڪري هن جي واپار ۾ وڏو فائدو ٿيو. آخرڪار پاڻ ﷺ سان ان جو نڪاح ٿي ويو. نڪاح جي وقت حضرت خديجه جي عمر چاليهه سال ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي. سيده خديجه جو ڀائٽيو زبير بن العوام عشره مبشره مان هيو. بيبي خديجه 65 سالن جي عمر ۾ شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. سورة والضحى ۾ (يعني تون مفلس هئين الله توکي آسودو ڪيو) جي لفظن ۾ حضرت خديجه سان تعلق ڏانهن اشارو آهي. ان مان پاڻ ﷺ کي چار نياڻيون زينب ؒ، رقيه ؒ، ام ڪلثوم ؒ ۽ فاطمه ؒ ٿيون ۽ ٻه پٽ قاسم ۽ طيب ڄاوا، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا.
[b]پاڻ دنيا کي ڪيئن ڏٺائون:
[/b]ننڍپڻ کان وٺي نڪاح تائين ۽ نڪاح کان وٺي نبوت جي ملڻ تائين پاڻﷺ جن خوف ۽ بک ۾ ڦاٿل انسانيت جي هر طبقي ۽ هر قوم جي غريب ماڻهن کي ڏٺو هو. ڪٿي اڻ ڏٺل قوتن جي خوف انسان جي ڪنڌ کي پوڄارين ۽ ڀوپن، بتن ۽ اڻ ڏٺل ڀوتن ۽ جنن جي اڳيان جهڪائي ڇڏيو هو ته ڪٿي مالدار يهودين وري قرض جي خوف ۾ انسان کي ڦاسائي رکيو هو. ڪٿي سامراجي فوجن آزاد انسانن کي قتل ۽ غلامي جي خوف ۾ اڙائي ڇڏيو هو ته ڪٿي وري جهالت ۽ اڻڄاڻائيءَ مريضن کي تعويذي ڀوپن جي غلاميءَ ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو. ڪٿي ڪوڙي انا جي نالي تي شاعر پنهنجي بک کي قصيدن جي ذريعي مٽائي رهيا هئا. ڪٿي انسان بک ۽ تنگيءَ کان مجبور ٿي ڪري ظالمن ۽ جابرن جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور هو، ايتري تائين جو انسان پنهنجي عزت وڪڻي پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور ٿي پيو هو. مطلب ته مذهب، سياست ۽ معاشرت جو ڪو هڪ پاسو به ذهني خوف ۽ جسماني بک کان خالي نه هو.
هن دؤر جون سڀئي وڏيون تهذيبون، جهڙوڪ ڪابلي، ڪلدي، آشوري، رومي، مصري وغيره وغيره غلامن جي محنت جي استحصال ۾ ملوث هيون ۽ جنگين ۾ غلامن جي ذريعي پنهنجي سلطنت ۽ اقتدار ۾ واڌارو ڪنديون هيون. اتي غلام ۽ عورت ٻه مظلوم جنسون هيون. انساني معاشرو غلام ۽ مالڪ جي طبقن ۾ ورهائجي چڪو هو. مالڪن جي طبقي ۾ ڌن دولت جي ريڙهه پيڙهه، علم ۽ تهذيب جون برڪتون هيون، پر پوءِ به اهو طبقو پنهنجي اقتدار ۽ دولت جي حفاظت ۽ ان ۾ واڌاري جي لاءِ ڪمزور قومن کي غلام بنائڻ جي لاءِ جنگ ۽ فساد مچايون ويٺو هئو. غلام ۽ پوئتي پيل طبقا بک، جهالت، بدامني، ڏاڍ ۽ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا.
افسوس آهي جو اسلام کان پوءِ به ملوڪيت جي اثر ۾ اچي، مسلمانن انهن سڀني خرابين کي پنهنجائي ورتو ۽ آڳاٽين تهذيبن وانگر، يورپ جي تهذيب جي ظاهري ڏيک ويک کان متاثر ٿي، اڄ به پنهنجي مسلڪ کان پاسيرا ٿي ويا آهن. انهن جون سموريون تفسيرون، تقريرون ۽ نصيحتون انهيءَ مراعتون ڏنل طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جو فرض نڀائي رهيون آهن.
حق جا ڳولائو:
غلامي، ظلم ۽ ڏاڍ، جنگ ۽ جھيڙو، جهالت، غربت ۽ بک ۾ گھيريل دنيا کي انهن خرابين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ هر دؤر ۾ حق جي ڳولا ڪرڻ وارا به پيدا ٿيندا رهيا آهن. قرآن انهن مان گھڻن کي نبيءَ جو لقب ڏنو آهي.
يورپ ۾ جيتوڻيڪ رومي ڪليسا ۽ شهنشاهيت جي حڪم هيٺ عقل جي استعمال کان روڪيو ويو هو، پر پوءِ به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي حقيقتن جي ڳولا ۾ رهندا هئا. تعويذ جي جاءِ تي علاج ۽ انجيل جي جاءِ تي فلسفي کي پسند ڪندا هئا. اهڙا ماڻهو به هئا جن حق پرستي ۽ حق جي ڳولا ۾ پنهنجا سِرَ گھوري ڇڏيا.
هندستان ۾ هندو فلسفو ۽ چانڪيه ٻڌ فلسفي جي عقليت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ تانترڪ مذهب به پکڙجي چڪو هو، ۽ ماڻهن جادو ٽوڻي، قرباني ۽ ڏنَ کي صوفياڻو رنگ ڏئي، عقل کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي، پر پوءِ به پنجين صدي کان ستين صدي تائين تاريخ علم ۽ عقل وارن جي ڪارنامن کان خالي نه آهي. جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي پالي ٻولي ختم ڪئي وئي هئي ۽ علم کي ڳجھو رکڻ لاءِ سنسڪرت، يعني برهمڻ مذهب ۽ برهمڻي ٻولي ۾ ٻڌ کي جاري ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به بڪرماجيت جي زماني (پنجين صدي عيسوي) ۾ اجين جيڪي نورتن پيدا ڪيا، اهي شعر، ٻولي ۽ طب ۾ اڄ به مشهور آهن. ڪاليداس، امر سنگھه ۽ ڌن ونتري جا نالا سدا حيات ٿي ويا آهن. ڇهين صدي ۾ آريه ڀٽ، وراهمي هيرا ۽ برهما گپت پيدا ٿيا. گپت نجوم ۽ رياضي جو ماهر هو. ستين صدي ۾ انهيءَ دؤر جو حالتون چيني سياح هيون سانگ لکيون آهن، جن مان خبر پئي ٿي ته راجه هرش پاڻ به شيو پرستي ڇڏي، ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ورتو هو. نالنده يونيورسٽي ۾ برهمڻن ۽ بت پرستن جي مذهبن جي سنسڪرت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، جتي فلسفي، طب ۽ رياضيءَ جي تعليم به هوندي هئي ۽ مٿاهين ذاتين ۾ ڀلئون ڀلا ماڻهو پيدا ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ذات پات جي ٻنڌڻن ۽ پوڄارين ۽ برهمڻن جي ٻڌاين اصولن کان اڳتي وڌي نه سگھيا هئا، قدامت پرستي تمام ئي چوٽ چڙهي وئي هئي، پر جيڪي قدامت پرست هئا، اهي سنسڪرت ادب کان محروم ڪونه هئا.
عرب، خاص طرح مڪو، سڀني قومن جو واپاري مرڪز هو. اوڀر ۽ اولهه، روم، هندستان ۽ ايران جا واپاري ۽ ڪي محبتي ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهي عوام جي مشرڪاڻن وهم سان ڀريل عقيدن کان بيزار ٿي چڪا هئا. ستين صدي عيسوي ۾ ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن بت پرستي ڇڏي ڏني هئي، بتن جي نالي تي جيڪي ديڳيون لهنديون هيون ۽ جيڪي قربانيون ٿينديون هيون، تن کي اهي حرام سمجھندا هئا. نياڻين کي ماري ڇڏڻ گناهه ڀائيندا هئا ۽ اوائلي سادگي ۽ ايمانداري، جيڪا انسان جي فطري خصلت هئي ۽ جيڪا حضرت ابراهيم ؑ جي وقت ۾ الله وارن جاري ڪئي هئي، تنهنجا ڳولائو هئا ۽ ان کي جيئارڻ گھرن پيا. زيد بن عمر بت پرستي کي ڇڏي چڪو هو. ورقه بن نوفل عيسائي ٿي ويو هو ۽ انجيل جو عربي ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. عبيدالله بن جحش رسول الله ﷺ جي شروعاتي ڪلام کي ٻڌو ۽ مسلمان ٿي ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويو. عثمان بن الحويرث قيصر روم وٽ هليو ويو هو ۽ عيسائي ٿي ويو هو. انهن حق جي کاهوڙين ۾ ابوبڪر صديق ؒ به شامل هو. مطلب ته ان قسم جا ڪيترا ئي حق جا ڳولائو هئا، جيڪي شرڪ جي ريتن رسمن کي ڇڏي حق جي ڳولا ۾ هئا. ايتري تائين جو رسول عربي محمد ﷺ بن عبدالله خدائي سڏ ٻڌو ۽ انهيءَ خوداعتمادي ۽ يقين سان گڏ جيڪو کين ورثي ۾ مليو هو، انسانيت جي اصلاح جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنائون. هتان کان پاڻ ﷺ جي اها تاريخي زندگي شروع ٿئي ٿي، جنهن جي باري ۾ سمورو قرآن شاهد آهي ۽ جنهن جو هڪ هڪ لفظ، ڪلام الاهي هجڻ جي ڪري، انهيءَ ئي حالت ۾ محفوظ آهي، جنهن طرح رسول الله ﷺ جن مسلمانن کي ٻڌايو هو.
محمد عربي ﷺ جن جيئن ئي نبوت جي منصب تي فائز ٿيا، ته کين تمام گھڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ کان پهريان جيترا به نبي ٿي گذريا آهن، انهن کي به قرآن جي چواڻي شاهوڪار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا (سورة السباء، آيت 35). ائين اسان ڏسون ٿا ته سقراط کي زهر پياريو ويو، ڇو ته هن بت پرستيءَ جي خلاف نصيحت ڪرڻ شروع ڪئي هئي، ۽ نوجوانن جي اخلاقي سڌاري جي لاءِ، انهن کي ڏاهپ ۽ فڪر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. حضرت موسى ؑ غلامن جو لشڪر وٺي رات جي وقت ۾ نيل درياءُ ٽپي رهيو آهي. حضرت عيسى کي ٽن سالن جي تبليغ کان پوءِ رومي ڪارندن ۽ يهودي عالمن کين سوري تي چاڙهڻ جي سِٽ سٽي. حضرت ابراهيم ؑ کي بتن جي پوڄا جي مخالفت ڪرڻ تي باهه ۾ وڌو ويو. ڪرشن جي کي پانڊئن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪورئن سان خوفناڪ جنگ وڙهڻي پئي، رام چندر جي کي چوڏهن سالن جي لاءِ ڏيهه نيڪالي جي سزا ڏني وئي. گوتم ٻڌ ملڪ مڏي ڇڏي بک ۽ بيماري ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين جاکوڙ ڪئي. زرتشت کي اتر ايران ڏانهن ڪڍيو ويو. ڪنفيوشس نيڪ ۽ سٺي حياتي جي تبليغ جي لاءِ در در رلندو رهيو. انهن سڀني حق جي طالبن کي مالدار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا. ڇو ته اهي سڀئي توحيد رباني جي بنياد تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھرن پيا. اهي آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، ڪارخانيدار ۽ مزدور جي ٽڪراءَ وارا مفاد رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري. غير طبقاتي معاشرو اڏڻ گھرن پيا. رسول عربيﷺ جيتوڻيڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر سندن وفات کان پوءِ ٽيهن سالن جي اندر ئي نبوت واري طريقي تي هلندڙ خلافت کي مورثي بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو عمل اڄ تائين جاري آهي.

[b]نبوت ۽ ان کان پوءِ
[/b][i]غار حرا ۾ ويچار:[/i]
روم ۽ ايران جي ڇڪتاڻ وچ اوڀر جي واپار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري ڪيترن ئي سالن کان شام، عراق ۽ مصر جو واپار بند ٿي چڪو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جون واپاري سرگرميون ڏکڻ ۽ اوڀر عرب تائين محدود ٿي ويون هيون. پاڻ انسانيت جي انهيءَ تباهيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. ڇوٽڪاري واري واٽ جي ڳولا هئي، پر گس اڃا تائين نه مليو هو. ويجھا سنگتي به انهيءَ عالمي صورتحال کان پريشان هئا. ڪعبي جا پوڄاري ۽ ڀوپا به مايوس هئا.
انهن حالتن ۾ پاڻ ڊسمبر (رمضان) جي مهيني ۾ مڪي کان ٽي چار ميل پرڀرو هڪ ٽَڪري ڏانهن هليا ويا ۽ رمضان جو سڄو مهينو انهن حالتن مان ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولڻ جي لاءِ غور و فڪر ۽ ويچار ۾ گذاري ڇڏيائون.
هن ٽَڪري کان ميلن تائين پکڙيل واريءَ جي رڻ پٽ کي ڏسي سگھجي پيو. هتي ڪجھه ڇِپون اهڙيءَ طرح هيون، جيڪي هڪ ڪوٺيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون هيون جتي هر وقت رات هجي توڙي ڏينهن، ماٺ ۽ سڪون هوندو هو.
جيڪي ماڻهو ڳجھه جي رازن کان واقف آهن، تن کي خبر آهي ته هر ڪنهن کاهوڙي ۽ حق جي طالبن کي هڪ ئي گس تان هدايت ملندي آهي. حيرت آهي ته رڳو حق جي ڳولائن تي ئي روحاني عالم يا وجداني ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. ماکيءَ جي مک کي پرواني واري دل جو درد ڇو نٿو ملي؟ حقيقت هيءَ آهي ته ڪروڙين انسانن ۾ رڳو هڪڙي ئي اک ٻاف يا بجلي جي سگھ کي سڃاڻندي آهي ۽ اربين انسانن ۾ ڪو هڪ ئي ماڻهو شايد انهيءَ جي لائق هوندو آهي ته هو ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ وارو گس سڃاڻي ۽ دنيا کي خوف، جهالت ۽ بک کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي، مراعتون ڏنل طبقي جي هٿان پاڻ تي ظلم ۽ زيادتيون سهي ٻين کي ڇوٽڪارو ڏياري سگھي.
[b]پهرين وحي جو نازل ٿيڻ:
[/b]گھڻو ڪري 27 رمضان 610ع جي رات هئي جنهن ڪري چانڊوڪي جھڪي ٿي وئي هئي ۽ حرا جي غار ۾ جناب محمد عربي ﷺ نيم بيداري يعني مراقبي جي حالت ۾ ويٺا هئا جو اوچتو جبرئيل امين کين ڍڪي ورتو ۽ سورة العلق جون شروعاتي پنج آيتون نازل ٿيون:
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ۝۱ۚ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ۝۲ۚ اِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ۝۳ۙ الَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ۝۴ۙ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ۝۵ۭ
انهن پنجن آيتن ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ وارن ڏهه هزار سالن جو معاشي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر موجود آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انسانن جي ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ حرا غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر ڪندا هئا. هنن پنجن آيتن ۾ کين انهيءَ دڳ جو ڏس ڏنو ويو، جنهن موجب رڳو هڪ آقا، هڪ مالڪ، هڪ پالڻهار جي ٻانهپ ڪئي وڃي ۽ ٻين آقائن، مالڪن ۽ پالڻهارن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن جي ڪري انسان ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي، انساني وحدت وڃائي چڪو هو. ان سان گڏ ئي جادوگرن، ڀوپن، شاعرن، مذهبي پيشوائن، بادشاهن ۽ مغرور اميرن کي، جيڪي غلامن جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪندا ۽ اقتدار تي قبضو ڪندا آهن، تن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته سڀ انسان انساني مرتبي ۾ هڪجهڙا آهن. ڇو ته اهي سڀئي هڪ ئي خالق جا خلقيل آهن ۽ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، ڇو جو انهن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار هڪ آهي. انهيءَ ئي کين علم ۽ سمجھه ڏني آهي. هو تمام ئي ٻاجھارو ۽ مهربان آهي ۽ انساني آقائن وانگر مطلبي نه آهي. خود غرضي، ٺڳي، ظلم ۽ جهالت ته شيطاني ڪم آهن. هنن پنجن آيتن ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته توحيد الاهيءَ جي تصور کي معاشري تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن معاشرو، جيڪو مخالف معاشي طبقن ۾ ورڇجي چڪو آهي، طبقن کي ختم ڪري هڪ وحدت جي شڪل اختيار ڪري وٺي. ڇو ته خالق عليم ئي رزق يا پيداوار جا وسيلا سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي عقل ۽ سمجھه عطا ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي انهن وسيلن مان فائدو وٺي سگھن ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جو فائدو پاڻ ئي ماڻي. ٻيو ڪو ماڻهو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، ٻين جي محنت جي ثمر تي قبضو نه ڪري سگھي. جيئن ته زراعت واري زماني کان وٺي انساني معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، تنهن ڪري وحدت الاهي جو مطلب وحدت انسانيت به آهي. اهي معاشي طبقا ڪٿان کان آيا آهن؟ انهيءَ تي مون پنهنجي تصنيف ” انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد منهاج“ ۾ طبقاتي پيراڊائم جي عنوان هيٺ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
انهن پنجن آيتن ۾ جتي توحيد الاهي جي تصور کي، معاشرتي لاڳاپي سان توحيدي معاشري جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي، اتي فلسفي جي ٻن بنياي مسئلن تي به توجھه ڏنو ويو آهي. يعني وجود (Ontology) ڇا آهي ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ جڏهن کان انسان سوچ ۽ سمجھه کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي. اهي ٻئي مسئلا ان جي ڌيان هيٺ رهيا آهن ۽ فلسفي جي مختلف اسڪولن ان جو جواب ڏنو آهي.
[b]وجود ڇا آهي؟:
[/b]انهيءَ جو جواب هن وقت تائين ٻن بنيادي نظرين تي ڏنو ويو آهي. پهريون هيءُ ته ڪائنات کي هڪ زنده، سمجھه ڀري ۽ مرضيءَ جي مالڪ هستيءَ خلقيو آهي. ٻيو هيءُ ته رڳو مادو ۽ ان جا قانون ڪائنات جي خلقت جو سبب بڻيا آهن. اهڙيءَ طرح فلسفي جي ڪجھه مڪتبن روح ۽ مادي کي الڳ الڳ وجود سڏيو آهي. انهن وٽ مادي ۾ حرڪت روح جي ڪري آهي. حرڪت سان گڏ ارادو به پيدا ٿيندو آهي. هيءُ ارادو پنهنجي مادي جسم جي حدبندين جو پابند هوندو آهي. جيئن ته ارادو روح ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي، تنهن ڪري روح مادي تي سوڀارو رهندو آهي ۽ مادي کي حرڪت ڏيندڙ آهي.
ماديت جي فلسفي جي لحاظ کان هر شيءِ مادي مان ٺهيل آهي. جهڙيءَ طرح تنبوري جي تارن مان آواز پيدا ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح حياتي يا زندگي به مادي مان پيدا ٿيندي آهي. جيڪڏهن تنبوري جون تارون وکري وڃن ته آواز پيدا نه ٿي سگھندو، ائين ئي جسم جي بناوت جي خاتمي سان زندگي به ختم ٿي ويندي آهي.
ماديت مان ڏاڍ جو تصور پيدا ٿيندو آهي. جهڙيءَ طرح جانور ۽ ٻوٽا پنهنجا مخصوص عمل ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن، ائين ئي انسان به مجبور آهي. هو جيڪو ڪجھه ڪندو آهي، انهن مادي جزن جي بڻاوت جي ڪري ئي ڪندو آهي، جيڪي ان جي جسم ۽ دماغ ۾ مخصوص اندازي سان آهن ۽ عملن کي حرڪت ڏيندڙ آهن. ڄڻ ته انسان به مادي شين وانگر بلڪل مجبور آهي. هيءُ فلسفو ماديت جو لازمي نتيجو آهي.
فڪر جي ٻئي مڪتب وٽ روح ۽ مادو، ٻئي هڪ روح اعظم جي تخليق آهن جيڪو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ۽ خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ هجڻ جي ڪري مختار ڪل آهي. هر شيءِ ڪنهن مقصد هيٺ خلقي وئي آهي. ڪابه شيءِ پنهنجي طور تي سٺي يا خراب نه آهي. خالق ڪنهن مقصد هيٺ سٺي يا خراب شيءِ بڻائي آهي. جيئن ته هو خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ ۽ تمام ئي ٻاجھارو، حڪيم ۽ انصاف وارو به آهي، تنهن ڪري هو جيڪا به شيءِ پيدا ڪندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڀلي مقصد لاءِ ئي پيدا ڪندو آهي.
ماديت واري فلسفي جو سڀ کان وڏو عيب هيءُ آهي ته اهو تخليق جي مسئلي کي چڱيءَ طرح سنواري نه سگھيو. تخليق جي لاءِ ضروري آهي ته سمجھه، ارادو، زندگي ۽ مقصد موجود هجي. پر مادي ۾ نه زندگي آهي، نه سمجھه ۽ نه ارادي ۽ مقصد جو احساس آهي. جڏهن ته تخليق جي لاءِ لازمي طور اهڙي هستيءَ جي موجودگي ضروري آهي، جيڪا اهي گڻ رکندي هجي.
اسان جي دؤر ۾ فلسفي تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي ۽ فڪر جا ڪيترائي نوان مڪتب وجود ۾ اچي ويا آهن. انهن ۾ ماديت (Materialism) ۽ مثاليت (Idealism) کان سواءِ تجربيت (Pragmatism)، اراديت (Voluntarism)، ارتقائيت (Evolution)، جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism)، وجوديت (Existentialism) ۽ نوفلاطونيت (Neo-Platonism) ذڪر جوڳا آهن.
[b]علم ڇا آهي؟:
[/b]حڪمت ۽ فلسفي جو ٻيو مسئلو علم جي باري ۾ آهي. يعني علم پنهنجو پاڻ ڇا آهي ۽ ڇاجي ڪري حاصل ٿيندو آهي؟ علم جو مسئلو وجود جي ماهيت جي مسئلي کان وڌيڪ اونهو آهي.
ڪاغذ جي ايجاد ۽ علم کي عام ڪرڻ جي تحريڪ مسلمانن شروع ڪئي هئي. انهيءَ جي نتيجي ۾ هسپانيه جي سلطنت جي ذريعي روشن خيالي يورپ ۾ شروع ٿي. ايتري تائين جو يورپ ۾ لاڪ، هيوم ۽ ڪانٽ جهڙا فلسفي پيدا ٿيا جن ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ بشپ بارڪلي ۽ ميل برانش جو چوڻ هو ته علم فطرت کان مٿانهن وسيلن سان حاصل ٿيندو آهي.
مسلمانن افلاطون ۽ ارسطو جي تجرباتي فلسفي ۾ نئين سر ساهه وڌو. ڇو ته عيسائي شهنشاهه جسٽي مين افلاطون ۽ ارسطو جي مدرسن کي هزارين سالن کان بند رکيو هو. مسلمانن انهن کي ٻيهر کوليو. خاص طور تي ابن رشد جي فلسفي ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ هو علمن ۾ تجربي ۽ مشاهدي کي چڱيءَ طرح نڀائي نه سگھيو. ابن رشد افلاطون جي عالم مثال جي تصور کي غلط سڏي ڪري رد ڪري ڇڏيو. ابن رشد کان پوءِ لاڪ به تجربي ۽ مشاهدي کي علم جي حصول جو ذريعو ٻڌايو. موجوده سائنس ”سبب ۽ نتيجي“ جو لازمي هجڻ تي زور ڏنو. ڇو ته اهو تجربي ۽ مشاهدي جي وسيلي علم حاصل ڪرڻ جو بنياد آهي. ”پيدائشي تصور“ به تجربي ۽ مشاهدي سان حاصل ٿئي ٿو.
اسلام جي ظاهر ٿيڻ جي وقت دنيا ۾ هيءُ خيال عام هو ته نجومي ۽ ڀوپا ستارن ۽ جنن سان لاڳاپن جي ڪري لڪيل ڳالهيون انهن کان ڄاڻي، ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن. يعني غيب يا ڳجھه جو علم روحن کي هوندو آهي ۽ اهي ان بابت اسان کي القاء يا الهام جي ذريعي ڄاڻ ڏيندا آهن. عرب به انهيءَ خيال کان ٻاهر ڪونه هو. پهرين وحيءَ ۾ ”علم بالقلم“ جو مطلب ئي اهو هو ته سمورو علم، پوءِ ڀلي اهو اسان جي حواسن جي ذريعي حاصل ٿئي، توڙي باطني ادراڪ سان، ظاهر هجي يا باطني، انهن کي حواسن سان حاصل ٿئي ٿو، جن جو خلقيندڙ الله تعالى آهي. يعني پهرين ئي وحيءَ الهام ۽ مشاهدي ۾ هم آهنگي پيدا ڪري ڇڏي ۽ حواسن کي اعتبار جوڳو سڏيو. وجود ۽ علم جي باري ۾ پهرين وحي ٻڌائي ٿي ته:
(1) وجود جي حقيقت هيءَ آهي ته هڪ خالق آهي، جنهن توکي پيدا ڪيو، اهو ئي تنهنجو پالڻهار (آقا) آهي. حقيقي خالق ۽ مخلوق الڳ الڳ وجود رکن ٿا ۽ روح ۽ مادي جو وجود خالق سان واڳيل آهي.
(2) علم جي حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ پالڻهار (آقا) قلم يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي انسان (آدم) کي انهن ڳالهين جي ڄاڻ ڏني جن کي هو نه پيو ڄاڻي. يعني عقل ۽ سمجھه عطا ڪري، حيوان مان انسان بڻائي ڇڏيو ته جيئن قلم سان پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي هڪ ٻئي تائين پهچائي ۽ جادوگرن وانگر هر ڳالهه کي ڳجھو يا راز ۾ رکي شيطاني ڪم نه ڪري. هيءَ ان جي تمام ئي وڏي ٻاجهه آهي جو هن اهو عقل ۽ سمجھه عطا ڪئي، جيڪا انسان جي لاءِ علم جو ذريعو بڻي. (وَعَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَاۗءَ كُلَّہَا) هنن ٻنهي حقيقتن جا ٻه سلبي پاسا هي به آهن:
(الف) الله کان سواءِ ٻيو ڪو خدا، مالڪ يا خالق نه آهي، هو اڪيلو ۽ بيمثال آهي.
(ب) الله تعالى ٻاجھارو آهي، يعني ٻين مالڪن وانگر ظالم ۽ مطلبي نه آهي. هن جي ٻاجھه جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته هن انسان جي فائدي جي لاءِ ان کي عقل ۽ سمجھه وارو بڻايو ۽ پاڻ وٽان علم عطا ڪيو. ٻي ڪابه اهڙي هستي نه آهي جيڪو کيس سچو علم يا خبر ڏئي سگھي. سچي علم جي سڃاڻ هيءَ آهي ته اهو علم راز ۾ نه رکيو وڃي ۽ نه ان کي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي. ٻين لفظن ۾ سچو علم الله تعالى جي طرف کان عام انساني ڀلائي جي لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو جيڪو علم آهي، سو ٺڳڻ جو ذريعو آهي ۽ پڪ سان شيطاني وسوسي سان پيدا ٿئي ٿو. ۽ آخر ڪار استاد ۽ شاگرد ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.
[b]پهرين وحيءَ جي لفظن جي تحقيق:
[/b](1) پهرين وحي ۾ جيئن انسان چيو ويو آهي، ان کان پوءِ آدم چئي ڪري سڏيو ويو آهي.
(2) جنهن شيءِ کي انهيءَ ۾ علم سڏيو ويو آهي، ان کي بعد ۾ ڪتاب (قانون) ۽ حڪمت (فلسفو) چيو ويو آهي.
اقراء: هن لفظ جي معنى عام طور تي پڙهڻ ڪئي ويندي آهي. پر قرآني سيرت ۾ پروفيسر محمد اجمل خان صاحب لکيو آهي ته هي سامي لفظ آهي. فونيقن جي ذريعي يورپ پهتو. انگريزي ۾ (Cry) بڻيو، سنسڪرت ۾ ڪيرتي (شهرت ڏيڻ) ۽ ڪارد (ڳائڻ وارو) ٿيو.
عربي قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي ۽ نه ڪنهن لکيل شيءِ کي ”پڙهڻ“. جڏهن مسلمانن ۾ ڪتابت عام ٿي ته لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي لاءِ به قرات جو لفظ استعمال ٿيڻ لڳو. جڏهن ته انهيءَ جي معنى رڳو چوڻ ئي آهي. ايتري تائين جو امام بخاري جي زماني ۾ هڪ حديث ۾ قرات يعني لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي معنى ۾ لکجي ويو. يعني انهيءَ جي باوجود جو خدا تعالى ڄاڻي پيو ته رسول عربي ﷺ پڙهيل لکيل نه آهي، پر ملائڪ کين حرير تي لکيل شيءِ کي پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
اهو خيال به ته امي جو مطلب اڻ پڙهيو آهي، انهيءَ ئي زماني ۾ رائج ٿي ويو هو. جڏهن ته امي ڪتاب واري جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو اڻ پڙهيو نه ئي هجي. بهرحال قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي. اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ جي معنى اها ئي آهي جيڪا بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ جي آهي. يعني الله جي نالي سان شروع ڪري چوڻ جي. اهڙيءَ طرح ڪجھه سورتن ۾ قل ۽ اُتل چوڻ جي معنى ۾ آهي. (سيرت قرآنيه، ص 138)
جسٽس سيد امير علي به لکيو آهي: ”اقراء جو ترجمو عام طرح ”پڙهه“ ڪيو ويندو آهي، پر مون (Deutsch) جي تجويز ڪيل ترجمي کي اوليت ڏني آهي. يعني ”چئو“.(روح اسلام ص 93)
اصل ۾ اقراء جي معنى ”اعلان ڪرڻ“ آهي. يعني اعلان ڪر پنهنجي پالڻهار جي نالي سان. لفظ اقراء جي ٻنهي معنائن ريعني ”پڙهه“ ۽ ”اعلان ڪر“ ۾ تمام وڏو فرق موجود آهي. ”پڙهه“ اڪيلي ماڻهو کي مخاطب آهي، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ ٻين ماڻهن کي خطاب ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ ۾ انقلابي روح نظر اچي ٿو جيڪو ”پڙهه“ واري لفظ ۾ نه آهي. ”پڙهه“ جو خطاب رڳو رسول الله ﷺ جي ذات اقدس تائين محدود ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ جو خطاب نه رڳو مڪي، حجاز ۽ عرب جي انسانن جي لاءِ آهي، پر دنيا جي سڀني قومن جي لاءِ پڻ آهي. اسلام جو هيءُ عالمي يا بين الاقوامي پاسو پهرين وحيءَ ۾ به موجود آهي، جنهن کي نظر انداز ڪري اسلام جي پيغام کي امت مسلمه تائين محدود ڪري ڇڏيو ويو ۽ هيءَ ڳالهه ترجمي ۽ تفسير ۾ به پيدا ٿي وئي. ائين اسلام جي عالمگير انقلابي روح دفن ٿي ويو جيڪو ختم نبوت جي عقيدي جو منطقي نتيجو هو.
• رب: جو مطلب آقا (غلام جو مالڪ) آهي، پوءِ ڀلي اهو پنهنجي غلام يا ٻانهي جي پرورش ڪندو هجي يا نه ڪندو هجي.
• انسان: پيار ۽ محبت، انسان ذات، آدم نه ڪي شيطان، جيڪو نفرت جو مجسمو آهي.
• علق: پيار ۽ محبت، ڄئور، چمنبڙي وڃڻ، لڙڪي پوڻ، لڳاءُ. اهو حيوان جيڪو ماءُ جي ڳنڀيرڻي ۾ پرورش حاصل ڪري پيدا ٿيو هجي، نه ڪي جن يا نانگ وغيره جي جيڪو ماءُ جي ڳنڀيرڻي جي لڳ يا علق سان نه پر آني مان پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ نفرت جي باهه ڀريل هوندي آهي.
• الاڪرام: تمام ئي ڪرم ڪندڙ، انهيءَ مالڪ جي صفت آهي، جيڪو خالق آهي. ٻئي آقا ڪرم ڪندڙ ٿي سگھن ٿا، پر عام طرح ظالم به هوندا ئي آهن. پر الله کان سواءِ الاکرم ڪوبه نه آهي. دنيا ۾ انصاف ڪندڙ خدا جو تصور هو، پر ڪرم ڪندڙ جو نه، جنهن کي فضل ڪرڻ وارو به چيو ويندو آهي. ڇو ته انصاف ۾ گناهه معاف نٿا ٿي سگھن، انهن تي سزا لازمي آهي. پر ڪرم ڪندڙ يا فضل ڪندڙ گناهن کي معاف ڪري سگھي ٿو.
• علم: (سائنس، سچائي) رڳو الله تعالى ئي ڏئي ٿو، نه ڪي اهرمن يا ڪو جن.
• الانسان: اهو ئي خيال لفظ آدم سان به ظاهر ڪيو ويو آهي. يعني حيوان مان نڪري ماڻهو انسانيت جو لباس پهريو.
• قلم: علم جو ذريعو، عقل ۽ تجربو ۽ مشاهدو. يعني حقيقي علم، عقل يا قلم آهي. يوناني فلسفي ۾ ان کي لوگاس (Logos) يا عقل اول چوندا آهن.
[u][b]ڀاڱو ٻيون: مڪي دؤر
[/b][/u]
زندگي ۽ ڪائنات بابت اسلامي نظريي جا بنيادي اصول ۽ انهن جي قرآني تشريح:
مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن، زندگيءَ بابت اسلامي نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي. هن نظريي جا جزا هن طرح آهن:
(1) خالقِ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور
(2) مرڻ کان پوءِ وري جيئڻ، جنهن ۾ عملن موجب جزا ۽ سزا ڏني ويندي.
(3) رسالت ۽ وحي الاهي.
(4) الله تعالى پيداواري ذريعا پنهنجي مخلوق جي لاءِ خلقيا آهن، انهيءَ ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهيءَ تي قبضو الله جي رضا جي خلاف آهي، تنهن ڪري اهي عوام جي ملڪيت آهن.
(5) غير انساني ۽ غير معاشرتي اخلاقي قدرن تي تنقيد ۽ انهن جا نتيجا.
(6) انساني ۽ معاشرتي اخلاقي قدرن جي سڃاڻ ۽ نشاندهي.
(7) علم بالقلم يعني تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم جو رستو.
سموري مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن انهن بنيادي جزن تي دليلن سان ڀريل آهي ۽ انهن دليلن کي هر هر ورجايو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ چڱيءَ طرح اها ڳالهه ويهي وڃي ۽ ذهني ۽ معاشرتي انقلاب جو سبب بڻجي.
مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآني حصي جون ٻه خاصيتون آهن:
(1) مڪي آيتن ۾ ڏنل تعليم عام انسانن جي لاءِ آهي. قومن جو عروج ۽ زوال، انهيءَ تعليم تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو. انهيءَ ۾ ڇڙا اصول ڏنا ويا آهن. اهي تعليم ۽ اصول دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جا بنيادي اصول آهن.
(2) مڪي قرآن فلسفي جي ٻن بنيادي اصولن، يعني وجود (Ontology) ڇا آهي؟ ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ تي روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ فلسفي جي سڀني مڪتبن جيڪي يونان، اسڪندريه، جمشيد پور (ايران)، هندستان ۽ چين کان اڀريا آهن، انهن جي ٻنهي بنيادي اصولن جو جواب ڏنو آهي ۽ انهيءَ تي تنقيد ڪندي قرآن پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي.
اختصار جي ڪري فلسفي جي سڀني فڪري اسڪولن جو جواب هتي نقل نه پيا ڪري سگھجن، تنهن ڪري جيڪو جواب قرآن انهيءَ باري ۾ ڏنو آهي، رڳو انهيءَ کي پيش ڪيو ويو آهي.

[u][b]پهرين وحي جو فلسفو ۽ انهيءَ جي مختصر تشريح
[/b][/u]
غار حرا ۾ پهرين وحي، جي نزول کان پوءِ، جيڪا پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، پاڻ ڪريمﷺ جن وري ڪڏهن به غور فڪر لاءِ غار ۾ نه ويا. ڇو ته جنهن مقصد جي لاءِ غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر جي لاءِ ويندا هئا، سو کين حاصل ٿي چڪو هو. ”وَجَدَکَ ضَالاًّ فَهَديٰ“. انهن پنجن آيتن ۾ فرد جي نفسياتي اصلاح ۽ معاشري جي نئين سر انقلابي اڏاوت جي لاءِ مڪمل نظريو ڏئي ڇڏيو ويو هو. هاڻي ضرورت هئي ته انهيءَ نظريي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، فرد ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي وڃي. هيءَ جاکوڙ ڏهن منزلن مان گذري، جن مان پنج منزلون مڪي دؤر ۾ ۽ پنج منزلون مدني دؤر ۾ پنهنجي پڄاڻي کي پهتيون.
هنن پنجن آيتن جي اهميت هيءَ آهي ته جيڪڏهن باقي قرآن نه به نازل ٿئي ها، ته ٻين پاڪ ڪتابن جي روشنيءَ ۾ انهن جي تفسير ۽ تشريح سان فرد ۽ معاشري، ٻنهي کي بدلائي سگھجي پيو. ڇو ته سڀئي پاڪ ڪتاب پنهنجي بنيادي تعليم ۽ زندگيءَ جي مقصد جي مقرر ڪرڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. هن نظريي جا هيٺيان جزا آهن:
(1) ڪائنات جي هر شيءِ جو خلقيندڙ الله تعالى آهي.
(2) انسان جي تخليق جو جوهر محبت مان کنيو ويو آهي. (احسن تقويم)
(3) هيءُ خالق يا آقا سڀني ٻاجھارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آهي.
(4) هن آقا قلم، يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي علم سيکاريو آهي.
(5) هن آقا انسان کي عقل ۽ سڃاڻ ڏئي، حيوانيت جي پڙ مان ٻاهر ڪڍيو. ڇو ته حيواني صورت ۾ هي صفتون ۽ گڻ هن وٽ نه هئا.
پاڻ ڪري ﷺ جن تي هنن پنجن آيتن ۾ هيءُ واضح ڪيو ويو هو ته انهيءَ پالڻهار يا مالڪ جي ٻانهپ سان ئي جنهن ڪائنات کي خلقيو آهي، انسان جو خوف ۽ ڳڻتي، بک ۽ جهالت ختم ٿي سگھي ٿي. معاشرو جيڪو ٻن مختلف ۽ مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، ٻيهر توحيدي معاشري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. اهو خالق ئي علم، ڀلائي، سونهن ۽ محبت جو سرچشمو آهي. اهي مراعات يافته طبقا جن علم ۽ سونهن تي به قبضو ڪري رکيو آهي، انهن قدرن جا سرچشما نه آهن. هاڻي هن نظريي جي جزن جي مختصر تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي ڳالهين کي چٽو ڪيو پيو وڃي.
(1) سوال هيءُ آهي ته پالڻهار يا خالق ڪير آهي؟ قرآن ڪريم الله جي هيئت تي بحث نه ڪيو آهي. ڇو ته فلسفي جا مختلف مڪتب انهيءَ جي مختلف تشريح ڪندا آيا هئا. ڪو ان کي مادو چوندو هو، ڪو ان کي روح سمجھندو هو ۽ ڪو ان کي اهڙي قوت سمجھندو هو جيڪو بجلي وانگر سموري ڪائنات ۾ ڦهليل هجي. پر قرآن ٻڌايو ته اهو هن دنيا جو هڪ خالق ئي آهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ هجن ها ته هرڪو پنهنجو پنهنجو الڳ حڪم هلائڻ سان هر پاسي انتشار ڦهلائي ڇڏي ها ۽ ڪائنات ڪنهن هڪ قانون جي پابند نه رهي سگھي ها. قرآن ٻڌايو ته دنيا هڪ طبعي قانون جي پابند آهي. ”لَا الشَّمْسُ يَنْۢبَغِيْ لَہَآ اَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ“ (سورة يٰس) هر شيءِ جو هڪ مقصد آهي، جيڪو پهريان کان مقرر ڪيو ويو آهي. يعني هن مادي ۽ اخلاق جي دنيا ۾ هڪ ڏاهپ ڪم ڪري رهي آهي. تنهن ڪري دنيا هڪ رانديڪو نه آهي ” وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَہُمَا لٰعِبِيْنَ۝۱۶ “ (الانبياء: 39) انسان جي تخليق جو به هڪ مقصد آهي. ” اَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَنْ يُّتْرَكَ سُدًى۝۳۶ۭ “ (قيامه: 36) ” رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ ہٰذَا بَاطِلًا۝۰ۚ “ (آل عمران:191)
اسان جي دؤر ۾ مغربي ادب جيترا ناڪاري تصور ڏنا آهن، ته هيءَ ڪائنات عقل کان ڪوري آهي، هن ۾ ڪوبه سمجھه يا شعور نه آهي. زندگي لا حاصليت (Absurdity) ۽ لا يعنيت (Futility) رکندڙ آهي. هيءَ پنهنجي اندر ڪوبه مقصد يا نصب العين نٿي رکي؛ اهو سڀ ڪجھه غلط آهي. انهن نظرين جي ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۽ انهن جي اثرن جي ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا نسل به جبلتن جي حيواني گھرجن جي تڪميل جي ڪُن ۾ ڦاسي ويا آهن. شراب نوشي، جوئا بازي، جنسي ڇڙواڳي، ڪمزور قومن جي فردن ۽ انهن جي محنت جي استحصال ۽ انهن جي معدني ذخيرن ۽ وسلين تي قبضو ڪرڻ، مزدور جي محنت جو سر عام استحصال جنهن سان رعايتون ڏنل طبقو دولت جا ڍڳ ٺاهي وٺي ٿو، بينڪن جو وياج تي مبني ڪاروباري نظام وغيره، ڪائنات ۽ زندگيءَ بابت، انهن ناڪاري نظرين جو نتيجو آهي. جديد دانشور سائنس جي مدد سان ڪائنات ۾ هڪ طبعي (قانوني) نظام جا ته قائل آهن، پر اخلاقي نظام جا قائل نه آهن. نه رڳو قرآن، پر سڀني الاهي ڪتابن انهيءَ جي برخلاف اهو ٻڌايو آهي ته هن ڪائنات ۾ هڪ اخلاقي نظام به موجود آهي. دنيا جي تاريخ پنهنجي عمل ۾ انهيءَ اخلاقي نظام جي پابند آهي. قرآن عاد، ثمود، فرعون وغيره جي قومن جي مطالعي مان هي نتيجو ڏيڻ گھري ٿو ته قومن جي بربادي، اخلاقي بد اعمالي جو نتيجو رهي آهي. هتي ياد رهي ته انهيءَ اخلاقي بد اعمالي ۾، مزدور جيڪو انهيءَ دؤر ۾ غلام جي صورت ۾ موجود هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي معاشرتي ارتقا جي ڪري زرعي غلام بڻيو ۽ هاڻي مشين جي ايجاد کيس پگھاردار غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ۾ هن جي محنت جو استحصال به شامل آهي. پر اڃا به ائين چئجي ته اهو محنت جو استحصال ئي سموري اخلاقي خرابيءَ جو سبب آهي. قرآن حڪيم جي مفسرن ۽ سيرت پاڪ جا تاريخدانن اخلاقي بد اعمالي ۾ غلام (مزدور) جي محنت جي استحصال کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي نظرن ۾ غلام ۽ ان جي غلامي هڪ فطري ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري ئي بادشاهت واري زماني ۾ غلاميءَ کي هڪ دائمي اداري جي شڪل ڏني وئي هئي، جنهن کي آمريڪا جي هڪ انسان دوست صدر ابرهام لنڪن، غلاميءَ جي پٺڀرائي ڪندڙن سان ويڙهاند ڪري ۽ ان کان پوءِ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي، هن غير انساني اداري کي ختم ڪرڻ جي سعادت ماڻي. انسان کي ان جي خلقڻهار آزاد پيدا ڪيو آهي يعني جهڙي هو پوک پوکيندو، تهڙي ئي لڻندو. (لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى)
[b]توحيد خداوندي جو تصور نه رڳو عادلاڻو، پر رحمت ڀريو پڻ آهي:
[/b]مڪي جي مشرڪن جو واپاري وهنوار ڪيترن ئي ديوتائن (الٰه) جي مدد جي آسري تي هلي رهيو هو. انهن جو خيال هو ته هڪ الٰه وٽان ڪم نه ٿئي ته ٻئي ديوتا يا الٰه کان مدد وٺڻ گھرجي. پر ان جي برخلاف پاڻ ﷺ جن اڪيلي الله جي پرچار شروع ڪئي. پاڻ ٻڌايائون ته مدد اهو ئي الٰه ڪري سگھي ٿو، جنهن ۾ ايتري سگھه هجي جيڪو پيدا به ڪري ۽ مخلوق کي سڌي گس تي آڻي. ” الَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى“ (الاعلى:3) ان کان سواءِ انسانن ۾ پنهنجي نفس جي غلامي به پکڙيل هئي، ” مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ “ (فرقان:43) اهڙي صورتحال ۾ انهيءَ اڪيلي الله جو تصور غلامن ۾ پکڙجي ويو، جيڪو الله، سڀ شيءِ جو خلقڻهار آهي ۽ پنهنجي ٻانهن تي ظلم نٿو ڪري ” وَاَنَّ اللہَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“ (آل عمران: 182) ” وَمَا اللہُ يُرِيْدُ ظُلْمًا لِّلْعٰلَمِيْنَ “ (آل عمران: 108). هيءُ مالڪ يا خالق عدل ڪرڻ ۾ به پنهنجي رحمت جي قانون جو پابند آهي، يعني گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي ”وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَۃٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِہِمْ“ (الرعد:6) عادل هئڻ جي باوجود به هر گناهه کي معاف ڪري ڇڏيندو ” قُلْ يٰعِبَادِيَ الَّذِيْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰٓي اَنْفُسِہِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ۝۰ۭ اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا۝۰ۭ اِنَّہٗ ہُوَالْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ“ (الزمر:53) انهيءَ خالق پنهنجي لاءِ هڪڙو قانون جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سان هو هر ٻانهي جا گناهه معاف ڪري سگھي ٿو. ”كَتَبَ عَلٰي نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ“ (الانعام:12)، پر شرط اهو آهي ته اهي پنهنجي گذريل گناهن کان توبه ڪن ۽ آئينده جي لاءِ ڪوبه گناهه نه ڪن ” فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِہٖ وَاَصْلَحَ فَاِنَّ اللہَ يَتُوْبُ عَلَيْہِ“ (المائده:39). اڳتي هلي قرآن انهيءَ خالق يا رب کي هڪ مالڪ يا بادشاهه سڏيو آهي، جيڪو هر انسان کي ان جي عملن مطابق جزا ۽ سزا ڏئي ٿو. (سورة الناس)
جيئن ته يهودين ۽ ٻين قومن پنهنجي پنهنجي قبيلن جو الڳ الڳ خدا ٺاهي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ جن مڪي وارن کي چيو ته ”رحمان“ رڳو عيسائين جو خدا نه آهي، پر هو سڀني جو جو خدا آهي. اهو ئي اسان جو الله آهي. يهودين کي چيو ته اسان جو توهان جو خدا ڪو الڳ نه آهي، پر هڪڙو ئي آهي، ”اِلٰـہُنَا وَاِلٰــہُكُمْ وَاحِدٌ “ (العنڪبوت:46)
قرآن جو هيءُ اصول آهي ته جن ماڻهن سان هو مخاطب ٿيندو آهي، انهن جي عقلي سطح جي مطابق انهن کي تعليم ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته خدا هڪ آهي. ڇو ته وڌيڪ خدا هجڻ جي صورت ۾ اهي پنهنجا پنهنجا قانون هلائن ها، جنهن جي ڪري دنيا ۾ تمام وڏي گڙٻڙ پيدا ٿي وڃي ها.
[b]مشرڪن سان خطاب:
[/b]اهي ماڻهو جيڪي ڪيترن ئي ديوتائن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ بتن، ستارن ۽ روحن کان مدد گھرندا آهن، تن کي قرآن چوي ٿو ته اهي ته پاڻ ئي محتاج آهن. انهيءَ ڪري اڪيلي الله جي پوڄا ڪريو جنهن سڀني کي پيدا ڪيو آهي. اهي ديوتا، بُتَ، ستارا ۽ روح توهان جا خلقيندڙ نه آهن، پر اهي ته پاڻ ئي ڪنهن جا خلقيل آهن. انهيءَ ڪري رڳو اڪيلي الله کان ئي مدد گھرو.
[b]عيسائي عقيدا:
[/b]اهي ماڻهو جيڪي الله جي ذات ۾ ٻين کي ڀائيوار ڪندا آهن، جيئن عيسائي ڪندا آهن، يا ديوتائن ۽ پيرن فقيرن کي خدا جو ڀائيوار ڪندا آهن ۽ انهن کي سفارشي سمجھندا آهن ۽ انهن جي اندر به خدا جي طاقت ۽ قدرت کي مڃيندا آهن. قرآن چوي ٿو ته هڪ قدرت ۽ پوري پوري سگھه رکندڙ هستي جي برابر هڪ ڪمزور مخلوق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ نه خدا ايترو ڪمزور آهي جو ان کي پنهنجو وارث ڇڏڻ يا پٽ کي ڪم حوالي ڪرڻ جي ضرورت هجي. تنهن ڪري خدا ته اهو آهي جيڪو اڪيلو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. سدائين جيئرو ۽ بيهڪ وارو (حي و قيوم) آهي، جيڪو گھري سو ڪري سگھي ٿو. پر هو ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو آهي ۽ نه پنهنجي رحمت واري قانون جي خلاف ويندو آهي.
[b]يهودين سان خطاب:
[/b]يهودين جو اهو سمجھڻ ته اهي الله جا پٽ آهن يا يهودا رڳو يهودي قوم جو خدا ۽ خدا جي رحمت رڳو انهن جي لاءِ ئي آهي، خدا کي هڪ حد ۾ قيد ڪرڻ آهي. خدا ته سڀني قومن جو خدا آهي، ڇو ته هو ئي حقيقي خالق آهي. هن کي پنهنجي سموري مخلوق پياري آهي، رڳو توهان ئي ان جا لاڏلا نه آهيو.
[b]مجوسي عقيدا:
[/b]مجوسين جو عقيدو به غلط آهي ته نيڪي ۽ بديءَ جا ٻه الڳ الڳ خدا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها ته انساني زندگي لڳاتار ويڙهه ۽ جھيڙي ۾ ڦاٿل هجي ها. ڇو ته بدي جو خدا پنهنجو قانون لاڳو ڪرڻ گھري ها ۽ نيڪيءَ جو خدا ان جي مخالفت ڪري ها. ائين اهي ٻئي سدائين پاڻ ۾ جھيڙيندا رهن ها. تنهن ڪري مڃڻ گھرجي ته نيڪي ۽ بديءَ جو خدا هڪڙو ئي آهي، جيڪو عملن جي نتيجي موجب فيصلو ڪندو آهي.
خدا جي هستي کي مڃڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟:
جيڪي ماڻهو مادي کي خالق سمجھن ٿا، اهي اهو نٿا ٻڌائي سگھن ته تخليق جي لاءِ شعور، ارادو، زندگي ۽ مقصد جو هجڻ ضروري آهي ۽ انهن گڻن کان سواءِ ته تخليق ٿي ئي نٿي سگھي. جڏهن ته مادو انهن گڻن يا صفتن کان وانجھيل آهي. جيڪڏهن مادي ۾ جدلياتي چرپر مڃجي به کڻي، ته به چرپر جو هيٺاهين کان مٿانهين ۽ سادي کان منجھيل ڏانهن وڃڻ هڪ شعوري ۽ ارادي عمل آهي، جڏهن ته مادي جي چرپر شعور ۽ ارادي کان محروم آهي. تنهن ڪري ماديت ۽ دهريت جو فلسفو بلڪل ئي غلط ثابت ٿيو آهي.
جيڪڏهن کڻي اهو مڃيو به وڃي ته ذڪر ڪيل گڻ مادي ۾ جبري طرح موجود هوندا آهن، ته پوءِ مادي جي سموري تشريح ۽ شڪل ئي بدلجي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح مادو الاهي تجلي جو مظهر بڻجي وڃي ٿو. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪڪڙ کي اصلي آنن جي بدران پٿر جي آنن تي آرو ڪرائجي ته چوزا ڪڏهن به ڪونه ڦٽندا، ڇو ته پٿرن ۾ اهي گڻ ۽ عنصر نه آهن جن سان چوزو ٿيندو آهي. مادي جي شروعاتي شڪل اليڪٽران ۽ پروٽان، شعور، ارادي، زندگي ۽ مقصد کان خالي آهن ته انهن مان تخليق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ تنهن ڪري اهوئي وجود يا هستي آهي جيڪا زندگي، حڪمت، شعور ۽ ارادي جي مالڪ آهي.
[b]خدا کي مڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟:
[/b]خدا کي مڃڻ جو اهو مطلب نه آهي ته رڳو زباني اقرار ڪيو وڃي، پر انهيءَ جا ٽي پاسا آهن:
• پهريون پاسو: پهريون پاسو ڪائنات جي باري ۾ آهي. جيڪڏهن ڪائنات شعور ۽ سمجھه کان خالي آهي ته انهيءَ جو اهو مطلب ٿيو ته انهيءَ جي تخليق جو ڪو مقصد نه آهي. تنهن ڪري انسان، جيڪو ڪائنات جو شعور ۽ ارادي وارو حصو آهي، تنهن تي ڪنهن به قسم جي ذميواري نٿي لاڳو ٿئي. دوستو وسڪي چيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪڏهن خالي گھر ۾ هجي ته جيئن گھري تيئن رهي سگھي ٿو، ڪپڙا پائي يا اگھاڙو ٿي وڃي. جيڪڏهن کيس خبر پئجي وڃي ته گھر ۾ ڪو ٻيو ماڻهو به موجود آهي ته هو پنهنجي عملن ۾ محتاط ٿي ويندو. ائين جيڪڏهن ڪائنات شعور يا سمجھه کان خالي آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ، پنهنجي مرضيءَ وارا مقصد مقرر ڪندو، پوءِ اهي اخلاقي لحاظ کان ڀلي ڪيترائي خراب ڇونه هجن. پر خدا جي موجودگيءَ ۾ هو اهڙا مقصد مقرر ڪندو، جيڪي اخلاقي معيار تي پورا ايندا هجن. اهڙيءَ طرح فرد هڪ ”ذميوار“ فرد جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو.
خدا جي موجودگي ۾ هر شيءِ مقصد واري ٿي ويندي آهي ۽ ڪائنات جو سمورو عمل ڪنهن نصب العين ۽ مقصد سان واڳيل ٿي ويندو آهي. خدا جي تصور کان سواءِ ڪائنات جي هر شيءِ ۽ ان جي ارتقائي چرپر بي معنى ۽ بي مقصد ٿي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جون اهي سڀئي تهذيبون، جيڪي انساني جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي ۾ لڳيون رهيون، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آهي. ڇو ته خدا جو تصور زندگيءَ کي هڪ مقصد عطا ڪري ٿو، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن وصفن ۽ گڻن کي پنهنجائڻو پوندو آهي، جيڪي خدا جون وصفون آهن. اهڙيءَ طرح اهو الله جي ويجھڙائي کي حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ حسي ۽ مادي سطح کان مٿانهون ٿيندو ويندو آهي ۽ هن جو معاشرو اعلى اخلاقي گڻن وارو هجڻ جي ڪري، خلافت ۽ نيابت الاهي جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هوندو آهي.
• ٻيو پاسو: خدا جي تصور جو ٻيو پاسو انسان جي نفسيات جي باري ۾ هوندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي بدران اعلى اخلاقي گڻن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن هو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پنهنجي وس ۾ رکي ۽ انهن کي اعلى اخلاقي گڻن جو پابند بڻائي سگھي. ڇو ته هن جو انهيءَ ڳالهه تي پڪو ويساهه هوندو آهي ته هو خدا جي نور سان ظاهر ٿيو آهي ۽ خدا جي نور ڏانهن ئي وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪندو ته زندگي جي حيواني گھرجن جي سطح تائين محدود ٿي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ جو معاشرو، تمدن ۽ تهذيب شراب نوشي، جنسي ڇڙواڳي، جوئابازي ۽ هر ناجائز طريقي سان دولت ميڙڻ ۽ هم جنس پرستي جهڙن غيراخلاقي اوگڻن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو. اهڙي طرح اڄوڪي اولهه جي تهذيب اسان جي سامهون آهي جيڪا تحقيق جي سائنسي طريقي سان فطرت جي قوتن تي پهچ حاصل ڪري، انهن سان جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي جي عمل ۾ لڳي پئي آهي.
• ٽيون پاسو: خدا جي تصور جو ٽيون پاسو انساني معاشري جي باري ۾ آهي. الخلق عيال الله موجب الله تعالى انسان کي پيدا ڪيو ۽ ان جي پالڻ لاءِ وسيلا به پيدا ڪيا. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو وٺي، پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کي حاصل ڪري ۽ انهن ضرورتن جي پورائي کان پوءِ عبادت ۽ نفس جي پاڪائي جي مدد سان الله ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪري.
جيڪڏهن پيداواري وسيلن تي عوام جي گڏيل ملڪيت جي بدران ڪن ٿورڙن ماڻهن جو قبضو ٿي وڃي ۽ معاشري ۾ متضاد مفاد رکڻ وارا معاشي طبقا پيدا ٿي وڃن، ته پوءِ تمام ئي ٿورڙي تعداد وارا ماڻهو، پيداواري وسيلن تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي. هن گھڻائي وٽ رڳو پنهنجي محنت هوندي آهي، جنهن کي هو پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل ماڻهن کي وڪڻي، پنهنجي پيٽ پالي ٿي. اهڙي طرح گھڻائي حيواني سطح کان هيٺ ٿي، انساني درجو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي.
زراعت واري زماني کان وٺي انسان آقا ۽ غلام جي ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. آقا تي ٻڌل طبقي وٽ دولت جي جھجھائي هوندي هئي. انهيءَ جي قبضي ۾ علم ۽ تهذيب جا ادارا به هوندا هئا. جڏهن ته غلام طبقو گھڻائي ۾ هجڻ جي باوجود به علم ۽ تهذيب کان محروم هوندو هو. معاشرتي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ ڪارخانن جو مالڪ بڻجي ويو، جڏهن ته غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو.
مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ معاشري جا ٻه طبقا وڌيڪ واضح ۽ مٿانهين حيثيت اختيار ڪري ويا، ڇو ته هڪ ڪارخاني جي ڇت جي هيٺان سوين مزدور گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ تحقيق جي سائنسي طريقي جي ڪري هن ڳالهه جي خبر پئي ته دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو ته اها غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي.
زرعي معاشري جي شروعات کان ئي غلام پنهنجي مالڪن جون ٻنيون کيڙيندا هئا، انهن جي لاءِ محلاتون تيار ڪندا هئا، انهن جي فوجن ۾ ڀرتي ٿي انهن جي بادشاهت کي وڌائيندا هئا. مالڪ انهن تي تمام گھڻا ظلم ڪندا هئا. انهن کي قتل ڪندا، لڱ ڪانڊاريندڙ سزائون ڏيندا ۽ کين وڪرو به ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو ته انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ جي لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جي شروعات ٿي. اهي پاڪباز ماڻهو هر ملڪ، هر قوم ۽ هر ڳوٺ ۾ آيا. انهن سڀني جي دعوت هڪڙي ئي هئي. انهن ٻڌايو ته هن ڪائنات جو خالق هڪڙو ئي آهي. هيءُ خالق سڀني قومن جو خالق پڻ آهي. انهن توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو. جيئن ته هر قبيلي ۽ هرقوم جا بت جدا جدا هئا، جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا ۽ هر قوم يا قبيلو پنهنجي بُت جي، ٻين قومن ۽ قبيلن جي بتن تي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو هو، تنهن ڪري انهن جو پاڻ ۾ جنگين ۽ فسادن جو سلسلو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندو ايندو هو.
نبين سڳورن توحيد الاهي جي تصور کي پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ڪري توحيد الاهي جو تصور انساني اتحاد جو تصور رکندڙ هو. توحيد الاهي جي تصور کي جڏهن معاشري تي لاڳو ڪيو ويو ته توحيدي معاشرو وجود ۾ اچي ويو، جيڪو متضاد مفاد رکڻ واري معاشي طبقي جي ڇڪتاڻ کان پاڪ ۽ صاف هو. پر ٿيو ائين جو مذهب جي پاڪباز بانين ۽ انهن جي ٿورڙن سچن پيروڪارن کان پوءِ، مذهبي پيشوائن پنهنجي دنياوي زندگي جي سهولتن ۽ آسائشن جي لاءِ، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي خيال سان مذهب جي باني نظريي کي پٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن موجب خدا جي وحدانيت جو مطلب معاشري کي متضاد طبقن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ آهي. اهڙي لوڀي مذهبي پيشوائيت عوام کي ٻڌايو ته غربت، جهالت ۽ مسڪيني الله تعالى انهن جي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي. غربت ۽ دولت جي جھجھائي انسان کي الله تعالى جي طرفان ئي ملندي آهي. غريب کي ان جي تڪليفن ۽ پورهئي جو اجر مرڻ کان پوءِ ملندو، تنهن ڪري کيس صبر ۽ خوشيءَ سان زندگي گذارڻ گهرجي ۽ کيس پنهنجي مالڪ يا آقا جو فرمانبردار ٿي رهڻ گهرجي. سڀني مذهبن جا مذهبي اڳواڻ ۽ پيشوا اڄ تائين اها تعليم ڏيندا رهيا آهن. پر هاڻي علم جي ترقي ۽ تحقيق جي سائنسي طريقن، انهيءَ ٺڳيءَ جو پردو ڦاڙي ڇڏيو آهي ۽ چٽائي ڪري ڇڏي آهي ته غربت ۽ حڪومت اصل ۾ محنت جي استحصال جي ڪري ئي آهي. جيڪو طبقو محنت جو استحصال ڪري ٿو سو امير آهي ۽ محنت وڪرو ڪندڙ غريب رهجي وڃي ٿو.
خدا جي وحدانيت يا توحيد الاهي جي عقيدي جو معاشرتي مقصد معاشري کي متضاد معاشي طبقن کان پاڪ ڪري محنت ڪرڻ وارن فردن تي مشتمل غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي. رڳو زباني طور خدا جي توحيد جو اقرار، هڪ ڳجھو ۽ اجايو عمل آهي. سوشلسٽ فلسفي معاشري کي غير طبقاتي بڻائڻ جي عمل مان خدا جي تصور کي ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا ۽ سوشلسٽ معاشرو اخلاقي ڇڙواڳي جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي ويو.
[b]خدا بابت قرآن جو تصور:
[/b]خدا جي وجود کي مڃڻ جو فائدو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن معاشرو توحيدي حيثيت اختيار ڪري وٺي. اهو معاشرو فرد کي اخلاقي ترقيءَ ۾ مدد ڏئي ٿو. جيئن ته استحصال کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم نه ٿي سگھيو، ۽ جيڪو ٿيو سو به خدا کان انڪار تي ٻڌل هو، تنهن ڪري خدا پرست ۽ خدا کان انڪاري، ٻن شڪلين ۾ معاشرو طبقاتي ٽڪراءَ سان پيدا ٿيڻ واري غير اخلاقي ۽ غير انساني اثرن کان پاڪ نه ٿي سگھيو. قرآن جو خدا بابت تصور قبائلي ۽ قومي نه آهي، پر عالمگير آهي. اهو دنيا جي سڀني قومن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار آهي. انهيءَ تصور مان هڪ اهڙي تهذيب وجود ۾ اچي ٿي، جيڪا انساني اتحاد جو بڻياد بڻجي ٿي. اهو ئي خدا علم جو سرچشمو به آهي. دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته قومن جي وچ ۾ سياسي اتحاد قائم هجي ۽ اهو سياسي اتحاد اخلاقي اتحاد تي دارومدار رکي ٿو. پهرين وحي ۾ اهو ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ ثقافتي اتحاد رڳو انهيءَ ئي تصور تي قائم ٿي سگھي ٿو ته، سڀني انسانن جو ۽ سڀني قومن جو آقا اهو ئي هڪ خدا آهي جيڪو هر شيءِ جو خلقيندڙ آهي. قرآن ٻڌايو ته مخلوق هجڻ جي حيثيت ۾ سڀئي انسان هڪجهڙا آهن ۽ ڪا به قوم ٻي قوم کان مٿانهين نه آهي. خدا جي انهي تصور کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش، انسان جي آزاديءَ کي مٽائي ڇڏي ٿي. اها ظلم ۽ خواري ۽ بزدلي جي علمبردار آهي. ڪائنات جي خالق جي وحدت ئي انساني وحدت ۽ انساني عظمت رکڻ واري آهي. انهيءَ تصور تي صحيح عمل سان ئي نفرت ۽ ظلم مِٽجي وڃي ٿو ۽ محبت ۽ عدل پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي تصور ثقافتي وحدت جو بنياد آهي ۽ اهو ئي خدائي قانون ۽ حق وارو دين آهي.
خدا جي انهيءَ تصور کي رسول الله ﷺ جن مختلف منزلن ۽ ڏاڪن جي ذريعي دنيا تائين پهچايو ۽ انهيءَ ئي تصور تي مديني ۾ رياست قائم ڪئي. انهيءَ ئي تصور جي روشنيءَ ۾ ميثاق مدينه به ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ يهودين ۽ مشرڪ قبيلن تي ٻڌل هڪ اتحاد قائم ڪيو ويو، جنهن کي ”امت واحده“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو هو. افسوس جو يهودين جي غداري جي ڪري اهو تصور اڳتي وڌي نه سگھيو. ان کان پوءِ اڳتي هلي خلافت راشده جي جاءِ تي بادشاهت جا بنياد قائم ڪيا ويا.
اسان جي دؤر ۾ وحدت انساني جي قيام لاءِ ”ميثاق مدينه“ هڪ روشن نموني جي حيثيت رکي ٿو، پر مسلمان عالمن جي تنگ نظري جي ڪري انهيءَ تي عمل نه ٿي سگھيو.
[b]خدا کي مڃڻ جو مقصد:
[/b]خدا کي مڃڻ جو رڳو اهو مطلب نه آهي ته هر وقت الله جو ورد ڪيو وڃي، يا ٻين معبودن کي مڃڻ وارن تي تشدد شروع ڪيو وڃي. ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن هيءَ ڳالهه سمجھه ۾ اچي وڃي ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، انهيءَ جي تعليم به هڪ آهي ته انهيءَ هڪڙي خدا يا الٰه جو ئي حڪم مڃڻ گھرجي. انسان ذات سان محبت ڪرڻ خدا کي خوش ڪرڻ جو ذريعو آهي. ٻين سان نفرت نه ڪرڻ گھرجي، پوءِ ڀلي ان جو بنياد مذهبي ۽ قومي اختلاف ئي ڇونه هجي. خدا جي مرضي ۽ حڪم جي نافرماني ڪندي، ٻين کي نقصان ڏئي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ، جيئن مزدور جو استحصال ڪري دولت حاصل ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي.
الله تعالى نٿو گھري ته انسان ان جي نالي تي هڪ ٻئي کي قتل ڪن ۽ ڦر مار ڪن. هوش حواس ۽ عمل جا دروازا انهيءَ لاءِ انسانن تي کوليا ويا آهن ته جيئن انهيءَ هوش ۽ حواس کان ڪم وٺي، اخلاقي ۽ سماجي ترقي ڪريون. پر انسان خدا جي مرضي جي خلاف پنهنجو پاڻ کي متضاد معاشي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ تمام ئي ننڍڙي ٽولي خدا جي طرفان انسانن جي فائدي جي لاءِ پيدا ڪيل وسيلن تي قبضو ڪري گھڻائي کي محروم ڪري ڇڏيو ۽ انهن محروم فردن جي محنت جي استحصال سان دولت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي طرح معاشرو ٻنهي گروهن جي گڏيل مفادن جي ڇڪتاڻ ۾ پريشاني جو شڪار ٿي ويو ۽ اها حالت ان وقت تائين قائم رهندي، جيستائين پيداواري وسيلن تي عوام جو قبضو نٿو ٿي وڃي.
انهن متضاد مفاد رکڻ وارن طبقن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري فرد هڪ مُنو ٿي خدا ڏانهن به متوجهه نٿو ٿي سگهي ۽ اهڙي طرح اهو قرب الاهي کان محروم رهجي ويندو آهي جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي. ائين معاشري جي گھڻائي، پيداواري وسلين کان محروميءَ جي ڪري، غربت ۽ جهالت ۾ ڦاٿل رهي ٿي ۽ تهذيب جي برڪتن کان پڻ محروم رهي ٿي.
دنيا جي مذهبن جي پيشوائن، پيداواري وسلين تي قابض طبقي جي مفاد کي، مذهبي نقطه نظر سان تحفظ ڏنو ۽ عوام کي عبادت ۽ رسمن جي ادائگي سان مطمئن ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جا سڀئي مذهب محنت جي استحصال کي جائز سڏي رهيا آهن ۽ غربت ۽ حڪومت کي خدائي تقدير تصور ڪن ٿا. تنهن ڪري خدا کي مڃڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته پيداواري وسيلن کي ٿورڙن فردن جي قبضي مان ڪڍي، عام مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي سان مطمئن ٿي، عبادت الاهي ڏانهن متوجهه ٿي سگھي. اهڙي طرح هو پنهنجي علم ۽ عمل سان پنهنجي مالڪ الله سان ويجھو ٿيندو وڃي جيڪو ان جي تخليق جو اصل مقصد آهي.
[b]علم ڇا آهي؟:
[/b]پهرين وحيءَ وجود ۽ علم جي باري ۾، جيڪي علم بنسبت فلسفي جا بنيادي مسئلا آهن، پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي. وجود به الله تعالى جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به الله تعالى جي ذات آهي. وحي الاهي رڳو اهو نه چيو ته خدا تعالى انسان کي علم ڏنو آهي، پر ان کي علّم بالقلم چيو آهي.
اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت يوناني عقليت هر طرف ڇانيل هئي. ارسطو جيتوڻيڪ منطق جي ٻنهي قسمن يعني داخلي منطق (Inductive Logic) ۽ استخراجي منطق (Deductive Logic) جو ذڪر ڪيو آهي. پر معاشرتي حالتن جي ڪري داخلي منطق وڌي ويجھي نه سگھيو، ان جي بدران استخراجي منطق سوچڻ جو اوزار بڻجي ويو.
انهن ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته استخراجي منطق گھڻائي کان هيڪڙائي ڏانهن اچي ٿو جڏهن ته داخلي منطق هيڪڙائي جي مطالعي سان گھڻائي کي ترتيب ڏئي ٿي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته انسان فاني آهي، ته استخراجي منطق انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته جيئن ته سمورا انسان فاني آهن انهيءَ ڪري زيد به فاني آهي جو اهو ”هڪ“ انسان آهي. پر داخلي سوچ جو ذريعو زمين جي هر خطي جي هر انسان جو مطالعو ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي تفصيلي مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته سمورا انسان فاني آهن. ارسطو جي زماني ۾ پيغام رساني ۽ لڏپلاڻ جا وسيلا به ترقي يافته نه هئا، انهيءَ ڪري هيڪڙائي وارو مطالعو تمام ڏکيو هو، جنهن ڪري داخلي منطق وڌيو ويجھيو، جنهن ۾ هيڪڙائيءَ جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت نه هئي.
انهن ٻنهي منطقن جي باري ۾ سترهين صدي جي محقق فرانس بيڪن چيو آهي ته استخراجي منطق جو مثال هڪ ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي اندران پِڪَ ڪڍي پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄارو اڻيندو رهندو آهي، اهڙيءَ ئي طرح استخراجي محقق به پنهنجي ڪمري ۾ ويهي گھڻائيءَ مان هيڪڙائي نتيجو ڪڍندو رهندو آهي. جڏهن ته داخلي محقق جو مثال ماکيءَ جي مک وانگر آهي جيڪا سوين گلن ۽ ميون مان رس چوسي پنهنجي ماناري ۾ ماکي ٺاهي ٿي. داخلي محقق ڪنهن وڏي واقعي (General Proposition) مان نتيجو ڪڍڻ جي لاءِ تفصيلي مطالعو ڪندو آهي، جنهن ۾ ان کي ڪيترن ئي جاين جو سفر به ڪرڻو پوندو آهي. تحيقي جي داخلي طريقي کي تحقيق جو سائنسي طريقو سڏيو وڃي ٿو.
علم بالقلم جو مطلب تحقيق جو داخلي طريقو آهي. ڇو ته قلم تفصيلي تحقيق جي نتيجن کي لکي ٿو، جنهن مان ڪو نتيجو نڪري ٿو. قلم کان بنا حاصل ٿيڻ وارو علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل نه هوندو آهي، جڏهن ته قلم جي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي. پهرين وحي علم بالقلم چئي ڪري سائنسي علم جو ڏس پتو ڏنو آهي، يعني غير سائنسي يا غير داخلي علم کي پيش نه ڪيو آهي. اصل ۾ تحقيق جو داخلي طريقو وڏي يا ننڍي نتيجي جي معروضي يا مادي حقيقت سان مطابقت نٿو رکي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته وڻ دسترخوان هوندا آهن (وڏو نتيجو) هي به وڻ آهي؛ (ننڍو نتيجو) انهيءَ ڪري هي به دسترخوان آهي. (نتيجو) جيستائين وڏي نتيجي ۽ ننڍي نتيجي جو تعلق آهي، نتيجو صحيح آهي. پر وڏو نتيجو معروضي حقيقت جي مطابق نه آهي، وڻ دسترخوان نه هوندا آهن، انهيءَ ڪري نتيجو معروضي حقيقت مطابق نه آهي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ تحقيق جي داخلي يا سائنسي طريقي موجب جيڪڏهن وڏو نتيجو معروضي حقيقت سان هڪجهڙائي نٿو رکي ته سائنسي طريقو نتيجي کي قبول نه ڪندو آهي ۽ ان کي غلط سڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اولهه واري تحقيق جي سائنسي طريقي جي استعمال سان، صحيح علم کي اخذ ڪيو آهي جنهن جي ڪري يورپ تمام گھڻي ترقي ڪري ويو آهي. ڇو ته سائنسي طريقي سان حاصل ڪيل علم فرضي ڳالهين تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر پڪين حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ تجربي ۽ مشاهدي سان انهيءَ جي سچائي کي پرکي سگھجي ٿو.
پر افسوس هيءُ آهي ته اسان جي عالمن ۽ مفسرن علم بالقلم جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو مسلم معاشرو اڄ ڏيڍ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته آهي. مسلم ملڪن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي علم پڙهايا وڃن ٿا اهي سڀئي علم اولهه جي محققن جا تحقيق ڪيل آهن. پهرين وحي جي انهيءَ علمي حقيقت جي نشاندهي جي باوجود، مسلم عالم ۽ محقق عام طور تي استخراجي عقليت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا. ايتري تائين جو اڄ به ديني مدرسن ۾ استخراجي عقليت کان ئي ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهيءَ جي لاءِ دليل اهو پيو ڏنو وڃي ته خدا جي هستي ۽ طبعيات کان هٽي ڪري ٻيا عقيدا، تجربن ۽ مشاهدن سان معلوم نٿا ڪري سگھجن. جڏهن ته اها ڳالهه بلڪل ئي غلط آهي. قرآن ڪريم وري وري فطرت جي مطالعي جي تاڪيد ڪئي آهي. جيتوڻيڪ امام غزالي ۽ ڪانٽ ٻڌايو آهي ته طبعيات کان هٽي ڪري، حقيقتن کي ڄاڻڻ جي لاءِ عقل ڪم نٿو ڏئي سگھي، پر غزالي ۽ ڪانٽ پاڻ به وجدان جي واڌويجھه جي ذريعي، طبعيات کان پوءِ وارين حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو آهي. دنيا جي هر مذهب جي صوفين سڳورن انهن حقيقتن جو مشاهدو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي حقيقتون ڪنهن فرضي ڳالهه تي ٻڌل نه، پر صحيح معنى ۾ حقيقتون آهن. تنهن ڪري علم بالقلم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي، پوءِ ڀلي اهو عقل جي ذريعي حاصل ٿئي يا وجدان جي ذريعي حاصل ٿئي. وري جيڪڏهن مشاهدن تي غور ڪيو وڃي ته انهن مشاهدن جي هڪجهڙائي انهيءَ ڳالهه جو دليل بڻجي وڃي ٿي ته طبعيات کان پوءِ واريون حقيقتون فرضي ڳالهيون نه آهن، پر ڪي حقيقتون آهن جيڪي زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.
برگسان وقت Time جون ٻه شڪليون ٻڌايون آهن. انهن مان هڪ زمان متسلسل (Serial Time) ۽ ٻيو زمان خالص (Duration) آهي، جنهن جي ذريعي حواس ۽ عقل جو واسطو زمان متسلسل سان رهندو آهي، جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ ورهائبو آهي. زمان خالص جو تعلق وجدان سان هوندو آهي. زمان متسلسل شي (Thing) کي ان جي جزن ۾ ڏسندو آهي. انهيءَ جي پهچ سڀ (Whole) تائين ناهي هوندي. جڏهن ته زمان خالص حقيقت کي سڀ جي حيثيت سان ڏسندو آهي. تنهن ڪري ڪانٽ ۽ غزالي جو هيءُ موقف صحيح آهي ته عقل ۽ حواس حقيقت تائين پهچ حاصل نٿا ڪري سگھن. ڇو ته انهيءَ جي لاءِ وجدان جي ضرورت آهي. وحي الاهي وجدان سان تعلق رکي ٿي. پر هيءَ حقيقت ياد رکڻ گھرجي ته وجدان جو تعلق به تجربي ۽ مشاهدي سان آهي. اهو غير عقلي نه آهي جيتوڻيڪ ظاهر ۾ عقل کان مٿانهون آهي.

[u][b]ڀاڱو ٽيون: ڳجهي دعوت
[/b][/u]
(ڊسمبر 610ع کان فيبروري 612ع)
جيئن ته هن کان پهريان بيان ٿي چڪو آهي ته انقلاب جي جزن مان سڀ کان پهريون جزو نظريو هوندو. انهيءَ نظريي ۾ انقلاب جو فلسفو ۽ نصب العين جي تفصيل هوندي آهي. نظريي تي سهمت ٿيڻ وارن فردن جي جماعت يا پارٽي جوڙي ويندي آهي جيڪا سياسي جاکوڙ سان انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۾ اسلامي انقلاب جو مڪمل نظريو ۽ نصب العين ڏنو ويو هو. جيئن ته ايران ۽ روم جي پاڻ ۾ جنگين جي ڪري واپاري رستا بند ٿي ويا هئا. قريش جي سردارن جي معاش جو ذريعو رڳو حج جي ميلي ۽ واپاري قافلا هئا. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن سوچيو ته جيڪڏهن هن وقت کين بت پرستي کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي ته اهي سمجھندا ته انهن جي روزيءَ جو آخري سهارو به ختم ڪيو پيو وڃي. تنهن ڪري فيصلو اهو ڪيو ويو ته ڪجھه عرصي تائين چپ چپات ۾ ڪم ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو انقلاب جا ٻانهن ٻيلي هئا، انهن تي ٻڌل هڪ جماعت جوڙي وڃي. ان کان پوءِ حالتون بدلجندي ئي اعلانيه جاکوڙ شروع ڪئي وڃي.
ڪوهه صفا جي ڪڇ ۾ ابو الارقمؒ (اسدي) جي گھر ۾ نبي ڪريمﷺ جن پناهه وٺي ڇڏي هئي، ۽ هتان کان ئي ڳجھي دعوت پکيڙي پئي وئي. حضرت ابو بڪرؒ جي ڪوششن سان ڪجھه آزاد ۽ غلام ماڻهن انهيءَ دعوت کي قبولي ورتو. شروع ۾ مؤمن يا مسلم جي بدران سچار جو لفظ استعمال ٿيندو هو. دعوت هيءَ هوندي هئي:
(1) گھڻن ئي پالڻهارن جي جاءِ تي رڳو هڪڙي ئي پالڻهار جي پوڄا ڪئي وڃي ۽ ارباب من دون الله جي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي. مقصد هيءُ هو ته الله جي جوڙيل نظام حيات جي مقابلي ۾ اهي مشرڪ آهن جن زندگيءَ جو نظام پنهنجي مرضي موجب بڻائي ورتو هو. خدا جي نظام ۾ رزق حاصل ڪرڻ جا ذريعا سڀني لاءِ کليل ۽ عام هئا. هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ ذهني قابليت جي موجب انهن مان فائدو ماڻي سگھي پيو. انساني معاشري ۾ متضاد معاشي مفاد رکڻ وارا طبقا ڪونه هئا. يعني آقا ۽ مالڪ جو وجود نه هو. پر انهن ”ارباب من دون الله“ معاشري کي آقا ۽ غلام ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ ورڇ مطابق گھڻائي غلامن تي ٻڌل هئي جڏهن ته آقائن جو تعداد تمام ٿورو هو. جيئن ته انهن آقائن جو رزق، علم ۽ تهذيب جو وسيلن تي قبضو هو، انهيءَ ڪري انسانن جي گھڻائي غربت، جهالت،غلامي، مسڪيني ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جڪڙيل هئي.
”ارباب من دون الله“ اهي مالڪ هئا، جن کي مذهبي پيشوائن بتن ۽ انهن تي قائم ٿيڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي سردارن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن آقائن جا مفاد محفوظ رهن. ان کان پوءِ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ اهي آقا، جاگيردار، صنعتڪار ۽ ڪارخانن جي مالڪن جي حيثيت ۾ بدلجي ويا ۽ غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي.
”ارباب من دون الله“ جي خلاف بغاوت اصل ۾ معاشي طبقاتي نظام ۽ بتن جي حمايت ۽ حفاظت ڪرڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي خلاف بغاوت هئي، جنهن اڄ بت پرستي جي خاتمي کان پوءِ هاڻي مذهبي پيشوائيت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. گڏوگڏ اهو به ته اڄ جا ”ارباب من دون الله“ جن جي قبضي ۾ رزق جا وسيلا، جهڙوڪ زمين، ڪارخان، ڪوئلو ۽ ٻيون معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا ۽ دريا وغيره آهن، سي انهيءَ جاگيردار، صنعتي سرمائيدار، وڏن واپارين جيڪي اسٽاڪ ايڪسچيج جي وڏي جوئا خاني سان تعلق رکن ٿا، شاهوڪار نظام رکندڙ بينڪرن ۽ سمگلرن وغيره جي نالن سان به سڏيا وڃن ٿا. اڄ به انسانن جي گھڻائي هارين ۽ مزدورن تي مشتمل آهي، انهن سان گڏ وڏو تعداد پوئتي پيل ۽ نادار انسانن جو آهي.
هن معاشي طبقن تي ٻڌل نظام انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ نظام خود غرضي، حسد ۽ نفرت کي هٿي ڏني، جنهن جي نتيجي خوف، ڳڻتي ۽ بک جو هر طرف راڄ آهي. نيڪي ۽ شرافت جا جذبا ڌٻجي ويا آهن.
(2) جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري وٺن ته رڳو رب الخالق، المعلم جي پوڄا ڪئي وڃي، انهن کي گهرجي ته ٻين کي به شرڪ ۽ ڪفر جي اونداهيءَ مان ڪڍن ته جيئن انساني هڪجهڙائي قائم ٿي سگھي ۽ طبقاتي معاشرو توحيدي معاشري ۾ بدلجي وڃي. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان نڪري مزدورن ۽ عوام جي ملڪيت ۾ اچي وڃن ۽ ائين ڪينو، نفرت ۽ خود غرضي جي جاءِ تي محبت، نيڪي ۽ شرافت والاري. اهڙي قسم جي تبديلي ئي بک، خوف ۽ جهالت کي ختم ڪندي.
(3) هن دعوت کي مڃيندڙن جي جماعت جو امام نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ هئا، جيڪي رب الخالق والمعلم جا موڪليل پيغمبر هئا. اهو رحماني پيغام انسانيت کي اونداهي ۽ ڪفر مان ڪڍي سوجهري ۽ ايمان ڏانهن، اڻڄاڻائيءَ مان ڪڍي علم ڏانهن ۽ اڻ ڳڻين آقائن جي غلامي ۽ ذلت مان ڪڍي رڳو هڪ آقا (الله) جي غلامي جي شرف ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه اسان جي دؤر ۾ جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مڪي جا پيداواري وسيلا واپار تي مشتمل هئا. مڪي ۽ مديني ۾ زمين پيداواري وسيلو نه هئي. پر انهيءَ جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ جن زمين جي باري ۾ اهو فيصلو ڏنو ته پوکي ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن زمين کي هارپي تي ڏنو وڃي ته اهو معاملو ربوا (وياج) جو آهي. تنهن ڪري ڪڙمت کي ناجائز سڏيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته زمين جو مالڪ اهو آهي جيڪو ان کي پاڻ کيڙي ٿو. پر بادشاهي نظام جي دٻاءَ ۾ اچي، جنهن ۾ غلامن جي ادارن کي مستقل بڻايو ويو هو، جڏهن ته قرآن فديي يا احسان سان غلام کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، امام ابو يوسفؓ ڪڙمت جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن سان مسلمانن ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿي ويو. اصل ۾ انهيءَ جي شروعات دمشق جي خلافت کان ئي شروع ٿي وئي هئي، پر انهيءَ جي تڪميل عباسي خلافت ۾ ٿي.
نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته حضرت عمرؒ جي زماني ۾ جڏهن عراق، شام ۽ مصر وغيره جي زمينن جي ورهاست جو مسئلو اڳيان آيو ته حضرت عمرؒ انهيءَ ورهاست مان مطمئن نه ٿيو، ايتري تائين جو کين قرآن حڪيم مان ڄاڻ ملي ته انهن زمينن ۾ انهن جو به حصو آهي، جيڪي هن کان پوءِ اچڻ وارا آهن. تنهن ڪري سڀئي زمينون گڏيل ملڪيت ۾ ورتيون ويون ۽ خلافت راشده تائين مسلم معاشرو جاگيرداري جي لعنت کان محفوظ رهيو.
جن ماڻهن حضرت رسول الله ﷺ جي دعوت تي ڪن ڏنو ۽ ڳجھي پارٽي جا ميمبر بڻجي ويا، انهن جا نالا هيٺ ڏنا ويا آهن. انهن اصحابن جي باري ۾ تفصيل سيرت جي عام ڪتابن ۾ ملي ويندو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا ماڻهو به آهن، جن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ڪيا ويا:
1. حضرت خديجة الڪبرىؒ ، نبي ڪريم ؐ جي شريڪ حيات.
2. حضرت زيدؒ بن حارث، نبي ڪريم ﷺ جو آزاد ڪيل غلام.
3. حضرت عليؒ بن ابي طالب، نبي ڪريم ؐ جو سؤٽ.
4. حضرت ابو بڪرؒ بن قحافه، نبي ڪريمؐ جو ننڍپڻ جو سنگتي ۽ ساٿي.
5. حضرت عثمان بن عفان (4 محرم 24 هه ۾ حضرت عمرؒ کان پوءِ خليفا چونڊيا ويا ۽ 8 ذي الحج 35 هه ۾ شهيد ڪيا ويا).
6. حضرت زبير بن العوام (اسدي) رسول الله ﷺ جي پڦي جا پٽ هوا. سخت سور سٺا. 36 هه ۾ سجدي جي حالت ۾ شهيد ڪيا ويا.
7. عبدالعزى بن عوف (زهري) اسلام کان پوءِ ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. حضرت عمرؒ جي خلافت کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو.
8. طلحه بن عبيد اللهؒ (تميمي) حضرت ابوبڪرؒ جو مائٽ هو. احد جي جنگ ۾ رسول الله ﷺ کي بچائيندي سندس آڱريون ڪٽجي ويون. حضرت عليؒ جي زماني ۾ خلافت جو اميدوار هو. پر حضرت زبيرؒ جي الڳ ٿي وڃڻ سان هي به پاسي تي ٿي ويو. شهيد ڪيو ويو.
9. ابو عبيده عامر بن الجراحؒ (فهري). نجران وارن جي لاءِ معلم ٿي ڪري ويو. شام جي فوجن جو سالار بڻيو. بيت المقدس کي صلح سان فتح ڪيو. 8 هه ۾ وفات ڪيائين.
10. سعد بن ابي وقاصؒ (زهدي) فاتح ايران.
11. عمير بن ابي وقاصؒ، مائٽي ۾ پاڻ ﷺ جو مامو هو. ڪوفي کي آباد ڪيائين ۽ 55 هه ۾ مديني کان ٻاهر ڪنڊائتو رهندي وفات ڪيائين.
12. ابو سلمه عبد الله بن عبدالاسدؒ. رسول الله ﷺ جو پڦاٽ ۽ رضاعي ڀاءُ هو. جنگ احد ۾ زخمي ٿيو ۽ 4 هه ۾ وفات ڪيائين.
13. ام سلمهؒ. ام المؤمنين هئي. پاڻ ﷺ سان نڪاح ۾ اچڻ کان اڳ ابوسلمه جي زال هئي.
14. عثمان بن مظعونؒ.
15. سائبؒ ۽ ان جا ٻه ڀائر
16. قدامهؒ.
17. عبد اللهؒ. سؤٽ هو.
18. معمر بن الحارثؒ 2هه ۾ وفات ڪيائين. هو تهجد گذار ۽ روزا رکندڙ هو.
19. عامر بن فهيره (ازدي)حضرت ابو بڪرؒ ان کي خريد ڪيو ۽ آزاد ڪيو هو. غار ثور وارن ڏينهن ۾ اهو ئي ٻڪريون چاريندي هجرت جي موقعي تي کير پياريندو هو. 4 هه ۾ جڏهن ستر (70) قاري شهيد ٿيا ته هيءُ به انهن ۾ شامل هو.
20. ابو حذيفهؒ بن عتبه شروع ۾ اسلام جو سخت مخالف هو. پر ايمان آندائين. 54 سالن جي عمر ۾ مسيلمه ڪذاب سان وڙهندي شهيد ٿيو.
21. رقمؒ بن ابي ارقم (اسدي) پيءُ جو نالو ابو ارقم هو. صفا جبل جي هيٺان ان جو گھر هو. اتي ئي رسول الله ﷺ جن پناهه ورتي هئي. 83 سالن جي عمر ۾ وفات ٿيس. 140هه ۾ خليفي منصور عباسي سندس يادگار گهر کي خريد ڪري ورتو هو.
22. غلامن ۽ عورتن جي طرفان تصديق. وقفي وقفي سان ٿورڙا غلام ۽ عورتون به انهيءَ انقلابي برادريءَ ۾ شامل ٿيند رهيا. غلامن مان:
(أ‌) عمار بن ياسرؒ 20 هجري ۾ ڪوفي جو والي بڻيو. پنهنجي پر اثر تقريرن سان تقريباً ڏهه هزار ڪوفين کي حضرت علي ؒجو حامي بڻائي ورتو. (90) سالن جي عمر ۾ جنگ جمل ۾ شهيد ٿيو.
(ب‌) صهيبؒ بن سنان (رومي) موصل جي رهڻ وارو هو. حضرت عمرؒ جي شهادت کان پوءِ خلافت جي فيصلي تائين خليفو رهيو. 38 هه ۾ مديني ۾ 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
(ت‌) بلال حبشيؒ، اميه بن خلف جو غلام هو جيڪو مٿس لڱ ڪانڊاريندڙ انداز سان ظلم ڪندو هو. حضرت ابوبڪرؒ کيس خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
(ث‌) ان کان سواءِ ڪيترائي غلام هن انقلابي هلچل ۾ شامل ٿي ويا هئا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ کان پوءِ به حق تي قائم رهيا. اسلامي دؤر ۾ انهن کي عزت ۽ مرتبو مليو.
(ج‌) اسماء بنت عميس، حضرت جعفر بن ابي طالب سان گڏ حبشه ڏانهن هجرت ڪئي. ڪيترن ئي سالن تائين جلاوطني برداشت ڪئي. 7 هجري ۾ رنڙ ٿي وئي ۽ حضرت ابوبڪرؒ جي نڪاح ۾ آئي.
(ح‌) ام الفضلؒ زوجه عباسؒ، عورتن مان حضرت خديجه ؒ کان پٺيان ئي مسلمان ٿي وئي هئي. ياد هجي ته هيءَ ۽ ٻيون عورتون پنهنجن مڙسن کان پهريان انهيءَ جماعت ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ هر طرح پنهنجي خلاف خانداني مخالفت کي به برداشت ڪيو.
(خ‌) اسماء بنت حضرت ابو بڪرؒ جو ايمان آڻڻ وارن ۾ ارڙهون نمبر آهي. هي انهيءَ عبدالله بن زبير جي ماءُ آهي، جنهن يزيد جي خلافت جو انڪار ڪيو ۽ شهيد ڪيو ويو.
(د‌) رسول الله ﷺ جون ٻه نياڻيون بي بي رقيهؒ ۽ بي بي ام ڪلثومؒ به انهيءَ ٽولي ۾ شامل هيون جيڪي اسلام آڻڻ کان پوءِ سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿيون.
(ذ‌) عائشه ؒ بنت ابي بڪرؒ پاڻ پيدائشي مسلمان هيون. پاڻ نبي ڪريمﷺ جي سڀ کان ننڍي عمر واري گھرواري هئي. جنگين ۾ زخمين کي پاڻي پياريندي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪندي هئي. 11 هه ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سندن ڪوٺيءَ ۾ ئي دفن ٿيا. بيواهيءَ جا 48 سال گذارڻ کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. پاڻ وڏي فقيهه هئي.
(ر‌) فاطمهؒ بنت خطاب، حضرت عمرؒ جي ڀيڻ هئي. هن حضرت عمر ؒ کان پهريان اسلام قبوليو هو.
(ز‌) امينهؒ بنت خلف به شروعاتي مسلمانن مان هئي. پنهنجي ڀاءُ اميه بن خلف جي سخت مخالفت جي هوندي به مسلمان ٿي وئي. پنهنجي مڙس خالد بن سعيد سان گڏ حبشه هجرت ڪئي.
هن فهرست تي هڪ نظر وجھڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسلامي انقلاب هڪ عوامي انقلاب هو. اهو رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ نه آيو هو. ڪڙمت کي ربوا (وياج) سڏڻ جو مطلب ئي اهو هو ته انهيءَ دؤر ۾ جيئن ته پيداواري وسيلو صرف زمين هئي، تنهن کي مزدور يعني عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن جاگيرداري نظام قائم نه ٿي سگھي. رعايتون ڏنل طبقي جا ڪجھه فرد، جيڪي انقلابي جاکوڙ ۾ شامل هئا سي نيڪ دل ۽ انسان دوست هئا ۽ هيءُ ٿورڙو تعداد هر عوامي انقلاب ۾ شامل رهيو آهي. اهي ماڻهو اصل ۾ زمين جا مالڪ نه هئا جيڪي محنت جي استحصال جو ذريعو بڻبي رهي آهي، پر واپاري هئا. هن دؤر جي واپار ۾ محنت جي استحصال جو تمام ئي ٿورڙو شبهو هو. اهو واپار قافلن جي صورت ۾ هوندو هو، جنهن کي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي نٿي سگھي.
اسلامي انقلاب تي، رعايتون ڏنل طبقي حضرت عثمانؒ جي خلافت جي آخري سالن ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. انهن جي شهادت کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ انهيءَ طبقي خلافت تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي مديني کان دمشق کڻي ويا، جتي انهيءَ عوامي انقلابي جمهوريت کي بادشاهيت ۾ بدلائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي.
ڳجھي دعوت جو دؤر لڳ ڀڳ ٽي سال جاري رهيو. انهيءَ عرصي ۾ غلام، عورتون ۽ مرد سڀئي هن نئين اڀرندڙ انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا هئا. خوف، بک، جهالت ۽ نالي چڙهين مذهبي پيشوائن کان آزادي جو پروگرام بڻجي چڪو هو ۽ الله تعالى، جيڪو پالڻهار ۽ خالق ۽ ڪريم هو، تنهنجي ٻانهپ جي ڳجھي تياري ٿي رهي هئي.
انهيءَ دؤر ۾ وحي الاهي جي ذريعي جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن جو خطاب نه ته اميرن سان هو ۽ نه ماڻهن سان. اهي رڳو رسول الله ﷺ جي دل کي ڏڍ ڏيڻ ۽ کين انقلاب جي ڏکين مرحلن مان گذارڻ جي لاءِ دل ٻڌائڻ جي لاءِ هيون. اهي سورتون والضحى، الم نشرح، الفلق، الفيل ۽ القدر وغيره هيون. جن جو مفهوم هيءُ هو ته انقلاب جي مقصد ۽ حڪمت عملي جي باري ۾ رسول الله ﷺ جي دل کي ڪشادو ڪيو ويو آهي. پڪ سان سندن ڳالهه مٿانهين هوندي. ڏک ۽ سک جو اچڻ انساني زندگيءَ جو حصو آهي. کين يتيميءَ جي حالت ۾ پناهه ملي. انقلاب جو دڳ نه ملڻ تي کين دڳ ڏسيو ويو. مسڪينيءَ کان شاهوڪاري ملي. اهڙي طرح هر اچڻ وارو دؤر پهرين دؤر کان ڀلو ٿيندو ويندو. خدا جادوگرن ۽ حاسدن کان کين پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ اهي هاٿين وارن وانگر تباهه ٿي ويندا. انهن جادوگرن وغيره جو مقابلو انهيءَ سلامتيءَ واري تعليم سان ڪيو ويندو، جيڪو الروح آهي، يعني قرآن سان اسان سان گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن ۽ سڪون ۽ سلامتي پيدا ڪندا آهن.
هن دوءر جون ڪي خاصيتون
(1) هن دؤر ۾ خدا جي لاءِ واحد جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو، پر اڻ سڌي طرح توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو ويو ته خلقيندڙ اڪيلو آهي. ٻيو ڪو به خالق نه آهي. وجود به انهيءَ جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به اهو ئي آهي.
(2) خدا جي سڀني صفتن ۾ صفت ”رب“ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو، ڇو ته رب جي معنى آقا آهي. انهيءَ دؤر ۾ غلامي عام هئي. روم، ايران، مصر وغيره وڏيون تهذيبون غلام بڻائيندڙ به هيون ۽ غلامن تي ٻڌل پڻ هيون. سندن مالڪ تمام ئي ظالم ۽ مطلبي هئا. انهن جي مقابلي ۾ رب جو تصور تمام ئي ٻاجھه ۽ مهرباني وارو هو، جيڪو خالق به هو ۽ علم ڏيڻ وارو ۽ معلم به هو. جيتوڻيڪ ڪجھه مالڪ مهربان به هئا، پر الله ڪرم ڪندڙ هو يعني ان جهڙي بي حساب مهرباني ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به مدمقابل نه آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ (ڳجھي دعوت واري) دؤر ۾ انساني آقائن جي مقابلي ۾ الله تعالى کي رب (آقا) سڏيو ويو آهي ته جيئن غلام پنهنجي دنياوي آقائن کان بغاوت ڪري جيڪي ظالم، خونخوار، خود غرض ۽ انسانيت کي علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم رکڻ وارا هئا، انهيءَ هڪڙي آقا جي بندگي ۾ اچي وڃن جيڪو خالق آهي، مهربان آهي، اڃا به تمام ئي مهربان آهي ۽ علم ڏيڻ وارو معلم پڻ آهي.
(3) هتي رڳو علم نه چيو ويو، پر علم بالقلم چيو ويو آهي. قلم تجربي توڙي مشاهدي ۽ انهن جي نتيجن کي محفوظ ڪرڻ جو ذريعو هو ته جيئن اچڻ وارا نسل انهن تجربن ۽ مشاهدن مان فائدو ماڻي علم کي وڌيڪ ترقي ڏين. انهيءَ ڪري علم مان مراد سائنس ۽ تاريخ بابت علم آهن. يورپ مسلمانن کان استفادو ڪري تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم يعني سائنس کي، جنهن کي استقرائي علم به چيو وڃي ٿو، تمام گھڻي ترقي ڏني. انسان زمين ۽ سمنڊن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ فضا کي به فتح ڪري چنڊ تي پير رکيو. سائنس تحقيق جي داخلي طريقي جو ٻيو نالو آهي. استخراجي طريقو سائنسي مطالعي جي برخلاف، ان جو ضد آهي. انهيءَ تي تفصيلي نوٽ پهريان گذري چڪو آهي.
(4) قرآن جي پهرين ئي وحيءَ اخلاقيات کي اقتصاديات سان وابسته سڏيو آهي. جيڪڏهن معاشرو اهڙي اقتصاديات تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ محنت جو استحصال ڪيو ويندو هوندو ۽ معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هوندو، يعني هڪ طبقو جيڪو تمام ئي ٿورڙي تعداد ۾ آهي، سمورن پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قابض هجي ۽ ٻيو طبقو اهو جنهن ۾ مزدورن ۽ پوئتي پيل محروم انسانن جي تعداد جو نوي سيڪڙو هجي، ته اهڙي اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ سڀئي بداخلاقيون، جهڙوڪ خون خرابي، ويڙهه جھيڙو، جنسي ڇڙواڳي، جوئا بازي، ڦرمار، شراب نوشي، عزت جي نيلامي، ڪمزورن جي مال تي ڏاڍ سان قبضو ڪرڻ وغيره شامل هوندا. اڃا به ائين چئجي ته اهو طبقاتي معاشي نظام ئي انهن بيمارين کي پيدا ڪندو آهي. انهيءَ جو اصل سبب پيداواري وسيلن تي قبضو رکڻ واري طبقي (آقا، جاگيردار ۽ صنعتڪار) جي مفادن ۽ انهن وسيلن کان محروم گھڻائي، جيڪا پنهنجي محنت وڪڻي ڪري پيٽ پالڻ وارن (يعني غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام) جي طبقي تي ٻڌل، جي وچ ۾ ٿيندڙ طبقاتي ڇڪتاڻ آهي.
جيڪڏهن پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هجن ته طبقاتي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ۽ معاشري ۾ امن، برابري، محبت، پاڻ ۾ تعاون، جنسي صحتمندي، ڪمزور جي مدد ڪرڻ وارا انسان پيدا ٿيندا. تنهن ڪري اخلاقي نظام جو چڱو يا خراب هئڻ معاشي نظام جي طبقاتي يا غير طبقاتي هئڻ تي دارومدار رکي ٿو. قرآن انهيءَ نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي، ۽ عياش ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڪمزورن، عام انسانن ۽ گھڻائي وارن طبقن جي وضاحت ڪئي آهي ۽ مقصد هيءُ ٻڌايو آهي ته عياشن جي طبقي کي ختم ڪري معاشري کي غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلايو وڃي. پر خلافت جي دمشق ڏانهن منتقل ٿيڻ ۽ اسلام جي انقلابي اڳواڻي تي رعايتون ڏنل طبقي جي قبضي، طبقاتي معاشري کي توحيدي يا غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي تصور کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهيت جي اداري کي دائمي طرح مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو ڏيڍ هزار سالن کان مسلمان معاشرو طبقن ۾ ورهائبو آيو آهي، جنهن ڪري هر طرح جي بداخلاقي ۾ ڦاٿل آهي. جيستائين اهو طبقاتي نظام قائم رهندو، اها ڇڙواڳي ۽ بد اخلاقي به قائم رهندي.
(5) اسلام جادو جي اثرن کي مڃي ٿو. پر جادوگر کي انسان دشمن سڏي ٿو ۽ کين پنهنجي جادوگري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. پر هيءُ ڪاروبار نه رڳو انساني معاشري، پر مسلم معاشري ۾ اڄ تائين پنهنجا پير ڄمايون بيٺو آهي. قرآن ضد آهي جادو ۽ منتر وغيره جو. اها تعليم جيڪا حق هجي، هدايت ۽ نور هجي، جنهن جي پڙهڻ سان جبل به هلڻ لڳن، سو ڪلام پڪ سان الله تعالى جي طرف کان هوندو. ” وَلَوْ اَنَّ قُرْاٰنًا سُيِّرَتْ بِہِ الْجِبَالُ“ (الرعد:31). ڪافر قرآن کي جادو چوندا هئا ۽ جادو ڪوڙ هوندو آهي ”وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ“ (هود:7)
(6) ملائڪَ يا ملائڪُ (جمع ۽ واحد) اُهي طبعي قوتون آهن جيڪي سموري ڪائنات ۾ ملن ٿا. يهودي ۽ عيسائي انهن کي جسم وارو سمجھندا هئا ۽ اهو ته اهي الله جون فرمانبردار روحاني قوتون يا فرشتا آهن. جهالت جي زماني ۾ عرب انهن کي ماديون سمجھندا هئا ۽ پنهنجي ديوين (لات، منات ۽ عزى) کي ملائڪَ چوندا هئا. انهن جو خيال هو ته اهي الله جون ڌيئر آهن ۽ انهن جي ماءُ هڪ جنڙي آهي ”فَاسْتَفْتِہِمْ اَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَہُمُ الْبَنُوْنَ“ (الصافات: 149) ڄڻ ته خدا ۽ جن جي مائٽي ڳنڍي، ٻنهي کي خوش ڪرڻ گھرندا هئا ” وَجَعَلُوْا بَيْنَہٗ وَبَيْنَ الْجِنَّۃِ نَسَـبًا۝۰ۭ “ (الصافات:158)
قرآن ڪيترائي دفعا سڪينه يعني دل جي اطمينان ۽ جنود الله يعني الله تعالى جي عطا ڪيل همٿ جي نزول جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح ملائڪن سان گڏ الروح يعني خدا جي قوت يا جبرئيل جو ذڪر آهي. انهيءَ ڪري الروح کي امر رب يا وحي چيو ويو آهي. اهڙي طرح ” يُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَۃَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِہٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِہٖٓ“ (النحل:2)، ” قُلِ الرُّوْحُ مِنْ اَمْرِ رَبِّيْ “ (بني اسرائيل:58) ۽ ”وَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ رُوْحًا مِّنْ اَمْرِنَا “ (الشورى:52) به چيو ويو آهي. مطلب ته قرآني اصطلاح ۾ ملڪ يا فرشتو اها خدائي قوت آهي، جيڪو انسان جي دل ۾ اطمينان، ڀروسو، همٿ ۽ استقامت پيدا ڪري ٿو. موجوده زماني جي اصطلاح ۾ انهيءَ کي ضمير يا وجدان چئي سگھجي ٿو. يا استعاري طور هي خدائي آواز آهي، جيڪو هر انسان ٻڌي سگھي ٿو ”فَاَلْہَمَہَا فُجُوْرَہَا وَتَقْوٰىہَا“ (والشمس:8)
هاڻي انهن سورتن جي مفهوم تي ٿورڙي وضاحت ڪجي ٿي. وڌيڪ وضاحتون توهان کي تفسيرن ۾ به ملي وينديون.
(1) غار حرا ۾ اچڻ واري پهرين وحي الاهي پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ فلسفي جي ٻن بنيادي سوالن جو جواب ڏنو ويو هو: هڪ اهو ته وجود ڇا آهي؟ ۽ ٻيو اهو ته علم ڇا آهي؟
هستي ۽ معرفت يعني وجود ۽ علم جي هيئت جي ڳولا ۾ انسان فلسفي جا ڪيترا ئي فڪري مڪتب پيدا ڪري ورتا هئا. انهن مختلف مڪتبن انساني ذهن کي پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو هو. پهرين وحيءَ حقيقت سان گڏوگڏ اهوبه ٻڌائي ڇڏيو ته وجود توڙي علم جو سرچشمو رب، الخالق ۽ المعلم جي ذات آهي. انهيءَ خالق جي حڪمن جي فرمانبرداري طبقاتي معاشري کي، جيڪو سڀني بداخلاقين جو بڻياد آهي، توحيدي معاشري ۾ بدلائي ڇڏيندي ۽ اهڙيءَ طرح انسان بک، جهالت، خوف ۽ غلاميءَ جي لعنت کان ڇوٽڪارو ماڻيندو.
انهن پنجن آيتن جي نزول کان پوءِ، انهن ۾ ٻڌايل زندگيءَ جي فلسفي ۽ ڪائنات جي تصور ۽ نصب العين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، ڳجھو طريقو پنهنجايو ويو. انهيءَ عرصي ۾ نبي ڪريم ﷺ جي دل کي ڏاڍو ڪرڻ ۽ انقلاب جي ڳري بار کي کڻڻ جي لاءِ سندن دل کي ڪشادو ڪيو ويو.
(2) والضحى: انهيءَ سلسلي ۾ ٻي سورة والضحى نازل ٿي. پهرين وحي کان پوءِ وحي جو سلسلو ڪجھه عرصي جي لاءِ بند ٿي ويو هو.
نبي ڪريم ﷺ سمجھيو ته شايد انقلابي جاکوڙ ۾ خدائي هدايت جو سلسلو بند ٿي ويو آهي. اها سورة انهيءَ ئي فڪرمندي جو جواب آهي، ته فطرت (الله) ۽ ان جون قوتون جڏهن انساني معاشري ۾ انقلابي هلچل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺنديون آهن، ته پوءِ انهيءَ هلچل کي ظالم طبقي هٿان تباهه ۽ برباد ٿيڻ لاءِ بي سهارو نه ڇڏيو ويندو آهي. دنيا جي سماجي انقلابن ۾ به اهو ئي عالمگير قانون ڪم ڪندو رهيو آهي. رسول الله ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته فطرت جا مظهر ۽ ان جون ڄاتل سڃاتل عادتون انهيءَ ڳالهه جو دليل آهن ته هيءُ انقلاب ضرور ڪامياب ٿيندو. اهڙي طرح تيرهن سالن جي سخت جاکوڙ کان پوءِ رسول الله ﷺ کي مديني ۾ انهيءَ فڪر تي ٻڌل هڪ رياست قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ائين اها اڳڪٿي ته توهان کي جلد ئي خوشخبري ڏني ويندي، پوري ٿي وئي.
هونئن به رسول الله ﷺ جي زندگيءَ ۾ شروع کان ئي هڪ ڳجھو هٿ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، جيڪو انهن جي حفاظت ۽ جاکوڙ جي هر موڙ تي سندن نظرياتي رهنمائي ڪندو هو. پاڻ يتيم هئا، ڪو معمولي واقعو به هن بي سهاري ۽ يتيم جي زندگيءَ کي اُجھائي نه سگھيو، اڃا به کين مضبوط پناهه ڏني وئي. انسانيت کي ذلت جي اوڙاهه مان ڪڍڻ جو صحيح طريقو ۽ صحيح فڪر جي خبر نه هئي؛ ڪيترائي رستا موجود هئا، جن مان هڪڙو ئي صحيح گس هو، تنهن گس کي چٽو ڪري ٻڌايو ويو. پاڻ مسڪين هئا، انقلابي هلچل شروع ڪرڻ لاءِ مالي پريشاني مان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو ضروري هو ته جيئن پوري توجھه سان هلچل جي انقلابي ۽ جاکوڙي فڪر جي بنيادن کي مضبوط ڪري ۽ هڪ پڙ تي آڻي بيهاري سگھن، کين آسودو ڪيو ويو. هن انقلاب جو مقصد ۽ نصب العين به ٻڌايو ويو ته مظلوم، يتيم ۽ پوئتي پيل ۽ غلام طبقي جي حالت کي تبديل ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي مالي خوشحالي، هڪجهڙائي، پاڻ ۾ محبت ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن مان فائدو ماڻي پنهنجي ذات جي تڪميل ڪري سگھن.
آخر ۾ ٻڌايو ويو ته اسلامي انقلاب تاريخ جي ٻين غير ديني انقلابن کان الڳ آهي. ڇو ته ٻين دنياوي انقلابن جو مقصد رڳو مادي خوشحالي ۽ امن ۽ سڪون حاصل ڪرڻ هوندو آهي. پر نبوي انقلاب مادي خوشحالي ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن سان گڏوگڏ عبادت الاهي جي ذريعي پنهنجي زندگيءَ جي روحاني پاسي جي تڪميل ڪرڻ پڻ آهي، ته جيئن انسان اهو قرب الاهي حاصل ڪري سگھي، جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي. ڇو ته مرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي مالڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي. سورة مزمل ۾ رسول الله ﷺ جي راتين جو عبادت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته ڏينهن ۾ انقلابي جاکوڙ جي لاءِ انهيءَ کي گھٽائي ڇڏن.
اسان جي دؤر ۾ اشتراڪي انقلاب جو نصب العين رڳو عوام جي خوشحالي هو. انساني نفس ۾ عبادت جي ذريعي اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي واضح ڪرڻ انهيءَ جو مقصد نه هو. انهيءَ ڪري ئي اهو ناڪام ٿي ويو ۽ انسان وري معيشت جي استحصالي نظام واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو.
(3) ٽين سورة الم نشرح آهي، جنهن سان اسلام جي نظريي کي سمجھڻ ۽ ان کي زندگيءَ تي لاڳو ڪرڻ ۽ زندگيءَ کي ان جي گھرجن موجب تبديل ڪرڻ لاءِ صحيح گس ۽ طريقيڪار تي ذهن جو کلي وڃڻ بابت شرح صدر آهي. حضرت شاهه عبدالعزيز ؓ الم نشرح جي تفسير ۾ ٻڌايو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو چار دفعا سينو کوليو ويو. (1) حليمه سعيده وٽ جڏهن پاڻ اڃا ٻالڪ هئا. (2) ڏهن سالن جي عمر ۾ جڏهن ٻالڪپڻ جو دؤر ختم ٿيو ۽ پاڻ ابو طالب سان گڏ شام ويا. (3) وحي جي نازل ٿيڻ کان پهريان، يعني چاليهن سالن جي عمر کان پهريان، جڏهن پاڻ مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ماڻهن کي هدايت ڪرڻ وارا هئا. (4) طائف مان موٽڻ کان پوءِ جڏهن سورة اسراء نازل ٿي ۽ پاڻ ﷺ جو توجھه قومن کي اسلام جي تبليغ ڏانهن ٿيو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انقلابي جاکوڙ جي هر موڙ تي سينو کلندو رهيو. ڇو ته انقلابي جاکوڙ ۾ انقلابي ڪارڪنن ۽ انقلابي نظرين جي پيروڪارن جي سلامتي انهيءَ ڳالهه تي دارومدار رکندي آهي ته انساني مسئلن جو صحيح حل پيش ڪرڻ وارو انقلابي نظريو ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ وارو صحيح رستو ٻئي صحيح هجن، نه ته انقلاب جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ انقلابي ڪارڪنن کي مخالفت چٿي ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري تباهيءَ جو تصور ئي انقلابي رهنما جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ کان سواءِ اهو ٻوجھه جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن محسوس ڪري رهيا هئا، سو هيءُ هو ته نه رڳو مڪي ۽ حجاز ۽ عرب ۾ ئي انساني زندگي شڪست کاڌل هئي پر عرب کان ٻاهر به پاڻ ﷺ جن پنهنجي واپاري سفرن ۾ مشاهدو ڪري ڏٺو هو ته هر جاءِ تي غلامي جو نظام رائج آهي ۽ معاشري جي ٻن مظلوم طبقن يعني مشاهدو ڪري هر قسم جا ظلم ڪيا پيا وڃن. جنسي ڇڙواڳي عام آهي. ماڻهن جي سامهون زندگيءَ جو ڪو اعلى مقصد بنهه نه آهي. جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي لاءِ سموري جاکوڙ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي عملن جي جوابدهي جو تصور اڻلڀ هو. مذهبن جا پيروڪار پڻ آخري زندگيءَ جي تصور کي وساري چڪا هئا. معاشري کي طبقاتي ڇڪتاڻ مان ڪڍي، انهيءَ ۾ وحدت پيدا ڪرڻ واري نصب العين کي مذهبي اڳواڻن، رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ، ديني فرضن وانگر عوام جي نظرن کان پري رکيو هو. رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ عبادتگاهن جي اڏاوت ۽ سينگار کي ئي آخرت واري زندگي ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت سڏيو ويو هو. مذهبن جي پاڻ ۾ اختلاف تي تشدد ڀريا ٽولا بڻجي پيا هئا ۽ دين جي وحدت جي تعليم جو تصور ختم ٿي ويو هو، جنهن تي وحدت انسانيت جو قيام ممڪن ٿي سگھي پيو.
توحيد الاهي، آخرت ۽ رسالت تي ايمان جي باري ۾ پاڻ ﷺ جن الله تعالى جي خاص مهربانيءَ سان سمجھي ورتو هو ته اهو ئي زندگي جي هر بگاڙ جو علاج آهي. الله تعالى جي انهيءَ رهنمائيءَ سان سندن ذهن جو ٻوجھه هلڪو ٿي ويو. الله تعالى ٻڌايو ته هر اهنجائيءَ کان پوءِ سنهنجائي جو اچڻ لازمي آهي ۽ پاڻ ﷺ جو انقلابي ڪم اڳتي وڌي رهيو آهي ” وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ “. جڏهن پاڻ کليل دعوت جي شروعات ڪيائون ته مڪي جي غلام بڻائيندڙ سردارن جي پاسي کان سخت مخالفت جي هوندي به انقلابي هلچل ۾ شامل ٿيڻ وارن جو تعداد لڳاتار وڌندو رهيو.
آخر ۾ زور ڏنو ويو ته جڏهن به توهان انقلابي ڪمن يا ذاتي ضرورتن مان واندڪائي حاصل ڪريو ته پنهنجي خالق حقيقيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو. انهيءَ سان هڪ ته انقلابي تعليم ۽ عمل جي باري ۾ سينو کلندو ۽ ٻيو عبادت ۾ الله تعالى سان رابطو قائم ٿيندو جيڪو صحيح فڪر ۽ عمل جو سرچشمو آهي ته رهبر به آهي.
(4) سورة فلق: جادو ۽ ٽوڻي جو عمل تمام آڳاٽو آهي. انسان پنهنجي تجربي سان هيءَ ڳالهه سمجھي ورتي هئي ته جيڪڏهن نفس کي قابو ڪيو وڃي ته انهيءَ جي اثرن سان ڪم ڪڍي سگھجي ٿو، جيئن اڄ ڪلهه مسمريزم جو عمل آهي. جيڪڏهن توجهه کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪئي وڃي ته انهيءَ قوت سان هو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺي سگھي ٿو. اسلام جادو يا سحر ۽ انهيءَ جي اثرن کي مڃي ٿو، جو دشمن کي هيٺ ڪرڻ يا تباهه ڪرڻ جي لاءِ اهو به هڪ حيلو هو.
رسول الله ﷺ تي هڪ يهودي لبيد بن اعصم ۽ ان جي ٻن ڀينرن جادو ڪيو هو، جنهن سان پاڻ ڪريم ﷺ جي جسم تي انهيءَ جا اثر ظاهر ٿيا. انهيءَ واقعي جو تفصيل تفهيم القرآن ۾ ڏنو ويو آهي. قرآن ۾ بابل جي هاروت ۽ ماروت جو ذڪر آهي، جن کان ماڻهو جادو سکندا هئا. ويندي حضرت موسى ؑ جي سامهون جادوگرن لٺيون ۽ رسا اڇلائي انهن کي نانگن بلائن جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيو هو ۽ سوين ماڻهن جي هجوم تي انهن جي جادو جو اثر ٿيو هو. ايتري تائين جو پاڻ موسى ؑ به انهن لٺين ۽ رسن کي نانگ سمجھي رهيو هو. وحي الاهي لٺ کي اڇلائڻ جو حڪم ڏنو جيڪو هڪ اجگر بلا بڻجي ويو ۽ جادوگرن جي نانگن کي کائي ويو هو.
اسلام ٽوڻي ڦيڻي ۽ جادو وغيره کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي، انهيءَ کي دولت ڪمائڻ جو ذريعو بنائڻ کان منع ڪئي آهي. اها ڳالهه پڌري هجي ته جادو جو اثر نبي ڪريم ﷺ جي جسم تائين محدود هو، سندن نبوت جي ڪمن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو هو.
فلق جو مطلب آهي ته تخليق جو عمل ٽٽي جدا ٿيڻ يا جدليات (Dialectics) سان ٿيندو آهي. انهيءَ عمل ۾ مثبت مان ان جو منفي پيدا ٿيندو آهي ۽ ٻنهي ۾ ٽڪراءَ سان طفره (ٽپي) جي ذريعي هڪ نئون ميلاپ وجود ۾ ايندو آهي جيڪو پنهنجي خاصيت ۽ شڪل، ٻنهي ۾ پنهنجي مثبت ۽ منفي کان الڳ هوندو آهي. اهو ميلاپ تخليق ۾ هڪ واڌارو هوندو آهي جيڪو ان کان پهريان موجود ڪونه هو.
برائي سراسر منفي يا ناڪاري شي آهي. برائي جيڪڏهن پنهنجي اندر هاڪاري خاصيتون نٿي رکي ته اها سراسر برائي ئي آهي. برائيءَ جو وجود انهيءَ ڪري آهي جو هر شيءِ عيبدار ۽ هڪ حد اندر آهي. انهيءَ ڪري پنهنجو ناڪاري پاسو به رکندي آهي. پنهنجي تڪميل جي عمل ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا پاڻ ۾ ٽڪراءَ ۾ اچي ويندا آهن، جنهن سان نئين تخليق ٿيندي آهي، جيڪا ما قبل کان وڌيڪ مڪمل هوندي آهي. اقبال چيو آهي ته:
کائنات ابھی نا تمام ہے شاید
کہ آ رہی ہے دمادم صدائے کن فیکون
بڇڙائي پسند جماعتون ۽ ماڻهو پنهنجي بڇڙائي پکيڙڻ جي لاءِ رات جي وقت جي چونڊ ڪندا آهن. نفث في العقد جو مطلب جادوگر جماعتن کان سواءِ انقلابي فڪر جي خلاف سٽون سٽن واريون جماعتون به ٿي سگھن ٿيون. ساڙولو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي پنهنجي مرتبي کان وڌيڪ مرتبو حاصل ٿيڻ ٿي پيو سڙندو ۽ پڄرندو آهي ۽ مختلف حيلن سان انهيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ابوجهل به انهيءَ ڪري ئي مخالف هو ته هو رسول الله ﷺ جي قبيلي کي، پاڻ ﷺ کي نبوت ملڻ جي ڪري، پنهنجي قبيلي کان مٿانهون سمجھندو هو ۽ اها ڳالهه سهي نٿي سگھيو، تنهن ڪري مخالفت تي لهي آيو. نبي ڪريم ﷺ کي الله تعالى جادو ۽ حسد جي باهه کان آخري گھڙيءَ تائين محفوظ رکيو.
اها ڳالهه ياد رهي ته هر انقلابي هلچل جي خلاف حسد ڪرڻ وارا ۽ هلچل کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ مختلف ٽوڙ ڦوڙ وارا حربا هلائڻ وارا ماڻهو موجود هوندا آهن، پر آخرڪار اهي ناڪام ٿيندا آهن.
(5) الفيل: هيءَ پاڪ سورت ٻڌائي ٿي ته فطرت جن انقلابن کي پاڻ پيدا ڪرڻ گھرندي آهي، انهيءَ سان انسانيت جي هر قسم جي سگهه ۾ ارتقا ۽ واڌويجھه جو عمل پيدا ٿيندو آهي. انهن انقلابن ۾ اهڙا واقعا پيدا ٿيندا آهن، جيڪي انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن ۽ قوتن جي مرضي ۽ وس کان ٻاهر هوندا آهن. پر اهي واقعا انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ ضروري هوندا آهن. ابرهه جو حملو ۽ ان جي تباهي به اهڙن ئي واقعن مان هڪ آهي.
پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ روسي فوجن جي هار ۽ انهن جي ڏتڙيل حالت وغيره، اهڙا واقعا هئا جو ڪامريڊ لينن جي وس کان ٻاهر هئا، پر اهي ئي واقعا اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي ضمانت پڻ بڻيا.
رسول الله ﷺ جي پيدائش کان چاليهه ڏينهن پهريان هيءُ حملو ٿيو هو. هاٿين جي فوج کي هارائڻ عربن جي وس کان ئي ٻاهر هو. عبدالمطلب ته رڳو پنهنجا اٺ واپس وٺي آيو. جيڪڏهن ابرهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته اسلامي انقلاب آڻڻ ممڪن ئي نه هو. ڇو ته هو پنهنجي سگھه سان انهيءَ کي چٿي ڇڏي ها. جيئن ته تاريخ ۾ اهو ڏسجي ٿو ته غلامن ۽ پوئتي پيل طبقن جي انقلابن کي ڇڙواڳ حڪومتن پنهنجي سگھه سان چٿي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ابرهه جي تباهي اسلامي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ سراسر الله تعالى جي طرفان ڀلائي هئي.
(6) القدر: اسلامي انقلاب جي اهميت ۽ عظمت تي روشني وڌي وئي آهي. اها رات يا گھڙي جنهن ۾ انسانن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ انقلابي پروگرام ۽ جاکوڙ جا طريقا جڙندا آهن، سا سڀني غيرانقلابي راتين يا گھڙين کان وڌيڪ ڀلاري ۽ مانائتي هوندي آهي.
غار حرا ۾ اها رات، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي، مڪي حجاز يا عرب، پر سموري دنيا جي تقدير کي بدلائڻ واري رات هئي ۽ اها ئي انهيءَ جي عظمت هئي. اهڙيءَ رات ۾ ملائڪ انسانن جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ خدائي تعليم کڻي انقلابي اڳواڻ جي دل تي نازل ٿيا. ايتري تائين جو انقلابي جاکوڙ، جهالت جي اونداهيءَ رات کي ختم ڪري، انسانن جي لاءِ امن، سلامتي، ترقي ۽ عظمت جي روشن صبح کي نروار ڪري ڇڏيو. دنيا جا سڀئي انقلاب، جن انساني ترقي ۽ سلامتيءَ جي لاءِ نوان پروگرام ڏنا آهن، انهن انقلابن جا پروگرام جوڙڻ واريون گھڙيون صحيح اندازن واريون گھڙيون هونديون آهن ۽ امن ۽ سلامتي واريون هونديون آهن. سورة دخان ۾ ليلة القدر کي ”ليلة المبارڪة“ به چيو آهي.
دعوت واري ڳجھي دؤر ۾ جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن سڀني مان گڏيل طور تي هدايت ۽ انقلابي جاکوڙ جا جيڪي قانون ۽ نصب العين جڙيا سي هي آهن:
(1) دنيا جي سڀني قومن جو خالق ۽ مالڪ هڪ آهي.
(2) انسان جي سڀني ڏکن ڏاکڙن جو علاج علم، محبت، پنهنجي مالڪ جي فرمانبرداري ۽ غلاميءَ جو خاتمو ڪري انساني برابري قائم ڪرڻ ۽ پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت قائم ڪرڻ ۽ نفس جي پاڪائي آهي. (پهرين وحي)
(3) انقلاب جو مقصد توحيد الاهي جي بنياد تي، هر ماڻهوءَ جي لاءِ علم جي روشني، جبلتن جي حيواني گھرجن تي اعلى اخلاقي گڻن جو ضابطو، انهيءَ مقصد جي لاءِ حيواني گھرجن جي غيرانساني ۽ غيراخلاقي حدن کان پاسو ڪرڻ ۽ گھڻائيءَ سان عبادت ۽ خدائي ياد کي اپنائڻ (والضحى، الم نشرح). ٻين لفظن ۾ غلامي واري نظام جو خاتمو آڻي عوامي جمهوريت کي قائم ڪرڻ.
(4) انقلاب جي دشمن قوتن، جهڙوڪ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارن جادوگرن، ڀوپن، ساڙسڙين، مذهب جي نالي تي غيرعقلي وسوسا پکيڙيندڙن، سياسي ڏاڍ جي ذريعي شخصي ۽ قومي آزادي کسڻ وارن، جنسي ڇڙواڳي ۽ بيحيائي پکيڙيندڙن، علم جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارن، قوم جي اندر نفرتون پکيڙيندڙن ۽ مزدورن جي محنت جو استحصال ڪرڻ وارن جو خاتمو ڪرڻ. (الفلق)
(5) انقلابي نصب العين کي حاصل ڪرڻ واري جاکوڙ دوران انهيءَ ڳالهه تي ويساهه رکڻ ته فطرت (الله تعالى) اٽل ۽ اڏول آهي ۽ مخالف قوتن کي اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري سگھي ٿو. (الفيل)
(6) انهيءَ رات جي برڪت سان، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي هئي، پنهنجي نصب العين سان مضبوط وابستگيءَ کي تازو ڪرڻ ۽ عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ جي ذريعي پنهنجي نفس ۾ نوراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ. (القدر)
نوٽ: غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۽ ”ڳجھي دعوت“ واري زماني ۾ نازل ٿيندڙ ٻين پنجن سورتن ۾ قيامت جي ڏينهن جو تصور نه آهي، پر الله سان لاڳاپو قائم ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان تاڪيد ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سمورو قرآن انهن سورتن جو تفصيل آهي. خاص ڪري پهرين وحي جي پنجن آيتن جي تشريح سڄو قرآن آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته قرآن جي نظر ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگي هن دنيا واري زندگيءَ جو ئي هڪ سلسلو آهي. انهيءَ دنياوي زندگي ۾ ماڻهو ۽ قوم جي نفسيات ۾ اعلى اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي سگھارو ڪرڻ ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت آهي. اڄ جي جديد ٻوليءَ ۾ قرآني انقلاب جو نصب العين هي آهي:
(1) پيداواري وسيلن ۽ روزيءَ جي سرچشمن مان شخصي ملڪيت کي ختم ڪري مزدور يعني عوام جي ملڪيت کي قائم ڪرڻ.
(2) انهيءَ معاشي انقلاب کان سواءِ سياسي ڏاڍ ۽ جبلتن جي حيواني گھرجن جي انسان جي اعلى تخليقي صلاحيتن تي بالادستي ختم نٿي ٿي سگھي. ڇو ته هن معاشي انقلاب کان سواءِ دولت گڏ ڪرڻ واري لالچ ۽ جذبو ختم نٿو ٿي سگھي.
(3) عوامي جمهوريت قائم ڪرڻ جيڪا مزدورن جي اجتماعي نظام جي سياسي شڪل آهي. (نماز جو قائم ڪرڻ اصل ۾ هڪ اجتماعي نظام پڻ آهي.)
(4) علم حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي رڪاوٽ جو خاتمو ۽ علم جي اشاعت کي عام ڪرڻ.
(5) فنون لطيفه جو اعلى اخلاقي گھرجن جي حدن ۾ رهندي اظهار ڪرڻ.
(6) عورت کي سڀني معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت، پر جاهليت جي لوڏ کان روڪڻ. جاهليت جي لوڏ قرآن جو اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار ڪري ٻاهر اچڻ، اڌ اگھاڙو ويس پهرڻ وغيره. انهيءَ جو علاج هيءُ آهي ته چادر ڍڪي، جنهن سان سمورو جسم پردي ۾ اچي وڃي ٿو، ٻاهر اچجي. منهن کليل رکڻ جي اجازت آهي.
(7) زندگيءَ جو مقصد آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. ڇو ته فرد جي محدود ”انا“ جو حق تعالى جي لا محدود ”انا“ ڏانهن چاڙهو ضروري آهي. انهيءَ جي لاءِ سماجي ذميوارين جي پورائي سان گڏوگڏ عبادت ۽ خدا جي ياد سان روح ۾ نورانيت پيدا ڪرڻ ضروري آهي. علامه اقبال قرآن جي تعليم کي هنن ڀاڱن ۾ بيان ڪيو آهي؛ جاويد نامه ۾ قرآني جهان جي شعبن جو عنوان ڏنو آهي. پهريان ٻه حصا ڇهين خطبي جي آخر ۾ ڏنا آهن:
(1) ڪائنات جي مادي تصور جي مقابلي ۾ ان جو روحاني تصور.
(2) رڳو مادي ۽ جسماني ضرورتن جي پورائي جي مقابلي ۾ انسان جو روحاني ڇوٽڪارو.
(3) خلافت آدم يعني اهڙي عالمي حڪومت ۽ انساني وحدت قائم ڪرڻ جنهن جو بنياد وحدتِ دين آهي.
(4) الاهي حڪومت (ميڪاولي جي مطابق روحاني ۽ اخلاقي گڻن تي ٻڌل حڪومت ۽ اهي گڻ سڀني مذهبن ۾ ساڳيا ئي آهن) ۽ عوامي جمهوريت جو قيام.
(5) الارض لله؛ ”الارض“ جو مطلب رڳو زمين نه پر زمين جي هيٺان ۽ ان جي مٿان، قدرت جيتريون به شيون پيدا ڪيون آهن، اهي سڀئي زمين جي لفظ ۾ شامل آهن؛ جهڙوڪ ڪوئلو ۽ معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا وغيره. جڏهن ته ”لله“ جو هتي مطلب عوام آهي نه ڪي ٿورڙا ماڻهو، جيڪا شيءِ الله ڏانهن منسوب ٿي وڃي سو عوامي بڻجي ويندو آهي.
(6) حڪمت وڏي ڀلائي آهي (سائنسي علمن جي ذريعي معلوم ڪيل سڀني علمن ۽ فنن کي انسان کي ٽوڙڻ جي بدران ان جي جوڙڻ ۽ اڏاوت ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ، ايٽم جي ٽوڙڻ سان ايٽم بم بڻائڻ جي بدران ان سان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ). پر سرمائيداري نظام ۾ اهو سڀ ڪجھه ناممڪن آهي. ڇو ته سرمائيداري نظام ۾ شين جي پيداوار، زمينون، ڪارخانا يا تحقيقي ادارا وغيره، مالڪ جي ذاتي نفعي جي لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته سماجي معيشت ۽ عوامي جمهوريت ۾ پيداوار عوام جي گھرجن جي پورائي لاءِ ڪئي ويندي آهي، نه ڪي نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ.
حضرت علامه پاڻ چيو آهي ته قرآني جهان جي شعبن جو هيءُ نظام اڃا تائين زمين تي قائم نه ڪيو ويو. اشتراڪي انقلاب اهو خواب پورو ته ڪيو هو، پر انهيءَ انقلاب جي نظرين جو بنياد ماديت جي فلسفي تي رکيو ويو هو، جنهن ۾ رڳو مادي گھرجن جي پورائي کي ئي انساني ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجھيو ويو هو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو آخرڪار اهو نظام به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ڪري ختم ٿي ويو.
هاڻي اهو مسلمانن جو فرض آهي ته اهي زندگيءَ جي هن نظام کي ديني نقطه نظر سان خدائي حڪم سمجھندي قائم ڪن. باقي شريعت جي نفاذ اسلام کي ٻيهر رائج ڪرڻ جون زباني دعوائون، بي مقصد بحث کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿيون رکن.