سنڌ جو ديو مالائي ڪردار : چاچا قاسم سومرو
سانڍي رکجان ڪورو آهي،
منهنجو نينهن نڪورو آهي.
چاچو قاسم! جنهن کي ڪير نه سڃاڻي؟ سڄي سنڌ ساڻس ايئن عشق ڪيو آهي، جيئن لطيف نوري، مارئي. سهڻي ۽ سسئي سان ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته مون جڏهن به لطيف کي پڙهيو آهي ته مونکي ايئن محسوس ٿيو آهي ته لطيف پنهنجي سورمين سان عشق ڪيو آهي، لطيف ئي سندن پنهون آهي، لطيف ئي سندن ميهار آهي، لطيف ئي سندن ڄام تماچي آهي، لطيف ئي ملير آهي، لطيف ئي مارو آهي، لطيف ئي ٿر آهي. چاچا قاسم سومرو جيڪو لطيف جو حافظ آهي، هو ئي رومي آهي، جيڪو هر پل ڀٽائيءَ جي ڪڇ ۾ رهندو هيو. چاچا قاسم سان منهنجون ڪيتريون ئي رهاڻيون رهيون آهن ۽ اڃا به رهنديون. لطيف سان سندس عشق جي انتها اها آهي، جو هڪڙي ڀيري اسان ڪنهن پروگرام ۾ وياسين، چاچو قاسم ته اڪثر پروگرامن ۾ ويندو رهندو هو، پر آئون ان ڏينهن خاص چاچي قاسم جي تقرير ٻڌڻ ويو هئس، جڏهن ڪمپيئر چاچا قاسم کي تقرير لاءِ گھرايو ته هن ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيو هو، جيڪو شايد ڪمپيئر غلط پڙهيو هو. جڏهن چاچا قاسم ڊائيس تي تقرير ڪرڻ آيو هو ته سڀ کان پهرين ان بيت جي غلط پڙهڻ تي ڪمپيئر کي ڇنڊ پٽي هئائين ۽ درست صورت ۾ بيت پڙهي چيو هئائين، جيئن ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ کي قران شريف جي آيت غلط پڙهڻ تي باهه وٺي ويندي آهي، تيئن اسان کي به ڀٽائيءَ جو بيت غلط پڙهڻ تي اکين مان پاڻي اچي ويندو آهي ته اسان جي قوم هن دور ۾ به لطيف کان غافل آهي.
چاچا قاسم سومرو سنڌ جو اهڙو ته باڪردار انسان رهيو آهي، جنهن جي دامن تي ڪو به داغ ناهي، هن جو من سنڌوءَ جي پاڻيءَ جيان پويتر، اُجرو ۽ شفاف آهي، سنڌو درياه لاءِ ڪنهن انگريز سياح لکيو آهي ته سنڌي! سنڌو درياهه سان ايئن پيار ڪن ٿا جو هو سنڌوءَ جو ميرو گدلو پاڻي ٻُڪن ۾ ڀري پيئن ٿا. ان انگريز سياح جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي، پر شايد ان انگريز کي سرسوتي سنڌونديءَ جي پويترتا جي خبر نه هئي. اهڙيءَ طرح چاچو قاسم به ان سرسوتي سنڌوءَ جو لاڏلو پٽ آهي، جنهن جو جنم به ان سرسوتي سنڌونديءَ جي ڪپ تي آباد شهر حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1943ع ڌاري ٿيو هو، يعني ورهاڱي کان 4 سال پهرين. ورهاڱي سندس ٻاروتڻ تي اهڙو ته اثر ڇڏيو هو جو هو ڪيترو ئي عرصو ان درد ۾ پڄرندو رهيو هو، هن پنهنجي معصوم اکين سان ڌارين جون لوڌون سنڌ جي خوبصورت شهر حيدرآباد ۾ داخل ٿيندي ڏٺيون هيون ۽ حيدرآباد جي حُسن کي بگڙندي ڏٺو هو، هن جي اکين نه صرف حيدرآباد جي حُسن کي تباهه ٿيندي ڏٺو هو، پر هن جي اکين ته ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ٿيندي ڏٺو هو. انهيءَ ٻاروتڻ جي درد کيس اڳتي هلي باغي بڻايو هو. سندس وڏا ٺٽي ضلعي جي شهر دڙي جا ويٺل هئا. سندس والد جو نالو محمد جمن آهي. هي شروعاتي تعليم چار درجا سنڌي ڪراچيءَ ۾ کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ پڙهيو، ان اسڪول ۾ هي پهريون شاگرد هو جنهن سنڌي مضمون جي چونڊ ڪئي، باقي پوري اسڪول ۾ اردوءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. پنجون درجو حيدرآباد جي اسڪول مان پاس ڪري جامع عربيه ۾ داخل ٿيو، ان دوران سندس والد محمد جمن سومرو وفات ڪري ويو ته کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي ۽ ڏهن سالن جي ننڍڙي عمر م گھر جون ذميواريون مٿس پيون ۽ هي مختلف جاين تي مزدوريون ڪرڻ لڳو، پورهيا ڪندي هي زندگيءَ جي سڀني پهلوئن کي سمجھي ويو ۽ پورهيت جي درد کان آشنا ٿيو. انهيءَ غربت واري زندگيءَ ۾ هلندي 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي ۽ شاديءَ کان پوءِ هن حيدرآباد جي لجپت روڊ تي ”سنڌ ڊرائي ڪلينرس“ جي نالي سان ڌوٻڪو دڪان کوليو، هن کي سنڌ سان والهانه محبت هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي دڪان جو نالو به سنڌ سان منسوب ڪيو. 9 سالن تائين چاچا قاسم سومرو ڌوٻڪي دڪان تي استريءَ جي شعلن سان پنهنجو پاڻ کي جلائيندو ۽ من پرڀائيندو رهيو ۽ مرشد لطيف جي هن سٽ کي پنهنجي لاءِ موزون سمجهندي زندگيءَ جي راهه تي هلندو رهيو.
نِهائين کان نِينهن، سِک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
چاچو قاسم انهيءَ نِهائين ۾ پنهنجو نِينهن پچائيندو رهيو، ان دوران ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ به حصو وٺندو رهيو. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ جو تشخص بحال ٿيو، ان ئي سال چاچي قاسم کي لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ سينيٽري سب انسپيڪٽر جي نوڪري ملي ۽ پاڻ نوڪريءَ ڪري ٻچن جو گذران به ڪرڻ لڳو ته سنڌ جي حقن لاءِ قومي سياست به ڪندو رهيو. پاڻ شاهه لطيف جو ته شروع کان حافظ هو، پر نوڪريءَ کان پوءِ هن سائين جي.ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا ته پنهنجي پاڻ کي روڪي نه سگھيو ۽ وڃي سيد سان مليو ۽ سيد جي قومي قافلي سان ڳنڍيو. جڏهن جيئي سنڌ محاذ حيدرآباد ضلعي جي علائقي دوآٻو ۾ پهريون يونٽ کوليو ته ان جو پهريون ميمبر چاچي قاسم کي مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ چئن سالن تائين سيڪريٽري طور ذميواريون نڀائيندي وڌ کان وڌ ميمبرشپ ڪيائين، جنهن ڪري حيدرآباد ضلعو قومي سياست جو ڳڙهه بڻجي ويو. ان دور ۾ سياسي سرگرميون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري ناراجيل موڪليو ويو، جتي ڪيتريون ئي صعوبتون سٺائين، سندس جسم کي ته زخمي ڪيو ويو، پر سندس عشق اڃا وڌيڪ پختو ٿي ويو، جيل کان ڇٽو ته سندس سرگرمين ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو. پاڻ سائين جي.ايم سيد سان ڪافي روح رهاڻيون ڪيائين ۽ سيد جو اعتماد وارو ماڻهو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن سنڌ جي قومپرستن گڏجي سنڌ قومي اتحاد -ٺاهيو ته پاڻ ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. 30 سيپٽمبر1988ع تي ٿيل لساني فسادن واري مزاحمتي تحريڪ ۾ ڀرپور سرگرميون ڪرڻ تي مٿس ڪيس داخل ٿيو ۽ نوڪريءَ تان برطرف ڪيو
ويو. پاڻ پنجن سالن تائين روپوشي واري زندگي گذاريندي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي سنڌ جي پرچار ڪيائين، ڳوٺاڻيون ڪچهريون ۽ ليڪچر ڪرڻ سندس عام مشغلو رهيو. روپوشيءَ دوران پاڻ ”دودو سومرو“ جي نالي سان سنڌ جي مسئلن تي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيائين، سندس قلم جي بيباڪيءَ جون ان دور ۾ لکيل سندس لکڻيون ساکي آهن. کيس 1993ع ۾ ڳجهن ادارن کنڀي پنجن مهينن تائين گم ڪري ايترو ته مٿس تشدد ڪيو جو سندس اُٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگھه به ختم ٿي وئي. پنجن مهينن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي اي.ٽي.سي ڪورٽ ۾ چالان ڪري 18 مهينا سزا ڏيئي سينٽرل جيل ڪراچي موڪليو ويو. جيل مان هن قيدين جي مسئلن تي جيل انتظاميا خلاف ڪيترائي ڪالم لکي اخبارن کي موڪليا. ”زندان جي جھروڪي مان“ جي عنوان سان قومي تحريڪ جو تجزيو لکيائين، جيڪو ماهوار ساڃاهه ۾ ڇپيو. (ساڃاهه قومي تحريڪ جو پارٽي ترجمان ۽ روح روان هوندو هيو) ان مضمون قومي تحريڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قلمڪارن حصو وٺي پنهنجو موقف ۽ رايا پيش ڪيا. 18 مهينن جي سزا ڪاٽي جڏهن هي جيل کان ٻاهر نڪتو ته سڄي سنڌ سندس استقبال لاءِ موجود هئي، سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو اهڙو پيار ڏسي سندس جذبا اڃا وڌيڪ جوان ٿي ويا، جيتوڻيڪ! جيل کيس ڏٻرو بڻائي ڇڏيو هو ۽ سندس وارن ۾ چاندي چمڪڻ لڳي هئي، پر هن جا جذبا جوان هئا ۽ هن پنهنجي پاڻ کي ٻيهر متحرڪ ڪري انهيءَ جذبي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ مستقل مزاج ورڪر آهي، کيس سڄي سنڌ چاچا قاسم جي نالي سان سڃاڻي. مونکي خبر ناهي ته مٿس ”چاچا“ نالو ڪنهن رکيو، پرپاڻ عبدالواحد آريسر کان ويندي بشير خان قريشي تائين سڀنيءَ جو چاچو ئي رهيو، ايتري قدر جو سندس پٽ به چاچا چئي مخاطب ٿيندا آهن. چاچا قاسم جنهن زندگيءَ جا 60 سال شهر ۾ گذاريا آهن، پر پاڻ اڃا تائين شهري زندگيءَ کي اپنائي ناهي سگھيو. هن جو من اڄ به ڳوٺن جو طواف ڪندو رهي ٿو، آئون ساڻس جڏهن به ملندو آهيان ته هو مونکان صرف ئي صرف ڳوٺ بابت پڇندو آهي، ڳوٺ، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ٻهراڙيءَ جون ڇڙواڳ هوائون سندس آئيڊيل رهيون آهن، پاڻ جڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي ويندو آهي ته هن جي دل چوندي آهي ته هو هميشه ڳوٺ ۾ ئي رهي پئي، پر کيس مجبوريون واپس کڻي اينديون آهن. پر جڏهن به ڳوٺان موٽندو آهي ته تازو توانو ٿي موٽندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڏينهن ڳوٺاڻي خوشبوءَ جو واس سندس حواسن تي ڇانيل رهندو آهي.
1995ع ۾ جڏهن سائين جي.ايم سيد هن دنيا مان چالاڻو ڪيو ته سڄي سنڌ سان گڏ هي به ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏئي رنو هو ۽ سيد جي جدائي واري ان صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جڏهن سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي ”مڙي مٺ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي“ ته جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي گڏائڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتائين ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته پاڻ ان جو ميمبر ٿيو. واضح ڪندو هلان ته سائين جي حياتيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ الڳ الڳ ڪم ڪري رهيون هيون، پر ٻنهيءَ جو مقصد هڪ هيو ۽ ٻنهيءَ جو رهبر به هڪ هيو. ٻيئي سائين جي.ايم سيد جي فيصلن کي مان ڏيندا هئا. چاچو قاسم جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪيترائي ڀيرا ضلعي صدر رهيو ۽ مختلف ڪميٽين ۾ به ذميواريون نڀايائين. هن مختلف وقتن تي ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. جن ۾ قاسم آباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ طويل جدوجهد هلايائين، سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وجھي نوجوانن جو سماجي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايائين، پر پاڻ ان جو ڪڏهن به حصو نه بڻيو ڇو ته سندس نظر ۾ قومي مفاد وڌيڪ اهم هئا. حيدرآباد نسيم نگر ۾ بلڊ بئنڪ قائم ڪري، ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ضرورتمندن کي رت وغيره جي سهوليت مهيا ڪيائين. ٿر ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ مريضن کي اسپتالن تائين وٺي سندن علاج ڪرائڻ، انهن کي پنهنجي گھر ۾ رهائش ڏئي انهن جي خدمت ڪرڻ، ٻهراڙين جي علائقن مان ايندڙ شاگردن کي رهائش جو بندوبست ڪري ڏيڻ، ايڊميشن ڪرائڻ، مختلف ماڻهن جي ڪمن سان پنهنجي خرچ تي آفيسن ۾ وڃي ڪم ڪرائي ڏيڻ، سنڌي ماڻهن جي ڪيسن جي سلسلي ۾ ڪورٽن تائين وڃڻ، انهن جي ضمانت ڪرائڻ، حيدرآباد جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار تي لڳرائڻ وغيره شامل آهن. آئون جڏهن پهريون ڀيرو حيدرآباد آيو هئس ته ڌڻي بخش سولنگي ۽ چاچو قاسم ئي هئا، جن منهنجي هر طرح جي رهنمائي ڪئي هئي. جيتوڻيڪ! هن وقت چاچا قاسم مونکان گھڻو ناراض آهي، سندس ناراضپو به جائز آهي جو آئون هفتن جا هفتا وٽس ناهيان ويندو، چاچا جو مياري ته آهيان ئي، پر چاچا کان معافي وٺندي! چاچا آئون به توهان وانگر زندگيءَ جي اهڙي ته دَلدَل ۾ ڦاٿل آهيان جو ساهه کڻڻ به وسري ويندو آهي
چاچا قاسم سومرو مونکي ٿر جي هڪ جاکوڙي ڪردار مسڪين جهان خان کوسي جيان لڳندو آهي، مسڪين کي ته مون ڪڏهن ڏٺو ڪون هو، پر مسڪين جي هن نرالي رُوپ سان منهنجون نه صرف رُوح رهاڻيون ٿينديون رهن ٿيون، پر سندس قرب ڀرئي سڀاءُ جا ڍُڪ مونکي به نصيب ٿيا آهن. چاچا قاسم جو وڻندڙ سڀاءُ مون سميت ڪيترن ئي آدرشي نوجوانن کي پنهنجي لفظن جي مالها ۾ پوئي رکيو آهي. منهنجي دعا آهي ته انهي مالها جا داڻا ڪڏهن به نه ڇڄن. جيتوڻيڪ! پاڻ عمر ۾ مونکان ڪيترو ئي وڏو آهي، هو نه صرف عمر ۾ مونکان وڏو آهي، پر هو پنهنجي ڪردار ۾ به ڪيترن کان ئي وڏو آهي. پر مون هن جي دلپذير شخصيت ۾ ڪٿي به وڏاءُ نه ڏٺو ۽ آئون سمجهان ٿو ته ساڻس جنهن جون به ڪچهريون ٿيون هونديون، هر ڪنهنجو اهو ئي خيال هوندو. هو ڪچهري جو ڪوڏيو، محفل جو مور جتي به ويندو آهي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويندو آهي، اڄ به نسيم نگر چوڪ تي شام جي پهر ۾ هوٽل تي اچي ويهندو آهي ته نوجوانن جا انبوهه گڏ ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ پاڻ حافظي جي زور تي قومي تحريڪ جي يادگيرين کي نوجوانن جي ذهنن ۾ سمائڻ شروع ڪندو آهي، جتي جتي سيد ۽ سنڌ جو ذڪر ايندو آهي ته هو لطيف جي بيتن سان ڀيٽا ڏيندو ۽ جڏهن به هو ڪنهن سفر جو ذڪر ڪندو آهي ته شاهه جي سُر سامونڊي جا بيت ٻڌائڻ شروع ڪندو آهي، ڄڻ لطيف پورو سُر سامونڊي لکيو ئي قومي تحريڪ جي انهن قافلن تي هجي. چاچا قاسم سومري سنڌ سان پنهون بڻجي عشق ڪيو آهي. جيتوڻيڪ! سنڌ جي هن اڙانگي پيچري تي هلندي ڪيترا ئي يار دوست ڇڏي ويا آهن، ڪيترا ئي محبوب منهن موڙي ويا آهن، پر پاڻ وري به مرشد لطيف جي رهنمائيءَ هيٺ انهن سان ناتو ڳنڍيو اچي، هو ڇنڻ جي ڪن پاڻ ڳنڍيندو رهي ٿو.
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا
يا وري مرشد لطيف هيئن ٿو اتساهي ته؛
ڇِنن توءِ مَ ڇِن،پاءِ اُميري ان سين،
جي اوڳڻ ڪنئي، اسُونهين! ته تون ڳُڻان ئي ڳِن،
پانڌ جهليو تون پِن،هن سُونهاري سَڱ ۾.
چاچا قاسم سڄي زندگي مرشد لطيف جي انهيءَ بيت تي عمل پيرا رهندي دوستن جي نفرت کي محبت ۾ بدلائيندو رهيو، هنن جي اوگڻن کي انهن جا گُڻ سمجهي ڳائيندو رهيو آهي. پاڻ سچ پچ ته آدرشي انسان آهي. هن جا سڄي زندگي ڪنهن سان به اختلاف نه رهيا، جي ڪنهن سان اختلاف رکيائين به ته سنڌ ڪاز خاطر. سندس دوستيون به انهن ماڻهن سان رهيون آهن، جن جو سنڌ سان سنٻنڌ هوندو. هن جي اکين جڏهن به ڪو خواب ڏٺو ته اهو صرف ۽ صرف سنڌ جي خوشحاليءَ جو خواب ڏٺو. پاڻ ڪُل وقتي ڪارڪن آهي، هن وقت عمر رسيده ٿي وڃڻ باوجود ماڻهن جي مسئلن ۾ گھيريل نظر ايندو آهي، طبيعت جي ناچاڪيءَ جو به خيال ناهي ڪندو. هن گھر ۾ هڪ بهترين لائبريري قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ تاريخ، سياست، ادب، شاعري، مذهب ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن جا هزارين ڪتاب موجود آهن، پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ نسيم نگر واري علائقي ۾ رهائش پذير آهي.
¤ ¤ ¤ ¤ ¤