قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب
قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جي تاريخي ترتيب يا نزولي ترتيب ڄاڻڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. قرآن پاڪ جي مڪي حصي ۾، جيڪو سموري قرآن جو ٻه ٽهايون آهي، تمام ئي ٿورڙا تاريخي اشارا ملن ٿا. مديني ۾ به انهيءَ زماني جي تاريخ جو تمام ٿورڙو ذڪر آهي. جيڪي ماڻهو قرآن جي زماني ۾ موجود هئا، انهن ۾ به ابولهب (جيڪو هڪ لقب يا ڪنيت آهي) ۽ زيد (جيڪو پاڻ ڪريم ﷺ جو پٽيلو سمجھيو ويندو هو) کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به نالو نٿو ملي. قرآن پاڪ جي اها خاص ڳالهه آهي ته دوست ۽ دشمن جو ذڪر هڪ ئي وقت ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهم تاريخن، تفسيرن ۽ حديثن جي مدد سان انهن شخصن ۽ هنڌن جي باري ۾ رڳو اندازي طور چئي سگھون ٿا جن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو آهي يا جيڪي ان وقت موجود هئا. انهن ڏکيائين جي ڪري اسان کي قرآن جي مختلف حصن کي تاريخي سلسلن سان ترتيب ڏيڻ ٻيڻ تي ڏکيو ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شيعن جي گھڻائيءَ جو اهو عقيدو آهي ته اصلي قرآن، جنهن ۾ نزولي ترتيب آهي، آخري امام وٽ موجود آهي جيڪو دنيا جي ختم ٿي وڃڻ واري وقت جي ويجھڙائيءَ ۾ ايندو ۽ مؤمنن تي اصلي قرآن ظاهر ڪندو. ان جي برخلاف وري سنين جو عقيدو اهو ٿي ويو آهي ته موجوده قرآن جي تاريخي ترتيب اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ۽ انهيءَ خيال هيٺ انهن انهيءَ باري ۾ ڪڏهن ڪوشش به نه ڪئي آهي. ٻئي فرقا اهو عقيدو رکن ٿا ته عڪرمه، محمد بن سيرين کي چيو ته انسانن ۽ جنن جي گڏيل طاقت کان اهو ٻاهر آهي ته قرآن پاڪ کي شان نزول موجب ترتيب ڏنو وڃي.
(ڏسو اتقان حصو پهريون، صفحو 158)
اسان کي خبر آهي ته ڪن ٿورڙين ڪمزور روايتن کي گڏ ڪرڻ کانسواءِ هن وقت تائين گذريل تيرنهن سئو سالن جي اندر قرآن جي تاريخي ترتيب جي باري ۾ ڪو به ڀروسي جوڳو ڪم نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هر سال هڪ کان وڌيڪ تفسيرون رڳو انهيءَ لاءِ ڇاپيون وينديون آهن ته جيئن قرآن جي لڪيل ڳالهين کي ظاهر ڪن. پڪ سان پوري يورپ جا محقق داد ڏيڻ لائق آهن جو انهن سڀ کان پهريان انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته قرآن جي سورتن کي هڪ قسم جي تاريخي ترتيب ڏين. پر انهن مان هر ڪنهن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو ۽ انهن سچن محققن جي شان کي قائم رکيو ۽ پنهنجي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري ورتو. ان کان پوءِ انهن مان ڪن قرآن جي مختلف حصن کي قافيي جي لحاظ کان يا رسول الله ﷺ جي بياني جي لحاظ کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ڪن هندستانين به هڪ ٻئي قسم جي ساراهه جوڳي ڪوشش ڪئي. يعني انهن قرآني مضمونن کي مختلف عنوانن هيٺ مختلف بابن ۾ گڏ ڪري ورتو. اهڙي طرح ڪنهن مضمون جي باري ۾ جيتريون به جدا جدا آيتون قرآن پاڪ ۾ موجود آهن، سي سموريون هڪ ئي جاءِ تي ملي سگھن ٿيون. اهڙي طرح محمد ڪربلائي هڪ ڪتاب لکيو ۽ گولڪنڊه جي سلطان عبدالله قطب شاهه جي نالي سان منسوب ڪيو. گذريل صديءَ ۾ اهو ئي ڪم پنجاب جي مولانا عبيدالله ڪيو ۽ سيٺ يعقوب حسن مرحوم کي مدرسن ۾ سياسي قيدي هئڻ جي ڪري ايترو وقت مليو جو هو به قرآن کي بابن ۾ ترتيب ڏئي سگھيو ۽ ويجھڙائيءَ ۾ ئي مولوي وحيدالزمان حيدرآبادي 1936ع ۾ قرآن کي بابن ۾ ترتيب ڏنو آهي.
قرآن ڪريم جي سمورن لفظن جي هڪ اهڙي پوري لغت، جنهن ۾ سيپارن ۽ رڪوعن جو حوالي ڏنو ويو آهي، عالمگير حڪومت جي چوٽيهين سال يعني 1191ع ۾ مصطفى افغان ولد محمد سعيد تيار ڪئي. اهو محمد اعظم شاهه اورنگزيب عالمگير جو استاد هو. انهيءَ ڪتاب جو نالو نجوم الفرقان آهي ۽ لوهي ٽائيپ ۾ 1216ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي ۽ ويجھڙائيءَ ۾ ئي پنجاب مان شايع ٿيو آهي. انهيءَ قسم جو ڪجھه ڪوششون مصر ۾ به ٿيون آهن.
پر انهيءَ سموري محنت ۽ لٽريچر جي مدد سان به اسلام جي بنيادي ڪتاب يعني قرآن پاڪ کي رڳو انهيءَ لاءِ سمجھي نٿا سگھون ته ان جون مختلف سورتون نزولي تاريخ موجب ترتيب ڏنل نه آهن. قدرتي طور اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب جي ڪري جيڪو نظرياتي اختلاف پيدا ٿي پيو آهي، انهيءَ جي ذميواري ڪنهن تي اچي ٿي. انهيءَ سوال جو جواب گھڻو ڪري انهيءَ زماني جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو.
رسول ڪريم ﷺ جن جي مڪي واري تيرنهن سالن واري ڄمار مالدار جماعت جي خلاف جاکوڙڻ ۾ گذري. ايتري تائين جو پاڻ ﷺ جن مديني ڏانهن لَڏي (هجرت ڪري) ويا. پاڻ هتي ڏهن سالن تائين جيئرا رهيا ۽ اهو زمانو به ڪڏهن مڪي وارن سان، ڪڏهن مديني جي يهودين سان ته ڪڏهن وري انهن نالي جي مسلمانن سان، جيڪي مديني جا رهندڙ هئا ۽ سندن لڪيل دشمن هئا، جنگيون ڪندي گذريو. جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو هجي ها ته ايتري ذهني ۽ جسماني محنت وارو ڪم ان جا پساهه پورا ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. پر پاڻ ﷺ جن ارادو ڪري ڇڏيو هو ته مان زنده رهندس ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪم جي تڪميل ڏسندس. پاڻ مڪو فتح ڪري ورتائون، يهودين کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيائون، منافقن کي خاموش ڪري ڇڏيائون ۽ ”جبل الرحمت وارو خطبو“ عرفات جي ميدان وٽ عظيم الشان ميڙ جي سامهون ڏيڻ کان پوءِ اطمينان سان 23 سالن جي مجاهداڻي ڄمار کي الله تعالى جي حوالي ڪندي هميشه جي لاءِ امر ٿي ويا.
ان کان پوءِ جناب ابو بڪر صديقؒ جن رسول الله ﷺ جا خليفا بڻيا. انهن کي اهو ڪم پورو ڪرڻو هو ۽ اسلامي پرچم کي مٿانهون رکڻو هو. پاڻ الله تعالى جا رسول نه هئا، پر پاڻ محمد عربي ﷺ جا پيغمبر هئا. پاڻ پهريان ماڻهو هئا، جن پاڻ ڪريم ﷺجن جي تبليغي مقصدن کي سمجھيو هو. هاڻي اهو سندن ئي ڪم هو ته الله تعالى جي مرضيءَ جي اهڙيءَ ئي طرح ترجماني ڪن، جهڙي طرح هن وقت تائين پاڻ ڪريم ﷺجن ڪندا پئي آِيا. هن انقلاب ۾، جنهن جو بنياد پاڻ ڪريم ﷺ جن رکيو هو، صديق اڪبرؒ تمام ئي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيو هو. هو ڄاڻي پيو ته مڪي جي تيرنهن سالن واري جاکوڙ جو مقصد اهو هو ته اهڙن فردن جي جماعت تيار ٿي وڃي جن جي اندر ڪنهن مٿانهين مقصد جي لاءِ قربانيءَ جو جذبو موجود هجي. مڪي واري اخلاقي تعليم کي ور ور ڪري صلوٰت ۽ زڪوات جي نالي سان مڪي ۾ سمجھايو ويو هو. مديني ۾ اچي انهن جي اصطلاحن ۾ وسعت پيدا ٿي وئي ۽ ٻئي اخلاقي گڻ به انهن جي اندر ئي سمائجي ويا. اهڙي طرح اسان مڪي تعليم کي اخلاقي ۽ مدني تعليم کي اسلامي تعليم جو سياسي زمانو چئي سگھون ٿا. وڏي حد تائين پاڻ ڪريم ﷺ جن به انقلاب کي مڪمل ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به اسلام جا اصول انهن ماڻهن جي سمجھه ۾ پوريءَ طرح نه اچي سگھيا هئا جو پاڻ ڪريم ﷺ جي فرمانبرداريءَ جو ڪلمو پڙهڻ جي لاءِ هزارن جي تعداد ۾ وفد مديني ۾ آيا هئا. حقيقت به ايئن ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته انهن مان گھڻن اهو خيال ڪيو ته محمد (ﷺ) جن هڪ سردار آهن جن مڪي کي فتح ڪري ورتو آهي، جيڪو عربن جو قديم بتخانو هو. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اطاعت ڪرڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي جيستائين جو اسان کي واپاري ميلن ۽ حجن جي آزادي آهي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ ڪريم ﷺ جن جي وفات کان پوءِ ئي سموري عرب خليفي جي فرمانبرداريءَ کان انهيءَ لاءِ ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي به اهي ئي حدون ۽ حق قائم رکڻ گھرن ٿا، جيڪي پاڻ ڪريم ﷺ جن قائم ڪيا هئا. انهيءَ ڪري ئي اسلام جي سموري جماعت ۾ هڪ زلزلو اچي ويو. عربن نه رڳو خليفة الرسول سان بغاوت ڪري ورتي (جيڪي زڪوات وصول ڪرڻ گھرن پيا)، پر الله تعالى جي خلاف پڻ بغاوت جو جھنڊو اڀو ٿي ويو جيڪو پنجن مقرر ٿيل وقتن تي نماز جو حڪم ڏئي رهيو هو.
مرتدن انهيءَ جو اهو حل سوچيو ته صلوات ۽ زڪوات منسوخ ڪئي وڃي. پهرين شيءِ کي وقت جو ۽ ٻي شيءِ کي مال جو زيان سمجھيو ويو. مال ۽ وقت جو ڀلو استعمال جوئا کيڏڻ ۽ شراب خوري سمجھيو ويو ۽ اهو ته آخر اهڙي ماڻهوءَ جو اطاعت ڇو ڪئي وڃي جيڪو پاڻ پيغمبر نه آهي، پر رڳو محمد ﷺ جي حڪمن جو ترجمان آهي.
سموري عرب ۾ بدامني عام ٿي وئي. ڪجھه اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي خليفي جي اطاعت انهيءَ شرط سان ڪرڻ لاءِ تيار هئا ته زڪوات کي منسوخ ڪيو وڃي. نبوت جا ڪوڙا دعويدار پيدا ٿي پيا. انهن اسلامي عبادتن ۽ ٽيڪس کي ختم ڪري ڇڏيو. مديني جا مسلمان سڀني کان جدا ٿي ويا. ايتري تائين جو جناب عمرؒ ۽ ٻين اصحابن سڳورن جناب حضرت ابوبڪر صديقؒ کي نرمي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. انهيءَ تي وقت جي خليفي سختيءَ سان فرمايو ته ”عمر! تون جهالت واري دؤر ۾ تمام ئي ثابت قدم هئين، هاڻي توکي ڇا ٿي ويو آهي جو مسلمان هوندي به ڪمزوري جو اظهار ڪري رهيو آهين؟ مان قسم سان چوان ٿو ته تلوار جي ڌار سان مان زڪوات وصول ڪندس پوءِ ڀلي اها اٺ کي ڏانوڻ ڏيڻ واري رسي ئي ڇونه هجي“. مرتدن جي خلاف هڪ خونريز جنگ ڪئي وئي ۽ پورو هڪ سال گذرڻ ۽ هزارين مسلمانن جي شهادت کان پوءِ ڏوهارين کي ٻيهر صحيح رستي تي آندو ويو.
رڳو يمامه واري جنگ ۾ ست سئو قرآن جا حافظ سڳورا شهيد ٿي ويا. اها ويڙه مسيلمه ڪذاب جي خلاف وڙهي وئي هئي. بهرحال شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو آهي. انهيءَ سان نه رڳو اسلام ئي بچي ويو، پر قرآن ڪريم پڻ محفوظ ٿي ويو. حضرت ابوبڪرؒ قرآن جي مختلف حصن کي هڪ جاءِ تي سهيڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ سڀني مسلمانن قرآن جي ڪاتبن جي هر ممڪن مدد ڪئي. قرآن ڪيترين ئي چمڙي جي ٽڪرن تي لکيو ويو (انهيءَ کي ورق يا پنا چوندا آهن) ۽ انهيءَ کي وقت جي خليفي وٽ امانت طور رکيو ويو.
انهيءَ وچ ۾ مسلمانن کي دنيا جي ٻن زبردست شهنشاهتن سان مقابلو ڪرڻو پيو. هڪ پاسي ايراني ۽ ٻئي پاسي رومي شهنشاهيت يا سامراج هو. مسلمانن پنهنجي جانين جي بازي لڳائي نه رڳو سوڀ ماڻي، پر ٻن پکڙيل شهنشاهتن جي قبضو پڻ ڪري ورتو. بلڪل انهيءَ وقت جڏهن قيصر هرقل ۽ شام ۾ هارائجي ڀڄي رهيو هو، ته حضرت ابو بڪر صديق ؒ جن وفات ڪئي. پاڻ رڳو اڍائي سال خلافت ڪيائون ۽ سندن خليفو حضرت عمر فاروقؒ مقرر ٿيو.
هاڻي قرآني پنن جو مجموعو حضرت عمرؒ جي سنڀال هيٺ اچي ويو. پاڻ اسلامي دنيا ۾ ساڍا ڏهه سال خلافت جي خدمت ڪيائون. سندن خلافت ۾ اسلام جي لشڪر 22 لک 51 هزار چورس ميل زمين جو، اسلامي فتح ٿيل علائقن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪيترا ئي سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ٿيا. مثال طور ملڪي ۽ فوجي آفيسون، فوجي ڇانوڻيون ۽ بيت المال وغيره. جيتوڻيڪ آخري ذڪر ڪيل ٿيل جي شروعات انهيءَ کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي، پاڻ پنهنجي اولاد کي خلافت جي گُهر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هئائون، ڇو جو اهو ڪو مورثي عهدو ڪونه هو. انهيءَ زماني ۾ مسلمانن پاڻ وٽ قرآن جا جلد ترتيب ڏئي رکي ڇڏيا هئا ۽ جن ۾ سورتن جي ترتيب ساڳي نه هئي. ڪن وٽ رڳو ضروري سورتون ئي هيون ۽ اهڙن مجموعن جي چونڊ رڳو ڪاتب جي پسند يا حافظي تي دارومدار رکي پئي. جيئن ته روزانو جي پنج وقتي نماز ۾ قرآن پاڪ جي سورتن جي تلاوت فرض هئي، انهيءَ ڪري اها به رسم هئي ته حملو ڪرڻ کان اڳ قرآن پاڪ جي ڪن حصن جي تلاوت ڪئي ويندي هئي. انهيءَ موقعي تي گھڻو ڪري سورت الانفال يا سورت بدر جي تلاوت ڪئي ويندي هئي. حضرت عمرؒ خلافت جي طرف کان ڪيترا ئي استاد مقرر ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مختلف قبيلن ۾ قرآن جو لکڻ پڙهڻ سيکاريندا هئا ۽ ملڪي خزانن يعني بيت المال مان انهن جون پگھارون ڏنيون وينديون هيون.
حضرت عمرؒ کان پوءِ ٽئين خليفي حضرت عثمان بن عفانؒ 24 هه ۾ پهرين محرم تي خلافت جي مسند تي ويٺا. حضرت عمرؒ جي برخلاف پاڻ قريش جي سردارن کي پري پري وارن هنڌن جي حڪومت ۾ وڌيڪ حصو ڏنو. اهڙي طرح هڪ مخصوص جماعت پيدا ٿي پئي جيڪا پنهنجو حق سمجھندي فتحن جي مٺي پاسي تي قبضو ڄمائي ويٺي ايتري تائين جو انهن خلافت تي به قبضو ڪرڻ جون اميدون ڪري ورتيون هيون، ڇو جو اهي قريش قبيلي سان تعلق رکن پيا. انهيءَ نامناسب خيال جو لازمي نتيجو اهو ٿيڻو هو جو اندروني نفاق وڌي ويو. نتيجو اهو ٿيو جو 18 ذي الحج سنه 35 هه مطابق 20 مئي 656ع تي حضرت عثمان ذوالنورين کي شهيد ڪيو ويو. پاڻ اسلام جي سڀ کان وڏي خدمت اها ڪيائون ته قرآن پاڪ جي مختلف قرائَتن کي ختم ڪري ڇڏيائون ۽ اصلي قرآن (يعني اهو قرآن جيڪو حضرت عمرؒ جي وفات کان پوءِ ام المؤمنين حضرت حفصه ؒ جي سنڀال ۾ هيو) جا نقل ڪرائي سمورن اسلامي ملڪن ڏانهن موڪليائون.
حضرت عثمانؒ جي قتل جي ڪري اسلامي فوجن جو فاتحاڻو قدم رڪجي ويو ۽ رتوڇاڻ واري جنگ شروع ٿي وئي. بغاوت ڪرڻ وارن حضرت عليؒ کي خلافت قبولڻ تي مجبور ڪيو جيتوڻيڪ طلحه ۽ زبيرؒ به انهيءَ منصب جي لاءِ خواهشمند هئا. حضرت عثمان جي قبيلي جا فرد سندن خون جو بدلو وٺڻ جي لاءِ دانهين رهيا هئا. اهي انهيءَ قتل جو الزام انهن سڀني ماڻهن تي هڻڻ لڳا جيڪي خلافت جا خواهشمند هئا يا جن جي هٿن ۾ طاقت اچي وئي هئي. امير معاويهؒ انهن سڀني جا سردار هئا. حضرت علي ۽ حضرت امير معاويه رضي الله عنهما جي وچ ۾ صفين جي جنگ ٿي ۽ بلڪل اهڙي وقت ۾ جڏهن حضرت عليؒ جي سوڀ ٿيڻ واري هئي ته عمر بن العاص جي ترڪيب سان فتح شڪست ۾ بدلجي وئي. اها گھرو ويڙهه حضرت عليؒ جي وفات تائين ختم نه ٿي. سندن شهادت 21 رمضان سنه 40 هه تي ٿي.
بغاوت، بدنظمي ۽ لاقانونيت جي انهيءَ دؤر ۾ حضرت عليؒ جن قرآني علمن جي گھڻي خدمت نه ڪري سگھيا. چيو وڃي ٿو ته پهرين ٽن خليفن واري پر امن زماني ۾ پاڻ قرآن کي نزولي ترتيب سان گڏ ڪري ورتو هئائون انهيءَ قرآن کي پاڻ شايع نه ڪيائون. جيئن ته پاڻ انهيءَ قرآن جي سورتن جي ترتيب جا پابند بڻجي ويا هئا جيڪو 11 هه ۾ سهيڙيو ويو هو. پاڻ نحو ۽ بيان جا ڪجھه اصول ٻڌايا هئائون. اهي اصول اڳتي هلي بنيادي اصول مقرر ڪيا ويا. پاڻ قرآن ۽ اسلام جي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻيندڙن مان هئا. انهيءَ جو سبب اهو هو ته کانئن وڌيڪ پاڻ ﷺجن سان گڏ ٻيو ڪنهن به ڄمار نه گذاري هئي.
امير معاويهؒ، حسن بن عليؒ جي وچ ۾ 41 هه ۾ هڪ ٺاهه ٿيو ۽ حضرت عليؒ جي وفات جي ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻ سياست جي ميدان مان هٿ کڻي ويا. امير معاويه 41 هه ۾ مسلمانن جا حاڪم مقرر ٿيا ام الؤمنين حفصه بنت عمر، جن وٽ اصلي قرآن جو مخطوطو هو، انهيءَ ئي سال وفات ڪيائون.
بني اميه جي حڪومت 41 هه کان حضرت امير معاويه جي خلافت سان شروع ٿي ۽ 131 هه ۾ مروان ٻئين تي ختم ٿي وئي. 92 سالن جو اهو زمانو انهيءَ ڳالهه جي لاءِ ڪافي هو ته انهن انقلابي خيالن تي هڪ اونهي نظر وڌي وڃي، جن تي اسلام جي عمارت بيهاري وئي هئي. هن سموري زماني ۾ مضبوط سياسي پارِٽيون هڪٻئي جي خلاف ڪم ڪري رهيون هيون. حضرت عليؒ جا ساٿي به انهيءَ بنياد تي خلافت جي دعوى ڪري رهيا هئا ته رسول الله ﷺ جي خاندان ۾ ئي مورثي طور تي امامت جاري رهي سگھي ٿي. پر خارجي، شيعان علي ۽ شيعان معاويه کي اسلام کي خارج سمجھن پيا. حقيقت ۾ اها هڪ سخت قسم جي مسلمان جماعت هئي جيڪا سدائين پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ساهه جي پرواهه به نه ڪندي هئي. ايتري تائين جي صحيح رهنمائي نه ملڻ جي ڪري بلڪل ئي ختم ڪئي وئي. انهن ئي خارجين جي هڪ شاخ ”عجاوره“ سڏبي هئي ۽ انهن جو عقيدو هو ته ”سورت يوسف“ قرآن جي سورت نه آهي، جو اهو رڳو هڪ عشق محبت جو داستان آهي. (ڏسو ملل، شهرستاني، صفحه 631)
امير معاويه کي رڳو قديم تاريخ سان دلچسپي هئي. پاڻ عبيد بن شريه الجرهمي کي تاريخ لکڻ جو حڪم ڏنائون. (اهو ڪتاب دائرة المعارف حيدرآباد وارن 1337هه ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ ڪتاب التيجان مؤلف ابن هشام به شايع ڪيو آهي)
امير معاويه سنه 45 هه ۾ زيد بن هميه کي بصره جو گورنر مقرر ڪيو ۽ ان کان پوءِ 51 هه ۾ ڪوفي جو انتظام به ان جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهو 53هه ۾ ڪوڙهه جي بيماري ۾ مري ويو. ان جي حڪومتي دؤر ۾ ابوالاسوالدئلي (وفات 65هه) عربي گرامر جا قانون مرتب ڪيا. ان جو سبب اهو هو ته عجمي ماڻهو صحيح طرح سان عربي ڳالهائي نه سگھندا هئا ۽ ڪيترائي قرآن پاڪ کي اهڙي طرح پڙهي ويندا هئا جو اصل معنى ئي بگڙي ويندي هئي. ابوالاسود نحو جا بنياد حضرت عليؒ وٽان سکيا هئا، جنهن هن فن کي ايجاد ڪيو هو. اهو عربي ٻوليءَ جي عام طرح ۽ قرآن جي خاص طرح سان هڪ وڏي خدمت هئي. ابوالاسود لفظن جي آخري حرفن جي لاءِ اعراب پڻ ايجاد ڪيا هئا، جيئن ربر جي لاءِ اکر جي مٿان هڪ ٽبڪو ۽ زير جي لاءِ اکر جي هيٺان هڪ ٽبڪو ۽ پيش جي لاءِ اکر جيترو هڪ ٽبڪو لڳائڻ شروع ڪيو هو. اهي ٽبڪا ٻئي قسم جي مَسُ سان لڳايا ويندا هئا ته جيئن اکرن جي اصلي ٽبڪن جي سڃاڻ ٿي سگھي. آخرڪار انهيءَ ايجاد جي اصلاح نصر بن عاصم ۽ يحيى بن يعمر حجاج بن يوسف جي حڪم تي ڪئي هئي جڏهن ته هو خليفي عبدالملڪ جي طرف کان عراق جو والي هو. نصر ۽ يحيى ابوالاسود جا شاگرد هئا. انهن 75 هه ۾ حرڪتن ۽ اعرابن ۾ سڌارا ڪيا ته جيئن انهيءَ ئي مَسُ سان لکي سگھجي جنهن سان اصل لکڻي لکبي هئي. خليل بن احمد انهن اعرابن ۽ حرڪتن کي انهيءَ معيار تي قائم ڪيو جنهن تي اهي هن وقت تائين آهن. خليل گھڻو ڪري عروض ۽ قافين جو ماهر سمجھيو ويندو هو. هيءُ اهو ئي ماڻهو آهي جنهن عربي جي سڀ کان پهرين لغت جو ڪتاب ”العين“تيار ڪيو هو. اهو خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ موجود هو ۽ هن 175 هه ۾ وفات ڪئي.
مطلب ته خلفاء راشدين جي زماني ۾ قرآن ڪريم کي سهيڙيو ۽ شايع ڪيو ويو ۽ شروعاتي اموي دؤر ۾ نحو ۽ اعراب جڙيا. 88هه تائين سمورا اصحابي وفات ڪري چڪا هئا. عبدالله بن بصر المازني، جيڪو بقول اليافعي جي آخري اصحابي هو، جي وفات 88هه ۾ شام جي علائقي حمص ۾ ٿيا. اهو عبدالملڪ جي خلافت جو زمانو هو. اسلامي عقيدا لڳ ڀڳ هڪ خاص شڪل اختيار ڪري چڪا هئا. اسلام جي اڳ پوءِ کي چڱيءَ طرح سان سمجھڻ وارن، يعني اهي جن سچ پچ به اسلام جي انقلابي ڪيفيت کي سمجھيو هو، هاڻي بلڪل باقي نه هئا. عام مسلمانن جي لاءِ قرآن هڪ سمجھه کان مٿانهون ڪتاب بڻجي ويو هو ۽ اهي ماڻهو به، جيڪي دينيات سان واسطو رکن پيا ۽ تعليم يافته به هئا، هن پاڪ حصي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون نه سمجھي سگهن پيا.
هاڻي هڪ عالمن جي جماعت پيدا ٿي پئي ۽ ان پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته هن خدائي پيغام کي، جيڪو محمد ﷺ جي ذريعي سموري انسانذات کي پهچايو ويو آهي، ضرور سمجھندا. خليفي عمر بن عبدالعزيز نبي ڪريم ﷺ جي حديث ۽ احوالن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن وقت تائين هڪ راوي کان ٻئي راوي تائين زباني حديث بيان ڪئي ويندي هئي. هن وقت تائين تمام ئي گھٽ حديثون لکيون ويون هيون. عام طور تي اها حديث مشهور هئي ته رسول الله ﷺ جن حڪم ڏنو آهي ته مون کان قرآن کانسواءِ ڪابه شيءِ نه لکو: (لا تکتبوا عني سوي القرآن) ته جيئن حديثن ۽ قرآن جي مسودن ۾ ڳانڍاپو نه ٿي وڃي. تنهن هوندي به ڪي صلح ناما لکيا ويا ۽ ڪن ماڻهن پنهنجي حافظي جي مدد سان ڪي حديثون به لکيون. جيتوڻيڪ عمر ثاني جي خلافت 99 کان 101هه تائين جو خاتمو زهر کارائڻ جي ڪري تمام جلد ٿي ويو هو، پر پوءِ به هن قرآني علمن کي ٻيهر زنده ڪيو. خاص طور تي حديثن ۽ مغازي جو ته تمام ئي وڏو چرچو ٿي پيو. انهيءَ ئي ڳالهه جو نتيجو هو جو عباسي دؤر ۾ حديثن جو مطالعو پنهنجي ڪمال تي پهچي ويو هو ۽ حديثن جو تمام وڏو ذخيرو انهيءَ ڳالهه جي شاهدي جي لاءِ ڪافي آهي ته انهيءَ زماني جي مسلمانن کي علم سان وڏو چاهه هو. اسان کي اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته امن ۽ ٺاهه واري زماني ۾ علمي ۽ تمدني سرگرميون ڪافي فائدي مند ثابت ٿيون آهن. مسلمانن جي فن ۽ ادب جون بهترين شيون عباسي دؤر ۾ پنهنجو پورو عروج حاصل ڪري چڪيون. پر حقيقي قرآني روح تي ڪن نيڪ خيال ۽ جوشيلن محدثن هڪ ٿلهو پردو چاڙهي ڇڏيو، ڇو جو اهي ڪوڙيون (موضوع) حديثون گھڙڻ لڳا هئا. اهڙا ماڻهو گھڻو تڻو اموي دؤر جي پيداوار هئا.
تنهن ڪري اسان بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اها دعوى ڪري سگھون ٿا ته پهرين چئن خلفاء راشدين جي زماني ۾ قرآن جي تفسير جي ڪابه ضرورت ئي نه هئي. انهن جا سمورا ملڪي توڙي ذاتي عمل قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ ٿيندا هئا. انهن جي گڏيل زندگي يا سوانح حيات تي، انهن روايت ڪيل حديثن جي مقابلي ۾، وڌيڪ زور ڏيڻ ۽ سمجھڻ بهتر ٿيندو. انهن جون زندگيون، انهن جا عمل سڀ جو سڀ قرآن ڪريم جو حقيقي تفسير هئا. پر پوءِ واري زماني ۾ اصحابن سڳورن جي روايت ڪيل حديثن کي وڌيڪ اهم سمجھيو وڃڻ لڳو. ان جي مقابلي ۾ حق جي ڳولائن جي اها جماعت گھڻو ڪري وڌيڪ عقلمنديءَ واري روش تي هئي، جنهن جاهليت واري زماني جي نظم ۽ نثر کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان سان نه رڳو عربن جي سمورن ادارن جهڙوڪه الشعرديوان العرب جي تاريخ جي خبر پوي ٿي، پر ڪيترن ئي لڪيل لفظن جي معنى به جملي جي جوڙ جڪ مان سمجھه ۾ اچي وڃي ٿي.
انهيءَ سلسلي ۾ اهو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته پوءِ اچڻ وارن مفسرن ٻين پاڪ ڪتابن کي غير ضروري سڏڻ ۾ سخت غلطي ڪئي. توريت، انجيل ۽ ايران، هندستان ۽ يونان جي پاڪ ڪتابن کي اسلام جي پاڪ ادب ۾ جاءِ نه ملي. هر هڪ مسلمان ڏهاڙي سمورين آڳاٽن رسولن ۽ الله تعالى جي ڪتابن جي تصديق جو ڪلمو پڙهي ٿو (اٰمَنتُ بِاللہِ وَمَلٰۗىِٕكَتِہٖ وَكُتُبِہٖ وَرُسُلِہ) پر توريت ۽ انجيل جا اهي قصا، جن مان گھڻن جو حوالو قرآن پاڪ ۾ به موجود آهي، تنهن کي بيڪار، غلط ۽ تحريف ٿيل سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ طرز عمل ۾ انهن ماڻهن وڌيڪ مبالغو ڪيو جيڪي ڪن قرآني آيتن کي، جيڪي يهودين ۽ عيسائين جي باري ۾ آهن، صحيح طرح نه سمجھي سگھيا آهن. اهو بحث اسان اڳتي هلي مناسب جاءِ تي تفصيل سان ڪنداسين. هتي رڳو ايترو ئي چوڻ گھڻو آهي ته قديم ڪتابن کي قرآن جي تفسير جي سلسلي ۾ وڌيڪ موقعو ملڻ گھرجي. حقيقت اها آهي ته اهي ڪتاب (تاريخي معلومات جي لحاظ کان) حديثن وارو ئي درجو رکن ٿيون.
اسلام جي بنيادي حقيقتن ۽ ان اصلي شڪل ۽ صورت کي سمجھڻ جا امڪان تمام گھڻو وڌي وڃن، جيڪڏهن اسان اسلام جي ارتقائي درجن جو هيٺين طريقي سان مطالعو ڪريون:
1. سڀ کان اڳ اسلام جي پس منظر جو تعصب کان بلڪل ئي خالي ٿي مطالعو ڪريون. انهيءَ سلسلي ۾ نه رڳو توريت ۽ انجيل، پر جيترا به مذهب اسلام کان اڳ عرب ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ ٿي گذريا آهن، سڀني جو مطالعو فائديمند ٿيندو. خاص طور تي هندو فلسفو ۽ ايراني مذهب جو مطالعو اسلامي حقيقتن جي باري ۾ ڪيترن ئي پردن کي هٽائي سگھي ٿو.
2. ان کان پوءِ رسول عربي حضرت محمد ﷺ جي سيرت پاڪ جو مطالعو ڪرڻ گھرجي. مطلب ته اسان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي عملن کي قرآني بيانن جي تاريخي اوسر سان گڏوگڏ مطالعو ڪريون. جيئن ته هن وقت تائين انهيءَ قسم جي سيرت نه لکي وئي آهي، تنهن ڪري اسان جو تمام ئي اهم فرض اهو ٿي وڃي ٿو ته قرآن پاڪ کي به انهيءَ تاريخي ترتيب سان سهيڙيون جهڙي طرح اهو وقت به وقت انسانن ۽ مسلمانن جي سامهون پيش ڪيو ويو. موجوده مقالي ۾ رڳو آخري ذڪر ڪيل شيءِ تي روشني وڌي وئي آهي.
هن وقت تائين انهيءَ سلسلي ۾ ڇا ٿيو آهي؟
هاڻي اسان قرآن جي تاريخي ترتيب جي باري ۾ ڪم شروع ڪري ڏيون ٿا ۽ اهو ئي موجوده تحقيق جو خاص مقصد به آهي. ”سورتن جي ترتيب جيڪا موجوده ڇاپيل قرآن پاڪن ۾ آهي، سا تاريخي نه آهي ۽ نه ئي ڪا حديث اهڙي موجود آهي جو اهو چئي سگھجي ته اها ترتيب پاڻ ڪريم ﷺجن جي ڏنل آهي.“
محدثن جو انهيءَ ڳالهه تي اختلاف آهي. الانباري ابو جعفر النحاس ۽ ابن الحصار چون ٿا ته قرآن جي مختلف سورتن جي ترتيب رسول الله ﷺجن جي ٻڌايل آهي. پر محدثن جي گھڻائيءَ جي اها راءِ آهي ته قرآن جي ترتيب اصحابن سڳورن جي اجتهاد تي آڌاريل آهي. امام مالڪ، قاضي ابوبڪر ۽ ابن فارس انهيءَ ئي ٽولي سان واسطو رکن ٿا. ڪن جي راءِ اها آهي ته ڪن سورتن جي ترتيب رسول الله ﷺ جن پنهنجو پاڻ ئي ڪري انهن کي جدا جدا ڪري رکيو هو ۽ باقي ترتيب اصحابن سڳورن ڏني. (ڪتاب التبيان، 78)
مڪي دؤر جون گھڻيون سورتون اهڙيون آهن جن ۾ مديني ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن نه ملايو ويو آهي. رڳو ڪي ٿورڙيون اهڙيون سورتون آهن جن ۾ اهڙيون آيتون آهن جيڪي مڪي نه آهن. انهن آيتن جي صحيح طور تي تاريخ نزول ٻڌائڻ تمام ئي ڏکيو آهي.
نزولي ترتيب موجب قرآن سهيڙڻ جي سڀ کان پهرين ڪوشش حضرت عليؒ جن رسول اللهﷺ جي وفات کان پوءِ ڪئي هئي. پاڻ گھرن پيا ته پنهنجي علمي زندگي، جنهن جي لاءِ هو طبعي طور تي بلڪل موزون هئا، گذارين. هو پاڻ ڪريمﷺ جن سان ننڍپڻ کان ئي گڏ رهيا هئا، تنهن ڪري سندن اهو چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي ته مان قرآن پاڪ جي هر آيت جي شان نزول کان واقف آهيان. حضرت ابوبڪر صديقؒ جي خليفو چونڊجڻ کان پوءِ پاڻ قرآن پاڪ کي نزولي ترتيب جي لحاظ کان سهيڙڻ ۽ ان کي ياد ڪرڻ پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. هو ڪنڊائتا ٿي ويٺا ۽ ان زماني جي سياسي زندگيءَ ۾ تمام ئي گھٽ حصو وٺندا هئا. ڪن ماڻهن انهيءَ جو سبب اهو گھڙي ورتو هو ته کين حضرت ابوبڪرؒ جو خليفو چونڊجڻ پسند نه هو. پر جڏهن کين انهيءَ ڳالهه خبر پئي ته حضرت عليؒ انهيءَ ڳالهه جو بلڪل ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته مون کي خوف هو ته ڪٿي ڪتاب الله ۾ ڪو واڌارو نه ٿي وڃي. انهيءَ ڪري مون وچن ڪري ڇڏيو هو ته جيستائين قرآن پاڪ کي سهيڙي گڏ نه ڪندس تيستائين پنهنجي چادر نه اوڍيندس. (اتقان 57)
سيوطي اهو نٿو چوي ته پاڻ قرآن کي نزولي ترتيب سان گڏ ڪري رهيا هئا، ڇو جو هيٺين بيان کان پوءِ ئي هو چوي ٿو ته:
”محمد جو بيان آهي ته مون عڪرمه کي چيو ته انهيءَ کي نزولي ترتيب سان سهيڙيو ته انهيءَ تي عڪرمه جواب ڏنو ته جيڪڏهن سمورا جن ۽ انسان گڏ ٿي وڃن ته قرآن کي انهيءَ ترتيب سان ترتيب ڏين ته اها ڳالهه انهن جي وس کان ٻاهر آهي.“ (اتقان 58)
پر ابن النديم هڪ اهڙي فهرست ڏني هئي جيڪا حضرت عليؒ جي ترتيب ڏنل ٻڌائي ويندي هئي. جيتوڻيڪ اها ترتيب به موجوده الفهرست ۾ موجود نه آهي. انهيءَ مان سمجھه ۾ اچي ٿو ته يا ته ان کي اها ترتيب ملي ئي نه يا اهو صفحو ئي لڪايو ويو آهي. شيعن جي محققن جو به اهو ئي خيال آهي ته حضرت عليؒ قرآن پاڪ کي تاريخي ترتيب سان سهيڙيو هو ۽ اهو سندن اولاد وٽ اڃا به موجود آهي.
عبدالله بن مسعودؒ پنهنجي قرآن جو نسخو ڪوفي ۾ ترتيب ڏنو هو ۽ اهو حضرت عثمانؒ جي ترتيب ڏنل صحيفي کان ڪو گھڻو مختلف به ڪونه هو. اهو ئي حال ابي بن ڪعب جي ترتيب ڏنل ڏنل نسخي جو به هو. سيوطي جو قول آهي ته ڪيترائي عالم اهڙا هئا، جن اهو ٻڌايو ته ڪهڙي آيت مڪي ۾ نازل ٿي ۽ ڪهڙي ٻئي ڪنهن جاءِ تي نازل ٿي. ڪن ته آيت جي نزول جو وقت به ٻڌايو آهي (اتقان) پر انهن سمورين ڳالهين سان نزولي ترتيب ڄاڻڻ ۾ تمام ئي ٿوري مدد ملي ٿي. ڇو جو انهن قولن ۾ ڪا به تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي ۽ ائين ٿئي به ڪيئن؟ جڏهن ته انهيءَ زماني ۾ تاريخ جو خيال ئي ابتدائي درجي جو هو ۽ تاريخ جو دارومدار ڪنهن لڙائي يا مشهور واقعي تي هوندو هو.
الفهرست ۾ مڪي ۽ مدني سورتن جي ترتيب ڏنل آهي ۽ ٻنهي کي گھڻو ڪري پهرين صدي هجري جي سند سان حاصل ڪيو ويو آهي. اها فهرست سيوطي جي فهرست کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرق رکي ٿي. الفهرست ۾ ابن مسعود، ابي بن ڪعب ۽ حضرت عليؒ جون فهرستون به آهن. (جيتوڻيڪ آخري فهرست گم ٿي وئي آهي) جتي طبري 35 هه جو حال لکيو آهي اتي اهو به لکيل آهي ته حضرت عثمانؒ ابن مسعود کي قرآن جي باري ۾ چيو هو ته انهيءَ ۾ سورت يونس ستين نمبر تي لکيل آهي. الفهرست جي مصنف جو بيان آهي ته مون پاڻ به مصحف جا ڪيترائي اهڙا نسخا ڏٺا آهن، جن جي باري ۾ اهو بيان ڪيو ويندو هو ته اهي ابن مسعود جي ترتيب موجب آهن، پر انهن مان ڪي ٻه نسخا به اهڙا نه مليا جيڪي ترتيب ۾ هڪجهڙائي رکندڙ هجن. بهرحال جيئن ته اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪنهن آيت جي نزولي تاريخ مقرر ڪرڻ تمام ئي ڏکيو هو. ڇو جو مڪي دؤر ۾ تاريخ جي تعين جو نظام تمام ئي غير اطمينان بخش هو. مديني جو به ساڳيو ئي حال هو. اسان کي ڪيتريون ئي سورتون اهڙيون مليون آهن جن جو نزولي زمانو ڪنهن نه ڪنهن غزوه جي باري ۾ آهي. پر غزون جي صحيح تاريخ مقرر ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي.
مسلمان محققن پنهنجون سموريون ڄمارون تفسيرن لکڻ ۽ اهڙن علمن کي ترتيب ڏيڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيون جن سان قرآن پاڪ جي مطلبن کي سمجھي سگھجي. ڇو جو انهن جو گھڻو حصو پهرين چئن خليفن کان پوءِ ڳجھو ٿي ويو هو. انهيءَ مان اها به ڄاڻ پوي ٿي ته پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات کانپوءِ اموي دؤر تائين، انهيءَ سلسلي ۾ تمام ئي گھٽ ڪم ٿيو هو. ايتري تائين جو اموي خليفن تاريخ ۽ حديث کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ظاهر آهي ته سئو سالن جو زمانو انهيءَ ڳالهه لاءِ حديثن ۽ عام روايتن جون تيز ڪنڊون لسيون ٿي پون ۽ گھڻو ڪجھه راز جي پردي ۾ گم ٿي، اسان کي انهيءَ زماني جي ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگين کي تنقيد جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ کان محروم ڪري ڇڏي. وقت گذرڻ سان وڏا وڏا گھاوَ به ڀرجي ويندا آهن ۽ اٻوجھه مسلمانن کي اهڙيون ڳالهيون تمام ئي گھٽ ياد رهي سگھنديون هيون جن سان انهن کان اڳ گذري ويل کي خراب رنگ ۾ ظاهر ڪري سگھجي. ان جي برخلاف انهن جي دشمنن جي خلاف بي بنياد ڪهاڻيون گھڙجي ويون. عام انساني نفسيات کان مسلمان آجا نه هئا ۽ انهن جي زرخيز تخيل پهرين زماني جي بزرگن کي اهڙين ڪرامتن کي ظاهر ڪندڙ بڻائي ڇڏيو، جيڪي رسولن کان به نه ٿي سگھيون. خوشقسمتيءَ سان قرآن پاڪ پنهنجي حقيقي ۽ بنيادي پاڪيزگي ۽ صحت سان گڏ هاڻي تائين موجود آهي ۽ ان زماني جي سچي تاريخ رڳو ان جي ئي مدد سان لکي سگھجي ٿي.
عربي ادب ۾ بعد ۾ اچڻ وارن گھڻو ئي واڌارو ڪيو، پر اهو ڪم خاص انهيءَ مقصد سان نه ڪيو ويو. ان جو مقصد هڪ نه ٻي طرح قرآن پاڪ کي سمجھڻ هو. مثال طور جاهليت واري زماني جي شاعري ۽ ٻوليءَ جو مطالعو ۽ انهن جا مجموعا ۽ انهن جي لغت تيار ڪرڻ رڳو انهيءَ مقصد سان هو ته قرآن پاڪ جي ڪيترن ئي لفظن جون اهي معنائون ڄاڻي سگھجن، جيڪي جاهليت واري زماني ۾ رائج هيون ۽ هاڻي پنهنجي اصلي معنى کان بدلجي چڪيون هيون. ان ڪري قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي لغتون ”غريب القرآن“ جي نالي سان ترتيب ڏنيون ويون. جاهليت جي ڪنهن شعر جو حوالو حديث کان وڌيڪ وزن رکندو هو. حضرت عليؒ کان پوءِ وارن نحو جي ماهرن رڳو عربي ٻوليءَ کي سمجھڻ سمجھائڻ جي لاءِ عربي نحو ۽ عروض جو بنياد وڌو. اهڙي طرح يوناني فلسفي، منطق، طبعيات، ما بعد الطبعيات، علم الاعداد،کي ايتري ته ترقي ڏني جو ڪيترا ئي نوان مذهب انهن علمن ۾ پيدا ڪيا ويا. پر مقصد انهن جو به اهو ئي هو ته قرآني منطقت ۽ جوڙ جڪ کي سمجھي سگھجي. انهن سمورن علمن جي ترقيءَ نه رڳو قرآن کي سمجھڻ ۾ وڏي حد تائين مدد ڏني، پر انهن ملڪن ۾ جتي اسلامي حڪومت پکڙي، اتي علم ۽ تهذيب جي روشني پڻ عوام جي اندر پکڙجي وئي.
خوشقسمتيءَ سان انهن ماڻهن ۾ هڪڙو ٽولو قدامت پرستن جو به هو جيڪي فلسفين ۽ ڪلام ڪندڙن جي ترقي پسند خيالن کي خراب نظر سان ڏسي پيو ۽ هر دليل کي حديث نبوي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. انهن عالمن سخت محنت سان اسلامي شريعت ۽ رسول الله ﷺ جي سيرت جو جيترو به مواد ممڪن هو تنهن کي سهيڙڻ شروع ڪيو. تمام سٺو ٿيو جو انهن جا خيالَ عباسي دؤر جي خيالن سان ملي نه ويا هئا. انهيءَ ڪري انهن جي مجموعن ۾ محدثن جي نفسيات ۽ عادتن جي پوري تاريخ ملي سگھي ٿي. بي شڪ انهن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ کان وٺي تابعين تائين واري زماني جي ڳالهين جي جھلڪ پڻ نظر اچي ٿي، باوجود انهيءَ جي جو شيعه محدث جي فرقيواراڻي ذهنيت به ڪيترين ئي جاين تي ظاهر ٿي وڃي ٿي.
انهن حالتن ۾ قرآن کانسواءِ ٻي ڪابه شيءِ اسلام جي ارتقا واري صاف ۽ سچي تاريخ نٿي ٻڌائي سگھي. انهيءَ مان اها به خبر پئي ته ڪهڙيءَ طرح آهستي آهستي خيال حق ۽ باطل ۽ نيڪي ۽ بدي، عرب عوام کي سمجھايا ويا. پر اهي سڀئي ڳالهيون ان وقت ڄاڻي سگھجن ٿيون، جڏهن قرآني مضمونن کي تاريخي ترتيب سان گڏ ڪيو وڃي. سٽينلي لين پول چوي ٿو ته: ”قرآن جي باري ۾ شڪ شبهو گھڻو ڪري انهيءَ عام ترتيب جي ڪري ئي آهي. يعني انهيءَ ۾ عام طرح ڊگھيون سورتون پهريان ۽ ننڍيون سورتون پوئتي سهيڙيون ويون آهن. ظاهر ۾ مسلمان عام ترتيب تي راضي نظر اچن ٿا. بهرحال اها ترتيب ٻين پاڪ ڪتابن کان منفرد قسم جي نه آهي. جرمن تنقيد قرآن کي لڳ ڀڳ تاريخي ترتيب ڏيڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي. انهيءَ تنقيدي ترتيب جو اهو نتيجو آهي جو جناب رسول الله محمد ﷺ جي تعليم جي ارتقا تي مڪمل روشني پوي ٿي ۽ ان جي طرز بيان ۽ سندن تبليغي طريقي جي تبديلين جو سبب پڻ معلوم ٿي وڃي و جڏهن قرآن جي ترتيب اهڙي طرح ڪئي وڃي جو دماغ مان بي ترتيبيءَ جو اثر ڪافور ٿي وڃي ۽ اسان هڪ زبردست دماغ جي ترقي، هڪ پاڪيزه روح جي ڪمزوري ۽ توانائي ۽ هڪ وڏي انسان جي اڻٽر رنگينين کي ڏسڻ لڳندا آهيون. (خطبات و احاديث رسول عربي)
ان کان اڳ جو اسان پنهنجا اصول بيان ڪريون، مناسب ٿيندو ته هن وقت تائين نزولي ترتيب تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، انهيءَ جو جائزو وٺون. انهيءَ سان اسان کي اڳتي هلي مطالعي ۾ وڏي مدد ملندي. شروعاتي اصحابن وٽ مختلف سورتن جي ترتيب فطري طور تي تنزيلي ئي هئي. مڪي ۾ تمام ئي ٿورڙا ماڻهو لکڻ پڙهڻ ڄاڻيندا هئا ۽ هر اهڙي شيءِ کي، جنهن کي عرب محفوظ ڪرڻ گھرندا هئا، زباني طور ياد ڪري وٺندا هئا. انسانن، ايتري تائين جو ڪتن ۽ گھوڙن جو بڻ بڻياد به تمام ئي احتياط سان ياد ڪري ويندا هئا. عاد ۽ ثمود جا قصا ۽ پٿر واري زماني جي ماڻهن جا قصا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين زباني هلندا ايندا هئا. اهڙا نه رڳو مرد هئا، عورتون به هيون جيڪي هفتن تائين لڳاتار نظم ۽ شعر زباني پڙهي سگھنديون هيون. اهڙيون مجلسون، ميلن ۽ تفريحي جلسن ۾ ٿينديون هيون. ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ ئي لکندو هو، سواءِ انهن جي جو ڪي تمام ئي اهم ٺاهه يا تمام ئي مشهور قصيدن جي جيڪي ڪعبة الله تي لٽڪائڻ لاءِ لکيا ويندا هئا.
رسول الله ﷺ جي زندگي تمام ئي سخت ۽ پورهئي واري هئي. رسالت جي شروعاتي حالت ۾ پاڻ ﷺ جن کي ڳجھي طرح سان ڪم ڪرڻو پيو، پر جڏهن دين جي کليل طرح پرچار شروع ڪيائون ۽ سندن ڪجھه پوئلڳ به بڻجي ويا ته انهن کي ايترا ته ڏک ڏنا ويا جو مجبور ٿي پاڻ ﷺ جن کي پنهنجي ساٿين کي چوڻو پيو ته اهي حبشه ڏانهن لڏي (هجرت ڪري) وڃن. ان کان پوءِ سست ئي حبشه ڏانهن ٻي هجرت ٿي، جنهن ۾ مڪي جي مسلمانن جي جماعت کي اڃا به گھٽايو ويو. ان کان پوءِ ٽن سالن تائين مڪي وارن پاڻ ﷺ جن سان بائيڪاٽ ڪيو ۽ شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ به پاڻ ﷺ جن کي مڪي ۾ دين جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت نه هئي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ جن پنهنجي فرض جي ادائگي لاءِ مختلف قبيلن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا. انهيءَ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ته نه پاڻ ڪريم ئﷺ جن کي ئي ۽ نه وري سندن ساٿين کي ئي اهڙو موقعو ملي سگھيو جو اهي وحي کي لکي سگھن ها. جيڪي ماڻهو موجود هوندا هئا، وحيءَ کي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي ياد ڪري وٺندا هئا. پڪ سان انهن انهيءَ ئي ترتيب سان، جنهن ۾ اهو نازل ٿيندو هو، هڪ ٻئي پٺيان سورتن کي ياد ڪيو هوندو. ظاهر آهي ته جڏهن سورتون هڪ خاص ترتيب سان ياد ٿي وينديون آهن، ته انهن جو وچ ۾ هڪ نئين سورت کي داخل ڪري ياد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو هوندو. پر جيڪي ماڻهو حبشه ڏانهن لڏي ويا هئا، ۽ جيڪي ماڻهو پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ شعب ابي طالب ۾ نظربند نه هئا، تن کي مجبورا قرآن پاڪ جو جيڪو به حصو، جنهن به ترتيب سان ملي ويندو هو، ياد ڪرڻو پوندو هوندو ۽ گھڻو ڪري انهيءَ قسم جي واڌارن ۾ نزولي تاريخ جي ترتيب ممڪن نه ٿي سگھندي هوندي.
رسول الله ﷺ جڏهن دين جي تبليغ شروع ڪئي هئي ته حضرت علي بن ابي طالب نه رڳو ٻار هو، پر هو رسول الله ﷺ جو سئوٽ پڻ هو. اسلام قبولڻ وقت سندس عمر ڏهه سال ۽ ڪن مطابق نوَ سال هئي. ڪن جو خيال آهي ته اٺ سال هئي يا ان کان به گھٽ عمر هئي. پر ٻين جو قول آهي ته اسلام قبولڻ وقت اٺن کان سورنهن سالن جي وچ واري هڪ عمر جا هئا. پاڻ پنهنجي ٻاروتڻ کان رسول الله ﷺ جي وفات تائين رسول الله ﷺ سان گڏ رهيا. مهاجرن ۽ انصارن ۾ جڏهن پاڻ مديني ۾ مواخات جو سلسلو شروع ڪيائون ته حضرت عليؒ کي پنهنجو ڀاءُ سڏيائون. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ يا شبهو نه آهي ته پاڻ سموري قرآن ۽ ان جي هر هڪ آيت جي شان نزول کان چڱيءَ طرح واقف هئا.
ابن ابي دائود محمد بن سيرين کان روايت ڪري ٿو ته حضرت عليؒ فرمايو ته جڏهن رسول الله ﷺ جن وفات ڪئي ته مون حضرت ابوبڪرؒ جي بيعت ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته ابوبڪرؒ مون سان مليو ۽ چيو ته ڇا توهان کي منهنجي خلافت تي اعتراض آهي؟ مون چيو ته نه، مون قسم کنيو هو ته جيستائين مان قرآن کي گڏ نه ڪري وٺان، نماز کانسواءِ بدن تي چادر نه اوڍيندس. هن جو خيال آهي ته پاڻ يعني حضرت عليؒ قرآن کي نزولي ترتيب سان گڏ ڪيائون. ان کان پوءِ محمد بن سيرين جو قول آهي ته جيڪڏهن اهو ڪتاب ملي وڃي ته ان مان گھڻي ئي معلومات ملي سگھي ٿي.
تمام ئي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته حضرت عليؒ جي ترتيب جي شيعن کي به خبر نه آهي. گهڻو ڪري پاڻ انهيءَ ئي ترتيب کي مڃي ورتو هئائون جنهن ترتيب سان حضرت عثمانؒ قرآن کي لکرايو هو. النديم جو بيان آهي ته ”حضرت عليؒ ٽن ڏينهن ۾ قرآن کي گڏ ڪيو هو. اهو پهريون صحيفو هو جنهن ۾ قرآن حافظي جي سگھه تي تيار ڪيو ويو هو. اهو صحيفو امام جعفر جي خاندان ۾ هو. ڪجھه ڏينهن ٿيندا جو مون انهيءَ کي ابي يعلي حمرة الحسينيءَ وٽ ڏٺو آهي. ان جا ڪيترائي پنا ڳري ويا آهن. اهو حضرت علي بن ابي طالب جي هٿ جو لکيل آهي. امام حسن جي خاندان ۾ اهو ئي صحيفو پيءُ کان پٽ ڏانهن هلندو رهيو آهي ۽ انهيءَ جلد جي تفصيل هيٺين صفحن ۾ بيان ڪيل آهي.“ (الفهرست 42 نديم)
ان کان پوءِ الفهرست ۾ ڪجھه به نه آهي، اڃا به هڪ ٻيو مضمون شروع ٿي وڃي ٿو. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته يا ته بعد ۾ ڪنهن الفهرست جي اصلي نسخي ۾ خرابي ڪئي ۽ حضرت عليؒ جي ترتيب کي ڪڍي ڇڏيو يا الفهرست جي ليکڪ پاڻ هڪڙو صفحو ڇڏي ڏنو هو ته بعد ترتيب کي ڏسي لکي وٺندس. بهرحال حضرت عليؒ واري صحيفي جي هن وقت تائين ڪابه خبر پئجي نه سگھي.
قرآن پاڪ جو هر هڪ نسخو چٽيءَ طرح سان ٻڌائي ٿو ته موجوده ترتيب تاريخي نه آهي. آيتن جي باري ۾ شيعو فرقو سنين کان جدا عقيدو رکي ٿو. انهن جو خيال آهي ته سورتن ۾ جهڙي طرح آيتون مرتب آهن، اهي رسول الله ﷺ جون ترتيب ڏنل نه آهن. پر اها دعوى سمورين سورتن جي لاءِ صحيح نٿي ٿي سگھي. بهرحال شيعا ڪنهن ٻئي قرآن کي، جنهن جي ترتيب موجوده قرآن کان جدا هجي، پيش نٿا ڪن ۽ موجوده ترتيب تي ئي راضي ٿي ويا آهن. اهي موجوده قرآن جي هر لفظ کي خدائي وحي مڃين ٿا، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن جو خيال آهي ته موجوده قرآن مان ڪجھه آيتون ۽ ڪجھه سورتون، جيڪي حضرت عليؒ ۽ اهل بيت جي واکاڻ ۾ هيون سي ڪڍيون ويون آهن.
هتي اهو بيان به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته خدابخش اوريئنٽل لائبريري پٽنه ۾ هڪ قلمي نسخو قرآن مجيد جو موجود آهي ۽ انهيءَ جي ترتيب انهيءَ ترتيب موجب آهي. انهيءَ ۾ ٻه سورتون (يعني سورت ولايت ۽ سورت نورين) ۽ ڪجھه آيتون موجوده قرآن کان وڌيڪ آهن.
سورت ولايت جي هيٺان هيٺيون نوٽ فارسي ۾ آهي ”شيعن ۽ سنين ۾ انهيءَ ڳالهه تي وڏو اختلاف اهو آهي ته سورتن ۽ آيتن جي نزولي ترتيب ڇا آهي. هر فرقي مختلف حديثون گڏ ڪيون آهن، پر سڀني جو انهيءَ ڳالهه تي اتفاق آهي ته قرآن جي موجوده ترتيب حضرت عثمان جي زماني ۾ ٺهي آهي. بهرحال انهيءَ کان انڪار نٿو ٿي سگھي. شيعن جو خيال آهي ته قرآن هن کان وڌيڪ هو جيڪو عثماني صحيفي ۾ موجود آهي ۽ هڪ پورو جلد حضرت علي وٽ هو، جنهن کي هڪ امام ٻئي امام کي ڏيندو ايندو هو. آخري امام کان پوءِ اهو امام مهدي وٽ پهچي ويو جيڪو اسان جي اکين کان اوجھل آهي. جڏهن امام غائب ظاهر ٿيندو ته هو اچي انهيءَ قرآن کي ظاهر ڪندو. انهيءَ قرآن جون آيتون ۽ سورتون ٻئي نزولي ترتيب سان گڏ ڪيون ويون آهن. ٻنهي فرقن جي عالمن جي اتفاق راءِ سان اهو قرآن ڇاپيو نه ويو آهي. هن قرآن ۾ ٻه سورتون وڌيڪ آهن ۽ ٿوريون آيتون به ڪٿي ڪٿي وڌايون ويون آهن. جيئن ته شيعه عالمن جو اهو چوڻ آهي ته حضرت عليؒ جي زماني کان وٺي سمورو قرآن نه ڇاپيو ويو ۽ مهدي جي ظاهر ٿيڻ تائين اهو قرآن ظاهر نه ٿيندو. تنهن ڪري انهيءَ قرآن جون سورتون ۽ آيتون تلبيس کان خالي نه آهن ۽ انهن تي اعتماد نٿو ڪري سگھجي.
هن قرآن جي ڪتابت جي تاريخ 1200 هه آهي ۽ هن ۾ 234 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن.
عبدالله بن عباس وارو صحيفو:
عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب جو لقب ”حبر الامة“ هو. ان کان پوءِ ”ابوالخلفا“ جو لقب پڻ پئجي ويو هو. ڇو جو عباسي خليفا ان جي اولاد مان هئا. هجرت کان لڳ ڀڳ ٽي سال پهريان پاڻ ان وقت پيدا ٿيا جڏهن پاڻ شعب ابي طالب ۾ نظر بند هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات جي وقت ان جي عمر رڳو 13 سال هئي. سندن والد حضرت عباس فتح مڪي جي وقت مسلمان ٿيو هو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته هنن کان جيڪي رسول الله ﷺ جون حديثون روايت ڪيل آهن، انهن مان گھڻيون اهڙيون آهن جيڪي پاڻ ٻين کان ٻڌائون. هن کي ننڍپڻ جي رڳو ٻن ٽن سالن جي لاءِ پاڻ ﷺ جي صحبت نصيب ٿي هوندي. پر جيئن ته سندن عمر وڏي هئي، انهيءَ ڪري کين پاڻ ڪريم ﷺ جي باري ۾ معلومات جو گھڻو وجھه مليو. ان کانسواءِ رسول الله ﷺ انهن جي لاءِ دعا به گھري هئي ته الله تعالى کيس ڪتاب ۽ حڪمت جي سمجھه عطا ڪري. سندن لقب ”ترجمان القرآن“ به هو. وفات واري وقت سندن عمر 68 سال هئي. پاڻ پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ نابين ٿي ويا هئا. پاڻ شيعان علي مان هيا ۽ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۽ نهروان ۾ پاڻ حضرت عليؒ سان گڏ گڏ هئا.
”ابن الزبير کيس طائف ڏانهن ڪڍي ڇڏيو هو جتي سندن وفات ٿي.“ (الف.الف، صفحه 372-274)
”حضرت عليؒ پنهنجي خلافت واري زماني ۾ کين بصره جو گورنر مقرر ڪيو هو جتي پاڻ حضرت علي جي شهادت تائين والي رهيا. پر ابن زبير کين طائف ڏانهن ڪڍي ڇڏيو هو جتي سندن وفات ٿي.“ (الف. الف 372-274)
(ج ڪ جده صفحه 811)
41هه ۾ ابن العباس جو مشهور پٽ جنهن جو نالو علي هو پيدا ٿيو. هو علي عباسي خليفن جو ڏاڏو هو. علي جي پيدائش جنهن سال ٿي هئي، انهيءَ سال امام حسن بن علي امير معاويه جي حق ۾ خلافت تان هٿ کڻي ويو هو. علي بن عبدالله بن العباس جي پيدائش، خلافت کي نبوي خاندان ڏانهن موٽائڻ جو سبب بڻي.
ابن عباس به انهن اصحابن جي جماعت سان گڏ هئا جن کي امير معاويه 50 هه ۾ قسطنطينيه تي حملو ڪرڻ جي لاءِ روانو ڪيو هو ۽ يزيد کي به مجبور ڪيو هئائين ته انهيءَ فوج سان گڏجي وڃي. ابو ايوب انصاري 30 هزار مسلمانن سان گڏ وڙهندي شهيد ٿي ويو. اسلامي لشڪر گھيراءُ ڇڏي امن سان موٽي اچڻ کي ترجيح ڏني. ان کان پوءِ مسلمانن دمشق ۾ هڪ ٺاهه تي صحيح ڪئي ۽ اوڀر ۾ رومن سامراج جي 30 سالن جي لاءِ ڌاڪ ويهي وئي.
جڏهن امام حسينؒ عراق (ڪوفه) ڏانهن انهيءَ مقصد سان وڃي رهيو هو ته يزيد کان خلافت کسي ته ان وقت ابن عباس مڪي ۾ هو. پاڻ کين ڪوفي ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ۽ چيو ته عبدالله بن زبير انهيءَ خبر تي خوش ٿيندو ڇو جو تنهنجي موجودگيءَ ۾ حجاز جي اندر ڪير به ان جو قدر نٿو ڪري. (ا.ڪ)
امام حسين جي شهادت کان پوءِ عبدالله بن زبير خلافت جو دعويدار ٿي پيو. هن ابن عباس کان بيعت لاءِ گھر ڪئي پر پاڻ انڪار ڪيائون. انهيءَ سان يزيد کي اهو خيال پيدا ٿيو ته ابن عباس منهنجو ساٿاري آهي. پر پاڻ يزيد ڏانهن هڪ خط لکي ان جي غلط فهميءَ کي ختم ڪيائون.
ابن عباس جي باري ۾ ٻيهر 68 هه ۾ ڪجھه حال احوال ملي ٿو. انهيءَ زماني ۾ زبير مڪي ۾ خليفو هو. ابن حنفيهؒ (محمد بن علي) مڪي ۾ ابن زبير جي بيعت کان انڪار ڪري طائف اچي ويو هو. انهيءَ وچ ۾ ابن عباس مڪي ۾ ويو ۽ سخت ڳالهيون ڪري طائف هليو آيو ۽ هتي اچي وفات ڪيائين. ابن حنفيهؒ جنازي جي نماز پڙهائي. (ا.ڪ 66 هه)
انهن سمورين حالتن کي ڏسندي خبر پوي ٿي ته پاڻ حضرت عليؒ جي سخت طرفدارن مان هئا. جيتوڻيڪ پاڻ يزيد بن معاويه جي ماتحتي ۾ هڪ دفعو قسطنطينيه تي جهاد ڪرڻ لاءِ مجبور به ٿيا هئا ۽ ان کان پوءِ جيتوڻيڪ اموي خليفن سان بيعت نه ڪيائون، پر پاڻ ابن الزبير جي به حڪومت نه مڃيائون جيڪي عراق ۽ حجاز جا امير هئا.
حضرت ابن عباس جي حالتن کان توهان واقف ٿي چڪئو. قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب جي باري ۾ جيتريون به روايتون ملن ٿيون سي لڳ ڀڳ سڀ جو سڀ ساڻس منسوب آهن. اهي هيٺ ذڪر ڪيون وڃن ٿيون.
• روايت (1): ابن سعد پنهنجي طبقات ۾ لکيو آهي ته واقدي قدامه کان، هن ابي سلمى الحضرمي کان، هن ابن عباس کان ٻڌو ته مون ابن ابي ڪعب کان پڇيو ته مديني ۾ ڪيترو قرآن نازل ٿيو، ته هن چيو ته 27 سورتون اتي نازل ٿيون باقي مڪي ۾ نازل ٿيون (اتقان 9).
• روايت (2): النحاس پنهنجي ڪتاب الناسخ والمنسوخ ۾ لکي ٿو ته يموت بن المزرع مون کي چيو ته مون ابو حاتم سهل بن محمد السجستاني کان ٻڌو، جنهن ابو عبيده معمر بن المثنى کان ٻڌو، هن يوسف بن حبيب کان ٻڌو ته هن مجاهد کي چيو ته مڪي ۽ مدني قرآن کي جدا جدا ڪريو. هن چيو ته مون ابن عباس کان انهيءَ جي باري ۾ پڇيو ته هن فرمايو:
أ. سورت 6 (الانعام) هڪ ئي دفعو مڪي ۾ نازل ٿي هئي. اها ٽن آيتن کانسواءِ آهي جيڪي آخر ۾ آهن (قل تعالوا....) ۽ جيڪي مديني ۾ نازل ٿيون هيون. سموري سورت مڪي آهي.
ب. سورت، 10، 11،12،13،14 ۽ 16 مڪي آهن.
ت. سورت 16 (النحل) مڪي ۾ نازل ٿي، سواءِ آخري ٽن آيتن جي جيڪي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ احد جبل وٽ نازل ٿيون.
ث. سورت 17، 18، 19، 20 ۽ 21 مڪي آهن.
ج. سورت 22 (الحج) مڪي آهي، سواءِ ٽن آيتن جي جيڪي (هذان خصمان) کان شروع ٿين ٿيون، جيڪي مدني آهن.
ح. سورت 22 ۽ 25 مڪي آهن.
خ. سورت 26 (شعراء) مڪي آهي، سواءِ پنجن آخري آيتن جي جيڪي مدني آهن ۽ والشعراء يتبعهم الغاؤن کان شروع ٿين ٿيون.
د. سورت 27، 28 ۽ 29 مڪي آهن.
ذ. سورت 31 (لقمان) سواءِ ٽن آيتن جي مدني آهي. يعني ولو انما في الارض من شجره کانسواءِ.
ر. سورت 32 (السجده) مڪي آهي سواءِ هنن ٽن آيتن جي؛ يعني افمن ڪان مؤمنا ڪمن ڪان فاسقاً.
ز. سورت 34، 35، 36، 37 ۽ 38 مڪي آهن.
س. سورت 39 مڪي آهي سواءِ انهن ٽن آيتن جي جيڪي مديني ۾ حضرت حمزه جي قاتل وحشي جي باري ۾ نازل ٿيون يعني قل يا عبادي الذين اسرفوا .... الخ.
ش. سورت 40، 41، 42، 43، 44، 45، 46، 50، 51،52، 53، 54، 55 ۽ 56 مڪي آهن.
ص. سورت 46 مڪي آهي سواءِ آخري ٻن آيتن جي جيڪي مدني آهن.
ض. سورت 67، 68، 69، 70، 71 ۽ 72 مڪي آهن.
ط. سورت 73 مڪي آهي سواءِ آخري ٻن آيتن جي؛ (ان ربڪ يعلم ... الخ)
ظ. سورت 74 کان ختم قرآن تائين مڪي سورتون آهن. سواءِ 99، 110، 113 ۽ 114 جي، جيڪي مدني آهن. (اتقان 9-10)
هن کان پوءِ مدني سورتن جي فهرست آهي يعني اهي سورتون جيڪي مٿين فهرست ۾ شامل نه آهن سي مدني آهن. سيوطيءَ اهو به واڌارو ڪيو آهي ته انهيءَ روايت جا بيان ڪرڻ وارا سڀئي ثقه، عادل ۽ عرب جا مشهور عالم آهن.
• روايت (3): بيهقي دلائل النبوة ۾ چوي ٿو ته ”اسان کي ٻڌايو علي بن احمد بن عبدان، ان کي ٻڌايو عبيد الصغار، هن محمد بن الفضل کان ٻڌو، هن اسماعيل بن زراه الراتي کان ٻڌو، هن عبدالرحمان قرشي کان، هن خصيف کان، هن مجاهد کان، هن ابن عباس کان جنهن انهن سورتن جي تفصيل ٻڌائي جيڪا مديني ۾ نازل ٿي هئي.“ يعني روايت نمبر (2) ۾ جيڪي سورتون باقي رهجي ويون هيون. (اتقان – 10)
انهيءَ روايت ۾ انهن ٽنهي سورتن جو تفصيل نه آهي جيڪي ابن عباس (مٿي ڪيل روايت نمبر 2 ۾) ڇڏي ڏنيون هيون، پر هيٺ بيان ڪيل روايت مان اسان کي خبر پوي ٿي ته هن سورت 13، 55، 67 ۽ 98 کي روايت نمبر 2 ۾ شامل نه ڪيو هو. روايت نمبر 2 ۽ نمبر 4 ۾ هڪ فرق موجود آهي جنهن جو ذڪر بيهقي نه ڪيو آهي. روايت نمبر 2 ۾ ابن عباس سورت 30، 113، 114 کي مدني سڏي ٿو، پر اهي ئي سورتون روايت نمبر 4 ۾ مڪي ٻڌايون ويون آهن.
ظاهر آهي ته انهن ٻنهي روايتن مان هڪ شڪ ۾ آهي. پر اسان سچائيءَ تائين قرآن پاڪ جي اندروني شاهدي جي وسيلي ئي پهچي سگھون ٿا، جيڪا انهيءَ تحقيق جو اصل مقصد آهي.
• روايت نمبر (4): فضائل القرآن ۾ ابن الفريس ابن عباس جي رواين جي سلسلي جي حوالي سان روايت ڪري ٿو ته ”جڏهن سورت فاتحه نازل ٿي ته اها مڪي ۾ هڪڙي سورت هئي. ان کان پوءِ الله تعالى جيڪو گھريو انهيءَ ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو“. (اتقان 10)
هن کان پوءِ ابن عباس جي سورتن جي اها فهرست آهي، جيڪا سورت 96 (اقراء) کان شروع ٿي آخري سورت 9 (توبه) تائين آهي. اها فهرست نزولي ترتيب سان آهي ۽ هن مقالي جي آخر ۾ سڄي ئي نقل ڪئي وئي آهي.
انهيءَ روايت مان هڪ خاص ڳالهه اها به معلوم ٿئي ٿي ته سورت فاتحه جو رڳو ايترو جزو (جيڪو ان کي هڪ سورت بڻائڻ جي لاءِ ڪافي هو) مڪي ۾ نازل ٿيو ۽ باقي سورت مدني آهي.
هن روايت ۾ ۽ روايت نمبر 2 ۾ جيڪو اختلاف آهي، سو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ ۾ جيڪو نئون خيال سورت فاتحه جي باري ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪجھه مڪي آهي ۽ ڪجھ مدني، انهيءَ باري ۾ سيوطي کي ڪجھه اختلاف آهي (ڏسو اتقان 14). جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جي تائيد سيوطي به ابولليث ثمرقندي جي زباني پهريان لکي چڪو آهي. (اتقان12).
مصحف حسينرح بن علي ۽ عڪرمهرح:
حسين بن علي 5 شعبان 3 هه يا 4 هه ۾ پيدا ٿيو ۽ جمعي جي ڏينهن 10 محرم سنه 61 هه ۾ شهيد ٿيو (اصابه). يعني پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات واري وقت سندن عمر رڳو 10 سال هئي. تنهن ڪري بيهقي جيڪا روايت کانئن اتقان صفحي نمبر 10 تي نقل ڪئي آهي، سا پاڻ رسول الله ﷺ کان ٻڌي روايت نه ڪئي هوندائون، پر امڪان آهي ته ٻئي ڪنهن اصحابيءَ کان ٻڌي هجي ڇو جو انهيءَ روايت جو مآخذ ڄاڻ ۾ نه آهي. تنهن ڪري اها روايت وڌيڪ وزنائتي نٿي ٿي سگھي.
عڪرمه حضرت ابن عباس جو آزاد ڪيل غلام هو. انهيءَ ڪري ئي چئي سگھجي ٿو ته انهن جي روايتن جو بنياد گھڻو تڻو حضرت ابن عباس جي روايتن تي هوندو.
بهرحال انهن ٻنهي بزرگن جي روايت سان بيهقي دلائل النبوه ۾ سند سان هڪ روايت نقل ڪئي آهي (اتقان 10) جنهن مان قرآن جي نزولي ترتيب جي خبر پوي ٿي، جيڪا انهن ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هئي.
اها سورتن جي فهرست انهيءَ ترتيب سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي جيڪا حضرت ابن عباس ٻڌائي آهي. ان ۾ جيڪي اختلاف آهن سي هن ريت آهن:
أ. هن ۾ سورت نمبر 1، 7، 19 نه آهن. پر ابن عباس سورت 17 ۽ 19 کي مڪي ٻڌايو آهي ۽ سورت نمبر 1 جي پهرين ٽن آيتن کي به مڪي ٻڌايو آهي. انهيءَ ڪري وڏي حيرت ٿئي ٿي ته پهرين سورت يعني سورت فاتحه کي انهيءَ روايت ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جيڪا قرآن پاڪ جي سڀ کان ضروري سورت سمجھي وڃي ٿي. گھڻو ڪري حسين ۽ عڪرمه (رضي الله عنهما) ابن مسعود جي پيروي ڪرڻ مناسب سمجھيو هوندو جنهن سورت فاتحه کي پنهنجي صحيفي ۾ نه لکيو هو. (ڏسو نديم الفهرست 40)
ب. هن روايت ۾ ڪن سورتن جا اهي نالا لکيا ويا آهن جيڪي ابن عباس جي روايت ۾ نه آهن. ان جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن توهان پهرين صدي هجري جا صحيفا ڏسندؤ ته خبر پوندي ته فعل جي لاءِ رڳو بسم الله لکي ڇڏيندا هئا. سورتن جا نالا اڳتي هلي لکجڻ لڳا. مثال طور ابن عباس ۽ حسين ۽ عڪرمه جي صحيفن ۾ لکڻ جو انداز ڪجھه هن طرح هو:
سورت نمبر ابن عباس ؓ حسين ۽ عڪرمهؓ
73 يا ايها المزمل المزمل
107 ارايت الذي يکذب ارايت
105 الم ترکيف فعل ربک اصحاب الفيل
72 قل اوحي الجن
26 طسم الشعراء طسم
28 القصص طسم
10 يونس التاسعہ
15 اصحاب الحجر الحجر
وغيره وغيره
ت. ابن عباس سورت مائده کي آخري مدني سورتن کان اڳ ۾ جاءِ ڏني آهي. پر حسين ۽ عڪرمه ان کي ڇهين مدني سورت سڏيو آهي.
ث. ابن عباس سورت تطفيف کي مڪي سورتن جي آخر ۾ جاءِ ڏني آهي، پر حسين ۽ عڪرمه مدني دؤر جي شروعات هن سورت سان ڪئي آهي. اهو هڪ ننڍڙو اختلاف آهي. پر انهيءَ مان اهو سمجھه ۾ اچي ٿو ته راوين مان هڪ راوي ننڍڙي غلطي ڪئي آهي.
نوٽ: سيوطي جي ”اتقان“ جي ٻن ڇاپيل نسخن جو مقابلو ڪرڻ سان ڪتابت جو هڪ عجيب اختلاف ڄاڻ ۾ آيو آهي. انهن مان هڪ ازهريه ڇاپخاني مصر جو 1967ع ۾ ڇاپيو آهي ۽ ٻيو ڪلڪتي ۾ 1885ع ۾ شپرنگر علماء مدرسه عاليه ڪلڪته جي تصحيح کان پوءِ ڇاپيو هو. انهن ۾ اختلاف هن طرح آهن:
نمبر ڪلڪته وارو ڇاپو مصر وارو ڇاپو
1 صفحو 20 سٽ 13
الحسن صفحو 10 سٽ 8
الحسين
2 صفحو 20 سٽ 22
السابعہ صفحو 10 سٽ 14
التاسعہ
3 صفحو 21 سٽ 10
السابعہ صفحو 10 سٽ 21
التاسعہ
محمد بن نعمان بن بشير وارو صحيفو: الفهرست ۾ جيڪا ترتيب سورت محمد بن نعمان بن بشير سان منسوب آهي، ان کي النديم راوين جي سلسلي جي حوالي سان هن طرح بيان ڪيو آهي: ”قرآن پاڪ جي پهرين سورت جيڪا پاڻ ڪريم ﷺ جن تي نازل ٿي سا اقراء 94، (مالم يعلم) تائين هئي. ان کان پوءِ سورت نون، پوءِ مزمل (جنهن جو آخري حصو مديني ويندي نازل ٿيو هو. پوءِ المدثر نازل ٿي. پر مجاهد جو قول آهي ته اها مدثر نه پر سورت ”تبت يدا“ هئي. (ن ف 37). ان کان پوءِ سمورين سورتن جي فهرست آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سورت والناس مدني آهي ۽ سورت لقمان ۽ سورت ڪهف ۽ سورت نحل جو آخري حصو به مدني آهي ۽ سورت (73) يعني تطفيف مدني آهي. انهيءَ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ”معوذتين“ سڀ کان پهران مديني ۾ نازل ٿيون. ان کان پوءِ باقي قرآن نازل ٿيو. (الفهرست 39)
ايئن پيو سمجھه ۾ اچي ته مٿي ڏنل فهرست ۾ محمد بن نعمان رڳو مڪي سورتن جي ترتيب ٻڌائي آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ سلسلي ۾ النديم هڪ ٻي فهرست پڻ ڏني آهي جيڪا ابن جريح جي روايت سان مدني سورتن جي ترتيب کي ظاهر ڪري ٿي.
انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 85 سورتون مڪي ۾ ۽ 68 سورتون مديني ۾ نازل ٿيون. انهيءَ ۾ مدني سورتن جي روايت ابن عباس تي ختم ٿئي ٿي ۽ لڳ ڀڳ اها ئي روايت آهي، جيڪا اتقان ۾ ابن عباس کان روايت ٿيل آهي. فرق رڳو اهو آهي ته:
1. ابن عباس سورت احزاب کي مدني ٻڌائي ٿو ۽ سورت اعراف کي مڪي. پر الفهرست ۾ اها ترتيب الٽي ٿي وئي آهي يعني سورت احزاب مڪي ۽ اعراف مدني ٿي وئي آهي.
2. ابن عباس سورت الرحمان کي مدني ٻڌائي ٿو جيڪو حقيقت جي بلڪل خلاف آهي. پر الفهرست ۽ بيهقيءَ جي روايت ۾ ان کي مڪي ٻڌايو ويو آهي.
بهرحال ٻنهي سندن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مڪي سورتن جي ترتيب (سواءِ ڪن جزوي اختلافن جي) هڪ ئي آهي. مثال طور ابن عباس سورت 84 ۽ 85 کي مڪي سورتن جي وچ ۾ رکيو آهي. پر محمد بن نعمان جي فهرست ۾ سورت 54 ۽ سورت 86 آهي ۽ اها مڪي سورتن جي فهرست جي بلڪل آخر ۾ لکي وئي آهي.
ٻنهي ۾ سورت فاتحه نه آهي. پر ابن عباس جي فهرست جي آخر ۾سورت فاتحه جو ذڪر آهي ڇو جو ان جو خيال آهي ته ان مان اڌ مڪي ۾ ۽ اڌ مديني ۾ نازل ٿي. (صفحا 8 کان 12).
مسلمانن جي قديم ڪتابن ۾ قرآن پاڪ جي نزولي ترتيب جي باري ۾ رڳو ايتري ڄاڻ پئجي سگھي آهي جيڪا مٿي بيان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ اڄ تائين ڪوبه اهڙي قسم جو ڪم نه ٿيو آهي. گذريل صديءَ کان يورپي محققن جيڪي ڪوششون ڪيون آهن تن جو تت پيش ڪرڻ پڻ ضروري آهي ته جيئن اڳتي هلي اسان جيڪو طريقو اختيار ڪريون، تنهن ۾ اسان جو نقطه نظر چٽو نظر اچي جيڪو هي آهي: