دام
گلن جي گرد آشيانو نه بنجي
مقدر به خود بيوفا ٿي وڃي ٿو
مخالف هي ڪنهن جو زمانو نه بنجي
”گل“
ٽن ڏينهن کان ربن ڳوٺ مان غائب رهيو. چوٿين ڏينهن شام جو دڪ تي اچي هنن ٻنهي يارن سان مليو.اوڙايون سواڙيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون پيو ڪري. پر ڀلوءَ کي ڪنهن هڪ تي به اعتبار نه پيو اچي. خير رات جي رهاڻ ڪري سڀڪو وڃي آرامي ٿيو. رات محب عليءَ مٺڙي ننڊ ۾ سهڻا سپنا ڏسندي..... ڀلوءَ اڻ تڻ ۽ بيقراري مان پاسا ورائيندي....۽ ربن فتني جون ڪڙيون ملائيندي گذاري.ڀليڏنو ته گھڻي وقت ربن جا ڏند ڏسيو ويٺو هو ته کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا اٿس. تنهن ربن جي لڳاتار ٽي ڏينهن ڳوٺ مان غير حاضر رهڻ کي به ڪنهن فتني سان تعبير ڪيو. اڄ صبح جو به محب علي ۽ ڀلو ٻئي دستور مطابق گوهر تي پهچي ربن جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڀلوءَ کي الاجي ڇو چئني طرفن کان خطري جا ڀوت ڏيکايون ڏيئي رهيا هئا. قدم قدم تي اڻ تڻ ۽ بي آرامي ........! نيٺ صبر جي دامن کي ڇڏيندي بي اختيار چئي ڏنائين.
“ مبو ربن دير ڪئي آهي....... شايد اڄ هلندو ئي ڪونه......ڀلا جي نه آيو ته پوءِ پاڻ هلون هليا.....؟”
“ ٻيو ڇا ڪبو........ رستو ڏٺو اٿس ! اچڻو هوندس ته پاڻيهي ايندو ” محب علي جواب ڏنو.
ڀليڏنو هاڻي وس کان ٻاهر نڪري رهيو هو. ڀلا اهڙي دل به ڪٿان آئي جا صبر جو ايترو بار سهي سگھي ! هن جو هي صبر محب عليءَ جي خوف کان هرگز نه هو، بلڪ هر گھڙي اهو خيال ڪري ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو ته جيڪڏهن محب علي اڳي وانگر وري به منهنجي ڳالهين مان ڪنڊن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي يا وڌي ڳالهوڙو ٿي پوندو. فائدو ته فائدي جي ماڳ اٽلو گھر ۾ گھاٽو.
“ محب علي “ منهنجي مرضي آهي ته جي ربو اڄ مال ۾ نه هلي ته تون به سارو ڏينهن گھر ۾ ئي رهه ته بهتر” ڀلو خاموشي ٽوڙيندي چيو.
“ ڀلو تنهنجي معنى ربن جي ڪري توکي اڪيلو ڇڏيان “ محب عليءَ سواليه انداز مان چيو.
“ نه نه مبو ! هن ۾ ڪو راز آهي. توکي ته الاجي هاڻي مون تي اعتبار ڇو نه ٿو اچي “ ڀليڏني پهريان اکر قدري سنجيدگي ۾ پويان البت ڏک سان چيا.
“ راز وري ڪهڙو آهي...... مون کي مهڻو ٿو ڏين..... آئون ٻار ڪونه آهيان.سڀڪجھه سمجھان ٿو ته تون ٽي چار ڏينهن کان ڇو رنج آهين..... تنهنجو مطلب آهي ته آئون ربو سان ڳالهائڻ بند ڪريان..... ڀلو ! برابر هو چالباز ۽ مڪار هو، مگر هاڻي جيڪڏهن هو اسان سان سچو آهي ته پوءِ به کيس فريبي ۽ چالباز سڏيندين ؟ مون جو ڪجھه ڪيو آهي، سو رڳو انهيءَ لاءِ ته جيئن هڪ دفعو پاڻ ۾ ڀائر ٿيا آهيون تيئن رس ۾ رهائيندا اچون ته ڏاڍو سٺو “ محب علي دل جو حال ظاهر ڪندي چيو.
“ ادا تنهنجي دور انديشيءَ کي لک شابسون، پر آئون ته رنج ڪونه آهيان.... ۽ سو وري توسان ؟ خدا نه ڪري “ ڀلو چيو.
“ پوءِ ڀلا ڇو ٿو اهڙو ڇڊو رهين ؟ اهو ساڳيو آهين نه ؟ جو گھر وهندو هوس ته ڪاوڙجي پوندو هئين......۽ اڄ ساڳيو مون کي گھر ترسڻ لاءِ ٿو چوين “ ۽ پاڻ اڪيلو مال ۾ وڃڻ ٿو چاهين “ محب عليءَ تحڪمانه انداز سان چيو.
“ مبو تون ڪيترو نه سمجھدار آهين..... پر ڪڏهن ايترو به سوچيو اٿيئي ته آئون ڀلا ڇو ڪندس. منهنجي دل چوي ٿي ته رات ڏينهن توسان پاڇي وانگر گڏ رهان...خصوصاً تيستائين جيستائين حالتون ٺيڪ ٿي وڃن پر..... ڪمبخت زمانو فرصت ئي نٿو ڏئي....... باقي محب علي ربن اڄ پاڻ سان جھنگ ۾ ته ڇا پر ٻه وکون ڀري کڏ تائين به نه هلندو. جي هلي ويو ته شرطون آهن “ ڀلوءَ مرڪندي چيو.
ٿورو وقت ماٺ رهي. محب علي خيال ڪيو ته ڀلوءَ کي ڇاٿي ويو آهي، شڪ ۽ گمان کي حقيقت سمجھندو ڪيستائين هن دوکي ۾ ڦاسندو رهندو، ۽ ڀلو سوچيندو رهيو ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو محب علي، ربن جي اڄ نه هلڻ جو سبب به پڇي ! يا جيڪڏهن ٻيو ڪجھه به نه چوي ته به سندس وات مان بي اختيار فقط “ڇو؟ جو لفظ نڪري وڃي ۽ هي سڀڪجھه کيس ٻڌائي ڇڏي.
“ نه هلي ته نه هلي...... اسان کي ته ڪونه روڪيندو “ محب علي جواب ڏنو.
ڀلو جي خيالن جا محلات هڪ ڌماڪي سان اچي پٽ تي ڪريا.
“ پر..... “ ڀلو چوڻ لڳو.
“ پر تنهنجي مرضي آهي ته آئون توسان نه هلان !” محب علي ڀلو جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
“ منهنجي اکين تي هل...... اجھو ربن به اچي پيو “ ڀلو هڪ طرف اشارو ڪندي چيو
.” ربن دير ڪيئي “ محب علي سوال ڪيو.
“ رات هوم بخار...... يار ڀڃي ڇڏيو اٿس “ ربن طبيعت جي ڪمزوري ظاهر ڪندي چيو.
“ هينئر ته ڪونهي نه.......؟” ڀلو ربن جي ٻانهن کي هٿ لائيندي چيو.
“ هينئر ته صبح جو پهر به آهي. اٿم جلاب وٺڻ جو خيال...... دل ۾ چيم ته ٻڌايو اچان متان همراهه آسري ۾ رهن “ ربن چيلهه تي هٿ رکي ڪنجھندي چيو.
“ نه يار مون کان اڄ ايترو پنڌ به ڪونه ٿي سگھندو ۽ مون کي جلاب ضرور وٺڻو آهي “ ربن جواب ڏنو.
“ چڱو ڀلا وري شام جو ملنداسون “ محب علي چيو.
“ چڱو ڏسان جيڪڏهن ٿي سگھيو ته ٻنپهرن مهل اچي نڪرندس “ ربن ويندي چيو.
ڀلو ويندڙ ربن جي قدمن جي مصنوعي لچڪ ۾ غور سان ڏسي رهيو هو. ۽ محب علي پرچاءُ کان اڳ پهريون ڀيرو ربن جي تازن چيل ٻن جملن “ مون کان اڄ ايترو پنڌ به ٿي نه سگھندو “ ۽ “ڏسان ، ٿي سگھيو ته ٻن پهرن مهل اچي نڪرندس “ جي روشني ءَ ۾ هڪ نئون خواب ڏسي رهيو هو. هي دفعو هن جي خيالن جي ڄار ۾ هڪ ٿلهو متارو پکي ڦاٿو به.... پر وري هڪ ٻن ڦٿڪين سان ڄار جا ڦند ٽوڙي پري تمام پري اڏامي ويو ۽ محب علي پنهنجي فيصلي “ راند جو شوق به عجيب آهي..... رات سڄي بخار.......هاڻي وٺندو جلاب....... ڪمزوريءَ کان ڪنجھي به پيو پر راند جو ٻڌو اٿس ته چوي ٿو ته ٻن پهرن جي ڪاڙهي ۾ به ايندس “ کي چپن ۾ آهستي دهرائڻ لڳو. ربن آهستي آهستي ويندو غائب ٿي ويو ۽ هن ٻنهي يارن به آواز کي گول مول بنائي جانورن جون ٻوليون شروع ڪري ڏنيون.چند سيڪنڊن بعد جوانن جي هن خاموش قافلي کي جنبش آئي..... هلڻ جي گڏيل شور ۽ چنگن چڙن جي مترنم آوازن سان گڏ پنهنجي ئي غبار ۾ غائب ٿي ويو.
ربن هاڻي بالڪل آزاد هو. هن جو ٻيو ڪم هو “ پانڌي خان کي پتڻ تي روانو ڪرڻ “ انهي خيالن ۾ پير پير ۾ ڏيندو پئي ويو ته ڪهڙي اٽڪل ڪري پوڙهي پانڌي خان کي پتڻ موڪلجي ته واٽ تي پانڌي خان کي ايندو ڏٺائين خوش ته ٿيو پر وري به خاطريءَ لاءِ پڇيائين. “ چاچا ڪاڙهي ۾ ڪيڏانهن تياري اهي ؟
“ پٽ پتڻ تي..... ٻيو ڪيڏانهن وڃبو اڄ دير ٿي ويئي آهي..... ٺيڪ به ڪونه آهيان.....” پانڌي خان ٿورو کنگھندي چيو.
ربن دل ۾ چيو “ پوڙها هينئر ته خدا ٽاريئي پوءِ جون خبرون پوءِ سان “ پر مٿان منهن بنائيندي چوڻ لڳو : “ چاچا پوءِ تڪليف ڇو ٿا ڪريو. ڪم ڪار هجي ته آئون ڪيو اچان......”
“ پٽ الله ساڃهه ڏئيئي.... ٿورو ٺيڪيدارن سان ڳالهائڻو آهي “ پانڌي خان وک کي تڪڙو ڪندي چيو.
ربن هتان به مطمئن ٿيو. هن جو ٽيون ڪم هو، گلان ( جا هن جي عيارانه چالن جي مددگار هئي ) کي محب علي جي گھر موڪلڻ ان لاءِ ته مهروءَ جي ماميءَ کي ڳالهين ٻولهين ۾ مشغول رکي ۽ پوءِ بي اونو ٿي پانڌي خان جي گھر لنگھي وڃڻ ۽ رٿيل سازش جي آخرين ڪڙي به مڪمل ڪرڻ.
گلان کان فارغ ٿي هي شيطان نما انسان پنهنجو روزنامچو سنڀالي نڪتو. چالاڪ ڪانو وانگر گھٽين جا ور ۽ لوڙهن جا مٿاڇرا جاچيندو پانڌي خان جي گھر لنگهي ويو. قسمت ساڄي هيس ۽ مهرو اڪيلي پڌر واري نهيري ۾ ڌوتل ٿانو ٽنگي رهي هئي. “ مهرو محب علي آهي “ ربن اندر گھڙندي مشڪ سان چيو ۽ مهرو کان هلڪڙو ڇرڪ نڪري ويو. ربن کي اڳيان مشڪندو ڏسي پنهنجي اڪيلائي تي خوف کائڻ لڳي. “ نه.... هوندو سندس گھر.....” مهروءَ ڏڪندڙ جسم تي قبضو ڪندي چيو.
“ سندس گھر ته ڪونهي..... مون چيو ته متان هتي ئي کڻي آيو هجي “ ربن بدستور مرڪندي چيو.
“ پنهنجي گھر هوندو هتي ڇو ايندو..... چريو ٿيو آهي ڇا ؟” مهرو نٽائيندي چيو.
“ ائين نه چئو مهرو ! تون جا پنهنجي گھر هوندي هن جي گھر ويندي آهين..... پوءِ توکي ڪير ٿو چريو چوي ؟” ربن چيو.
“ اهو ته منهنجو پنهنجو گھر آهي.......” مهرو جست جي چونري نهيري جي هڪ نوڪ ۾ ٽنگيندي چيو
“ ته بس هي به هن جو ئي گھر آهي..... ڪنهن به وقت هتي اچي سگھي ٿو.......” ربن ڪنڌ کي پوئتي جھٽڪو ڏيندي چيو.
“ هر گز نه، هو مرد آهي...... بابا ائين ڪڏهن به ڪونه اچڻ ڏيندس “ مهروءَ قدري ترش ٿيندي چيو.
“ تون ته اچڻ ڏيندينءَ هن کي ؟” ربن هڪدم سوال ڪيو.
مهروءَ جون اکيون هڪ ئي جھٽڪي سان مٿي کڄي وري هيٺ جھڪي وييون. دل جي تڪڙي دڪ دڪ سان ساري بدن ۾ گرم شعلن جي بارش محسوس ڪرڻ لڳي. غصي ۽ شرم گاڏئين لهجي سان چيائين :
“ بي حيا هي ڳالهائين ٿو..... وڃ هتان نه ته بابا کي ٿي سڏ ڪريان...... “
“ ڌاريو ته هو به ڪونه آهي مهرو تنهنجو ئي ماروٽ آهي. تون ته جھٽ ٻارن وانگر ڪاوڙجي وئينءَ پر هو مبو ته اسان سان ڪئين ڳالهيون ڪندو آهي “ ربن مداريءَ واري کيڏ پکڙيندي چيو.
“ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ؟” بي اختيار مهروءَ چئي ڏنو.
“ مون هڪڙي سان ٿوروئي ڪندو آهي..... اڙي چري هو مجنون ته ساري سٿ ۾ ويهي پنهنجي ليلى جون تعالون ڇيڙيندو آهي. هڪ ڀيري ته پرئين ڳوٺ وارن جي روبرو به موج ۾ اچي ويو “ ربن مهروءَ جي منهن ۾ گھُريندي چيو. “ ڪهڙيون تعالون..... ڇا ڇا چوندو آهي ؟” مهروءَ نرڙ تان پگھر اگھندي ڏڪندڙ چپن سان چيو.
“ تعالون وري ڪهڙيون ڪندو..... جنهن مهل ڏس ته وٺي مهرو مهرو ڪندو..... مهرو اسانجي گھر ايندي آهي.....اسين هڪ ٻئي ۾ نهاري کلندا آهيون.... مهرو مون سان محبت ڪري ٿي...... مون کي ڏاڍي وڻندي آهي..... ڪهڙي نه سنهي سڊول ۽ سهڻي آهي !..... هن کي ڳاڙهو وڳو اهڙو ٿو ٺهي جو پچارون ڇڏي ڏي...... بولي سان جڏهن کلي ٿي تڏهن قرآنَ، ڪهيو وجھي “ ربن هر هڪ جملي کي خاص انداز سان ادا ڪندو رهيو.
“ اڃا رات به اسان کي ٻڌايو اٿس ته اسين ڀاڪر پايو ويٺا هئاسون..... پر مبو ته ائين چوندو آهي ته متان چاچو پانڌي نه مڃي تنهنڪري هاڻي ڀڄائي ويندوسانس “
ويچاري مهرو هي سڀڪجھه ٻڌندي ڄڻ ڪنهن ڌٻڻ ۾ پهندي ويئي. اڻڄاڻ ۽ الڙ جو هئي ! هن کي اکر اکر دل سان لڳي رهيو هو. ربن به اهڙي اٽڪل ۽ انداز سان گفتگو ڪري رهيو هو.ڄڻ سچ پچ اهي سڀ ڳالهيون محب عليءَ ئي کيس ٻڌايون آهن. نيٺ دل تي قابو پائيندي چيائين : “ نه نه هرگز نه..... هو ڪوڙو آهي..... تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين “ مهروءَ جو گلو خشڪ ٿي ويو.
“ مهرو هيءُ وقت ڪاوڙجڻ جو نه..... پر سوچڻ جو آهي “ ربن رازدار لهجي ۾ چيو.
“ ڪيئن به هجي..... تون ڪوڙو آهين....نڪر....نه ته...” مهرو چوندي چوندي خيالي ڪشمڪش ۽ نسواني ڪمزوريءَ کان مجبور ٿي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
“ مهرو مان سچ پچ وڏو نا لائق آهيان. هن کان اڳ ڪهڙو خيال ڪري..... ڪهڙو احساس ۽ همدردي کڻي تو وٽ آس جي هڪ اهڙي بي پر ۽ بي طاقت جيت کي، جو هڪ سنهي ۽ ڪچي ڪک جي سهاري هيڏو بحر پار ڪرڻ چاهي ٿو، وڃي ٿو آئنده جي خطري کان آگاهه ڪريان...... غريب خاندان جي عزت کي ٿو بچايان...... ان پوڙهي ۽ نيڪ نيت پيءُ جنهن جو هن دردن ڀري دنيا ۾ اکين جو آسا بند ۽ سهارو فقط تون ئي آهين. جي بي داغ دامن کي هڪ نه لهندڙ داغ کان ٿو بچايان...... تو جھڙين بي سمجھه لڙ ڇوڪرين جي ڪنن مان ڪپهه ڪڍان.... هن مڪار ۽ چالباز ( محب علي ) جا پول پڌرا ڪري توکي هن نئين نينهن جا ٻه چار نقش ته ڏيکاريان... ۽ تون آهين جا منهنجي هن جان جي ۽ احساس جو هي قدر ڪري رهي آهين !ڪجھه وقت ربن ساهي کنئي ۽ مهرو ڀت وانگر بي حس بيٺي رهي. مهرو آئون ڳوٺ ۾ بدنام ضرور آهيان. ننڍو خواه وڏو مون کان نفرت ڪري ٿو..... ۽..... تون به يقيناً دل ۾ ائين ئي سمجھندي هوندينءَ ته آئون اڄ ڪا کيڏ کيڏڻ آيو آهيان محب علي کي توکان جدا ڏسڻ ۾ خوش آهيان..... هر گز نه، مهرو تون ڏسندي آهين ته مبو مون کي ڪيتري قدر پيارو آهي پر مون کي هڪ غريب خاندان جي عزت، تنهنجي معصوميت، پنهنجي ضمير جي ملامت ۽ مردانه غيرت تنهنجي قيمتي ۽ نو خيزه زندگي بچائڻ لاءِ مجبور ڪيو...... مهرو مبو منهنجو دوست آهي ۽ تون غيرت....نه فقط مون لاءِ پر ڳوٺ جي سڀني غيرتمند مردن لاءِ تنهنجو رشتو زياده معتبر ۽ عزيز آهي.... ڇا به آهي، پر يقين رک ته اسان کي دنيا جي هر شيءِ کان پياري آهين..... آئون مرد آهيان ۽ تون عورت....... محب علي ڪجھه به بگاڙي نٿو سگھي ۽ تنهنجو سڀڪجھه......آئون هن کان پڄي به سگھان ٿو ۽ تون نه..... آئون دنيا جي هر ٻنڌڻ کان آزاد آهيان ۽ توکي مٽن مائٽن سماج ۽ رواج جو اوس خيال رکڻو آهي. ربن چوندو ۽ پنهنجي جادوءَ جو اثر به جاچيندو رهيو. هيتري تقرير کان پوءِ موضوع ۾ البت تبديلي ۽ لهجي ۾ نرمي پيدا ڪندي چوڻ لڳو. “ مهرو تون رنج نه ٿي..... آئون توکي روڪيان ڪونه ٿو.... تون ڀلي دل جي دنيا آباد ڪر.... دل کولي پيار ڪر...پر اهڙي بهار سان نه جا فقط چند ڏينهن جو چٽڪو هجي.... اهڙي ڪڪر جي ڇانو ۾ هميشه وهڻ جي خواهش نه ڪر جو هوا جي زور تي هلندو هجي..... هي هڪ وڏو ۽ مشڪل امتحان آهي...... شايد زندگيءَ جو پهريون ۽ آخرين امتحان....مهرو! هي هڪ اهڙو بي پايان بحر آهي جنهن جي ٻي ڪنڌي آهي ئي ڪانه.... هن ۾ تو جھڙا تڪڙا ۽ لڙ تارو هڪ تر به تري نه سگھندا ۽ وڃي تر وٺندا آهن. مون کي تنهنجي اٻهرائي بي عقليءَ تي عجب ٿو لڳي ته تون هڪ ڪمزور عورت ٿي ڪري هن بحري اڻ ڄاڻ ٻار کي واجھي سمجھي ان جي سهاري ڪيئن گھڙي پيئي آهين..... تو ائين به نه سمجھيو ته جنهن جي آسري تون نڪتي آهين. سو توکي وچ سير ۾ ڦٽو ڪري ويندو ته ڪونه هليو ...؟ يا ٿڪجي ته ڪونه پوندو.....؟ خدانخواسته ائين ٿي پيو ته پوءِ........؟ پوءِ تون ڪٿي جي ٿيندينءَ ؟ لهرن ۽ ڇولين ۾ توائي ڪانه ٿيندينءَ.....؟ مهرو ! ٻڌاءِ پوءِ دنيا جي اڳيان ڪنڌ کڻي سگھندينءَ....؟ هن ڳوٺ ۾ رهي...... سک جو ساهه کڻي ۽ سرتين ۾ سونهين سگھندينءَ....؟ تون چپ ڇو آهين....؟ ڀلا چوين به ڇا ؟ آئون ٿو ٻڌايان ءِ...... هر گز نه..... پوءِ تون ڪنهن جي ڪم جي نه هوندينءَ..... سچ ٻڌاءِ مهرو ! خاندان جي عزت ٻوڙي پيءُ جي اکين جو نور نچوئي...... ڳوٺ ۽ ذات جو نڪ ڪپي..... پنهنجي ديد ۽ پريت وڃائي ڪيئن ۽ ڪيترو سک سمجھي سگھندينءَ ؟ ۽ پوءِ تنهنجي لاءِ هن دريا ۾ ٽپو ڏيئي مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه هوندو.....هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته اهو انسان جو توسان ههڙيون عقوبتون ڪري گذري سو تنهنجو دوست آهي يا دشمن ؟..... تون هينئر ڇا سوچي رهي آهين ؟ سوچڻ توکي ان وقت گھربو هو، جنهن وقت تو پهرين محبت جواقرار ٿي ڪيو...... پريت جا پيغام ٿي موڪليا....نئون نينهن ٿي لڳايو...اڙي هان تون اڃا روئي رهي آهين ! چري ....هينئر روئڻ مان ڇا ورندو ؟ هي وقت کلڻ جو آهي..... محبت جي مٺڙين مٺڙين ڳالهين ڪرڻ جو آهي...نوان عيد جا ڪپڙا پائي هٿ هٿ ۾ ڏيئي قرب ونڊڻ جو آهي..... اڪيلي ۽ مظلوم پيءُ جي اکين ۾ دولاب ۽ دغا جو تيزاب وجھي هن کي هميشه هميشه لاءِ انڌي بنائڻ جو آهي.... مهرو روئڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي اهو ايندو ۽ ضرور ايندو..... هينئر روئي پنهنجي دل جي نازڪ ۽ نئين ٽڙيل مکڙي جو مذاق نه اڏاءِ... هن وقت زور ڪري کل...ٽپا ڏي...... روئڻ جو وقت جڏهن ايندو تڏهن تون ڪيتري به ڪوشش ڪندينءَ ته به ماٺ نه ڪري سگھندينءَ اهي خيالي شبنم جا قطرا جي تنهنجي اميدن جي گلن تي هينئر موتين سمان سونهن پيا سي وقت اچڻ تي ازخود لڙڪ بنجي اچي زمين تي ڪرندا. هينئر تنهنجو هر هڪ لڙڪ قيمتي آهي..... ڇو انهن بي بها هيرن کي خاڪ ۾ ملائي رهي آهين. اهي توکي ئي ڪم ايندا..... ڪنهن وقت اهي تنهن جي لاءِ مرهم جو ڪم ڏيندا.... مهرو،نه رو...... نه رو.
ربن جڏهن ڏٺو ته ڌاتوري جو نشو تار ئي تار آهي. تڏهن چيائين مهرو تون چوين ٿي ته نڪر.....آئون وڃان ٿو . واقعي دنيا توکي ئي ٿوڪيندي ته هن بدڪار ۽ مڪار ربن سان ڇو ڳالهائي رهي هيئين. آئون بدمعاش آهيان...... لوفر، غنڊو ۽ حد کان زياده خراب آهيان....ان لاءِ ته ڪنهن جي رکان ڪونه ٿو..... هميشه سچ ٿو چوان. آئون وڃان ٿو........ وري ڪڏهن به ڪونه ايندس...... ها هڪ دفعو ضرور ايندس،......... ڪڏهن ؟ جڏهن توکي هڪ همدرد ۽ مددگار جي ضرورت محسوس ٿيندي..... جڏهن ڳوٺ جي هن بداخلاق غنڊي جو لفظ لفظ سچو ثابت ٿيندو..... جڏهن دنيا وارن جي اڳيان سچ ڪوڙ ظاهر ٿي ويندو... مهرو تڏهن هي سڀني جو تڙيل ۽ نرلڄ ربن تنهنجي خدمت ۾ هڪ ادنى غلام جي حيثيت ۾ اچي حاضر ٿيندو.....
مهرو ساڳي جاءِ تي منهن گنديءَ جي پلئه ۾ لڪائي روئندي رهي ۽ هي آئنده جو همدرد ۽ گھڻگھرو هن پاڪ ۽ معصوم دل کي نه ختم ٿيڻ وارا لڙڪ ۽ سڏڪا ڏيئي تند ٿي ويو. هيءَ ويچاري مهڻن ماري دل ڪا مهل هنجون هاريندي رهي. نيٺ هوريان هوريان چري ۽ وڃي کٽ تي پيئي. دل ۾ لهريون هيس....مغز ۾ چڪر ۽ خيالن ۾ وهمن جو طوفان ۽ محبت جو دل خراش انجام..... سوچيندي رهي... ٿوري وقت ۾ ڪيترا سوال پنهنجي پريشان دل کان ڪري ويئي ڇا؟.... محب علي واقعي سڀڪجھه هن کي ٻڌايو آهي ؟ ....؟ مبو مون کي بدنام ٿو ڪرڻ چاهي ؟ڇا..؟ هو مون کي....دوکو ڏيندو ؟ هن جا سڀ اقرار ۽ واعدا ڪوڙا آهن ؟ هرگز نه...... پوءِ ربن کي هنن سڀني ڳالهين جو پتو ڪيئن پيو ؟ ضرور ڪجھه ته آهي....... شاباس هجي محب عليءَ کي....... پر محب علي ائين ڪيئن ڪندو ؟.... هن ۾ سندس به ته عزت جو سوال آهي..... ربن کي هو خود ڪونه سڃاڻي ڇا ؟ هن بدڪار کي ته ڳوٺ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو..... ائين ٻار ته محب علي به ڪونهي...... ربن منهنجو اڳ ٿو وٺي..... پر اڳ به هرو ڀرو منهنجو ئي وٺڻو هيس....؟ شانو، لال يا گلان کي نه ٿي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايائين...... هن کي اها خبر ڪيئن پئي ته فقط آئون ئي محب عليءَ سان پيار ڪريان ٿي..... ضرور محب علي هن کي دل جو راز ڏنو آهي..... يا خدا محب علي ۽ اهڙي ٻاراڻي، دشمن کي دوست سمجھي ڪيائين. هاءِ الا........ آئون مري ويس...... منهنجي دنيا اجڙي ويئي...مبو ڏس دشمن تنهنجي هٿن سان ٻاريل باهه ۾ توکي ۽ مون کي الڳ الڳ جلائي رهيو آهي...... دشمن.......؟ ( مهروءَ جي خيالن جلدي پلٽو کاڌو ) دشمن ڇو ؟ هن ويچاري ته پاڻ مون کي اچي سجاڳ ڪيو....... مون کي ٻرندڙ مچ جي شعلن کان آگاهه ڪيو..... مبوءَ ته مون سان واهه جي چڱائي ڪئي..... سڀ ڪجھه هن کي ٻڌائي.... هرگز نه.... مبو ائين ڪرڻ وارو نه آهي.... ته باقي هن کي سڀني ڳالهين جي خبر ڪيئن پيئي ؟ محب علي ائين ته نه ڪرين ها..... پيارا مبو پنهنجن اقرارن کي ايترو جلدي ته نه وسارين ها..... يا خدا تون اسان جي واهر ڪجان..... بي وس ۽ ناتوان جوڙي جي..... ٻن اڻواقف واٽهڙن جي......
“ مهرو ڇا پيئي ڪرين..... هاءِ هاءِ جنهن کي لڳي يار جي سا ڪيئن ڪندي گھر ٻار جي..... “ شانو اندر ايندي چيو ۽ مهرو سڏڪا ڀريندي اتي ويهي رهي.
“ شانو رات امان خواب ۾ ڏٺي هيم..... هاءِ امان....؟ هن جي ڦٽيل دل مان هڪ گھري آهه نڪتي ۽ فضا جي شور ُ غل ۾ جذب ٿي ويئي.