جوڳي رمتا ڀلا : جمن دربدر
جمن پرائمري تعليم مقامي طرح پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان پاس ڪري ٿو. جڏهن هيءُ پهريون ڀيرو مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ ميرپورخاص ڏانهن اُسهي ٿو، تڏهن سندس وڏو ڀاءُ کيس 3 رپيا خرچي ڏئي ٿو. انهن ٽن رپين مان اچ وڃ جو ڀاڙو به ڪرڻو آهي ته اتي امتحان جي سلسلي ۾ رهائش ۽ کاڌي وغيره جو به پورائو ڪرڻو هو، ائين هي بس ۾ سوار ٿي ميرپورخاص پهچي ٿو، جتي گڏ آيل ڪلاس فيلوز رهڻ لاءِ هوٽل تي ڪمرا وٺن ٿا ۽ جمن کي هڪ پارڪ ۾ بکئي پيٽ تي گذارو ڪرڻو پئي ٿو. جڏهن مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ٿو، تڏهن کيس پرائمري ماستريءَ جي آڇ ٿئي ٿي. ان وقت هڪ وڏيرو، جمن جي پيءُ کي چئي ٿو ته پرائمري ماستريءَ جي نوڪريءَ تي پُٽ جي زندگي ڇو ٿو تباهه ڪرين؟ هن کي مختيارڪار جي آفيس ۾ ڪلرڪيءَ جي نوڪريءَ آئون وٺي ڏيندس، ڇوڪرو منهنجي حوالي ڪر. ائين جمن جو پيءُ جمن جو هٿ ان وڏيري جي هٿ ۾ ڏئي ٿو ۽ اهو وڏيرو کيس وٺي اچي سندس بنگلي تي حاضري نوڪر رکي ٿو، جتي هيءُ فرمانبرداريءَ سان فرائض سر انجام ڏئي ٿو. اتي هڪ پوڙهو کيس سمجهائي ٿو ته، پٽ هي وڏيرا انتهائي ظالم ۽ قهري هوندا آهن، هتي سڄي زندگي غلام ٿي رهڻو پوندو، هتي ڪابه نوڪري وغيره نه ملندي، چپ چاپ ۾ هتان ڀڄي وڃ؛ ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن هن جي اندر جو باغي انسان جاڳي پئي ٿو ۽ هي وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. هي واپس ڳوٺ اچي ٿو، جتي ڪجهه ڏهاڙا رهي روزگار جي تلاش ۾ ميرپورخاص وڃي ٿو، جتي هڪ هوٽل تي ”ٻاهر واليءَ“ جي نوڪري ملي ٿي ۽ خوش اسلوبيءَ سان ان کي قبول ڪري ٿو؛ ميرپورخاص ۾ ٻاهرواليءَ واري زندگي هن کي مجازي عشق ۾ مبتلا ڪري ٿي.
ٿيو هئين جو هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو چانهه جو آرڊر ڏنو، ته سندس بيٺڪ تي کڻي اچي. هيءُ چانهه کڻي بيٺڪ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ غلطيءَ سان بيٺڪ جي بجاءِ ٻئي گهر جو دروازو کڙڪائي ٿو، ته هڪ حسين دوشيزه دروازو کولي ٿي؛ جئين ئي جمن جي مٿس نظر پئي ٿي، هن جا حواس خطا ٿي وڃن ٿا؛ ۽ هيءُ هن کي ڏسندو ئي رهي ٿو! سندس پورو جسم رڦڻ لڳي ٿو، هٿ ۾ کنيل چانهه هٿن جي رڦڻي سبب هارجڻ شروع ٿئي ٿي. گرم گرم چانهه سندس هٿ ساڙيندي رهي ٿي، پر هن کي ڪو به هوش نٿو رهي، هوش تڏهن اچي ٿو، جڏهن دروازو زور سان بند ٿو ٿئي ۽ هيءُ پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻي، هوٽل ڏانهن موٽي ٿو. هوٽل تي پهچي هي محسوس ڪري ٿو ته سندس جسم مان ساههُ نڪري چڪو آهي ۽ خالي جسم کڻي موٽيو آهي. ائين هيءُ سڄو ڏينهن خيالن کي پچائيندو هوٽل تي ڪم ڪندو رهي ٿو، پر هن جي ڪم ۾ دل نٿي لڳي؛ سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري رات جو رهائش تي اچي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي ڦٽو ڪري ٿو. هونئن ته روزانو کٽ تي ليٽندي ئي پاسو ورائڻ کانسواءِ ننڊ پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، پر اڄ ننڊ نيڻن کان ڏور وڃي چڪي هئي. سڄي رات پاسا ورائيندو رهي ٿو، مسلسل ان دوشيزه جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرندو رهي ٿو. اوچتو ڪنهن ٽائيم اک جهپڪي ٿي، پر جلدئي پکين سان گڏ جاڳ ٿئي ٿي، هيءُ بنا ڪنهن ناشتي ڪرڻ جي ان دوشيزه جي گهر جي گهٽيءَ ۾ ڦيرا ڏيڻ لڳي ٿو. اوچتو ئي ان گهر جو دروازو کلي ٿو، اها ئي دوشيزه ڪتاب هٿن ۾ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي. اکيون اکين سان ملي چار ٿين ٿيون، دليون ڌار ڌار ڌڙڪڻ لڳن ٿيون، هڪ ڀيري کيس لڳي ٿو ته سندس دل جسم جو سينو چيري ٻاهر نڪري رهي آهي، پر وري پنهنجي پاڻ کي سنڀالي وٺي ٿو؛ ۽ ان ڇوڪريءَ جي پٺيان آهستي آهستي هلڻ لڳي ٿو. هن کي اسڪول جي گيٽ جي اندر داخل ٿيندو ڏسي موٽي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو؛ ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ڪو خزانو ملي ويو هجي. دل ئي دل ۾ گد گد ٿيندي چئي ٿو گهٽ ۾ گهٽ صبح شام اکيون ته ٿڌيون ٿينديون، ۽ پوءِ هر روز صبح جو، اسڪول وڃڻ وقت ۽ منجهند جو موٽڻ وقت چانهه جي ڪٽليءَ سميت اسڪول جي گيٽ تي بيهي رهندو هو؛ ۽ اڻ اظهاريل محبوب جو ديدار ڪري واپس موٽي ايندو هو. اهو سلسلو ڪافي عرصو هلندو رهيو، پر ڪڏهن اظهارِ محبت نه ڪري سگهيو. اوچتو اسڪول کي گرمين جي ٻه مهينا وئڪيشن ٿئي ٿي ۽ هيءُ مايوس ٿي ٿو وڃي ۽ اها دوشيزه ٻن مهينن جي موڪل گذارڻ، پنهنجي والدين جي گهر لاهور هلي ٿي وڃي ۽ هي صفا ويڳاڻو ٿي ٿو وڃي؛ نه ڪم ۾ دل ٿي لڳي، نه اهي رستا ٿا وڻن جن سان هي بيپناهه محبت ڪندو هو، ڇو جو انهن رستن تان سندس محبوب گذرندو هو. ائين هيءُ محبوب تائين پهچڻ جو پڪو پهه ڪري هوٽل تان ٻن مهينن جي پگهار جا پئسا وٺي، ٽرين ۾ چڙهي لاهور ڏانهن روانو ٿئي ٿو، نه ايڊريس نه ڏس پتو، دل جي دلاسي تي سفر ڪندو وڃي ملتان پهچي ٿو، جتي سندس پگهار جا پئسا پورا ٿي وڃن ٿا ۽ هيءُ محبوب سان ملڻ جا سپنا سانڍي ملتان کان لاهور پيرين پنڌ روانو ٿئي ٿو. اڻڄاتل ماڻهو، اڻڄاتل ماڳ، اڻڄاتل راهون، پتو آهي ته صرف محبوب جو مشڪندڙ چهرو، من موهيندڙ اکيون، بکئي پيٽ سان کيسا خالي وڃي داتا درٻار جي درگاهه تي پهچي ٿو، جتي فقير کي چانور کائيندي ڏسي ٿو ته سندس اندر جي بُک جو شدت سان احساس ٿئي ٿو، آنڊا ڇڪ کائين ٿا ۽ هيءُ بنا صلاح جي ان فقير سان گڏ کائڻ شروع ڪري ٿو. فقير سندس اکين ۾ جهاڪي، بُک جي شدت کي محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجا هٿ روڪي ٿو ڇڏي. جڏهن چانور کائي ختم ٿو ڪري ته فقير پُڇي ٿو ته اڃا کائيندين؟ ته هيءُ ڪنڌ سان هائوڪار ٿو ڪري ۽ اک جو پلر جهپڪڻ ٿو لڳي ۽ هيءُ اتي ئي ليٽي ٿو پئي؛ ۽ ننڊ جي ديوي کيس پنهنجي آغوش ۾ آڻي ٿي ڇڏي. صبح جو وڏي اَسر جو ڪويل جي ڪُو ڪُو جو ڪن تي پڙلاءَ پئي ٿو، ته سندس اک کلي ٿي. سامهون ڏسي ٿو ته اهو ئي فقير سندس اوسيئڙي ۾ ويٺو آهي. هيءُ اُٿي هٿ منهن ڌوئي ٿو ته فقير چانهه ۽ بسڪٽ آڻي اڳيان رکي ٿو. ناشتو ڪري بس ٿو ڪري ته فقير حال احوال پڇي ٿو ته هيءُ همدرد سمجهي پوري روءِ داد ٻڌائي ٿو. فقير سندس عشق جي انتها ڏسي حوصلو ڏيندي چئي ٿو ته ڪو مسئلو ناهي، جنهن لاءِ تو هيڏا ڏاکڙا ڏٺا آهن، اهو توکي ضرور ملندو. ائين فقير وٺي وڃي ڪجهه پبلڪ پارڪ ڏيکاري ٿو ۽ چئي ٿو هنن پارڪن ۾ گهمندو رهه، هڪ نه هڪ ڏينهن سڄڻ سامهون ٿيندا. هڪڙو ڏينهن انهن پارڪن جو طواف ڪندي گذري ٿو وڃي، وري ٻيو ڏينهن ٿئي ٿو، هي انهي ئي حوصلي سان ساڳين پارڪن جو طواف ڪندو رهي ٿو. اوچتو سندس نظرون محبوب کي ڳولي لهن ٿيون! سندس محبوب گهر جي ڀاتين سان ان ئي پارڪ ۾ اچي ٿو. اکيون اکين سان ملي روشن ٿين ٿيون. اکين ئي اکين ۾ ڏوراپا ميارون ۽ صبح جو اچڻ جا واعدا ٿين ٿا، ان ڏينهن هيءُ موٽي اچي ان فقير سان خوشي شيئر ڪري ٿو، ۽ 25 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو کيس سُڪون جي ننڊ اچي ٿي. ٻي شام جو محبوب سان ملڻ جي ويل ٿئي ٿي، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي؛ اوچتو محبوب کي هڪ سهيليءَ سان گڏ پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ٿو ته دل باغ بهار ٿي وڃيس ٿي، ايئن ٻئي پاڻ ۾ ملن ٿا. هو گهڻا دڙڪا به ڏئي ٿي ۽ مسلسل سوال ڪندي رهي ٿي، پر هن وٽ سندس سوالن جو ڪو به جواب نٿو هجي. صرف کيس ڏسندو ئي رهي ٿو. ان ڏينهن هو ڪجهه پئسا ڏئي چوي ٿي، ڪپڙا وغيره ڦاٽي پيا آهن وٺي شيو ٺهرائي، روزانو هتي ملنداسين. جيڪو صرف ڏسڻ لاءِ تڙپندو هجي، ان کي جي گڏ ويهي ڳالهائڻ نصيب ٿئي ته ٻيو ڇا کپي. ائين روز هنن جي ملڻ ۽ ڪچهريءَ جو سلسلو هلندو رهيو- ٻه مهينا پورا ٿيندي دير ئي نه لڳي. ٻئي ساڳي ٽرين ۾ واپس ٿين ٿا. اچي ميرپور خاص جي اسٽيشن تي لهن ٿا. هو پنهنجي گهر جو رُخ رکي ٿي ۽ هي ساڳئي هوٽل جو در؛ ۽ پوءِ ڪيترو ئي عرصو ان محبت جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڏينهن اها دوشيزه کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جو چئي ٿي، ته هن جي ذهن جا سمورا پردا کلي ٿا پون. هي سوچي ٿو کيس بيروزگاريءَ جا چهڪ اندر ۾ وڍ وجهڻ لڳن ٿا ۽ پويان کان غريب گهراڻو نظر اچي ٿو، هي ان ئي ڏينهن پنهنجي عشق تان دستبردار ٿئي ٿو، ڇو ته هي محبوب خوشحال زندگيءَ کي پنهنجي اُجڙيل زندگيءَ جو حصو نٿو بڻائڻ چاهي. هو سمجهائي ٿو ته منهنجي راهن تي ڪي به نازبوءَ جا ٻوٽا ناهن پوکيل، منهنجون راهون ڪنڊن جي سيج آهن. هوءَ پوءِ به انهن ڪنڊن جي راهن تي هلڻ لاءِ آماده ٿئي ٿي پر هيءُ وري به روايتن ۽ مصيبتن جون ڳالهيون ٻڌائي، هن کي مطمئن ڪري موڪلائي ٿو. وڇوڙي جو منظر ڇا هوندو، هر ڪو محسوس ڪري سگهي ٿو.
هيءُ موٽي ڳوٺ اچي ٿو. اهي اَباڻا ڪک، اهي واريءَ جون ڀٽون سندس سُواڳت ڪن ٿيون. هيءُ ڳوٺ اچي ته وڃي ٿو پر اندر ڪنڀار جي آويءَ جيان جلندو رهيس ٿو ۽ ايئن اهو درد، شاعريءَ جو رُوپ اختيار ٿو ڪري، ۽ هيءُ مجازي عشق جي شاعري ڪرڻ لڳي ٿو. مال چاريندي وڏي آواز سان اها شاعري ڳائڻ لڳي ٿو. سندس گلي ۾ درد جو سوز ڀرجي اچي ٿو، اهڙو درد ڀريو آواز جيڪو پکين جي اندر ۾ به پيهي وڃي ٿو. هيءُ مسلسل ٻن سالن تائين ذهني طور تي اپ سيٽ رهي ٿو، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شهر جو رُخ ڪري ٿو؛ ۽ حيدرآباد ۾ پهچي ٽانگو هلائڻ شروع ڪري ٿو، جتي مسلسل اٺن مهينن تائين ٽانگو هلائيندو رهي ٿو. ان دوران ون يونٽ خلاف پوري سنڌ ۾ تحريڪون زور شور سان شروع ٿين ٿيون، ۽ حيدرآباد وري به سڄي سنڌ جي تحريڪن جو مرڪز هجي ٿو. هيءُ ٽانگو هلائيندي انهي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃي ٿو، ۽ هڪ ڀيري پنهنجي اسڪولي دوست عبدالواحد آريسر جي تقرير ٻڌڻ جو موقعو مليس ٿو. ايني بيسنت هال ۾، اتي عبدالواحد آريسرکي حسين جي نالي سان اسٽيج تي گهرايو وڃي ٿو، ته هيءُ وائڙو ٿي ٿو وڃي. آريسر تقرير پوري ڪري پنهنجي سيٽ تي اچي ويهي ٿو ته پاڻ سِرڪي ويجهو ٿئي ٿو، هي ٻئي ڀاڪرن ۾ ٻکجي وڃن ٿا. پوءِ هي ٽانگو ڇڏي عمرڪوٽ جو رُخ ڪري ٿو، جتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسٽڊي سرڪل ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪري ٿو؛ هاڻي هيءُ پڪو قومپرست ٿي ٿو وڃي ۽ انقلابي تحريڪن جو حصو بڻجي ٿو. ان وچ ۾ ميرپورخاص مان ايگريڪلچر ۾ ڇهن مهينن جو ڪورس به ڪري ٿو وٺي ۽ سڪرنڊ مان فيمس ۾ ڊپلوما ڪري ٿو وٺي. ان وچ ۾ هڪ ڀيرو ان دوشيزه سان مُکا ميلو ٿئيس ٿو، ان ٽائيم سندس ڪيفيت سائينداد ساند جي هن شعر جھڙي ٿي وڃي ٿي:
مان اکين تي هٿ رکان
هُو تنهن کان اڳي، موڙ
اُڪري وڃي ته ڏاڍو سٺو
سڪرنڊ ۾ پڙهائيءَ دوران علم دوست ماڻهن سان ڪچهريون ٿين ٿيون، ۽ جمال الدين مؤمن پاران منعقد ڪرايل مشاعرن ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ شاعري پڙهندو رهي ٿو؛ کيس بحر وزن جي ڪا به خبر نٿي هجي، پر پوءِ هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ کي خط لکي رهنمائي جي گذارش ڪري ٿو. مخدوم صاحب سندس خط جو جواب ڏئي همت افزائي ڪري ٿو، ۽ ڪجهه ٽائيم خطن جو سلسلو هلندو رهي ٿو. پر پوءِ هڪ ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. مخدوم صاحب سان مليو ته مخدوم صاحب نه صرف سندس رهنمائي ڪئي، پر کيس دربدر جو تخلص به ڏنو ۽ شاعريءَ جي هڪ سٽ لکي ڏنائين، ته هن تي طبع آزمائي ڪر، هفتي تي وري اچجان، اها سٽ هي هئي:
”خزان آئي گلستان ۾ ته بهارن جو ڇا ٿيندو“
ائين مخدوم صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ هن جي شاعريءَ ۾ پختگي ايندي وئي. هيءُ سڪرنڊ مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ سجاول ۾ اچي نوڪريءَ کي لڳو، جتي کيس سائين جي ايم سيد سان ملاقات جو شرف مليو. سائين ان وقت بزم صوفياءِ سنڌ جي دوري تي نڪتل هو، ۽ دڙي ۾ ڪانفرنس رکيل هئي، ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان پهرين سجاول ۾ ننڍڙو پروگرام رکيل هو، اتي سائين جي ايم سيد جيڪو خطبو پڙهيو، ان جمن جي ذهن تي تمام گھرو اثر ڇڏيو ۽ هيءُ مجازي عشق مان نڪري حقيقي عشق ۾ داخل ٿيو؛ اهو عشق سنڌ ۽ سيد سان هو.
سنڌ سان اهڙي جند جُڙي
جو ٻيا دل وارا سڀ وسري ويا.
هاڻي جمن جي شاعريءَ ۾ انقلاب اچڻ لڳو، ۽ جمن انقلابي شاعري ڪرڻ لڳو. سندس مجازي عشق واري شاعري ته 1971ع واري جنگ دوران ٿيندڙ لڏ پلاڻ ۾ وڃائجي وئي هئي، هيءُ هاڻي نئين راهه جو پانڌيئڙو بڻيو هو، جتي هن کي صرف سنڌ ئي سنڌ نظر اچڻ لڳي. هيءُ جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ۽ تنظيم جي پرچار لاءِ سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳڻ لڳو. هيءُ ڳوٺن ۾ جتي به ويندو هو، اُتي انقلابي گيت ڳائيندو هو ته ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون موٽي اينديون هيون. سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. هڪ ڀيري عمر ڪوٽ جي ايم پي اي، هاڻوڪي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهه جي مٽياريءَ ۾ شادي هئي، ان ڄڃ ۾ جمن به ويو هو، انهي شاديءَ ۾ سنڌ جي پوري ڪريم پهتل هئي، وزير، ايم پي اي، ايم اين اي، وڏيرا، جاگيردار، ڪامورا، مطلب هر طبقي جو ماڻهو موجود هو؛ انهن ماڻهن کي جمن پاڻي پئي پياريو، ايتري ۾ سائين جي ايم سيد پهچي ويو. سائين ان وقت جيل ۾ هو، ۽ پيرول تي آزاد ٿي آيو هو. سائين جي ايم سيد ان تقريب ۾ جئين اچي پهتو، ته اتي ويٺلن مٿان ڄڻ وڄ ڪڙڪي پئي. سائينءَ کي اسٽيج تي وهاريو ويو هو، ڪجهه دير کانپوءِ سائين جي نظر جمن تي پئي، ته سائين هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو ته ان ڇوڪري کي وٺي اچ، اهو ماڻهو جمن کي اسٽيج تي سائين وٽ وٺي ويو، ته جمن احترامن سائين سان جهڪي مليو، ته سائين ڇڪي ڀاڪر پاتو، سيني سان لڳائي ڳراٽڙي پاتائين ۽ پنهنجي ڀرسان ويهاري حال احوال وٺڻ شروع ڪيائين؛ هيءُ حضور شرم ماڻهو، هيترن ماڻهن جي سامهون سائينءَ سان گڏ ويٺي ڦڪو پئي ٿيو، پر سائين سڄي خلقت تان ڌيان هٽائي، هن فقير صفت انسان سان ڪچهري ڪندو رهيو. اڄ به جمن سائينءَ جي اهڙي محبت کي ياد ڪري روئي پوندو آهي. آهي ڪو اهڙو ليڊر، جيڪو هڪ ننڍڙي ورڪر سان اهڙي محبت ڪري؟
جمن سائين طرفان مليل اهڙي محبت کي دل ۾ سانڍي، سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجھد لاءِ واهڻ وستيون جهاڳيندو، پنهنجي آواز جي ترنم سان ماڻهن کي جاڳائيندو رهيو.
جمن ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسان تنظيمي ڪم ڪار سان رُلندي پنندي رات جو موٽياسين، ٽن ويلن جا بکايل به هئاسين، پر ٻاهر ئي فيصلو ڪري آيا هئاسين ته اهڙيءَ طرح دروازو کولينداسين، جيئن سائين نه جاڳي ۽ جي جاڳي پڇي ماني وغيره جو ته چونداسين کائي آيا آهيون. ائين پيرن جو کڙڪو ڪرڻ بنا اوطاق ۾ داخل ٿياسين، گلم وڇائي ليٽياسين ته سائين هٿ ۾ ٽارچ کنيل مٿان اچي بيٺو، پڇيائين ماني وغيره کاڌي آهي؟ ته اسان چيو ها سائين، تنهن تي پاڻ خاموشيءَ سان موٽي ويو ۽ ڏهن منٽن کانپوءَ مانين جي ڇٻي ۽ کير جي چؤنري کڻي اچي مٿان بيٺو، ته اسان چيو سائين اسان جي ته ماني کاڌل هئي، تنهن تي پاڻ وراڻيائين، بابا ماءُ کان اولاد ڪجهه به لڪائي نٿو سگهي. واقعي ان ٽائيم سائين اسان کي مهربان ماءُ وانگر نظر آيو، جيڪا ٻچن جي اکين ۾ نهاري، پرکي وٺي ٿي ته منهنجا ٻچا ڪيتري وقت جا بُکايل آهن.
سائينءَ جون اهي محبتون هونديون هيون، جيڪي ميلن جا ميل اسان کي پنڌ ڪرائينديون هيون، اهڙي سفر جو هڪ دلچسپ واقعو جمن ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڀيري سائين جي. ايم سيد مونکي ۽ تاج جويي کي چيو ته ڦلهڏين ۾ عابده پروين ڳائڻ تي آيل آهي، ان کي سالگرهه جي دعوت ڏيئي اچو! اسان نڪري پياسين وڃي، سانگهڙ پهتاسين ته ڀاڙو پورو ٿي ويو، صرف ٻه رپيا بچيا! اتان کان هڪ سوزوڪي ۾ ويٺاسين، سوزوڪيءَ ۾ چڙهندي صلاح ڪئي سون ۽ مون چيو ته آئون جهونگاريندس، تاج تون انعام ڏجان، ائين ڪجهه انعام ملي پوندو ڀاڙو نڪري ويندو، سوزوڪيءَ ۾ ويهندي مون جهونگارڻ شروع ڪيو ته تاج رڙ ڪري چيو ڀائو سُريلو ٿو لڳين، ٿورو وڏي آواز سان ڳاءِ! ۽ پوءِ مون وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪيو ته تاج هڪ رپيو انعام ڏنو، پوءِ ٻيو رپيو به انعام ڏنائين ته ٻين به ويٺلن انعام ڏيڻ شروع ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي ڀاڙو ملي ويو ۽ اسين ان ڳوٺ ۾ پهچي وياسين؛ جتي عابده آيل هئي. عابده سان ملي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائين، پوءِ محفل شروع ٿي، عابده ڳائڻ شروع ڪيو 4 ڪلام ٻڌائي پوءِ چيائين ته هاڻي جمن ڳائيندو، ۽ پوءِ مون انقلاب ڳائڻ شروع ڪيو ته وڻ وڄي ويا، اتي 1200 کن انعام مليو، صبح جو اهو ڀاڙو ڪري ٻئي هنڌ پهتاسين.
هاڻي اندازو لڳايو هنن ماڻهن ڪيڏا پورهيا ڪيا، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا، اهو عشق ئي هو، جنهن هنن جو هر سفر آسان پئي بڻايو، اهڙيءَ طرح جمن قومي پروگرامن ۾ قومي گيت ڳائيندو هو، اتي جيڪو انعام ملندو هو، ان جو 10 سيڪڙو حصو تنظيم (جسم) جي فنڊ ۾ جمع ڪرائيندو هو. اهڙا ڪيترائي واقعا جمن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن، جيڪي لکجن ته مڪمل ڪتاب ٿي سگهي ٿو.
جھڙي ريت هيءُ سنڌي ماڻهن جو محبوب بڻجندو ويو، اهڙي ريت هيءُ رياست جي اک جو ڪنڊو پڻ بڻجندو ويو ۽ رياست هن جو تمام وڏو فائيل ٺاهيو هو. رياست هن جي پويان ۽ هيءُ اڳ ۾ هوندو هو! ڪيترائي ڀيرا مختصر طور پوليس هٿان گرفتار به ٿيو، پر جلد آزاد ٿيندو ويو، رياست جمن جو جيڪو خاڪو جوڙيو هو، جمن ان جي برعڪس صفا ڪجهه به نه هو. هنن جي نظر ۾ هيءُ تمام وڏو ماڻهو، وڏين گاڏين وڏي پروٽوڪول سان هوندو، پر هيءُ فقير صفت انسان جنهن وٽ گاڏيءَ ته ٺهيو، بس جو ڀاڙو به نه هوندو هو. سڄو ڏينهن پيادل سفر ڪندو رهندو هو، هڪ ڀيري جمن عمرڪوٽ مان ڪجهه سامان وٺي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو، ته ڪنهن ماڻهو سڏ ڪيو؛ دربدر هيڏانهن! جمن موٽيو ته اتي ڀرسان ڪو ميجر به ويٺو هو، جنهن اچي پڇيو ته: جمن آپ ہیں؟ ته هن ٺهه پهه وراڻيو: ”ہاں میں ہوں جمن“۔ ته هن وري پڇيو: ”کیا آپ گاتے بھی ہو؟“ ته هن وري چيو: ”ہاں کبھی کبھی گاتا ہوں“۔ وري پڇيائين: ”آپ پاکستان توڑنے کی بات کرتے ہو؟“ هن وري وراڻيو:”ہاں میں پاکستان توڑنے کی بات کرتا ہوں۔“ تنهن تي ميجر جمن کي هيٺ کان مٿي تائين غور سان نهاريو ۽ پوءِ چيو: ”اگر تمہارے کہنے سے پاکستان ٹوٹتا ہے تو ہم کتنے دن بچائیں گے، لیکن ہم نے تمہارے پیچھے پچیس لاکھ کا پئٹرول ضایع کیا ہے، اس کا دُکھ ہے ہمیں۔“
جمن جي زندگيءَ جو سلسلو قومي تحريڪ سان هلندو رهيو، جمن سڄي زندگي، فڪرِ جي ايم سيد حوالي ڪري ڇڏي، ۽ پنهنجون سموريون خواهشون ترڪ ڪري ڇڏيون هئائين. هن اهڙي زندگي گذاري هئي، جنهن ۾ نه گناهه جي لذت هئي نه عيش و عشرت هئي. هيءُ سڀني مذهبن کان بالاتر ٿي انسانيت جي بنياد تي وت ووڙيندو رهيو، انهيءَ دؤر ۾ هن جي ملاقات سنڌ جي باغي شاعر حليم باغيءَ جي روم تي هڪ نوجوان احسان ميمڻ سان ٿي هئي، احسان ميمڻ جي معصوم شخصيت هن کي صفا موهي ڇڏيو هو. سندس پختن خيالن ۽ مضبوط ارادن هن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هيو، پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد احسان ميمڻ کي، پاڪستاني رياست جي هٿڪنڊن، خاڪي ورديءَ وارن ڄامشوري ڦاٽڪ تي گولين جو نشانو بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد احسان ميمڻ جي بيوقتائي موت هن اڏول شخص جو جيءُ جهوري وڌو هو، جمن ان جهرندڙ جيءَ سان پنهنجيءَ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ هڪ طويل نظم لکيو هو، جيڪو سن جي ڪراڙي شينهن سميت، سڄي سنڌ جي باذوق ماڻهن جي دلين ۾ پيهي ويو هو، اهو نظم هي هو،
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
هيءُ نظم جمن سنڌ جي هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر واهڻ، هر وستيءَ ۾ ڳائيندو ۽ انقلاب برپا ڪندو رهيو؛ پر جڏهن اهو گيت سن ۾ سائين جي . ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي پهريون ڀيرو ڳايو هئائين، تڏهن سائينءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا؛ ۽ سائين جمن کي ڳراٽڙيون پائي چميون ڏنيون هيون، ان وقت سائين چيو هو ته هي ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها آهن، اڄ آئون تمام گهڻو خوش آهيان، اڄ مونکي يقين ٿي ويو آهي ته جنهن ڌرتيءَ جا نوجوان ههڙي شاعري ڪري سگهن ٿا، اُها ڌرتي گھڻو وقت غلام نٿي رهي سگھي، يقينن سنڌ آزاد، خوشحال ۽ سر سبز ٿيندي ۽ آئون ٻيو جنم وٺي موٽندس ۽ آزاد سنڌ ۾ توهان سان گڏ هوندس.
سائينءَ جا اهي لفظ جمن لاءِ ڪنهن نوبل پرائيز کان گهٽ ڪين هئا، جنهن هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، مزدوريون ڪيائين، تغاريون کنيائين، ان ماڻهوءَ کي سائين جي. ايم سيد جهڙو سنڌ جو پيغامبر ڳراٽڙيون پائي، چميون ڏئي، ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو؟ جمن جو اهو نظم سڄي سنڌ ۾ ڳائجڻ لڳو، پمفليٽن ۾ لکجڻ لڳو. سچ پچ ته هيءُ نظم جمن جي سڃاڻپ بڻيو هو! هيءُ شعر سنڌ ۾ اڄ به اوترو ئي ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو، جيترو ان دؤر ۾ ٻڌو ۽ ڳايو ويندو هو، وري جو استاد شفيع فقير جو آواز ملي ويو ته اڃا وڌيڪ مقبوليت جي مڃتائن کي ڇُهڻ لڳو.
جمن جي روحل واءِ واري ڳوٺ جي ڀٽ تي قومي ورڪرن جا ميلا مچڻ لڳا، مچ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، قومي شاعريءَ سرجڻ لڳي، جمن جو اهو سفر جاري هو ته سنڌ جو امام سائين جي. ايم سيد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو! سڄي سنڌ سان گڏ جمن جي دل ۾ به هڪ تڏو وڇائجي ويو هو، ان وقت جمن جي اندر مان سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏک شاعريءَ جو روپ ڌاري نروار ٿيو هو، ۽ هن هڪ خوبصورت وائي لکي سائين کي ڀيٽا ڏني هئي، اها وائي هن ريت آهي:
سن جو سائين هو الا!
وڻ وڻ واسي ويو!!!
ڪڏهن ڪين جهڪيو.
اهڙو عاشق سنڌ جو ڄمندو ڪين ٻيو-
وڻ وڻ واسي ويو!!!
ڪڏهن ڪين جهڪيو.
علم ادب تاريخ جو ويو ٻاري يار ڏيئو-
وڻ وڻ واسي ويو!!!
ڪڏهن ڪين جهڪيو.
پنهنجي هر ويريءَ کي جنهن مُرڪي معاف ڪيو
وڻ وڻ واسي ويو-!!!
ڪڏهن ڪين جهڪيو.
جمن منهنجي محبوب جا اوهين عاشق سڀ جيئو-
وڻ وڻ واسي ويو!!!
ڪڏهن ڪين جهڪيو.
جمن جي هن وائيءَ مان سائين جي. ايم سيد سان اٿاهه محبت جي جهلڪ پسجي ٿي. جمن هن وائيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي سڀني پهلوئن کي نروار ڪيو آهي. هن وائيءَ جي آخري سٽ ته صفا محبتن جي انتهائن کي ڇُهي ٿي، جتي ڪو به عاشق پنهنجي محبوب جو ٻيو رقيب پسند ناهي ڪندو؛ اتي جمن پنهنجي محبوب سائينءَ جي سڀني عاشقن جي لاءِ دُعاڳو آهي، پر ڏک اهو آهي ته اڄ اهي سمورا عاشق ڇِڙوِڇڙَ آهن... ۽ پوءِ جڏهن سائينءَ جي چاليهي جي موقعي تي انضمام پئي ٿيو ته هن ان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو هو، ۽ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي ختم ڪري (جسقم) جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو هو؛ ۽ هيءُ ان جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪارڪن ٿيو هو. جمن سڄي زندگي هڪ مخلص ڪارڪن واري حيثيت سان گذاري. ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين. سائينءَ جي وڇوڙي کانپوءِ به ڪافي عرصو نهايت گهڻي سرگرميءَ سان سلهاڙيل رهيو، پر پوءِ هاڻ، قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ کان دل شڪستو ٿي، مايوس ٿي ويو آهي؛ پر پوءِ به هيءُ اڄ تائين ٿڪو ناهي. اڄ به جمن سن جي سائينءَ جي حاضري ڀري ٿو، هر قومي تحريڪ جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
جمن جي وڏي خوبي اها آهي جو هيءُ ڪنهن به ڌڙي جو حصو نه بڻيو آهي، هر ڪنهن جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو آهي، هن وقت به پاڻ قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي گڏائڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهي؛ خدا کيس ڪامياب بڻائي.
جمن دربدر واقعي سڄي زندگي جدوجھد ۾ گذاري، پر مون هن ماڻهوءَ کي ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو. هميشه کلندو ۽ کلائيندو رهيو آهي. جمن جي ڌرتيءَ سان محبت ان حد تائين آهي، جو صبح جو سوير پير اُڀراڻا ڪري روحل واءِ جي واريءَ ۾ پسار ڪندو رهي ٿو، ۽ رات جو ته پوري رات جتي پير ۾ ئي نه وجهندو آهي. ان سان کيس سڪون ملندو آهي. جمن جي روحل واءِ واري ڀٽ تي ٺهيل اها جهوپڙي اڄ به سنڌ جي نئين نسل جي ڪچهرين جو مرڪز آهي. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪچهرين جو حصو بڻجندو رهي ٿو، ۽ شاعريءَ جو سلسلو اڄ به جاري آهي، وٽس هڪ ڪتاب جيتري شاعريءَ موجود آهي، جيڪا جڏهن به ڪتابي صورت ۾ آئي، ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي تحريڪ جي سُتل ضمير کي جنهجهوڙي جاڳائيندي.
¤¤¤¤¤