ناول

درياء جي ڪپ تي

هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. گل نصرپوري لکي ٿو:
احساسات ۽ تاثرات جي هن مجموعي ۾ زندگي جي تمام لاهين چاڙهين سان گڏ قرب ۽ پيار جي به هڪ دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار به آهن ته تڪرار به ! لڙڪ به آهن ته ٽهڪ ! معافيون به آهن ته ميارون به ! جفائون به آهن ته وفائون به !
مطلب ته پنهنجي مطالعي ۽ تجربي آهر هن ناول سينگارڻ سان گڏ ڪهاڻي ۽ انجي اصولن جي پيرويءَ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم.
  • 4.5/5.0
  • 2778
  • 1185
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • گل نصرپوري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book درياء جي ڪپ تي

خيال – يار

هن حال ۾ به دل ٿي دعائون گھري سدا
ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري
دامن کي ڦاڙي روئي ڪيم راز فاش اڄ
جوش و جنون ۾ هاءِ مان ويٺس هي ڇا ڪري
”گل“

چوڏهين ءَ جو چنڊ پنهنجي آب و تاب سان روشن هو. ڪائنات جي هر ذري ۾ ڄڻ نور اوتجي پيو هو. دستور موجب قرب جا ڪٺل غريب ملاح دڪ تي رس رهاڻ مچايو ويٺا هئا، محفل ۾ ههڙي مزي هوندي به محب علي جي دل بلڪل نه پئي لڳي. ڳچ وقت پاسن بدلائڻ کان پوءِ ڀلو کي ساڻ ڪري پتڻ تي هلڻ لڳو. ٽي چار ڏينهن کان محب علي جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙي تبديلي اچي ويئي هئي، جنهن ڀلوءَ کي ته خاص طرح تعجب ۾ وجھي ڇڏيو هو. اکين ۾ هر وقت خمار....... چپن تي معنى خيز سنهي مرڪ..... جنهن تنهن ڳالهه تي گھڻو کلڻ....۽ سڀ کان زياده....... خلوت پنج ڇهه دوست اچي گڏيا ته محب علي کسڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هينئر به ڀلو هليو محب علي سان گڏ پئي پر خيال ڪنهن ٻئي هنڌ هئس. سڄي ڳوٺ ۾ محب علي جو وفادار ۽ سچو يار ڪو هو ته فقط ڀلو. هن ڏٺو ته گذريل چند ڏينهن ۾ اهڙي ڪهڙي خوشخبري آهي، جنهن محب عليءَ جي روزانه معمول ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ئي ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي. ڀلو قدم قدم تي نوان انداز ڪندو هلندو رهيو..... ۽ محب عليءَ هن کان پري گھڻو پري خيالن جي اهڙي واديءَ ۾ پهتل هو جتي فقط ٻه دليون محبت جي مقالن ۾ مشغول هيون.
محب علي هينئر واقعي خوش هو. هن جو اڳيون اضطراب انتظار ۽ بيقراري هينئر خوشي، وصال ۽ سڪون ۾ بدلجي چڪي هئي. هن جا خواب هينئر سراپا حقيقت هئا. مظلوم ۽ مغموم محب علي جي اداس ۽ خزا رسيده دل بهارن سان آشنا ٿي چڪي هئي. قدرت هن جي غمن کي هڪ ٻه ڪري سلجھائڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي هن حالت تي نازان هو، حالانڪ گند ڀريل گوڏ...ککي قميص.... پير اگھاڙا..... ۽ مٿو مهينن کان ميرو ڏسي پنهنجو حسب نسب ياد اچي ويندو هوس. هن جو باغ هو...... اسڪول ۾ پڙهندو هو..... نوان ڪپڙا پائيندو هو...... روزانه ڇهه ست آنه خرچيندو هو. هينئر محب علي ايترو به سوچيندو هو ته جيڪڏهن سيلاب نه اچن ها ته هو ڪهڙي شخصيت جو مالڪ هجي ها. انهن خيالن پچائيندي مهرو سراپا ناز و ادا سادگي ۽ وفا جي تصوير بنجيو هن جي آسروندن اکين اڳيان اچيو ڦرندي هئي ۽ هي هڪدم پاڻ کان هي به سوال ڪندو هو ته : ڇا انهن چانديءَ جي ڍيرن، غمدن ويسن ۽ شان شوڪت جي قيمت، مهروءَ کان وڌيڪ آهي. هر گز نه ! خداوند ڪريم مون کان اهو سڀڪجھه کسي،جو مون کي نيٺ مغرور ۽ تباهه ڪري ها. اهو سڀڪجھه ڏنو آهي، جو منهنجي هن بيدرد زندگي جو روح ۽ ويران دل جي بهار آهي. هي جھنگ هي سايون ٻنيون ۽ هي سانتيڪو ماحول مون لئي ڪنهن به حالت ۾ جنت کان گھٽ نه آهي. جنهن جي هڪ طرف صاف و شفاف، مٺي پاڻيءَ جي ندي پئي وهي ٻئي طرف سايون دلفريب ٻنيون ۽ باغن جون رنگينون لڳيون پيون آهن. ٽئين طرف رازدار ۽ خير خواه دوست ڏيئي ڇڏيا اهن، جي هر وقت دل کي همت ۽ دلداري پيا ڏين ته چوٿين طرف هڪ اهڙي پاڪ دل، نيڪ سيرت ۽ من مهڻي حور عطا ڪئي آهي، جنهن جي ڏسڻ سان خوابن جي دنيا ۾ گم ٿيو وڃان ۽ جڏهن هوشيار ٿو ٿيان تڏهن ٻيو ڏينهن گذري رهيو آهي.
ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي دوست مهراڻ جي مٿاڇري تي هندوري ۾ جھولي رهيا هئا. محب علي ونجھه ڇڪي رهيو هو ۽ ڀلو هڪ تختي تي ليٽي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
“ اڄ رات ڪهڙي نه مزيدار آهي...... ڀلو!” محب علي آسمان ۾ نهاريندي چيو.
“ پنهنجو شوق به ته مزيدار آهي..... ڀلوءَ جواب ڏنو.
ٿورو وقت خاموشي رهي ” نيٺ محب علي ڳالهايو.
“ ڀلو تون ته ٿو سمهين پر مزو تڏهن ٿئي جڏهن مون کي به ننڊ اچي وڃي ”.
“ وهوا ميان خير گھر خدا کان..... سير تي چڙهي اهڙا خراب سوڻ نه ڳنڍبا آهن ” ڀلوءَ چيو.
“ خراب سوڻ ڪونه ٿو ڳنڍيان، پر ائين ٿو چوان ته جيڪڏهن سچ پچ ٻنهي کي ننڊ کڻي وڃي ته پوءِ جيڪر ڇا ٿئي.....!“ محب علي ونجھه کي هڪ طرفو هلائيندي چيو.
“ ٿيندو وري ڇا..... جتي قسمت گھريو اتي هلي پهچنداسون پر جي واٽ ۾ ڪو ڪن ملي ويو ته پوءِ مزائي مزا.... ” ڀلوءَ کلندي چيو.
“ ڀلا جيڪڏهن ڪوشش ڪري هينئر ئي ٻيڙيءَ کي اوڀار کڻي هلون ته ڇا ٿيندو ؟” محب علي جلدي سوال ڪيو. “ چريو ڪو آهين...... ايترو به نٿو سمجھين...اڌ ڪلاڪ ۾ ڳوٺ پهچنداسين ٻيو وري ڇا ؟” ڀلوءَ جواب ڏنو.
“ ڀلو هڪ ڳالهه منهنجي سمجھه ۾ اڃا تائين نه آئي آهي اها هيءَ ته : انسان ڪنهن به ڪم ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته پنهنجي سوڀ سمجھي دل جو دل ۾ خوش ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ سندس ئي غفلت يا غلطيءَ سببب ناڪاميابي نصيب ٿيندي اٿس ته عام طرح چوندو آهي ته : “ هي سڀ قسمت جو ڪم آهي ” ائين ڇو نٿو چوي ته :“ هي سڀ منهنجي غفلت يا غلطي کان ٿيو ” محب علي پوين اکرن تي کلندي چيو. “ ائين ته برابر آهي پر انسان ڪيترو به کڻي غافل يا غلط ڪار هجي مگر چاهيندو ته هر حال ۾ ڪاميابي آهي، پوءِ کري کنئي کيس نا اميدي نصيب ٿي ته اهو قسمت جو ڪم ڪونه ٿيو ؟” ڀلوءَ سواليه انداز ۾ چيو.
“ شابس اٿئي...... غافل ٿئي انسان ۽ ڏوهه ٿيو قسمت جو ڀلا ڏس...... چاهيون ته پاڻ به گھر پهچڻ ٿا....پر سستي ڪري..... سمهي رهون ته پڪ سان ڪنهن اوڙاهه ۾ هلي ڪرنداسون. هاڻي قسمت جو ڪم آهي ته اسان کي ڪلهي تي کڻي هلي گھر ڇڏي...... ؟ نه ته آخر اسين به ائين چونداسون ته قسمت هي ڪم ڪيو. ائين نه محب عليءَ چيو.
“ ڀلا...... هروڀرو وڙهندين ڇا ؟” ڀلو اٿندي چيو.
ٻيڙي پئي هلي.... ڀلو اٿي وڃي محب علي جي ڀر ۾ ويٺو ۽ ونجھه کانئس وٺي پاڻ هلائڻ لڳو.
محب علي اٿندي ٿڏو شوڪارو ڀريو ۽ اچي هڪ تختي تي ويٺو
محب علي کي بينسري وڄائڻ سان ڪو خاص عشق هو. هو هڪ ڳوٺاڻو هو.... نج سادي ۽ سنڌي ماحول ۾ پليو هو. قدرت جا رنگين ۽ من مهڻا مناظر صبح شام هن جي اکين اڳيان هئا...... هو پنهنجن ننڍن يارن کان ننڍي هوندي ئي سڀ ڪجھه پئي سکيو..... هاڻي ته هو..... ننڍپڻ وارا بي سرا ۽ بي ترتيب آواز هن کان گھڻو پري ويا هليا. انهن جي جڳهه اهڙن سريلن آلاپن اچي ورتي جو ٻڌڻ شرط بيخودي طاري ٿي ويندي هئي.خود به وجد ۾ اچي مست نانگ وانگر جھومندو هو ۽ آسپاس وارا به في الحا ل هن نشي جي اثر کان ڄڻ نچندا پيا هئا. حاصل المطلب.......
“ مست ٿيو ماحول تڏهن مان به مستان ٿي ويس ” وارو معاملو مچي ويندو هو. محب علي چنڊ ۾ غور سان نهاري ڪجھه سوچيندو رهيو. ٿڌي هير پئي گھلي. ٻيڙي هلندي رهي ۽ هي ٻئي جوان دليون غفلت جي اشارن تي نچنديون الاجي ڪٿان جو ڪٿي پهچي وييون. خبر تڏهن پين جڏهن پرئين ڳوٺ جي ڀن کان اچي مٽيا . هي ڳوٺ سندن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. محب علي ته اڃا به بي خبر هو پر ڀلو ٻيڙيءَ کي اوڀار موڙي ڳوٺ هلڻ لڳو.
محب علي چنڊ ۾ نهاريندو.....بعضي مرڪندو..... بعضي تعجب کائيندو رهيو ۽ ڀلو هي ناٽڪ خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. محب عليءَ آهستي آهستي بينسري کنئي...... چپن سان لڳائي ۽ هڪ سيڪنڊ کان پوءِ.... هڪ درد ونديءَ دل جون دانهون پتل جي سنهي نڙانڊيءَ مان نڪرنديون..... نڪرنديون....فضا ۾ نشو اوتينديون رهيون.... تان....جو ڪائنات جو ذرو ذرو جھومڻ لڳو..... ۽ محب علي سڀني کي هن محويت جي عالم ۾ ڇڏي وڃي يار جي اڳيان حاضر ٿيو.... مهرو تون به جھومي رهي آهين ؟..... آئون به جھومي رهيو آهيان... سارو ماحول مستيءَ کان جھومي پيو..... مهرو ڏس هي تنهنجي دل..... جا هن کان اڳ مکڙيءَ وانگر بهارن جي انتظار ۾ هئي........ هاڻي ڪيئن نه ٽڙي گل ٿي پيئي آهي.... مهرو اچ ته توکي هنن ورقن ۾ لڪايان جيئن توکي هن دنيا جي بدنظر نه لڳي...... مهرو،آ ته هن پار هلون......لهرن....... ڇولين.....ڪنن.......... واڳن......مانگر مڇن.... جي پار.... مهرو آ ته هلون هن پار !
هي ساٿ ڇڏي سنسار
او ساٿي
آ ته هلون هن پار
بادل برسي لائي بهاري. مينهن موٽي ڪئي ملهاري. سنهڙي ٿڌڙي بوند وسي ٿي. پاڻي ءَ ۾ سا ڪيئن لڪي ٿي،
گوڙين کنوڻين کيل ڪيا
۽ ڪڪرن ڪارونڀار
او ساٿي
آ ته هلون هن پار.
ڪڪرن مان چنڊ ليئا پائي، ويو جلدي پاڻ لڪائي
لهرن ۾ پيو غوطا کائي، پاڻي ۾ پيو پاڻ پسائي
راند ڪندي ڪئن رات وهائي
ٻارن جھڙو ٻار
او ساٿي
آ ته هلون هن پار.
واءُ سڻائو دريا ماٺو، هيرون هلڪيون سانت سناٽو
رات به پنهنجي تات به پنهنجي، برهه به پنهنجو بات به پنهنجي
ٻيڙيءَ ۾ ٻي ٻيلهه چڙهي ۽
ترون توڪل تار
او ساٿي
آ ته هون هن ار
تون ۽ مان ٻئي سهڻا سامهون، ويهي عجيبا اوڏا آميون
هوريان هوريان ونجھه به واريون مٺڙا مٺڙا گيت جھونگاريون
تند ربا جي ڇيڙيون ڳايون
سارنگ سر ملهار
او ساٿي
آ ته هلون هن پار.
محب علي مجويت جي عالم ۾ مهرو جو هٿ پنهنجي سيني تي رکندي چيو :
مهرو او منهنجي مهرو هي موج ڀريو مهراڻ ڏس، جنهن جي مست ڇولين گھڻو وقت اڳ هڪ معصوم ٻچي کي مائٽن جي محبت ڀرئي آغوش مان ڇني دربدر ڪيو هو.،....... اڄ پنهنجي مهربانين جو داد گھري رهيو آهي مهرو ڪنهن ٿي چيو ته آئون پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کان جدا ٿيندس.....ههڙن طوفانن ۾ زنده رهندس...... ملاحن جي سادي زندگي ۾ پلبس..... تنهنجي محبت جي سايي هيٺ وري خوشين سان آشنا ٿيندس...... مهرو تون فرشتو آهين.... محبت جي دنيا جو فرشتو آهين تنهنجي ئي ڪري مون کي ههڙن زلزلن ۾ به زندگي ملي..... سٺي پرورش ملي..... محبت ڪندڙ دل ملي.... مهرو ڏس، ڪيئن نه هي لهرون تنهنجن سڀاڳن قدمن چمڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙنديون ٿيون اچن.... تون پيار جي ديوي آهين..... ۽ آئون تنهنجو هڪ پرديسي پوڄاري مهرو تنهنجي اکين ۾ مست ڪندڙ شراب جو بي انتها ساگر سمايل آهي !.... تنهنجي پيشانيءَ ۾ ههڙن هزارن چنڊن کان به زياده تاب ۽ نور بکي رهيو آهي.... تون کلين ٿي ته باغن ۾ مکڙيون ٽڙيو پون..... هلين ٿي ته ڪائنات جي تمام رنگينن سان گڏ لکين دليون فرش راهه ٿيڻ لاءِ بيتاب ٿيو اٿن...... اي پريم جي پتلي !تنهنجو سڀاڳو هٿ پرت جي پانڌيئڙن لاءِ ڄڻ ابدي سعادت آهي..... محب علي بيخودي جي عالم ۾ چوندو آهستي آهستي ٻيڙي جي ٻانهينءَ تي جھڪڻ لڳو. ڀلوءَ جو وقت کان تعجب سان هي تماشو ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيو. ٻيڙيءَ کي ڪناري لڳ بيهاري ويجھو آيو ۽ محب علي جي منهن وٽ کڻي پنهنجو هٿ جھليو...۽ پرت جي پياسي ۽ پريم جي پوڄاريءَ ابدي سعادت حاصل ڪري ورتي.
“ مبو اٿ ته هلون..... ” ڀلوءَ محب عليءَ کي سجاڳ ڪندي چيو.
“ هلون....ڇو......اڙي ها....... پاڻ اڃا ٻيڙيءَ ۾ آهيون ” محب علي چيو.
“ ڇو ننڊ ۾ هئين ڇا ؟ ” ڀلوءَ چيو.
“ ائين اوچتو اک لڳي ويئي....” محب عليءَ چيو.
“ اک لڳي ويئي يا دل لڳي ويئي ” ڀلو ٽوڪ ڪندي چيو.
“ ميان خير ته گھر اڳ وري هت ڪيئن لڳندي ” محب علي چيو.
“ هت ڪٿي ”؟ ڀلوءَ پڇيو. مهراڻ ۾ ٻيو وري ڪٿي “ محب علي چيو.
“ مندر ۾ پنهنجو ڇا؟” پاڻ ڇو هلنداسون مندر ۾ ” محب علي تعجب مان پڇيو.
“ ديوين جي پوڄا لاءِ ديويون مندرن ۾ ته هونديون آهن ” ڀلوءَ محب علي جي منهن ۾ گھوريندي چيو.
“ ڀلو تون ته الاجي ڇا پيو چوين...... ڇا جا مندر..... ڇا جون ديويون...... ڪهڙيون پوڄائون..... ” محب علي منهن ٺاهيندي چيو.
“ محب علي هڪ ته تو پاڻيهي مون کي ڪجھه به نه ٻڌايو ۽ ٻيو وري هاڻي به الي ٿو مڃين...حيف اٿيئي ” ڀلو ڏوراپو ڏيندي چيو.
“ محب علي هاڻي گھڻو لڪڻ مناسب نه سمجھيو ۽ سرپستي حقيقت ڪرڻ لڳو ته محبت ۾ هن ڇاڇا ڏٺو جڏهن سڀ ڪجھه ٻڌائيندو هٿ چمڻ وارن اکرن تي پهتو تڏهن ڀلو کان ٽهڪ نڪري ويو ”.
“ ها...ها....اڙي مجنا اهو انهيءَ ديويءَ جو هٿ نه هو پر هن ديو جو چنبو هو..... ” ڀلوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ۽ اهڙي طرح هي چرچا ڀوڳ ڪندا اچي گھر پهتا.