سنڌي صحافت جو سُورمو : فقير محمد لاشاري
ســـو ماڻهــو مونکي پيارو آ، سو ماڻهو منهنجو ڍوليو آ.
(تنوير عباسي)
سنڌي صحافت کي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏيندڙ فقير محمد لاشاريءَ جي پي اهو ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ته سندس پٽ پوري سنڌ لاءِ فخر جو باعث بڻجي ايئن شهرت جي بلندين کي ڇُهندو. فقير محمد لاشاريءَ جو تعلق ته هڪ غريب گھراڻي سان هو، پر هن غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهجندي سچائيءَ جي ساٿ جي پلئه کي هرگز نه ڇڏيو.صحافتي دنيا ۾ فقير محمد لاشاريءَ جو نالو سڀني کان مٿاهون ۽ اُوچو آهي، فقير محمد سنڌي صحافت کي نوان لاڙا ڏيئي صحافت جي ساک کي بحال ڪيو، دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي تمام مختصر وقت ۾ پنهنجي قد کان به وڏا ڪم ڪري پنهنجي پورهيي جي ڇاپ ڇڏي هميشه هميشه لاءِ منظر تان غائب ٿي ويندا آهن. فقير محمد به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي صحافت ۾ پنهنجي ڇاپ ڇڏي ويو آهي. ۽ سنڌي صحافت ۾ فقير محمد جو خال صدين تائين نٿو ڀرجي سگھي، ڇو ته فقير محمد جو دامن داغدار نه هو، هن اڇي اُجري ۽ صاف شفاف صحافت ڪئي، فقير محمد جو وڇوڙو هڪ فرد جو وڇوڙو ناهي، پر هڪ اداري جو وڇوڙو آهي. ڇو ته فقير محمد جي وڇوڙي سان جاڳو جهڙو هڪ ادارو بند ٿيو آهي.فقير محمد لاشاري 4 سيپٽمبر 1951ع تي گاجي کهاوڙ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد حسن لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول وارهه مان ۽ انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران سندس واسطو ترقي پسند تحريڪ سان ٿيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1972ع ۾ پرائمري ماستر طور ڪئي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهائيندو به رهيو ته علمي، ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو، سندس گهڻو لاڙو ترقي پسند ادب ڏانهن هو ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ قومپرستن ۽ ڪميونسٽن سان ويجهو رهڻ لڳو، جيڪا ڳالهه ڳوٺ جي وڏيرن کي نه وڻي ۽ انهن فقير محمد جي خلاف تعليم کاتي کي درخواستون موڪليون ته هي ڪميونسٽ آهي، هن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي وغيره، پر هن تي انهن جو ڪو به اثر نه ٿيو، 77-1976ع ڌاري پرائمري ماستريءَ جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول عزيزآباد ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج ٽيچر مقرر ٿيو، ان دوران ايم. اي اڪنامڪس ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. فقير محمد لاشاري 1977ع کان صحافتي دنيا ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سب ايڊيٽر طور قدم رکيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختيارڪاريءَ جو امتحان به پاس ڪيائين، پر ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ هئڻ سبب کيس اها نوڪري نه ملي ، فقير محمد لاشاري صحافت جي دنيا ۾ قدم ڇا رکيو، ڀونچال مچائي ڇڏيو، سندس قلم ۾ جنبش هئي، هن صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا، هن صحافت کي سرڪاري حڪمن جي تابعداريءَ کان آزاد ڪيو، کليو کلايو سچ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن روايتي صحافت جا هڙئي ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا. 1981ع ۾ هلال پاڪستان انتظاميا هفتيوار هلال پاڪستان مئگزين ڪڍيو ته فقير محمد کي ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو، انهيءَ هفتيوار مئگزين جا ڪل 52 پرچا شايع ٿيا، اڳتي هلي فقير محمد هلال پاڪستان اخبار انتظاميا کان ماهوار ايڊيشن جي طور تي هلال مخزن ڪڍڻ جي منظوري ورتي، انهيءَ مخزن مارشل لا جي ڪاري دور کي سخت لفظن ۾ ننديو ۽ ماڻهن جي اکين تان پردو لاٿو، انهيءَ مخزن سنڌ ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو، جنهن ۾ ڪجهه مستقل سلسلا، ڪجهه عالمي ادب جي چونڊ ڪتابن جو اختصار به ترجمو ڪري هلايائين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ترقي پسند ادب به ان ۾ باقاعدي ڇپجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ اها مخزن ڏيڍ سال بعد بند ٿي وئي، ڇو ته اخبار جي مالڪن مٿان سرڪاري دٻاءُ وڌو ويو هو ۽ اخبار جي مالڪن ايتري آزادي نه ڏني، هلال پاڪستان اخبار ۾ نوڪريءَ دوران هلال پاڪستان جي ڪارڪنن کيس هلال پاڪستان ورڪرز يونين جو صدر چونڊيو هو، مخزن جي بند ٿيڻ ڪري فقير محمد لاشاري هلال پاڪستان کي الوداع ڪيو ۽ ان ئي دؤر ۾ ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار عوامي آواز جاري ٿي، ته فقير محمد به ان سٿ ۾ شامل ٿيو. ۽ ان کي پيرن تي بيهارڻ وارو به فقير محمد ئي هو. فقير محمد عوامي آواز ۾ نئون روح ڦوڪيو.، فقير محمد جا ايڊيٽوريل ڀير تي ڏونڪو هوندا هئا، سندس ايڊيٽوريل عوامي آواز جي جان هوندا هئا. جنهن ۾ سنڌ جي اڪيچار مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل هوندي هئي، ٽن مهينن جي اندر اخبار جي سرڪيوليشن زمين کان آسمان تي پهچي وئي، ۽ پڙهندڙن ۾ فقير جا ايڊيٽوريل ساراهجڻ لڳا. پر هتي به فقير محمد گھڻو ٽڪاءُ نه ڪري سگهيو، ڇو ته سندس ايڊيٽوريلن جي ٻوليءَ سرڪار کي پسند نه هئي ۽ فقير محمد کي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽري به ڇڏڻي پئي ۽ هو بيروزگار ٿي پيو، پر فقير محمد جنهن همٿ سان اخبارن ۾ ويهي سنڌ جو ڪيس وڙهيو هو، ان کيس سنڌ جو سورمو ڪري ڇڏيو هو، ان دوران فقير محمد صحافت سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سان به سلهاڙيل رهيو، تقريبن ستن سالن تائين ڪراچيءَ شاخ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. هن سنگت ڪراچيءَ کي هڪ گڏيل پليٽ فارم جي شڪل ڏني ۽ انيڪ اهڙا پروگرام ڪرايا، جن مان بدر ابڙي جو ڪتاب تنقيد نگاريءَ جو ادبي جائزو ۽ محمد ابراهيم جويي سان ملهايل شام جي حوالي سان ڪتاب ’ادبي گڏجاڻي‘ اهم حيثيت رکن ٿا. فقير محمد ادبي سنگت کي ڀرپور ٽائيم ڏنو ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت کي پيرن تي بيهارڻ ۾ فقير محمد جو ئي ڪردار آهي.
فقير محمد عوامي آواز ڇڏڻ بعد ڪجھ دوستن جي سهڪار سان جاڳو اخبار جاري ڪئي هئي، ڀٽائي پبلشنگ هائوس جو بنياد وجهي روزاني جاڳو جو پهريون پرچو پهرين جنوري 1991ع تي جاري ڪيائين. جاڳو اخبار فقير محمد جي زندگيءَ جو اهم مقصد ۽ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ هو ۽ فقير محمد هن اخبار کي بلڪل آزاد ڪري هلايو، جاڳو جا ايڊيٽوريل انتهائي سخت ۽حقيقت تي مبني هوندا هئا، جن ۾ سنڌ جي مسئلن جي چٽي نموني اپٽار ٿيل هوندي هئي، جنهن سبب سرڪار جي پت وائکي ٿي پوندي هئي. ان وقت جي وزيراعليٰ ڄام صادق علي طرفان کيس ڪيتريون ئي ڌمڪيون پڻ مليون، ۽ ڪيتريون ئي آڇون به ٿيون، پرفقير محمد پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، ۽ انهن سڀني آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيائين، ان وقت جاڳو اخبار سنڌ ۾ گهڻي پڙهي ويندڙ ۽ وڪرو ٿيندڙ اخبار هئي، ڪي ڪي اخبارون ايڊيٽوريل جي ڪري پڙهيون وينديون آهن. جن مان مصر مان نڪرندڙ الاحرام ، جنهن جو ايديٽر حسنين هيڪل هو ،الاحرام جي سرڪيوليشن 400000 تائين حسنين هيڪل جي ايڊيٽوريل جي ڪري پهتي هئي، پاڪستان مان نڪرندڙ اردو اخبار الوحيد دين محمد وفائي جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندي هئي.۽ سنڌي ۾ يوسف شاهين جي ادارت هيٺ نڪرندڙ اخبار برسات به شيخ اياز جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندڙ اخبارن ۾ شامل هئي، ان کان علاوه پير پاڳاري جي اخبار مهراڻ به جڏهن شمشير الحيدري جي ايڊيٽري ۾ آئي ته مهراڻ کي به شمشير چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،جنهن اخبار جي سرڪيوليشن 800 هئي، انهي اخبار جي سرڪيوليشن شمشيرالحيدريءَ جي ايڊيٽوريل جي ڪري 28000 تائين پهتي هئي. اهڙيءَ طرح جاڳو اخبار به فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽوريل جي ڪري گھڻي پڙهي ويندڙ اخبارن ۾ سڀني کان اڳڀري هئي. صحافتي دؤر ۾ فقير محمد گهڻو ڪري ف-م لاشاريءَ جي نالي سان لکيو آهي.فقير محمد جي ايڊيٽوريلن کي اڄ به پڙهڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي دؤر تي لکيل هجن. ائين به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته فقير جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون هر دؤر سان مشابهت رکن ٿا. مثال طور- فقير محمد جي ڪتاب سنڌ: پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”قبلا! اکيون کوليو! هاڻي دؤر بدلجي ويا آهن. قومي اهميت جي معاملن تان رڳو ايم ڪيو ايم خلاف زوردار اخباري بيان ڏيئي ڌيان نٿا هٽائي سگهو. هاڻي ڪاري ڏاند جا مالڪ جاڳڻ جي مرحلي ۾ آهن، جيڪي توهان جي ٻين سان ته ڇڏيو، پر خود توهان کي پنهنجي مرتبن سان به بي انصافي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ذهنن ۾ رکڻ کپي، ته ماڻهو پنهنجي ووٽ سان جيڪا عزت توهان کي ڏين ٿا، تنهن کي خود توهان جي هٿان نقصان پهچڻ نه ڏيندا. ان شيءِ، ان امانت کي سنڀالڻ سکو، عهدا ماڻڻ جو مطلب رڳو اخبارن ۾ ڦوٽو ڪڍرائڻ ناهي.“ توهان فيصلو ڪيو، اڄ جون حالتون هن لکڻيءَ سان ٺهڪن ٿيون يا نه؟ يا وري سندس لکيل تاريخي ايڊيٽوريلن ۾ ؛ (i) سنڌ واسيو غلامين خلاف اٿو: سنڌ تڏهن به غلام هئي ، اڄ به غلام آهي، (ii) سمورا سياستدان ڌيان ڏين ۽ جواب ڏين: سنڌ جا سياستدان ڪلهه به جوابده هئا، اڄ به جوابده آهن، (iii) سنڌ يونيورسٽي بابت سڄي قوم آڏو ڪجهه سوال، سنڌ يونيورسٽي ڪالهه به تعليم دشمن عناصرن جي هٿن ۾ هئي، اڄ به تعليم دشمن قوتون سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڄئورن وانگر چنبڙيل آهن ۽ رت چوسي رهيون آهن. فقير محمد جي اها جاڳو سندس شهادت کان پوءِ جلد ئي بند ٿي وئي، جاڳو اخبار جي ادارت دوران سنڌي اخبارن جي تنظيم ’سنيڪ‘ جو بنياد وڌائين ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بنياد وجهندڙن ۾ به فقير محمد لاشاري نور احمد ميمڻ جو سهڪاري رهيو ۽ ان وقت ڪمپيوٽر تي سنڌي سافٽ ويئر به فقير محمد لاشاريءَ جي محنتن جو نتيجو آهي. فقير محمد گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، فقير محمد لاشاريءَ جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1) ’سنڌ جا سور‘ڌرتي جي دانهن (مضمون- 1988ع)، (2) ’سگهارو هماليا، هيڻا ماڻهو‘ (نيپال جو سفرنامو)، (3) ڇپر جا سونهان‘ (شخصيت ۽ چونڊ لکڻيون – 1994ع)، ’رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ‘ (ٻه ڀاڱا) ۽ سنڌ ڄام صادق علي کان پيپلز پارٽي تائين، ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ۽ ايڊيٽوريل اڻ ڇپيل صورت ۾ آهن. فقير محمد 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور ويجهو ضلعي گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شهيد ٿي ويو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 14 آگسٽ 1994ع تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت طرفان کيس خدمتن جي مڃتا طور ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو.سندس مرڻ پڄاڻان هر اک آلي آهي، فقير جي فقيراڻي طبيعت هئي، هو ڪڏهن به موه ۽ مايا تي نه وڪاميو. هن جيڪو ڪجهه لکيو وقت جي نبض تي هٿ رکي سچ لکيو. ڪاش سنڌ جي صحافت ۾ ههڙا جرئتمند جوڌا پيدا ٿي پون، ته جيئن زرد صحافت کان سنڌ ۽ سنڌي قوم بچي وڃي. فقير محمد جي هڪ نياڻي نصرت لاشاري پيءُ جي ڇڏيل راه تي گامزن آهي.
¤¤¤¤¤