شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو : شهيد نور الله تنيو, شهيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ شهيد روپلو چولياڻي

رَت ديش تنهنجي راهه ۾، جي ڦُڙو ڦُڙو ٿِي وَهي وڃي،
تُنهنجو به قرض لهي وڃي، مُنهنجو به نصيب ٺَهي وڃي.
سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي، ديش جي راهه ۾ پنهنجو رَت وهائي، ڌرتي ماءُ جو قرض چڪايو آهي. هنن سُورمن سنڌ ماءُ جي ٿڃ ملهائي، پنهنجي رت سان آزاد سنڌو ديش جي پِيڙهه جو پٿر رکيو آهي. 21 اپريل 2011ع جو سانحو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سبق آهي. اسان جو ايندڙ نسل فخر سان اهو چوندو، ته اسان انهيءَ نسل مان آهيون، جنهن ڪنهن سامراجي دلال اڳيان گوڏا کوڙڻ بجاءِ، ديس مٿان پنهنجي جان گهوري هئي. جنهن سانگهڙ جي سرزمين کي 9 مهينا پهرين هنن سورمن رت جو ريج ڏيئي انقلاب جو فصل پوکيو آهي، آئون يقين سان چوان ٿو ته انهي فصل مان ڦُٽي نڪرندڙ سَلا، سڄي سنڌ ۾ پکڙجندا ۽ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندا. شهدادڪوٽ ۾ 5 جون تي هنن شهيدن جي چاليهي جي تقريب ۾ قومي تحريڪ جي نئين نسل جي سرواڻي ڪندڙ باغي ڪردار حفيظ پيرزادي، پنهنجي تقرير ۾ چيو هو، ته شهيد سرائي قربان، سورهيه بادشاهه جو تسلسل، روپلو چولياڻي، روپلي ڪولهيءَ جو ٻيو جنم ۽ نور الله تنيو دولهه دريا خان هيو. مونکي سانگهڙ جي دوستن ٻڌايو هو ته اسان مهاراجا ڏاهر ۽ دولهه دريا خان جا قصا ڪتابن ۾ پڙهيا هئا، پر هينئر 21 اپريل تي نورالله تنيي جي رُوپ ۾ اسان پنهنجي اکين سان ڏسي چڪا آهيون. سچي ڳالهه اها آهي ته نور الله تنيي جي همت، حوصلي ۽ بهادريءَ تي اسان جي ڪيترن وڏن نالن کي به رَشڪ آيو هوندو. اندر ته انهن دلالن جو به سڙيو هوندو، جن هن نوجوان جي اکين ۾ آزاديءَ جي چمڪ، چپن تي محبوبه سان ملڻ جھڙي مُرڪ ۽ آواز جي گجگوڙ سان آزاد سنڌو ديش جا نعرا ٻڌا هوندا. ڇو ته هُنن پنهنجي طرفان هِنن سُورمن جو نالو نشان مٽائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڇاتي گولين سان پروڻ هجي، چيلهه کان هيٺيون جسم سڙي خاڪ ٿيل هجي ۽ ان جي صرف ڍڍر مان آزاديءَ جو نعرو گونجي، ان کان وڌيڪ انهن بزدلن جي منهن تي ڪهڙي چماٽ ٿي سگهي ٿي؟
نور الله تنيو قومي تحريڪ ۾ ذري گهٽ ٻار هو، هن جي ته وات مان اڃا تائين ماءُ جي ٿڃ جي خوشبوءِ ئي ختم نه ٿي هئي؛ نور الله سان منهنجي انتهائي گهرائيءَ واري نسبت رهي، پر هن جي ڳالهين مان مون ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو، ته ڪو هيءُ اهڙي منزل تي نڪري پيو آهي، جنهن جو انت دولهه دريا خان وارو آهي. هيءُ مونکي انتهائي معصوم لڳندو هو، هن جون حرڪتون به معصوم ٻارن واريون هونديون هيون، پر هُو اهڙو ته ڪم ڪري ويو، جو سنڌ جي تاريخ کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
قُربان! قرباني ڏئي، جاڳائي تو جُوءِ!
تُنهنجي رَتِي رُوءِ، راهن کي روشن ڪيو!
(آسي زميني)
سرائي قربان کهاوڙ کي ته آئون ڪافي عرصي کان سڃاڻان، ڇو ته هي هر ورڪر لاءِ بڙ جي ڇانوَ وانگر هوندو هو ۽ قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن جا ورڪر اچي هن بڙ جي ڇانوَ ۾ پنک پَساريندا هئا. سرائي قربان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون، توڙي جو هر ماڻهو خامين جي ڀري رهيو آهي، ان جي باوجود هن ۾ خوبيون ئي خوبيون هيون. سرائي قربان سان گڏ هر پل ورڪرن جو جٿو هوندو هو ۽ مون هميشه هن کي انهن سان کينچل ڪندي ڏٺو، جيئن گهر جو ڪو وڏو گهر جي ننڍڙن ٻارڙن سان پنهنجي پاڻ کي وندرائيندو آهي. مونکي هن ۾ ليڊرن واري ڪابه خاصيت نظر نه ايندي هئي، پر هن ۾ هڪ قومي ڪارڪن وارا سمورا گُڻ هئا. هُو بهترين ورڪر، بهترين دوست ۽ بهترين واسطا رکندڙ ماڻهو هو. سرائي قربان جا قومي تحريڪ جي ڪيترن ئي دوستن سان سياسي اختلاف هئا، پر هُن انهن سان ڪڏهن به سماجي واسطا ختم نه ڪيا. ڪيترائي اهڙا ماڻهو مون ڏٺا جيڪي هميشه سندس مخالفت ڪندا هئا، پر هيءُ وري به انهن وٽ لڙي ويندو هو. سرائي قربان شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين، هر ان ماڻهوءَ جي گهر هلي ويو، جن سان هن جا اختلاف رهيا. سرائي قربان سياست جي شروعات لطيف سنگت ۽ چڻنگ سنگت کان ڪئي. هن جي اندر ۾ ٻاراڻي عمر کان وَٺي ڌرتيءَ جو درد ڪنڀار جي آويءَ جيئان اڌما ڏئي رهيو هو. ان بعد شاگرد جدوجھد ۾ جساف جي پليٽ فارم تان حصو ورتائين ۽ شاگردن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيائين، ته شاگردن سندس همت ۽ بهادريءَ کي ڏسندي کڻي مرڪز تي آندو؛ ۽ ايئن هي اڃا وڌيڪ اُڀري آيو. اهڙيءَ طرح هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي پاس ڪئي ۽ شاگرد جدوجھد مان نڪري، عملي جدوجھد ۾ حصو ورتو ۽ پهرئين جسقم جو ميمبر ۽ پوءِ مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيائين.
سرائي قربان هڪ خوشحال گهراڻي جو فرد هو، سندس 12 سؤ ايڪڙ کان مٿي زمين هئي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي اک جو ڪنڊو به هوندو هو. ڪيترن ئي سردارن سان ٽڪراءُ ۾ آيو. سرائي قربان جي سڄي زندگي ويڙهه ۾ گذري. شهدادڪوٽ ۾ سندس سماجي ڪم تعريف جي لائق آهن. اڄ به کيس شهدادڪوٽ جون گليون سندس راهون تڪين ٿيون ۽ اکين مان آب هارين ٿيون. سرائي قربان کهاوڙ سڀني يارن جو يار هو، پر الاءِ ڇو عبدالواحد آريسر سان انتهائي گھرو لاڳاپو هئس. جڏهن بشير خان ۽آريسر ۾ اختلاف ٿيا هئا، تڏهن پاڻ آريسر صاحب سان بيٺو هو، ۽ پوءِ اڳتي هلي آريسر صاحب کي الوداع چئي، جسمم ۾ شموليت اختيار ڪندي ميدانِ جنگ ۾ لهي پيو هو؛ پر پوءِ به مون کيس هميشه آريسر صاحب جي ويجهو ڏٺو. هڪڙي ڀيري رات جو دير سان فليٽ تي آيو، ڪچهري پئي ڪئي ته ڪچهري هلندي چيائين، يار! اڄ آئون انتهائي ڏکويل آهيان. 4 ڏينهن پهرين آريسر صاحب شهدادڪوٽ آيو هو ۽ منهنجي اوطاق تي ڪونه آيو، ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ترسيو هو. شايد هاڻي آريسر صاحب مونکي پنهنجو نٿو سمجهي، تڏهن ته هو مون وٽ ڪونه آيو! پوءِ به هن ماڻهو آريسر صاحب کان ڀيرو نه ڀڳو، شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين آريسر صاحب جي ڳوٺ وڃي ڪچهري ڪئي هئائين. هڪ ڀيري مونکي ڳوٺ وڃڻو هو، رات جو دير به ٿي وئي هئي، ڪيترن ئي دوستن جون گاڏيون ذهن ۾ آيون، پر الاءِ ڇو مون سرائي کي فون ڪئي هئي، چيو هئم ته: ”سائين مونکي ڳوٺ وڃڻو آهي، گاڏي کپي!“ ته يڪدم چيائين: ”پُٽ خير ته آهي؟“ چيو هئم: ”ها سائين، خير ئي آهي، ڪجهه بيچيني واري ڪيفيت آهي، ان ڪري ڳوٺ وڃڻ چاهيان ٿو.“ ۽ پوءِ 10 منٽن جي اندر ڊرائيور سان گاڏي موڪلي ڏني هئائين ۽ گڏوگڏ ڊرائيور کي گاڏيءَ جي پئٽرول جا پئسا ۽ منهنجي لاءِ الڳ پئسا ڏنا هئائين، ته متان ڪا ضرورت پوي. آهي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو ان حد تائين هر ڪارڪن جو خيال رکي؟ رڳو مون سان ايئن ڪو نه هو، پر هيءُ هر قومي ڪارڪن سان اهڙو هوندو هو.
روپلي جو ٻيو جَنم، هُيو چولياڻِي،
اڃا سِنڌياڻِي، ڪئين ڄڻيندي رُوپلا!
(آسي زميني)
رُوپلي چولياڻيءَ سان ته الاءِ ڪهڙو رشتو هو، جيڪو مونکي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو. ماڻهوءَ جا ڪڏهن ڪڏهن رَت جا رشتا به ويري بڻجي ويندا آهن، پر اسان جو هيءُ رشتو ڪڏهن ٻاڙو به نه بڻيو؛ ايئن هڪٻئي سان سئوٽ چئي مخاطب ٿيندا هئاسين. اڪثر ڪري آڌي مانجهي فليٽ تي ايندو هو ته وڏي آواز سان سڏ ڪندو هو، ”سئوٽ جاڳين پيو؟“ آئون ڊوڙي وڃي دروازو کوليندو هئس، ۽ پوءِ ته بس ڪچهرين جا گفتا شروع ٿي ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڌڻي بخش هوندو هو ۽ ڌڻي، روپلي کي گاريون ڏيندو هو، ته روپلو کِلي چوندو هو: ”سؤٽ ڌنو بيوقوف آهي، عملي جدوجهد مان هٿ ڪڍي وڃي ويهي رهيو آهي، اسان ڏس اڄ به عملي ميدان ۾ سندرو ٻڌي بيٺل آهيون.“ ته آئون مذاق ۾ چوندو هئس، سئوٽ اوهان وارو عملي ميدان مونکي نظر ڪونه ٿو اچي، الاءِ ڪهڙي عملي جدوجھد پيا ڪريو ۽ ٻن ٽن قومپرست پارٽين جا حوالا ڏئي چوندو هئس، ته فلاڻو ڏس لانگ مارچ پيو ڪري، فلاڻو روز جا ڌرڻا، مظاهرا پيو ڪري، اوهان جي ته خاموشي لڳي پئي آهي، اخبار ۾ ڪو بيان به نظر ڪونه ٿو اچي؛ ته کِلي چوندو هو يار اهي سڀ حوالي آهن، ڪوڙيون خبرون پيا ڪن، تون ڏسجانءِ اهي سمورا وقتي اشو آهن، ماڻهن جو حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ! وڌيڪ چوندو هو ته اسان جو قومي دشمن پنجابي پٺاڻ آهي يا مهاجر؟ ته آئون چوندو هئس پنجابي ۽ پٺاڻ! ته پاڻ چوندو هو ته هاڻ ته سمجهي سگهين ٿو، ڪهڙو لالي پاپ ڏنو ويو آهي، اسان جي يارن کي.
روپلي چولياڻيءَ به پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لطيف سنگت کان ڪئي هئي، جتان وڌندي وڌندي، جساف، جساف مرڪز، جسقم مرڪز ۽ جسمم تائين پهتو؛ جتي کيس جانثار ٿيڻو هو. مونکي ڪنهن ماڻهو ٻڌايو ته روپلي 1996ع ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقرير پئي ڪئي ته اتي چيو هئائين ته اڄ جيڪڏهن سائين جي. ايم سيد زندهه هجي ها، ته آئون سندس قدمن ۾ ويهي اجازت گهران ها ته سائين! هاڻي اسان کي اجازت ڏيو، اسان هٿيار کڻي عملي طور ميدان ۾ لهون. واقعي روپلو انتهائي جذباتي هوندو هو، سندس آواز ۾ ايڏي ته دهشت هوندي هئي، جو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته ٻڌندڙن کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو. مونکي سندس چاچي منير چولياڻيءَ ٻڌايو ته روپلو شهادت کان 2 ڏينهن پهرين گهر آيو، ۽ گهر ۾ پيل پنهنجي تصوير کڻي شهر مان فريم ۾ بند ڪرائي اچي ڪمري ۾ لڳايائين. ان تصوير ۾ پاڻ سائين جي. ايم سيد جي قدمن ۾ ويٺل آهي ۽ آخري وقت به اها ئي وصيت ڪري ويو، ته مونکي سيد جي قدمن ۾ دفنائجو. اڄ سانگهڙ جي شهيدن کي 2 سال گذري ويا آهن، پر سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ دُکندڙ انتقام جي باهه تي ڇنڊو نه پيو آهي. آئون يقين سان چوان ٿو ته اها باهه آزاد سنڌو ديش جي صورت ۾ ئي جَهڪي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري منهنجي سنڌ جا وارثو! جنهن رت سان هنن سورمن آزاد سنڌو ديش جو بنياد رکيو آهي، ان کي پنهنجو مقصد بڻائي نڪري پئو ۽ تيسين نه موٽو، جيسين مقصد نه ملي.
هي ڳهيلي دنيا ڄاڻي ڇا،
هو سيج ڇڏي ڇو پنڌ پيا؟
ڇاڪاڻ سڏيائون سوريءَ کي،
ڪنهن لئه جوانيءَ منجهه مُئا؟
(نواز خان زئور)
¤¤¤¤¤