شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

مهاڳ : ساريم پنهنجا سارٿي

اهو فطرت جو عجب اصول آهي ته ٻه انتهائيون (قربت توڙي دوري) هڪٻئي کي درست انداز ۾ نه ڄاڻي سگهنديون آهن. ڪنهن وجود کي پرکڻ لاءِ نه فقط سندس قربت ضروري آهي، پر دُوري پڻ لازم آهي. دوستي ۽ دشمني ته ٻه ڏکيا مثال آهن، پر آئينو ان جو آسان ۽ چٽو دليل آهي. آئيني ۾ اوهان پاڻ کي نه ته انتهائي قريب جهلي پنهنجو چهرو ڏسي سگهندا، ۽ نه ئي انتهائي پري رکي! اهڙيءَ طرح زندگي ۽ موت (انتهائي قربت ۽ انتهائي دوري) کي سمجهڻ پڻ اهڙو ئي مشڪل آهي. هتي زندگي ۽ موت جي قربت ۽ دوريءَ سان ڀيٽ لغوي معنيٰ ۾ نه، پر اجمالي طور آهي. اهي فطرت جون ٻه اهڙيون سچائيون آهن، جيڪي اسان جي حيات جو حصو هئڻ باوجود کين سمجهڻ نه رڳو نهايت مشڪل پر نامممڪن آهي! لحاظا يورپ جي ڪنهن ڏاهي/ فلسفيءَ کي چوڻو پئجي ويو ته: ”جنهن جيئن محسوس ڪيو آهي، تنهن تيئن بيان ڪيو آهي؛ حقيقت ڇاهي؟ ان بابت آخري ۽ حتمي راءِ جوڙڻ ۽ ساڳئي وقت ان کي هر ڪنهن کان قبول ڪرائڻ ناممڪن آهي.“ ڳالهه توڙي جو ڪافي وزنائتي آهي، پر شاعراڻي ابهام کان وقتي طور پاسو ڪندي جيڪڏهن جاچينداسين، ته زندگي ۽ موت بابت هيٺئين وضاحت ڀل کڻي قابلِ قبول نه به هجي، پر ڌيان ضرور ڇڪائي ٿي:
”مرڻ“ اِهو ناهِه، ساهه وڃي جئن بند ٿي،
مرڻ اِهو آهِه، جيئري مردو ٿِي وڃي!
يا
”جِيئڻ“ اِهو ناهِه، جئن ڪو ساهه کڻي جِيئي،
جِيئڻ اِهــو آهِه، مري ۽ جيئرو رهي!
مٿين ٻن بيتن کي نظر ۾ رکندي، جيڪڏهن زندگيءَ ۽ موت جي پرک ڪنداسين ته پتو پوندو ته اڄ به اسان کي پنهنجين زندگين سان وابسته توڙي ناوابسته اهڙا ڪيترا ئي ڪردار ملندا، جيڪي ڏٺل توڙي اڻ ڏٺل هوندي به پنهنجي ڪردار جي روشنيءَ ۾ ڪي زنده هوندي به مرده هجڻ جو ڏيک ڏيندا، ته ڪي اسان ۾ نه هوندي به هر پل پنهنجي موجودگيءَ محسوس ڪرائيندي نظر ايندا! توهان رڳو سندن نانءُ پُڪاريو، هو هڪدم مجسم اوهان جي اڳيان هوندا؛ اوهان سان ڳالهائيندا، اوهان کي کلائيندا ۽ پڻ روئاڙيندا- ۽ ائين ئي ٻئي طرف ان جي اُبتڙ جيئرن جاڳندن، گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن جي چُرپُر تي موت جو گمان محسوس ٿيندو... پنهنجيءَ زنده ذات جي خول ۾ مئل وجود! پر ڪو:
ماڻهو مري ٿو وڃي، ڇڏي پنهنجيءَ سارَ:
انهيءَ پر پچارَ، مُئي پُڄاڻان ٿِي رَهي!
اسان جي پياري يار علي نواز آريسر- (جنهن کي پنهنجي يار جي نالي بنسبت آءٌ سدائين ”نالي چڱو“ چئي پڪاريندو ۽ ساريندو آهيان-) پڻ خاڪن لکڻ مهل گهڻي ڀاڱي هر اهڙي ئي ڪردار جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو سدا حيات آهي ۽ رهندو. سندس اسلوبِ تحرير تي ڪجهه لِکڻ کان اڳ اچو ته انهن يارن سان مِلون، جن مان گهڻا اڄ جسمانيءَ طور اسان ۾ نه هوندي به، هر پل اسان ساڻ آهن. هِن ڪٿا- گهر ۾ موجود هر وڇڙيل ساٿي، (جن مان گهڻن سان ته خود منهنجيون به گهرائيون ۽ روح رهاڻيون رهيون) اهڙو ڪردار آهي، جنهن لاءِ ڪڏهن به ۽ ڪنهن جا به ڪڏهن ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن؛ هو بَس سُٺا هئا ۽ سُٺا آهن. انهن پنهنجيءَ زندگيءَ جو هر پل، پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان اهڙو Committed لاڳاپيل ۽ پيوسته گهاريو، جو مَٿن سندن ديس ۽ ديشي سدا نازان رهندا. نياز همايونيءَ کان وٺي زخمي چانڊيي تائين هر هڪ کي ياد ڪندي، اڄ ائين پيو ڀاسيم، ڄڻ سچ ته اهي مون کي ميارون ڏيندا هجن ته: ”اهو ڪم جيڪو توکي ڪرڻو هو، سو علي نواز ڪري، توکان گوءِ کڻي ويو....!“ ۽ ؟آئون جواباً ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو ڇڏيان.... هونءَ به ان ”نالي چڱي“ زندگيءَ ۾ مون کي سدائين مات/ شڪست ڏيئي، سدا گوءِ کنئين آهي-
اڄ به وئين نالي چڱا! مون کان گوءِ کڻي:
هينئين منجهه هڻي، خيما سُور ٽِڪائِيَهءِ!
هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي. اها ڳالهه سؤ سيڪڙو انسان تي لاڳو ٿئي ٿي ته:
“We can’t trace the GOD, but never a MAN!
اسان رام/ رحيم کي ته ڄاڻي سگهون ٿا، پر مَنش/ ماڻهوءَ کي هرگز نه! خالق کان وڌ مخلوق کي سمجهڻ مشڪل آهي. تخليق کي ته صحيح معنيٰ ۾ رڳو سندس خالق ئي ڄاڻي سگهي ٿو. هڪ شعر جون سوين تشريحون ٿين ٿيون، پر شاعر ان کي الڳ ئي نموني اظهاريندو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ خوبصورت لينڊ اسڪيپس جي سرزمين آهي. اڇڙي ٿر کان ويندي چُوڙ يا مندر جو سُندر منظر، يا گڊيءَ جي ڀِٽ، ٿر ته سمورو پنهنجيءَ هنج ۾ هزارين لينڊ اسڪيپس رکي ٿو، پر ٻئي طرف رني ڪوٽ، لاهوت، هنگلاج، ڪولاچيءَ جا ڪنارا، سکر- ساڌ ٻيلو يا ڪوهستان کان ويندي روپا ماڙي، گهوڙا ٻاڙي، مڪليءَ جو ماڳ- هر هنڌ ۽ ماڳ مڪان کي پنهنجي زمين سونهن ۽ تاريخي ڪردارن سندي سڃاڻپ آهي. اهڙيءَ طرح ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ واري ماڳ ميرپور ساڪري کي پڻ پنهنجي ڌار سڃاڻپ آهي، جنهن جي مانائتي مٽيءَ ۾ سانڍيل آهي. شهيد مالڪ خشڪ! سن جي سائينءَ جو لاڏلو ۽ يار محمد جلالاڻيءَ جو يار! ڌرتيءَ جي ويرين سان وڙهندي، ڌرتيءَ- ڌڻين کي غلاميءَ جو احساس ڏياريندڙ، سالارِ ڪاروان ۽ مجاهدن جي رٿ جي سارٿي ۽ سَن ۽ سنڌ جي سائينءَ سان ڪيل وَچن پاڙيندي، پنهنجو سِينو گولين سان سجائي، تاريخ ۾ جاءِ ولاريندڙ اُن وِيرَ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري، کيس سلاميءَ ڏيڻ لاءِ ان ڏينهن سموري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان هزارين هم- وطن اچي ميرپور ساڪري سهڙيا هئا؛ ۽ مون پڻ پهريون ڀيرو ان سونَ ورنيءَ سرزمين جو واس ورتو هو، جتي مون ساڻ ٻين سوين سڄڻن سان گڏ شامل هو يار محمد جلالاڻي! سنڌ جي سڏ تي مون کيس هر هنڌ حاضر ڏٺو هو- ۽ سندس نيڻن ڏٺا هئا نئين سنڌ جا سپنا! جيڪي آخر هڪ ڏينهن ساڀيان ماڻيندا- ۽ اهڙي آشا هر وطن دوست جي من جي زينت آهي.
منهنجو ويساهه آهي ته جيستائين سانگهڙ جي شهيدن (روپلو چولياڻي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ نورالله تنيو) جهڙا جوڌا جوان، پنهنجي رت جا ڏيئا ٻاري، قومي ساڃاهه جي راهه روشن رکندا ايندا، تيستائين ڪوبه ڌارين جو ساٿاري ۽ مايا جي موهه جو ماريل، ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“، توڙي نام نهاد ”انصاف“، ”مذهبي انقلاب“ يا ”تبديلي“ جهڙن هوائي نعرن جي ڦوڪن سان سَن جي فڪري جوت کي جهيڻو نه ڪري سگهندو. هن ڪَٿا- گهر (خاڪن جي مجموعي) جو هر واسي ڪردار، ان فڪر جو ئي فرزند آهي؛ ۽ سندن هڪڙو ئي گڏيل نعرو آهي: ”آزادي يا موت!“، ”وطن يا ڪفن!“
اسان کي اها به سُڌ آهي ته ”مايا جو موهه“، سنڌ دشمن قوتن لاءِ وڏو هٿيار آهي، جنهن وقتي طور شهيد ڪمال راهمون جهڙي جوڌي جي رت کي به رنگ لائڻ کان اڳ ٿڌو ڪري ڇڏيو؛ پر وقت کان وڏو منصف ۽ فرمانروا ڪوبه ڪونهي، اهو اسان سڀنيءَ کي ياد رکڻ گهرجي. وقت عجيب ۽ مختلف طريقن سان دنيا وارن کي عجيب ۽ مختلف موقعا فراهم ڪري، سندن جِيوَن جي چِترڪاري ڪندو آهي ۽ اهي چِتر ئي آهن، جن کي دوام آهي، بقا آهي. ماڻهو پنهنجو مدو پورو ڪري، وارو وڄائي هليو وڃي ٿو، پر دنيا جي هيڏي وڏي ڪينواس تي جوڙيل وقت جا چِتر باقي رهجيو وڃن- ۽ هر نئون نسل انهن جي معرفت پنهنجي ماضيءَ جي مختلف ڪردارن جي ڪٿ ڪري، کين ڀيٽا يا ملامتن ذريعي ياد ڪندو رهي ٿو.
هيءُ خاڪن جو مجموعو به اصل ۾ اهڙن ئي چِترن جو هڪڙو البم آهي، جيڪو محترم مصنف، وقت جي عجائب گهر حوالي ڪيو آهي؛ ته جيئن هر دؤر جو نسل، انهن تاريخي ڪردارن جي چترن کي ڏِسي، پنهنجي راهه جو تعين ڪري.
زيرِ نظر خاڪن ۾ پياري علي نواز آريسر پڻ ماضيءَ جي ڪينواس تي وقت جي جوڙيل اهڙن ئي چترن/ پينٽنگس جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪي بيشڪ پنهنجي وقت جا اُتم ۽ اهم ڪردار هيا/ آهن. سائين عبدالقادر جوڻيجي (مالڪ کيس وڏي ڄمار بخشي) کان ويندي زخمي چانڊئي جهڙي دلبر دلير مڙس تائين سمورا ڪردار لاريب تاريخ جا اهي هاڪاري ڪردار آهن، جن تي سنڌ ڌرتيءَ کي ۽ سنڌ واسين کي سدا ناز رهندو.
جيستائين علي نواز آريسر (نالي چڱي) جي اسلوبِ تحرير جو تعلق آهي سچ ته مون هن کان اڳ جيئن ته سندس ڪابه تحرير، ڪوبه ڪالم ڪٿي نه پڙهيو هو، تنهن ڪري منهنجو اچرج ۾ پوڻ لاشڪ فطري هو/ آهي. هر خاڪي کي نهايت ڌيان سان پڙهندي، جِتي اڪثر حيرت جي جهان ۾ گم ٿيندو رهيس، اُتي انهن ڪردارن سان (جن مان گهڻا منهنجي به قريب رهيا ڇو ته ”سن يونيورسٽيءَ“ جي ادنيٰ شاگرد هجڻ جو مون کي پڻ اعزاز حاصل آهي.
اڪثر خاڪن ۾ زمان حال جي ضمير متڪلم واري صيغهء تحرير، سچ ته سمورن ڪردارن کي پڙهندڙ سان ڄڻ ته روبرو، آمهون سامهون ملاقات ڪرائيندي ڀاسجي ٿي؛ ۽ هونءَ به اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ ۾ زنده آهن. انهن سان مخاطب ٿيڻ جو اهو ئي ته اسلوبِ تحرير آهي- ۽ مون کي خبر ناهي ته لکڻ جو اهو انداز هن شعوري طور اختيار ڪيو آهي، يا غير شعوري.... پر نهايت معقول ۽ پُراثر انداز لڳي ٿو.
آخر ۾ ”چيچ وڍائي شهيدن ۾ شمار ٿيڻ“ واري اصطلاح تحت پنهنجن انهن مهان سرواڻ ساٿين، کي جن سيد جي رٿ جي سارٿي هئڻ جي حيثيت جو مڪمل طور حق ادا ڪيو، هيٺيون بيت ڀيٽا طور پيش ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو:
ساريم پنهنجا سار ٿي، ڳاڙها ڳل ٿِيا:
پر پوءِ ڄڻ ته ڏِيئا، ٻَري پِيئڙا ٻاٽ ۾!


- آسي زميني
ويلن ٽائين ڊي، 2012ع
”سليٽ“ دانش گاهه، منصوريه آشرم،
ٽنڊو قيصر