هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. گل نصرپوري لکي ٿو:
احساسات ۽ تاثرات جي هن مجموعي ۾ زندگي جي تمام لاهين چاڙهين سان گڏ قرب ۽ پيار جي به هڪ دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار به آهن ته تڪرار به ! لڙڪ به آهن ته ٽهڪ ! معافيون به آهن ته ميارون به ! جفائون به آهن ته وفائون به !
مطلب ته پنهنجي مطالعي ۽ تجربي آهر هن ناول سينگارڻ سان گڏ ڪهاڻي ۽ انجي اصولن جي پيرويءَ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم.
ناول
درياء جي ڪپ تي
- 5.0/5.0
- 2778
- 1185
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (301) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن. ڪتاب جنهن تان ناول ڪمپوز ڪيل آهي سو پراڻو ۽ ڪجهه پنا ڦاٽل هيا جنهن سبب ڪٿي ڪٿي ڪي سِٽون، ڪي لفظ کُٽل آهن. ان لاءِ پڙهندڙن کان اڳواٽ معافي جا طلبگار آهيون.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ گل نصرپوري
- ڇپيو ويو 1960
- ڇپائيندڙ اداره آواز ادب حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 28/Nov/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1185 ڀيرا