اسلامي انقلاب جي ڏهين منزل
ڪتابي حڪومت جو عالمي پروگرام
](محرم 9 هه کان ربيع الاول 11 هه مطابق مارچ 630ع کان جون 632ع)[
هن وقت تائين جيڪو ڪم ٿي چڪو آهي، ۽ اڳتي جيڪو طريقي ڪار آهي انهيءَ جو ذڪر:
(1) الحمدلله! الله جي دين کي اڄ توهان جي اڳيان به پوريءَ طرح سان نمايان ڪيو ويو آهي. هاڻي نور حق جي روشنيءَ ۾ توهان کي نه ته ڪو ڀوپو يا جادوگر ٺڳي سگھندو ۽ نه ئي مطلبي ڪتاب وارا ٺڳي سگھندا.
(2) الحمدلله، جو امن ۽ سلامتيءَ جي بنياد تي توهان جي حڪومت قائم ٿي وئي آهي. هاڻي نفرت، فساد، جادو ۽ فال ڪڍڻ، نفاق ۽ بزدلي پکيڙيندڙ نيست ۽ نابود ٿي ويندا. ڪتاب وارن کان نه زڪوات ورتي ويندي ۽ نه ئي انهن تي فوجي خدمت فرض ٿيندي. غلام، مسڪين، يتيم ۽ رنڙ، ڪمزور ۽ محروم ۽ سڀني جي پالنا (تربيت ۽ حفاظت) جي ذميداري سلطنت تي هوندي.
(3) ڪوبه فتنو نه وڌو ويندو. يعني ڪنهن کان به خيال ۽ مذهب جي آزادي نه کسي ويندي. باقي علم جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ هر عورت مرد کي مجبور ڪيو ويندو ته جيئن گذريل قومن جي زوال مان سبق وٺي اڻ ڄاڻائي ۽ خود غرضي، بزدلي ۽ قدامت پرستي ختم ٿي وڃي.
(4) هر مؤمن ٻانهو الله تعالى جو سپاهي آهي ۽ امن ۽ علم پکيڙڻ جي لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي ڪم ڪندو. هن جو پهريون فرض اهو هوندو ته غير مسلمانن کي هيٺاهين کان مٿاهين ڏانهن ۽ اونداهيءَ کان روشنيءَ ۾ پهچائيندو.
(5) اچو خود پرستي ڇڏي انساني تعمير جي جانثاراڻي جاکوڙ ۾ اسان سمورا هڪ ٿي وڃو.
باز آ باز آ ازہر آنچہ کر دی باز آ
گر کافر و کبر و بت پرستی باز آ
ایں درکہ ما درکہ نومیدی نیست
صد بار اگر توبہ شکنی باز آ
عام البرات يا عام الوفود
(پهرين محرم 9 هه مطابق 20 اپريل 630ع)
بيعت رضوان کان فتح مڪي واري عرصي ۾ عربي قومي پروگرام تي عمل ڪيو ويو. هاڻي مڪي جي فتح کان رسول الله ﷺ جي وفات تائين واري عرصي ۾ عالمي پروگرام جي جوڙجڪ کي نمايان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ تي ڀرپور طريقي سان عمل به ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
مڪي جي فتح کان پوءِ واپار ۽ حڪومت جيئن ته رحمة اللعالمين جي قبضي ۾ اچي وئي هئي، تنهن ڪري عرب جي مختلف قبيلن وڏي تعداد ۾ وفد موڪليا. انهيءَ ڪري ئي اهو سال عام الوفود يعني وفدن وارو سال سڏيو ويو. هاڻي جيڪي ماڻهو اسلام قبول ڪندا هئا، انهن مان ڪي سمجھندا هئا ته اسان رڳو پاڻ ڪريمﷺ جي فرمانبرداري ڪئي آهي. انهن ماڻهن جي دلين ۾ اڃا تائين اهو تصور چٽو نه ٿيو هو ته هاڻي عرب جو حڪومتي نظام هڪ الله جي ٽولي جي هٿ هيٺ آهي جنهن جا امير پاڻ ڪريم ﷺ جن آهن.
بهرحال، جيڪي اهڙي طرح اطاعت (يا اسلام) قبول ڪندا هئا، سي ٻه ڳالهيون مڃيندا هئا:
(1) اهو ته جناب محمد ﷺجن الله تعالى جا رسول آهن ۽ مديني جي حڪومت جا امير آهن. پاڻ نماز يا الله تعالى جي ٻانهپ جو حڪم ڏين ٿا.
(2) اهو ته امير جي فرمانبرداري جو بنيادي ثبوت نه رڳو نماز آهي، پر اهو به آهي ته هر اسلامي حڪومت، جيڪا خدائي ڪتابن واري تعليم جي بنياد تي هجي، تنهن کي هلائڻ جي لاءِ پنهنجي مال جو اهو حصو زڪوات جي طور تي ڏئي جيڪو ان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي.
انهيءَ سلسلي ۾ يمامه، طائف، يمن، نجران ۽ ٻين علائقن کان لڳاتار 10 هجري تائين مختلف قبيلن جا وفد ايندا رهيا ۽ تابعداري ڪندا رهيا.
انهن وفدن مان گھڻن ئي دين جي حقيقت کي سمجھي الله ۽ ان جي رسول کي مڃيو هو، انهن کي مؤمن سڏيو ويو. باقي جيڪي نالي ۾ فرمانبرداري ٿي ويا هئا ۽ نبي ڪريم ﷺ جي وفات کان پوءِ باغي ٿي ويا هئا، سي مؤمن نه پر مسلمان هئا. يعني انهن رڳو رسول الله ﷺ جي فرمانبرداري ڪئي هئي.
نجران جا عيسائي ۽ اصحاب الاخدود:
اسان پاڻ ڪريم ﷺجي مڪي زندگيءَ ۾ ڏٺو ته جڏهن حبشه جي عيسائين سڀ کان پهريان مسلمانن کي پناهه ڏني هئي، ان کان پوءِ مديني اچي جڏهن يهودين ڪعبة الله (ابراهيمي قبلي، بيت العتيق) کي پنهنجو قبلو مڃڻ کان 2هه ۾ انڪار ڪري ڇڏيو هو، ته پاڻ ڪريمﷺ جن ٻيهر عيسائين ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ خدائي حڪم سان رمضان جا روزا رکيا. اهڙي طرح انهيءَ ئي موسم ۾ روزا فرض ڪيا ويا جهڙي طرح عيسائين ۾ فرض هئا.
مڪي ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن نه رڳو قرآن جي ذريعي عيسائين جي واکاڻ ڪئي، پر اهو به ٻڌايو ته حق پرستيءَ جي واٽ ۾ نجران جي عيسائين (560ع) ۾ باهه ۾ سڙي وڃڻ پسند ڪيو، پر خدا پرستيءَ کان نه مڙيا. ”قُتِلَ اَصْحٰبُ الْاُخْدُوْدِ“ عيسائين کي جيئرو ساڙڻ وارا خوار ٿيا. (سورت البروج). انهن عيسائين کي قرآن ڪريم مؤمن ٻانها ڪري سڏي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته انهن تي اهو ظلم رڳو انهيءَ ڪري ڪيو ويو هو جو اهي هڪڙي الله تي ايمان رکن پيا جيڪو تمام ئي سگھارو ۽ ساراهه جوڳو آهي، آسمانن ۽ زمين جو بادشاهه آهي ۽ ان جي سامهون هر لڪيل شيءِ به ظاهر آهي
”وَمَا نَقَمُوْا مِنْہُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللہِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ۸ۙالَّذِيْ لَہٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۰ۭ وَاللہُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَہِيْدٌ۹ۭ“ (البروج)
نجران جي انهن عيسائين جي اولاد جو وفد پاڻ ڪريم ﷺ وٽ آيو هو. انهن مان ڪي ڏنگا هئا جيڪي اجايا بحث ڪن پيا. انهن کي حضرت عيسى جي پيدائش جي حقيقت ٻڌائي وئي جنهن کي انهن ماڻهن مڃيو جيڪي علم ۾ پختا هئا.
ابن هشام ۽ ابن سعد انهن وفدن جو ذڪر نه ڪيو آهي. پر حديثن مان خبر پوي ٿي ته نجران جي عيسائين جا ٻه وفد پاڻ ڪريم ﷺ جن وٽ آيا هئا. يونس بن بڪير جيڪا روايت ڪئي آهي انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن نجران جي عيسائين کي اسلام جو دعوت جو خط لکيو هو ۽ نجران جي لاٽ پادري ٽن ماڻهن کي مديني موڪليو هو. ان سان ئي ابهتاله جي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ مباهلي جي بدران اهي ماڻهو جزيو ڏيڻ تي راضي ٿي ويا هئا. حضرت مغيرهؒ جزيي جو معاهدو لکيو هو جنهن ۾ عيسائين جي ۽ انهن جي گرجاگھرن جي حفاظت جو واعدو ڪيو ويو آهي. (فتوح البلدان البلاذري ۽ زاد المعاد، از ابن قيم، 495).
اها ڳالهه امڪان کي ويجھو آهي ته اهو وفد مڪي جي فتح کان پوءِ مڪي ۾ ئي آيو هجي.
ٻيو وفد مديني ۾ ڪجھه عرصي کان پوءِ آيو هو، جنهن ۾ ابوالحارث نجران جو لاٽ پادري، ايبم عبدالمسيح ۽ چويهه ٻئي سردار هئا. اهي مسجد نبوي جي اڱڻ ۾ تنبو لڳائي ترسايا ويا هئا ۽ اتي ئي پنهنجي طريقي تي نماز پڙهندا هئا. انهن جي موجودگيءَ ۾ ئي سورت آل عمران جو ستون ۽ اٺون رڪوع نازل ٿيو.
سورت آل عمران، محڪمات ۽ متشابهات جو بحث:
هيءَ سورت الف لام ميم جي حروف مقطعات سان شروع ٿئي ٿي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو حصو مڪي آهي. يعني اها رسول الله ﷺ جن تي انهيءَ زماني ۾ نازل ٿي هئي، جڏهن پاڻ يا ته مڪي شريف ۾ آيا هئا يا وري عيسائين جي ڪا جماعت پاڻ ڪريم ﷺ جن سان مڪي ۾ اچي ملي هئي. سورت بقره جي پهرين رڪوع وانگر هي رڪوع به مڪي زبان ۾ نازل ٿيو. جهڙي طرح حبشه جا عيسائي مڪي جي ويجھو هئا، اهڙي طرح نجران به مڪي کي ويجھو هو. اهو علائقو يمن جي اتر ۾ صنعا کان ڏيڍ سئو ميلن جي وٿيءَ تي آهي ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن اتان جي حالتن کان چڱيءَ طرح واقف هئا. شايد انهن ئي عيسائين جو ذڪر سورت المائده جي ڏهين رڪوع ۾ هن طرح ڪيو ويو آهي ته مؤمنن کان اهي ماڻهو وڌيڪ محبت ۽ ويجھڙائي رکن ٿا جيڪي عيسائي آهن. اهي قرآن کي ٻڌي ڏکارا ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ حقاني عالم ۽ درويش (راهب) آهن. ”وَلَتَجِدَنَّ اَقْرَبَہُمْ مَّوَدَّۃً لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوا الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰى۰ۭ“ بهرحال انهن عيسائين جي سامهون خدائي ڪتاب جي محڪم ۽ مفصل ڳالهين جو ذڪر ٿيو. انهن کي محڪمات ۽ متشابهات به چوندا آهن.
متشابهات بنسبت ترتيب نزول جي اهميت:
اها ڳالهه هن کان اڳ ٻڌائي وئي آهي ته سورت العلق کان قرآن نه شروع ڪرڻ جي ڪري زندگي جي بنيادي مسئلن جو علم ۽ عمل نظرن کان غائب ٿي ويو. پوءِ سورت الحمد کي سورت فاتحه طور مقرر ڪرڻ سان هن سورت جو مفهوم ڪٿان کان ڪٿي هليو ويو. انهيءَ کانسواءِ سورت بقره جا چاليهه رڪوع، جيڪي ڏهن مختلف سالن ۾ نازل ٿيا، هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڇڏڻ جي ڪري نه رڳو يهودين جي دوستي ۽ دشمني گڏجي وئي، پر عورتن جي مسئلن ۾ ايلاء (يعني زالن ڏانهن نه وڃڻ کان قسم کڻڻ) کي ڪجھه راوين نبي ڪريمﷺ جي پاڪ زالن جي مظاهري سان ملائي ڇڏيو. ڪتابن جي معجزي کي قراني معجزو بڻايو ويو. آيتن جون معنائون معجزا ٿي پيا ۽ حج 9 هه جو ذڪر فتح مڪي کان پوءِ نه پر مديني جي هجرت کان پوءِ ئي سامهون آيو.
سورت آل عمران کي ٽين سورت مقرر ڪرڻ جي ڪري قرآن پاڪ جا ڪيترائي مضمون متشابه يعني غير محڪم سمجهيا ويا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو مؤمنن به پڪاري چيو ته جيڪڏهن قرآن ۾ اهڙيون ڳالهيون جن جو مطلب ڄاڻڻ ۽ مقرر ڪرڻ ۾ مونجھارو ۽ هڪجهڙائي واري حالت پيدا ٿي پوي. (بقول مولوي شبير احمد عثماني). يا اهي ”مشتبه المراد هجن“ (بقول مولوي اشرف علي ٿانوي) ته پوءِ مؤمن ڇا ڪن؟ ۽ ڪهڙي طرح خدائي ڪلام کي سمجھي انهيءَ تي پاڻ به عمل ڪن ۽ غير مسلمن کي ڇا ٻڌائن؟ امام نوويؓ، جيڪو صحيح مسلم جو شارح آهي، تنهن کي چوڻو پيو ته ”اها ڳالهه الله تعالى جي شان کان گھڻو پري آهي جو هو پنهنجي مخلوق سان اهڙن لفظن ۾ ڪلام ڪري جو اها ڪنهن به طرح سمجھي نه سگھي.“ قتاده ۽ عڪرمه جو قول آهي ته متشابه ضد يا الٽ آهي محڪم جو، انهيءَ قول کي امام نووي به مڃي ٿو، پر انهيءَ جو ڪو حل ڪڍي نه سگھيو.
بهرحال جيڪڏهن اهو مڃي به وٺجي ته رسول الله ﷺ جن تيرنهن سالن تائين مڪي وارن کي الله تعالى جي وجود ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي بنا ڪنهن دليل جي مڃائڻ گھري ۽ کين تمام ئي گھٽ ڪاميابي ٿي ته متشابهات جو معاملو محڪمات تائين پکڙجي وڃي ٿو ۽ اسلام جون بنيادي حقيقتون به اهڙيون ئي ٿي وڃن ٿيون جو بنا دليل جي ”مڃو ته مڃو نه ته جهنم ۾ وڃو“ اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي انساني سمجهه کان ٻاهر آهن.
نوٽ: نزولي ترتيب کانسواءِ قرآن کي سمجھڻ ۾ سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو جو مڪي ۾ تيرنهن سالن ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن ۾ رسول الله ﷺ کي اذيتون ڏيڻ وارو مالدار ۽ غلام ساز طبقو نظرن کان غائب ٿي ويو ۽ قرآن جو مفسر اهو سمجھي نه سگھيو ته نه رڳو رسول الله ﷺ، پر سمورن نبين جي موڪلڻ جو مقصد زراعت واري زماني کانوٺي انساني معاشري کي، جيڪو مالڪ ۽ غلام جي هڪ ٻئي سان ٽڪر کائيندڙ ٻن معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، توحيدي معاشري ۾ بدلائڻو هو، جنهن ۾ پيداواري وسيلا ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت مان نڪري نوي سيڪڙو انهن وسيلن کان محروم ماڻهن جي قبضي ۾ اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح معاشري جي ترقي جي ڪري اهو ادارو مالڪ ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري (زرعي غلام) جي شڪل ۾ بدلجي ويو. مشين جي ايجاد کان پوءِ جاگيردار ۽ هاري وارو ادارو ڪارخانيدار ۽ مزدور (پگھاردار غلام) واري حالت ۾ بدلجي ويو.
انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو پيداواري وسيلا ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ئي قبضي ۾ رهيا ۽ نوي سيڪڙو ماڻهن کي پنهنجي محنت پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل ماڻهن وٽ وڪڻي پيٽ پالڻ کانسواءِ ٻيو ڪو وسيلو نه رهيو. انهيءَ معاشي نظام جي ڪري پيداواري توڙي، علم ۽ تهذيب جا سمورا وسيلا مالدار طبقي جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ انهيءَ طبقي غلاميءَ جي قديم ۽ جديد اداري کي قائم ڪيو. پنهنجي دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ ٻين پيداواري وسيلن تي زبردستي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن سان معاشري ۾ جنگ ۽ فساد پيدا ٿي پيو ۽ انهن جي ڪري ماڻهن اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي پنهنجائڻ بدران دولت حاصل ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺاهي ڇڏيو.
جيڪڏهن مڪي ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن کي مديني ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن کان الڳ ڪري مطالعو ڪيو وڃي ته چٽيءَ طرح خبر پئجي ويندي ته سمورو بگاڙ مالدار ۽ غلام ساز طبقي وارن جو پيدا ڪيل هو. اهي خدائي وجود ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو انڪار به انهيءَ ڪري ئي ڪندا هئا ته اهي انهيءَ تصور کي مڃڻ کانپوءِ غلامن جي محنت جو استحصال نه ڪري سگھندا هئا، پر انسانن کي غلام به نه ڪري سگھندا هئا.
منڍ کان ئي جڏهن خدائي وحي جو نزول شروع ٿيو، ته مذهبي پيشوائن، مذهب جي بانيڪارن کان پوءِ توحيدي معاشري جي قيام جو تصور انهن جي تعليم مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جاءِ تي عبادتن ۽ رسمن جي ادائگي جي ظاهري شڪل کي ئي آخرت واري زندگيءَ لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو سڏيو. محروم طبقي کي ٻڌايو ويو ته انهن جي غربت، ڏتڙيل حالت، غلامي ۽ خواري الله تعالى انهن جي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، تنهن ڪري انهن کي پنهنجا معاشي حق حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج ۽ بغاوت وارو رستو پنهنجائڻ نه گھرجي، پر صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺڻ گھرجي. اها تعليم حضرت نوح ؑ کان وٺي محمد عربيﷺ تائين مذهبي پيشوا عوام کي ڏيندا رهيا آهن ۽ اهو عقيدو گھڙيو ويو آهي ته معيشت جي اڻ برابريءَ واري ورڇ مذهب جو بنيادي عقيدو آهي. اهڙي طرح لفظ ”تقدير“ کي غلط معنى ڏني وئي.
انهيءَ باري ۾ قرآن ۽ بائبل آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي تي روشني وڌي آهي جنهن ۾ الله تعالى جي فيصلي کي رد ڪندي قابيل هابيل کي ماري ڇڏيو ۽ ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ويٺو. انهيءَ دؤر کان وٺي اڄ تائين سموري تاريخ تي قابيل ڇانيل رهيو آهي ۽ اهو حڪمران (فرعون) مالدار (قارون) ۽ مذهبي پيشوا (هامان يا بلعم باعور) جي شڪل ۾ تاريخ ۾ ور ور ڪري ايندو رهيو آهي ۽ عوام جي محنت جو استحصال ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ به ڪري رهيو آهي.
مڪي ۾ نازل ٿيڻ واري سموري قرآن ۾ انهيءَ مالدار ۽ اقتدار ڌڻي طبقي تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. پر هاڻي واري ترتيب ڏنل مصحف ۾ مديني ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن پهريان اچي ويو آهي، جنهن ڪري قرآن ڪريم جي مالدار طبقي تي ڪيل تنقيد نظرن کان هٽي وئي آهي ۽ اهو بنيادي تصور طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري يا غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جو قرآن ۽ ٻين خدائي ڪتابن جو بنيادي مقصد غائب ٿي ويو آهي. رڳو زبان سان الله تعالى جي وجود ۽ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو اقرار پنهنجي معاشرتي نتيجن کي پيدا نه ڪري سگھيو ۽ انهيءَ تبديليءَ جي ڪري سموري انساني تاريخ پيداواري وسيلن جي مالڪ ۽ انهن کان محروم ماڻهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري رتورت ٿي وئي آهي.
پروفيسر اجمل خان مرحوم مولانا عبيدا لله سنڌي ؓ جي هدايت تي قرآن نزولي ترتيب جي بنياد تي سمجھڻ جو دروازو کولي ڇڏيو آهي ۽ پهريون دفعو اهو راز ظاهر ٿيو آهي ته سمورن نبين جي چوڌاري آخر ڇا جي ڪري رڳو ڏتڙيل ماڻهو ئي گڏ ٿيندا هئا ۽ مالدار طبقو ڇاجي ڪري نبين کي اذيتون ڏيندو، کين قتل يا جلاوطن ڪندو هو. نزولي ترتيب سان اها به خبر پوي ٿي ته هبوط آدم (آدم جو زمين تي لاٿو وڃڻ) کان پوءِ جڏهن خدائي وحي جو نزول شروع ٿيو ته عوام کي چيو ويو ته جيڪڏهن اهو نبي جي تعليم تي عمل ڪندا ته اهي خوف ۽ ڏک کان محفوظ رهندا. خوف جو مطلب ويڙهه ۽ جهيڙو آهي ۽ ڏک جو مطلب غربت، غلامي، اڻ ڄاڻائي ۽ محرومي آهي. انهن ئي ٻن مخالف نظرين جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري سموري انساني تاريخ ظلم ۽ ڏاڍ جي ور چڙهي وئي. تنهن ڪري مسلمان عالم ۽ مفسرن جو تفسير ڪرڻ وقت مالدار طبقي طرفان محنت جي استحصال جي عمل کي نظرانداز ڪرڻ قرآن ڪريم جي حڪمتِ بالغه جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري موجوده ترتيب موجب سمجھڻ کان اڳ نزولي ترتيب جي ذريعي قرآن کي سمجھڻ تمام ئي ضروري آهي. جيئن ته محڪمات ۽ متشابهات جي مسئلي تي سموري قرآن ۽ اسلام جي وضاحت جو دارومدار آهي، تنهن ڪري انهيءَ تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.
قرآن ڪريم جي ڪابه آيت مشتبه المراد نه آهي: جيڪڏهن متشابه کي محڪم جو ضد سڏيو وڃي ته اهو سراسر غلط آهي. متشابه جي معنى آهي هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ. يعني قرآن ۾ اهڙيون آيتون (دليل ۽ حڪم) موجود آهن جيڪي ٻئي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون ۽ سمورو قرآن متشابه آهي ”كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ“ (الزمر 23). اها تعليم نه رڳو آڳاٽن الهامي ڪتابن، جهڙوڪه توريت ۽ انجيل وغيره سان هڪجهڙائي رکي ٿي، پر بار بار ورجائي وئي آهي، اها ئي احسن الحديث آهي. هيءَ آيت سورت الزمر جي آهي جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي. جيڪڏهن انهيءَ کي پهريان پڙهيو وڃي ته هر قسم جو وهم گمان ختم ٿي وڃي ٿو.
اهو بيان اللناس آهي. انهيءَ کي الله تعالى ”عربيّ مبين“ ۾ نازل ڪيو آهي. انهيءَ ۾ سموريون ڳالهيون عربي ڄاڻڻ وارن جي سمجھه ۾ اچڻ واريون آهن. “وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ”. اهو هڪ سوجھرو آهي جنهن سان رستو روشن ٿئي ٿو. ”جَعَلْنٰہُ نُوْرًا نَّہْدِيْ بِہٖ مَنْ نَّشَاۗءُ“. انهيءَ نور کي عربي ٻوليءَ ۾ ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي. انهيءَ جي روشني ڪنهن به ٻوليءَ جي وسيلي پهچي سگھي ٿي.
نوٽ: ڪميونزم جي تعليم جي لاءِ ضروري نه آهي ته روسي ٻوليءَ جي ڄاڻ هجي. هر ٻوليءَ ۾ انهيءَ تعليم جي ترجمي کي پڙهي سمجھڻ ڪافي آهي. انهيءَ تعليم جي بنياد تي روس، چين، ڪيوبا، ويٽنام ۽ ڪوريا وغيره ملڪن ۾ انقلاب آندو ويو آهي. عالمن عربي ٻوليءَ کي لازمي سڏڻ سان قرآن جي تعليم تي پنهنجي ٺيڪيداري قائم ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو نه ته عوام قرآن جي بنيادي تعليم کان پوري ريت واقف آهي ۽ نه ئي ان جي بنياد تي معاشري کي بدلائڻ جي ڪوشش کي ديني فرضن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
قرآن جون سموريون آيتون محڪم آهن:
هن قرآن جون سموريون آيتون مضبوط ۽ توريل تڪيل آهن ۽ انهن سان گڏ انهن جي تفصيل به آهي. ڇو جو اهي انهيءَ حڪمت واري الله جي طرف کان آهن جيڪو حڪمت وارو ۽ هر شيءِ جي ڄاڻ رکندڙ آهي.
الۗرٰ۰ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُہٗ ثُمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ (هود)
هن آيت مان به اها ڳالهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي ته محڪم آيتن جي جيڪا تفصيل ۽ توضيح آهي سا به محڪم جو ئي جزو آهي. (هيءَ سورت هود مڪي آهي. جيڪڏهن هن کي پهريان پڙهيو وڃي ته محڪم يعني بنيادي آيتن ۽ مفصل يعني تفصيلي آيتن جي وحدت سمجھه ۾ اچي وڃي ٿي. يعني محڪم ۽ متشابه هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن).
آل عمران ۾ به اهو ئي چيو ويو آهي ته محڪمات ام الڪتاب آهن ۽ متشابهات يا بنت الڪتاب انهن اصولي ڳالهين جو ضد نه آهن، پر انهن جون ڌيئر يا تفصيل آهن. بنت الڪتاب (يا تفصيل) تي محڪم آيتن کي ملائڻ کانسواءِ جيڪڏهن غور ڪيو ويندو ته ڳالهه سمجھه ۾ ئي نه ايندي.
الله تعاليٰ جي قدرت ۾ شڪ جي گنجائش نه آهي:
مٿين تشريحن مان خبر پوي ٿي ته جيڪي ماڻهو الله تعالى کي خلقڻهار ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ مڃي چڪا آهن سي خدائي قدرت ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نٿا ڪري سگھن. مڪي واري زندگي ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڏٺو ته مشرڪ نه ته الله تعالى جي قدرت کي مڃين ٿا، نه مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي ۽ نه ئي وري وحيءَ جو الله تعالى وٽان هجڻ مڃن ٿا، ٻئي پاسي حبشه ۽ ٻين علائقن جا عيسائي قرآن پاڪ جي گھڻي تعليم کي مڃن ٿا. پر انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي انهيءَ کي نٿا مڃن ته عيسى ؑ بنا پيءُ جي پيدا ٿيو. اهي سمجھن ٿا ته مسيح الله تعالى جو پٽ آهي. اهي حد کان لنگھي ويل آهن جيڪي توريت ۽ قرآن جي محڪم دليلن کي ڇڏي، ٻين تفصيلي دليلن جي پويان پئجي وڃن ٿا ۽ چون ٿا ته جڏهن الله تعالى جو ڪلام (يعني انجيل ۽ قرآن) اهو چوي ٿو ته مسيح الله تعالى جو ڪلمو هو، جنهن کي الله تعالى مريم جي دل ۾ وڌو هو ته ظاهر آهي ته الله مسيح جو پيءُ آهي. انجيل توڙي سورت النساء، ٻنهي ۾ لکيل آهي ته مسيح الله تعالى جو ڪلمو هو جيڪو مريم جي دل ۾ وڌو ويو هو.
حد کان لنگھيل ۽ علم ۾ پختا انسان:
قرآن چوي ٿو ته ڪتاب وارن (يهودين ۽ عيسائين) ٻنهي ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪڙا اهي جيڪي حد کان لنگھي ويل آهن. اهي اهو نٿا مڃن ته الله تعالى جيئن گھري ڪا به شيءِ ٺاهڻ جي طاقت رکي ٿو. ”ھُوَالَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ۰ۭ “. ان جي باوجود به ته توريت انهيءَ ڳالهه کي مڃي ٿو ته الله تعالى سڀ ڪجھه ڪري سگھڻ جي طاقت رکي ٿو ۽ مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ به برحق آهي. انهن جي بيوقوفيءَ جو اهو جواب ڏنو ويو آهي ته اچو ته ڀلا مباهلو ڪريون، پوءِ جيڪو ڪوڙو هوندو سو لعنتي سڏيو ويندو.
انهن ۾ علم جا پختا:
ڪتاب وارن مان ٻي جماعت انهن جي هئي جيڪي پنهنجي علم ۾ پختا هئا. اهي توريت ۽ انجيل کي به مڃن پيا ته قرآن کي به مڃن پيا. قرآن ۾ جتي به راسخون في العلم يا اهل الذڪر وغيره جا لفظ استعمال ٿيا آهن، انهيءَ جو مطلب ڪتاب وارا آهن. انهيءَ ڪري ئي سورت النساء ۾ مؤمنن کي انهن کان جدا ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سورت کي پهريان پڙهيو وڃي ته ”راسخون في العلم“ مان مؤمنن جي جماعت جو تصور نٿو پيدا ٿئي. ڇو جو هتي ڳالهه جو رخ عيسائين جي حد کان لنگهي ويل ماڻهن ۽ انهن جي ئي راسخون في العلم ڏانهن آهي. انهيءَ ڪري پهريان چيو ويو آهي ته ڪتاب وارا نه رڳو توريت کي مڃين ٿا، پر قرآن کي به مڃين ٿا. ڏسو:
لٰكِنِ الرّٰسِخُوْنَ فِي الْعِلْمِ مِنْہُمْ وَالْمُؤْمِنُوْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ﴿النساء: 162﴾
يعني مؤمن ته انهيءَ ڳالهه کي مڃن ٿا ته عيسى ؑ کي الله تعالى جهڙي طرح گھريو ماءُ جي ڳنڀيرڻيءَ ۾ پيدا ڪيو. عيسائين جا راسخون في العلم به انهيءَ ڳالهه کي مڃن ٿا ته الله تعالى جهڙي طرح گھري پيدا ڪري سگھي ٿو. هو پيءُ ماءُ ته ڇا پر پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي کانسواءِ ئي آدم وانگر به پيدا ڪري سگھي ٿو.
بحث تصور في الارحام جو هو، آل عمران، رڪوع نمبر1:
جيئن ته متشابهات به محڪمات مان اخذ ٿيل آهن، تنهن ڪري بحث رڳو اهو هو ته الله تعالى عيسىؑ کي پيءُ کان سواءِ ڪيئن پيدا ڪيو. قرآن پاڪ حد کان لنگھي ويلن کي اهو جواب ڏنو ته توهان جا ئي اهي ماڻهو جيڪي علم ۾ پختگي رکن ٿا، سي به انهيءَ ڳالهه کي مڃن ٿا ته الله تعالى ڪراڙي زڪريا کي هڪ سنڍ عورت مان پٽ ڏنو. اهي انهيءَ ڳالهه کي به مڃن ٿا ته آدم کي الله تعالى بنا ماءُ ۽ پيءُ جي پيدا ڪيو، ته پوءِ توهان ڇاجي ڪري اهو نٿا مڃو ته الله تعالى عيسىؑ کي بنا پيءُ جي پيدا ڪيو آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته توهان چئو ٿا ته عيسى ؑ کي سوريءَ چاڙهي قتل يعني خوار ڪيو ويو. ڄڻ ته توهان اهو به سمجھو ٿا ته الله قتل ۽ ذليل ٿي سگھي ٿو جڏهن ته هو الله جيئرو آهي، مري نٿو سگھي ۽ اها به ڳالهه آهي ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ ڪو به کيس خوار نٿو ڪري سگھي. ڇو جو هو عزت وارو ۽ بدلو وٺڻ تي سگھارو آهي. ”وَاللہُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ“. انهيءَ کانسواءِ توهان پنهنجي علم ۾ ڪامل انسانن کان پڇي ڏسو اهي به ”ھُوَالَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ۰ۭ“ کي مڃين ٿا. اهي اهو به مڃن ٿا ته الله تعالى ”حيُّ“ آهي، هو مري نٿو سگھي. انهيءَ ڪري شرڪ ڪندڙ نه ٿيو ۽ محڪمات جي روشنيءَ ۾ تفصيلي آيتن کي ڏسو.
ڪلام جو تت:
متشابهات جي باري ۾ اها سستي ٿي ته رڳو هڪڙي آيت کي سامهون رکي انهيءَ جي تشريح ۽ تفسير ڪئي وئي. نتيجو اهو پيدا ڪيو ويو ته قرآن جون آيتون يعني ان جا جملا مؤمنن جي سمجھه کان ٻاهر آهن، انهن جي حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي. جڏهن ته حقيقت انهيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي. هن سورت جي وچ ۾ بدر وغيره جو بيان اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ کي جدا ڪيو وڃي ۽ سئولي انداز ۾ انهيءَ جو مطلب بيان ڪيو وڃي ته انهيءَ جي معنى ٿيندي:
(1) الله تعالى قادر مطلق ۽ حيُّ ۽ قيوم آهي: اي عيسائيو! توهان مان ڪيترائي راسخ في العلم آهن. اهي ڄاڻن ٿا ته قرآن به اهڙيءَ ئي طرح الله تعالى جو نازل ڪيل ڪلام آهي، جهڙي طرح هن کان اڳ توريت ۽ انجيل نازل ڪيا ويا هئا. اهي ڄاڻن ٿا ته الڪتاب جو بنيادي فقرو (ام الڪتاب) هي آهي ته الله تعالى هر شيءِ تي وسوارو آهي. اهو زنده (حيُّ) آهي ۽ انهيءَ جي ئي پيدا ڪرڻ سان هر شيءِ قائم آهي.
(2) مسيح جو پيءُ الله نه آهي: پر توهان ۾ جيڪي حد کان لنگھيل آهن اهي رڳو تفصيلي آيتن، بنات الڪتاب، متشابهات جي پيروي ڪن ٿا ۽ ام الڪتاب (محڪمات) کي ڇڏي ڏين ٿا. اهي چون ٿا ته جڏهن انجيل ۾ (۽ قرآن ۾ پڻ) اهو لکيل آهي ته عيسىؑ جو ڪوبه انسان پيءُ نه هو ۽ هو مريم جي دل ۾ وڌل الله جو ڪلمو هو ته ظاهر آهي ته سندس پيءُ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگھي. پيءُ کانسواءِ ڀلا ڪو ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگھي.
انهي قول جي ترديد ۾ انهيءَ ئي سورت ۾ قرآن ٽي مثال ڏنا آهن جيڪي عيسائين جي توريت ۽ انجيل ۾ پڻ آهن. انهن کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ سان قرآن جو وڏو حصو مؤمنن لاءِ به “مشتبه المراد” بڻايو ويندو آهي.
• پهريون مثال: (ذڪريا جو پٽ) اي عيسائيو! ڇا توهان توريت کي نه پڙهيو ته الله تعالى ذڪريا کي پٽ ڏنو جنهن جو نالو يحيى هو. جڏهن ته ان وقت زڪريا ايترو ته ڪراڙو ٿي چڪو هو جو اولاد پيدا ڪرڻ جهڙو ئي نه رهيو هو. مٿان وري اهو ته سندس زال به سنڍ هئي ۽ انهيءَ مجبوريءَ کي هو پاڻ به ڄاڻي پيو. تڏهن ئي ته چئي ويٺو: ”قَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّقَدْ بَلَغَنِىَ الْكِبَرُ وَامْرَاَتِيْ عَاقِرٌ۰ۭ“ (آل عمران) ته انهيءَ تي الله تعالى فرمايو ته ائين ئي ٿيندو. مان اهڙي طرح پيءُ ماءُ منجھان پٽ پيدا ڪرڻ تي وسوارو آهيان. ”قَالَ كَذٰلِكَ اللہُ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ“
• ٻيو مثال: (عيسىؑ کي بنا پيءُ جي پيدا ڪرڻ) اي عيسائيو! اهڙيءَ طرح جڏهن عيسى ڪلمة الله جي خوشخبري مريمؑ کي ڏني وئي ته کيس حيرت لڳي ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ته ڪنهن مرد هٿ به نه لاتو آهي. ”قَالَتْ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ وَلَدٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِىْ بَشَرٌ۰ۭ“ (آل عمران) ته الله تعالى فرمايو ته مان ايئن ڪرڻ تي وسوارو آهيان. جڏهن ڪو ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهيان ته منهنجي ”ٿي پئو“ چوڻ ساڻ ئي اها شيءِ ٿي پوندي آهي. مون کي وسيلن جي ضرورت نه پوندي آهي. ”قَالَ كَذٰلِكِ اللہُ يَخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ۰ۭ اِذَا قَضٰٓى اَمْرًا فَاِنَّمَا يَقُوْلُ لَہٗ كُنْ فَيَكُوْنُ“ (آل عمران: رڪوع5) اها ڳالهه به متشابه آهي. يعني توهان جي انجيل ۾ پڻ موجود آهي ته الله تعالى قادر مطلق آهي. انهيءَ جي حڪم سان حضرت عيسى ؑ بنا پيءُ جي پيدا ٿي پيو.
• ٽيون مثال: آدم جو مثال ڏسو، توهان جي ڪتابن ۾ اهو به موجود آهي ته آدم کي الله تعالى گاري مان بنا ماءُ پيءُ جي پيدا ڪيو. انهيءَ ڪري عيسى جو مثال به آدم وانگر ئي سمجھو ته الله تعالى ان کي بنا پيءُ جي پيدا ڪيو. انهيءَ ۾ شڪ نه ڪريو. ”اِنَّ مَثَلَ عِيْسٰى عِنْدَ اللہِ كَمَثَلِ اٰدَمَ۰ۭ خَلَقَہٗ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ قَالَ لَہٗ كُنْ فَيَكُوْنُ۵۹ اَلْحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ فَلَا تَكُنْ مِّنَ الْمُمْتَرِيْنَ۶۰“ (آل عمران، رڪوع6)
مباهلي جي دعوت:
پر انهن ٽنهي کليل دليلن کان پوءِ به جيڪڏهن توهان نٿا پيا مڃو ۽ حجت ڪريو ٿا ته پوءِ اچو مباهلو ڪريو ته الله تعالى قادر مطلق آهي، عيسى پٽ مريم جو پيءُ نه آهي. اڃا به ان جي ئي حڪم سان هو بنا پيءُ جي پيدا ٿيو ۽ جيڪو ڪوڙو هجي ان تي الله تعالى جي لعنت هجي. ”فَمَنْ حَاۗجَّكَ فِيْہِ مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْا نَدْعُ اَبْنَاۗءَنَا وَاَبْنَاۗءَكُمْ وَنِسَاۗءَنَا وَنِسَاۗءَكُمْ وَاَنْفُسَـنَا وَاَنْفُسَكُمْ۰ۣ ثُمَّ نَبْتَہِلْ فَنَجْعَلْ لَّعْنَتَ اللہِ عَلَي الْكٰذِبِيْنَ۶۱“ (آل عمران)
مايعلم تاويله الا الله جو مطلب:
حقيقت ۾ اعتراض اهو نه آهي ته متشابه جو ڇا مطلب آهي، قرآن پاڻ ئي چوي ٿو ته متشابهات کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي حقيقت الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو پيو ڄاڻي. پر انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته انهن ڳالهين جي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ۽ انهن جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ کان الله تعالى روڪي ٿو. قرآن جي ڪابه آيت يا ڳالهه اهڙي نه آهي جو الله تعالى اهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي هجي يا اسان کي ٻڌائي هجي جو اسان ان کي سمجھي نه سگھون، پوءِ ڀلي اهي ڳالهيون محڪم (بنيادي) هجن توري متشابه (تفصيلي).
اسان سورت العلق ۾ پهريان ڏسي چڪا آهيون ته اسان کي جيڪو به علم ملي ٿو سو الله تعالى ئي ڏئي ٿو. جيترو هو علم ڏئي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڄاڻ نه هوندي آهي. ”علم الانسان مالم يعلم“ جو به اهو ئي مطلب آهي ته علم جو فائدو الله تعالى جي طرف کان ئي ٿيندو آهي. تنهن ڪري اهو علم ڀلي ام الڪتاب (محڪمات) هجي يا بنت الڪتاب (متشابهات) هجي، ٻئي الله تعالى جا ڏنل علم (ڪل من عند الله) آهن. اهي سچ آهن ڪوڙ نه آهن. اهي الله جهانن جي خلقڻهار جا ڏنل آهن شيطان مخلوق جا ڏنل نه آهن. يعني متشابهات به ”محڪمات“ مان پيدا ٿيا آهن ۽ ٻئي ايمان وارن جي لاءِ چٽا آهن. ڇو جو الله تعالى انهن جو استاد آهي.
ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪي ماڻهو متشابهات کي مڃن ٿا ۽ محڪم کانسواءِ مڃڻ جي معاملي ۾ اجائي تنقيد ڪن ٿا سي غلطي تي آهن. انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته انهن جي تاويل يا حقيقت لله تعالى ئي ڄاڻي ٿو. توهان انهيءَ جي حقيقت ڄاڻڻ جي ضرور ڪوشش ڪريو، پر محڪمات جي روشنيءَ ۾ ڪريو. انهيءَ کان پوءِ توهان تي اها حقيقت ظاهر ٿيندي ته الله تعالى جيترو علم ڏيڻ گھري ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ نٿو ملي. مير انهيءَ بيوسيءَ جو اظهار ڪجھه هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
یہی جانا کہ کچھ نہ جانا، ہائے پھر بھی اک عمر میں ہوا معلوم
طبعي علمن يعني قدرتي سائنس جا ماهر به اهو ئي چون ٿا ته اسان ايترو ڄاڻون ٿا ته طبيعيات، ڪيميا، حياتيات وغيره جي سلسلي ۾ ”ڇا“ مشاهدو ڪيو. مثال طور اهي اهو ڄاڻي سگھن ٿا ته پاڻي ٻن جزن جو مرڪب آهي. انهيءَ ۾ هائيڊروجن جا ٻه ذرا ۽ آڪيسجن جو هڪ ذرو (ايٽم) آهي. پر اهي اهو نٿا ٻڌائي سگھن ته ايئن ڇو آهي. جڏهن انهن کان پڇو ته ايئن ڇو ٿيندو آهي ته اهي عاجزيءَ سان مڃڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته ”اسان نٿا ڄاڻو، الله ئي ڄاڻي ٿو“. ته ٻه ۽ هڪ جي نسبت سان اهي ذرڙا ڇوٿا ملن ۽ ڇا جي ڪري پاڻي بڻجي وڃن ٿا.
انهيءَ عجز جو اهو مطلب نه آهي ته الله تعالى اهو گھري ٿو ته اسان سائنسي تحقيقن ۽ ”تفڪر في الخلق“ مان مڙي وڃون. ائين نه آهي. الله تعالى اسان کي ور ور ڪري عقل ۽ حواسن جي استعمال جو حڪم ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته جيترو علم هو ڏيڻ گھري ٿو، اوترو ضرور ڏيندو ۽ هر وک تي توهان محسوس ڪندؤ ته سچو ۽ حقيقي علم پنهنجي عقل ۽ ڪوشش سان انهيءَ وقت تائين نٿا حاصل ڪري سگھو جيستائين جو توهان الله تعالى جي طرف کان غيبي مدد حاصل نه ڪريو. پنهنجي ڪوششن جي ناڪامي هر وک تي هڪ وسواري ۽ سگھاري ۽ هميشه زنده ۽ بيهڪ ورتل خلقڻهار جي ياد ڏياري ٿي.
حد کان لنگھي ويل جي هوڏ:
سورت آل عمران ۾ متشابهات جي سلسلي ۾ حد کان لنگھي وڃڻ وارن جي هوڏ جو ذڪر ٿيل آهي. چيو ويو آهي ته توهان محڪم آيتن کي ته ڇڏي ڏيو ٿا ته الله تعالى بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي حڪم سان مٽيءَ جهڙي بي جان شيءِ مان به آدم کي پيدا ڪري سگھي ٿو. پر وري انهيءَ ڳالهه جي پويان پئجي وڃو ٿا ته عيسى پٽ مريم کي بنا پيءُ جي پيدا نٿو ڪري سگھي. اڃا به وڏي ڳالهه وري اها ٿا ڪريو ته هو پاڻ ان جو پيءُ آهي ۽ مريم الله جي زال آهي. ڳالهه اها آهي ته جڏهن اهو مڃيو وڃي ته الله تعالى هر طرح سان مخلوق تي وسوارو آهي ته پوءِ انهيءَ ڳولا ۾ ڇوٿا پئو ته الله تعالى پيءُ کانسواءِ ”ڪهڙي طرح“ ۽ ”ڇاجي ڪري“ عيسى کي پيدا ڪيو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي حقيقت کي الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو پيو ڄاڻي. يا ته اهو مڃي وٺو ته ”الله تعالى جي قدرت“ جو ئي انڪار ڪيو، پوءِ نه ته عيسى خدا بڻجي سگھندو ۽ نه ئي خدا کي عيسى جو پيءُ بڻائيندؤ. بهرحال هتي بحث ”تصور في الارحام“ جو هو ته الله تعالى هر طرح پيدا ڪرڻ تي وسوارو آهي، اهو نه هو ته انهيءَ جي حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ضرور تحقيق ڪريو. جڏهن بيوس ٿي پوندؤ ته پوءِ يا ته حد کان لنگھيلن وانگر انڪاري ٿي ويندؤ يا وري اعتراف ۽ عجز ڪري الله لوڪ بڻجي ويندؤ ۽ چئي ڏيندؤ:
سُبْحٰــنَكَ لَا عِلْمَ لَنَآ اِلَّا مَا عَلَّمْتَنَا۰ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَلِيْمُ الْحَكِيْمُ
”اي الله اسان کي ايتري ئي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي جيترو تون ڏيندو آهين. تون ئي علم ۽ حڪمت وارو آهين.“
بهرحال نجران جي عيسائين سامهون سورت آل عمران تلاوت ٿي ۽ جتيوڻيڪ انهن چٽيءَ طرح مسيح بن مريم جي خدا هئڻ ۽ ان جي پٽ هئڻ جو انڪار نه ڪيو، پر مباهلي لاءِ تيار به نه ٿيا. انهيءَ ۾ خبر پئجي ٿي ته انهن تي توريت ۽ قرآني دليلن سان چٽائي ٿي وئي هئي ته الله تعالى معمولي سبب کانسواءِ ئي رڳو پنهنجي حڪم سان جيڪو ڪجھه گھري خلقي سگھي ٿو. اهو ئي ”مصور في الارحام“ آهي. اهو ئي لفظ ”ڪن“ سان عدم کي وجود ۾ آڻي سگھي ٿو. آل عمران جو تته هيٺين ريت آهي:
سورت آل عمران رڪوع نمبر 1:
اي عيسائيو! اهو ڪهڙو خدا آهي جيڪو سوريءَ چڙهي مري ويو. (جيئن ته توهان چئو ٿا ته خدا مري سگھي ٿو، اهو غلط آهي) الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هو نه رڳو جيئرو آهي (مري نٿو، جيئن ته مسيح جي باري ۾ توهان جو عقيدو آهي ته هو مريو ويو)، پر ان جي وجود سان ئي هر شيءِ زنده ۽ قائم آهي (مطلب ته عيسىؑ کي به ان ئي پيدا ڪيو هو. ڀلا هڪ مخلوق ڪهڙي طرح خالق بڻجي سگھي ٿي). ڏسو جنهن علم جي سرچشمي مان توريت ۽ انجيل آيا آهن، انهيءَ مان ئي قرآن به آيو آهي ۽ اهو گذريل قانونن (ڪتابن) جي تصديق ڪري ٿو (يعني ان جون آيتون ۽ حڪم پراڻن ڪتابن سان هڪجهڙائي رکن ٿا ۽ هن ۾ به الله تعالى جي خالقيت جا اهي ئي مثال موجود آهن، جيڪي انهن ڪتابن ۾ آدم، عيسى ۽ يحيى جي تخليق جي باري ۾ آهن ته هو بنا ڪنهن سبب جي رڳو الله تعالى جي حڪم سان وجود ۾ آيا). جيڪي ماڻهو انهن آيتن (دليلن) کي نٿا مڃن انهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. ياد رکو ته الله تعالى زبردست بدلو وٺڻ وارو آهي. جهڙي پوک پوکيندؤ تهڙي لڻندؤ!
تصور في الارحام ۽ غيب جو علم:
عيسائيو! توهان کي ور ور ڪري چيو پيو وڃي ته لڪيل ڳالهيون رڳو الله تعالى ئي ڄاڻيندو آهي. اهڙي طرح هو ئي ڄاڻي ٿو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي شڪل ڪيئن ٺاهي ٿو. ٻيو ڪوبه معبود اهڙو نه آهي جيڪو ان جي طاقت ۽ حڪمت جي تهه تائين پهچي سگهي.
محڪمات يا ام الڪتاب ۽ متشابهات يا بنت الڪتاب:
هن کان اڳ چيو ويو آهي ته ”ام الڪتاب“ يعني خدائي قانونن ۽ حڪمن جي پاڙ يا ماءُ الله تعالى وٽ آهي. ”وَاَمَّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا“ هتي عيسائين کي ٻڌايو ويو آهي ته ڀلي قرآن هجي يا انجيل يا توريت، انهن ۾ ڪي اصولي ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن. جيئن ته سورت جي شروع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله تعالى زنده آهي ۽ سڀني جو سنڀاليندڙ ”هميشه بيهڪ وارو“ آهي. الله تعالى رسول عربيﷺ تي ڪي اهڙيون ڳالهيون نازل ڪيون جيڪي محڪم يا اصل ۽ بنياد جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ڪجھ ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي محڪم ڳالهين سان مشابهت رکن ٿيون، ڄڻ ته انهن جا فروع هجن. پر افسوس آهي جو اهي ماڻهو، خاص طور تي عيسائي، جن جي دلين ۾ ڏنگ آهي، اهي بنيادي يا محڪم ڳالهين کي ڇڏي ڏين ٿا ته الله تعالى حيُّ ۽ قيوم آهي ۽ انهن ڳالهين جي پويان پئجي وڃن ٿا جيڪي بنيادي ڳالهين سان مشابه آهن ۽ انجيل ۽ قرآن ٻنهي ۾ آهن. انهن جو مقصد رڳو اهو هوندو آهي ته انهيءَ حرڪت سان فتنو پيدا ڪن ۽ انهيءَ حقيقت جو بنياد ڄاڻن ته الله تعالى ڪهڙيءَ طرح بنا پيءُ جي پيدا ڪري سگھي ٿو. انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي تهه يا حقيقت تائين پهچڻ کان توهان عاجز آهيو. الله ئي ڄاڻي ٿو ته هو ڪهڙي طرح ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪري ٿو.
راسخين في العلم:
جيڪي ماڻهو پڪو علم رکن ٿا ته (ڀلي يهودي هجن يا عيسائي) اهي چون ٿا ته اسان انهيءَ ڳالهه کي مڃون ٿا ته الله تعالى بنا سببن جي پيدا ڪري سگھي ٿو. هر شيءِ جو وجود الله تعالى جي ئي حڪم تي ڌارومدار رکي ٿو (ڪل من عند ربنا) اها ڳالهه حد کان لنگھي ويل ماڻهو نٿا سگھجي سگھن. رڳو اهي ماڻهو ئي سمجھي سگھن ٿا جيڪي عقل رکن ٿا.
”اي الله! هدايت کان پوءِ اسان کي گمراهه نه ڪر.“ يعني جڏهن اسان الله تعالى کي قادر مطلق، حي ۽ قيوم مڃي چڪا آهيون ته ڪنهن ٻئي ماڻهو کي انهيءَ وانگر پنهنجو معبود هرگز نٿا مڃي سگهون ۽ نه ئي الله تعالى کي مجبور چئي سگھون ٿا.
نوٽ: ڏسو راسخون في العلم، سورت النساء، رڪوع نمبر 22، آيت نمبر 62، جيڪا هن کان پهرين گذري وئي.
سورت آل عمران رڪوع نمبر2:
اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ، الله تعالى پاڻ ۽ ملائڪ ۽ ڄاڻيندڙ (يعني ڪتاب وارا ۽ مؤمن عالم) شاهد آهن ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه (عيسى يا عزير) معبود نٿو ٿي سگھي. اهو ئي طاقت ۽ حڪمت وارو آهي. ۽ الله تعالى کي جيڪو دين پسند آهي سو اهو ئي آهي ته ان جي حڪمن کي مڃيو وڃي. ان جي فرمانبرداريءَ جو نالو ئي اسلام آهي ۽ ڪتاب وارن ۾ اهو اختلاف ته عيسى به خدا آهي، ان وقت پيدا ٿيو جڏهن انهن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ ۽ ڪينو وڌي ويو. بهرحال جيڪڏهن الله تعالى جي فرمانبرداري (يا اسلام) جي معاملي ۾ اهي هجت ڪن ٿا ته ڪتاب وارن ۽ اڻ پڙهلين، ٻنهي کي چئي ڏيو ته مان الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به اطاعت نٿو ڪريان.
سورت آل عمران رڪوع نمبر 3:
ڪتاب وارن جي وڏائيءَ تي ڇينڀ: اهو نه سمجھو ته توهان الله تعالى جا لاڏلا آهيو. ڪوبه ماڻهو مڪافات عمل واري قانون کان بچي نٿو سگھو. پڪ سان ٻيهر سڀئي پيدا ٿيندا ۽ جزا ۽ سزا جو فيصلو ٿيندو. اهو الله بادشاهه آهي. اهو ئي قاضي بڻجي آخري فيصلو ڪندو. هن جي مرضي آهي، جنهن کي وڻيس هن دنيا ۾ عزت ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس خوار ڪري. تنهن ڪري مؤمنن کي گھرجي ته مشرڪن کي پنهنجو دوست نه بڻائن.
سورت آل عمران رڪوع نمبر 4:
الله تعالى جي محبت جو ثبوت اهو آهي ته منهنجي ڳالهين کي مڃي انهن تي عمل ڪريو. الله تعالى ان کان راضي ٿيندو. ان کان پوءِ حضرت بي بي مريم جو قصو بيان ٿيو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪو الله ڪراڙي ماڻهوءَ کي هڪ سنڍ زال مان ٻچو ڏئي سگھي ٿو، جيڪو الله مٽيءَ مان آدم کي پيدا ڪري ٿو سگھي، اهو ئي هڪ ڪنواري مريم مان به اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. عيسى ؑ جي ڄمڻ جو ذڪر انجيل جي ذڪر سان مشابهت رکي ٿو. ڇو جو اصل محڪم آيت کي نه وساريو ته الله تعالى هر شيءِ جو خالق آهي، جڏهن عيسى ؑ خالق نه آهي.
سورت آل عمران رڪوع نمبر 5:
حضرت عيسى جي ٻاروتڻ کان ڪرڙوڍ عمر تائين اها ئي تعليم هئي ته منهنجو ۽ توهان جو پالڻهار الله آهي. الله تعالى جي هيڪڙائيءَ واري اها تعليم ڪجھه ڪافر يهودين کي نه آئڙي ۽ حضرت عيسى کي سوريءَ جي سزا ڏياري. پر الله تعالى انهن جي مڪر کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو (يعني اصل محڪم آيت، الله تعالى جي الوهيت آهي جيڪا يهودين ۽ عيسائين کي توريت ۽ انجيل ۾ ڳولڻ گھرجي. باقي تفصيلون متشابهات آهن ۽ انهيءَ بنيادي الوهيت واري تصور جي ثبوت جي طور تي پيش ڪيون وينديون آهن).
سورت آل عمران رڪوع نمبر 6:
هن رڪوع ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته اي عيسى، مان توکي وفات ڏئي تنهنجو درجو مٿي ڪندس. تون شهيد آهين ۽ تنهنجو مرتبو مون وٽ تمام مٿانهون آهن ۽ سچن عيسائين (يعني عيسىؑ کي الله جو پيغمبر مڃيندڙن کي) قيامت تائين يهودي ڪافرن تي سوڀارو رکندس ۽ قيامت ۾ انهيءَ جھيڙي جو نبيرو مان ئي ڪندس (ته مريم هڪ پاڪباز عورت هئي ۽ عيسى الله تعالى جو پٽ نه هو، پر هو الله تعالى جو ٻانهو ۽ ان جو رسول هو ۽ اهو ته هن جي پيدائش ڪهڙي طرح ٿي هئي. بس سمجھي ڇڏيو ته جهڙي طرح الله تعالى آدم کي مٽيءَ مان بنا ماءُ ۽ پيءُ جي پيدا ڪيو هو، تنهن جي لاءِ اها ڳالهه ڪا ڏکي نه آهي ته رڳو ماءُ مان ئي اولاد پيدا ڪري. اها ئي سچ ڳالهه آهي، سو انهيءَ کان انڪار نه ڪريو).
مباهلي جي دعوت:
جيڪڏهن ان کان پوءِ به عيسائي عيسى ؑ کي الله تعالى جو پٽ ڪوٺين يا يهودي بي بي مريم تي تهمتون هڻندا رهن، ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي، سواءِ انهيءَ جي ته تون انهن سان مباهلو ڪر ته جيڪو ڪوڙو هجي تنهن تي الله جي لعنت هجي ۽ الله کيس تباهه ڪري ۽ دوزخ ۾ داخل ڪري.
ڪتاب وارن کي توحيد جي ڪلمي جي دعوت
اسلام کانسوءِ ٻئي ڪنهن به مذهب، مختلف خدا پرست قومن کي ڪلمي تي اتحاد جي دعوت نه ڏني آهي ۽ نه ايئن چيو ته سمورا انسان برابر آهن. ۽ نه ئي تلقين ڪئي ته سمورن انسانن کي تنگ، نسل ۽ ملڪ جا فرق ميساري الله تعالى جي ٻانهپ ۾ هڪ ٿي وڃڻ گھرجي. (اها ئي ڳالهه سورت المائده ۾ به ڪئي وئي آهي) ته اي ڪتاب وارؤ! اچو ته اسان سمورا انهيءَ ڳالهه تي هڪ ٿي وڃو ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به بندگي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن انسان (عيسى وغيره) کي پنهنجو معبود بڻائينداسين.
آڳاٽو انسان ڇا هو؟
اي ڪتاب وارؤ! اچو ته سمورا گڏجي هڪڙي الله جي بندگي ڪريون. اهو ئي سڀ کان آڳاٽو دين آهي. مذهبي ٺيڪيدارن کي وچ مان ڪڍي ڦٽو ڪريو. اچو ته پوڄارين ۽ پيشوائن جي جماعت کي ختم ڪري ڇڏيون ته جيئن هرڪو ماڻهو بنا شفاعت ڪندڙ يا وچ واري ديوتا جي الله تعالى تائين پنهنجو آواز پهچائي سگھي. تنهن ڪري هاڻي اي ڪتاب وارؤ! انهيءَ حق واري تعليم کي، جيڪي توهان جي ئي ڪتابن ۾ به موجود آهي، نه لڪايو ۽ حق ۽ باطل کي پاڻ ۾ نه گڏايو.
نجران جي عيسائين سان معاهدو:
ان کان پوءِ نجران جي عيسائين سان معاهدو ٿي ويو. معاهدو اهو هو ته اهي الله تعالى جي پوڄا ڪندا ۽ الله تعالى جي رسولن جي جماعت ۾ شامل ٿي ويندا. انهن جي ڪنهن به ديني يا دنياوي ڪم ۾ ڪنهن قسم جو رخنو نه وڌو ويندو، پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته اهي عوام جي سڌاري جي ڪوشش ڪندا ۽ ظالم جو ساٿ نه ڏيندا. انهن تي هڪڙو ٽيڪس ”جزيو“ لڳايو ويندو ۽ انهن ٽيڪسن جي بدلي ۾ اهي انهيءَ فوجي خدمت کان آزاد هوندا جيڪا مسلمانن تي لاڳو ٿيندي. يعني انهن کان زڪوات ۽ فوجي خدمت نه ورتي ويندي. ٻئي پاسي انهن جي جان، مال ۽ عزت جي اهڙيءَ ئي طرح حفاظت ڪئي ويندي جهڙي مسلمان پنهنجي لاءِ ڪندا آهن.
سنه 9 هجري جي شروع ۾ ئي صدقن ۽ زڪواتن جي گڏ ڪرڻ وارن کي موڪليو ويو ته جيئن اهي مسلمانن وٽان واڌو رقمون (عفو) وصول ڪن.
زڪوات جي شرح مقرر نه آهي:
مسلمانن تي زڪوات اهڙيءَ ئي طرح فرض آهي جيئن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ فرض آهي. پر انهيءَ جي شرح مقرر ٿيل نه آهي. مسلمان سلطنت جي ضرورت لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن غزوه تبوڪ جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته ابوبڪر ؒ پنهنجي سموري ملڪيت ۽ حضرت عمرؒ پنهنجي ملڪيت جو اڌ سراسر رسول الله ﷺ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سورت البقره رڪوع نمبر 26:
مسلمانن پڇا ڪئي ته خرچ ڪرڻ لاءِ ڇا ڏين؟ ته قرآن چيو ته جيڪو ڪجھه به ڏئي سگھو ٿا ڏئي ڇڏيو ۽ پيءُ ماءُ، مٽن مائٽن، مسڪينن، مسافرن سان جيڪا به ڀلائي ڪري سگھو ٿا سا ضرور ڪريو. هتي خير جو مطلب مالي امداد آهي.
سورت البقره رڪوع نمبر 27:
۽ پوءِ فرمايو ته پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ جيڪا به رقم توهان وٽ وڌيڪ هجي سا رياست جي ترقيءَ لاءِ ڏيو. ڇو جو رياست جي ترقي ئي فرد جي ترقي آهي. انساني دنيا جي ڀلائيءَ جا ڪم به انهيءَ انفاق (خرچ ڪرڻ) سان ئي ٿي سگھن ٿا.
سورت التوبه رڪوع نمبر 8:
زڪوات جو خرچ ڪرڻ: زڪوات يا صدقا اَٺن جائن تي خرچ ڪيا ويندا آهن: (1) فقيرن تي، (2) مسڪينن تي (3) صدقو يا زڪوات وصول ڪرڻ واري عملي تي (4) مؤلفة القلوب يعني انهن ماڻهن تي جن جا ايمان ڪمزور هجن. (5) رقاب يعني انهن ماڻهن تي جيڪي قرض جي غلاميءَ ۾ ۽ خون بها ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ مجبور هجن، (6) ڏنڊ ڀرڻ وارن تي يعني جيڪي ماڻهو قرض يا ڪو ڍنڊ يا چٽي ڀري نه سگھندا هجن، (7) الله تعالى جي واٽ ۾ مجاهدن، اسلام جي تبليغ ڪندڙن، علمي تحقيق ڪندڙن ۽ ڏڪر ۽ ڏکين حالتن ۾ ڪنهن جي مددگاري جي سلسلي ۾ ۽ (8) مسافرن جي تڪليف گھٽائڻ جي لاءِ (رستا ٺهرائڻ ۽ مختلف عام سماجي ڪمن جي لاءِ).
سورت الحجرات، مسلمانن کي لڇڻ سکڻ لاءِ هدايت:
هاڻي مسلمان هڪ تهذيب يافته (ڪتابي) قوم بڻجي رهيا هئا. انهيءَ ڪري هن سورت ۾ انهن کي ڪي ٿورڙا اصول ۽ مجلس ۾ ويهڻ جا لڇڻ سيکاريا ويا ته جيئن اهي جاهليت واري سِيٽَ ڇڏي ڏين ۽ سهڻي سيبتي زندگيءَ جي قانونن تي عمل ڪرڻ لڳن. انهن کي چيو ويو ته ذاتي رنجشن جي ڪري هڪٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ترڪ نه ڪن، گھرن جي ٻاهران بيهي وڏي آواز سڏ نه ڪن، ڪنهن به ڳالهه جي معاملي ۾ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ڪو عملي قدم کڻن. جيڪڏهن هڪ ٻئي ۾ ويڙهه جھيڙو ٿي پوي ته ٺاهه ڪرائن. جيترا به ايمان وارا آهن، يعني جيڪي الله تعالى کي مڃن ٿا، سي سمورا پاڻ ۾ ڀائر آهن، تنهن ڪري ڪنهن به ڀاءُ تي ٺٺولي نه ڪن. نه بدگماني ڪن ۽ نه ئي وري هڪٻئي جي جاسوسي ڪن. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته رنگ ۽ نسل تي وڏائي نه ڪن. ياد رکو ته اسلام ۽ ايمان ۾ وڏو فرق آهي. ايمان جو دل سان تعلق آهي. الله تعالى کي مڃيندي جيڪو ماڻهو قيامت جي ڏينهن تي به ويساهه رکندڙ هوندو، سو ئي نيڪ عمل ڪندو ۽ اهو ئي اصل مؤمن آهي.
نبيﷺ جي بيبين جو احتجاج:
مديني جي سلطنت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ خيبر ۾ ۽ ان کان اڳ مديني جي يهودين کان جيڪو مال بنا جنگ جي مليو هو، انهيءَ ۾ مجاهدن جو حصو رکڻ جي ضرورت نه هئي. انهيءَ کي قرآن جي اصطلاح ۾ فَي چوندا آهن. اهو مال ۽ ملڪيت رسول الله ﷺ جي ذاتي ملڪيت هئي. جيئن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مٿان زڪوات ۽ صدقن جو پئسو حرام هو، انهيءَ ڪري پاڪ بيبين جي معاشي زندگي چڱي نه هئي. هوازن واري غنيمت مان به وڏو حصو نون مسلمانن جي دل وٺڻ لاءِ خرچ ڪيو ويو هو ۽ مڪي ۾ ڪي انصارين ۽ منافقن انهيءَ سخاوت تي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون هيون، ايتري تائين جو ڪن ته هيئن به چئي ڏنو ته ”رسول الله ﷺ جن سمورو مال قريشن کي ئي پيا ڏين، جيتوڻيڪ اسان جي تلوارن مان رت ٽمي رهيو آهي. بهرحال منافقن مديني ۾ پهچي پاڪ بيبين کي ڀڙڪايو ته توهان جو مڙس ته هاڻي بادشاهه بڻجي ويو آهي، پر پنهنجي دولت کي دشمنن ۾ پيو ورهائي ۽ توهان اڳي وانگر ساڳي طرح بک ۽ لنگھڻ تي ويٺيون آهيو. اسان ته کڻي هر حال ۾ گذارو ڪري وينداسين، پر توهان تي ترس ٿو پيو اچي. انهيءَ تي پاڻ ﷺجي بيبين سڳورين جواب ڏنو ته اسان ۽ عام عورتون برابر نه آهيون. جيڪڏهن اسان کي ڏک ايندو ته اسان کي انهيءَ جو اجر به ٻيڻو ئي ملندو.
منافقن هاڻي اها ٽِرڪ ڪئي ته بي بي صفيه، جيڪا بنيادي طور يهودي خاندان مان هئي، جي پاڻ ﷺ سان نڪاح ۽ ان جي عزت افزائي واري معاملي کي قريشي بيبين سڳورين تائين پهچايو. انهن بي بي صفيه تي ڦٽڪار شروع ڪري ڏني، پر پاڻ ﷺ جن بي بي صفيه کي فرمايائون ته توکان وڌيڪ شريف ڪير ٿي سگھي ٿو ته تون پيغمبرن جي نسل مان آهين ۽ تنهنجو مڙس به پيغمبر آهي. مطلب ته پاڻ ڪريم ﷺ جي خانگي زندگي ۾ سختي وڌندي رهي.
بي بي ماريه جي عزت افزائي:
حضرت بي بي ماريه قبطيه مان پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ابراهيم ڄايو ته پاڻ ﷺ جن کيس به پردو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. يعني هڪ ٻانهيءَ کي زال جو درجو ملي ويو. انهيءَ ڳالهه تي قريش جي آزاد بيبين کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ انهن پاڻ ڪريم ﷺ جن کان خرچ جي گھر ڪري ورتي ۽ انهيءَ ۾ سختي اختيار ڪئي (طبقات). هتي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رهڻ گھرجي ته جناب ابراهيمؒ جي ولادت تي قرآن ڪريم اهو عام قانون به جاري ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻانهيءَ جي ڪک مان ٻار پيدا ٿيو ته انهيءَ ٻانهيءَ جو درجو آزاد عورتن وارو ٿي ويندو. انهيءَ جو سبب اهو ٻڌايو ته ڪوبه ٻار غلام نٿو ٿي سگھي، انهيءَ ڪري ان جي ماءُ به آزاد ٿي ويندي.
رسول الله ﷺ جي ولي عهدي جو معاملو:
9 هه جي شروعات ۾ منافقن حضرت عائشه کي ورغلائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. کين حضرت ماريه سان ته نفرت هئي، پر هاڻ اها ظاهر ڳالهه هئي ته رسول الله ﷺ جن کي ابراهيم، نسبي پٽ پيدا ٿي پيو هو ۽ جاهليت ۽ ٻين ملڪن جي عام رواج موجب پٽ ئي قوم ۽ قبيلي جو سردار بڻايو ويندو هو. منافقن به سادي طبيعت حضرت عائشه ۽ سخت طبيعت بي بي حفصه کي ايترو ته ورغلايو جو انهن پاڻ ڪريم ﷺ جي اڳيان حضرت ماريه ؒ جي عزت افزائي ۽ برابريءَ (۽ جناب ابراهيم جي جانشينيءَ واري مسئلي) تي سخت احتجاج ڪيو. اهي منافقن جي ڀڙڪائڻ تي اهو سمجھي ويٺيون ته عام دستور موجب پٽ پيءُ جي گادي سنڀاليندو ۽ ابراهيم قوم جو امير بڻجي ويندو. علامتن مان به اهو ئي سمجھه ۾ اچي پيو ته هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ جو ٻيو ڪو پٽائون اولاد به نه آهي. زيد بن حارثه، جيڪو اڳي زيد بن محمد سڏيو ويندو هو، غزوه موته ۾ شهيد ٿي ويو هو ۽ اسامه بن زيد ۽ علي بن ابي طالب کانسواءِ رسول الله ﷺ جو ٻيو ڪو ويجھو مائٽ به باقي نه رهيو هو. باقي سڀ کان جھونو سنگتي ۽ حضرت عائشهؒ جو پيءُ، جيڪو پاڻ ڪريم ﷺ جن جو سهرو به هو، سو موجود هو ۽ ان جا ڪيترا پٽ به هئا. ان کانسواءِ حضرت عمرؒ به پاڻ ڪريم ﷺ جن جا سهرا آهن، يعني بي بي حفصه جا والد آهن؛ انهيءَ ڪري جڏهن حضرت بي بي عائشه ۽ حفصه ؒ حضرت ماريه ۽ ابراهيم بن محمد جي خلاف محاذ جوڙيو ته غالباً پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت ابراهيم کي ئي پنهنجو ولي عهد بنائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو. پر جيئن ته عورتن جي اها عادت هوندي آهي، تنهن ڪري انهن به هڪ ٻئي سان خلافت جي معاملي ۾ ڪجھه نه ڪجھه چوڻ شروع ڪري ڏنو. انهيءَ تي قرآن ۾ اهي حڪم نازل ٿيا ته ڪنهن جي لاءِ نه ڪا حلال شيءِ حرام ٿي سگھي ٿي ۽ نه ئي بي سمجھه عورتن کي ڪنهن معاملي ۾ رازدار بڻائي سگھجي ٿو.
سورت التحريم رڪوع نمبر 1:
حلال کي حرام نه ڪريو: اي رسول(ﷺ)! پنهنجي ڪن زالن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ حلال کي حرام ڪرڻ جو توکي ڪوبه اختيار نه آهي. جيڪڏهن تو عهد ڪري ورتو آهي ته تو غلطي ڪئي آهي. تنهن ڪري اهڙي قسم کي ٽوڙي ڇڏ. ڪنهن اهم مسئلي جي سلسلي ۾ رازداريءَ واريون ڪي ڳالهيون پاڻ ﷺ جن پنهنجي هڪ بيبيءَ سان ڪيون هيون، جيڪي هوءَ رکي نه سگھي ۽ ٻين سان ان جو ذڪر ڪري ورتو. تنهن ڪري ٻنهي کي تنبيهه ڪئي وڃي ٿي ته رسول الله ﷺ جن سان انهيءَ معاملي تي مظاهرو نه ڪريو. (نه ته جيڪڏهن معاملو اعلانيه طور بحث هيٺ ايندو ته) منافقن کانسواءِ، جيڪي هر معاملي ۾ اسلام جي مخالفت ڪن ٿا، جيترا به مؤمن آهن ۽ الله ۽ جبرائيل ۽ ملائڪ سڀئي رسول الله ﷺ سان گڏ هوندا. يعني رسول الله ﷺ کي مڪمل اختيار هوندو ته امامت ۽ خلافت جي مسئلي تي جيڪو وڻين سو فيصلو ڪن.
ياد رکو ته ديني ۽ ملڪي معاملن ۾ توهان کي دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق نه آهي. انهيءَ جو اهو نتيجو ٿي سگھي ٿو ته رسول الله ﷺ توهان کي طلاق ڏئي ڇڏين ۽ توهان جي جاءِ تي سهڻن لڇڻن واريون ۽ نوجوان زالون الله تعالى کين عطا ڪري.
سورت التحريم رڪوع نمبر 2:
رسول الله ﷺ کي سختيءَ سان منافقن سان وڙهڻ گھرجي. (اهي مديني جي سلطنت قائم ٿيڻ کان پوءِ هاڻي خلافت ۽ وراثت جا جھيڙا شروع ڪري مسلمانن ۾ افراتفري پکيڙي رهيا آهن). اي مؤمن عورتون! اهو سمجھي ڇڏيو ته جيڪڏهن مڙس چڱو آهي ته ان جي ڪري توهان کي بهشت نه ملندو ۽ جيڪڏهن توهان جو مڙس بڇڙو آهي ته ان جي ڪري توهان کي دوزخ ۾ نه وڌو ويندو. اصل ۾ توهان سان گڏ رڳو توهان جا عمل ئي هلندا. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي! مطلب ته توهان اهو نه سمجھو ته جيڪڏهن مان توهان جو مڙس آهيان ته توهان الله جي رسول جون زالون هئڻ جي حيثيت ۾ بهشت ۾ داخل ٿي ويندؤ. ياد رکو ته هر ماڻهو پنهنجي عملن جو پاڻ جوابدار آهي. تنهن ڪري عورتن جو سياست ۾ داخل ٿيڻ، ۽ مردن جو گھرو معاملن ۾ دخل ڏيڻ مناسب نه آهي. عورتن ۽ مردن جي عملن جو حدون مقرر آهن. تنهن ڪري انهن ۾ هڪ خاص ضابطو هئڻ گھرجي.
رومي سامراج سان مقابلي جي تياري:
هاڻي رسول الله ﷺ جن ارادو ڪيو ته مديني جي سلطنت ۾ اهل ڪتاب کي شريڪ ڪن. انهيءَ لاءِ پاڻ خاص طرح سان رومي سامراج ڏانهن ڌيان ڏنائون ۽ فوجي خرچن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيائون. قرآن پاڪ انفاق ۽ صدقي جي هن طرح سڃاڻ ڪئي:
سورت التوبه رڪوع نمبر 6:
الله جي راهه ۾ جهاد کان نه گھٻرايو ۽ نڪي بهانا ڪريو. جيڪڏهن توهان اڳتي نه وڌندؤ ته الله تعالى ٻي ڪنهن قوم کي پيدا ڪندو جيڪا اهي ڪم ڪندي.
ڏسو رڳو ٻه ماڻهو، هڪ رسول الله ﷺ ۽ ٻيو ابوبڪرؒ ئي غار ثور ۾ هئا. پر انهن سان گڏ ٽيون يعني الله تعالى به گڏ هو. هن پنهنجي رسول ﷺ تي سڪينه (اطمينان) نازل ڪيو ۽ الله تعالى پنهنجا ملائڪ نازل ڪيا ۽ اڄ هو مڪي ۽ مديني جو مالڪ آهي. انهيءَ ڪري رومي سامراج جي مقابلي ۾ هلڻ لاءِ بهانا نه ڳوليو. ياد رکو ته جيڪڏهن توهان جهاد نه ڪندؤ ته برباد ٿي ويندؤ، توهان جي قوم ئي ختم ٿي ويندي ته پوءِ توهان ڪٿي بچي سگھندؤ؟
سورت التوبه رڪوع نمبر7:
ڪجھه منافق تبوڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار نه هئا پر رڳو مالي مدد ڪرڻ گھرن پيا. انهن جي باري ۾ قرآن اهو حڪم ڏنو ته اهي منافق سرهائي سان مال ڏين يا ارهائيءَ سان، ڪنهن به طرح انهن کان مدد نه ورتي وڃي. نه انهن جي نماز قبول آهي ۽ نه ئي انهن جو انفاق قبوليت جوڳو آهي. الله تعالى جي ٻانهپ ۽ نفاق (جيڪي اسلام جو بنياد آهن) هرگز قبول نه آهن جيڪڏهن اهي بي دليائيءَ سان ڏنا وڃن.
سريو فلس، حاتم طائي جي ڌيءَ جي عزت افزائي:
ربيع الثاني، سنه 9 هه ۾ حضرت عليؒ ابن ابي طالب طي قبيلي وارن تي حملو ڪيو ۽ انهن جي قبيلي جو بت فلس کي ڊاهي ڇڏيو. مال غنيمت ۽ قيدين کي مديني آندو ويو. انهن قيدين ۾ عرب جي مشهور سخي حاتم جي ڌيءَ به هئي. حاتم جو پٽ عدي ته ملڪ شام ڏانهن ڀڄي ويو. رسول الله ﷺ جن مسلمانن کي چيو ته هيءَ انهيءَ ماڻهوءَ جي ڌيءَ آهي جنهن ۾ هڪ مؤمن واري سڀ کان ڀلي صفت يعني سخاوت موجود آهي. انهيءَ ڪري پاڻ انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڪپڙا ۽ سفر جو خرچ ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. اڃا به ان جي قبيلي جي سمورن قيدين کي بنا فديو وٺڻ جي آزاد ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو رومي سرحد تي مسلمانن جو هڪ وفادار دوست قبيلو قائم ٿي پيو. هن قبيلي ۾ گھڻائي عيسائين جي هئي. عدي بن حاتم به عيسائي هو. رسول الله ﷺ جي سخاوت ۽ رحمت مان ايترو ته متاثر ٿيو جو مديني ۾ اچي مسلمان ٿي ويو ۽ 67 هه ۾ هڪ سؤ ويهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
سورت طلاق:
مسلمان پنهنجي زالن کي طلاق ڏئي سگھن ٿا. پر هڪ ئي وقت ٽي طلاقون ڏئي انهن کي آزاد نٿا ڪري سگھن. انهن کي گھرجي ته جيستائين انهن جون عورتون پڌري بي حيائي تي لهي نه اچن، انهن کي گھرن مان نه ڪڍن ۽ انهن جي سڌاري جي ڪوشش ڪندا رهن. عدت ۽ انهن جي خرچ پکي جو خيال رکن ۽ جيڪڏهن عورت مڙس جي ٻار کي کير پياريندي هجي ته انهيءَ جو به معاوضو ادا ڪن ۽ الله تعالى کان ڊڄندا رهن ۽ ناانصافي نه ڪن.
غزوه تبوڪ:
رجب 9 هجري، مطابق 14 آڪٽوبر 630ع:
موته واري هار کان پوءِ عيسائين جي دل وڏي ٿي وئي ۽ اهي مسلمانن تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳا هئا. اهي خبرون نبطي ۽ تيل جي واپارين ذريعي جڏهن مديني ۾ پهتيون ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فوجي چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. حضرت عثمان انهيءَ لشڪر جي تياريءَ ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ ٻين اصحابن به دل کولي چندو ڏنو. موسم به ڏاڍي گرم هئي ۽ کارڪن جو فصل پچي تيار ٿي بازارن ۾ اچي رهيو هو. انهيءَ ڪري ڪيترائي منافق ڪو نه ڪو بهانو ڏئي نٽائي ويا. ٽي اهڙا مسلمان به هئا جيڪي پنهنجي سستيءَ جي ڪري جهاد ۾ هلڻ کان رهجي ويا. غزوه کان واپس موٽي اچڻ تي رڳو انهن ٽنهي ئي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو جنهن تي انهن کي سزا ۽ پوءِ معافي به ملي. منافقن کان نه ته چندو ورتو ويو ۽ نه ئي واپسيءَ تي انهن کان ڪو پڇاڻو ئي ڪيو ويو. انهن کي قرآن پاڪ هن طرح سان ڇينڀيو آهي:
سورت التوبه رڪوع نمبر 9:
منافقو! مال جي حوس جي ڪري توهان کان اڳي به ڪيتريون ئي قومون تباهه ۽ برباد ٿي ويون، تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه کي ياد رکو.
سورت التوبه رڪوع نمبر 10:
منافقن تي سختيءَ جو حڪم: منافق گھرن ٿا ته مسلمانن ۾ پنهنجي چغل خوريءَ سان ڦوٽ وجھن (جيئن انهن پاڻ ڪريم ﷺ جي پٽ ابراهيم جي پيدائش تي ان جي خلافت وارو مسئلو کڻي پاڻ ﷺ جي زالن کي ورغلايو هو). تنهن ڪري انهن تي سختي ڪريو، پر اهي جيڪو گھرن پيا سو نه ٿيو. جيڪڏهن اهي توبه نه ڪندا ته انهن کي ڏکوئيندر عذاب ملندو. انهن انفاق ( الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ جو) وچن ڪيو هو، پر هاڻي دولت ملڻ کان پوءِ انهيءَ ڳالهه جا انڪاري ٿي پيا آهن. ايتري تائين جو جيڪي مسلمان انفاق ڪن ٿا، ته هي انهن تي به ٺٺوليون ٿا ڪن. اي رسول ﷺ تون انهن جي لاءِ جيڪڏهن لک دفعا معافي گھرندين ته به الله تعالى انهن کي بلڪل به معاف نه ڪندو.
مطلب ته پاڻ ﷺ جن ٽيهه هزار فوج سان گڏ، جنهن ۾ ڏهه هزار سوار به هئا، تبوڪ ڏانهن روانو ٿيا. اهو علائقو دمشق جي ويجھو هو. اتي پهچي خبر پئي ته هرقل شهنشاهه قسطنطينه حمص ۾ آهي. پاڻ اتي هڪ مهيني تائين ترسيا، پر عيسائي بادشاهه کي همٿ نه ٿي جو اچي مقابلو ڪري. انهيءَ وچ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن اوسي پاسي ڏانهن ننڍا ننڍا فوجي جٿا روانو ڪيا. دومة الجندل جو سردار اڪيدر عيسائي هو، تنهن کي حضرت خالد بن وليد گرفتار ڪري آيو ۽ هن جزيو ڏئي فرمانبردار ٿي رهڻ قبوليو. اهڙي طرح ڪي ٻي عيسائي سردار به جزيو ڏيڻ تي راضي ٿي ويا ۽ مديني جي رياست جي سرپرستيءَ ۾ پنهنجي مذهب تي قائم رهيا.
جماعتي انقلاب:
جيئن ته هن فوجي چر پر ۾ ٻه مهينا ٻاهر گذري ويا، تنهن ڪري کاڌي خوراڪ جو سمورو سامان ختم ٿي ويو. ڪيترن ئي جائن تي هن وڏي فوج کي پاڻي به نه پيو ملي. ڪن جائن تي ته ماڻهن وڻن جا پن کائي گذارو ڪيو. مطب ته هن فوجي مشق مسلمانن کي آزمائش ۾ وجھي پڪو پختو ڪري ڇڏيو. انهن جي همٿ ٻڌي ۽ الله تعالى جي نالي تي رضاڪاراڻي خدمت سان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلمانن جي هڪڙي مضبوط پارٽي بڻجي وئي آهي ۽ اها پارٽي انهيءَ لائق ٿي وئي آهي ته وڏين وڏين جماعت ۽ قومن جي ذهنن ۾ مادي انقلاب پيدا ڪري سگھي.
اهو جماعتي انقلاب هڪڙي ڏينهن جو نه هو ۽ نه ئي اهو جماعتي روح عربن ۾ اڳي کان موجود هو. حقيقت اها آهي ته انهن ۾ انفرادي هٺ، وڏائي ۽ بدلي وٺڻ واري عادت کانسواءِ ٻيو جماعتي ڀلائيءَ وارو ڪو تصور ئي موجود نه هو. رڳو پاڻ ڪريم ﷺ جن ئي هڪ اهڙي شخصيت هئا، جن انهن جي مزاج کي نظم ۽ ضبط جي سانچي ۾ ڀري، بي مقصد زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي هڪ عظيم مقصد واري قوم بڻائي ڇڏيو. ايئن چوڻ گھرجي ته پاڻ ڪريم ﷺ جي عملي دل ۽ دماغ، ويهن سالن جي اندر اندر هارايل ۽ ٽڙيل پکڙيل مٽيءَ جي ڀترن کي نئين قالب ۾ آڻي، هڪ سهڻو ماپو بڻائي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ماپي جي ذريعي امن ۽ ترقيءَ جو نئين زندگي بخشيندڙ شربت ملڪ ۽ قوم کي ذوق ۽ ضرورت آهر شادابي ڏيڻ لڳو.
تبوڪ کان موٽي اچڻ تي
قرآن ڪريم منافقن کي وعيد
سورت التوبه رڪوع نمبر 11:
جيڪي ماڻهو جنگ ۾ نه ويا ۽ نه ئي مال سان مدد ڪئي، اهي دوزخي آهي. هاڻي ڪنهن به مهم تي جيڪڏهن اهي هلڻ گھرن ته انهن کي ساڻ نه کنيو ويندو.
سورت التوبه رڪوع 12:
ڪمزور ۽ مسڪين مؤمن جهاد ۾ شامل ٿيڻ واري فرض کان آجا آهن. پر آسودن منافقن کان پاسو ڪيو وڃي ڇو جو انهن جو ڏوهه معاف نٿو ٿي سگھي. جيڪڏهن توهان انهن کي معاف ڪري به ڇڏيو ته الله تعالى انهن کي معاف بلڪل نه ڪندو.
مسجد ضرار:
منافقن پنهنجي شرارتن ۽ مسلمانن ۾ ڦوٽ وجھڻ جي لاءِ هڪ نئين ترڪيب اها اختيار ڪئي ته قبا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ جدا مسجد تيار ڪري ورتي ته جيئن انهيءَ ۾ ويهي مخلص مسلمانن جي خلاف سازشون ڪري سگھن. اڃا به عيسائين سان ملي ڀڳت ڪري، اتي ابو عامر راهب کي گھرائي سازشن جو بندوبست به ڪري ورتو هو. هنن پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته پاڻ هلي ڪري انهيءَ مسجد ۾ نماز پڙهن ته جيئن اها مسجد به پاڪ سمجھي وڃي.
سورت التوبه، رڪوع نمبر 13:
انهيءَ مسجد جي باري ۾ قرآن جو اهو حڪم ٿيو ته اها مسجد جيئن ته مسلمانن جي ٻڌيءَ ۾ ڦوٽ وجھڻ جي مقصد سان ٺاهي وئي هئي ۽ ابو عامر فاسق جي سازشن جي لاءِ ڪم آندي وئي آهي، انهيءَ ۾ نه وڃو پر انهيءَ مسجد ۾ وڃو جيڪا قبا ۾ اڳي کان جوڙيل آهي. انهيءَ حڪم کان پوءِ اها مسجد ڊاهي وئي.
سورت التوبه رڪوع نمبر 14:
ٽن مسلمانن تبوڪ واري سفر ۾ پوئتي رهجي وڃڻ تي ندامت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڏوهه باسيو. انهن جي توبه قبول ڪئي وئي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي وئي.
سورت التوبه رڪوع نمبر 15:
سچن جو ساٿ ڏيڻ وارن کي ڇوٽڪاري جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي ۽ تبوڪ واري سفر ۾ مصيبتن ۽ بک ۽ اڃ جي تڪليفن واري امتحان ۾ جيڪي ماڻهو پار پيا، تن کي انهيءَ جو اجورو ملندو.
سورت التوبه رڪوع نمبر 16:
خوني ويڙهه ۾ سختي ڪريو، نرمي وارو انداز اختيار نه ڪريو. پاڻ ۾ محبت سان هلو. رسول الله ﷺ جن مؤمنن سان محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي ٿورڙي به تڪليف تي بي چين ٿي وڃن ٿا. پر جيڪي منافق آهن، پاڻ ﷺ جن کان منهن ڦيرائن ٿا. انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته رسول الله ﷺ جن کي رڳو الله تعالى جي مدد جو ڀروسو آهي، جيڪو عرش عظيم جو مالڪ آهي. کين منافقن جي مدد جي ضرورت نه آهي.
ثقيف وارن جو وفد، رمضان 9 هه:
طائف جي بنو ثقيف وارن هاڻي محسوس ڪيو ته هاڻي وٽن مديني واري حڪومت (يعني پاڻ ڪريم ﷺ) جي تابعداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. اهي ان کانسواءِ نه ته مڪي جي واپار مان فائدو ماڻي سگھن ٿا ۽ نه ئي وري يمن ۽ عراق ڏانهن وڃي سگھن ٿا. انهيءَ ڪري هنن هڪڙو وفد مديني ڏانهن موڪليو ۽ بت پرستيءَ کان توبه ڪئي، پر اهي بت ڊاهڻ کان ڊڄن پيا، ڇو جو لات ديويءَ جو ڊپ انهن جي مٿان حاوي هو.
انهيءَ ڪري هنن زڪوات ۽ جهاد في سبيل الله کان به معافي گھري. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کي پوئين ٻن ڳالهين کان ته آجو ڪيو ۽ فرمايو ته جڏهن اسلام جا ڳڻ انهن جي دلين ۾ پاڙون کوڙيندا ته اهي به انهن فرضن جي فائدن کان واقف ٿي جهاد ۽ انفاق ۾ اڳرائي ڪرڻ لڳندا. (سنن ابودائود، خبر طائف) پر جيئن ته اهي بت ٽوڙڻ کان ڊڄن پيا، انهيءَ ڪري انهيءَ ديويءَ جي بيوسي ثابت ڪرڻ ضروري هئي. تنهن ڪري حضرت مغيره بن شعبه وڃي انهيءَ ديويءَ کي ڊاهي ڦٽو ڪيو ۽ جيئن ته طائف وارا سمجھندا هئا ته ان جي بي حرمتي ڪرڻ واري جي مٿان مصيبت نازل ٿيندي، پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي اڃا به مسلمانن کي ان جي اندران تمام وڏو خزانو هٿ لڳو.
اسلامي طريقي تي حج:
9 هه (پهرين ذي الحج، 9 مارچ 631ع): اهو حج نج مسلمانن جي طريقي تي ٿيو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ مشرڪ به شريڪ هئا. پر انهيءَ حج ۾ 8 هه واري حج وانگر ٻنهي ٽولن جدا جدا حج ڪيو. مشرڪن جو گذريل سال وانگر ڪو به حج جو نه امير هو. مڪو ۽ طائف ٻئي شهر فتح ٿي چڪا هئا. عرب ۽ عرب کان ٻاهر جيڪي ماڻهو حج واري ميڙ ۾ شامل نه ٿي سگھيا هئا، انهن سڀني کي حج ۾ اهو ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال کان حج رڳو انهن ماڻهن جو ٿيندو جيڪي الله تعالى کي هڪ ڪري مڃين ٿا ۽ قيامت تي ايمان رکن ٿا.
انهيءَ حج ۾ مديني کان حضرت ابوبڪر صديقؒ کي حج جو امير بڻائي موڪليو ويو ۽ ساڻس گڏ ٽي سئو مسلمان حج ڪرڻ ويا. ان جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ ﷺ جن حضرت عليؒ کي مشرڪن کان بيزاريءَ وارو حڪم ٻڌائڻ لاءِ روانو ڪيو ۽ هن حج جي ٻئي ڏينهن يعني 10 ذوالحج 9 هه تي قرآن ڪريم جي هيٺين سورت سڀني کي ٻڌائي وئي:
سورت التوبه رڪوع نمبر 1:
مشرڪن جا معاهدا: جن مشرڪن سان معاهدا ڪيا ويا هئا ۽ اهي ٽوڙيندا رهيا، هاڻي اهي سمورا معاهدا ختم سمجھن. پوءِ به اها رعايت ڪئي وڃي ٿي ته چئن مهينن جي انهن کي مهلت آهي. جيڪڏهن اهي الله تي ايمان آڻن ٿا ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا ته ڏاڍو سٺو، ٻي صورت ۾ انهن سان جنگ ڪئي ويندي. باقي ايترو سو آهي ته جيڪڏهن اهي خدائي ڪلام کي ٻڌڻ جي مهلت گھرندا ته انهن کي امان ڏني ويندي. ان کان پوءِ انهن کي نماز ۽ زڪوات ادا ڪرڻي پوندي.
باقي بنو خمره، بنو مدلج ۽ بنو ڪنانه وغيره سان (جن ماڻهن سان ڪنهن خاص مدت تائين معاهدا آهن) سي قائم رکيا ويندا. ڇو جو واعدو ٽوڙڻ تمام وڏو گناهه آهي.
سورت التوبه رڪوع نمبر2:
نماز ۽ زڪوات: ان کانسواءِ انهن کي اهڙين عبادتگاهن سان ڪهڙو واسطو، جن ۾ الله تعالى جي عبادت ڪئي ويندي هجي ۽ اتي بت به باقي نه رهيا هجن. اتي اهي ئي ماڻهو وڃي سگھن ٿا جيڪي الله تعالى تي ايمان رکن ٿا ۽ زڪوات به ڏين ٿا (رڳو الله تعالى کي مڃڻ ئي ڪافي نه آهي).
سورت التوبه رڪوع نمبر4:
سڪينه ۽ الله جا لشڪر: حنين ۾ سڪينه (دل جو اطمينان) ۽ الله تعالى جا لشڪر نازل ٿيا تڏهن فتح ٿي. جڏهن ته گھڻائيءَ ۾ منافق ۽ مشرڪ گڏ هئا، پر انهن جي ڪري مسلمانن ڀاڄ کاڌي. آخرڪار اهي مجاهد جيڪي بيعت رضوان ڪري چڪا هئا، ڪامياب ٿيا. انهيءَ ڪري انهن پليت مشرڪن کي الله تعالى جي مسجد ۾ نه اچڻ ڏيو، اهي الله تعالى جي ديوتائن کان ڊڄندا آهن. مشرڪن جي نه اچڻ سان حج واري ميلي جي رونق ڪونه گھٽبي. اڃا به ٿورن ڏينهن کان پوءِ مشرڪ به واپار ۾ موڙيءَ کان بيزار ٿي مؤمن بڻجي ويندا.
ڪتاب وارن تي جزيو:
۽ جيڪي ڪتاب وارا آهن تن کي جزيو ڏيڻو پوندو. اهي پنهنجي مذهب تي قائم رهي سگھن ٿا. ڇو جو اهي الله تعالى کي مڃن ٿا ۽ الله تعالى جي قانونن کي به مڃن ٿا.
سورت التوبه رڪوع نمبر 5:
پر اهي غلطي اها ٿا ڪن ته انسانن کي الله جا پٽ ڪوٺين ٿا ۽ پنهنجي مذهبي اڳواڻن جي پوڄا ڪري انساني عزت کي گھائي ڇڏين ٿا. بهرحال هاڻي الله تعالى جو نور (اسلام) ضرور پکڙندو ۽ اهي غلط رستي تي هلندڙ ڪتاب وارا به سنئين واٽ وٺندا ۽ آخر ڪار سچي دين جي سوڀ ٿيندي. جيڪي يهودي وياج کائن ٿا سي پڻ پيشمان ٿيندا. مديني جي رياست ۾ ٺڳي واري طريقي (جوئا، وياج وغيره) سان مال لٽڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي. جيڪي ماڻهو، پوءِ ڀلي اهي مسلمان ئي ڇونه هجن، ڪنجوسي اختيار ڪندي مال دولت گڏ ڪن ٿا ۽ الله تعالى جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، اهي به جهنم ۾ ويندا ۽ اتي انهن جو مال به جهنم ۾ وجھي تپائي انهن کي ڏنڀيو ويندو.
عام الوداع (10 ه، مطابق اپريل 630ع)
رسول الله ﷺ جي زندگيءَ جو اهو سال امن امان واري زماني ۾ تعميري ڪمن ڏانهن ڌيان ٿيڻ جي تعليم ڏئي ٿو. انهيءَ سال جيتوڻيڪ ڪي ٿورڙا سريا به موڪليا ويا، پر اصل ڪم ٻه ئي هئا. هڪ ته قرآن پاڪ جي تدوين ۽ ٻيو امن، ترقي ۽ اسلام جي حقيقت جو پيغام ڏيڻ هو جيڪو پاڻ ﷺ جن حج جي موقعي تي دنيا جي انسانن کي ڏنو.
قرآن جي تدوين، رمضان 10 هه:
رمضان جو مهينو سدائين ڪرسمس واري زماني جي ويجھو هوندو هو ۽ مسيحي دنيا ۾ 15 نومبر کان 25 نومبر تائين عيسىؑ جي ڄمڻ جي خوشي ملهائي ويندي هئي ۽ سچا عيسائي چاليهه ڏينهن روزا رکندا هئا. پاڻ ڪريمﷺ جن نبوت کان اڳ عيسائي اسلام جا پابند هئا ۽ حرا واري غار ۾ روزي ۽ مراقبي ۾ انهيءَ ئي رمضان جي موسم ۾ وقت گذاريندا هئا.
مديني ۾ رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا ۽ پاڻ ﷺ جن اهو دستور ٺاهي ڇڏيو هو ته انهيءَ مهيني ۾ ڏهن ڏينهن لاءِ دنيا جي ڪارونهوار کان پاسيرا ٿي مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويهندا هئا ۽ خاموشيءَ سان خدائي ياد ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ هر سال ان وقت تائين جيترو قرآن نازل ٿي چڪو هوندو هو، تنهن کي مختلف سورتن ۾ ترتيب ڏيندا هئا. 10 هه ۾ پاڻ ويهه ڏينهن اعتڪاف ڪيائون ۽ انهيءَ سال پاڻ قرآن ڪريم جو دؤر ٻه دفعا ڪيائون ۽ سورتن کي ترتيب ڏنائون. انهيءَ ۾ وحيءَ واري ملائڪ (جبرائيلؑ) به سندن ساٿ ڏنو.
ان کان پوءِ به قرآن پاڪ جو نزول جاري رهيو ۽ جدا جدا پنن تي ان جي ڪتابت ٿي. پر انهن مان هڪڙي سورت توبه کي باقي نازل ٿيل سورت يعني سورت مائده کان پوءِ بسم الله لکي جدا نه ڪيو ويو. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات کانپوءِ جيتوڻيڪ سورت المائده ۽ سورت توبه ٻه جدا سورتون ڪيون ويون، پر سورت توبه کي بسم الله لکي جدا نه ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري اها ايئن ئي موجوده صحيفن ۾ رکيل آهي.
البقره، 38،39،274 ۽ 283:
خرچ ڪرڻ سان خوف ۽ ڳڻتي ختم ٿيندي آهي. قرض لکت ۾ هجي ته اها ڀلي ڳالهه آهي ۽ گروي واري شيءِ قبضي ۾ ورتل هئڻ گھرجي.
جناب ابراهيمﷺ جي وفات:
29 شوال 10 هه تي ان جي وفات ٿي. انهيءَ ڏينهن سج گرهڻ به ٿيو. ماڻهن چيو ته ايئن انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو الله جي نبيءَ جي پٽ وفات ڪئي آهي. رسول الله ﷺ جن يڪدم انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪئي ۽ فرمايائون ته سج ۽ چنڊ الله تعالى جي قدرت جي نشانين مان آهن ۽ ڪنهن جي به مرڻ يا جيئڻ سان انهن تي گرهڻ نه ٿيندو آهي.
منافقن اهو سمجھي ورتو هو ته جناب ابراهيمؒ پاڻ ڪريم ﷺ جن جا جانشين ٿيندا، تنهن ڪري انهن سندس ۽ سندس ماءُ جي خلاف هلچل شروع ڪري ڏني. هاڻي ان جي وفات سان انهن جا وات بند ٿي ويا. پر مسلمانن ۽ پاڻ رسول الله ﷺ جن کي ڏاڍو ڏک پهتو.
انهيءَ سال (10هه) رسول الله ﷺ اعلان ڪيو ته پاڻ هن سال حج ڪندا ۽ انهن مشرڪن کانسواءِ، جن سان دوستيءَ واري معاهدي جي مدت رهيل آهي. ٻيو ڪو به مشرڪ انهيءَ حج ۾ شامل ٿي نه سگھندو.
فاتح ۽ نبيءَ ۾ فرق:
سموري سيرت پڙهي ڏسو؛ توهان کي پاڻ ڪريم ﷺ جي طرف کان جارحاڻي حملي جو ڪٿي به ڪو نالو نشان ئي نه ملندو. مڪي واري زندگيءَ جي تيرنهن سالن ۾ تلوار جو ته ڪو نالو نشان ئي نٿو ملي. باقي مديني واري زندگيءَ جي ٻئي سال، بدر واري ويڙهه کان تلوار جو استعمال شروع ٿئي ٿو. ڪنهن به تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسو، بدر ۾ قريشن حملو ڪيو، جڏهن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مدافعت ڪئي. احد ۾ حملو ڪيو ويو، پاڻ مدافعت ڪيائون. ان کان پوءِ خندق واريءَ ويڙهه ۾ به پوري عرب ۽ يهودين سان ملي ڪري حملو ڪيو ويو ته اتي به پاڻ ﷺ جن بچاءَ ۾ وڙهيا. صلح حديبيه واري موقعي تي امن واري مهيني ۾ پاڻ ﷺ جن عمرو ڪرڻ گھريو ته قريشن کين روڪي ڇڏيو. پاڻ ﷺ جن سان جيتوڻيڪ وڏي طاقت به موجود هئي، پر پوءِ به پاڻ ويڙهه کان پاسو ڪيائون. آخر 8 هه ۾ جڏهن قريشن ٺاهه ٽوڙيندي مسلمانن جي ساٿي قبيلي بنو خزاعه وارن جو قتل عام ڪيو، ان وقت بيعت رضوان ڪرڻ وارن مظلومن جي فرياد رسي جي لاءِ مڪي ڏانهن وڌيا، پر ويڙهه جي نوبت پوءِ به نه آئي. ڇو جو رسول الله ﷺ جن پنهنجي ساٿين کي ايترو ته پکيڙي ڇڏيو هو ۽ لڳاتار ابوسفيان کي مختلف قبيلن جي اڳيان گذاريو هو جو هو ڏڪي ويو ۽ هو فرمانبردار ٿي پيو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن عام اعلان ڪرايو ته جيڪو ماڻهو ڪعبي جي حرم ۾ يا ابوسفيان جي گھر ۾ يا پنهنجي گھر ۾ ويٺو رهندو تنهن کي قتل نه ڪيو ويندو. انهيءَ اعلان جو اهو به مطلب هو ته اسان هن وقت ايترو ته سگھارا آهيون جو اسان سان وڙهڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. انهيءَ ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته پنهنجي گھرن ۾ ئي ويٺا رهو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته بنا ڪنهن خوني ويڙهه جي مڪو فتح ٿي ويو. تاريخدان انهيءَ کي مڪي جي فتح لکن ٿا، پر حقيقت رڳو اها آهي ته مڪو هڪ کليل شهر بڻجي ويو هو ۽ مسلمانن انهيءَ تي آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو هو. ان کان پوءِ حنين وارو واقعو به بچاءُ ئي هو. طائف وارن جو گھيراءُ ڪيو ويو، پر ڪجھه ڏينهن کان پوءِ کنيو ويو. تبوڪ ڏانهن به عيسائين جي مڇرائڻ تي فوج موڪلي وئي پر ڪنهن به قسم جي ويڙهه نه ٿي. آخر ڪهڙي جاءِ تي پاڻ ڪريمﷺ جن يا مسلمانن تلوار جي زور تي ڪنهن ملڪ يا قوم کي فتح ڪيو ۽ فتح ڪرڻ کانپوءِ انهن کي زبردستيءَ مسلمان ڪيو؟ تاريخ اهڙن واقعن کان خالي پئي آهي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪڏهن نبي نه هجن ها ۽ هڪ عام فاتح هجن ها ته سندن سموري زندگي رت ۽ باهه جو هڪ افسانو هجي ها ۽ دنيا ۾ امن ۽ ترقي جي بدران يا ته اڪيلا سڌارڪ ۽ سنياسي (راهب) ملن ها يا وري اهڙا پروهت ۽ پوڄاري (مذهبي ٺيڪيدار) پوئتي رهجي وڃن ها جيڪي ظالمن جا مددگار بڻجي انسان جو رت ۽ ست ڪڍي ڇڏين ها ۽ حق پرستن جو رت پِئي نه رڳو خوش ٿين ها، پر غلامي ۽ اڻ ڄاڻائي کي رائج ڪري انساني دماغ جي تخليقي صلاحيتن کي سدائين جي لاءِ دفنائي ڇڏين ها. اڄ اسان فخر سان چئي سگھون ٿا ته رسول الله ﷺ جن دنيا جهان وارن جي لاءِ رحمت هئا ۽ پاڻ علم ۽ ڄاڻ جي دروازن کي کولي، انساني برابريءَ جو بنياد وڌائون. اهو انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو دنيا جي ڏتڙيل قومن ۾ انقلاب ايندا رهيا آهن ۽ ايندا رهندا، ايتري تائين جو سموري انسانيت برابري، انصاف ۽ علم جو علمبردار بڻجي ويندي. يعني هڪ عالمگير روحاني گڏيل معاشرو قائم ٿي ويندو.
سورت المائده جي اهميت:
انهيءَ زماني ۾ سورت المائده نازل ٿي رهي هئي. ان جا حڪم امن امان وارو معاشرو قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ به مشعل راهه آهن. جيڪي ماڻهو دائمي سچائين جي ڳولا ۾ آهن، تن کي انساني جماعت جي هن دؤر ۾، جنهن ۾ 10 هه وارو عرب هو، سورت مائده جي حقيقت کان آگاهي ڏيندڙ نصيحتون، زندگيءَ واري قانون جو ڪم ڏئي سگھن ٿيون.
سورت المائده رڪوع نمبر1:
واعدي پاڙڻ جي تعليم: مسلمانو! اهو نه سمجھجو ته سمورا مشرڪ واجب القتل آهن. جن مشرڪن واعدي خلافي نه ڪئي آهي تن سان پنهنجا معاهدا پورا ڪريو. معاهدو ٽوڙڻ تمام ئي ڪريل حرڪت آهي. دشمن هجي ته انهيءَ سان به انصاف واري واٽ هلو.
احرام جي حالت ۾ خون خرابو نه ڪريو:
حج جو احرام ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن کي به قتل نه ڪريو. ايتري تائين جو وڻ جو پن به نه پٽيو. مڪمل طرح سان امن ۽ محبت جا مثال بڻجي وڃو ۽ نه ڦرمار ڪريو.
اسلام: الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به خوف نه رکو ۽ ان جي ٻانهي هجڻ جو اعلان ڪريو. اهو ئي اسلام آهي. ڪتاب وار جا پاڪ کاڌا کائي سگھو ٿا ۽ انهن جي عورتن سان نڪاح ڪري سگھو ٿا (يعني آڳاٽن يهودين ۽ هندن وانگر ذات پات جو فرق پيدا نه ڪريو ۽ هڪٻئي مان شاديون ڪرڻ سان نفرت ختم ٿي وڃي ٿي).
سورت المائده رڪوع نمبر2:
دشمن سان به انصاف ڪريو: دشمن جي خلاف به ڪوڙي شاهدي نه ڏيو. انصاف ئي تقوى کي وڌيڪ ويجھو آهي. يهودين احزاب ۾ مسلمانن کي تباهه ڪرڻ گھريو، تن جي باري ۾ به اهو ئي چيو ويو ته انهن جي دشمنيءَ جي باوجود به انهن سان انصاف وارو ورتاءُ ڪريو ۽ معاف ڪريو.
سورت المائده رڪوع نمبر 3:
اي رسول الله ﷺ! يهودين ۽ عيسائين جي پوئين حرڪتن کي معاف ڪري ڇڏ. اهي ماڻهو الله تعالى سان ان جي ٻانهپ جو واعدو ڪري چڪا آهن. جيتوڻيڪ پنهنجي ڪتابن ۾ هير ڦير ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ وڙهن ٿا، پر الله تعالى کي معاف ڪرڻ ۽ احسان ڪرڻ پسند آهي، انهيءَ ڪري تون به انهن کي معاف ڪر.
(هتي ياد رکو ته يهودين سان نفرت انهيءَ زماني ۾ هئي جڏهن اهي اسلام جا مخالف ۽ واعدي خلافي ڪندڙ هئا. خيبر جي فتح کان پوءِ اهي مديني جي حڪومت جي ماتحت ٿي چڪا هئا ۽ انهن جي حفاظت مسلمانن جي مٿان لازم هئي).
سورت المائده جو پهريون اڌ، رڪوع نمبر6:
اسم احمد: هتي ڪجھه سزائن جو ذڪر آهي. مفسرن يحرفون الڪلم مان ڪلام الله يا توريت ۾ تحريف يا جو مطلب ڪڍيو آهي. اها ڳالهه صحيح نه آهي. قرآن اڳي ئي چئي چڪو آهي ته اهي پنهنجي ڳالهه ۾ اهڙي طرح زبان کي وچڙائيندا آهن جو سلام کي سام ۽ انظرنا کي راعنا چوندا آهن. ايتري تائين جو اهي ڪجهه اهڙيون عبارتون به پڙهندا آهن جو ظاهر ۾ ائين پيو محسوس ٿيندو آهي ته اهي توريت ٿا پڙهن جڏهن ته اهو توريت نه هوندو آهي. اهڙي طرح اهي ڪيتريون ئي ڳالهيون لڪائيندا آهن. فارقليط (احمد) جو ذڪر جيڪو توريت ۾ آهي، تنهن کي ظاهر ڪرڻ نه گھرندا آهن. بهرحال قرآن انهن جي سڀني ڪرتوتن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
سورت المائده رڪوع نمبر11:
عيسائين جون دليون ايمان وارن سان وڌيڪ ويجھيون آهن. انهن ۾ عالم ۽ راهب (سنياسي) به آهن ۽ جڏهن اهي قرآن ٻڌندا آهن ته حق واري ڳالهه کي ٻڌي روئي ڏيندا آهن.
سورت المائده رڪوع نمبر 12، 13 ۽ 14:
چند هدايتون: (1) چوريءَ جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي، پر جيڪڏهن توبه ڪري ته معاف ڪري سگھجي ٿو. (2) پاڪ شيون کائو، پر توهان جي زندگيءَ جو مقصد رڳو کائڻ پيئڻ ئي نه هئڻ گھرجي. (3) حد کان لنگھي نه وڃو. (4) جيڪڏهن ڪوڙو قسم کڻو يا واعدي خلافي ٿي وڃي ته انهيءَ لاءِ صدقو ڏيو يا هڪ غلام کي آزاد ڪريو. (5) شراب، جوئا، فال ڪڍڻ، ڍارا هڻڻ سڀئي پليت ڳالهيون آهن. انهن کان ائين ڀڄو جيئن شيطاني غلاظت کان ڀڄندا آهيو. (6) احرام جي حالت ۾ شڪار نه ڪريو (7) اجايا سوال نه ڪريو، ٻين سان توهان جو ڇا وڃي؟ پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. (8) وصيت ڪرڻ لاءِ ڪي شاهد بڻائيندا ڪريو. (ياد رهي ته جوئا کيڏي شراب پيئارڻ جاهليت واري زماني ۾ سخاوت سمجھيو ويندو هو).
سورت المائده رڪوع 15 ۽ 16:
عيسىؑ جي توحيد واري تعليم: عيسىؑ جڏهن الله تعالى جي حڪم سان مئلن کي جيئرو ڪيو ته يهودي چوندا هئا ته هي ڪو جادوگر آهي. الله تعالى يهودين جي الزامن کان کيس بچايو ۽ ڪيترن ئي حوارين مٿس ايمان آندو ته پاڻ اهو سڀ ڪجھه الله تعالى جي حڪم سان ڪن پيا. عيسىؑ جا حواري به تمام ئي سادي طبيعت وارا هئا. انهن حضرت عيسى کي چيو ته الله تعالى کان دعا گھر ته اسان لاءِ آسمان مان کاڌو لهندو رهي. عيسىؑ انهن کي چيو ته اها ڳالهه ممڪن آهي، پر جيڪڏهن ان کان پوءِ توهان ڪا نافرماني ڪئي ته پوءِ کاڌي جي بدران توهان تي عذاب نازل ٿيندو. خبردار ٿجو، مون کان پوءِ مون کي يا منهنجي ماءُ کي انهيءَ لاءِ پنهنجو معبود نه بڻائجو ته مان مئل کي جيئرو ٿو ڪريان. مان ته پاڻ به الله تعالى جي ٻانهپ ڪريان ٿو. مان پاڻ ئي ٻانهو آهيان ته پوءِ خدا ڪيئن ٿو ٿي سگھان؟
عيسيٰ ؑ جي وفات يا شهادت کان پوءِ:
اي الله! جيستائين مان ماڻهن ۾ موجود هئس، ان وقت تائين مون انهن کي اها ئي تعليم ڏني جنهن جو تو مونکي حڪم ڪيو هو ته الله تعالى جي ٻانهپ اختيار ڪريو جيڪو توهان جو ۽ اسان جو پالڻهار آهي. جيستائين مان انهن ۾ موجود رهيس انهن جو نگهباني ڪندو رهيس، پر جڏهن تو منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪيا (۽ مان شهيد ٿي ويس) ته تون ئي انهن جو نگهبان هئين ۽ انهن جي حال کان چڱيءَ طرح واقف آهين. تون گھرين ته انهن کي معاف ڪري ڇڏين ۽ گھرين ته کين سزا ڏئين. هر جاءِ تي تنهنجي ئي بادشاهي آهي ۽ تون هر شيءِ تي وسوارو آهين.
حجة الوداع (يا حج محمدﷺ) 10 ه
25 ذيقعد سنه 10 هه تي پاڻ ڪريم ﷺ جن غسل ڪيو ۽ احرام ٻڌي نڪتا. سمورين پاڪ زالن کي گڏ کنيائون ۽ لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون هڻندي مر الظهران پهتا ۽ غسل ڪرڻ کان پوءِ بني شيبه کان مڪي شريف ۾ داخل ٿيا.
۽ ذي الحج تي مڪي ۾ هڪ خطبو ڏنائون. 8 تاريخ تي مڪي کان منا ڏانهن ويا ۽ رات اتي ترسيا ۽ 9 ذي الحج تي فجر جي نماز کان پوءِ عرفات واري ميدان ڏانهن روانو ٿيا. رستي ۾ مزدلفه کان اڳتي نمره واديءَ ۾ ترسيا ۽ ٻيپهري جي نماز کان پوءِ عرفات واري ميدان ۾ داخل ٿي هنصاف واري هنڌ ترسيا. پاڻ دعا گھرندا رهيا ۽ سج لهڻ کان پوءِ عرفات کان مزدلفه آيا. سانجھي ۽ سومهڻي جي نمازن کي گڏي پڙهيائون. صبح جو عورتن ۽ ٻارن کي گڏي اڳتي موڪليائون ۽ پاڻ اتان سج اڀرڻ کان اڳ ئي روانو ٿي ويا ۽ منى ۾ پهچي جمرن کي پٿر چُٽيا. ان کان پوءِ 63 اُٺن جي قرباني پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪيائون جڏهن ته باقي 37 اٺ حضرت عليؒ جن پاڻ ﷺ جن جي طرف کان قربان ڪيا. ان کان پوءِ پاڻ مٿو ڪوڙايائون ۽ ننهن لهرايائون ۽ سبيل ڪپڙا پائي عطر هنيائون ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون ته خوشي ملهايو ۽ دل تي کائو ۽ پيئو.
حج وارو خطبو:
دنيا کي جهالت ۽ بک کان بچائڻ جي تعليم جو تت، 11 ذي الحج سنه 10 هه:
اڄ اهو يتيم جيڪو پنهنجي ٻاروتڻ ۾ انهيءَ ميدان ۾ ٻڪريون چاريندو هو، سو دلين جي شهنشاهه جي حيثيت ۾ هڪ ڏاچيءَ تي سوار آهي ۽ هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ انسانن جو ميڙ سندن آخري پيغام ٻڌڻ جي لاءِ ڪن لايون بيٺو آهي. پاڻ ڪي معمولي بادشاهه نه آهن پر پاڻ پنهنجي لباس ۾ ٻين کان جدا نه آهن، کين به ائين ئي هڪ چادر ٻڌل آهي جيئن ٻين کي ٻڌل آهي. کين ائين ئي چادر ٻڌل آهي جيئن ڪو مسڪين ٻڌندو آهي. سندن ننهن ۽ وار انهيءَ مسافرن وانگر وڌيل نظر اچي رهيا آهن جهڙي طرح ڪو مسافر پري جي مسافري ڪري آيو هجي ۽ پنهنجي بادشاهه، پنهنجي مالڪ جي سامهون پهچي زبان سان پنهنجي سموري ڄمار جي ڪمائي پيش ڪري رهيو هجي.
اڄ جهانن جي سردار، مجاهدن جي مهندار، رسولن جي تصديق ڪندڙ، غازين جا غمخوار ۽ رحمة اللعالمين هڪ مسڪين غلام وانگر، پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جي سامهون، پنهنجي ٻاويهن سالن جي فصل جي لهپ کڻي سامهون بيٺا آهن ۽ پنهنجي دل جي اونهائين ۽ دماغ جي ڪنڊن پاسن مان ڳولي ڦولي انهن ڳالهين کي بيان ڪرڻ گھرن ٿا، جيڪي دنيا کي سڌي دڳ، نعمت ۽ رحمت ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
اوچتو پاڻ ﷺ جي نظر مڪي جي سڀ کان وڏي ڪافر اميه بن خلف جي پٽ ربيعه تي پئي. پاڻ ربيعه کي، جنهن جو آواز سڀ کان ڳرو هو، پنهنجي ويجھو ڪيو. شايد انهيءَ ۾ اها به مصلحت هئي ته دنيا ڏسي وٺي ته اڄ سڀ کان وڏي ڪافر ۽ باغيءَ جو پٽ هڪ يتيم ۽ مسڪين جي پاسي ۾ ويٺو آهي. پوءِ ربيعه کي فرمايائون ته مان جيڪو ڪجھه چوندو وڃان، تنهن کي تون وڏي آواز ورجائيندو وڃجان. پوءِ پاڻ وڏي شانائتي انداز ۾ پڇيائون:
• ماڻهؤ! اڄ ڪهڙو مهينو آهي؟ ماڻهن جواب ڏنو ته اهو شهر الحرام (محرم مهينو) آهي.
• وري پڇيائون، ماڻهؤ! هيءُ ڪهڙو هنڌ آهي؟ جواب مليو ته هي بلد الحرام آهي.
• پڇيائون، پوءِ هي ڪهڙو ڏينهن آهي؟ ماڻهن چيو ته اڄ حج اڪبر جو ڏينهن آهي.
ان کان پوءِ پاڻ انتظار ڪندڙ دلين ۽ دماغن تي جن جملن جو ڌڪ هنيو سي هي هئا:
1. قصاص، چوري، تهمت وغيره حرام آهن: مسلمانو! ”جهڙي طرح اڄوڪو ڏينهن، اڄوڪومهينو ۽ اڄوڪو هنڌ حرام ۽ پاڪ آهي، اهڙيءَ ئي طرح توهان جي جان، مال، عزت هڪ ٻئي جي لاءِ احترام جوڳا آهن. ڏسو، مان توهان کي حڪم ڏيڻ کان اڳ پاڻ پنهنجي خاندان ۾ اڳرائي ڪريان ٿو ۽ اعلان ڪريان ٿو ته ربيعه بن حارث بن مطلب جو هڪ ٻار بنو ليث وارن ۾ رضاعت (کير پيارڻ) لاءِ موڪليو ويو هو، اتي بنو هذيل وارن ان کي قتل ڪري ڇڏيو. مان اهو خون معاف ٿو ڪريان. هاڻي قصاص باقي نه آهي.
2. بنا محنت جي ڪنهن جو مال کائڻ حرام آهي: اهڙي طرح منهنجو چاچو عباس بن عبدالمطلب وياج جو پئسو ڪمائيندو هو. اهو سمورو مال باطل آهي. مان ان جو سمورو وياج ختم ٿو ڪريان.
اڄ جي ٻوليءَ ۾ بنا محنت جي ڪنهن جو مال کائڻ ۽ باطل طريقي سان مال ڪمائڻ کي ”محنت جو استحصال“ سڏيندا آهن. محنت جو اهو استحصال جاگيرداري ۽ صنعتي سرمائيداري واري دؤر ۾ وڏا وڏا قارون پيدا ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ به ڪري رهيو آهي. تحقيق جي سائنسي طريقي انهيءَ تي ڀرپور روشني وڌي آهي. محنت جي استحصال سان جيڪو نفعو حاصل ٿئي ٿو، سو ئي اصل ۾ وياج آهي.
3. جاهليت واري وڏائي ۽ رنگ ۽ نسل وارو فرق ختم ڪيو وڃي ٿو: ماڻهؤ! جاهليت واري زماني جي شيطاني وڏائي ۽ هٺ ۽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي هڪ قبيلو ٻئي قبيلي کان ۽ هڪ غلام مالڪ کان جيڪو فرق رکندو هو، سي سمورا جهيڙا مان پنهنجي ٻنهي پيرن هيٺان لتاڙيان ٿو. ماڻهؤ! ياد رکو ته توهان سمورا آدم جو اولاد آهيو ۽ آدم کي خسيس گاري جهڙي مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو. عزت ۽ شرافت ته رڳو انهن ماڻهن لاءِ ئي آهي جيڪي تقوى ۽ پرهيزگاري واري واٽ تي هجن ۽ الله تعالى جي ٻانهپ ڪندا هجن.
موجوده زماني ۾ انهيءَ کي قوميت ۽ وطن پرستي سڏيو ويندو آهي ۽ اها وڏي فتني جي پاڙ آهي. اقبال انهيءَ مسئلي جي خلاف وڏو جهاد ڪيو آهي. هو انساني وحدت جي لاءِ قاتل زهر وانگر آهي.
4. ڏوهاري ئي سزا جو مستحق آهي: عدل ۽ انصاف جي گهر اها آهي ته سزا انهيءَ کي ئي ملڻ گھرجي جيڪو ڏوهه ڪري (يعني قصاص جو اهو طريقو بلڪل غلط آهي ته قبيلي جي ڪنهن به بي گناهه ماڻهوءَ کي خون جي بدلي قتل ڪيو وڃي. يا ڪنهن ڏوهاري مالڪ جي بدلي ۾ ڪنهن غلام کي قتل ڪيو وڃي ۽ اهو سمجھيو وڃي ته انصاف ٿي ويو. اهوبه سمجھي ڇڏيو ته الله تعالى کي رت ۽ گوشت نٿو پهچي، ۽ توهان ڪنهن جانور کي ڪُهي انهيءَ جي بدلي ۾ اهو سمجھي ويهو ته توهان جي گناهن جو ڪفارو ٿي ويو. اصل شيءِ پرهيزگاري آهي ۽ الله تعالى ڏانهن موٽڻ آهي جيڪا سڌي واٽ يا اسلام آهي.
5. غلامن کي آزاد ڪريو: مسلمانو! اَرّقاء کم اَرقَّاء کم. پنهنجي غلامن کي بلڪل به نه وساريو. جيڪو توهان کائو سو ئي انهن کي به کارايو، جيڪو توهان پهريون سو ئي انهن کي به پهرايو. اهي به توها جهڙا ئي انسان آهن. انهن کان انهن جي وس کان وڌيڪ ڪم نه وٺو. جيڪڏهن اهي آزادي گھرن ته انهن سان مڪاتبت ڪريو. يعني انهن کي وقت ڏيو ته اهي ٻي ڪنهن جاءِ تي ڪم ڪري ڪجھه ڪمائي توهان کي پنهنجي آزاديءَ جي بدلي ڪجھ پئسا ڏين ۽ آزاد ٿي وڃن.
6. غلام توڙي آزاد سڀئي برابر آهن: ياد رکو ته خدائي قانون جي سامهون سمورا انسان برابر آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان جي مٿان هڪ غلام کي به امير مقرر ڪيو وڃي ته جيستائين اهو خدائي قانونن جي پابندي ڪندو هجي ته ان جي فرمانبرداري هر مؤمن تي فرض آهي.
رسول الله ﷺ جن غلاميءَ کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو هو. پر دمشق واري خلافت، جنهن ۾ مسلم بادشاهيت جي شروعات ٿي، غلامي واري اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو. ڪجھه فقيهن پنهنجي فتوائن سان انهيءَ جي دائميت جو جواز مهيا ڪري ڏنو. ايتري تائين جو آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن اها سعادت ماڻي ۽ چئن سالن جي گھرو ويڙهه ۾ پنهنجي سر گھوريندي انهيءَ اداري کي ختم ڪري ڇڏيو.
7. عورت جا حق: ماڻهؤ! عورتن جي باري ۾ الله تعالى کان ڊڄندا رهو. توهان انهن کي الله تعالى جي نالي تي پنهنجون زالون بڻايو آهي. توهان ٻنهي جو هڪ ٻئي تي حق آهي، پر عورت جو وڌيڪ حق اهو آهي ته توهان هليءَ چليءَ وانگر انهن کي کاڌو ۽ لٽو ڪپڙو به ڏيندؤ.
مسلمان انهيءَ حڪم کي به عمليءَ طرح نٿا مڃن. اهي هڪ ئي دفعي ٽي طلاقون ڏئي عورت تي ظلم ڪن ٿا ۽ بنا خلع جي يعني ڪابين واپس ڪرڻ کانسواءِ عام طلاق بائن جي لاءِ به حلالو عورت لاءِ قائم رکيو آهي جيڪا انسانيت جي توهين آهي. اڄ مسلم معاشري ۾ عورت سڀ کان وڌيڪ مجبور ۽ مقهور شخصيت آهي. حلالو رڳو خلع ۾ جائز آهي جنهن ۾ عورت ڪابين جا پئسا موٽائي پنهنجي لاءِ طلاق حاصل ڪري ٿي.
8. الله جي ٽولي جي ترقيءَ لاءِ جهاد: الله تعالى واري ٽولي کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش جو نالو جهاد في سبيل الله آهي. اهو سمورين دولتن کان وڌ ڀلي دولت آهي. (شيطاني ٽولي کي هيڻو ڏيکارڻ هر الله واري مرد مؤمن جو فرض آهي).
جهاد في سبيل الله اصل ۾ دنيا مان بک، جهالت، غلامي، خوف ۽ جنگ کي ختم ڪري طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ لاءِ هو. توحيدي معاشري ۾ پيداواري وسيلا جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، تيل ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا وغيره ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي عوام جي ملڪيت ۾ ڏنا ويندا آهن. محنت جي استحصال سان حاصل ٿيندڙ منافعي مان، جيڪو اصل ۾ وياج آهي، ڇو جو اهو بنا محنت جي حاصل ٿئي ٿو ۽ ڪن ٿورڙن ماڻهن وٽ تمام گھڻي دولت اچي وڃي ٿي ۽ گھڻائي اڃا تائين پنهنجي محنت وڪڻي پيٽ پالڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ پنهنجي غربت جي ڪري اهي تعليم ۽ تربيت جي برڪتن کان محروم رهندا آهن.
پر مسلمانن بادشاهت واري دؤر ۾، اسلام جي بگڙيل شڪل کي پنهنجائڻ جي ڪري، مسلم بادشاهن جي اقتدار ۽ سلطنت ۾ پکيڙ جي لاءِ تلوار کڻڻ کي جهاد جو نالو ڏنو. موجوده دؤر ۾ مشهور جهاد ڪرڻ وارين جماعتن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ئي نه آهي ته اصل ۾ اسلام دنيا مان بک، غربت، غلامي، ويڙهه جهيڙي ۽ نسل ۽ قوميت جي بنياد تي انسانن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ نفرت کي ختم ڪرڻ جو نالو آهي. نه رڳو مسلم معاشري مان انهن غير انساني لعنتن کي ختم ڪرڻ اسلام جو فرض آهي، پر بين الاقوامي انقلاب جي تحريڪ هئڻ جي ڪري اسلام انهن سمورين قومن ۽ گروهن جي جاني ۽ مالي ۽ اسلحي سان مدد ڪرڻ فرض سڏي ٿو، جيڪي ظاهر ۾ ته اسلام جي دائري ۾ داخل نه آهن، پر انساني حيثيت سان انهن غير انساني ڪمن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
جهاد يا خوني ويڙهه ڪرڻ کان اڳ مسلمان مجاهدن کي اسلام جي انسان دوستي ۽ محنت جي استحصال جي خلاف تعليم کي چڱيءَ طرح سمجھڻ گھرجي. اهو ياد رهي ته سامي، آريائي ۽ زرد قومن ۾ موڪليل مذهبن جي بانين کي موڪلڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته جيئن دنيا مان مخالف معاشي طبقن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪري، دنيا کي امن، محبت، فڪر ۽ عمل جي آزادي، معاشي مساوات ۽ سياسي آزاديءَ جو گھر بڻايو وڃي جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي محنت جي پيداوار جو پاڻ ئي مالڪ هجي.
انهيءَ عظيم الشان خطبي کان پوءِ، جيڪو قرآن حڪيم اڃا به سمورن مذهبن جي حقيقي تعليم جو تت آهي ۽ انسانيت جي لاءِ ميگنا ڪارٽا جي حيثيت رکي ٿو، پاڻ ماڻهن کان وري پڇيائون ته قيامت جي ڏينهن منهنجي ڪم جي باري ۾ توهان کان پڇيو ويندو ته توهان ڇا ورندي ڏيندؤ؟ ماڻهن چيو ته ”بلغت و اديت و نصحت“ (اسان شاهد آهيون ته توهان الله تعالى جو پيغام سهڻي نموني اسان تائين پهچائي ڇڏيو) اهو ٻڌي پاڻ پنهنجي ڏسڻي آڱر مٿي کنيائون ۽ فرمايائون: ”اللهم اشهد!“ اي منهنجا الله! ڏس ته هي ماڻهو ڪهڙي شاهدي ڏئي رهيا آهن. ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته هر ماڻهو جيڪو هتي موجود آهي، سو انهيءَ ماڻهوءَ تائين جيڪو هتي موجود نه آهي، منهنجو پيغام پهچائي. تمام ئي ممڪن آهي ته اهو ماڻهو کائنس وڌيڪ سهڻي طريقي سان منهنجي ڳالهين کي سمجھي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ وارو بڻجي پوي.
نئين اسلامي ڪيلينڊر جو مسئلو:
حج کان پوءِ اهو قانون هوندو هو ته ناسي الشهور، بنو ڪنانه، جوتشن وٽ ماڻهو اهو پڇڻ ايندا هئا ته ايندڙ سال ڪهڙي مهيني ۾ ذوالحج ٿيندو؟ اهي چنڊ جي مهينن کي شمسي مهينن سان ملائڻ لاءِ هر ٻئي ٽئي سال هڪڙو مهيني وڌائي ڇڏيندا هئا. يعني ايندڙ صفر کي سال مان گھٽائي ڇڏيندا هئا. اهڙي طرح انهيءَ جو ڳاڻيٽو قمري سال ۾ نه ٿيندو هو. يعني مصر ۽ ايران جي هندن وانگر چنڊ جي سال ۾ ڪجھه ڏينهن هر سال يا ٽئين سال وڌائي ان کي شمسي سال جي موسم موجب ڪري ڇڏيندا هئا ۽ سال ۾ جنهن مهيني لاءِ گھرندا هئا تنهن کي نسي ڪري ڇڏيندا هئا. پاڻ ڪريم ﷺجن قرآني حڪم سان انهيءَ جھيڙي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو ته سال جا ٻارنهن ئي مهينا ٿيندا آهن تنهن ڪري ڪوبه مهينو گھٽايو يا وڌايو نه ويندو، ته جيئن جيڪي مهينا حلال آهن سي حلال ئي رهن ۽ جيڪي حرام آهن سي حرام رهن ۽ جوتشين جي شيطانگريءَ کي انهيءَ ۾ دخل نه هجي. (ابن سعد 134)
سورت التوبه رڪوع نمبر 5:
الله تعالى جي مرضيءَ موجب پاڻ ڪريمﷺ جن جو اڳلي سال هن فاني جهان مان لاڏاڻو ٿيو. پر پاڻ فرمائي ويا هئا ته حج جي موسم شمسي اعتدال سان ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڏينهن ۽ رات برابر آهن. جيڪڏهن انهيءَ جو لحاظ رکيو وڃي ها ته اسلام جو سال به عيسوي سال وانگر ٻارنهن مهينن جو شمسي سال ٿي پوي ها. پر ماڻهن انهيءَ پاسي ڌيان نه ڏنو جنهن ڪري حج ۽ رمضان سال جي سمورن مندن ۾ ڦرڻ لڳا. حجة الوداع تائين سدائين ذي الحج مارچ ۾ ۽ رمضان ڊسمبر ۾ ٿيندو هو. اهڙي طرح حج اصغر رجب يا سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ مٺين ٿڌين واري وقت ۾ ٿيندو هو.
مسلمانن کي گھرجي ته اهي هن مسئلي تي غور ڪري پنهنجي لاءِ ٻارهن مهينن جو شمسي سال ٺاهن ته جيئن رسول الله ﷺ ۽ الله تعالى جي مرضي پوري ٿي وڃي. يعني نجومين ۽ ڀوپن جو خاتمو ٿي وڃي ۽ هر ماڻهو صحيح موسم ۾ عبادت ۽ واپار ڪري سگھي. ڇو جو هن وقت ته واپاري سال شمسي آهي، پر مذهبي سال قمري رهجي ويو آهي جنهن جي ڪري حج ۽ رمضان سال جي سمورن مندن ۾ ڦرڻ لڳا آهن.
انهيءَ ڳالهه جو قرآني ثبوت ته حج جي موسم چيٽ ۽ ڪتيءَ جي وچولن ڏينهن ۾ ٿيندا هئا، سورت القريش ۾ موجود آهي. اهي ئي امن ۽ واپار ۽ حج (يعني ميلي) جا ڏينهن هوندا هئا. جڏهن ته حج اڪبر (مارچ ۾) ۽ حج اصغر سيپٽمبر ۾ ٿيندو هو. بيت الله جي حج جي ڪري ماڻهن کي بک ۽ خوف کان انهيءَ واپاري ميلي جي ذريعي ڇوٽڪارو ملندو هو. (رحلة الشتاء والصيف)
اهڙي طرح رمضان به سدائين نومبر ڊسمبر ۾ هوندو هو ۽ عيسائي روزا به، جيڪي حضرت عيسى ؑ جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ رکيا ويندا هئا، انهيءَ ئي (رمضان) ۾ ٿيندا هئا. ”كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَـمَا كُتِبَ عَلَي الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ“ ۾ انهن ئي عيسائي روزن ڏانهن اشارو آهي ۽ رسول الله ﷺ جن سدائين انهن ئي ڏينهن ۾ روزا رکيا ۽ شمسي سال جي لحاظ کان چيٽ جي وچولن ڏينهن واري وقت حج اڪبر ۽ ڪتي جي وچولن ڏينهن واري وقت حج اصغر ڪيو ويندو هو.
عام الحزن يا عام الوفات،
(سنه 11 ه، مطابق 632ع)
628ع ۾ امن امان سان مڪو فتح ٿي ويو ۽ دنيا جي بادشاهن کي به درٻار نبويءَ مان امن ۽ اتحاد جي دعوت ڏني وئي، پر ايران جي ڪراڙي خسرو پرويز انهيءَ دعوت کي ڪابه اهميت نه ڏني ۽ ان جو پٽ شيرويه پنهنجي پيءُ کي ماري تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. هو به ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مري ويو ۽ ملڪ ۾ طوائف الملوڪي پکڙجي وئي. بران فارس جي حڪمراني سنڀالي ۽ هرقل سان ٺاهه ڪري ورتو. پراڻي سرحدن کي مڃي ورتو. 632ع ۾ خسرو جي پوٽي يزد گرد کي، جيڪو اڃا ٻار هو، تخت تي ويهاريو ويو ۽ هرقل کي اصلي صليب واپس ڪيو ويو.
انهيءَ زماني ۾ هندستان مان گوتم ٻڌ جو مذهب پنهنجي امن ۽ سلامتيءَ واري پيغام جي ڪري سموري ايشيا ۾ پکڙجي ويو. جيتوڻيڪ هندستان جا برهمڻ ٻڌ کي ديوتا بڻائي ۽ ان جي مذهب کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي عوام کان پري ڪري چڪا هئا، اڃا به ائين چئجي ته گھڻي ڀاڱي ان کي بگاڙي چڪا هئا. پر چيني سيلاني هيون سانگ ٻڌايو آهي ته ٻڌ مت هندستان کان ٻاهر پري پري تائين پکڙجي چڪو هو ۽ جيڪي ماڻهو هندستان جي برهمڻن جا ستايل هئا، سي ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺي رهيا هئا. بهرحال ٻڌ مت کي پنهنجي پيدائش واري هنڌ يعني هندستان ۾ مڃتا نه ملي سگھي، پر هو پنهنجي ٻاهرين پاڙيسري ملڪن ۾ پکڙجي ويو ۽ انهيءَ مذهب جي شڪل ڇا مان ڇا ٿي وئي.
انهيءَ زماني ۾ عيسائين جو نسطوري فرقو وچ ايشيا تائين پکڙجي چڪو هو ۽ عسائي مذهب ۽ ڪليسا جا ڪيترائي فرقا هڪ ٻئي کي ڪافر سڏي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي جو رت وهائي رهيا هئا.
يهودي پنهنجي شرارتن ۽ ٽيڙي فطرت جي ڪري ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ هئا. 634ع ۾ رحمت اللعالمين جي عمر مبارڪ ٽيهٺ (63) سال ٿي چڪي هئي. عرب جي سخت آب و هوا ۽ دين حق جي ڦهلاءَ جي لڳاتار ڪوششن پاڻ ڪريم ﷺ جي زندگيءَ کي انهيءَ قابل نه رکيو هو ته پاڻ گھڻي وقت ائين ڪم ڪري سگھن. انهيءَ ڪمزور عمر ۾ ٽيهٺ اٺن کي نحر (ذبح) ڪرڻ جي جاکوڙ پاڻ ﷺ جن کي بيمار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح پاڻ مڪي مان ئي بيمار واپس موٽيا. حالتون اهڙيون هيون جو هاڻي مديني جي حڪومت جو سموري عرب تي قبضو نه ٿيو هو. پاڻ ﷺ جن کي نه رڳو سياسي، پر سماجي زندگيءَ جي مختلف فردن جي ذاتي زندگيءَ جي معاملن کي به طئي ڪرڻو پوندوهو. ڪمن جو زور ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو. سابقون الاولون ته مڪي ۾ ئي تيار ٿي چڪا هئا ۽ مهاجر ۽ انصارن جي هڪ تجربيڪار جماعت مدني زندگيءَ جي آڙ ۾ جڙي راس ٿي وئي هئي. انهن ئي ماڻهن سنه 6 هه ۾ بيعت رضوان ڪئي هئي. اها هڪ اهڙي ڪفن ٻڌل جماعت هئي جيڪا نه رڳو اسلامي انقلاب جي روح ۽ ان جي مقصدن کي چڱيءَ طرح سمجھي پئي، پر الله تعالى جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر ساهه ۽ مال جي به پرواهه نه ڪندي هئي. تنهن ڪري رسول الله ﷺ کي به انهيءَ معاملي ۾ اطمينان هو ته پاڻ جيڪو پيغام پهچائي چڪا آهن، تنهن کي ڪتاب الله جي روشنيءَ ۾ اڳتي کڻي وڃڻ وارا سمجھه ڀريا ماڻهو موجود آهن.
خم غدير تي خطبو:
حج کان موٽندي خم جي تلاءَ تي پاڻ ﷺ ترسيا. بريد اسلمي انهيءَ تلاءَ تي، جيڪو مديني ڏانهن ويندي واٽ تي موجود هو، حضرت علي جي شڪايت سان پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو. انهيءَ موقعي تي پاڻ ﷺ جن فرمايو ته توهان اهلبيت جو احترام ڪريو جن کي مان توهان ۾ ڇڏيون پيو وڃان. هڪ اهل بيت ۽ ٻيو ڪتاب الله. جيڪي انهن ٻنهي کي مضبوطيءَ سان جھليندا سي ڇوٽڪاري وارا ٿيندا. جنهن جو مان مولى آهيان، علي به انهيءَ جو مولى آهي. علي جو دوست منهنجو دوست ۽ علي جو دشمن منهنجو دشمن آهي.
سور البقره رڪوع نمبر 40:
قرآن جي آخري ۽ جامع دعا:
الله بادشاهه آهي. اهو ئي ڳجھه جو ڄاڻيندڙ آهي. اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. سمورن نبين جو پيغام هڪ ئي آهي جنهن کي اسان مڃون ٿا. (انهن نبين ۾ رڳو سامي نسل وارا نبي ئي نه آهن، پر آرين ۽ زرد قومن جا نبي به شامل آهن). انسان مجبور آهي. الله تعالى ئي هر شيءِ تي وسوارو آهي. تنهن ڪري جيستائين ٿي سگھي نيڪيءَ واري واٽ وٺو. ڇو جو جيڪو توهان پوکيندؤ سو ئي لڻندؤ ۽ الله تعالى کان پنهنجي ڀل چڪ جي معافي گھرندا رهو ۽ چئو ته اي اسان جا الله، اسان تي اهڙو ٻوجھه نه وجھه جنهن کي کڻڻ جي اسان ۾ سگھه نه هجي. اسان تي ٻاجھه ڪر. تون اسان جو مالڪ آهين. ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد فرماءِ ته جيئن اسان انهن کي تنهنجا ٻانها بڻائي سگھون.
سريو اسامه بن زيد، 27 صفر 11 هه، مئي 632ع:
هاڻي سموري عرب ۾ اسلام پکڙجي چڪو هو. پر اتر ۾ عيسائين جو ظلم وڌي رهيو هو ۽ رومي سلطنت جي جنگي ٽيڪسن، غلام سازين ۽ مذهبي چالبازين سان سمورو شام، مصر ۽ ايران پريشان هو. مسلمانن کي سريه موته ۾ شڪست ملي هئي. تنهن ڪري جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن کي خبر پئي ته عيسائي ٻيهر حملي جي تياري ڪري رهيا آهن ته پاڻ موته جي شهيد زيد بن حارثه جي پٽ اسامه بن زيد کي گھرايو. جيترا به وڏا وڏا اصحابي، مهاجر يا انصاري هئا، تن سڀني جو سردار انهيءَ غلام جي پٽ کي ڪيائون جنهن جي ماءُ به هڪ ٻانهي هئي. عمر جي لحاظ کان به اسامه ارڙهن سالن جو هو. بيماريءَ جي حالت ۾ به پاڻ اسامه کي جھنڊو تيار ڪري ڏنائون ۽ مسلمانن تي ثابت ڪري ڇڏيائون ته هاڻي دنيا مان رنگ ۽ نسل جو فرق ختم ڪيو ويو آهي ۽ سندن حج اڪبر واري خطبي کي عملي جامو پهرايو پيو وڃي.
حضرت اسامه شهر کان ٻاهر فوج کي گڏ ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي تڪليف وڌندي وئي پر پوءِ به پاڻ انهيءَ لشڪر کي وڃڻ کان نه روڪيائون. اڃا به فرمايائون اغز عليٰ برڪة الله (الله تعالى جي برڪت سان غزوي لاءِ روانو ٿي وڃو). اسامه جي ماءُ ام ايمن آچر جي ڏينهن پٽ کي ٻڌايو ته پاڻ ڪريم ﷺ جو مرض شدت اختيار ڪري ويو آهي، تنهن ڪري پاڻ غزوي تي وڃڻ کان رڪجي ويا. پاڻ ﷺ جن فرمايو، ماڻهؤ! مان گھران ٿو ته توهان اسامه سان سهڻو سلوڪ ڪريو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪريو.
پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات کان پوءِ حضرت ابوبڪر خلافت جي بيعت کان پوءِ سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو ته حضرت اسامه کي پهرين ربيع الثاني 11 هجري تي غزوي لاءِ روانو فرمايو. هي اهو دؤر هو جو اسلام کان ڦرندڙن مديني تي ڪاهه کڻي ڪئي هئي ۽ اسلام جو مرڪز خطري واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هو. پر حضرت ابو بڪرؒ فرمايو ته جيڪو جهنڊو رسول الله ﷺ جن پنهنجي مبارڪ هٿ سان ٻڌو آهي تنهن کي مان ڪيئن ٿو کولي سگھان. بهرحال اهو لشڪر روانو ٿيو ۽ ڪاميابيءَ سان وڏو مال غنيمت کڻي موٽيو.
رسول الله ﷺ جي وفات
سومر جي ڏينهن يعني 29 صفر 11 هه مطابق 26 مئي 632ع تي پاڻ ڪريم ﷺ جو مرض شروع ٿيو. پاڻ انهيءَ کان اڳ گذريل شام جو جنت البقيع جي قبرستان ڏانهن ويا هئا. اتان مغفرت جي دعا گھري واپس موٽي رهيا هئا جو مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ بخار به ٿي پيو. بيماريءَ جو سلسلو ٻن هفتن تائين جاري رهيو. پاڻ پنهنجي زالن کان اجازت ورتائون ته پاڻ بي بي عائشه جي حجري ۾ ئي رهندا. پاڻ لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين بيمار رهيا ۽ پاڻ محسوس ڪري ورتائون ته سندن آخري وقت ويجھو اچي ويو آهي. تنهن ڪري پاڻ فرمايائون ته جيڪي ماڻهو نبين جي قبرن جي پوڄا ڪندا آهن سي لعنتي آهن. منهنجي قبر کي هرگز سجدي گاهه نه بڻائجو. انصارن جي لاءِ به فرمايو ته انهن جو قدر ڪجو ۽ انهن جي غلطين کي درگذر ڪجو. وفات کان هڪ ڏينهن اڳ پاڻ پنهنجي چاليهن غلامن کي آزاد ڪري ڇڏيائون. سمورو مال خيرات ڪري ڇڏيائون. هٿيار مسلمانن کي ڏئي ڇڏيائون. زرهه هڪڙي يهودي وٽ گروي رکيل هئي. آخري رات ڏيئي ٻارڻ لاءِ تيل به ڪونه رهيو هو. بي بي عائشه ڪنهن پاڙيسرياڻيءَ کان تيل گھرائي ڏيئو ٻاريو.
آخري وصيت:
پاڻ ﷺ جن جيڪي آخري لفظ فرمايا هئا سي هئا:
الصلوٰة و ما ملکت ايمانکم
”نماز ۽ پنهنجي غلامن جو خيال رکجو.“
ان کان پوءِ پاڻ پنهنجو سڄو هٿ مٿي آسمان ڏانهن کڻندي فرمايو:
اللهم الرفيق الاعلى
”منهنجو الله مٿانهون سنگتي آهي.“
اهو چوندي ئي 12 ربيع الاول 11 هه تي پاڻ ﷺ جو هٿ مبارڪ هيٺ ڪري پيو. اکين جون ماڻڪيون مٿي کڄي ويون. انا لله و انا اليه راجعون.
وفات کان پوءِ:
اصحابن تي ڏک جو ايترو ته اثر ٿيو جو ڪن جا ته حواس ئي گم ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته رسول الله ﷺ جن وفات بلڪل به نه ڪئي آهي. حضرت عباس ۽ حضرت ابوبڪرؒ کانسواءِ ٻيا سڀئي پريشان ٿي ويا. حضرت ابوبڪرؒ جڏهن خبر ٻڌي ته انالله چيو ۽ واصفيا واخليلاه چئي ڏاڍو رنا ۽ پوءِ اچي رسول الله ﷺ جي منهن مبارڪ تان چادر لاهي پيشاني کي چميو ۽ فرمايو: ”طيبت حيّا و ميتا“ يعني توهان جيئري ۽ وفات کان پوءِ ٻنهي حالتن ۾ پاڪيزه آهيو. پوءِ فرمايائون: ”ماڻهؤ! جيڪو ماڻهو محمد جي پوڄا ڪندو هو تنهن کي خبر هئڻ گھرجي ته پاڻ وفات ڪري ويا. پر جيڪو الله تعالى جي ٻانهپ ڪندو هو ته الله تعالى جئيرو آهي، هو هميشه زنده ۽ سدائين بيهڪ وٺندڙ آهي ۽ ڪڏهن به نه مرندو.“
ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جي وصيت موجب حضرت علي ؒ کين تڙ ڏنو ۽ حضرت اسامه ۽ حضرت فضل بن عباس، اهلبيت مان تڙ ڏيڻ ۾ شريڪ ٿيا. جنهن جاءِ تي وفات ڪيائون اتي ئي سڀني واري واري سان نماز پڙهي. حضرت عائشه جي حجري ۾ قبر مبارڪ کوٽي وئي ۽ وفات جي ٻٽيهن ڪلاڪن کان پوءِ 14 ربيع الاول اڱاري ڏينهن رات جي وقت پاڻ ﷺ جن جو جسد پاڪ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.