ناول

درياء جي ڪپ تي

هي ڪتاب ”درياء جي ڪپ تي“ سائين گُل نصرپوري جو لکيل ناول آهي جيڪو 1960ع ۾ اداره آوازِ ادب حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. گل نصرپوري لکي ٿو:
احساسات ۽ تاثرات جي هن مجموعي ۾ زندگي جي تمام لاهين چاڙهين سان گڏ قرب ۽ پيار جي به هڪ دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار به آهن ته تڪرار به ! لڙڪ به آهن ته ٽهڪ ! معافيون به آهن ته ميارون به ! جفائون به آهن ته وفائون به !
مطلب ته پنهنجي مطالعي ۽ تجربي آهر هن ناول سينگارڻ سان گڏ ڪهاڻي ۽ انجي اصولن جي پيرويءَ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم.
  • 4.5/5.0
  • 2778
  • 1185
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • گل نصرپوري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book درياء جي ڪپ تي

چند گھڙيون

جهان کي آهه سڪون و قرار چند گھڙيون
خزان به چند گھڙيون ۽ بهار چند گھڙيون
هتي جي حسن و قبح کي نه آهه ڪجھه به بقا
هي گل به چند گھڙيون هي خار چند گھڙيون
”گل“

وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. سياري جي شروعاتي ڏينهن هئا. مٺا مٺا سيءَ پوڻ لڳا. ٻن ٽن ڏينهن کان ملاحن جي هن ڳوٺ ۾ هڪ سنياسي آيل هو. پانڌي خان جي اوطاق تي رهندو هو. ڳوٺ سنڌ جي ٻين ٻهراڙين وانگر ڪافي کليل هو.ٽن طرفن کان سايون ٻنيون ۽ باغ هئا.... چوٿين طرف مستيءَ ڀريو مهراڻ موجون هڻي رهيو هو. بيماريءَ سيماري کان الله تعالى امن ڪيو هو.سنياسيءَجو واپار ايترو گھڻو ته ڪونه هليو، البت ڪنهن ڦرڙيءَ جو مرهم ورتو....... اڌ مٿي جو ڦيڻو رکايو..... ڪنهن ٽيڙيا ٻيڙ جو سڳو وٽايو.... ڪنهن به ڪوڙي جو نقش ڀرايو.......... ڪنهن بلا ڀٽونءَ جي دوا ورتي نه ته بس.
پانڌي خان جي زال کي سالن کان دم جي شڪايت هئي. شهر جون دوائون گھر جا ٽوٽڪا، جھنگ جون جڙيون ته انيڪ آزمايون هئائين، مگر سهي ٽنگون ٽي چوٿون پڇ ! ڳالهين هلندي سنياسي سان اهڙو ذڪر کوليائين. هن ته اهڙي وقت لاءِ واجھايو پئي ته من ڪو ملي ته ڦري ڪريانس ٺلهو. رپئي جيتري دٻليءَ ۾ هڪ ڪاري شي ( معجون ) ڏيئي پڪ پيسن جو وٺي ٿيو تند ! دوا باقاعدي استعمال ڪئي ويئي. پر دوا کي ڇا مجال آهي جو تر جو به تفاوت ڪري.
“ تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪرين ان کي ” سا قدرت جي جيئن مرضي هئي تيئن ٿيڻ لڳو. دوا جو خالي بهانو هو. مهرو جي ماءُ جي حالت اڳئين کان به زياده خراب ٿيڻ لڳي ۽ پوڙهو پانڌي خان وري به وڃي شهر جي ظالم ڊاڪٽرن جي ور چڙهيو. جتان مس مس جند ڇڏائي هئائين. شهر وڃڻ لاءِ هن کي ڳوٺ وارن کي پهرين پار پهچي پوءِ ٽي چار ميل پنڌ ڪرڻو پوندو هو. سنياسيءَ واري دوا کائڻ ته هڪدم بند ڪيائون مگر فرحت ڪانه ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن پانڌي خان شهر وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر مشڪل هي هو ته پاڻ سان ڪنهن کي کڻي وڃي.اڳ ته ڀاڻس جمال جي پٽ ربن کي وٺي ويندو هو. مگر ٽن سالن کان اڳ ته انهيءَ به اچڻ وڃڻ ڇڏيو. آئي ويل ڪم اچڻ ته درڪنار پر ڳالهائڻ به بند ، پانڌي خان منجھي پيو نيٺ محب علي جي صلاح آئڙي آيس. سالي محمد سان صلاح ڪيائين. محب علي پاڻ سان شهر سنبرايائين. ٻئي ڏينهن پانڌي خان پنهنجي زال ۽ محب علي سميت شهر روانو ٿيو.مهروءَ اهو ڏينهن ڪجھه شانوءَ جي گھر ۽ ڪجھه مامي محمد جي گھر گذاريو.
شام جو منهن ۽ ڪجھه انڌاري مهل پانڌي خان جن واپس پنهنجي گھر پهچي ويا. خير سان رات ته جيئن تيئن گذري. صبح جو پهرئين وزن پيڻ شرط دم وڌيڪ شدت سان ستائڻ لڳو. ڄڻ دوا نه هئي ڪو تيزاب هو. اڌ ڪلاڪ ۾ سارو گھر ماتم خانو بنجي ويو. پانڌي خان هيءَ حالت ڏسي ويتر ششدر ٿيڻ لڳو. مهرو خدا کي ستائڻ ۽ زارو قطار روئڻ لڳي. ڪچا ٻه پهر هن حال ۾ گذري ويا. تڪليف ويران وير وڌ! اوري پري جون زالون اچي ڪٺيون ٿيون. مهرو ماءُ جي سيراندي جھلي ويهي رهي....سارو ڏينهن روئندي گذاريائين. گل وانگر ٽڙيل...... ۽...... بلبل وانگر آزاد ٻوليندڙ مهرو هڪ ڏينهن ۾ گھڙجي ويئي. محب علي به پنهنجي پڦي کي ٻه ٽي دفعا ڏسڻ آيو. مگر زياده دير بيهي نه سگھندو هو. هڪ زندگي ۽ موت جي جنگ جو نقشو ٻيو مهروءَ جي ههڙي حالت ڏسي هن جون ٽنگون ٿڙڪڻ ۽ مغز چڪر کائڻ لڳندو هو. خير..... مهروءَ جي ماءُ جو سارو ڏينهن اهڙي تڪليف سان گذريو. سج آهستي آهستي ڳاڙهو ٿيندو رهيو....... پکي پنهنجي آهيرن ڏي اڏامندا ويا..... مال واپس وٿاڻن تي پئي آيو...... ۽ چنگن ۽ چڙن جا سريلا آواز ڳوٺ وارن کي شام جو پيغام ڏيئي رهيا هئا....... ماءُ اکيون کوليون..... وري بند ڪري ڇڏيون.... ٻه گرم لڙڪ اچي مهروءَ جي چوٽ تي پيا.... ماءُ جا هٿ هلڪي جنبش سان مٿي کڄڻ لڳا، مهروءَ جي منهن تائين...... وري هيٺ ڍرڪڻ لڳا...... مهروءَ جي منهن سميت ڇاتيءَ تائين آيا....... سج ساحل جي وڏن وڏن وڻن جي مٿانهين چوٽين کي آخرين سلام ڪري رهيو هو..... ڪائنات غم جي ڳاڙهي ويس ۾ ملبوس هئي... پکين جا قافلا پنهنجي منزل طرف اڃا به پئي ويا.... تان جو ماءُ آخرين دم کنيو..... ۽ هي پکي به پڃري جي سنگين سيخن مان آزاد ٿي پنهنجي آشياني طرف اڏامي ويو.
مهرو رڙ ڪري مرده جي سيني تي بيهوش ٿي ڪري پئي. شانو کيس هوشيار ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.سڄي گھر ۾ روڌن مچي ويو، هي حال ڏسي محب علي جي به دل ڀرجي آئي. خاموش ڳوڙها ڳاڙيندو ٻاهر نڪتو. پانڌي خان جي مٿان ڄڻ پهاڙ ڪري پيو. رکي رکي پيو اوساسا ڀري. زال جو ڏک به لازمي هو پر وڌيڪ ڳڻتي جنهن دل کي کاٽ پئي هنيو، سا هئي يتيم ۽ معصوم ڌيءَ مهروءَ جي. اوطاق ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏيو پنهنجي ڌيءَ متعلق سوچي رهيو هو..... جوان جماڻ ڌيءَ گھر ۾ اڪيلي ڪيئن گذاريندي ؟.... ماءَ جو ڏاڍو ڏڍ هوس.... اڪيلو گھر کائڻ ايندس..... ڇا ڀلا ڪريان مون کي پٽ ٻڌي گھر ۾ وهڻو پوندو.... ڀن جي ڪير ڪندو ؟..... ٺيڪيدارن سان ڪير ڳالهائيندو.... هن ويچارن ٻچڙيوالن جو بار به ته منهنجي ڪلهن تي آهي..... خدا تعالى جي مرضي ئي اهڙي هئي..... ويچاريءَ جي زندگي زهر ٿي پوندي....... نه نه آئون به آخر هن جو پيءُ آهيان..... هن کي هر طرح خوش رکڻ منهنجو فرض آهي..... مون کي جنگ ڪرڻي پوندي.... مون کان سواءِ هن جو ڪير آهي ؟ امان چوڻ ته هن جي زبان تان ميسارجي ويو..... هاڻي فقط مون کي بابا چوندي...... آئون هن جي هر خوشيءَ ۾ خوش ٿيندڙ ۽ هر غم ۾ شريڪ ٿيندڙ وفادار غلام ٿي رهندس..... مهرو ! تون منهنجي جان ۽ ساهه جي اڪيلي مالڪ آهين..... يا خدا، تون غفور الرحيم آهين..... منهنجي اڪيلي ۽ بي يارو مددگار ڌيءَ کي هر غم کان آزاد ۽ هر خوشيءَ سان مالا مال رک..... يا پروردگار هي هڪ پيرسن ناتوان پيءُ جي آخرين آرزو آهي...... وري هن جي منتشر خيالن ۾ تبديلي اچي ويئي هن مهروءَ جي رهڻ متعلق سوچڻ شروع ڪيو. هن جي خيال ۾ سڄي ڳوٺ مان فقط ٻه گھر هئا. هونءَ ته سڄي ڳوٺ جو ڪوبه اهڙو گھر ڪونه هو. جتي رهڻ کان پانڌي خان دل هڻندو هجي. مگر سڀ کان هن کي شانوءَ جو گھر نظر آيو ۽ ٻيو پنهنجي سالي محمد جو ! ٻنهي گھرن کي اڳيان رکي هن ڀيٽڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ گھرن کي چونڊي کنيو.ڇاڪاڻ ته اهو مهروءَ جي سڳي مامي جو به گھر هو ۽ سندن گھر جي بلڪل ڀر ۾ به ! وچان پتر ڪٽڻ سا ٻن گھرن مان هڪ گھر ٿي سگھيو ٿي. هن فيصلي تي پهچڻ کان پوءِ پانڌي خان جي ذهني ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ لڳي. ڪانڌي چوطرف ويٺا هئا،ڏينهن آيو ويو ٿي ويو. ٻي سهماڻيءَ جو امانت ڌڻيءَ کي پهچائي ويئي. مهروءَ اها رات ساري روئندي..... شانوءَ دلداريون ڏيندي ۽ پرچائيندي گذاري، ڳوٺ جون عورتون چار پنج ڏينهن صبح شام اينديون رهيون. پوءِ آهستي آهستي انهن به اچڻ ڇڏيو ۽ فقط شانو ۽ مهروءَ جي مامي سارو ڏينهن گھر ۾ رهنديون هيون. مهروءَ جي ماءُ کي گذري اڄ ويهه ڏينهن ٿي ويا.