شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو : زخمي چانديو

سنڌ جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته ڪيترائي اڙٻنگ، جانٺا جوان پنهنجي تاريخ پاڻ لکندي، غلاميءَ جي ديوارن کي ٽوڙيندي، آزاديءَ جھڙي خوبصورت مقصد کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي، جدوجھد جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺل نظر ايندا. انهن اڙٻنگ جوانن ۾ آزاديءَ جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺل نوجوان ويڪري ڇاتي، ڀنڀي ڏاڙهي، اکين ۾ آزاديءَ جھڙو خوبصورت خواب، سيني ۾ ڌرتيءَ دشمنن لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ، هٿ ڪنهن به لرزش کان آجا، مسلسل ٽريگر تي ڄميل نظرون، مسلسل ڌرتيءَ دشمنن جون راهون تڪيندي، ڳالهائڻ جي لهجي ۾ شينهن جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ته پڪ سمجهو اهو ڪو رياست جو جاسوس نه پر پنهنجي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندڙ ديش ڀڳت آهي. هن ديش ڀڳت پهرين مئي 1961ع تي ضلعي شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو، زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽيءَ ۾ زخميءَ جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو.
زخمي چانڊيو، سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو. هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي پاڻيءَ مان سرڪيءَ ڀَريندڙ هيءُ نوجوان، جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان. ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشنِ لطيف، جشنِ جي. ايم. سيد جھڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءِ انهن جو سواڳت ڪري ٿي؛ ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، تيئن هو وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت هيءُ پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو. ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي، ته اُتر سنڌ جا چانڊيا پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار، پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ڪن، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن؛ پر هيءُ سيد جو ڏِنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ، دولهه دريا خان ۽ راجا ڏاهر واري واٽ وٺي نڪتو. ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪيائين، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري، ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري!؟
زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته پاڻ نه صرف آزاديءَ جو گوريلو هو، پر پاڻ نهايت ئي ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. زخمي چانڊيي ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي قوم جي مستقبل، ٻارڙن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي تعليم ڏيڻ لڳو. هن اسڪول ۾ پاڪستان جي قومي تراني بدران آزاد سنڌو ديش جو ترانو پڙهائڻ شروع ڪيو. هيءُ مختلف ڳوٺن جي مختلف اسڪولن ۾ مختلف عهدن تي رهيو، پرائمري استاد، آر. پي. هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر طور پنهنجون ذميواريون نهايت احسن نموني نڀايائين؛ ۽ گڏوگڏ ادبي ميدان ۾ به ڪاهي پيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، هڪ ڀيرو رابطا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڪائونسلر رهيو. پاڻ سڄي زندگي جيئي سنڌ محاذ ۽ پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جو ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جي بنياد وجهندڙن مان هو. استادن جي تنظيم گسٽا جو عهديدار ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو. زخمي چانڊيي 1984ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ڪرائي، شاعرن جي اعليٰ صف ۾ شامل ٿيو. جھڙي ريت سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي، اهڙيءَ ريت سندس نثر ۾ به فني ڪماليت جا جوهر پَسجن ٿا.
زخمي چانڊيي ڪيترائي ڀيرا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجون خوبصورت راتيون گذاريون آهن، اتي به سندس جذبو جوان رهيو. آواز ۾ شينهن واري گجگوڙ برقرار رهي. سندس عشق ۽ ايمان ٻئي سلامت رهيا. هيءُ جڏهن به جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ٿي، تڏهن اڳي کان اڳرو، اڃا به سندس تقرير ۾ ڏهڪاءُ ۽ سندس قلم جي جنبش ماٺي ٿيڻ بدران، باهه جا اُلا وڌيڪ ڀڙڪائڻ لڳي. زخمي چانڊيو سنڌ جو سچو پانڌيئڙو ۽ سن جي سائينءَ جو عقيدتمند هو. زخمي چانڊيو سنڌ جو سپوت شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ للڪار آهي، ڪٿي به آڻ نه ٿو مڃي. سندس گيت جي هن بند ۾ سندس تخيلّ جي اڏام کي محسوس ڪري سگهجي ٿو:

تُون چاهين ٿو مان ڪين ڪُڇان، تُون ظُلم ڪَرين مان ڪِين لُڇان!
پَر توکان هِڪڙي ڳالَهه پُڇان، مان ڪِين لِڪايان دِل جِي بُڇان؟
هِن سِر ۾ جيسين سَاهه اَٿم، آزاديءَ تي ويسَاهه اٿَم،
هڪ سن جو سيد وارث آ، ٻيو وارث ڀٽ جو شاهه اٿَم،
ٿو جِيئان زخمي شينهن جِيان، ها! جيسين سنڌ تي ساهه ڏِيان.

زخمي چانڊيي پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو، سندس وڏو پٽ خالد ريڊيي تي پروڊيوسر آهي ۽ ننڍو پٽ ساجد ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي، هيءُ پڻ مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي درد ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. زخمي، جنهن سڄي زندگي برادريءَ جي تڪرار خلاف آواز اٿاريو، برادريءَ جي جهيڙن جي خلاف جنگ وڙهڻ وارو هيءُ انسان، انهن ئي جهيڙن جي ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجي ويو! زخمي چانڊيو 24 آڪٽوبر 2000ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي وڃي پنهنجي محبوب رهبر سان مليو، ا ڄ سندس يارهين ورسي آهي، 12سال گذرڻ باوجود زخميءَ جو نالو ماڻهن جي دل تان اڄ به اُسريو ناهي.

¤¤¤¤¤