مصنف طرفان پيش لفظ
قومون ۽ امتون تاريخ جوڙينديون آهن ۽ پنهنجا نشان تاريخدانن جي لاءِ ڇڏي وينديون آهن. پر تاريخدان ايتري تي بس نه ڪندا آهن ته تصوير جي رڳو هڪڙي ئي پاسي تي روشني وجھن. ڇو ته انهن جو اهو فعل ايندڙ نسلن جي لاءِ ”حجاب اڪبر“ بڻجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ئي تاريخ جو فلسفو تاريخ کان مٿانهون درجو رکي ٿو. اهو نه رڳو قومن ۽ امتن جي سياسي جماعتي ۽ اخلاقي پاسن جي چٽائي ڪندو آهي، پر ان جي حقيقي روح جي واڌويجھه جي اهڙي ته مڪمل تصوير گھڙيندو آهي جو پس منظر جي موجودگيءَ جي ڪري اهو فنڪاريءَ جو هڪ تمام ئي عمدو نمونو بڻجي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جماليات جا ماهر پسمنظر کي تصوير جو هڪ اڻٽر جزو سمجھندا آهن.
اسلام کي سمجھڻ لاءِ سڀ کان پهريان ۽ ضروري شيءِ اهو پسمنظر آهي، جنهن هڪ خاص زماني ۾ اسلام کي چٽو ڪيو. حقيقت تائين پهچڻ جي لاءِ اهو ئي ڪافي نه آهي ته اسان ڪنهن مذهب جي عقيدن تي تحقيق ڪريون. پر اهو به ضروري آهي ته اسان اهو ڄاڻون ته انهيءَ جا عقيدا ۽ عمل ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن وجود ۾ آيا. انهن پوءِ ترقي ڪئي يا عمل نه ڪرڻ جهڙا ڪم سڏيا ويا؟ مطلب ته انهيءَ تدريجي طريقي سان تاريخ جي فلسفي کي مڪمل طرح سان، ان جي بنيادي پسمنظر سان ظاهر ڪرڻ، هڪ انساني خدمت آهي. محقق جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو پنهنجي ذاتي عقيدن ۽ عوام جي رجحانن کان پاسيرو ٿي ڪم ڪري. ان جو اهو مقصد نه هئڻ گھرجي ته پنهنجي ذاتي خيالن ۽ احساسن کي ماڻهن تي ظاهر ڪرڻ کي تحقيق سمجھي، يا عوام جي رجحانن کان متاثر تي درٻاري شاعر بڻجي وڃي، پر حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ هر قسم جي تعصب کان پاسو ڪرڻ پهريون شرط آهي.
اسلام جي پسمنظر کي موجوده مقالي ۾ پهريان بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ نه رڳو جاهليت واري عرب جي معاشرت ۽ تهذيب تي روشني وڌي وئي آهي، پر عرب ۽ عرب کان ٻاهر سمورن مذهبن جو اهو نقطو نظر پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان اسلام کان اڳ عرب متاثر ٿيو ۽ جنهن اسلام کي چٽو ٿيڻ لاءِ زمين هموار ڪئي.
پس منظر جي مطالعي کان پوءِ سڀ کان ضروري ۽ بنيادي شيءِ اسلام جي تاريخ آهي، جيڪا قرآن ڪريم جي تاريخي مطالعي سان ڄاڻي سگھجي ٿي. انهيءَ مطالعي ۾ نه رڳو اسلامي لٽريچر کان مدد ملي سگھي آهي، پر جاهليت واري زماني جو جيڪو به علمي ذخيرو آهي، سو اسان جي رهنمائي ڪري سگھي ٿو. جيتوڻيڪ اسان جي لاءِ قرآن پاڪ جي اندر موجود شهادت ڪافي آهي ته اهو اسان کي سڌي واٽ (صراط مستقيم) ڏانهن وٺي ويندو ۽ ان جي تاريخي روشنيءَ ۾ اسان اسلام ۽ اسلامي تعليم جو سچو ۽ حقيقي نقشو ذهن تي آڻي سگھون.
انهيءَ مقصد جي لاءِ اسان کي سڀ کان پهريان قرآن مجيد کي ان جي نزولي ترتيب موجب ترتيب ڏيڻو پوندو. ڄڻ ته قديم زماني جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه اسلام ۽ ٻين مذهبن جا ڪتاب آسانيءَ سان ملي سگھن ٿا. ان کانسواءِ ڇاپن جي گھڻائيءَ جي ڪري انهن جو قيمتون به عام ماڻهو جي پهچ ۾ آهن. پر اهڙي قسم جي علمي مشغولين جي لاءِ جيستائين خدائي توفيق شامل نه هجي، ته رڳو ڪتب خانن مان ڪم نه هلي سگھندو. الله جو شڪر آهي ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي ته اسلامي تاريخ جي تيرنهن صدين جي گذرڻ کان پوءِ مڪي پاڪ ۾ الله تعالى جي هڪڙي ٻانهي جي ڪيميائي اثر رکندڙ اک، منهنجي دلي ارادن ۾ پختگي پيدا ڪئي ۽ مان اهو ڪم ڪري سگھيو آهيان جنهن جي دنيا کي سخت ضرورت هئي. نه رڳو ايترو، پر اتي ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ به الله تعالى اهڙي علمي صحبت جو سامان ڏئي ڇڏيو جو ان کان وڌيڪ شايد ئي دنيا ۾ ڪا شيءِ هجي.
جنهن زماني ۾ هيءُ اخباري ترجمو مديني ڏانهن موڪليو پئي ويو، انهيءَ زماني ۾ پنجاب ۾، جيڪو هندستان جو هڪ اسلامي علائقو چئي سگھجي ٿو، قرآن پاڪ جي باري ۾ اتان جي قانون ساز مجلس ۾ هڪ دل ٽوڙيندڙ بحث ڇڙي پيو هو. ان ۾ جن ماڻهن حصوورتو سي تعليم يافته ماڻهو آهن. اسلام ۽ قرآن جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، سي هڪ اخبار جي تت (خلاصي) مان هتي پيش ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن توهان اندازو ڪري سگھو ته مسلمان ۽ ان جا هم وطن هندو ڪهڙي طرح تفسير بالراءِ ڪرڻ وارن جي خيالن جي اثر ۾ اچي ويا آهن. هيٺ لکيل جملن تي غور ڪريو ۽ هندستان جي مسلمانن جي عام ذهنيت جو اندازو لڳايو:
”قرآن پاڪ جي ترجمي تي ڪن به ٻن مسلمانن جو اتفاق نه آهي.“
(سر شهاب الدين)
”انهن مولوين گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم جي روشنيءَ کان محروم رکيو آهي.“ (ميان عبدالحق)
ان کان پوءِ اهو ڏسو ته جنهن مذهب جي شروعات اقراء بسم ربک سان ٿي آهي، ان جي فردن جو تعليم جي باري ۾ ڪهڙو طرز عمل آهي:
لاهور 8 جنوري سنه 1940ع ، اڄ پنجاب اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ عزت ماب جناب ميان عبدالحي، وزير تعليم پنجاب تحريڪ پيش ڪئي ته پرائمري ايجوڪيشنل بل تي غور ڪيو وڃي. انهيءَ تي خواجه غلام محمد صاحب (يونينسٽ) مخالفت ڪندي تحريڪ پيش ڪئي ته انهيءَ کي پهرين فيبروري 40ع تي عوام کان راءِ وٺڻ لاءِ شايع ڪيو وڃي، ڇو جو انهيءَ ۾ پردي جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي جيڪو مسلمانن جي لاءِ مذهبي طور لازمي آهي.
وزير تعليم: مدرسن ۾ ڇهن کان يارنهن سالن تائين جي عمر جون ڇوڪريون ۽ ڇهه کان چوڏهن سالن تائين عمر وارا ٻار پڙهي سگھن ٿا. ايتري ننڍڙي عمر جي ٻارن ۾ بد اخلاقيءَ جو ڪوبه انديشو نٿو ٿي سگھي.
خواجه عبدالصمد پردي جي باري ۾ هڪ آيت تلاوت ڪئي ۽ ٻڌايو ته پردي جي پابندي مسلمانن جي لاءِ ضروري آهي.
بيگم شاهنواز چيو ته خواجه صاحب غلط پيو چوي. اسلام ۾ پردي جي پابندي لازم نه آهي ۽ چيو ته خواجه صاحب اسلام کي سمجھيو ئي نه آهي.
صدر اسيمبلي: (سر شهاب الدين) خواجه صاحب کي قرآن مجيد جو ترجمو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته قرآن مجيد کي بحث ۾ نه آندو وڃي، ڇو جو ٻه مسلمان ڪنهن هڪ ترجمي تي متفق نه آهن.
ڀيڻ رشيده لطيف چيو ته خواجه صاحب کي قرآن مجيد ترجمو ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.
بيگم شاهه نواز: خواجه صاحب قرآن مجيد جو غلط ترجمو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن کين قرآن ترجمو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو ته پوءِ اسان کي به صحيح ترجمو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
(آواز) قرآن ئي اسان جي صحيح رهنمائي ڪري سگھي ٿو).
صدر صاحب چيو ته قرآن پاڪ جي آيت تي بحث نه ڪيو وڃي.
وزير تعليم چيو ته توهان ”مولوي صاحب“ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو. مان کين سڀني ڳالهين جو جواب ڏئي سگھان ٿو.
بيگم شاهنواز ٻيهر چيو ته اسلام ۾ پردي جي پابندي لازم نه آهي.
ان کان پوءِ صدر صاحب قرآن پاڪ جي باري ۾ ڪابه ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته جيڪڏهن هڪ ميمبر کي ڪنهن آيت جو ترجمو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ته ٻئي ميمبر جو به اهو حق بڻجي وڃي ٿو ته هو انهيءَ آيت جو ترجمو پنهنجي خيالن موجب ڪري.
خواجه عبدالصمد چيو ته مان پنهنجي دليلن جي پٺڀرائيءَ ۾ قرآن پيش ڪرڻ جو حق رکان ٿو. اهو ايجوڪيشنل بل اسان جي تهذيب ۽ تمدن تي حملو ڪري رهيو آهي. اسلام گڏيل تعليم جي سخت مخالفت ڪئي آهي. اسان موجوده حڪومت کي انهيءَ ڳالهه جي اجازت نٿا ڏئي سگھون ته اها اسان جي مذهب تي حملو ڪري.
سر سڪندر، وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ مسجدن ۽ مدرسن اندر ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا رهيا آهن. پردو ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري سوال ۾ توهان چيو آهي ته هن صوبي جي 98 سيڪڙو عورتون پردو نٿون ڪن. اسلام جي تاريخ ۾ هڪ دفعو به ائين نه ٿيو آهي جو عورتن کي اهڙو سخت قسم جي پردي جو حڪم ڏنو ويو هجي جيترو اڄ اسان جي مولوي صاحبن جي ذهن ۾ آهي.
چوڌري ڪرشن گوپال دت (مخالف پارٽي) چيو ته مان مذهب کي موجوده شڪل ۾ هندستان جي لاءِ لعنت سمجھان ٿو. ان قسم جون بيهودهه ڳالهيون جنهن مذهب جي نالي تي ڪيون وڃن پيون، مون کي ان جي حالت تي رحم اچي ٿو.
نواب مظفر خان: صدر صاحب! عزت ماب ميمبر اسلام تي حملو ڪري رهيو آهي.
چوڌري ڪرشن گوپال دت: معاف ڪجو، مون اسلام تي ڪوبه حملو نه ڪيو آهي. رڳو ايترو چيو آهي ته جيڪڏهن اهو ئي آهي جنهن جي پردي ۾ اڄ مولوي عبدالصمد ٽپا ڏئي رهيو آهي ته مون کي ان تي ضرور رحم ايندو. اسلام کي وچ ۾ نه آڻيو ۽ عوام کي علم جي روشني حاصل ڪرڻ ڏيو.
باجي رشيده: (پرجوش لهجي ۾) اسلام اسان جو بنياد آهي. اسلام سياست کان جدا نه آهي. اسان جي اٿڻي ويهڻي مڪمل طرح سان اسلام موجب هئڻ گھرجي.
ميجر فرمان علي چيو ته عورتن کي پڙهائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهي گھوڙيون آهن، جيڪڏهن پڙهڻ لکڻ سکي ويون ته بي لغام ٿي وينديون. انهن جي وات تي هر وقت لغام هئڻ گھرجي. پڙهڻ واري ڇوڪري يا عورت جو اخلاق صحيح نٿو رهي سگھي. پردي کانسواءِ ڇوڪريون جڏهن ٻاهر وڃن ٿيون ته ڇوڪرن کي خراب ڪن ٿيون.
وزير تعليم (ميان عبدالحق) جناب هيءُ قانون ته ڏهن ڏهن ۽ يارنهن يارنهن سالن وارين نينگرين جي لاءِ آهي.
ڀيڻ رشيده: اهو قانون پاس ٿي ويو ته ڪيترا ئي هير رانجھا ۽ سسئي پنهون بڻجي ويندا.
وزير اعظم: پردي ۾ رهندي ته اڃا به وڌيڪ پيدا ٿيندا.
وزير تعليم چيو ته مان پڪو مسلمان آهيان. مان پنهنجي اسلام کي ۽ پنهنجي شريعت کي چڱيءَ طرح سمجھان ٿو. مان خواجه عبدالصمد جي اسلام کي نٿو سمجھان. هندستان جي آبادي جو هڪ حصو انهن مولوين جي مهربانيءَ جي ڪري تعليم جي روشنيءَ کان محروم رهجي ويو.
(زم زم لاهور)
ڏکيائيون:
مسلمانن کي جيڪي ڏکيائيون قرآن کي سمجھڻ ۽ اسلام جي حقيقتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ پيدا ٿي رهيون آهن، تنهن جو هڪڙو ئي حل آهي؛ يعني قرآن کي انهيءَ ترتيب سان سمجھيو وڃي جنهن ترتيب سان الله تعالى پاڻ ان کي نازل فرمايو آهي. پنجاب اسيمبليءَ جا فاضل قانونساز شايد اهو ڄاڻندا هوندا ته هر دؤر جي سون نه پر هزارن علم وارن قرآن ڪريم ۽ اسلام کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن پوري ديانتداريءَ سان اها ڪوشش به ڪئي آهي ته پنهنجي سموري ڄمار کپائڻ کان پوءِ جيڪو ڪجھه انهن سمجھيو آهي، سو ٻين کي به سمجھائن. ان سان گڏوگڏ هر زماني ۾ اهڙا بزرگ به ٿي گذريا آهن جن پنهنجي زماني جي علمي ترقي سان گڏوگڏ قرآن جي ڪائنات ۽ اخلاق واري نظريي ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ گھريو آهي. ڄڻ ته قرآني حقيقتن جي ڪسوٽي سائنس ۽ مادي علم ئي آهن. مثال جي طور تي اسان هيٺ اهو تبصرو لکون ٿا جيڪو جديد قرآني ادب جي سلسلي ۾ 13 جون 1940ع جي اخبار ”مدينه“ ۾ ڇاپيو ويو هو. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته قديم طريقن تي حقيقتون ۽ سمجھاڻيون قرآن تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون.
”اهو ڪتابي سائيز جي 47 صفحن تي ٻڌل هڪ رسالو آهي جيڪو مولانا فراهي جي انهن ٽن اهم رسالن مان هڪ آهي، جيڪي هن قرآني مشڪلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لکيا هئا ۽ جن کي صحيح معنى ۾ قرآن جون ڪنجيون چئي سگھجي ٿو. قرآن پاڪ جو تحقيقي مطالعو ڪرڻ وارن کي جن شروعاتي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، سي گھڻو ڪري لفظن، اسلوبن ۽ تاويلن سان واسطو رکن ٿيون. جيستائين لفظن جون معنائون اهڙي طرح معلوم نه ٿين جو انهن جي حدن، لازمي ڳالهين، ضدن، ۽ متشابهن وغيره جي فرق ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي سگھي، قرآني اسلوبن سان ايتري گھري واقفيت نه هجي جو انهن جي ننڍڙن فرقن ۾ چڱيءَ طرح سان سڃاڻ ڪري سگھجي، ۽ سڀ کان آخر ۾ جيستائين تاويل ۽ تفسير جي اونهائين ۽ ان جي انهن اصولن ۽ طريقن تي مبصراڻي نظر نه هجي، ان وقت تائين اها ڳالهه ناممڪن آهي ته قرآن جو ڪوبه مطالعو ڪرڻ وارو ان جي ڪنهن هڪ آيت جو صحيح مفهوم مقرر ڪري سگھي.
انهيءَ ئي ڳالهه کي سامهون رکندي مولانا فراهي ”مفردات القرآن“، ”اساليب القرآن“ ۽ ”اصول التاويل“ جي نالي سان ٽي رسالا لکيا هئا.
مطلب اهو ته هڪ پاسي ته اها حالت آهي ته اسان جي يونيورسٽين مان فارغ التحصيل اسلام جي بنيادي ڪتاب جي تاريخي ارتقا کان اڻ واقف آهن. ٻئي پاسي عالم سڳورا به جيڪي ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهي نه رڳو ايتري تائين آهن جو اردو ٻوليءَ ۾ آڳاٽن مسفرن جي خيالن کي صحيح طرح سان پيش ڪري سگھن ۽ نه ئي انهن واٽن جي پيروي ڪن جيڪي اڄڪلهه جي اقتصادي ۽ تاريخي نظرين سان ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي نٿا رکن.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هندستان ۾ ستلن کي جاڳائڻ جي لاءِ هڪ نئون آواز اڀريو آهي ۽ انهن ورقن جي پريس ۾ وڃڻ کان اڳ ئي هڪ پروگرام به عوام جي سامهون اچي ويو آهي. مون کي پڪ آهي ته حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب شاهه ولي الله محدت دهلوي ؓ جي فلسفي ۾ گھڻي شاهدي انهيءَ ڳالهه جي لڌي هوندي ته نزولي ترتيب کي سمجھڻ کانسواءِ قرآن کي سمجھڻ ناممڪن آهي. ڇو جو تاريخ جو صحيح مطالعو ترتيب سان ئي ٿي سگھي ٿو. انقلاب جي ڪيفيتن کي سمجھڻ جي لاءِ انهن جو احوال ذهنن ۾ تاريخي ترتيب سان گڏ ٿيل هجڻ ضروري آهي جيڪو انقلاب اچڻ کان اڳ ڪنهن قوم ۾ موجود هوندو آهي. حضرت مولانا جي پرگرام مان ئي خبر پوي ٿي ته اهي شيون قرآن جي تاريخي مطالعي جو نتيجو آهن. مان انهيءَ جو نقل هتي انهيءَ لاءِ ڏئي رهيو آهيان ته دنيا جو هڪ عظيم الشان عالم ۽ اسلامي حڪمت جو ماهر قرآن پاڪ کي صحيح طرح سان سمجھڻ جو جيڪو طريقو تجويز ڪري ٿو، تنهن کان توهان محروم نه رهو.