چنڊ ۽ چڪور
سڀ سانوڻ مينهن ري آهن مڇيون جئن آب ري،
زندگي منهنجي به اهڙي ريت آهي تو بنا،
دم به توکان ڪيئن ٿيان مان ڌار هئن دل ٿي چوي.
”گل“
مهروءَ کي اڪيلي گھر ۾ رهندي به هفتو کن گذري ويو. سندن گھر ۽ مامس محمد جي گھر واري وچين پتر کي ڪٽي دروازو به ڪيو ويو هو. پر مهرو اڃا سڄو وقت پنهنجي گھر گذاريندي هئي. شانو به پويون اڌ ڏينهن روزانو هن وٽ ايندي هئي. پانڌي خان ته شام جو ڪلاڪ اڌ ڀن تي ويندو هو، نه ته سارو ڏينهن گھر ۾ پيو هوندو هو. اهو سڀڪجھه ان لاءِ ڪيو ٿي ويو ته مايوس مهروءَ جي دل تان غمن جو بار گھٽ ٿئي. مگر ماءُ جو غم به جلدي ميٽجڻ وارو آهي ؟ اڃا تائين ته سج سڏڪن ڀريندي لاهيندي هئي. پر..... دنيا آهي ڏک سک به انسان لاءِ ئي آهن. برداشت ڪرڻا ئي پون ٿا. زندگي جا مليل آهي. هر حال ۾ طوعا خواه ڪرها گذارڻي پوي ٿي.مهرو به ڪا ٻار ڪانه هئي سڀڪجھه سمجھندي هئي. دل تان غم ميٽڻ لاءِ بعضي زور ڪريو کلندي به هئي، پر کلندي کلندي اکين اڳيان اهڙي ڪا تصوير اچي ويندي هيس جو رويو ڏيندي هئي. اهڙي طرح ٻيو مهينو به اچي ختم ٿيڻ تي هو. اداس مهرو هزار ڪوشش ڪندي رهي. نيٺ مستقبل جا سونهري خواب هن ڪومائل دل ۾ خوشي جي بهار ۽ڳريل ۽ ڪمزور جسم ۾ چستي ۽ جواني پيدا ڪرڻ لڳا. هر نئين صبح هن کي زندگي جا نوان سبق پاڙهڻ شروع ڪيا. هوءَ رات کي هاڻي تقدير جي تاريڪي نه پر تصور جو ترهو يا خاموش يادن جو بهترين وجھه سمجھڻ لڳي. جگر خراش آهون پنهنجو مفهوم بدلائڻ لڳيون. جن آهن ۾ اڳي درد جي آميزش هئي انهن ۾ هاڻي اميد جي جھلڪ محسوس ٿيڻ لڳي، لڙڪ رفته رفته خشڪ ٿيندا ويا. ۽ انهن جي جڳهه هاڻي معنى خيز مشڪن وٺڻ شروع ڪئي.اکين ۾ لالائي ۽ ساڳيو نينهن جو نشو تري آيو. زماني هڪ ماهر النفس استاد وانگر هن کان اهڙا اهڙا پيچرا لتاڙايا جي هن جي خوابن ۾ ضرور هئا، مگر خيالن ۾ هن کان اڳ نه آيا هئا. اميدن جي هن نئين دنيا ۾ هن کي پنهنجي ماءُ ياد ايندي هئي. پر اڳي وانگر پنهنجي ماءُ کي روئي دردن جي داستان ٻڌائڻ بدران کليو چوندي هئي ته : امان ڏس هاڻي آئون ڪهڙي نه خوش آهيان.
صبح جو گھر جو ڪم ڪار لاهي ڪو ضروري ڀرت وغيره جو ڪم کڻي مامي جي گھر وڃڻ شام جو واپس اچڻ ۽ مينهن سان کلڻ ڳالهائڻ ۽ پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ هن جو روزانه جو معمول ٿي ويو. پوڙهو پانڌي خان جنهن جي هر خوشي مهروءَ جي خوشيءَ سان وابسته هئي، جيتوڻيڪ هاڻي خوش گذارڻ ۽ ڏينهن جو ڳچ حصو ڀن تي وڄڻ لڳو. تاهم کيس اهو فڪر ضرور رهندو هو ته ڌيئرون آخر به پرائو گھر وسائينديون پوءِ آئون ڪيئن پيو پراين درن تي وقت گذاريندس. بهرحال وقت اڳئين کان چڱو گذرندو رهيو.
محب علي اڳئين ئي وانگر ڀلوءَ سان جھنگ ۾ گھمندو شام جو گھر ورندو هو. حالانڪ گھمڻ سان هاڻي دل بلڪل نه لڳندي هيس. پر لوڪ لکا ٿيڻ کان پنهنجي روزانو دستور تي قائم رهيو. هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو اوچتو جھنگ مان سڌو گھر آيو. قدرت سان مهرو به اڪيلي ويٺي هئي. محب علي ڳالهائڻ جو بهانو ڪندي پڇيو.“ مهرو،امان.....”.
شرير مهرو به ڪا وهيڻي ويٺي هئي تنهن هڪدم پاسيري کيسي ۾ هٿ وجھندي چيو “ اجھا....”.
“ سچ ٻڌاءِ....آئون تڪڙو آهيان ” محب علي چيو.
“ هينئر ئي ته آيو آهين....... اوچتو گھمندي گھمندي مامي ياد پئجي ويئي ڇا ؟” مهرو مشڪندي چيو.
“ مون کي ته گھر جو هر هڪ ماڻهو ڏاڍو ياد ايندو آهي، ايتري قدر جو هاڻي ٻاهر بلڪل دل نٿي لڳي..... پر ڇا ڪريان ” محب عليءَ مهرو جي منهن ۾ گھوريندي چيو.
“ مامي ته پاڙي ۾ ويئي آهي...... بس، هاڻي ته دل لڳندي گھمڻ سان ” مهروءَ چيو.
“ شايد لڳي به وڃي پر جي ٻيا وري ياد نه اچي پون ” محب علي گفتگو کي ديگھه ڏيڻ جي ارادي سان چيو.
مهرو وٽ ڪوبه جواب نه هو ۽ خاموش رهي.
“ ڪاوڙجي وئينءَ ” ڀلا وڃان ٿو ” محب علي چيو.
“ نه نه مبو آئون ڇو ڪاوڙيس ” مهرو ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.
“ مبارڪ اٿيئي ” محب علي وري گفتگو جو پهلو کڻندي چيو.
“ ڇو...... ڇا جي ” مهرو تعجب مان پڇيو.
“ وري ته ڪانه ڪاوڙيينءَ ” محب علي بدستور مرڪندي پڇيو.
“ نه....... هاڻي ڪڏهن به نه ” مهرو چيو.
“ هيترن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو اڄ مون کي سڄي نالي سان سڏيو اٿيئي ” مبوءَ چيو.
“آمين........ پر تون جو مون کي هميشه نالي سان سڏيندو آهين. مون ته توکي مبارڪ ڏني ڪانه.....” مهروءَ چيو.
“ مهرو جڏهن تنهنجو پيارو نالو ئي منهنجي لاءِ مبارڪ آهي، تڏهن بي رسمي مبارڪ جو ڪهڙو ضرور محب عليءَ چيو.
مهرو جي دل جي دڪ دڪ اوچتو تيز ٿي ويئي محب علي جي مٿئين جملي هن جي جذبات تي اهڙو ڪم ڪيو. جيئن هڪ سازينه ستار جي خاموش تارن کي وڄائڻ کان اڳ ٻه ٽي جھٽڪا ڏيئي ڪڍندو آهي، هن جي دماغ ۾ گرم شعلا گردش ڪرڻ ۽ اکين اڳيان هزارين ترورا مختلف شڪيلون ٺاهي ڦرڻ لڳا.
“ ماسي الاجي ڇو دير لاٿي آهي ” مهرو جھيڻي آواز سان چيو.
“ ڇو..... ڊڄي وئينءَ ڀلا وڃان ٿو ؟ وڃڻ جو ارادو ڪندي چيو.مهروءَ هڪ ويچاري عورت ٻيو اڻڄاڻ سا ڪٿي ٿي اهڙين ڪاري چوٽن ۾ پهلو بچايو سگھي. مغز ۾ چڪر پئجي ويس. هن پنهنجي ڦٿڪندڙ دل ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن درد جي خلش محسوس ڪئي، اڌ ڀڳل اکيون مٿي کڻي نهايت معصومانه انداز سان چيائين “ هاڻي وري تون ٿو ڪاوڙجين ”.ٻئي خاموش بت جيان پنهنجين جاين تي بيٺا رهيا، فقط ٻنهي جون دليون زور سان دڪ دڪ ڪري رهيون هيون.
“ مهرو هڪ ڳالهه پڇان.....” محب علي منٿ آميز لهجي ۾ چيو.
“ ڀلي پڇ....” مهرو جواب ڏنو.
“آئون ته کڻي پڇان به پر وري جواب جي به اميد رکان يا اصل بس....” محب علي مهروءَ ۾ گھوريندي چيو.
“ ڪي سوال ته اهڙا به ٿيندا آهن جن جو جواب ئي نه هوندو آهي،هاڻي هر سوال لاءِ جواب آئون ڪٿان آڻيان ” مهروءَ پنهنجي جذبات تي قابو پائيندي چيو.
“ ته بس لاجواب سوال ڪرڻ به بيڪار آهن وري ٻئي ڪنهن وقت ” محب علي چيو.
“ هر هر تنگ ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو مزو ٿو اچيئي، آخرڪار توکي يقين ڪڏهن ايندو ؟ مهرو انتهائي جذبات سان هٿ مهٽيندي چيو.
“ مون کي هر طرح يقين هو ۽ آهي...... مهرو ! پر هن حد تي پهچي به اگر اسان ٻاراڻيون ڪيون...... ته پوءِ اڳتي هلي اسان کي پڇتائڻو پوندو ” محب علي سنجيده ٿيندي چيو.
مهرو سڀڪجھه سمجھي ويئي پر ڪڇڻ جو ميدان هو ئي ڪونه ! مجبورن خاموش رهي. “ ڀلا جنهن درياهه جو پار نظر ئي نه اچي يا ائين کڻي سمجھه ته هجيئي نه.... ان ۾ بنا ترهي ترڻ به ته مشڪل آهي ! انهيءَ ڪري ٿي چيم ته جن سوالن جو جواب ئي اڃا نه سوچيو اٿئون،اهي هن وقت ڇيڙڻ ئي بيڪار آهن ” محب علي حقيقت ڏانهن مڙندي چيو.
“ ڀلا ٻڌاءِ سڀاڻي ڇا ٿيندو ” مهرو پڇيو.
“ اهو وقت کان اڳ ڪير ٿو ٻڌائي سگھي ” محب علي لاجواب ٿيندي چيو.
“ جيڪو وقت کان اڳ سوال ڪري سگھي ٿو، ان کي وقت کان اڳ جواب ڏيڻ گھرجي ” مهروءَ فاتحانه انداز سان چيو.
محب علي شڪست کاڌل پهلوان وانگر چپ ڏندن ۾ ڏيئي بيهي رهيو. پر مهرو جنهن کي هيتري وقت ۾ “دل جي ” ٻڌائڻ جو وجھه ئي هينئر مليو هو چوڻ لڳي. “تڏهن به تون وقت کان اڳ ائين چوڻ جو حق رکين ٿو ”. “ سڀاڻي هيئن ڪ هيئن ٿي سگھي ٿو ” مگر آئون ايتري ته مجبور آهيان جو وقت گذرڻ کان پوءَ به نٿي ٻڌائي سگھان ته ڪالهه ڇا ٿي ويو ”.
محب علي ۽ مهرو هينئر اهڙي موڊ ۾ هئا جو ڪهڙا به آڏا ڦڏا اشارا استعمال ڪن ها، تڏهن به هڪ ٻئي جو مطلب ضرور سمجھن ها. هتي معاملو صاف لفظن تائين پهچي ويو هو، سو محب علي ڪيئن نه مهروءَ جو مطلب سمجھيو هوندو. هڪدم سهي ڪري ورتائين ته مهرو خاطري ڏيڻ کان اڳ خاطري وٺڻ ٿي چاهي.“ مرد اگر محبت جي ميدان ۾ جان جو گھوڙو ٿي پاڻ بچائي نڪري وڃي تڏهن به هو مرد آهي. هن جي صنف سندس هر عيب ۽ اوڻائي لاءِ هڪ پردي مثل آهي. هو وري به پنهنجي مطلبي دل ڪنهن اٻوجھه عورت تي خوش ڪري سگھي ٿو. مرد هڪ ڀونري سمان آهي جنهن جي گلن جي واس مان فقط خواهش پلجي ٿي.....۽ نه پر ڇڻن ٿا.هن جا پر جيستائين سالم آهن تيستائين هو گلن جي واس وٺڻ جي قابل آهي....بمقابل انجي هڪ عورت جيڪڏهن جان بچائڻ چاهي ته به ٿي سگھي ٿو.....پر پوءِ هوءَ هن هڏن جي پڃري کي ڇا ڪندي ؟ هن جو ضمير سندس دلجوئي نه بلڪ عيب جوئي ڪندو. هوءَ وري محبت ڪرڻ جي لائق نه هوندي. ڪهڙي دل سان اميدن جون ڪڙيون جوڙيندي...... ڪهڙي زماني سان وري محبت جا اقرار ڪندي.... ڪنهن سان محبت ڪندي ؟..... انهي لاءِ ئي چيو اٿن ته : “عورت فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي ” عورت اهڙي بلبل مثل آهي جنهن جو گلن جي ديدار مان پيٽ ئي نٿو ڀرجي. هوءَ گلن سان تا دم نباهڻ جا اقرار ڪري ٿي. زمانو صياد بنجي هن سان ڪيتريون عقوبتون ڪري گذري ٿو. حتى ڪ هن جا پر ڪٽيا وڃن ٿا....خون وهايو وڃي ٿو..... پڃري جي سخت سيخن ۾ زندگي ڀر قيد رکيو وڃي ٿو.پر هيءَ ويچاري محبت ماري سڀني سختين جو خير مقدم ڪري ٿي. ان لاءِ ته هن جي زندگي ۾ صرف هڪ دفعو بهار ايندي آهي.
“ مبو..... مون کي به انهيءَ ساڳئي درياه جو فڪر آهي، جنهن جو توکي.....توکي ته فقط ڪنڌي نظر ڪانه آئي. مگر مون کي ان ۾...... بي انداز واڳو....... ڇوليون تک ۽ طوفان به نظر آيا...... تون ته پوءِ به تارو آهين ڪنهن به وقت جان بچائي سگھين ٿو..... پر منهنجو هيترن خطرن مان وري سلامت نڪرڻ ڪهڙي حالت ۾ ممڪن آهي ؟ مهروءَ انتهائي جرئت سان چيو.
“ مهرو مون کي طعنو نه ڏي...... محبت ڪرڻ ڪندرو راند ته ڪانهي جنهن ۾ جان جو بچائڻ ئي مقصد هوندو آهي ” محب علي چيو.
“ پوءِ بس...... پار پري نه آهي ” مهروءَ گنديءَ جي لئه کي هڪ آڱر تي ويڙهيندي چيو.
“ مهرو مون کي الڪو صرف هي آهي ته : “جنهن سيڻاهه کي ساڻ ڪري هن سير ۾ گھڙان ٿو سا مون سان ساٿ ته ڏيندي مگر ڪيستائين ؟ محب علي چيو.
مهرو محب عليءَ جو هي ٻيو اشارو ته بخوبي سمجھي ويئي، مگر جواب مشڪل هو. ڇاڪاڻ ته جا ڳالهه هن جي وس ۾ هئي سان هن بي ڌڙڪ چئي ڇڏي. رهيو “ڪيستائين ” ؟ جو سوال ته انجو جواب هن جي طاقت کان ٻاهر هو. دل چاهيس ته هڪدم چئي ڏي ته زندگيءَ جي آخرين گھڙيءَ تائين پر ضمير مجبوريءَ جي هن چپن تي مهر هڻي ڇڏي. دل ۾ سڀڪجھه هوس. مگر زبان تي اچڻ مشڪل هو. ڇاڪاڻ ته وقت آئي هنکي سماجي تقدير اڳيان به آمنا صدقنا ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ هن کي نپائي وڏو ڪيو ويو هو. ان کان اڳ هي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيئن زندگيءَ جا ٻول ٻڌي وهي.
“ مهرو منهنجو مطلب آهي ته جيڪو واعدو اڄ هينئر ڪريون اهو هميشه رهندو ؟ يا........” محب عليءَ خاموشي ٽوڙيندي چيو.
“ جيڪڏهن آئون چوان ها ۽ تقدير چوي نه...... ته پوءِ ” مهروءَ جواب ڏنو.
“ انسان جي ارادن ۽ تقدير ۾ ڪو فرق به ٿيندو آهي ڇا ؟” تقدير ته هڪ نقش آهي جنهن جي ليڪن مٿان انسان هلندو رهي ٿو.جڏهن ائين آهي ته پوءِ انسان ڪهڙي حالت ۾ انهن ليڪن جي ابتڙ هلي سگھي ٿو. معنى اسان جا ارادا تقدير جي مطابق ئي هوندا آهن نه خلاف ” محب علي چيو. “ ليڪن توهين مرد آهيو عورت جي مجبورين ۽ تقديرن کي ڇا ڄاڻو ” مهروءَ ڏکاري انداز ۾ چيو.
مهروءَ جو اصل مقصد هو ته مبادا سماجي تقدير يا پيءُ جي حڪم هن کي ڪنهن ٻئي جي قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ته پوءِ هوءَ ڪهڙي طرح انهن خدائن جي اڳيان انڪار ڪري سگھي ٿي ؟ جن جو حڪم مهروءَ لاءِ سچ پچ تقدير جي مرضيءَ جي حيثيت رکي ٿو. حالانڪ مهروءَ کي اڳ هن خطري جو خواب خيال نه هو. مگر گفتگو جي دوران ۾ هن کي شدت سان احساس ٿيڻ لڳو. ٿوڙي اک کولڻ سان پاڻ کي هيئن چوکنڀو قابو ڏسي پرت جي ڪيل پيمان ۽ پنهنجي بي بس زندگي تي افسوس جا لڙڪ ڳاڙڻ لڳي.
محب علي وٽ بي اختيار جواني ۽ ان جا ڀرپور جذبات به هئا.... اشارن ۽ اقرارن جي مفهوم سمجھڻ لاءِ عقل سليم هو..... نباهڻ لاءِ همت ۽ پختو ارادو به هو.... محبت جي ماري ۽ قرب جي ڪاڍي دل به هئي، سڀڪجھه هو. مگر عورتن جي مجبورين ۽ تقديرن کي ڄاڻڻ لاءِ تجربو نه هو. نه هن اهڙيون فلمون ۽ ٿيٽر ڏٺا هئا....... نه هن اهڙا افسانا لکيا هئا..... نه هن نفسياتي ۽ جنسياتي ناول پڙهيا هئا..... ۽ نه هن کان اڳ پنج ست ڀيرا عشق ڪيو هو. تنهنڪري هو، انهيءَ پيچيده مسئلي کي سمجھڻ کان قطعاً قاصر هو. مهروءَ جا مٿيان لفظ ٻڌي شس و پنج ۾ پئجي ويو.“ مبو، هينئر آئون ٻار ته نه آهيان جو سڀڪجھه پنهنجي مرضي مطابق ڪريان برابر آئون تقدير جي ليڪن تي هلان ٿي پر ان ۾ به مون لئي اشارن ڪرڻ وارا ويٺا آهن. ٿي پوندا...... اڄ ته آئون بابا جي گھر ۾ آهيان.... مگر سڀاڻي ،....” مهروءَ جو گلو خشڪ ٿي ويو ۽ حجاب کان گندي کڻي اکين تي رکيائين. محب علي کي ڄڻ ڪو وڃايل خزانو هٿ اچي آيو هجي هاڻي هو پوريءَ طرح سمجھي ويو ته مهروءَ ڪهڙن خطرن طرف اشارو پئي ڪري ” هڪدم مرڪي چيائين. “ ڪهڙي وهم ۾ وڪوڙيل آهين..... مهرو، بيشڪ اسان لاءِ سڀاڻي جو فڪر به لازمي آهي پر ائين نه آهي ته انهيءَ فڪر جو نتيجو ڪن چند ماڻهن جي هٿ جو لکيل آهي تقدير جو مالڪ هر حال ۾ قادر آهي نه ڪو ٻيو !ڪهڙي خبر سڀاڻي توکي مجبور ڪيو وڃي يا مبارڪ ڏني وڃي.... ” محب علي چيو.
هاڻي مهروءَ جي اکين اڳيان تصوير جو ٻيو رخ به ڦري آيو. هن جي جسم ۾ خوشي ءَ جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ شرم کان منهن تي سرخي تري آئي. محب عليءَ هي ڏسي خاموش مهرو کي هٿ کان ڇڪي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ هي شعر پڙهيو .
نازڪ دليون عمريون ننڍيون آهن مگر پٽ جون ڳنڍيون
ڇنندو نه ڪو سڪ جا سڳا پيارا پرين پرديس ۾
(پرديسي )