شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

مينهن وساڙي جهڙو ماڻهو : عبدالقادر جوڻيجو

سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ترجمي نگار عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر 1945ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. 1962ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون 1977ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
1976ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ته عبدالقادر جي ذهني صلاحيت ۽ ادبي افسانن کي ڏسندي، کيس سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين هن جي اندر ۾ ستل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽمورتي سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2005ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ 2005ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي.
ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترائي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو الاءِ ملندو يا نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين، جڏهن ٻڌايو مانس ته سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان ته پاڻ چيائين، پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، 3000 روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون توکي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ، ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان 2 ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو سمنڊ لڳو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين.
اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر 5 ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري چيومانس سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو؛ واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين.
2008ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. 2009ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايو ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو آهي. جوڻيجي صاحب سان محبتن جو رشتو اڄ به قائم آهي، جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا 12 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: 1973ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: 1979ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: 1984ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: 1986ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: 1987ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: 1998ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: 1999ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: 1999ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: 2001ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو: 2002ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: 2007ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (2010ع).
عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ناليج تي مبني آهن. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا 1963ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. پاڻ نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکي چُڪو آهي. سندس پهريون ناٽڪ 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. هن وقت تائين سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿي چُڪا آهن. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. هن وقت تائين سندس 16 کان وڌيڪ سنڌي ۽ 16 اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿي چُڪا آهن. اردوءَ ۾ سندس 13 ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿي چُڪا آهن، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- 4 تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿي چُڪو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو نالو ڪهاڻي توڙي ڊرامي جي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي، کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾ 1989ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ 2008ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، 1989ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، 1988ع کان 1998ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو 1999ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا آهن. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ ماناعتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.
عبدالقادر جوڻيجو ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪري چُڪو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل 18 کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهي چُڪو آهي. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به رهي چُڪو آهي، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب آهه، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻجي سگهيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ رائيٽر هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين آهي، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو آهي. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان آهي، جنهن کي توڙي جو فالج جسماني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر پوءِ به پاڻ ذهني طور اڃا چُست آهي. پاڻ ڪيترو وقت ڪاوش جو مستقل ڪالم نگار رهيو، ۽ هن وقت روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ سندس لکڻيون هفتيوار ڇپجنديون رهن ٿيون، ٽماهي سارنگا ۾ به سندس يادگيريون ڇپجنديون رهن ٿيون، سندس لهجو اسلوب نهايت ئي وڻندڙ آهي، اسان سندس قلم جي سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون.

¤¤¤¤¤