شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

نيڻ ننڊاکا ۽ دل گهايل : ماٺيڻو اوٺو

مون سنڌو تنهنجو گيت لکيو
ڄڻ سڏڪن جو سنگيت لکيو
”ماٺيڻو“

صوفين جي سرزمين سنڌ، وڏا ذهين ۽ اسڪالر پيدا ڪيا. ٿر جي هن ننڍڙي خطي پڻ اُملهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن نه صرف ٿر جي ڀٽن جو مانُ رکيو آهي پر سڄي سنڌ جو ڪنڌ اوچو ڪيو آهي. ٿر جي ڀِٽن، ڏهرن وچ ۾ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ اسان جو هيءَ شاعر ماٺيڻو اوٺو به انهن مان هڪ آهي. ٿر جو هيءُ ننڍڙو نينگر ايڏو وڏو ذهين ٿيندو، عمر جي ٿوري عرصي ۾ وڏو نالو ڪمائي، اعليٰ تعليم پرائي، دوستن جو ججهو ميڙ ٺاهي، اڻ ڳڻيون محبتون ميڙي، ائين جلدي سنڌوءَ جي ڇولين سان ڀاڪر پائي هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويندو، اهو پَتو سندس چاچي بلاول کي به ڪين هو. هن جي وڇوڙي تي چاچي بلاول جي اکين، هن کي ڏوراپو ڏيندي چيو هو، ماٺيڻا تون ته روپلي جو روحاني وارث هئين، جنهن انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي ڪارونجهر جبل جو تحفظ ڪيو هو، اڄ اهو ڪارونجهر جبل ۽ روپلو تاريخ جا اَمر ڪردار آهن، انگريز سامراج جو نالو نشان ئي هن پويتر مٽيءَ تان مٽجي ويو. ماٺيڻا! تون ته ٿر جو محافظ هئين، تنهنجي اکين ۾ ٿر جي مائرن اُميدن جا خواب پوکيا هئا، تون انهن خوابن کي چڪنا چور ڪري وئين، تون ته ٿر جي تپندڙ واري ۽ ڪاڙهن جو ڪڙهيل هئين، پوءِ ڪيئن محبتن جي هٿان مات کائي وئين...!؟
ماٺيڻي اوٺي 1954ع ۾ ڳوٺ بلاول اوٺو، (خانور )علي محمد اوٺي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ جا پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ ۾ پڙهيو ۽ ميٽرڪ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. پڙهائيءَ سان گڏوگڏ هن مسڪين جھان خان کوسي واري سماجي ڪمن جي صليب پڻ پنهنجي ڪلهن تي کنئي. ماڻهن جي عام ڀلائيءَ جي لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. هن جي ذهن جي پرک ڪندي سندس محسن چاچي عبدالهادي اڳتي پڙهائڻ جو فيصلو ڪري، کيس ميرپورخاص ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني، جتان هن انٽر سائنس 1972ع ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1975ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي؛ ۽ پوءِ سنڌ جي نامياري ڊرامه نويس ۽ ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي جي نظر ماٺيڻي جي تخليقي ذهن جي پرک ڪندي، هن کي مهراڻي جي ڀٽن تان کڻي محبتن جي شهر ڄامشوري آندو ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سان ملايو (جيڪو ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو). شيخ اياز هن جي ذهانت ڏسي، کيس انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ اسسٽنٽ لئبرين“ طور مقرر ڪيو. جتي هن پنهنجي، پاڻ کي مڃايو. هن سنڌالاجي لئبريريءَ کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان سينگاريو ۽ سنواريو. ماٺيڻو سنڌالاجيءَ جو ڪمپيوٽر هو، ان وقت تائين اڃا ڪمپيوٽر عام ڪونه ٿيو هو، ماٺيڻي پنهنجي ذهن جي ڪمپيوٽر ۾ سمورا ڪتاب، ليکڪن جا نالا ۽ المارين جا نمبر سيو (Save) ڪري ڇڏيا هئا. ڪنهن به پڙهندڙ کي لئبرريءَ ۾ ڪتاب ڳولڻ ۾ مشڪلات پيش ڪانه ايندي هئي. اڳتي هلي ماٺيڻي نوڪريءَ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايوننگ ٽائيم ۾ لائبرري سائنس ڊپارٽمينٽ مان ڊپلوما جو ڪورس ڪيو ۽ سڄي سنڌ مان ٽيون نمبر حاصل ڪيائين. ماٺيڻو جينيس ته شروع کان ئي هو، وري جو هن کي هيڏي وڏي لئبرري مطالعي لاءِ ملي، جنهن هن جي تخليقي سگهه کي شاعريءَ جي روپ ۾ نروار ڪيو:
ياد اچي ٿو مونکي تنهنجو آڌي رات پڄڻ،
هاڻي روئندو روح رهي ٿو، وسري ويم مرڪڻ!
تنهنجي چاهه چوايا مونکان، گهايل گيت غزل:
سانئڻ! تو بن مان ته، ڏهر ۾ روهيڙي جو وڻ!
ماٺيڻي کي علمي ادبي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاه هوندو هو، هن لکڻ جي شروعات اسڪول جي زماني کان ڪئي، لاتعداد شاعري، ڪجهه ڪهاڻيون، ڪجهه ريڊيائي فيچر ۽ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيائين جيڪي اُن وقت جي مايه ناز رسالي مهراڻ ۾ ڇپيا. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”وڇوڙي جا گيت“ جيڪو ماٺيڻي جي هميشه ماٺ ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي شاخ پاران 1983ع ۾ ڇپيو. جڏهن سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا ٿي آيو تڏهن هُن، هِن جي ذهني قوت کي محسوس ڪندي، کيس لئبرريءَ ريسرچ لاءِ ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو؛ ۽ هن جي سي وي فارين يونيورسٽي موڪلي؛ پر بدقسمتيءَ سان هن جي ٻاهر وڃڻ جا ڪاغذ هن جي ڪُمهلي موت کان ٽي مهينا پوءِ ٺهيا. ڇو ته ماٺيڻي سنڌالاجيءَ لاءِ تمام گهڻو پورهيو ڪيو هو، هن ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي 1973ع کان 1979ع تائين ترتيب ڏني، جيڪا سنڌالاجيءَ طرفان 1989ع ۾ شايع ٿي. ماٺيڻي لائبريري سائنس ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا.
ماٺيڻو گهڻ پاسائين شخصيت هو. هو طبيعت ۾ توڙي جو واقع ماٺيڻو هو، پر هن جي ٽهڪن جي گونج اڄ به سنڌالاجيءَ جي هر ڪنڊ پاسي ۾ گونجي ٿي، هو بهترين سماجي ورڪر ۽ بهترين شاعر هو. هن جي شاعريءَ جا سلا ڦٽا ته مُهراڻي جي ڀٽن تي هئا، پر انجي خوشبوءِ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. ماٺيڻي جي شاعري پهريون ڀيرو نامياري دانشور عبدالواحد آريسر پنهنجي انقلابي رسالي ”پيغام“ ۾ ڇپي هئي، جنهن رسالي تي ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾ پابندي وڌي وئي هئي. آريسر صاحب ماٺيڻي جي هن شعر کان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ”رُوح جا ريلا“ رکيو.
رُوح جا ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سڏڪي ساريان
ڍوليا ويٺي واٽ نهاريان!
ماٺيڻي جي شاعريءَ ۾ مُهراڻي جي مٽيءَ جي خوشبوءِ، ڄامشوي جي حسينائن جا ٽهڪ ۽ سنڌ جو درد آهي، سنڌڙي ماٺيڻي جي جندڙي هئي.
سنڌڙي منهنجي جندڙي آ، سنڌڙي منهنجي جيجل ماءُ
پل ۾ مران ٿو پل ۾ جيئان ٿو، پلپل پُور پچايان ٿو،
ماٺيڻي جي سنڌي ادب جي وڏن نالي وارن ڏات ڌڻين سان دوستي هئي، هن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي سايي ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرايو، هن جي ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، تاج جويي، نصير مرزا ۽ نياز پنهور سان دوستي هئي، پر افسوس انهن دوستن مان ڪنهن به هن کي ورسيءَ جي موقعي تي ياد ڪرڻ ضروري ڪونه سمجهيو! ياد ته هن کي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌالاجيءَ وارن به ڪڏهن ڪونه ڪيو، جنهن اداري جو هو خوبصورت حصو هو. وري به شابس آهي زاهد اوٺي کي، جنهن هن جو تخليقي پورهيو سهيڙي ”رُوح رنو اڌ رات“ ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ماٺيڻي کي ٻيهر زنده ڪيو؛ نه ته ماٺيڻي وانگر سندس شاعري به سنڌوءَ جي پولارن ۾ گم ٿي وڃي ها، ۽ اسان جو ايندڙ نسل هن شاعر جي نالي کان محروم رهجي وڃي ها. ماٺيڻو 15 فيبروري 1981ع تي پنهنجي شاعريءَ جي صليب، پنهنجي چاچي بلاول جي ڪلهن تي رکي، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو. اسان لاءِ ڇڏي ويو ته صرف يادون ، سندس دوستن جي چوڻ موجب ماٺيڻي خودڪشي ڪئي هئي، ڪن دوستن جو خيال آهي ته ماٺيڻو قومي تحريڪ ۾ سرگرم هيو، جنهن ڪري رياست، کيس راهه تان هٽايو آهي. بر حال جيئن به ٿيو، ماٺيڻي جو موت عشق هٿان ٿيو، پوءِ اُهو عشق ڌرتيءَ جو هجي يا سرتيءَ جو هجي.
¤¤¤¤¤