شيطان
آهي سچائي اشڪبار صحن زمانه ساز ۾
اشڪ غريب تي کلي فتنه روزگار ٿو
فرياد حال آهي بس درگاهه بي نياز ۾
”گل“
ربن جي هن گفتگو کي ٻه ڏينهن گذري ويا. مهروءَ لاءِ هي ٻه ڏينهن ٻن سالن جھڙا سخت هئا. ڪيترو به دل کي سمجھائڻ ۽ ڏڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين مگر بيسود ! هن کي پنهنجي اميدن ۽ حسين خوابن جو پر بهار گلشن هاڻي صحرا وانگر ويران نظر اچڻ لڳو. ڏينهن خواهه رات آهن.۽ پورن پچائيندي گذاريندي هئي. مهروءَ جي هن اوچتي تبديليءَ ٽن ماڻهن کي زياده غمگين بنائي ڇڏيو. هڪ پانڌي خان جنهن جو جهان ۾ اگر ڪجھه هو ته مهرو !ٻيو شانو ، جا ڳوٺ جي سڀني عزيزن خواهه ذات ڀائين ۾ هن جي پياري ۽ رازدار سهيلي هئي. ٽيون محب علي جو مهروءَ جو هو هر غم پنهنجو غم سمجھندو هو.
محب علي هزار منٿون ڪري بيهي رهيو. مگر جواب ۾ مهروءَ کان فقط هڪ آهه ٻڌي سگھندو هو. مهرو هاڻي پنهنجي مامي جي گھر به گھٽ وڃڻ لڳي. ويٺي ويٺي پور پئجيو ويندو هوس ته اٿيو پنهنجي گھر ايندي هئي. محب عليءَ کان مهرو جي هيءَ حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي. ويتر جو مهرو آلين اکين سان محب عليءَ ۾ بار بار گھوريندي هئي ته محب علي تعجب ۽ لا علمي ءَ جي انڌاري ۾ گم ٿيو ويندو هو. مهروءَ ۽ محب علي ءَ جي ملاقاتن ۾ ته ڪوبه فرق نه پيو پر الفاظ ۽ انداز ڪافي بدلجي ويا. محب علي، مهروءَ جي اداسائي ءَ کي سمجھڻ سان گڏ هن خيال ۾ پڻ غرق رهندو هو ته آخر اها ڪهڙي خبر آهي ؟ جا کانئس به لڪائي پيئي وڃي. ۽ ڇو ؟ پر مهروءَ لاءِ ته محب عليءَ جو اکر اکر نيون پريشانيون کڻي ايندو هو.هوءَ محب عليءَ ۾ انهيءَ لاءِ چتائي ڏسندي هئي ته جن اکين ۾ اڳ پيار جي پالوٽ پسبي هئي، تن ۾ هينئر ڇا آهي ؟ جن لفظن ۾ اڳ محبت جو ميٺاج معلوم ٿيندو هو، انهن ۾ هاڻي ڇا آهي ؟ جيڪا زبان قرب جون ڪهاڻيون ڪندي هئي. تنهن ۾ دغا ۽ دوکي جو ڪيتري قدر دخل آهي.؟ جا صورت هن کان اڳ پرت جو ڄڻ پتلو پئي لڳي تنهن تي ڪلفت جي ڪٽ ته ڪانه چڙهي ويئي، پر ٻن ڏينهن جي مسلسل مشاهدي ۽ تجسس بعد به ڪنهن فيصلي تي پهچي نه سگھي. ڇو ته انهن اکين ۾ اهوئي نينهن جو نشو هو، انهن لفظن ۾ ساڳي محبت جي ماکي هئي، انهيءَ زبان تي هينئر به ڏک ۽ ڏوراپو هو، انهيءَ صورت تي اڄ به سچ نظر آيس.....مگر.... هڪ بي خبر ۽ اٻوجھه عورت..... آخرڪار ڇا سمجھي ؟ اڱر سچا يا لهر سچا.
پهرئين ڏينهن ته شانوءَ به سمجھيو ته شايد ماءُ جي ساروڻي اٿس. پر ٻه ڏينهن ٻيا گذري ويا. تڏهن دل جو دل ۾ اندازو لڳائڻ لڳي....محب علي به پرتل اٿس.... ڪاوڙيل هجن ها ته ڳالهائين ڪيئن ها.... شايد پڻس شاديءَ لاءِ...... ها ائين هوندو ته شڪ نه آهي. نيٺ شام جو خاص پڇڻ لاءِ اچي ڏک ڏوراپا ڪڍڻ ويٺي ۽ آخر سربستي خبر معلوم ڪري پوءِ بس ڪيائين.... پيرن هيٺان زمين نڪري ويس...... حالانڪ خبر هيس ته محب علي ٻار نه آهي..... هو پاڻ سڀني کي سبق پڙهائڻ جھڙو آهي، پر هڪ اڻواقف لاءِ ته سوچڻ جو به مقام هو ته جيڪڏهن محب عليءَ هي ڳالهيون نه کوليون ته ربن کي ڪيئن خبر پيئي.
ٽيون ڏينهن به ساڳئي حال ۾ گذري ويو. ڪچي سهائيءَ جو وقت هو ربن ۽ محب علي دڪ تي ڀلوءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ربن کي اڄ ۽ هينئر پنهنجي اصلي رنگ ۾ ظاهر ٿيڻو هو. پر موقعي جي تلاش هيس. ڀليڏني جي انتظار اهو موقعو به ميسر ڪري ڏنو.” ڀلو دير ڪئي آهي “ محب علي چيو.
“ ڀلو کي ته الاجي ڇا ٿيو آهي “ ربن سنجيده ٿيندي چيو.
“ ڇو...” محب علي تعجب مان پڇيو.
“ ڇو وري ڇا......... اکئين ته ڏسين پيو..... نه پتڻ تي..... نه دڪ تي...... الاجي ڪٿي پيو گذاري...” ربن چيو.
“ ادا...... ننڍي هوندي کان مائٽن آهي ڪم تي هيرايو هاڻي ته آهي جٺ ۾...” محب علي چيو.
“سا ته مون کي به خبر آهي..... پر هي ڇا آهي جو اسان کي چوندو ته اجھو آيس ۽ پاڻ ويندو هليو پتڻ تي، جي ائين پتڻ تي هي وري ڪنهن ٻئي هنڌ،يار دوستيءَ ۾ اهي انگڙايون مارين ٿيون “ربن چيو.
“ اجھو ٿو اچي ميان...... ڇو ٿو ميارون ڏينس “ محب علي چيو.
“ ايندو ته ڪن..... پر جي آيو ته به اسان جي اکين تي . پاڻ هاڻي اڳيون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون. پر سچ پچ ڏک جھڙي ڳالهه آهي. دوست سڏي وري دغا ڪرڻ....” ربن چيو.
“ نه نه....... ڀلو اهڙو مڙس نه آهي “ محب علي چيو.
“ ادا سڀ سچ آهي ٻڌاءِ ڪنهن ٿي چيو ته ربو ڪو شريف ٿيندو. سڀني ٿي چيو ته ڌاڙيل ٿيندو..... جيل ڪاٽيندو پر هاڻي ڏس! سائين سڀڪجھه سنگت ٿي سيکاري “ ربن مقصد تي ايندي چيو.
“ تنهنجي معنى..... ڀلوءَ هينئر ڪنهن ٻي سنگت ۾..... محب علي تعجب مان چيو.
“ معنى ڇا...... سچ ٿو چوان...... ربن ڳالهه ڪپيندي چيو.
“ هي تون ڀليڏني بابت ٿو چوين ؟ “ محب علي حيرت مان پڇيو.
“ ها ها ڀلوءَ جي نالي...... سندس هڪ دوست ڪالهه ٻڌايو ته ڀلو چوي پيو ته محب علي کي هاڻي منهنجي گھرج نه آهي “ ربن چيو.
“ ڇو گھرج نه آهي “ محب عليءَ چيو.
“ ان لاءِ ته محب علي وٽ هاڻي ربن آهي “ ربن جواب ڏنو.
“تنهن ڪري....... ؟ ڀلو ڇٽو...... ؟ اها به ڪا ڳالهه ؟ محب علي چيو.
“ مبو مون ئي ڪالهه ئي اهڙو ارمان ٿيو....... جو بس ڏس اڃا ڀلو جي دل مان زنگ نه ويو آهي “ ربن سچائي ظاهر ڪندي چيو.
“ ائين هرگز نه ٿيندو...... چريا ڪي پنهنجي وس ڇڏبا ؟” محب علي قدري کلندي چيو.
“ مبو تون اتي ويٺو رهج آئون ڀلو کي وٺي ٿو اچان. جي هو پاڻ اچي ته وهارجانس. ربن اٿندي چيو.
سگھو وٺي اچجانس.....” محب علي چيو.
ربن پاڻ کي دل جو دل ۾ لک شابسون ڏيندو دڪ تان غائب ٿي ويو. پر ڀلو جي گھر وڃڻ بدران گھٽي مٽائي سڌو مهروءَ جي گھر ويو. پانڌي دڪ تي هو ۽ مهرو اڪيلي آسمان سان ڳالهائي رهي هئي.
“ مهرو ڇا سوچي رهي آهين “ ربن دروازي وٽ بيهندي پڇيو.
“ ڪجھه نه....” مهرو ڇرڪ ڀريندي چيو. “ اڄ وري به اچڻ جي نالائقي ڪئي اٿم. معاف ڪج هڪ ڳالهه پڇڻ آيس “ ربن سنجيده ٿيندي چيو.
“ ڪهڙي ڳالهه....” مهرو خيال هوا ۾ اڏامندي چيو.
“ مون خيال ڪيو ته جيڪڏهن تون چوين ته آئون اهي خبرون چاچي پانڌي خان سان ڪريان “ ربن همدردانه لهجي سان چيو.
“ نه نه ادا ربو خدا جي واسطي منهنجي عزت جو خيال رک. هنجي حياتي خطري ۾ نه وجھه “ مهرو انتهائي منٿ سان چيو.
“ مهرو آئون ڪو چريو آهيان ڇا ؟ مون ته چرچو ٿي ڪيو اڃا به هنجي حياتيءَ جو خيال اٿيئي ؟ ڪهڙي نه اٻوجھه آهين. خير..... ڌڻي تنهنجي واهر ڪندو. ٻي ڳالهه ٻڌ. ڀلو کان ته ڪنهن مهل هڪ ڳالهه پڇج “ ربن چيو.
“ ڪهڙي....؟ “ مهرو سواليه انداز مان پڇيو.
“ اڄ صبح جو محب علي اسان سان پتڻ تي هڪ عجيب ڳالهه ڪئي هئي ته توکي هيتريون ڳالهيون اچي ٻڌايون. هاڻي هڪ ٻه خبر ڀلو کان پڇج ته پنهنجي پياري جو پتو پونئي ته ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي “ ربن پوئتي موٽندي چيو.
“ ڀلوءَ کان ڇو پڇان. مون کي توتي اعتبار آهي،مهرو چيو.
“ ربن ڪجھه جواب نه ڏنو ۽ تڪڙو نڪري ويو “
مهروءَ کي وري ساڳيون پريشانيون گھيري ويون. پاڻ کان هر هر سوال پئي ڪري ته ربن سچو يا محب علي ؟ مايوس محب علي هن کان پيو پڇي ته : مهرو خدا جي واسطي ڪجھه ته ٻڌاءِ ته ايترو اداس ڇو آهين ؟..... ۽ عيار ربن چوي پيو ته مهرو جو شخص توسان هيڏيون عقوبتون ڪري گذري سو تنهنجو دوست يا دشمن ؟؟ هاڻي ته هڪ نئين قسم جي اڻ تڻ به اچي لڳيس........ ڪهڙيون ڳالهيون وتي ڪندو محب علي ؟ هاءِ الا آئون ڇا ڪريان ؟ ڀلو وري به صبح جو شايد مال ڇوڙڻ مهل ڏسجي..... تيسين رات ڪيئن گذرندي !...... ربو مهرو جي گھران ٿي سڌو ڀلو جي گھر ويو.
“ ڀلو ڇا پيو ڪرين ؟ اڄ دڪ تي به دير ٿي ويئي اٿم مون سمجھيو ته توهين ويا هليا هوندا. محب علي ويچارو ته انتظار ڪري ٿڪجي پيو هوندو..... چڱو. تون هتان ويندي ويندي مبو کي گھر ڏسيو پوءِ دڪ تي هل آئون هي ڳانو رانجھي کي ڏيو اچان ٿو. هي ڳانو بابا شهر مان آندو آهي ٽن روپين ۾ مليو آهي. ربن چوندو ويو هليو.
چالاڪ ربن پنهنجي سازش جا گر اهڙا ته مضبوط ڀچايا، جو سندس غير موجودگيءَ ۾ به ڪم سپرنگ تي هلندڙ مشين وانگر ساڳئي ڍنگ سان ٿيندو رهيو.... يعني.... مهرو کي چوڻ ته ڀلو کان صبح واري ڳالهه پڇج ۽ ڀلوءَ کي چوڻ ته محب علي کي سڏي دڪ تي اچج..... ربن جو مقصد هو ته مهرو ته اڳئي ڀلو جي واٽ پيئي ڳوليندي ۽ اوچتو ڀلو، جو محب علي جي گھران نه ملڻ جي حالت مهروءَ جي گھر جانچ رکڻ ويندو ته مهرو پڇ پڇان لائي ڏيندي...... نتيجو ڇا نڪرندو جو هڪ پڇڻ ۾ ۽ ٻيو حيرت ۽ تعجب ۾ ئي هوندو ته تيسين ربن پنهنجي ناٽڪ جو آخرين ائڪٽ به ڪري وٺندو. ربن ڀلو وٽان سڌو دڪ تي آيو ۽ محب علي کي تڪڙو اٿاريندي چيائين “ مبو هيڏانهن اچ “
“ ڇو..... ڇا آهي ؟ “ محب علي تعجب مان پڇيو.
“ اهي سوال پوءِ ڪج... پهرين وک کڻ “ ربن چيو.
“ هلان ته پيو....... پر ڪجھه ٻڌاءِ به سهي..... “ محب علي چيو..
“ تو وٽان سڌو ڀلوءَ جي گھر ويس چيائون ته هاڻي ويو آهي. واٽ تي موٽندي ٻڌم مهروءَ جي گھران آواز...... لوڙهي تان جان کڻي ليئو پائي ڏسان ته مار.......! اهو تو وارو چڱو مڙس ڀلو...... ٿڪ آهي نالائق کي..... بي شرمو..... ڀاڪر وجھيو....... بيهين ڇو ٿو ؟ تڪڙو اچ........ پنهنجن ا کين سان ڏس ته پڪ اچيئي. مٿيان چند جملا ربن اهڙي زهريلي لهجي سان چيا جو محب علي باقاعدي سندس اثر هيٺ اچي ويو..... ٽنگون طاقت ڇڏي ويس.... پٿر جي بت وانگر ربن جي اشارن تي هلندو اچي لوڙهي جي پوئين پاسي کان بيٺو.ربن جو ڇڏيل تير ٺيڪ نشاني تي لڳل هو. عين انهيءَ وقت جڏهن ربن ۽ محب علي لڪندا لوڙهي جي پوئين پاسي پهچي ويا. تڏهن ڀلو وڃڻ واري ائڪشن ۾ هو ۽ مهرو منٿ آميز لهجي سان ڪجھه چئي رهي هئي. موقعي جو فائدو وٺندي ربن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ........ ڀلو جا ٻچا....... هاڻي اٿي ڇا ڪندين ؟ شڪر جو اسين اچي پهتاسون...... توکي ڪهڙي خبر ته اسين تنهنجي پاليسين کي ڄاڻون ٿا..... اسان کي دڪ تي وهاري تون هميشه اهي مستيون ڪرڻ ايندو آهين....... اڄ ته تنهنجي به قلعي ته لٿي...... ڪيترا ڏينهن محب علي سان فريب ڪرين ها...... دوستي جو دم هڻي دشمني جي خاموش شعلن ۾ جلائين ها........ مبو جي سچائي ءَ ۽ سادگيءَ مان فائدي وٺڻ وارا لالچي دوست شابس اٿيئي...... تون به مڙسن جي قطار ۽ وهندين.....؟ “ ڀلو ٻڌاءِ ڏس آئون توکي ڪيڏيون منٿون پيئي ڪريان “ مهرو انتهائي عاجزيءَ سان چيو.
“ مون کي ڪابه خبر نه آهي...... اڄ صبح جو آئون پتڻ تي ئي ڪونه ويو هوس...... “ ڀلو واپس ويندي چيو.
“ ڀلو توکي خدا جو واسطو آهي....” مهروءَ چيو. توبهه !توبهه خدا جا واسطا پيئي وجھي ! ته به هي دغاباز مڃيئي نٿو. بيوقوف، ڇا مهروءَ جي عاجزي ۽ ڇا تنهنجي شوخي...... اهڙي طرح ربن مهروءَ ۽ ڀلو جا ائڪشن ڏسيو انهن مطابق نفرت آميز الفاظ چالاڪي سان ادا ڪندو رهيو.تان...... جو محب علي جو بي حس جسم جذبات جي شدت سببب ڏڪڻ لڳو. هاڻي ربن ارادتا خاموشي اختيار ڪئي. محب عليءَ جا ڏڪندڙ چپ کليا غم ۽ غصي گاڏئون آواز خشڪ گلو چيري متواتر ٻاهر نڪرڻ لڳو..... “ ڀلو.....، ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟..... ڪجھه ته بيهه خدا جي واسطن کي ڏس...... مهرو جي منٿن ڏانهن ته هڪ نگاهه نهار....بيوفا هن جي دل کي هيئن ستائيندو ڇڏي تون وڃي رهيو آهين ؟..... سنگدل جي ائين ڪرڻو هوءِ ته پهرين پريت ڇو ٿي پختي ڪي ءِ ؟ بيپرواهه عاشق ! ههڙيون شوخيون ڪيئن ٿو ڪرين ؟....... هاڻي تون دڪ تي ويندين.... محب علي ۽ ربن کي يقين ڏياريندين ته تون گھران پيو اچين....شاباس اٿيئي ڀلو واهه جي دوستي نباهي اٿيئي..... ۽ مهرو.....
محب علي جو گلو خشڪ ٿي ويو ٻه گرم لڙڪ ڪري لوڙهي جي نوڪدار ڪنڊن ۾ جذب ٿي ويا. ڀلو ڀت بنجي ويو. مغز چڪرائجي ويس محب علي جي گفتن تي اعتبار ئي نه اچيس.... ڀلا ڪيئن محب عليءَ کي سمجھائي ته سندس دل اڄ به اڳئين وانگر پاڪ آهي.
محب علي جيڪي ڪجھه ڏٺو هو. تنهن تي يقين ڪري يا جيڪي ڀلو هاڻي چوندو تنهن تي ؟ ساري فضا خاموش هئي محب علي جو آواز وري فضا کي چيرڻ لڳو.” ڀلو،گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته هڪ نئون سبق ملي ويو.... بيشڪ اڳ آئون چوندو هوس ته تقدير ۽ ارادن ۾ ڪو فرق نه آهي پر هاڻي مون کي مڃڻو پوندو ته ارادن جو مالڪ انسان تقدير جو مالڪ قادر آهي ؟
محب علي خاموش ٿي ويو. سڀ پنهنجن خيالن ۾ غرق هئا.....۽...سڀني کاب الڳ هڪ شيطان پنهنجي ڪاميابيءَ تي مشڪي رهيو هو.