آخري ڳالهه
اسلام جي پس منظر جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته دنيا ۾ شروع کان ئي ٻن قسمن جا مذهب ۽ نظريا ۽ ٻن قسمن جا ماڻهو ڏٺا ويا آهن. انهن مان ڪي ماڻهو ته سموري انسانيت جي ڀلائيءَ جو سوچيندڙ هئا ۽ ڪي وري رڳو ننڍڙي جماعت جو ڀلو سوچڻ جي صلاحيت رکندا هئا، پر انهيءَ سان ٻين انسانن کي نقصان ٿيندو هو.
تنهن ڪري اهو دين ۽ فڪري ڳالهيون جيڪي اهي سيکارين ٿا ته سمورا انسان برابر ۽ ڀائر آهن، ۽ جن جو مقصد معاشي برابري، سياسي آزادي ۽ ذهني آزادي وارن قدرن کي انسانن ۾ رائج ڪرڻ آهي، سي سچائيءَ تي آهن ۽ نور هدايت جي واٽ ڏيکارين ٿا.
انهيءَ جي برخلاف جيڪي مذهب ۽ فڪري سوچون تنگ نظري ۽ رڳو هڪ خاص ٽولي جو ئي ڀلو گھرن ٿيون ۽ انسان جي معاشرتي زندگيءَ کي هيٺ مٿانهين واري ورڇ ڪري برابريءَ وارن حقن ۽ ترقيءَ کي روڪين ٿيون سي باطل آهن ۽ اونداهي ۽ گمراهيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
سموري دنيا جي آخرت ۽ دنيا جي ڀلائي جي لاءِ رسول الله ﷺ به اهو ئي محبت وارو پيغام دنيا اڳيان آڻي پيش ڪيو جيڪو انساني تاريخ جي شروع کان ئي هر هادي ۽ مصلح (نبي) پيش ڪندو آيو آهي ته:
(1) هڪڙي الله جا فرمانبردار يعني مسلم ٿي وڃو.
(2) اهو مڃو ته هر چڱي ڪم جو اجر ۽ هر بڇڙي ڪم جي سزا ضرور ملندي پوءِ اها هن دنيا ۾ ملي يا آخرت ۾.
الله تعالى جو فرمانبردار يا ٻانهو ٿي رهڻ جو اهو مطلب آهي ته سمورا انسان پاڻ ۾ برابر آهن. يعني انساني حيثيت ۾ ڪنهن انسان يا قوم کي ٻين انسانن يا قوم تي رنگ، نسل، وطن جي لحاظ کان ڪابه فوقيت حاصل نه آهي. آدم جو اولاد هئڻ جي ڪري پاڻ ۾ ڀائر بڻجي رهو. مال ۽ دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ پنهنجي ڀائرن جي رت ۾ هٿ نه ٻوڙيو. محبت جو مطلب آهي ته محبوب جي ڀلائي سامهون هجي. محبت انهيءَ کي چوندا آهن جنهن ۾ ماءُ پيءُ وانگر اهڙو جوش، جذبو ۽ قربانيءَ جو جذبو پيدا ٿي پوي جو ٻار جي خدمت ۽ پالنا جي مصيبت به راحت سمجھ ۾ اچي.
دنيا جي تاريخ ۾ رڳو رسول عربي، حضرت محمد ﷺ جن کي ئي انهيءَ سلسلي ۾ ڪاميابي ملي سگھي جو رڳو مختلف نبين، ڏاهن، هادين، سڌارڪن ۽ فلسفين وانگر خالي محبت ۽ رحمت جو پيغام ئي نه ڏنائون، پر هڪ اهڙي انقلابي معاشرو جوڙيائون جنهن ۾ اها صلاحيت هئي ته اها نفرت ۽ خود غرضي، جنسي ڇڙواڳي، مال جي حُب، ڏيک ويک ۽ حرص ۽ هٻڇ جو خاتمو ڪري ڇڏي. انهيءَ معاشري پنهنجي انهيءَ مقصد کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مديني ۾ هڪڙي رياست قائم ڪري ورتي جيڪا ڊاڪٽر خليفي عبدالحميد اشتراڪيءَ جي چواڻي هڪ اشتراڪي جمهوريت هئي. پر افسوس جو انهيءَ رياست يا انهيءَ خلافت کي، جيڪا نبوي طريقي تي قائم هئي، انقلاب دشمن قوتن ختم ڪري انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهيت واري حڪومت قائم ڪري ڇڏي جنهن جي شروعات حڪومت جي گادي مديني کان دمشق ڏانهن کڻي وڃڻ سان ٿي.
نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو عظيم الشان ڪم ڪهڙي طرح پورو ڪيو، سو سيرت جي مطالعي مان چڱيءَ پر پروڙي سگھجي ٿو، پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته انهيءَ کي قرآني نزول جي تاريخي ترتيب سان پڙهو. پاڻ ڪريمﷺ جن جي مختلف دؤرن مان گذرندڙ جاکوڙ، سندن تعليم ۽ انهيءَ تعليم جي نتيجي ۾ جيڪا انقلابي جماعت جڙي تنهن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
سيرت جو مطالعو ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ هر وقت رکڻ گھرجي ته رسول الله ﷺ جن جنهن حق تي مبني دين جي تعليم ڏني، انهيءَ جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن ۽ رسمن جي ادائگي ۽ مسجدن جي ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار ڪرڻ نه هو، پر سموري اسلامي دنيا مان مذهب ۽ ملت جي لحاظ کان جهالت، غربت، مسڪيني، خون خرابي، جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي، جوئا بازي، محنت جي استحصال، مذهبن جي وچ ۾ نفرت ۽ جارحيت، فڪر ۽ عمل جي آزادي جي انڪار ۽ فساد ۽ ويڙهه جھيڙي جو خاتمو ڪرڻ هو. پر ٻين مذهبن وانگر ڪن مذهبي قوتن به بادشاهيت واري نظام جي پٺڀرائي ڪري اسلام کي هڪ مذهبي ٽولي جي حيثيت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ختم نبوت موجب اسلام انقلاب جي هڪ بين الاقوامي هلچل هئي. ان جي اندر معاشري جي اهڙي تبديليءَ جو مقصد اهو هو ته هر ماڻهو پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کان مطمئن ٿي، پنهنجو توجهه ۽ تعلق الله تعالى سان قائم رکڻ جي لائق ٿي وڃي. ڇو ته هن زندگيءَ جو مقصد ۽ واڌاري جو مقصد انا لله و انا اليه راجعون جي مطابق الله تعالى جو خوف پنهنجي دل ۾ پيدا ڪرڻ آهي.
رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۽ مڪي ۾ حج اڪبر جي موقعي تي لڳندڙ بازارن (سوق عڪاظ ۾ مختلف ملڪن کان اچڻ وارن واپاري قافلن جي ماڻهن سان ملاقاتن دوران انهن جي مذهبن ۽ فڪرن جي باري ۾ معلومات الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اهو نتيجو ڪڍي ورتو هو ته تاريخ جي شروع کان علم ۽ دولت هڪ ننڍڙي طبقي ۾ محدود ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري انهيءَ ننڍڙي مالدار ۽ غلام ساز طبقي کانسواءِ انسانن جي گھڻائي غلام بڻجي چڪي آهي ۽ اهي غلام ۽ پٺتي پيل انسان معاشي بدحالي، جهالت، غربت ۽ محڪومي ۾ ڦاسي پيا آهن.
اهڙي طرح مالدارن ۽ پروهتن يعني مذهبي پيشوائن جي ور چڙهيل طبقو نه رڳو پاڻ ئي خود غرضي ۽ هٻڇ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو، پر جاهل ۽ غريب مظلومن جي سوچ ۽ فڪر کي به اپاهج ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهي سڀئي شيطاني طريقن سان زنده رهڻ جا منصوبا تيار ڪرڻ لڳندا آهن. اهڙي طرح پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، جنگ ۽ غربت جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. انساني تاريخ انهيءَ ئي طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خون خرابي، بغاوت ۽ رتوڇاڻ سان رتو رت ٿي وئي آهي.
دنيا کي خوف (جنگ ۽ ويڙهه جھيڙي) کان امن ڏانهن، بک کان معاشي خوشحالي ڏانهن، جهالت جي تاريڪي کان علم ۽ عقل جي روشني يا ايمان ڏانهن وٺي وڃڻ ڪو آسان ڪم نه هو. انهيءَ انقلابي ڪوشش ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن ٽيويهه سال کپائي ڇڏيا. وک وک تي مذهبي پيشوائن جي هٿ يرغمال بڻيل جماعتن رڪاوٽون وڌيون ۽ تشدد ڪيو. ايتري تائين جو کين قتل ڪرڻ جون سازشون به ڪيون. مٿن ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ پنهنجي لوفر ڇورن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندن پويان لڳائي ڇڏيو.
انهيءَ سلسلي ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته سيرت نبوي کي طبقاتي معاشري کان توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ واري هڪ انقلاب پسند داعي الي الله جي حيثيت سان مطالعو ڪيو وڃي ته جيئن اها خبر پئجي سگھي ته قرآني يا آسماني انقلاب ڪهڙين ڏکين منزلن مان لنگھيو هو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪهڙي طرح انسانذات کي جهالت ۽ ڏتڙيل حالت مان ڪڍي علم ۽ خوشحالي جي سڌي واٽ تي وٺي آيا هئا ۽ نفرتن جي ٻاٽ اونداهيءَ کي محبت ۽ رحمت جي چانڊوڪيءَ سان روشن ڪري ڇڏيو هو.
جيڪڏهن سيرت پاڪ جو انهيءَ انقلابي نظر سان مطالعو ڪيو وڃي ته هر دؤر جو مسلمان پنهنجي دؤر جي معاشري کي توحيدي معاشرو بڻائڻ ۾ روشني حاصل ڪري سگھندو. پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته مسلمان اسلام جي انقلابي ۽ عالمگير ڪردار کي سامهون رکي ۽ سمجھي وڃي ته معاشري کي بدلائڻ لاءِ جاکوڙ انفرادي عبادت کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته الله تعالى پاڻ به سورت مزمل ۾ رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي عبادت جي وقتن کي گھٽ ڪرڻ جي تاڪيد فرمائي آهي ته جيئن معاشري کي تبديليءَ جي تڪليف ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي سگھن.
اهو ياد رهي ته مذهبي ٺيڪيدارن وٽ يرغمال بڻيل جماعتن ۽ تبديلي ۽ انقلاب جي دشمن قوتن کي قائم رکندي، معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿي آڻي سگھجي. انهن جي موجودگيءَ ۾ اسلام جي جياپي ۽ شريعت جي نفاذ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون رهنديون.
انهيءَ دؤر جون قرآني سورتون هي آهن:
(1) سورت علق جون پهريون پنج آيتون: جسماني بک ۽ غلامي، روحاني خوف ۽ مذهبي ٺيڪيدارن کان آزاديءَ جو پروگرام بڻجي چڪو هو. آزاد ۽ غلام، عورت ۽ مرد سڀئي رسول الله ﷺ جي تصديق ڪري رهيا هئا ۽ جهانن جي پالڻهار ۽ خلقڻهار جي ٻانهپ جون ڳجھي تياري جاري هئي.
(2) والضحى: پڪ سان توهان جي ڳالهه ئي آخرڪار مٿانهين ٿيندي. جهڙي طرح يتيميءَ جي حالت ۾ توکي پناهه ملي ۽ حق جي ڳولا ۾ تڙپ کان پوءِ توکي هدايت ملي، غربت کان پوءِ توهان کي شاهوڪاري ملي، اهڙي طرح ايندڙ زمانو پوئين زماني کان ڀلو هوندو.
(3) الم نشرح: انهيءَ زماني ۾ الله تعالى جي طرف کان سندن دل کي سگھه ڏني پئي وئي. چيو ويندو هو ته توهان جو سينو کوليو ويو آهي. ڏک کان پوءِ سک جو اچڻ لازمي آهي.
(4) الفلق: فلق جو پالڻهار توکي حاسدن ۽ جادوگرن کان پناهه ۾ رکندو.
(5) الفيل: توسان حسد يا ساڙ ڪندڙ جادوگر اصحاب فيل (هاٿين وارن) وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
(6) القدر: انهن حسد ڪندڙن ۽ جادوگرن جو مقابلو تون انهيءَ اسلامي تعليم سان ڪري سگھندين جيڪو الروح يا قرآن آهي. انهيءَ سان گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن ۽ سلامتي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ سموري خدائي ڪلام کي پاڻ ﷺ جن کُليءَ طرح اسلام جي دعوت واري زماني ۾ ماڻهن کي ٻڌايو.
هاڻي اسلامي انقلاب جي مڪي ۽ مدني دؤرن تي روشني وڌي وڃي ٿي. انهن دؤرن جو هر هر مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قرآني فڪر جي نوعيت ۽ انهيءَ بنياد تي معاشري جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ واري جاکوڙ کي سمجھي سگھجي.
اسلامي انقلاب جي پهرين منزل
ڳجهي دعوت:
جيئن ته ٻڌايو ويو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مختلف قومن ۾ واپاري سفر ڪرڻ کانپوءِ الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اهو محسوس ڪري ورتو هو ته تاريخ جي شروعات کان وٺي دنيا ۾ ٻه ٽولا موجود رهيا آهن. انهن مان هڪڙو اهو آهي جيڪو خدائي حڪمن تي عمل ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي خدا بڻائي”مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ“ شيطان جو ٻانهو بڻجي وڃي ٿو. اڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ انهن ٽولن يا طبقن کي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارو طبقو، جيڪو تعداد ۾ سموري انساني آباديءَ جي لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو رهيو آهي، ۽ غلام بڻائيندڙ آقا، پوءِ جاگيردار ۽ ان کان پوءِ صنعت ڪار جي شڪل ۾ موجود رهيو آهي. جڏهن ته ٻيو انهن پيداواري وسيلن (زمين، ڪارخانن، کاڻين، گيس ۽ پيٽرول جي ذخيرن، ٻيلن وغيره) کان محروم رهيو آهي جنهن جو تعداد نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. انهن طبقن ۾ هڪ پاسي دولت جي جھجھائي ۽ ٻئي پاسي غربت ۽ ڏتڙيل حالت هجڻ جي ڪري نبين جي انقلابي تعليم کان نفرت ڪرڻ وارا ماڻهو به ملندا رهيا آهن.
ڊاڪٽر علي شريعتي تفصيل سان ٻڌايو آهي ته قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي قتل ڪرڻ کان پوءِ تاريخ کي ٽن شڪلن ۾ وري وري اڀاريندو رهيو آهي ۽ اڄ به اڀري رهيو آهي. يعني حڪمران طبقو (فرعون)، مالدار يا سرمائيدار طبقو (قارون) ۽ مذهبي پيشوا طبقو (بلعم باعور يا هامان) جي شڪل ۾. معاشري ۾ سمورن اخلاقي قدرن جي تباهيءَ جو سبب اها ئي طبقاتي ورڇ آهي.
اسان جي دؤر ۾ سوشلسٽ معيشت جي پٺڀرائي ڪرڻ وارن، مذهب جو انهيءَ ڪري انڪار ڪيو جو سمورن مذهبن جي تاريخ ۾ مذهبي پيشوائن پاڻ وٽ يرغمال بڻايل جماعتن جي مفادن کي ديني نقطي نظر کان تحفظ ڏئي ڇڏيو آهي.
انهيءَ ڪري انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ لاءِ جڏهن پاڻ ﷺ جن کي الله تعالى ايمان ۽ يقين جي واٽ تي آڻي ڇڏيو ۽ نصب العين ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ انقلابي طريقي کي چٽو ڪري ڇڏيو ته ڳجھيءَ طرح سان پنهنجي ڪن خاص دوستن کي ڪم ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن دنيا کي الله جو ٻانهو بڻايو وڃي ۽ شيطان پرستي يعني خود پرستي ۽ نفرتن کان بچايو وڃي. انهيءَ دؤر ۾ فڪر ۽ عمل جو بنياد انهيءَ عقيدي تي رکيو ويو ته هن دنيا ۽ انسانن، ٻنهي جو خلقڻهار هڪ الله ئي آهي. هر چڱي ڪم تي اجر ۽ هر بڇڙي ڪم تي سزا نه رڳو هن دنيا ۾ ملندي، پر جيڪڏهن هتي نه ملي سگھي ته مرڻ کان پوءِ آخرت واري زندگيءَ ۾ ضرور ملندي. سورت علق جي پهرين پنجن آيتن ۾، جيڪي حرا واري غار ۾ نازل ٿيون ڪائناتي، شهري ۽ نفسياتي ڳالهين کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ٽن سالن جو وقت لڳي ويو ۽ رڳو ڪي ٿورڙن ماڻهن ايمان آندو جن ۾ غلام ۽ آزاد ٻنهي قسمن جا ماڻهو شامل هئا.
انهيءَ مدت ۾ نازل ٿيڻ وارين سورتن ۾ ڳالهه ٻولهه جو رخ رسول الله ﷺ جن جي ذات پاڪ سان هو ته جيئن انقلاب جي اهميت، انهيءَ کي حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ انقلاب جي ڪاميابي ۾ الله تعالى جي غيبي مدد تي روشني وجھي سگھجي.
اسلامي انقلاب جي ٻين منزل
اعلانيه دعوت:
ٽن سالن جي ڳجھي تبليغ کانپوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڊيڄاريندڙ ۽ پاڪ ڪندڙ جي حيثيت سان اعلانيه تبليغ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ اعلانيه دعوت واري دؤر ۾ رسول الله ﷺ جي حيثيت گناهن ۽ الله تعالى جي نافرمانين جي نتيجن کان ڊيڄارڻ واري ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن کي پاڪ رهڻ جي ڪري الله تعالى وٽان ملندڙ اجر جي خوشخبري ڏيڻ واري رهنما جي هئي. انهيءَ دؤر ۾ پاڻ ﷺ جن قريشن کي سمجھايو ته جن قومن ۾ پروهتن (مذهبي ٺيڪيدارن)، بادشاهن ۽ سردارن، غلام ۽ مزدور جي محنت جي استحصال سان گڏ ڪيل دولت کي پنهنجي لاءِ خاص ڪري ڇڏيو، سي تباهه ٿي ويون. جيڪڏهن قريشن به انهيءَ ئي طريقي تي پنهنجي قوم کي رکيو ته اهي به تباهه ٿي ويندا.
انهيءَ صورتحال جو علاج ڪرڻ لاءِ توحيد ۽ عملن جي جزا ۽ سزا لاءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ جو تصور ڏنو ويو. قريشن کي چيو ويو ته پنهنجي معبودن جي پيدا ڪيل ڪا شيءِ ڏيکارين ۽ جيڪڏهن ظالم کي ان جي ظلم جي سزاهن دنيا ۾ پوريءَ طرح نه ملي ته اهو ظلم ٿيندو. پر الله تعالى جيئن ته ظالم نه آهي، انهيءَ ڪري آخرت واري زندگيءَ ۾ انهيءَ سزا جو پورائو ڪيو ويندو. انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته ڀوپن ۽ جادوگرن جي ٺڳين کان ماڻهن کي ڪڍي انساني عقل کي انهن شيطانن کان ڇوٽڪارو ڏيارجي.
پهريان ته قريشن اهو سمجھو ته رسول الله ﷺ جن به ٻين وانگر ڪي ڀوپا يا جادوگر آهن جنهن پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ اهو ڍنگ رچايو آهي. پر پوءِ جڏهن انهن ڏٺو ته مظلوم طبقن جا ماڻهو جھجھائيءَ سان ۽ عام آزاد شهري گھٽ تعداد ۾ رسول الله ﷺ جي تعليم کان متاثر ٿي انهن جي ڀرپاسي گڏ ٿي رهيا آهن، ته انهن پاڻ ڪريم ﷺ جي مخالفت شروع ڪري ڏني. پاڻ ﷺ کي ڪوڙو سڏيو ۽ مٿن ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون.
(1) انهن چيو ته انهن کي عملن واري جزا جي ڪابه پرواهه نه آهي، تنهن ڪري نه ته مرڻ کان پوءِ ڪا زندگي آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو خدا موجود آهي، جيڪو اسان جي ظلم ۽ عيش عشرت تي اسان کي ڪا سزا ڏئي سگھي. جيڪڏهن اهڙو ڪو خدا هوندو به ته اهو اسان جي ديوين لات ۽ عزى جو پيءُ آهي ۽ اهي ديويون پنهنجي پيءُ وٽ سفارش ڪري اسان کي بچائي وٺنديون.
(2) انهن چيو ته اسان اڄ تائين اهڙي ڳالهه نه ٻڌي آهي ته الله تعالى به ڪنهن سان ڳالهائي ٿو. باقي اسان جي شاعرن ۽ جادوگرن سان شيطان ۽ جن ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. انهن جا جواب وحيءَ جي ذريعي دليلن سان ڏنا ويا سي مختصر طور هن طرح آهن:
أ. هيءُ قرآن قول فيصل آهي، هزل نه آهي. (الطارق) جهڙي طرح موسى جي تختين ۾ لکيل توريت جي تعليم هئي، اهڙي ئي تعليم قرآن ۾ پڻ موجود آهي. (البروج) اهو ڪلام پراڻن قومن جا قصا نه آهن پر ذڪر ۽ نصيحت آهي ۽ انهيءَ ۾ اهڙا دليل آهن جن سان الله تعالى جي هستي ۽ قيامت جو ثبوت ملي ٿو. اهو ڪو جادو نه پر هڪ نصيحت آهي (القلم) اهو خدائي ڪلام آهي جيڪو هڪ امانتدار ملائڪ وٺي اچي ٿو. شيطان يا جن جو ڪلام نه آهي. (التڪوير) ۾ ڀوپن يا شاعرن وانگر هن تعليم جو ڪوبه معاوضو ڪونه ٿو وٺان. (الذاريات)
انهيءَ دؤر ۾ خدائي وحي جي ذريعي جيترو ڪلام نازل ٿيو سو الله تعالى جي ثبوت ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ چڱن بڇڙن عملن جي جزا ۽ سزا ملڻ تي روشني وجھي ٿو. جيڪڏهن انهن دليلن تي اونهائيءَ سان ڏٺووڃي ته اهو مڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي ته اها قريشن جي هٺ ڌرمي هئي جو هو انهيءَ خدائي ڪلام جو انڪار ڪندا هئا.
ب. قرآن قريش جي شاعرن، جادوگرن ۽ ڀوپن کي للڪاريو ته هن ڪلام جهڙو ڪلام ٺاهي پيش ڪن. رسول الله ﷺ جن فرمايو ته هن ڪلام جو الله تعالى جي طرف کان هئڻ جو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن مان ڪوڙ هڻان ته الله تعالى مون کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هيءَ وحي انهيءَ خدائي وحيءَ وانگر آهي جيڪا سمورن رسولن تي نازل ٿيندي رهي آهي. انهيءَ للڪار جي شروعات سورت الحاقه سان ٿئي ٿي. رسول الله ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پاڻ نه مڃيندڙن کان منهن موڙين.
بهرحال جيڪي ماڻهو دولتمند ۽ اولي نعمة آهن اهي نه ته مسڪينن کي کاڌو کارائن ٿا ۽ نه ئي اهو اهو مڃن ٿا ته الله تعالى موجود آهي جيڪو انهن کي سندن عملن جو بدلو ڏيندو. جيئن ته قريشن تشدد ۽ ٺٺوليون ڪرڻ ۾ حد کان لنگهي ويا هئا، انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن الله تعالى جي حڪم سان انهن کان منهن موڙي پنهنجي ڪلام جو رخ عيسائين ڏانهن ڪري ڇڏيو.
اسلامي انقلاب جي ٽين منزل
رحمان پرستن سان دوستي:
مشرڪن رسول الله ﷺ جن تي ايمان آڻيندڙ مؤمنن تي تشدد ڪرڻ ۾ حد کان لنگھي ويا هئا. پر مؤمنن کي پڪ هئي ته ظلم ۽ نفرت جو آخري نتيجو بڇڙو ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن ظالم دنيا ۾ انهيءَ نتيجي کان کڻي بچي به وڃي ته به مرڻ کان پوءِ الله تعالى کيس سزا ضرور ڏيندو.
انهيءَ زماني ۾ رسول الله ﷺ جن کي قرآن ڪريم المبشر جو لقب ڏنو. ان سان گڏوگڏ رسول الله ﷺجن عيسائين ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته اسان به رحمان کي مڃون ٿا ۽ انهيءَ جا ٻانها آهيون. رحمان الله تعالى جو نالو آهي ۽ اسان به عيسى ؑ کي الله تعالى جو ڪلمو مڃون ٿا ته کين الله تعالى جو ٻانهو سمجھون ٿا پر کيس الله تعالى جو پٽ نٿا مڃون. الله تعالى هر شيءِ تي وسوارو آهي، انهيءَ ڪري هو انهيءَ ڳالهه تي به وسوارو آهي ته بنا پيءُ جي پٽ پيدا ڪري، جيئن هن ڪراڙي ۽ سنڍ پيءُ ماءُ جي گھر ۾ يحيى کي پيدا ڪيو (سورت مريم). اهو ساڳيو ئي بحث مديني ۾ نجران جي عيسائين جي وفد سان به ٿيو هو. ايمان آڻڻ وارن حبشه ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪئي. انهيءَ دور ۾ هيٺيون ڳالهيون بحث هيٺ آيون:
أ. شفاعت ۽ ڪفارو: ڪافر گھرن پيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ديوين جي شفاعت کي مڃن. پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ انهن جي باري ۾ ڪجھه نرمي رکن پيا. پر پاڻ نه رڳو قريشن، پر عيسائين کي به چئي ڇڏيو ته ظالم جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول سڀني جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو. شفاعت ۽ ڪفارو ڪابه معنى نٿو رکي.
ب. الله تعالى جي وجود جون نشانيون (آيتون): ڪافر چوڻ لڳا ته الله تعالى جي موجودگي جو ڪهڙو ثبوت آهي. قرآن انهن کي چيو ته ڇا الله نه ته توهان جون ديويون خلقيندڙ آهن؟ (العلق) ڇا پکين کي اڏامڻ جي طاقت الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڏئي ٿو؟ (الملڪ) هر هڪ مخلوق ان جي نشاني (آيت) آهي ته ڪائنات جي اندر هڪ خالق آهي (يٰسين، رعد، الشعراء) ڇا انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته هر عمل جي جزا يا سزا ملندي، ڪنهن ٻئي دليل جي ضرورت آهي. پڪ سان جيڪڏهن توهان نه مڃيندؤ ته توهان تي الله تعالى جو عذاب ايندو (الدخان). مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ برحق آهي (الحجر). جانورن کي ڏسو، ٻيڙين تي نظر وجھو، اهي سڀئي الله تعالى جي خالق هجڻ جا اهڃاڻ آهن.
ت. ڪافرن جو عذاب گھرڻ: ڪافرن مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ الله تعالى جي قيامت جي ڏينهن جو مالڪ هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان تي الله تعالى جي طرف کان ڀلي ته پٿر وسراءِ. قرآن انهن کي چيو ته جڏهن وقت آيو ته توهان تي عذاب به اچي ئي ويندو. (الحجر) ۽ بد اعماليءَ جو ضرورت مزو چکندؤ (الڪهف). مالدر ماڻهو ئي آخرت جي عذاب کي نٿا مڃن، ڇو جو اهي ظالم آهن. تنهن ڪري اهي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا ئي انڪاري آهن. ياد رکو ته الله تعالى عدل ڪرڻ وارو آهي تنهن ڪري هو هر شيءِ جو بدلو ڏيندو. انهيءَ جي لاءِ ڪنهن دليل (معجزي) جي ضرورت نه آهي. (الانبياء)
ث. قرآن جي تعليم خدائي تعليم آهي: رسول الله ﷺ جن فرمايو ته مان چوان ٿو ته ظلم نه ڪريو، اڃا به بڇڙائيءَ جو بدلو نيڪيءَ سان ڏيو. ڇا هيءُ جنن ۽ شيطانن جو ڪلام آهي؟ (المؤمنون) هيءُ ڪلام هڪ ملائڪ جي ذريعي سان مون کي ملي ٿو. شاعرن وانگر اهو شيطاني ڪلام نه آهي. اهو خدائي ڪلام آهي ۽ ظالمن کي ظلم کان ڊيڄاري ٿو. اهو ڪم شاعر نه ڪندا آهن. (الشعراء) اهو ڪلام صاف ۽ آسان (عربي) ٻوليءَ ۾ آهي. ڀوپن واريون ڪي منجھيل ڳالهيون نه آهن. اهو آڳاٽن رسولن تي موڪليل وحي وانگر ئي آهي (الشورى، الانبياء) جيڪڏهن توهان جي ڀوپن ۽ شاعرن وٽ نيڪي ۽ محبت ڏانهن وٺي وڃڻ وارو ڪلام آهي ته اهو کڻي اچو (اها للڪار الاحقاف ۾ آهي: اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَۃٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ) اها تعليم عيسائين جي لاءِ ڪتاب يا انجيل واري آهي (الڪهف). ياد رکو ته الله تعالى ڪنهن انسان سان ناهي ڳالهائيندو يعني هيءُ الله جو ڪلام برزبان الله ناهي. باقي الله تعالى وحي جي ذريعي دل ۾ هڪ علم ۽ جز پيدا ڪندو آهي. اهو هڪ ڪلام آهي جيڪو پردي پويان (من وراءِ الحجاب) ايندو آهي. يعني قرآن ”ڪلام من عندالله“ آهي. اهو خدائي الهام آهي خدا جو ڪلام نه آهي. (الشورى). اهو حق ۽ سچ آهي، جادو نه آهي. انهيءَ جي تعليم اها آهي ته ظلم کي ڇڏي ڏيو (السباء) الله تعالى جنهن تي گھري پنهنجو ڪلام (روح) نازل ڪري ڇڏي (المؤمن) اهو قرآن ٽيڏو ڦڏو ڪلام نه آهي. انهيءَ ۾ اڳين نبين جي تعليم کي هر هر ورجايو ويو آهي ۽ انهن سان هڪجهڙائي (مشابه) رکي ٿو (الزمر: كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ). مطلب اهو ته 7 نبوي تائين قريش ظلمن ۾ حد کان لنگھي ويا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان بائيڪاٽ ڪيائون. پاڻ شعب ابي طالب ۾ 10 نبوي تائين قيد رهيا.
اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل
بائيڪاٽ ۽ يهودين ڏانهن ڌيان:
رسول الله ﷺ جن جي مٿان هيءَ منزل تمام ئي سخت هئي. بهرحال، اسوه ابراهيمي ۽ يوسفي، يعني قتل ۽ قيد جي منزلن مان به پار پوڻو هو. ان کانسواءِ موسوي طريقي تي هلندي هجرت ۽ جهاد جي واٽ به وٺڻي هئي. انهيءَ دؤر جون مصيبتون ڄڻ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کي سبق ڏئي رهيون هيون ته بنا سهاري ۽ آسري جي به حضرت يوسف وانگر اهو چوڻ گھرجي ته صبر ۽ ثابت قدمي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي ۽ ڪافر ڀلي مڃن توڙي نه مڃن، اها ڳالهه پڪي آهي ته الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪوبه فيصلو ڪرڻ وارو (حاڪم) نه آهي. اهو ئي قيامت جي ڏينهن ظالمن کي سزا ڏيندو.
اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ ﴿يوسف: 40﴾
لَآ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ۰ۭ لَہُ الْحَمْدُ فِي الْاُوْلٰى وَالْاٰخِرَۃِ۰ۡوَلَہُ الْحُكْمُ وَاِلَيْہِ تُرْجَعُوْنَ
﴿القصص: 70﴾
اسلامي انقلاب جي پنجين منزل
مختلف قبيلن ۾ خدائي قانون (دين) جي تبليغ:
هاڻي 10 نبوي جو اهو زمانو اچي ويو هو ته جيتوڻيڪ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي شعب ابي طالب مان آزادي ملي وئي هئي، پر ابوطالب جي وفات کانپوءِ کين ڪوبه خانداني سهارو نه رهيو هو. تنهن ڪري پاڻ مختلف قبيلن ۾ انهيءَ الهامي قانون جي تبليغ شرو ع ڪري ڏنائون ته ”حڪم“ يعني بادشاهت رڳو الله تعالى جي آهي. ڪوبه انسان جيڪڏهن هن دنيا ۾ خدائي قانون جي خلاف ڪنهن تي ظلم ڪندو ته الله تعالى، جيڪو سمورن انسانن جو مالڪ ۽ خالق آهي، سو قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو. تنهن ڪري شيطان کان بچو (الاعراف). انهيءَ زماني ۾ رسول الله ﷺ جن مختلف قبيلن کي چيو ته:
أ. بني اسرائيل: کي چيو ته توريت به خدائي قانون آهي ۽ ٻڌايو ته شيطان جي ڪوڙڪي ۾ اچي ظلم ڪرڻ جو نتيجو بڇڙو هوندو آهي. هن ۾ بني اسماعيل جي امي نبيءَ جو ذڪر آهي، جيڪو نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندو. تنهن ڪري اچو ته اسان سڀئي هڪ ٿي وڃون ته اهڙيءَ طرح توهان غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻيندؤ. (الاعراف). توريت تي عمل ڪرڻ وارا سٺا ماڻهو آهن (الفاطر) اي بني اسرائيلو، جيڪڏهن توهان قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ها ته پوءِ ظلم نه ڪريو ها ۽ غلاميءَ واري زندگيءَ ۾ ٽي دفعا خوار نه ٿيو ها. مون کي وحيءَ جي ذريعي خبر پئي آهي ته جيڪڏهن بني اسرائيل الله تعالى سان بغاوت ڇڏي ڏين ۽ مسلمانن سان هڪ ٿي وڃن ته انهن جي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي سٺي ٿيندي. مڪي کان يروشلم تائين الله تعالى جو قانون (دين) نافذ ٿي ويندو (سورت اسراء).
ب. مجوسي: مجوسين کي چيو ويو ته ٻن خدائن جي پوڄا نه ڪريو ۽ نه سج ۽ چنڊ کي سجدو ڪريو. (السجده) انداهي ۽ سوجهرو الله تعالى جا ئي پيدا ڪيل آهن، اهي خدا نٿا ٿي سگھن (الانعام).
ت. طائف جي مشرڪن جو پاڻ ﷺ جي دعوت قبولڻ کان انڪار ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ مطالبو: معجزا ڏيکارڻ الله تعالى جي ئي اختيار ۾ آهن. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ته الله تعالى موجود آهي، اهو آهي ته جڏهن مشرڪ ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا آهن تڏهن اهي الله تعالى کي ئي سڏيندا آهن (العنڪبوت). مان به هڪ انسان آهيان، انهيءَ ڪري معجزو نٿو ڏيکاري سگھان. اهو ڪم رڳو الله تعالى جو ئي آهي. ڀلا انهيءَ ڳالهه ۾ معجزي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان ته چوان ٿو ته دشمن سان به ڀلائي ڪريو ته هو توهان جو دوست بڻجي ويندو (السجده). ڳجھه جون ڳالهيون رڳو الله تعالى ئي ڄاڻي ٿو. ايتري تائين جو اهي جِنَ جيڪي توهان جي شاعرن وغيره کي ڳجهه جون ڳالهيون ٻڌائڻ جا پابند آهن، سي پڻ انهيءَ ڳالهه جا قائل آهن ته اهي ڳجھه نٿا ڄاڻن. ڳجھه جي ڄاڻ رڳو الله تعالى وٽ ئي آهي (الجن). پوءِ الله تعالى جي موجود هئڻ جي ثبوت لاءِ معجزي جي ڪهڙي ضرورت آهي. ذري ذري مان الله تعالى جي قدرت جون نشانيون ظاهر آهن (الجاثيه). الله تعالى جي قدرت جي ثبوت طور معجزا نه ڏيکاريا ويندا، باقي الله جي وجود جا نشان (آيتون) سموري ڪائنات ۾ پکڙيل آهن. اکيون اَٿوَ ته ڏسو (بني اسرائيل، الجاثيه). مون کي پڪ آهي ته الله تعالى پنهنجي وجود جون نشانيون انڪار ڪندڙن تي ظاهر ڪري ڇڏيندو (النمل). ڏسو الله تعالى جي قدرت جون نشانيون سموري ڪائنات ۾ پکڙيون پيون آهن ۽ هر شيءِ انهيءَ جي قانون تي هلندي، ان جي اڳيان سجدي ۾ آهي ۽ هر شيءِ ان جي مقرر ڪيل قانون ۾ جڪڙيل آهي. (بني اسرائيل). ڏسو، انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هر عمل جي جزا يا سزا ضرور ملندي، انهيءَ لاءِ ڪنهن معجزي جي ضروت نه آهي. مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ پڪي ڳالهه آهي. (يونس) الله تعالى کي انهيءَ ڳالهه جو اختيار آهي ته هو توهان تي عذاب ڪري. مان جيڪڏهن زمين ۾ چُر هڻي گھري وڃان يا آسمان تي چڙهي وڃان تڏهن به توهان لاءِ ڪو معجزو آڻي نٿو سگھان. مان ته رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهيان. مان نه ته ڳجھه جي ڄاڻ رکان ٿو ۽ نه ئي ڪو ملائڪ آهيان، پر هڪ انسان آهيان (الانعام) کليل حقيقت جي لاءِ معجزي جي ضرورت ئي نه آهي.
هي شيطاني ڪلام نه پر رحماني تعليم آهي. (للڪار)
الڪتاب خدائي ڄاڻ کي چيو ويندو آهي (الفاطر). انسان کي علم الله تعالى ڏئي ٿو (العلق). انهيءَ ڳالهه کي جِنَ به مڃن ٿا ته انهن کي ڳجهه جو علم نه آهي، اڃا به الله تعالى ئي ڳجھه جو علم رکندڙ آهي (الجن). اها رحماني تعليم آهي ”روح“ آهي. اها ئي وحي آهي. توهان کي تمام ئي ٿورڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. توهان اها ڳالهه سمجھي نه سگھندؤ ته اهو ڪلام يا روح يا وحي ڪهڙي طرح نازل ٿئي ٿو. بهرحال، وري به توهان کي للڪاريو وڃي ٿو ته توهان جا شيطان ڀلي توهان جي ڪيتري به مدد ڪن، اسان جي نازل ڪيل نيڪ عملي، انصاف ۽ محبت واري تعليم نٿا ٺاهي سگھو. سچا يهودي ۽ عيسائي اها ڳالهه مڃن ٿا ته اها تعليم روح القدس (جبرائيلؑ) جي آندل آهي ۽ رحماني تعليم آهي (بني اسرائيل). جيڪڏهن توهان لاءِ اها ڳالهه ممڪن آهي ته هن جهڙيون ڪي ڏهه سورتون ٺاهي آڻيو (هود). جيڪڏهن اهو به ممڪن نه هجي ته پوءِ توهان هن قسم جي نيڪ عمليءَ جي تعليم ڏيڻ واري هڪ ئي سورت ٺاهي آڻيو (يونس). هيءُ قرآن روح القدس جي ذريعي الله تعالى وٽان آيو آهي. مان يهودين جي هٿ ٺوڪين ڳالهين کي الله تعالى جي وحي واري حڪم سان بدلايان ٿو. جيڪو ڪجھه آڻيا ٿو، سو پاڻ نٿو لکان ۽ نه ئي وري نفساني خواهش سان ائين ڪريان ٿو. الله تعالى جي ٻانهن تي شيطان جو ڪوبه وس نٿو هلي. (النحل).
الله تعاليٰ جنهن لاءِ گھري ان تي وحي نازل ڪري سگھي ٿو:
اهو ضروري نه آهي ته الله تعالى شاهوڪارن تي ئي وحي نازل ڪري. (الزخرف) هر امت ۾ الله تعالى جي واٽ وٺائيندڙ هڪڙو پيغامبر ايندو رهيو آهي (يونس). توهان نٿا ڄاڻو ته پوءِ اهل ذڪر (يهودي ۽ عيسائي وغيره) کان پڇي وٺو (النحل). هيءَ ڪا نئين تعليم نه آهي، پر هيءَ ته الله تعالى جي بندگيءَ ڏانهن سڏيندڙ ابراهيم جي تعليم آهي (الانعام).
مڪي تعليم جو تت
قرآن جي ذريعي پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪا مڪي تعليم ڏني، انهيءَ جو تت اهو آهي ته هن سموري تعليم ۾ انقلابي نظريي وارا جزا ڏنا ويا آهن. مديني ۾ انهيءَ نظريي تي معاشري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي:
أ. رحمت وارو الله: الله اهو آهي جنهن جي ڪوبه سفارش نٿو ڪري سگھي. انهيءَ جي قدرت ۾ ڪوبه شريڪ نه آهي. اهو ظالمن کي سزا ۽ نيڪن کي اجر ڏيندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو. هو سڀني تي ڪرم ڪندڙ آهي، تنهن ڪري ان جي انصاف ۾ رحمت به داخل آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ به رحمت جو قانون جوڙي رکيو آهي. تنهن ڪري هن عدل سان گڏوگڏ رحم ڪرڻ به پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. (کَتَبَ عَلٰی نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ). هو ڪرم ڪندڙ ۽ مالڪ آهي. هو سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿو، پر ظلم نٿو ڪري ”وَمَآ رَبُکَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“. هو رحم ڪندڙ آهي. هو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ڏوهه جي سزا ٻئي ڪنهن کي نٿو ڏئي. تنهن ڪري شفاعت ۽ ڪفارو بي معنى شيءِ آهي. هو سڀني قومن جو پالڻهار آهي ۽ ڪابه قوم هن جي لاڏلي نه آهي. ان جي قدرت جون نشانيون هر جاءِ تي پکڙيل آهن. معجزن جي ڪابه ضرورت نه آهي.
ب. مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ مايوسي: ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کان مڙي وڃو. دنيا جون قومون انهيءَ جي ڪري ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويون. اهو نه سمجھو ته ظلم جي سزا کان بچي ويندؤ. پڪ ڄاڻو ته جهڙي پوک پوکيندؤ، تهڙي ئي لڻندؤ. اها ئي الله تعالى جي سنت آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ توهان بچي به ويؤ ته آخرت ۾ ضرور سزا ڀوڳيندؤ. مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ پڪي ڳالهه آهي. پر جيڪي ماڻهو ظالم آهن سي مايوسيءَ واري دنيا ۾ آهن ۽ ٻيهر پيدا ٿيڻ واري ڳالهه جا انهيءَ ڪري ئي انڪاري آهن. انڪار سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي.
ٻيهر جيئرو ٿيڻ ۽ اميد: نيڪو ڪاري (عدل سان گڏ رحمت) جو نتيجو هن دنيا ۾ خوشحالي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به بهشت آهي. تنهن ڪري محبت ۽ رحمت جي دنيا وسايو ۽ نا اميديءَ کي ڪفر سمجھو. خدا پرستيءَ جو لازمي نتيجو خوشي، زندگي ۽ اميد آهي. گناهه کان پوءِ توبه ڪريو، الله تعالى رحم ڪندڙ آهي، اميد آهي ته معاف ڪري ڇڏيندو. هن وٽ ڪنهن جي به سفارش جي ضرورت نه آهي.
ت. فڪري آزادي: سمورن هادين ۽ نبين جي اها ئي تعليم رهي آهي. يعني اها ئي قرآن واري تعليم. انڪار ڪندڙن جي لاءِ نه رڳو قرآن، پر سمورا حڪم ۽ خدائي ڪتاب معجزو آهن. انهيءَ ڪري اهي نه ته الله تعالى جي وجود جا قائل آهن ۽ نه ئي مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ تي ويساهه ڪن ٿا. اهي پنهنجي عقلن کي مذهبي ٺيڪيدارن ۽ ڀوپن (موجوده دؤر ۾ سائنس ۽ مذهبي پيشوائن) جي هٿ وڪڻي چڪا آهن. تنهن ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته خدائي ڪتابن کي مڃو جنهن جو لازمي نتيجو فڪري آزادي آهي. انهيءَ سان طبقاتي ڪشمڪش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ محبت ۽ رحمت جي ڪري ضمير جو سچو آواز خدائي آواز بڻجي ويندو آهي.
ث. محنت جي استحصال سان دولت ميڙڻ ۽ نبين سڳورن سان دشمني: مڪي ۾ نازل ٿيندڙ قرآن ۾ آسودن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ معاشي طبقي جي لحاظ کان انهن کي نبين جو دشمن سڏيو ويو آهي. سورت سبا ۾ چٽائي ڪئي وئي آهي ته نبين سڳورن کي تڪليفون ڏيڻ وارا اهي ئي آسودا ماڻهو آهن. ايترو به چيو ويو ته سمورين بد اخلاقين جو بنياد اهو ئي آسودو طبقو آهي. سوال اهو آهي ته اها دولت انهن وٽ آئي ڪٿان آهي؟
زراعت واري زماني کان وٺي اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين اها دولت غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان آئي هئي. مالڪ ۽ جاگيردار انهيءَ دولت جا مالڪ هئا. اسلام کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ تحقيق جي سائنسي طريقي جو رواج پيو، ته مشينون ايجاد ٿيون ۽ پهريون دفعو هڪ ڪارخاني جي ڇت هيٺ هزارين مزدورن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته محنت جي استحصال ۽ انهيءَ مان حاصل ٿيندڙ دولت جي سموري عمل تي روشني پوي ٿي. اهڙي طرح خبر پئي ته دولت نه ته آسمان مان لهي ايندي آهي، ۽ نه ئي زمين مان نڪرندي آهي، پر اها مزدور جي محنت مان حاصل ٿيندڙ پيداوار جي هڪ وڏي حصي تي ڪارخانيدار مالڪ بڻجي قبضو ڪري وٺندو آهي. غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جو استحصال اهڙيءَ ئي طرح ٿيندو رهندو آيو آهي، جهڙي طرح اڄ به مزدور جو ٿي رهيو آهي. مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي سموري دولت انهيءَ استحصال جو ئي نتيجو آهي.
قرآن ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جي تفسير ۽ تشريح ڪندي مذهبي پيشوائن انهن ڪتابن کي انهن جي تاريخي پس منظر کان جدا ڪري مطالعو ڪيو، جنهن جو وڏو فائدو غلام بڻائيندڙ آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار کي حاصل ٿيو. قرآن ڪيترن ئي جاين تي ٻڌايو آهي ته الله تعالى رزق جا سمورا وسيلا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن. هابيل جي قتل ۽ آدم کي زمين تي لهي وڃڻ کان پوءِ جيڪو معاشي نظام قائم ٿيو، انهيءَ ۾ ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو پيداواري وسيلن تي قبضو ٿي ويو ۽ نوي سيڪڙو گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ٿي وئي.
انسان پنهنجي عملن ۾ خودمختيار آهي. اهو هن جو فرض هو ته هو اهڙو معاشي نظام جوڙي جو پيداواري وسيلا عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ کليل رهن ها، پر ايئن نه ٿيو. قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب اندر مڪي ۽ مدني سورتن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو ويو آهي. انهيءَ سان مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن ۾ مالدارن تي جيڪا سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، سا نظرن کان لڪي وئي آهي. انهيءَ سبب جي ڪري قرآن معاشري ۾ ڪابه بنيادي تبديلي آڻڻ ۾ مدد نه ڏئي سگھيو، اڃا به غلاميءَ جو ادارو دائمي بڻايو ويو. سياسي نظام ۾ بادشاهيت قائم ڪئي ويئي. عوام ۽ ان جي مفادن کي حڪومت، قانون سازي ۽ معاشي نظام جوڙڻ کان بي دخل ڪري ڇڏيو.
جيستائين قرآن جي تعليم موجب پيداواري وسيلن کي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي مزدور عوام جي ملڪيت ۾ نٿو ڏنو وڃي، اها صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهندي.
مون پنهنجي لکڻي ”انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد طريقي“ ۾ امام ابن تيميه جي فتوى جو نقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ امام موصوف چيو آهي ته موجوده صحيفي واري ترتيب تلاوت جي لاءِ آهي، باقي تحقيق جي لاءِ ڪنهن به ترتيب کان ڪم وٺي سگھجي ٿو. تنهن ڪري ضروري آهي ته تحقيق جي لاءِ مڪي ۽ مدني دؤر ۾ نازل ٿيندڙ قرآن جو جدا جدا مطالعو ڪيو وڃي.
اسلامي جي معاشي نظام جي باري ۾ اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گھرجي ته مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو. پر بغداد واري خلافت جي دٻاءَ هيٺ اچي مجتهد فقيهن جي شاگردن ڪڙمت کي ڪن شرطن سان جائز سڏيو. جڏهن ته حضرت ابوبڪر صديق ؒ مال غنيمت جي برابر ورڇ لازم ۽ حضرت عمرؒ مصر ۽ شام مان حاصل ٿيندڙ زمينن کي بيت المال جي ملڪيت چئي ڇڏيو هو. اهو ئي عمل خيبر جي فتح کان پوءِ پاڻ رسول الله ﷺجن به اختيار ڪيو هو ته زمينن ۽ باغن کي ته رياست جي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ يهودي هارين کان ڍل وٺڻ شروع ڪئي.
جيئن ته ڪڙمت کي جائز سڏيو ويو هو، انهيءَ ڪري مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخاني کي به انهيءَ ئي اصول هيٺ مالڪ ۽ مزدور جي شڪل ڏني وئي. فقيهن جهڙي طرح جاگيرداري کي جائز سڏيو، اهڙيءَ ئي طرح ڪارخانيداري کي به جائز چئي ڇڏيو. هاريءَ جي محنت جي استحصال وانگر مزدور جي محنت جو استحصال به رڳو فقهي نقطي نظر کان جائز سڏيو ويو. جيستائين اها صورتحال رهندي، دولت هڪڙي ننڍڙي طبقي جي ملڪيت ۾ گڏ ٿيندي رهندي.
قرآن چيو آهي ته ڪمزور ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي شعور کي بيدار ڪن ۽ پنهنجي تنظيم قائم ڪري، هلندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري معاشِي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏين. هن دؤر جي انسان جو معاشي ڇوٽڪارو گڏيل معيشت اختيار ڪرڻ ۽ حقيقي مذهب يعني توحيد خدائي جي نظريي هيٺ اخلاقي ۽ روحاني ڳڻ پنهنجائڻ يا نه پنهنجائڻ جي جزا ۽ سزا جي لاءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ ۾ آهي. جيستائين اهي ٻئي جزا جدا جدا رهندا، انساني معاشرو تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل رهندو. حقيقي مذهب ۾، جنهن کي پاڪ مذهبن جي بانين رواج ۾ آندو هو، اهي ٻئي جزا گڏ ڪيا ويا آهن. پر مذهبي پيشوائن انهن کي جدا جدا ڪري ڇڏيو.
تنهن ڪري قرآن پاڪ ۽ سيرت پاڪ جو جيستائين طبقاتي نقطي نظر ۽ ترتيب نزول جي روشنيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو ويندو، قرآن ۽ سيرت معاشري ۾ ڪابه تبديلي نٿي آڻي سگھي.
مديني جي هجرت کان پوءِ
مڪي ۾ اسلامي نظريي جا جزا ٻڌايا ويا هئا. ڪوبه انقلاب نظريي کانسواءِ نه ايندو آهي. هجرت کان پوءِ مديني ۾ انهيءَ ئي نظريي جي بنياد تي رياست قائم ڪئي وئي جنهن مڪي تعليم جي بنياد تي معاشري ۾ اهڙا قانون نافذ ڪيا هئا، جن کي لاڳو ڪرڻ سان جهالت، بک، غلامي ۽ مسڪينيءَ جو خاتمو ٿي ويو ۽ انسان رحمت ۽ محبت جو پتلو بڻجي ويو. ڏوهاري ۽ خطا ڪندڙ جي لاءِ توبه جي ذريعي خدائي رحمت جا دروازا کوليا ويا ۽ ماڻهو نذرانن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي سفارش واري جھنجھٽ مان آجا ٿي ويا.
اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل
قومن جي سرداري:
هجرت کان پوءِ انقلاب جو مرڪز مديني کي بڻايو ويو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن نه رڳو مهاجرن ۽ انصارن، پر يهودين جا به حاڪم ۽ امير بڻيا. پاڻﷺ امير العالمين جي حيثيت سان مديني جي اوسي پاسي ۾ ويٺل مشرڪن سان به دفاعي معاهدا ڪيائون. پنهنجي نظريي جي حفاظت ۽ نفاذ جي لاءِ مهاجرن جي فوجي تربيت به ڪيائون. انفاق يعني جنگي خرچن جي لاءِ چندو به گڏ ڪيائون ۽ يهودين سان اهڙو معاهدو ٿيو جنهن جي ذريعي پاڻ ﷺ جن حڪمران، جڏهن ته مسلمان ۽ يهودي هڪ ئي امت سڏيا ويا، جنهن ۾ مذهب جي اختلاف باوجود به معاشري جي ٻيهر تعمير جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. انهيءَ کي ميثاقِ مدينه جو نالو ڏنو ويو. اهو ميثاق اصل ۾ ان ڳالهه جو نمونو آهي ته مختلف مذهب، رنگ نسل، قوميت ۽ غربت ۽ سرداريءَ جي فرق جي باوجود به دنيا جي قومن کي نيڪيءَ تي گڏ ڪري سگھجي ٿو ۽ نه رڳو آدم جي خلافت، پر عالمي حڪومت به قائم ڪري سگھجي ٿي.
خوني ويڙه جو مقصد:
خوني ويڙهه جو مقصد زندگين کي بچائڻ آهي نه مارڻ (المائده) ۽ هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جي قتل برابر آهي. (المائده)
همٿ ۽ بردباريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسان دوست انقلابي نظريي جي بنياد تي ننڍڙي جماعت وڏي جماعت کي هارائي سگھي ٿي. ڇو ته غلط نظريي واري ڪنهن وڏي جماعت وٽ انسانيت کي ترقي ڏيڻ جو ڪوبه منصوبو نه هوندو آهي. قومي ۽ انساني مفادن تي شخصي مفادن کي ترجيح ڏيڻ سان وڏي جماعت جون پاڙون پٽجي وينديون آهن. (بقره، رڪوع 22، طالوت وارو قصو)
اسلامي انقلاب جي ستين منزل
خوني ويڙهه جي انسان دوست ڪردار تي وڌيڪ روشني:
خوني ويڙهه جي باري ۾ وڌيڪ انقلابي قانون:
1. انسان کي انسان جي سياسي ۽ ذهني غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ خوني ويڙهه (مسلح جاکوڙ) ڪرڻي پوندي آهي (بقره، رڪوع نمبر 27) ڇو جو اظهار جي آزادي جو کسجي وڃڻ قتل جي برابر آهي.
2. جيڪڏهن دشمن ٺاهه ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي ٿو ته يڪدم ٺاهه ڪريو. (انفال)
3. دشمن سان به واعدو نه ٽوڙيو (انفال، رڪوع نمبر 10)
4. ڪنهن به ماڻهوءَ کي جنگ جي ذريعي غلام نٿو بڻائي سگھجي.
(سورت محمد)
5. الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ فائدي وارو واپار آهي (الصف) ڇو ته الله جي لاءِ وڙهڻ جو مطلب آهي غلام بڻائيندڙ جماعتن جي قبضي ۽ اقتدار کي ختم ڪري عوام جي اخلاقي ۽ روحاني ۽ انقلابي ڳڻن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آزادي ڏيارڻ آهي.
6. جهاد يا الله تعالى جي راضپي لاءِ خوني ويڙهه ۾ خرچن لاءِ چندو ڏيڻ پنهنجي ئي مدد ڪرڻ آهي. (محمد، رڪوع 4) قتال في سبيل الله اصل ۾ قتال في سبيل العوام آهي، جنهن جي مدد سان غلام بڻائيندڙ جماعتن جي بند مان، عوامي مفادن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جي ڪيترن ئي دؤرن ۾ مزدور ۽ غلام ۽ پٺتي پيل ماڻهن پنهنجي جماعتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اقتدار ڌڻين، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقن ۽ عوام جي گھڻي حصي کي ان مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪرڻ واري معاشي نظام جي حامين خلاف مسلح جاکوڙ ڪئي آهي.
قومن جو اتحاد:
انهيءَ دؤر ۾ يهودين کي چيو ويو ته الله ۽ آخرت کي مڃيندڙن جو قبلو اهو ئي هئڻ گھرجي جيڪو سڀ کان پهريان ابراهيمؑ مڪي ۾ جوڙيو هو. يهودين ان کي نه مڃيو ۽ چيو ته يروشلم کي ئي هو پنهنجو قبلو قائم رکندا. اهي موسوي دين تي هلي رهيا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن گھرن پيا ته بني اسرائيل پنهنجي پيءُ ابراهيمؑ جي دين تي گڏ ٿي وڃن، ڇو جو اهو ئي قديم دين ۽ اصل اسلام آهي.
عيسائين ڏانهن ٻيهر ڌيان:
يهودين جي معاهدو ٽوڙڻ جي ڪري پاڻ ڪريم ﷺجن ٻيهر عيسائين ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ انهيءَ زماني ۾ روزا فرض ڪيا ويا، جڏهن عيسائي عيسى ؑ جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ روزا رکندا هئا.
قرآن ڪريم قومن جي اتحاد دين يعني ڪائنات جي وحدت ۽ مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ، عملن جي جزا ۽ سزا جي ملڻ ۽ اعلى اخلاقي ۽ روحاني ڳڻن کي مڃڻ بنياد سڏيو ويو. ان سان گڏوگڏ عبادتن ۽ رسمن جي اختلاف ۽ عقيدن جي تشريح ۽ وضاحت کي پوءِ واري حيثيت ڏني آهي.
”انهيءَ کانسواءِ قرآن رنگ نسل، قوميت ۽ وطنيت جي اختلاف کي قومون جي سڃاڻپ ۽ هڪٻئي سان واقفيت جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. يعني انهن جي بنياد تي انسانن کي ورڇڻ انسان دشمني سڏيو آهي. انهيءَ سان گڏ ئي قرآن ڪريم پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت سڏي ٿو.“ (بقره: 29)
قرآن موجب قومن جو اتحاد اصل ۾ انسانيت جو اتحاد ۽ عالمگير روحاني گڏيل معاشري جو قيام آهي، جنهن کي توحيدي معاشرو به چيو وڃي ٿو.
اسلامي انقلاب جي اٺين منزل
گذريل نبين جي تصديق ۽ نبوت جو خاتمو:
احد جي هار کان پوءِ ٽي سال وڏين تڪليفن سان ڀريل هئا. انهن ٽنهي سالن جو مقابلو شعب ابي طالب وارن ٽن سالن سان ڪريو ته خبر پوندي ته اسلامي انقلاب جي بنياد جي اها منزل ڏاڍي سخت هئي. شعب ۾ توريت جي تعليم مان سبق ڏنو ويو هو. هاڻي احد جي شڪست کان پوءِ انهيءَ کي عملي طرح جاري ڪرڻو هو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون هيون جو جيڪڏهن انهن قانونن کي جاري نه ڪيو وڃي ها ته ابراهيمي دين خطري ۾ پئجي وڃي ها. انهيءَ ڪري انهيءَ دؤر ۾ پاڻ ﷺ جو لقب خاتم النبيين ٿيو. يعني پاڻ ﷺ نبين جي تصديق ڪندڙ هئا ۽ سختيءَ سان انهن ابراهيمي قانونن کي جاري ڪرڻ گھرن پيا، جن کي يهودي مڃڻ نه پيا گھرن. هڪ پاسي يهودي غداري ڪري رهيا هئا ۽ قبلي جي تبديليءَ کان پوءِ مصدق النبيين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا هئا. ٻئي پاسي مسلمانن جي اندر به منافقن جي هڪ اهڙي ٽولي گھري آئي هئي جيڪا ڪافر قريشن سان ڳٺ جوڙ ڪري رهي هئي. ٽئين پاسي عرب جا مشرڪ ٺڳيءَ سان مسلمانن کي گھرائي قتل ڪري رهيا هئا ۽ پاڻ ﷺ جن جي پنهنجي ئي زندگي خطري ۾ هئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي لاءِ هٿياربند پهريدار مقرر هئا. انهن حالتن ۾ به پاڻ ﷺ جن اڳين نبين جي تصديق کان پاسيرا نه ٿيا ۽ پاڻ اعلانيه طور عمل ڪري ڏيکاريائون:
1. يهودين کي پاڻ فرمايائون ته ابراهيمي قبلو موسوي قبلي کان آڳاٽو آهي، تنهن ڪري هاڻي اڳتي به اهو ئي قبلو هوندو.
2. پاڻ اهو به فرمايائون ته اٺ جو گوشت ابراهيم جي وقت کان وٺي حلال آهي، تنهن ڪري اهو حرام نٿو ٿي سگھي.
3. پاڻ فرمايائون ته ڇنڇر جي ڏينهن شڪار نه ڪرڻ يا جنگ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪرڻ غلط ڳالهه آهي. (جيئن يهودين احد واري جنگ جي معاملي ۾ بهانو ڪيو هو ته اهو سندن ڇنڇر آهي، انهيءَ ڪري پاڻ شامل ٿي نه سگھندا) اهو خدائي قانون نٿو ٿي سگھي ته ڪنهن ڏينهن ڪم نه ڪيو وڃي ۽ اهو نظريو گھڙيو وڃي ته ڇهن ڏينهن ۾ الله تعالى زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو ۽ پوءِ هن ٿڪجي ستين ڏينهن (يوم سبت) کي آرام ڪرڻ جو ڏينهن ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌايو ته الله تعالى ڪڏهن به ٿڪبو نه آهي. هو نه ته ڪراڙو ٿيندو آهي ۽ نه ئي سمهندو آهي.
4. منافقن کي پاڻ فرمايائون ته اها مشرڪاڻي رسم آهي ته پٽيلي جي زال سان نڪاح نه ڪيو وڃي. نڪاح ابراهيمي قانون آهي ۽ بني اسرائيل به انهيءَ کي مڃن ٿا. مان انهيءَ جي تصديق ڪريان ٿو ته مان زيد جو پيءُ نه آهيان ۽ ان جي طلاقيل زينب سان نڪاح ڪري ابراهيمي قانون تي عمل ڪري ڏيکاريان ٿو. مان خاتم النبيين (يعني نبين جي تصديق ڪندڙ) آهيان. مون کي خدائي حڪم جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شرم ۽ وڏائي نٿي ٿئي. امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر مسلمانن جو فرض آهي. (آل عمران، رڪوع نمبر 12)
5. مؤمنن کي فرمايو ويو ته زنا جي تهمت ڪنهن تي به نه لڳايو. ٻانهين جو به نڪاح ڪري ڇڏيندا ڪريو (النور). خلع واري طلاق کانسواءِ هر طلاق قابل رجعت آهي (بقره رڪوع نمبر 28 ۽ 29). جيڪو حق جي راهه ۾ قتل ٿيندو آهي سو ڪڏهن به فنا نه ٿيندو آهي. قوم جي لاءِ مرڻ دولت کان ڀلو آهي. (آل عمران، رڪوع نمبر 17)
اسلامي انقلاب جي نائين منزل
موت تي بيعت ڪرڻ وارن انقلابين جي جماعت:
تيرنهن سال مڪي ۾ ۽ ڇهه سال مديني ۾ گذارڻ کان پوءِ 6 هه ۾ هڪ اهڙي انقلابي جماعت تيار ٿي وئي جنهن شيطانيت ۽ نفرت جو خاتمو ڪرڻ ۽ اڪيلي الله جي ٻانهپ يعني محبت ۽ رحمت کي عام ڪرڻ لاءِ موت تي بيعت ڪري ورتي هئي. اها اسلام جي بنيادي ۽ سڀ کان وڏي سوڀ هئي ته پوري جماعت بيعت رضوان ڪري ورتي هئي. رسول الله ﷺجن اعلان ڪري ڇڏيو ته سموري دنيا ۾ خدائي پيغام پهچائڻ لاءِ مان رسول بڻجي آيو آهيان. (اِنِّیْ رَسُوْلُ اللّٰہِ اِلَیْکُمۡ جَمِیْعَا، سورت الاعراف) هاڻي هڪ قومن جي فاتح هئڻ جي حيثيت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن معاف ڪرڻ ۽ احسان جا اهي خدائي قانون ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيا.
1. نيڪيءَ جي سڃاڻ: نيڪي تقوى کي چوندا آهن. يعني الله تعالى جي حاڪميت جي خوف ۽ ان جي رحمت جي واعدي تي ظلم ۽ نفرت کان بچڻ ۽ عدل ۽ محبت کي ترقي ڏيڻ ئي نيڪي آهي. جهالت واري اڻ ڄاڻائي ۽ سيٽ کي ڇڏي اهل ڪتاب يعني تهذيب يافته ماڻهن وانگر بردباري اختيار ڪرڻ به نيڪي آهي.
2. انصاف ڀريو قتال: قتال به نيڪي آهي. پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته اهو عدل تي ٻڌل هجي ۽ اظهار جي آزادي جي حق جي لاءِ هجي (بقره، رڪوع نمبر 24).
3. نه وڙهندڙن سان ڀلائي ۽ انصاف ڪرڻ نيڪي آهي: انهن کي علم جي دولت ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو. جهاد جي حقيقت الله تعالى جي نالي کي بلند ڪرڻ ۾ ئي آهي.
4. ڪتاب وارن کي مذهبي آزادي: ڪتاب وارن کي پوري پوري آزادي آهي. انهن جي جان، مال، عزت جي حفاظت مسلمانن جي مٿان لازم آهي. انهيءَ جي بدلي ۾ انهن کان هڪ ٽيڪس (جزيو) ورتو ويندو جنهن جي بدلي ۾ اهي فوجي خدمت کان آجا هوندا. انهن جي مذهبي پيشوائن، مسڪينن، پوڙهن ۽ عورتن تي اهو ٽيڪس نه لڳندو. (اصل ۾ غير مسلم اقليتن سان اهو ئي سلوڪ رکڻ ئي اسلام جو حڪم آهي)
5. مشرڪن جي تاليف قلب: فتح مڪي کان پوءِ عام امن جو اعلان ڪيو ويو. جيڪي نوان مسلمان هئا يا شرڪ تي قائم هئا، تن سان معافي ۽ درگذر وارو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ 8 هه جي حج وارو واپاري نفعو حاصل ڪرڻ کان مشرڪن کي نه روڪيو ويو. اهو مشرڪن توڙي مسلمانن جو گڏيل حج هو.
6. ڪتابي جمهوريت جو قيام: هن وقت تائين هر سماجي ۽ سياسي مسئلي ۾ رسول الله ﷺ جن جو حڪم هڪ امير جي حيثيت ۾ هلندو هو. رضوانين جي جماعت تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ اسلامي انقلاب کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ انهن رضوانين سان صلاح مشورور به ٿيڻ لڳو. يعني هڪ شورائي جماعت بڻجي وئي جيڪا ڪتاب الله (قرآن) جي روشنيءَ ۾ جماعت جي امير، جناب محمد رسول الله ﷺ کي مشورو ڏئي سگھندي هئي، جڏهن ته فيصلو گھڻائيءَ واري راءِ تي آڌاريل نه هو، پر اصول (ڪتاب الله) جي روشنيءَ ۾ جيڪا سٺي ۾ سٺي راءِ هوندي، انهيءَ تي عمل ٿيندو هو. جيستائين دنياوي معاملن جو لاڳاپو هوندو هو، تن ۾ عام ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪيو ويندو هو.
(انتم اعلمون بامور دنياکم – مسلم)
اصل ۾ اسلام جو هڪ سياسي نظام آهي. انهيءَ ۾ ڪلام الله (قرآن) جي قانونن ۽ اصولن جي روشنيءَ ۾ ڀلي ۾ ڀلي راءِ کي اختيار ڪيو ويندو هو. ائين نه ٿيندو هو ته جيڪڏهن گھڻائي هڪ غلط ڪم يا بدڪاريءَ کي اختيار ڪري وٺي ته انهيءَ کي قانوني شڪل ڏني وڃي؛ جيئن اڄ ڪلهه اولهه وارن ملڪن ۾ ٿيندو آهي. اسلام جو سياسي نظام سڀني اخلاقي ڳڻن کي تحفظ ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري راءِ جي گھڻائيءَ جي بدران، اخلاقي ڳڻن کي رائج ڪرڻ ۽ عدل ۽ محبت کي پنهنجائڻ جي لاءِ سڀ کان سٺي راءِ تي ئي عمل ٿيندو هو. دنيا جي معاملن ۾ سائنسي تحقيق جي طريقن مان ڪم ورتو ويندو آهي، جيئن کجيءَ جي وڻن ۽ ميوي جي باري ۾ رسول الله ﷺ جن فرمايو ته دنيا جي معاملن ۾ توهان پنهنجي معلومات موجب عمل ڪريو. انهيءَ ۾مذهب ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نٿو ڪري.
7. عدل ۽ احسان: هن ڪتابي آمريت يا اصولي شورائيت جو بنيادي مقصد عدل ۽ احسان هو ۽ مرڪزي انقلابي پارٽيءَ جو فرض هو ته دنيا مان جهالت، غربت ۽ غلاميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ الله جي واٽ ۾ پنهنجي سر جو سانگو لاهي ڇڏي ۽ انسانيت کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ڇڏي ته جيئن انسان حقيقي معنى ۾ انس ۽ محبت جو پتلو بڻجي وڃي.
انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته اسلامي معاشي نظام ۾ پيداواري وسيلن يا دولت حاصل ڪرڻ جي سرچشمن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي بدران عوام جو قبضو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي ٿورڙا ماڻهو ملڪيت تي قبضو ڪري وڃن ٿا ته عام ماڻهو دولت مان فائدو حاصل نه ڪري سگھندا. قرآن ڪريم ڪيترين ئي جاين تي اهو ٻڌايو آهي ته رزق جا سمورا وسيلا الله تعالى سڀني انسانن لاءِ پيدا ڪيا آهن. تنهن ڪري اهڙو معاشي نظام ترتيب ڏيڻ گھرجي جنهن ۾ هر ماڻهو انهن پيداواري وسيلن مان فائدو ماڻي سگھي. ايئن نه ٿيڻ گھرجي ته ڪي ٿورڙا ماڻهو پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، گھڻن انسانن کي پنهنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ۽ انهن جي محنت جي استحصال سان پاڻ ته جھجھي دولت حاصل ڪن پر اهو مزدور ساڳيو ئي غربت ۽ مسڪينيءَ ۾ پيو گذاري.
علامه اقبال اها ڳالهه صحيح چئي آهي ته بادشاهيت جي ڪري دنيا اسلام جي معاشي نظام مان لاڀ پرائي نه سگھي آهي. جڏهن ته بادشاهيت جو اهو ادارو دمشق واري خلافت ۾ ئي قائم ڪيو ويو هو، جنهن سان اڳتي هلي جاگيرداري نظام کي سگھه ملي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته علامه اقبال جي چواڻي، مسلمانن ۾ جمهوريت رڳو ٽيهه سالن تائين قائم رهي سگھي. ڊگھي بادشاهيت کان پوءِ مسلمانن اولهه وارن جي صنعتي سرمائيداري نظام تي ٻڌل نالي واري جمهوريت کي پنهنجائي ورتو، جنهن جي مزاج ۽ روح، ٻنهي تي بادشاهيت جو اثر هو. اڄ به انهيءَ سرمائيداراڻي جمهوريت جي ايوانن ۾ پيداواري وسيلن تي قابض ماڻهن جا نمائندا ويٺل آهن ۽ جيڪي پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪندا رهيا آهن.
اشتراڪي معاشري ۾ ڪجھ عرصي لاءِ عوامي جمهوريت قائم ٿي هئي، جيڪا ڪن سببن جي ڪري ختم ٿي وئي.
8. الف: پراڻن بحثن جو خاتمو: سورت حديد ۽ سورت تغابن ۾ خدا ۽ قيامت (مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ) وارن بحثن جو خاتمو ڪيو ويو.
ب: معجزا: آيات الله جي بحث جو آخري جواب سورت بقره جي رڪوع نمبر 20 ۾ ڏنو ويو.
ٻ: خدائي ڪتابن جو معجزو: يعني اعجاز قرآن ۽ سمورن آسماني ڪتابن جو انڪار ڪندڙن جي لاءِ معجزو هئڻ ثابت ٿي ويو.
(بقره رڪوع نمبر 3)
9. پروهتي (مذهبي پيشوائيت جي) نظام جو خاتمو: ڪعبي مان پروهتي نظام ختم ڪيو ويو. عقل کي آزاد ڪيو ويو.
(پر بادشاهت واري دؤر ۾ مسلمانن هڪ دفعو وري پنهنجي اندر مذهبي پيشوائيت واري نظام کي قائم ڪري ورتو آهي جيڪو سائنس ۽ علم جو دشمن آهي).
اسلامي انقلاب جي ڏهين منزل
اسلامي انقلاب جو بين الاقوامي پروگرام:
هاڻي سڄو عرب فتح ٿي چڪو هو ۽ دنيا جي مختلف قومن ۾ اسلامي انقلاب کي آڻڻو هو ته جيئن انساني ٻڌيءَ جي ذريعي مساوات يا برابريءَ کي قائم ڪري سگھجي. علم ۽ عقل آزاد هجن ۽ پروهتن، نجومين، ڀوپن ۽ جنگ جي باهه لڳائڻ وارن شاعرن جو خاتمو ٿي وڃي. تنهن ڪري عالمي انقلاب آڻڻ جي لاءِ مختلف قومن کي هي پيغام ڏنا ويا.
1. ڪتاب وارن کي دعوت: اي ڪتاب وارؤ، اچو ته الله مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻي اسان انهيءَ ڳالهه تي هڪ ٿي وڃون ته الله کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به پنهنجو پالڻهار نه مڃون ۽ ڪابه قوم ٻي ڪنهن قوم کان عزت واري نه سمجھي ويندي. جيڪو نيڪيءَ جي رستي تي هلندڙ هوندو، سو ئي الله تعالى وٽ وڌيڪ عزت ڀريو هوندو. (آل عمران)
2. عيسائيو! الله تعالى ئي قادر مطلق آهي: يعني هو انهيءَ ڳالهه تي وسوارو آهي ته بنا پيءُ جي ڪنهن انسان کي پيدا ڪري. انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ گمان نه ڪريو ۽ الله تعالى کي عيسى جو پيءُ نه سمجھو. اهو الله ته مٽيءَ مان (به) انسان جوڙي سگھي ٿو. تنهن ڪري ان جي خالقيت جي قدرت ۾ شڪ نه ڪريو. (آل عمران)
3. ڪتاب وارن جي هڪڙي جنتري هوندي: جهڙي طرح روزا هن زماني ۾ رکيا وڃن ٿا، اهڙيءَ طرح رکڻ گھرجن جيئن ڪتاب وارا (عيسائي) رکندا آهن. اهڙي طرح حج جو ميلو به انهيءَ زماني ۾ هجي، جڏهن يهودي، عيسائي ۽ مجوسي (چيٽ جي وچولن ڏينهن ۾) ميلو ڪندا آهن. باقي انهيءَ ۾ مشرڪ نه اچي سگھندا ۽ شرڪ جي جاءِ تي اڪيلي الله جي ٻانهپ ٿيندي. انهيءَ ڪري هاڻي سال جا ٻارنهن ئي مهينا ٿيندا ۽ نسئي جي موسم (يعني هڪ مهينو هر ٻئي ٽئين سال وڌائڻ) ختم ڪئي ويندي. انهيءَ جنتري سان ڪتاب وارا ترقي ڪندا.
4. انفاق جو پاڻ ۾ اتحاد، زڪوات، جهاد: مؤمنن جي جان ۽ مال کي الله تعالى خريد ڪري ڇڏيو آهي (توبه) تنهن ڪري جهاد يعني دنيا مان خوف ۽ پريشاني کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن کي خوشيءَ سان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪرڻ گھرجي. (البقره، رڪوع نمبر 38) پر اهو ضروري نه آهي ته سڀئي جهاد ڪن. جهاد کان ڪراڙا ۽ عورتون آجا آهن. انفاق جي ڪابه حد مقرر نه آهي. باقي زڪوات هڪ قانوني ٽيڪس آهي جيڪو سلطنت وصول ڪندي ۽ دنيا مان خوف (جنگ ۽ فساد) ۽ بک ۽ بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ ۾ خرچ ڪندي. بزدلن (منافقن) کان چندو نه ورتو ويندو. انهن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. (بقره، رڪوع نمبر 26)
مسلمانن زڪوات کي ذڪر ڪيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪرڻ بدران پنندڙن ۽ غريبن ۾ ٿورڙن رپين جي شڪل ۾ ورهائڻ شروع ڪيو آهي. قرآن پاڪ زڪوات کي خرچ ڪرڻ لاءِ اَٺ ميدان ڏسيا آهن جتي ان کي خرچ ڪيو ويندو.
5. گندين شين کان پاسو ڪرڻ: مؤمنو! ڪي حرام ڪم شروع کان ئي منع ڪيا ويا آهن. پر ڪن حالتن ۾ مرون جو گوشت، مردار ۽ رت به حلال ٿي وڃي ٿو. هاڻي اهو ٻڌي ڇڏيو ته شراب، جوئا، فال ڪڍڻ ۽ نجومت ايتريون ته گنديون شيون آهن جو انهن کان پرهيز ڪجو. اهي ڪنهن به طرح سان جائز نه آهن ۽ پنهنجي نفسن جو محاسبو ڪندو رهڻ گھرجي. (مائده، رڪوع: 11) (اهي حڪم رڳو مسلمانن جي لاءِ ئي نه آهن، پر هر مذهب جي مڃيندڙن جي لاءِ آهن. پر انهن جي رواج ۾ آڻڻ جي معاملي ۾ ڪوبه ڏاڍ نه آهي.)
6. هر حال ۾ عدل ڪريو: مشرڪن سان به ڪيل پنهنجا معاهدا نه ٽوڙيو ۽ دشمنن سان به انصاف ڪريو (مائده) يهودين کي معاف ڪريو (مائده).
7. عورت جي عزت ڪريو: عورت ۽ مرد هڪ ٻئي جو لباس آهن. جيئن ته عورت ڪمزور ٿيندي آهي، تنهن ڪري مرد تي اهو فرض آهي ته ان جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري، ڪابين به ڏي ۽ مري وڃي ته ان جي ميراث ۾ به ان جو حق هجي (قرآن ۽ خطبه حجة الوداع).
8. غلام: غلامن کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ڏيو ته اهي ٻي ڪنهن جاءِ تي ڪمائي توهان کي توهان جو قرض ادا ڪن. جيستائين اهي توهان جا غلام رهن، ان وقت تائين جيڪو توهان کائو سو ئي انهن کي به کارايو ۽ جيڪو توهان پهريو سو ئي انهن کي به پهرايو. انهن کان انهن جي وس کان وڌيڪ ڪم نه وٺو. غلام کي به اهو حق آهي ته هو امير المؤمنين بڻجي سگھي جيئن اسامه بن زيد کي پاڻ ڪريم ﷺ جن اسلامي لشڪر جو امير بڻائي دنيا تي انساني برابريءَ جو ڌاڪو ڄمايو.
9. الاهي خلافت: آخرڪار ٽيويهن (23) سالن جي لڳاتار محنت کان پوءِ رحمة اللعالمين ﷺ جن انسانيت کي امن ۽ ڀلائيءَ جي رستي تي روان دوان ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح محبت ۽ رحمت جي بهشت ۾ داخل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هر مؤمن خليفة الله في الارض بڻجي پئي سگھيو ته :
براوج کمال صبح صادق مائیم حل نکت و کشف دقائق مائیم
سرّ حق و خلق از دل مابیروں نیست مجموعہ مجموع حقائق مائیم
ڪلام جو تت:
رحمة اللعالمين دنيا کي نه رڳو ٻڌايو، پر عملي طرح سان ڪري به ڏيکاريو ته:
1. سمورا انسان برابر آهن، ڇو جو سڀئي آدم جو اولاد آهن ۽ سڀني جو هڪڙو ئي الله آهي.
2. هر قوم ۾ خدائي پيغام آڻڻ وارا ايندا رهيا آهن. اسان انهن سڀني جي تعليم کي مڃون ٿا ۽ رسولن ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نٿا ڪريون (لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْ رُّسُلِہ) يعني سچائي عالمگير آهي ۽ حق وارو دين هر جاءِ تي هڪڙو ئي آهي. الله تعالى جي ٻانهپ ڪريو ۽ شيطان کان نفرت ڪريو.
3. گروهه بندي ۽ ويڙهه جهيڙي جو بنياد پروهت (مذهبي پيشوا) آهن. اهي شيطاني ڪارندا آهن ۽ ظلم ۽ سرڪشي کي پکيڙين ٿا. اهي چوندا آهن ته يهودي بڻجي وڃو ته هدايت وارا ٿيندؤ يا عيسائي بڻجو ته هدايت ملندوَ. ”كُوْنُوْا ھُوْدًا اَوْ نَصٰرٰى تَہْتَدُوْا“ پر قرآن چوي ٿو ته الله تعالى جي ٻانهپ اختيار ڪريو ته هدايت وارا ٿيندؤ ”قُلْ بَلْ مِلَّۃَ اِبْرٰھٖمَ حَنِيْفًا“.
4. پروهتن (مذهبي پيشوائن) شفاعت جو ڍونگ رچائي رکيو آهي ۽ چون ٿا ته الله تعالى سان اسان سفارش ڪري سگھون ٿا. انهيءَ ڪري انهن آخرت کي دنيا کان جدا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته دنياوي عملن تي ئي آخرت جو دارومدار آهي. اسلام دين ۽ دنيا جي تسلسل کي قائم رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته محبت ۽ رحمت ئي دنيا ۽ آخرت جو قانون حيات آهي.
5. پروهتي (مذهبي پيشوائيت جي اداري) کي ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ عقل کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ بيت المال قائم ڪري دولت ۾ هر انسان جو حق قائم ڪيو وڃي ٿو ته جيئن رڳو دولتمندن ۾ ئي دولت گردش نه ڪندي رهي.
انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم ڪرڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ دولت مزدوري يا خيرات جي شڪل ۾ ئي هيٺين طبقن تائين پهچندي آهي. ان کانسواءِ ٽين ڪابه شڪل نه آهي جنهن ۾ محنت جو استحصال نه هجي. جيڪڏهن لميٽڊ ڪمپنيون قائم ڪيون وڃن تڏهن به محنت جي استحصال جو خاتمو نٿو ٿئي. انهيءَ جي خاتمي جي رڳو هڪڙي ئي شڪل آهي ۽ اُها اِها ته پيداواري وسيلن کي مزدورن جي هڪٻئي سان مدد واري بنيادن تي جوڙيل جماعتن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ انهن جماعتن ۾ دانشور به شامل هجن.
6. جهاد جو مقصد: اهو آهي ته ڪافرن جو نه، پر ڪفر جي اونداهيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ علم ۽ دولت جي دروازي کي هر ماڻهوءَ تي کولي ڇڏيو. (يعني پيداواري وسيلن کي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي مزدور عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي محنت مان حاصل ٿيل موڙيءَ جو پاڻ ئي مالڪ هجي)
تنهن ڪري حق جي ڪلمي کي مٿانهون رکڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ۽ ڪافرن (غير مسلمانن) جي ڀلائيءَ جي لاءِ انهن کي اونداهيءَ مان ڪڍڻ ئي مسلمانن جو فرض آهي.
مديني ۾ قائم ٿيندڙ معاشري
۽ رياست جو نقشو
هن ڪتابي دنيا (توحيدي معاشري) ۾ نه چوري هئي ۽ نه ڌاڙيل هئا. ڇو جو ڪوبه ماڻهو هن رياست ۾ مسڪين رهي ئي نه پيو سگھي ۽ نه ئي وري شاهوڪارن کي دولت گڏ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. (کَیْ لَا یَکُوْنَ دُوْلَۃًۢ بَیْنَ الْاَغْنِیَآءِ مِنْکُمْ) هاڻي ته زنا به ختم ٿي وئي هئي جو نڪاح جو نوڙ دائمي به نه هو. عورت کي خلع ۽ مرد کي طلاق ڏيڻ جو حق مليل هو. هن معاشري ۾ اها بدترين بزدلي سمجھي وڃڻ لڳي ته ٻار جي سار سنڀال ۽ خرچ پکي جي ذميداريءَ کان پيءُ لڪي وڃي ۽ ٻار کي پنهنجي بڻ بڻياد کان محروم ڪري هڪ سادي سودي عورت جي مٿان ظلم ڪري. تنهن ڪري جيترن به ڏوهن کي مذهبي پيشوائيت ۽ غير عادلاڻي نظام ۽ شاهوڪارن کي هٿي ڏني هئي، تن سڀني جو خاتمو ڪري ڇڏيو ويو. اڃا به اهو نظام ئي ختم ڪيو ويو جنهن جي ڪري دنيا ۾ بي ايماني هئي. دنيا امن ۽ ترقي جي رستي تي هلي ان کي ٻيهر بهشت بڻائڻ لڳي هئي. نسل، رنگ، جادو ۽ بادشاهي ظلمت جون اونداهيون پيار ۽ محبت جي روشنيءَ جو تاءُ نه سگھي سگھيون ۽ سڀني عبدالرحمان جاميءَ جي چواڻي ڄڻ ته هڪ آواز ٿي چوڻ شروع ڪري ڇڏيو:
بندہ عشق شدی ترک نسب کن جامی
کا ندریں راہ فلاں ابن فلاں چیزے نیست
اَلَآ اِنَّ اَوْلِيَاۗءَ اللہِ لَا خَوْفٌ عَلَيْہِمْ وَلَا ھُمْ يَحْزَنُوْنَ
“الله سان محبت ڪرڻ وارن کان خوف ۽ ڳڻتي پري ڀڄندا آهن.”
هاڻي علم مذهبي ٺيڪيدارن جي غلاميءَ مان نڪري عام ٿي پيو هو. هاڻي ڪتابي شورائيت واري حڪومت ڪمزورن کي سگھارو بڻائي ڇڏيو هو ۽ قياس (استخراجي منطق)، استقراء (سائنسي طريقي) جي روشنيءَ سان دنيا کي دين بڻائي ڇڏيو. غلامن جي ڏيتي ليتيءَ جون بازارون بند ٿي ويون. عورتن کي به انساني آزادي ملي وئي. اعلان ڪيو ويو ته ڪابه ٻانهي ڪنهن به ٻار کي غلام نٿي پيدا ڪري سگھي. اهڙيءَ طرح انسان کي غلام بڻائڻ منع ٿي ويو ۽ مرد کي مڃڻو پيو ته عورت جي خدمت ڪرڻ ان جو فرض آهي جو هوءَ هڪ ماءُ آهي. انسان جو غلام بڻائڻ انهيءَ ڪري منع ڪيو ويو جو هو ان جو ڀاءُ آهي. علم ڪنهن کان به لڪائڻ ڪنجوسي آهي، خود غرضي آهي، گھٽياپڻو آهي، ڇو جو اهو عمل انساني شرف ۽ عزت جي خلاف آهي ۽ انسان کي غير الله جي دروازي تي جھڪائي ٿو. هاڻي علم ۽ عقل، برابري ۽ محبت، امن ۽ ترقي جي دروازن تي طاغوت جي شڪل ۾ ڪو به درٻان ۽ ڀوپي جي شڪل ۾ ڪوبه شفاعت ڪندڙ باقي نه رهيو ۽ دنيا آخرت جي پوک بڻجي وئي. هاڻي هڪ انسان ٻئي انسان کي چئي سگھيو ته:
اے آنکہ توئی خلاصئہ کون و مکان بگزار دمے و سوسئہ سود و زیاں
یک جامِ مے از ساقی باقی بستان تاباز رہی تواز غمِ ہر دو جہاں
x