بد نظر
آهن هزار شورشون ديده چالباز ۾
سانڊي جي ڦوڪ ڇا ڪندي عشق خليل وار کي
آڻي ڪمي نٿو سگھي ڪو لطف ڪارساز ۾
”گل“
دڪ جي فيصلي کان پوءِ جيتوڻيڪ ربن، ڀلوءَ ۽ محب علي سان راس پئي نظر آيو. پر دل اڃا بديءَ سان ڀريل هيس. ڪچيءَ کان ئي گارگند ڪري ۽ راند جي اڌ مان ٻارن کي ڌڪ هڻي ڀڄڻ جي خراب عادت هيس. ويتر مائٽن جي اڍنگي پيار هيڪاري ستيا ناس ڪري ڇڏيس. هيڏي عمر ۾ به ڳوٺ جي وڏن کي ته تنگ ڪندو هو،پر ننڍن سان به ڄڻ ازل جو وير هوس. مطلب ته سڄي ڳوٺ جي اکين جو ڪنڊو هو. ۽ هي به مست اٺ وانگر ڪنهن کي ليکيندو ئي ڪونه هو. فقط محب علي ئي هڪ اهڙو انسان هو جنهن سان نه هيس دشمني ۽ نه دوستي ! هن کان اڳ جو دڪ تي محب علي کي هڪ اڌ ڌمڪي ڏني اٿس سا به ڀلوءَ جي ڪري سڄي ڳوٺ ۾ فقط ڀليڏني سان ئي جان جون بازيون لڳل هيس. باقي خالي خولي داداگير ته سڀني لاءِ هو. ڀلوءَ سان تون ڇا.... تون ڇا ته ننڍي هوندي کان هيس سڄي ڳوٺ جا ٻار ته ربن جا موچڙا کايو ماٺ ڪريو وهندا هئا، پر ڀلو تڏهن کان ئي ڌڪ جو جواب مڪ سان ڏييندو هوس. هي هڪ شروعاتي سلو هو جو ٻنهي جي عمر جي واڌ سان گڏ اڀرندو اچي دائمي زنگ ۽ حسد کي پهتو. انهي ڪري اڃا تائين اهي ٻئي شخص روز ٻئي ڪنهن نه ڪنهن سبب تان پيا ڏندين چڪين پوندا هئا.
دڪ تي تازو پرچاءُ ٿيل هو. تنهن ڪري چالباز ربن في الحال ته سن ۾ رهيو. پر هن جو اصل مقصد پرچڻ ته هوئي ڪونه ! سو ڪٿي ٿي ماٺ اچيس. هر وقت پيو گھاٽ گھڙيندو هو ته ڀلوءَ کي ڪيئن به ڪري شڪست فاش ڏيان. نيٺ هن تصوير جي ٻئي رخ تي نظر ڦيرائي..... ۽ اڳئين کان زياده محبت ؟ پاليسيءَ سان هلڻ لڳو. ڀلو ته هن کي اصل کان سڃاڻندو هو، پر ويچارو محب علي جنهن جي طبيعت ۾ ئي اهي ڦند ڦيرا ڪونه هئا سو ڪٿي ٿو، اهڙن فريبن کي سمجھي ؟ ڀلوءَ جي بار بار سمجھائڻ ٽوڪڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي باوجود به محب علي وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿو. ڀلوءَ ڪيترائي جتن ڪيا، حيلا هلايا، محب علي کي دوستي جا واسطا وڌا،ايترو به چيائينس ته : “ مبو تون حد کان زياده صلح پسند ۽ ٿڌو آهين تنهنجي اها سادگي توکي ئي نقصان پهچائيندي.
پر جواب ۾ محب علي فقط ائين چوندو هو ته : ادا ڀلو ربن جيڪڏهن شدت ڇڏي آهي ته توکي به ڇڏڻ گھرجي. اهي شڪ ته توهان کي ويڙهائين ٿا ” خير..... ڀلو هاڻي ٻن ٻيڙين ۾ اچي ويو. هڪ طرف ربن جي منصوبن کي منهن ڏيڻو هوس ۽ ٻئي طرف هن نئين خطري جو تدارڪ سوچڻو هوس... محب علي ويچارو ويسھ وسوڙل آهستي آهستي ويو مڪار ربن جي مٺڙين ڳالهين ۾ ڦاسندو. ايتري قدر جو هاڻي ٻئي گڏ گھمندا به هئا. ۽ هڪ ٻئي جي گھر ويندا به هئا.....ربن ته ساڌن سان سنمک ۽ پئنچن سان پورو هو. هنن سان گڏ ڏس ته ڏينهن جا ڏينهن پيو مال ۾ گھمي يا ڪندرو کيڏي.... پر وري پنهنجن خاص ساٿين سان ڏس ته ٻول ئي ٻيا .
حسب دستور هڪ ڏينهن محب علي منجھند جي وقت گھر ويٺو هو ته مٿان ربن آيو ۽ ٻئي ڄڻا پنهنجين خبرن ۾ لڳي ويا. ربن هن کان اڳ به ٽي چار ڀيرا محب علي جي گھر آيو هو ۽ اڄ به معمول مطابق آيو....... ڳالهين ۾ لڳي ويو. کلي پيو....... ٽڙي پيو.... پر اک مڙس جي هڪ هنڌ آهي ئي ڪانه، ڪڏهن به آيو هوندو ته ڳالهائيندو وات سان پيو. پر ٽيڏين اکين سان ڪنڊن ڪڙڇن ۾..... پانڌي خان جي گھر واري وچئين دروازي ۾ ٻاهرين لنگھه ۾ ائين پيو نهاريندو ڄڻ ڪجھه وڃايو اٿس.۽ اڄ هن جون متلاشي نگاهون وڃي هڪ نشان ۾ اٽڪيون وچئين دروازي مان مهرو نهايت بي حجابي واري موڊ ۾ پئي آئي. ربن تي اک پوڻ شرط پوين پيرن واپس ويئي هلي. ٻن محبت ڀرين ۽ ٻن لالچ ڀرين نگاهن سندس غائب ٿيڻ تائين پيڇو ڪيو.
ربن هن ڀيري ٻن نشانن ( ڀلو ۽ مهرو ) کي هڪ ئي تير (محب علي ) سان چٽڻ ٿي چاهيو. هن جي دل ۾ رقابت جي باهه ڀڙڪڻ لڳي.ڳالهين چرچن گھٻن جي سلسلي ۾ هن پنهنجي مقصد طرف مڙڻ شروع ڪيو. “ مبو،ادا هيءَ ڇوڪري ڪير هئي ” ربن منهن ٺاهيندي پڇيو.
“ ڇو..... تو ڪانه سڃاتي ؟” محب علي جواب ڏنو.
“ ڏٺل ته شايد اٿم...... ڀانيان ٿو ته........” ربن ڳالهه کي اڌ ۾ ارادتا روڪيندي چيو.
“ چريا.اها مهرو هئي...... چاچي پنڌيءَ...... ” محب علي چوڻ لڳو.
“ اڙي ها، اها مهرو هئي ” ربن تعجب مان پڇيو.
ربن کي سڀ خبر هئي ته مهرو ماءُ جي وفات بعد ماميءَ جي گھر رهڻ لڳي آهي. پر محب علي تي پنهنجي سادگيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ جي اثر وهارڻ لاءِ چيائين : “ هتي ايندي آهي ڇا ؟”.
“ها گھر ۾ اڪيلي آهي نه، انڪري ڪنهن ڪم سانگي مڙيئي ٽي چار دفعا ايندي اهي ” محب علي چيو.
“ پوءِ ڇو...... اچي وري هلي ويئي ” ربن پڇيو.
“ ها پڻس منهنجي منهن تي اچڻ کان روڪيو اٿس ” محب علي چيو.
“ ڪهڙي نه ڏٻري ٿي ويئي آهي “ ربن دلچسپي وٺندي چيو.
“ هڪ سڄي گھرجي هاج...... ٻيو ماءُ جو ڏک...... سو ڏٻري نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو ؟” محب جواب ڏنو.
“ ويچاري هاڻي ته سورن ۾ هوندي ” ربن وچئين دروازي ۾ نهاريندي چيو.
“ ڀلا ٻيو ڇا ڪري ؟” محب علي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو.
“ چڱو مبو، وري شام جو ملنداسون ” ربن اٿندي چيو.
“ چڱو ادا، آئون به ٿو سمجھان ” محب علي به اٿندي چيو.
ربن ٻاهرئين دروازي کان ويو هليو ۽ محب علي وچئين دروازي کان مهروءَ جي گھر ويو.