مذهب

انقلابِ مڪہ

ڪتاب ”انقلابِ مڪه نبيﷺ جي سيرت، قرآن جي روشني ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد آهي، جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار احمد الدين شر آهي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.
Title Cover of book انقلابِ مڪہ

اسلامي عالمگير انقلاب جي تاريخ ۽ حضرت شاهه ولي الله دهلوي بطور امام انقلاب

قرآني انقلاب جون پهريون مرڪز:
فاران تي رحمت جو ڪڪر وسيو، جنهن انسانيت کي ظلم ۽ جهالت کان بچائڻ جي لاءِ بين الاقوامي انقلاب جو مستقل پروگرام قرآن عظيم جهڙي ڪتاب الله ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو؛ جنهن انهيءَ رڻ پٽ ۾ هڪ پراڻي بيت الله کي اجتماعي تنظيم جو هڪ اهڙو مرڪز بڻائي ڇڏيو، جتان دنيا ۾ انقلاب جو ٻوڏون لڳاتار اينديون رهنديون.
سڀ کان پهرين ٻوڏ ۾ اوڀر جي وڏي بادشاهه خسرو ۽ اولهه جي وڏي امير قيصر جي سرمائيداري ۽ بادشاهي ڪکن ڪانن وانگر لڙهي وئي ۽ انهن فرعون جهڙن بادشاهن جي ظلمن ۽ سرڪشي کان تنگ ٿيل انسانن سک جو ساهه کنيو.
تاريخ انهيءَ واقعي کي نٿي وساري سگھي ته هن عظيم انقلاب جي پهرين تعميري پروگرام سان دنيا لڳ ڀڳ پنج سئو سالن تائين فائدو حاصل ڪندي رهي. قريش جي پيشوائن کي الله تعالى شام ۽ عراف جي نئين دنيا کي تعمير ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. انهيءَ ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ حد کان لنگھي ويا ۽ انهن جي زماني ۾ ظلم چوٽ چڙهي ويو. پر اڳوڻن ۽ وچولن وٽان ٿيندڙ لاڀ انهن ظالمن جي ظلم تي غالب رهيو.
هن انقلاب جو ٻيو مرڪز:
هن پهرين عربي دؤر کا دنيا کي اهو عظيم فائدو پڻ مليو ته ان ۾ پنهنجو مرڪز جوڙي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي پئي. خسرو جي بادشاهت ۾ رهندڙ عجمي قومن، هن عالمگير برادريءَ ۾ شامل ٿي پنهنجي اندر ترقيءَ جي نئين تڙپ پيدا ڪري ورتي. انهن جي فارسي ٻوليءَ بغداد ۾ عربي کان بين الاقوامي دعوت جو سبق سکي، بخارا جي رستي کان ٿيندي غزني کي پنهنجو ٽڪاڻو بڻايو.
اسان جو خيال آهي ته قرآن ڪريم جي هن آيت ”وَّاٰخَرِيْنَ مِنْہُمْ لَمَّا يَلْحَقُوْا بِہِمْ“ ۾ جنهن قوم ڏانهن اشارو آهي، ان جو مصداق انهيءَ غزني جي فارسي مرڪز کي سڏڻ گھرجي.
غزني ايران ۽ هندستان جي هڪ قدرتي حدبندي تي آهي. انهيءَ ڪري اوڀر جو اهو مرڪز، اسان جي ملڪ ۾ هڪ معجزي وارو ڪم ڪري ويو. ويدانت فلاسافيءَ جي غلط تفسيرن جي ڪري جيتري ڪمزوري هندستاني ذهنيت ۾ پيدا ٿي هئي، غزني جي تجديد انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو هو. فردوسيءَ شاهنامو لکيو جنهن ۾ ذوالقرنين جهڙي اولوالعزم بادشاهه پيدا ڪرڻ واري آريائي معاشري جي تاريخ کي هندو فلاسافي جي عقليت سان واڳي ڇڏيو.
حڪيم سنائي ”حديقه“۾ ۽ مخدوم علي هجويري ”ڪشف المحجوب“۾ انهيءَ فلاسافيءَ جي اصلاح ۽ تڪميل کي پنهنجو مقصد ٺاهي ڇڏيو. اسان جي ملڪ جي طبيعي سگھه انهيءَ علم ۽ حڪمت جي تڙپ ۾ لڪيل هئي. انهيءَ اڳتي هلي عربي گاڏڙ فارسي کي هن وڏي کنڊ جي سياسي ۽ علمي ٻولي بڻائي ڇڏيو.
غزني جي مرڪزيت جو اثر هو جو ”شاهنامي“ سان گڏ شيخ سعدي جو ”گلستان و بوستان“ بنيادي اصولن طور رائج ٿيا. مخدوم علي الهجويري جي نائبي، امام معين الدين اجميري ۽ انهن جي خليفن جي حصي ۾ آئي. ”حديقه“ ۾ جنهن علمي ارتقا کي شروع ڪيو ويو هو، ”مثنوي معنوي“ ان جي آخري منزل سڏي وئي.
غزني جي مرڪز کي عيسائي جنتري جي ٻئي هزار جي شروعات کان خاص لاڳاپو آهي. جڏهن به انهيءَ جنتريءَ مان پهريون هڪ هزار سال ڪڍيو وڃي ته انهيءَ انقلاب جي جنتري بڻجي ويندي. اسان انهيءَ کي هندي جنتري چوندا آهيون.
هن انقلاب جو ٽيون مرڪز:
غزني کي هلي ٻن سئو سالن ۾ اها تحريڪ لاهور کان ٿيندي دهلي پهتي. دهلي ”جواندر پرست“ جو ٻيو نالو آهي، انساني تاريخ ۾ ايٿنز، روما ۽ بابل جهڙن پهرين درجي جي مرڪزن ۾ شامل ٿئي ٿي. هتي پهچي تحريڪ پنهنجي ڪاميابيءَ جي چوٽين کي ڇهي ٿي.
قطب الدين ايبڪ ۽ قطب الدين بختيار ڪاڪي کان محي الدين عالمگير ۽ قطب الدين ولي الله تائين پنج سئو سالن ۾ دنيا انهيءَ تحريڪ مان ڪهڙو فائدو ماڻيو؟ افسوس آهي جو انهيءَ تي پوري روشني وجھڻ جو سامان هندستان جي پراڻي تاريخ وانگر اسان کي سئولائيءَ سان نٿو ملي. باقي نه ته حضرت محمد باقي بالله ۽ جلال الدين اڪبر جي جانشينن جي تسلسل سان انساني ٻڌي جا ڪيترا گھاوَ دهليءَ ڇٽايا ۽ دنيا جي اڄ جي ترقي تي انهيءَ جو ڪيترو احسان آهي، تنهن کي ايترو جلدي وساري نٿو سگھجي. استاد ذڪاء الله دهلوي جي تاريخ هند ۾ اڪبري ”تقنن“ تي ٻه صفحا پڙهڻ کان پوءِ اکيون کلي وڃن ٿيون.
دهلي بطورانقلابي مرڪز:
هتي ڪي ٿورڙا جملا دهلي جي مرڪز تي لکڻ کان منهنجو قلم نٿو رهي. بغداد ۾ عربي ۽ فارسي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. بغداد جي زوال تي عربي قومون قاهره ۾ گڏ ٿي ويون ۽ فارسي ڳالهائڻ وارين قومن جو مرڪز دهلي بڻجي ويو. هڪ اهڙو وقت به اچي چڪو آهي جڏهن پنجاهه جي لڳ ڀڳ پرديسي شهزادا دهلي جا مهمان رهي چڪا.
غزني جي عربي گاڏڙ فارسي ۽ هندستان جي هندي جي ميلاپ سان دهلي جي اردوءِ معلى پيدا ٿي جنهن ۾ بين الاقوامي ٻولي بڻجڻ جي صلاحيت اعلى درجي ۾ موجود آهي. اها ئي ٻولي اسان جي تاريخي بين الاقواميت جي يادگار آهي. دهلي جي حڪمت ۽ دهليءَ جي ٻولي اسان جو قومي نشان آهي.
مرا نام و نشاں، نام و نشان دہلی
امام ولي الله دهلويرح:
اڄ اسان شاهجان جي تخت طائوس ۽ ”فتاوى عالمگير“ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ نٿا گھرون. اسان کي رڳو انهيءَ حڪيم جي واقفيت ڪرائڻي آهي جيڪو افلاطون يا ان کان به مٿانهون درجو رکندڙ هو. هو چوي ٿو:
علی! من می شناسم ایں گہر وزدان حکمت را
فلاطون آہ گرمی دید یونانے کہ من دارم
(التفہیمات)
امام عبدالعزيز دهلوي کان نقل ٿيل آهي ته ارسطو افلاطون جي سڃاڻ هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي: الدتانس اص انسان تالد. اسان جي خيال ۾ اها سڃاڻ امام ولي الله دهلوي جي اعلى شان ڏانهن اشارو آهي.
شاه عبدالعزيز کي پنهنجي پيءُ سان اها ئي نسبت هئي، جيڪا ارسطو کي افلاطون سان يا امام ابو يوسف کي امام ابو حنيفه سان مڃي ويندي آهي.
اسان اڄ دهلي جي انهيءَ حڪيم جي واقفيت ڪرائي رهيا آهيون جنهن ”دهلي ۾“ خلافت راشده واري دؤر ۽ نبوي دؤر جي شريعت کي تدوين ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ورتي هئي. انهيءَ مٿانهين مرتبي تائين نه ته لاهور پهچي سگھيو، نه غزني. نه اتي بخارا جي پهچ ٿي سگھي ۽ نه ئي وري بغداد جي.
امام قطب الدين ولي الله احمد دهلوي جي زماني کان اسان جو وطن ايترن ته فتنن جي ور چڙهيل رهيو آهي جو خالص علمي مشغولين جي لاءِ اعلى درجي جي جماعتن جو پيدا ٿيڻ ناممڪن ٿي پيو. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن اعلى فردن جو تسلسل ئي قائم رهي سگھيو ته انهيءَ کي نعمت غير مترقبه سمجھڻ گھرجي.
حضرت شيخ الهندرح:
حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي اسان کي انهن بزرگن کان واقف ڪرايو. پاڻ جميعت الاقوام جي سلسلي ۾ تڪميلي درجي جو افتتاح ڪيائون. اسان جي جماعت کي ”حجة الله البالغه“ جو درس ڏنائون. عثماني خلافت جي لڏي وڃڻ کان پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويو. انهيءَ انقلاب جي ٿڌو ٿي وڃڻ تي جيڪا نئين علمي تحريڪ دهلي ۾ پيدا ٿي، سا جامعه مليه آهي. اهو تقدير جو لکيو ئي سمجھڻ گھرجي جو جامعه مليه جي افتتاح جي لاءِ حضرت شيخ الهندؓ هندستان ۾ واپس پهچي ويا.
وڏي عرصي کان منهنجي اها خواهش رهي ته حضرت مولانا شيخ الهند ؓ جي يادرگار جامعه مليه دهلي ۾ قائم ٿيڻ گھرجي ۽ اها ”احياء حڪمت هنديه“ يا ”احياء حڪمت دهليه“ يا ”احياء حڪمت ولي اللهيه“ جي شڪل ۾ هجي.
جامعه مليه: الله تعالى جو شڪر آهي جو جامعه مليه انهيءَ تجويز کي منظور ڪري ورتو آهي ۽ پوءِ ان کي ڇاپيو آهي. انهيءَ تجويز جو روح جيڪو اسان جي ذهن ۾ ويٺل آهي، تنهن کي اسان آسانيءَ سان پني جي ٽڪري تي نٿا لکي سگھون، باقي انهيءَ کي آهستي آهستي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين.
هن وقت ان جي هڪڙي پاسي کي سمجھڻ جي لاءِ انهيءَ کي ٽن مرحلن ۾ ورهائڻ گھرجي.
(1) يورپ جي انقلاب ۽ ان جي حڪمت کي سمجھڻ: يورپ گذريل ٻه سئو سالن ۾ فلسفي ۽ سائنس ۾ اهڙي ته ترقي ڪري ورتي آهي جنهن سان ڪنهن ملڪ يا وطن جو متاثر نه ٿيڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. خاص طور تي اسان جو وطن جيڪو پهرين درجي ۾ يورپي بادشاهت جو فرمانبردار رهيو آهي، سو انهيءَ تحريڪ ۾ سڃاڻپ به حاصل ڪري چڪو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته اهو ڪنهن هندستاني يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ، جيڪو معاشيات جو مطالعو به ڪري چڪو هجي، هن انقلاب جي حقيقت کي سولائيءَ سان سمجھي سگھي. باقي ايترو سو ضرور آهي ته ان جي لاءِ انگريزي جو ڄاڻڻ ضروري آهي.
اسان ترقي يافته هندستاني يعني اردو کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ انهيءَ سان گڏ انگريزيءَ جو به ضميمو لڳائي ڇڏيو آهي. اسان انگريزيءَ جي ضرورت انهيءَ لاءِ محسوس ڪريون ٿا ته اها هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي.
جيتري حد تائين اردو پنهنجي بين الاقوامي حيثيت مڃرائيندي ويندي، ايتري حد تائين انگريزيءَ کان بي نيازي ٿيندي ويندي.
انهيءَ موضوع تي اسان جو تفصيلي پروگرام ڪنهن ٻئي موقعي تي ٻڌندا.
(2) قرآن ڪريم جيڪو بين الاقوامي انقلاب جو پروگرام جوڙيو آهي، تنهن کي شاهه ولي الله ؓ جي فلسفي ۽ حڪمت جي روشنيءَ ۾ سمجھڻ: انهيءَ جي لاءِ حجة الله البالغه، ازالة الخفاء، البدور البازغه وغيره ڪتاب پڙهڻ ضروري آهن.
جيڪڏهن ديوبند جو فارغ التحصيل شاهه ولي الله جي ڪتابن پڙهڻ لاءِ مستقل وقت خرچ ڪري ته تمام ئي ٿورڙي وقت ۾ انهيءَ مرحلي مان آسانيءَ سان پار پئجي سگھي ٿو.
جيڪڏهن هڪ گريجوئيٽ ۽ هڪ فاضل گڏجي مطالعو ڪن ۽ پورپ جي انقلاب ۽ شاهه ولي الله جي انقلابي نظرين کي مقرر ڪري لاديني انقلاب جي نقصانن ۽ سببن تي غور ڪن ۽ انهن ٻنهي جي هڪجهڙائين ۽ اختلافن کي سمجھي وٺن ته انهيءَ مطالعي جي تڪميل ٿي ويندي.
(3) ان کان پوءِ قرآن ڪريم جو مطالعو انقلابي نقطي نظر کان جاري رکڻ ۽ نيڪ ڪمن جو حڪم ۽ برائيءَ کان روڪڻ واري ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي لاءِ مدني دؤر ۽ ان جي گڏيل نموني کي، جيڪو موطا امام مالڪ ؓ ۾ سهيڙيل آهي، ڪافي سمجھڻ ۽ انهيءَ فن جي تڪميل ۽ ان جي امامت کي شاهه ولي الله جي ذات ۾ لاڳاپيل مڃڻ: جامعه مليه ۾ اها صلاحيت آهي ته هوءَ انهيءَ تحريڪ جو علمي مرڪز بڻجي وڃي. هڪ اهڙي شاگرد کي، جيڪو علمي تحقيق جو عاشق هجي، ضروري مدد ڏئي سگھي. انهيءَ جي اندر جدت پسند استادن جو وڏو تعداد موجود آهي. يورپ جي عالمن سان ملڻ کان پوءِ شاهه ولي الله جي فلسفي جي حقيقت اسان تي ظاهر ٿي آهي. انهيءَ جي بنياد تي وطنيت ۽ دينن جي جھڳڙي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪڙو نئون تجربو ڪرڻ گھرون ٿا. انهن شاگردن جي ضرورتن لاءِ جنهن مختصر انداز ۾ پئسا جامعه کي گھربل آهن، ڇا ايتري وڏي ڪم لاءِ ملڪ جي سمجهدار طبقو ڪيٻائيندو. ”فَاِنْ تَوَلَّوْا فَقُلْ حَسْبِيَ اللہُ۝۰ۤۡۖ لَآ اِلٰہَ اِلَّا ھُوَ۝۰ۭ عَلَيْہِ تَوَكَّلْتُ وَھُوَرَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيْمِ“
افسوس آهي جو 1940ع جي آخر تائين ملڪ جي سمجھ ڀرئي ۽ مالدار طبقي بيت الحڪمت جي شاگردن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. انهيءَ ڪري رڳو مالي حيثيت رکندڙ شاگردن جي هڪ ننڍڙي جماعت کان سواءِ ڪيترائي ذوق رکندڙ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ جي تقريرن کان محروم رهندا. اسان کي اميد آهي ته بيت الحڪمت ۾ جيڪي ليڪچر ڏنا ويندا، سي وقفي وقفي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيندا رهندا ته جيئن هندستان جا رهاڪو اسلام جي تاريخي ۽ هندستاني اهميت کي سمجھي سگھن ۽ اسلام ۽ هندستاني فلسفي جي هندستاني رهڻي ڪهڻي ۾ صحيح جاءِ بيهاري سگھن.
ڪتاب گھر، الٰه آباد جي فرمائش تي اسان اهو طئي ڪيو ته ”اسلام جي حقيقي ۽ بنيادي جوڙ جڪ“ جي باري ۾ ٽي ڪتاب جلد کان جلد ڇاپيا وڃن ته جيئن جيڪي ماڻهو اسلام ۽ اسلام جي بانيءَ جي باري ۾ صحيح تاريخي معلومات حاصل ڪرڻ گھرن ٿا، سي چڱيءَ طرح انهن ڪتابن جي ذريعي حاصل ڪري سگھن.
(1) اسلام جو پس منظر: يعني اسلام کان اڳ وارا مذهب ۽ وهم گمان.
(2) قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب: هيءُ اهو بنيادي ڪتاب آهي جنهن جي ذريعي سان قرآن پاڪ جو صحيح تاريخي مطالعو قرآن جي تفسير ۽ ان کي بابن ۾ ورهائڻ کانسواءِ ڪري سگھجي ٿو.
(3) سيرت محمد عربيﷺ: هن سيرت جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن جا بنياد قرآن ڪريم تي بيهاريل آهن. سيرت جي سلسلي ۾ سمورو قرآن اهڙيءَ ترتيب سان بيان ڪيو ويو آهي جنهن ترتيب سان اهو پاڻ ڪريم ﷺ جي عملي زندگيءَ ۾ اهو نازل ٿيو آهي ۽ ان جي ضرورت ٿي. اهڙي طرح هن سيرت جي مطالعي سان نه رڳو اسلام جو ٻين مذهبن سان تقابلي مطالعو ڪري سگھجي ٿو، پر اسلام جي اخلاقيات ۽ سياست جو آهستي آهستي ٿيند سڌارو ذهن ۾ اچي وڃي ٿو.
سڀ کان اڳ قرآن پاڪ جي نزول جي ترتيب شايع ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت ۽ آخر ۾ اسلام جو پس منظر شايع ٿيندو. آخر ۾ ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب ڪافي ٿلها ۽ دلچسپ آهن.

محمد اجمل خان
(ڪلڪته ڊسمبر 1940ع)