قفس ۽ آشيان
آرزو مايوس ٿئي دنيا منجھان
بلبل ناشاد جي مجبور دل
ٿي پوي تڏهين قفس کي آشيان.
“گل ”
صبحن ۽ شامن، ڏينهن ۽ راتين، سج ۽ چنڊ جو سلسلو بدستور جاري رهيو. وقت پنهنجي رعب ۽ رفتار سان گذرندو رهيو. محب علي کي هن ڳوٺ ۾ هي نائون سال هلي رهيو هو. هن جا مائٽ ۽ ننڍڙو ادا اڃا حج تان نه موٽيا هئا. اداس اکيون انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيون. اشڪ اشڪ ٿي ويا دل جون اداسگيون آهون بنجي خلا جي خاموشين ۾ جذب ٿي ويون. ائين نه ته هن جي دل تان گذريل تمام يادون ميسارجي ويون مگر انتظار جي طوالت.عمر جي واڌ فهم جي ڪشادگي هن جي اڳين حالت ۾ تبديلي ضرور آندي هئي.۽ آهستي آهستي پاڻ کي سنڀالڻ لڳو هو. هو هاڻي جوان هو. هن جون خواهشون....... هن جا امنگ هاڻي جوان هئا. محب علي هاڻي اهڙي دنيا جو باشندو هو جتي فقط خمار ئي خمار..... خوشي ئي خوشي هئي. هو هاڻي پنهنجي نراس دل کي مستقبل جا حسين ۽ پر لطف خواب ڏيکاري تسلي ڏيئي سگھيو ٿي. وقت جي تجربن ۽ حالتن هن کي پچائي لال ڪري هن نئين دنيا جي باشند گيءَ جو لائق بنايو هو. محب علي هاڻي اڌ اڌ رات تائين هڪ جيڏن جوان ملاحن سان راند ۽ رهاڻ ڪندي گذاريندو هو. سڄو سڄو ڏينهن ڪندرو کيڏندي ۽ مال چاريندي گذاريندو هو. ساين چهچ ٻنين ۾ گليلا هڻندي ڪاڙهو تپي ويندو هوس. وڻن جي جھڳٽن ۽ سنڌوءَ جي سطح تي بينسري وڄائيندي سهماڻي ٿي ويندي هيس. ترڻ جي ريس ۾ حصو وٺندو هو. ٻيڙيون هلائيندو هو. رڇ وٽيندو هو. حاصل الڪلام گھڻو عرصو ميٺ ڀريل ملاحن وٽ رهي قدرتي تعليم پرائي هڪ اورچ سادهه دل، نيڪ نيت، خوش مزاج ملاح بنجي چڪو هو.ڳوٺ جي سڀني سنگتين ۾ اگر هن جو ڪو رازدار ۽ دلي دوست هو ته فقط ڀليڏنو ! اڄ شام جو هنن ٻنهي يارن جو پار وڃڻ جو پروگرام هو. شام جو شاندار وقت هو. سج جي ڪيسري ڪرڻن، پاڻي جي شفاف سطح تي پئي سڄي درياه کي سونو بنائي ڇڏيو هو. سونيون لهرون مٿاڇري تي ائين پئي هليون ڄڻ مصر جون حسين دوشيزائون سفيد بلوري فرش تي سونهري لباس پهري رقص ڪنديون هجن. ملاح ڪي مار تان موٽي رهيا هئا. ته ڪن وڏين ٻيڙين تي ڪاٺ پئي سٿيو. درياهه جا ٻئي ڪنارا ننڍين وڏين ٻيڙين ۽ بتيلن سان ڇانيل هئا. جوان ملاحن جو هي جوڙو ( محب علي ۽ ڀليڏنو ) گھمندو گھمندو پنهنجي بتيلي طرف وڌڻ لڳو. ملاحن جا خاص گھيڙ ڀن کان ڪجھه پرڀرو ڳوٺ جي بلڪل سامهون هئا،جتان ملاحن جون زالون ۽ جوان ڇوڪريون پاڻي ڀرينديون ۽ ڪپڙا ڌوئينديون هيون. هينئر به ڪجھه عورتون گھڙا مٿن ۽ ڪڇن تي کنيو پئي آيون. هي ٻئي دوست پنهنجي بتيلي ۾ ويهي الله توهار ڪري ونجھه ورائڻ لڳا. محب علي بينسريءَ جا آلاپ ڇيڙڻ لڳو. جلدي هي پار پهچي ويا. پرينءَ ڀر درياهه کان ميل کن پنڌ تي مهاڻن جو ٻيو به ڳوٺ هو. سايون ٻنيون ۽ هڪ سهڻو باغ هو. هي شاھ جو باغ هو. هي ٻئي دوست ڳوٺ، ٻنيون ۽ باغ گھمي وري گھر موٽيا.سج هڪ اڌ گول مان موڪلائي ٻئي اڌ گول ۾ وڃي لڪو هو. رات جي اونداهي برخواهه جر تي پکڙجي ويئي. چنڊ جون پويون تاريخون هيون. چمڪندڙ تارا آسمان جي ڪاري چادر تي ائين ٿي لڳا ڄڻ ڪنهن اپڇڙا ڪاري غلاف تي چمڪ دوزي مڙهي هجي. هي ٻئي ڄڻا آسپاس کان متاثر ٿيندا هن پار پهچي ويا. ساحل تي ٻه سهيليون حيا ۽ انتظار گاڏئن نگاهن سان هنن کي تڪي رهيون هيون. ويجھي اچڻ تي هڪ سڏ ڪندي چيو “ ادا ڀلو اسان کي گھاگھر ته پاڻيءَ مان ڪڍي ڏي ” شانوءَ منٿ ڪندي چيو. “ڪٿي آهي ” هتي ته ڪجھه ڪونهي، ڀليڏني آسپاس نهاري چيو.“ او..... اها ترندي وڃي..... او اها اوندهه ۾ ڪاري ڪاري ” شانوءَ آڱر سان پري اشارو ڪندي چيو. “ هاڻي وري ڪير ٿو وڃي، هينئر ته ٿڪجي آيا آهيون ڀلوءَ نٽائيندي چيو. “ ادا مهروءَ جي هٿ مان ڇڏائجي گھلجي ويئي ” شانوءَ ليلائيندي چيو. “ ڪوڙي گھاگھر تنهنجي ۽ نالو مهروءَ جو.... ڪنهن جي به هجي....... اسين وڃون ٿا گھر ” ڀلوءَ شرارت مان چيو. ادا ڪڍي ڏي الاهي دير ٿي ويئي آهي ” شانوءَ روڪيندي چيو. “ پهرين آياسين پئي تنهن مهل نٿي چئي هاڻي ويئي ڇٽي ڪير ٿو ٽن آنن جي گھاگھر لاءِ وري تڪليف ڪري ” ڀلوءَ چيو. “ ها ها ٽن آنن جي آهي ٽامي جي گھاگھر آهي ” شانوءَ منهن بنائيندي چيو. “ کڻي سون جي هجي...... وئي ته ڀلا ڪيئن ورندي ” ڀلوءَ مشڪندي چيو. مهرو جا هيترو وقت بت جان خاموش بيٺي سڀ ڪجھه ٻڌي رهي هئي. آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪري هڪ نظر گھاگھر ڏانهن ۽ هڪ نظر هنن ڏانهن ڏسي وري ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺي رهي. نرگسي نيڻن ۾ مايوسي ۽ منٿ جو هي عالم ڏسي محب علي پنهنجي سڀ همت وڃائي ويٺو. هن جي اندر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ هڪدم ٻيڙي طرف وڌيو. هاڻي ڀلو به وڃي ٻيڙي ۾ ويٺو ۽ ٻيڙي چند منٽن بعد رات جي سياهيءَ ۾ گم ٿي ويئي.
“ ادا گھاگھر ضرور کڻي اچجو، نه ته مهرو روئي ڏيندي ” شانوءَ مهروءَ کي ٽوڪ هڻندي چيو. جواب ۾ مهروءَ پاسي ۾ سنهڙي چهنڊڙي هڻي ڪڍيس. “ ويچارو ادو مبو نه هجي ها ڪيئن ؟ شانوءَ سواليه انداز ۾ چيو. “ گھاگھر ڪانه ملي ها، ٻيو وري ڪيئن ” مهروءَ بي پرواهيءَ سان چيو. “ ڄڻ توکي ته ويچاري جو ٿورو ئي دل سان ڪونه ٿو لڳي ” شانوءَ چيو. “ تو اها ڳالهه ته ڪانه پڇي... تو پڇيو ته ادا مبو نه هجي ها ته ڪيئن ؟ تڏهن ٿي چوان ته نه هجي ها ته واپس گھر هلون ها ٻيو وري ڇا ؟ مهروءَ دليل ڏيندي چيو. “ پوءِ ماسيءَ جا موچڙا...... ” شانوءَ نڪ کي موڙيندي چيو. “ هل هل موچڙا....... جو آهيان تو وانگر ” مهروءَ ڪنڌ کي جھٽڪو ڏيندي چيو. “ سچ پچ مبو ڪهڙو نه غريبڙو ” شانوءَ چيو ۽ مهروءَ هن جو ڪوبه جواب نه ڏنو. “ دعا ڪر ادي محب علي کي جنهن هن آفت مان ڇڏايو اٿيئي ” شانوءَ وري ٽوڪ ڪندي چيو.“ ها ڇو ڪهڙي دعا ڪريانس ” مهروءَ چاڳلائي مان چيو. “ ٻڌايان ڪهڙي دعا ڪرينس..... ٻڌايان ؟ شانو اکيون ٽمڪائيندي چيو مهروءَ شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. محب علي ۽ ڀليڏنو گھاگھر سميت ٻيڙيءَ مان لهي ويجھو اچي رهياهئا. محب علي ءَ پاڻيءَ سان ڀريل گھاگھر ويجھي ڪندي چيو : “اچي” رات جي سياهيءَ ۾ ٻنهي جون آمهيون سامهيون نظرون مليون. هڪ نظر ۾ شرم ۽ شڪر گذاري هئي ۽ ٻئي ۾ پيار ۽ مردانگي ! هينئر مهرو دل سان گڏ خود به ڏڪي رهي هئي. گھاگھر هن جي ڏڪندڙ هٿن مان ڇڏائجي ويئي ۽ ٺڪ اچي هيٺ ڪري. مبوءَ جي پير مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو پر هو بدستور مشڪندو رهيو. ڀلو پڳهه ٻڌڻ ۾ مشغول هو. ۽ شانو گھاگھر کي صاف ڪري وري ڀرڻ ويئي. مهروءَ ۽ محب علي الاجي ڪهڙي جھان ۾ پهچي ويا. مهرو سڳيءَ جي پڇڙين کي آڱر تي ڦيرائي رهي هئي. هن جون شرمگين نگاهون آهستي آهستي هيٺ جھڪنديون وييون. محب عليءَ جي پير جي اهڙي حالت ڏسي هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ دل وڌيڪ تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ڀلوءَ ايندي محب علي کي ٻانهن کان جھليو ۽ هي ٻئي دوست گھر ڏانهن واپس ٿيا.
مهروءَ جو اصل نالو مهر خاتون هو پر ننڍي هوندي کان مائٽ “مهراڻ ” يا مهرو سڏيندا هئس. ڳوٺ جي چڱي مڙس پانڌي خان جي اڪيلي نياڻي هئي. ننڍي هوندي کان ئي شوخي ۽ شرارت جو ڄڻ پتلو هئي. ڳوٺ جا ننڍا خواهه وڏا هن جو خيال ڪندا هئا. هينئر به اهي ساڳيون شوخيون ۽ ساڳيون شرارتيون موجود هيون. مگر مفهوم ٻيو هو، مهرو حالانڪ هڪ ڳوٺ جي سادي ۽ محدود ماحول ۾ پرورش پاتي هئي، مگر ذاتي حسن نه ته ڪنهن ڳوٺ سان تعلق ٿو رکي ۽ نه ڳوٺاڻي ماحول سان، هيءَ ته هڪ قدرتي ڏات آهي، جنهن لاءِ ذات پات جو ڪو ضرور نه آهي.
مهرو هن وقت جوان هئي. کيس هن حسن ۽ نزاڪت ڏيڻ ۾ قدرت واقعي فياضيءَ کان ڪم ورتو هو. هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ مهروءَ جي حيثيت ائين هئي جئن مٽيءَ ۾ ماڻڪ سرو جو سهڊول قد، هرڻ جو نازڪ جسم، ڪاريون نوڪدار اکيون، چوڏهين جي چنڊ جو محسور ڪن حسن،گلابي گل جون سنهڙيون ڳاڙهيون ( چپن طور ) موتئي جو سفيد قطار در قطار مکڙيون ( ڏندن طور )،ڪبڪ جي رفتار، قمري جي گفتار،هرڻ جي لوڏ، ڇولين جا ڇال، مکڙين جو ناز ۽ حجاب،گلن جي مشڪ ۽ جواني اگر يڪجا جمع ڪجن ته هوند هوبهو مهرو ٺهي پوي.جيڪڏهن هت اسين کيس سندس حسن ۽ رنگينن جي بناءِ تي “ شاهڪار فطرت ” يا “ مجسمه ِ بهار ” جھڙا لقب ڏيون ته به شايد وڌاءُ نه ٿئي.“ سج جھوپڙيءَ ۾ ڪيئن لهندو ” اصطلاح هن ڳوٺ ۾ سچ پچ شرمنده تشريح هو. ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ جي هڪ جھوپڙيءَ ۾ واقعي سج پنهنجي تمام تاباني ۽ جلون سميت لڪل هو. محب عليءَ سان هن جي ملاقات اڄ ڪالهه جي ڪانه هئي. هوءَ محب علي کي 9 سالن کان سڃاڻندي هئي. هڪ پاڙي هڪ ڳوٺ ۾ رانديون کيڏي رسندي پرچندي ايڏا ٿيا هئا. تازو 3 مهينن کان مهروءَ کي مائٽن منجھه وهاري ڇڏيو هو. تڏهن به ٻهراڙين جو منجھه وهارڻ ڪهڙو ؟ روزانو پاڻيءَ ڀريندي، پاڙي ۾ ايندي ويندي پيئي ٻاهر نڪرندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سهيلين سميت درياه جي دلفريب نظاري ڏسڻ يا کيتن جي دلڪش ۽ آرام ده ماحول ۾ دل وندارائڻ لاءِ به هلي ويندي هئي.
ڳوٺ جا شرير نوجوان مهروءَ کي ڏسي پاڻ ۾ سرگوشيون ڪندا هئا. مشڪندا هئا ۽ کنگھندا هئا. سنهيون سيٽيون وڄائيندا هئا.۽ بعضي ننڍڙيون پٿريون به توجھه ڇڪائڻ لاءِ ڏانهس اڇلائيندا هئا. پر مهروءَ کي جتي قدرت حسن ۽ جواني جي بي مثال خوبين سان نوازيو هو، اتي حيا ۽ اخلاق خود اعتمادي ۽ خود داريءَ وارين نعمتن کان به محروم نه رکيو هو. هوءَ انهن بداخلاق ۽ بيڪار نوجوانن جي اهڙين نازيبا روشن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري بيپرواه هلي ويندي هئي. ۽ شرم اٽلو ڏاڙهيءَ لڳن لوفرن کي ٿيندو هو. پر اهي ننڍپڻ واريون بي حجابيون هينئر ڪونه هيون. اڄوڪي ملاقات ۽ 9 سالن وارين ملاقاتن ۾ زمين آسمان جو فرق هو. کڻي چئجي ته زندگيءَ جي هيءَ پهرين ملاقات هئي ته بجا ٿيندو. مهروءَ گھاگھر رکي وڃي منجي تي ليٽي هن کي اوچتو الاجي ڇا ٿي ويو. پاڻي ته گابي پيارڻ لاءِ ڀري آئي هئي مگر عقل الاجي ڪيڏانهن هليو ويس ۽ گھاگھر ڇڏي وڃي منجي تي ليٽي.اکيون آسمان ۾ ۽ دل الاجي ڪٿ ؟.... اڄ شانوءَ سان گڏ ڇو ويس.. سمجھو به ڏاڍو آهي... يڪدم سهي ڪري ويو ته مهرو مون ڏانهن ڇو نهاريو..... گھاگھر ڪيترو نه پري لڙهي ويئي هئي.... ڀلو مئو رڳو ڏسڻ جو..... هو ته ڪيئن نه بنا چوڻ جي هليو ويو....پر هان! مون هي ڇا ڪيو ؟..... مهربانيءَ جو هڪ لفظ به واتان نه ڪڍيم..... هو ڇا سمجھندو...... آئون ڪهڙي نه بي گني آهيان.... هاءِ الله ؟ مونکي ضرور ڪجھه چوڻ کپندو هو... ڪنهن ٻئي وقت ضرور چونديسانس... پر منهنجو ڪنڌ شرم کان ڪيئن کڄندو ؟ هنجو پير جو وڍيم ڇا سمجھندو..... مون پاڻهي ڪيرائي...... ڪهڙو درد رسيو هوندس....ته به مشڪندو رهيو.... ويچارو مائٽن سنگتين کان وڇڙيل.... ننڍي هوندي ڪيئن نه روئندو هو..... پر مون ڇا ڪيو..... گھر ڇو نٿي هلي آيس.... نڀاڳيءَ شانو مونکي ڇو ترسايو... اچي به ڏسي اصل نه ڳالهائينديسانس.... ڀلوءَ سچ چيو ته گھاگھر نه آڻي ڏي ها ته سٺو..... مبو ڪاوڙيو نه هجي.... بابا کي نه ٻڌائي.... ڇا ٿيندو.... مون کي وري وات ڪونهي ڇا ؟.... ڇو نه مون ۾ نهاريائين.... پاڻيهي پاڻ سان ڪئي اٿس..... پر هو اهڙو ڪونهي.... ڇرڪيو به ڪين.... مشڪندو رهيو...... ڄڻ ته خوش هو..... ڇو خوش هو ؟ مهرو شرمائجي ويئي. ۽ زيرِ لب مشڪڻ لڳي.“ مهرو ڇا پئي ڪرين ” شانوءَ ويجھي ايندي چيو. “ ڪجھه نه......” مهروءَ خيالن مان ڇرڪندي چيو. “ گھاگھر واري ڳالهه ڪيئن ٿي ؟ شانو منجي تي وهندي آهستي چيو. “ امان کي چيم ته مون کان ڪري چٻي ٿي پيئي ” مهروءَ چيو. “ ٻي ڳالهه ڇو نه ڪئي ” شانوءَ مهروءَ جي ڪلهي تي هٿ رکندي پڇيو. ” ڪهڙي ٻي ڳالهه ” مهروءَ مصنوعي تعجب مان پڇيو. “ بلي..... ! ٻلي حج پڄي به ويئي. سوَ ڪئن واري ڳالهه ڇٽي ” شانوءَ چيو. مهروءَ منهن ۾ گھنڊ وجھي کڻي ماٺ ڪئي. “ مبوءَ واري ڳالهه وسري ويئي ” شانوءَ چيو. “ ڪهڙو ضرور بيفائدي ڳالهين ڪرڻ جو ” مهروءَ منهن بنائيندي چيو. “ بي فائدي....! هن ويچاري جي ڳڻتي ته ٺهيو اٽلو آڪڙ ” شانوءَ چيو. “ مون ٿورو ئي پير وڍيومانس. گھاگھر پاڻيهي ڪري پيئي ” مهروءَ نٽائيندي چيو “ آئون ٿي ماسيءَ کي ٻڌايان ” شانوءَ شرارت مان چيو. “ ڇو امان ڦيڻو ڦڪي ڪنديس ڇا ؟ ” مهروءَ سنجيده ٿيندي چيو. “ مروئان موت ملوڪان شڪار ” هن ويچاري جو پير سڄي بنڊ ٿي پيو آهي ۽ هت چٿرون پيون ٿين ” شانو چيو.“ تو سان ڪنهن ڳالهه ڪئي ” مهروءَ اٻهرائي مان پڇيو. “ ڪنهن به...... ” شانوءَ اکيون ٽمڪائيندي چيو. “ ٻڌاءِ نه ته چوٽي ٿي پٽيان ءِ ” مهروءَ شانوءَ جي چوٽي جھليندي چيو. “ آئون ويئي هيس ” شانوءَ بي رخي سان چيو. “ هون..... مون سمجھيو ڇوري ! هڪ رات به آرام نه آيءِ اٽلو آئي آهين مون تان مسخريون ڪرڻ ” مهروءَ مشڪندي چيو. “ پنهنجي ڳالهه ڪر جو اوندهه ۾ اکيون ٿي اٽڪائي . مبوءَ کي پئي لاچاري جو بنا چوڻ جي ويو ٿي گھاگھر کڻڻ پنهنجو ڏوهه لڪائي هاڻي پيئي ٻين جي گھر ۾ کڙا اڇل ” شانوءَ شرارت سان چيو. مهروءَ جون اکيون هيٺ ٿي ويون ۽ ڳالهه مٽائيندي چيو “ ڇو ويئي هئينءَ مبوءَ جي گھر ؟” مهروءَ چيو.“ تنهنجي پارت ڪرڻ ” شانوءَ ٽوڪيندي چيو. “ ٻڌاءِ.... ٻڌاءِ ” ڪونه ٻڌائيندينءَ ” مهروءَ شانوءَ جي چوٽي ڇڪيندي چيو. ٻڌايان ٿي...... ادي..... ڇڏ ٻڌايان ٿي ”شانو سنهي چيخ سان چيو.“ چڱو ڀلا ٻڌاءِ......” مهروءَ چوٽي ڇڏيندي چيو. “ تنهنجي پارت ڪرڻ شانوءَ ڪنڌ کي پاسيرو جھٽڪو ڏيندي چيو. مون ته توکي ڪونه چيو هو تون پاڻيهي منهنجي پاران “ڇو وئين ” مهروءَ البت ترش ٿيندي چيو. “ تون ته ٿئين ءِ بي گني پر مون خيال ڪيو ته ميار لاهيو اچان ” شانو سنجيدگي سان چيو. “ آئون ڇو بي گني آهيان ” مهروءَ سوال ڪيو. “ چپ ٻڌي جو آئينءَ هلي ” شانوءَ جواب ڏنو. چڱو پوءِ ڇا چيائين ؟ ” مهروءَ دلچسپي وٺندي پڇيو . چيائين ته، مهروءَ کي وٺي اچ نه ته منهنجو پير ڪونه ڇٽندو ” شانوءَ ٽوڪيندي چيو. “ هل ڪوڙي.... ” مهروءَ شانوءَ کي سنهي چماٽ هڻندي چيو. “ مائٽن سان ڳالهه ڪئي اٿس ته ڀلوءَ سان راند کيڏندي سروٽو لڳو اٿم ” شانوءَ قدري آهستگي سان چيو. “ پوءِ ” مهروءَ وڌيڪ دلچسپي وٺندي چيو. “ پوءَ بس. مون ڪوڙ ڪري چيومانس ته مهروءَ کي تنهنجو ڏاڍو ارمان ٿيو ” شانوءَ رازدانه انداز سان چيو. “ ڇوري ” بي حيا مامي ڇا سمجھندي ” مهروءَ شرمائيندي چيو. “ چري مامهين جي منهن تي ٿورئي اهڙيون ڳالهيون ڪبيون.شانوءَ شرارت سان مشڪندي چيو. “ڀلا ٻيو ڇا چيائين ” مهروءَ پڇيو. “ چيائين ته مهروءَ کي گھاگھر چٻي ٿيڻ ۽ دير ڪرڻ تان دڙڪا ته ڪونه مليا “ شانوءَ مهروءَ کي سنهي چهنڊڙي هڻندي چيو. مهرو شرم کان ڪنڌ ٻئي پاسي ڪري شڪ، نامعلوم ۽ وسيع دنيا ۾ گم ٿي ويئي ۽ مهرو وڃي گھر جي ڪم ڪار کي لڳي.