شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

ٺٽي جو بيباڪ صحافي : يار محمد جلالاڻي

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو دل چاهيندي به لکي ناهي سگهندو، منهنجي طبعيت به ڪجهه اهڙي آهي. گذريل ٻن سالن کان سوچي رهيو هئس ته سنڌ جي هن يگاني فقير صفت ماڻهو يار محمد جلالاڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪريان، پر هن جي ڪُمهلي موت تي لکڻ جي لاءِ قلم ڪڏهن به منهنجو ساٿ ڪونه ڏنو، وري اها سوچ ته منهنجو قلم هن بيباڪ انسان سان انصاف ڪري سگهندو الاءِ نه. يار محمد جلالاڻي خوددار انسان هو، بيباڪ صحافي ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هن جي ٺٽي ۽ ٺٽي جي ماڻهن سان اٿاهه محبت هوندي هئي. هيءُ اٺن سالن تائين بنا ڪنهن تضاد جي پريس ڪلب ٺٽي جو صدر رهيو، پريس ڪلب جي چونڊن ۾ صدارتي سيٽ تي هميشه هيءُ يڪراءِ چونڊجي ايندو هو. هيءُ پنهنجي صحافي دوستن کي چوندو هو، يار! هيءَ پريس ڪلب منهنجي ابي ڏاڏي جي ذاتي ملڪيت ته ڪانهي جو هر ڀيري مون کي ئي صدارت جي لاءِ منتخب ڪيو وڃي، پر سڀئي دوست هن فراخدل انسان کي چوندا هئا ته، ”يار! بيهڻ لاءِ اسين به تيار آهيون، پر اسين ياري جھڙي دل ۽ گردو ڪٿان آڻيون، جيڪو اسٽيبلشمنٽ جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي سگهي.“
ٺٽي جي مڊل ڪلاس ماڻهن جو ته هيءُ ڇپر ڇانوَ هوندو هو. ٺٽي جو غريب طبقو مشڪلات وارين گهڙين ۾ ڪنهن وزير، ايم.پي.اي، ايم.اين.اي جو در کڙڪائڻ بجاءِ هن فقير صفت انسان جي جهوپڙيءَ جو رُخ ڪندا هئا. پوءِ هيءُ پنهنجي موٽرسائيڪل تي، پنهنجي تيل تي، انهن غريبن جي مدد لاءِ نڪري پوندو هو. يارو ۽ ياري جي موٽرسائيڪل چوويهه ڪلاڪ سفر ۾! جڏهن به پريس ڪلب پهچي فون ڪبو هو ته هي چوندو هو، ڪڏهن جهوڪ، ڪڏهن، بٺوري، ڪڏهن دڙي! وري جو ٻڌائيندا هئاسين ته يارا ڪراچيءَ کان موٽياسين، تنهنجي سڪ لڳي، ان ڪري ٺٽي وارو روڊ ورتوسين، ته يڪدم چوندو هو، توهان هلو غريبخاني تي، يارو ڄاڻ پهتو؛ مزي جهڙي ڳالهه ته ياري جي ٺٽي شهر ۾ هڪ ننڍڙي جڳهه هوندي هئي، جنهن کي مون ڪڏهن به تالو لڳل ڪونه ڏٺو ۽ پوءِ اسين ياري جي جڳهه تي پهچندا هئاسين. اڌ مُني ڪلاڪ ۾ هيءُ به اچي پهچندو هو، پوءِ ته بس ڪچهري شروع ٿي ويندي هئي. ٺٽي ۽ آسپاس جي ادبي لڏي سڄي کي فونون ڪري گهرائيندو هو، پوءِ سنڌي ادب ۽ سياست تي بحث شروع ٿي ويندو هو؛ ۽ پوءِ ته بس رات کٽڻ جي ڪندي هئي، پر بحث ڪونه کٽندو هو! اهڙو هو اسان جو يار، يار محمد!
هن کي هر ڪم ۾ جلدي هوندي هئي، هر ڪم جلدي اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. شايد هن کي خبر پئجي وئي هئي ته ڪم تمام گهڻا، وقت ۽ زندگي تمام ٿوري هئي. هن جي سنڌ ۽ سيّد سان بي لوث محبت هوندي هئي جو هو، قومپرستن ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڪهڙي به پارٽيءَ جو جلسو، مظاهرو هجي، هيءُ فوٽوگرافر کڻي وڃي پهچندو هو ۽ صبح جو سنڌ جي مايه ناز اخبار عوامي آواز ۾ چار يا پنج ڪالمي خبر تصويرن سميت لڳل هوندي هئي. هيءُ سترهين جنوري ۽ پنجويهين اپريل ٻئي ڏينهن، سن پهچندو هو. هي ٻئي تاريخون هن کي عيد جي ڏينهن کان وڌيڪ ياد هونديون هيون. هن جون دلي همدرديون سنڌ جي سڀني قومپرستن سان هونديون هيون، پر هي يار صرف رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جو هوندو هو. هي ٻئي سڄي سنڌ جو ٽوئر ڪري ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ياري جي غريب خاني تي ايندا هئا. هڪڙي ڀيري مون کي ياد آهي ته (آءٌ به آريسر صاحب سان گڏ هئس) اسين ٺٽي وياسين، ياري جي جڳهه تي؛ جڳهه کُليل هئي، يارو غائب هو! فون ڪئي سين. چيائين: ”اوهين ويهو، آءٌ اچان ٿو.“ ايتري ۾ صحافين جي روپ ۾ ايجنسين جو هجوم اچي ڪڙڪيو. آريسر صاحب کي چيائون ته، ”اسين توهان کان انٽرويو وٺنداسون، فلاڻي ٽي.وي چينل جا رپورٽر آهيون.“ آريسر شروع کان ئي سادي طبيعت جو ماڻهو، سو تيار ٿي ويهي رهيو انهن کي انٽرويو ڏيڻ! ايتري ۾ يار محمد اچي پهتو. ايندي ئي هنن جي مٿان چڙهي ويو ۽ هنن کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ پوءِ آريسر صاحب کي به تنبيهه ڪيائين ته، ”هتي توهين صرف ٿڪ ڀڃڻ جي لاءِ ٿا اچو، تنهنڪري هتي ڪير به اچي، توهان انهيءَ سان نه ملو؛ پوءِ اهو صحافي هجي يا ڪامورو.“ واقعي آريسر صاحب پاڻ مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، ”آئون جڏهن به ٻن جاين تي ويندو آهيان ته سياست کي پوئتي موٽائي ننڊ ڪرڻ ويندو آهيان؛ هڪ يار محمد جلالاڻيءَ وٽ ۽ ٻيو پنهنجي گهر.“
هُو هڪ ئي وقت سائين جي.ايم.سيد جو پوئلڳ هوندو هو ته ممتاز ڀُٽي ۽ رسول بخش پليجي سان سنڌ ۽ سيد تي بحث ڪندو هو. هي ٺٽي جي شيرازين جو به دوست هو ته سنڌ جي اڳوڻي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سان به حجت ڪري ڳالهائيندو هو. سسئي پڻ ياري کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. هڪڙي ڀيري، مائي الهوسائيءَ جي ورسي هئي، اسين به ياري سان گڏجي وڃي پهتاسين. ياري کي ان ڏينهن چشمو پاتل هو. سسئي ياري کي ڏسندي چيو، ”يار محمد اڄ ته صفا ڪامورو ٿو لڳين!“ ياري ٽهڪ ڏيندي چيو، ”اَدي جيڪڏهن ٽوپي ٿو پايان، ته تون چوين ٿي وڏيرو ٿو لڳان، جي ڪيپ ٿو پايان ته تون چوين ٿي، ٺٽي جي روڊ جو بيلدار ٿو لڳان. اڄ وري گرميءَ کان بچڻ وارو چشمو پاتو آهي ته تون چوين ٿي ڪامورو ٿو لڳان!“
اهڙي هوندي هئي ياري جي حجت سڀنيءَ سان، هو سڀني سان تون ڪري ڳالهائيندو هو، هُو چوندو هو ”تون ڪري صرف پنهنجن سان ڳالهائبو آهي، باقي توهان چئي صرف وڏيرن ۽ آفيسرن سان ڳالهائبو آهي. هيءُ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو عوامي آواز جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. هن جي ڪُمهلي موت تي نه صرف ٺٽي جي ڏتڙيل ماڻهن کي صدمو رسيو آهي، پر هن جي موت سڄي سنڌ کي صدمو رسايو آهي. هن جي موت تي نه صرف هن جا يار، محمد علي مانجهي، تاج جويو ۽ اوڀايو خشڪ رُنا هئا، پر هن جي موت تي ڪينجهر ۽ مڪلي به رُنيون هونديون. هن جي موت تي نه صرف سن واري سيّد جي رُوح رڙيون ڪيون هونديون، پر هن جي موت تي سنڌو درياءَ جي مست ڇولين به ماتم ڪيو هوندو. يارو واقعي يارن جو يار هو. هن جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون لِکجن. اڄ يار محمد جي ٽين ورسي آهي، ياري جي سمورن دوستن آلين اکين سان ٺٽي جو رُخ ڪيو آهي، ياري جي مزار تي گُلن جون چادرون چاڙهڻ لاء، ڇو ته ياري جھڙا يار وسارڻ سان به ناهن وسرندا. منهنجي دُعا آهي ته الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس پُٽ کي ايتري همت ڏي، جو هُو يار محمد جي اَڌوري مشن کي پورو ڪري سگهي.


¤¤¤¤¤