شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

سنڌ جاڳي پئي! : نياز همايوني

آئون نه ڄاڻان ٻولي ٻي، آئون نه ڄاڻان وِرد ورود،
ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙهان ٿو ان تي لک درود،
سنڌ موجود حق موجود!
سنڌ موجود حق موجود!
هي سٽون ان شاعر جون آهن، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي انقلاب جي آواز کي جهرجهنگ تائين پهچايو. سن جي سيد جي فڪر کي اُجاگر ڪرڻ ۾ هن شاعر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. پر افسوس جو اڄ هن شاعر کي نه صرف سيد فيملي وساري ڇڏيو آهي. پر سيد جي ڏنگن ٻارن به هن شاعر جو ڏهاڙو ملهائڻ گوارا ڪونه ڪيو، نياز همايوني شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي، همايون ۾ هڪ غريب پورهيت قائم الدين همايونيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. (شڪارپور اسان لئه تمام وڏي معنيٰ رکي ٿو. سنڌ جي ڀٽائيءَ کانپوءِ تمام وڏي شاعر ساميءَ جي مڙهي شڪارپور ۾ آهي، ته شاهه لطيف جي تسلسل شيخ اياز جي جنم ڀومي به شڪارپور آهي؛ ”آڌي رات آزادي“ جھڙو شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪندڙ نثار هَڪڙو به شڪارپور جو آهي، ته سنڌ جي آزاديءَ جو منگل پانڊي شهيد قيوم منگي- جيڪو ڪراچيءَ ۾ پنجاب سامراج جي گولين جو کاڄ بڻيو اِهو به شڪارپور جو آهي. ته هارون چني جهڙو مصور به شڪارپور جو آهي، جنهن جي سنگتراس هٿن ۾ جڏهن به قلم آيو آهي ته هُن اهڙا ته چِتر چٽيا آهن، جو ڏسندڙ دنگ رهجيو وڃي)
نياز همايوني غربت ۽ مفلسيءَ واري زندگيءَ کي ته قبول ڪيو، پر ڪنهن جي اڳيان آڻ نه مڃي. مدد علي سنڌي ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي، ته نياز جڏهن ٻي شادي ڪئي، ته ان مان هڪ ننڍڙي به هئس. هڪ ڀيري گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ۽ ان ننڍڙيءَ پنهنجي امڙ کي روئندي چيو، ته هن کان ته پاڻ پهرئين گهر ۾ خوش هئاسين؛ ته نياز جي اکين مان لڙڪ نيسارا ڪري وهڻ لڳا، ۽ پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ گاڏيءَ کاتي ۾ حمالپو ڪري، ٻارڙن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺي آيو. اهڙن مرحلن مان گذري ماڻهو پنهنجو ايمان سلامت رکي، ۽ طِبي ڪاليج جي ڊائريڪٽر جي عهدي کي ٺڪرائي ڇڏي ته ان کان وڌ ٻي ڪهڙي خودداري ٿي سگهي ٿي! اندر ۾ سنڌ جي ڀڙڪندڙ درد، هن کي شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؛ ۽ شڪارپور ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائين ۽ سنڌ جي لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ ڪاهي پيو. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نوجوانن جي سينن ۾، جلندڙ باهه کي اڃا وڌيڪ ڀڙڪايو. نياز ان دؤر ۾ هي سِٽون لکيون، جنهن دؤر ۾ سنڌ جو نانءُ وٺڻ، ڪاريهر تي پير ڏيڻ جي برابر هيو:
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو، بيدار ٿيو!
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
نياز همايوني، عبدالواحد آريسر سان روم پارٽنر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي به ويجهو رهيو.
مون کي الائي ڇو اياز ۽ نياز ٻنهي جي شاعريءَ ۾ هڪجھڙائي محسوس ٿيندي آهي. هڪڙي شهر جا هئڻ ڪري، يا ٻنهي جي نالن جي هم آواز ڪري، يا وري انهيءَ ڪري جو، ٻنهي جي سيني ۾ سنڌ جي لاءِ هڪڙو درد هو، يا ٻئي سن جي سيد جي فوج جا سپهه سالار هئا. ان ڪري، نياز هڪڙي دؤر ۾ سنڌ کان خوبصورت انداز ۾ آسيس ٿو گهري:
سنڌ، اي سنڌ! منهنجي ايامن جي سنڌ!
مونکي آسيس ڏي! منهنجي خوابن جي سنڌ!
تنهنجي گيتن کي سنگيت ڏيندو رهان،
تنهنجو چارڻ ٿي، هيءُ سين هڻندو رهان:
سنڌ جاڳي پئي! سنڌ جاڳي پئي!
نياز هر موضوع تي لکيو، ۽ سنڌ جي هر ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت انداز سان چٽيو آهي. هن ٻاگهيءَ تي لکيو، مارئيءَ تي لکيو، هن هوشوءَ تي لکيو، هيمون تي لکيو، هن ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ تي لکيو، هن مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت تي لکيو، سنڌ جي سرتاج شاهه لطيف تي لکيو ته سن جي سائين جي.ايم سيد تي لکيو، هن پٺن اگهاڙن هارين تي لکيو، پيٽ بکايل ٻارن تي لکيو، پر هن جيڪو به لکيو، جنهن تي به لکيو، سنڌ تي ئي لکيو. هن جي سنڌ سان اهڙي ته ڪمٽمينٽ (commitment) هئي، جو هن کي ڪير به خريد ڪري نه سگهيو. هو نه وِڪيو، نه جهُڪيو. هميشه اڏول ۽ اِرادي تي مضبوطيءَ سان قائم رهيو. هو جيترو جذباتي هو، اوترو ئي حساس به هيو، جو هن ڌرتيءَ جي عشق ۾ سرتيءَ کي به وساريو ڪونه. هن شعر ۾ کيس ياد ڪري ٿو:
جڏهن به تنهنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي،
ماڪ جيان ٿا ڳوڙها ڳاڙيون، ميڻ جيان دل پگهري ٿي.
ـــ
تنهنجي سٻاجهي صورت سان جي هيڪر اکڙيون چار ٿين،
برهه اسان جو بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين.
نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ مترجم ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي سنڌي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مختلف مدرسن مان فارسي ۽ طِب جي تعليم مڪمل ڪري، حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو؛ ۽ پنهنجو دواخانو قائم ڪيائين. ڪجهه وقت حيدرآباد جي طِبي درسگاهن ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين.
نياز همايوني شاعريءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب، اردو ۽ فارسيءَ مان ترجما ڪيا؛ جيڪي تمام ناياب آهن. نياز همايوني سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو نياز جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپرائي، جيئن اسان جي نئين ٽهي، جيڪا نياز همايونيءَ جي نالي کان اڻ واقف آهي، ان کي خبر پوي.
نياز همايونيءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1- فرهنگ جعفري (3 جلد) قديم طِب جو ڪتاب، سڌاري تيار ڪيل، (1960ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
2- ديوانِ مفتون (مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو ڪلام)، ترتيب، (1973ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
3- هفت زباني لغت (1974ع)، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
4- ساڻيهه جي ساک (دودي چنيسر جو داستان: شاعري)، (1975ع)، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.
5- سنڌ جي طِبي تاريخ (2 جلد- 1976ع)، سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
6- ڌرتيءَ جا گيت (قومي شاعري)، 1978ع، پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو انعام يافته (ضبط ٿيل).
7- ملوڪ الڪلام (خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي ڪلام جو سوانح سميت، منظوم فارسي ترجمو) 1977ع، همايون پبليڪيشن، حيدرآباد.
8- سندهي نامه (اردو)، 1978ع مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
9- تاريخ مظهر شاهجھاني (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، 1979ع: ٻيو ڇاپو 1994ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
10- انتخابِ سندهي شاعري: 1987ع، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد.
11- آهوانِ صحرا (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو)، 1988ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
12- تاريخ طاهري (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، تصّوف جو ڪتاب ۽ شيخ مغل ڀينءَ جي سوانح، 1989ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو.
13- مفصود العارفين (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو: 1988ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
14- آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (صوفي درياهه خان جو ڪلام)، 1993ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
15- راهِه عشق (علامه خمينيءَ جي فارسي رومانوي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو)، 2003ع، خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد.
16- تازن معرڪن جي تاريخ (”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمو) 2005ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
17- فرهنگِ همايوني (طِبي لغت) 2004ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
18- ڪُلياتِ پير محمد اشرف ڪاماري وارو: 1997ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
19- رساله اويسيه (شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وچ ۾ خط و ڪتابت: فارسيءَ مان ترجمو) 2005ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز/ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
20- دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت (ساڻيهه جي ساک ۽ ڌرتيءَ جا گيت، گڏيل ٻيو ڇاپو)، 2009ع، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
21- مخدوم نوح جو قرآن پاڪ (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)

اڻ ڇپيل ڪتاب
1- اذان العارفين (شاهه عبدالڪريم جي بيتن جو مڪمل ۽ منظوم اردو ترجمو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
2- سنڌي رانديون (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
3- سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون) سنڌ جي طبيبن جو احوال
4- اڪ پچيءَ ٿيا انار (سنڌي ڪلاسيڪي شاعري: چونڊ ڪلام)
5- جتي منهنجا ماروئڙا (يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا ورق)
6- اردو ۽ فارسيءَ ڪلام جي سنڌي ترجمي جو مسودو، (ترتيب هيٺ)
7- دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل (مزاحيه شاعري)، ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
8- ڏکيا سکيا ڏينهن (آتم ڪٿا- اڻ پوري) ۽ ڪالم.
9- شاهه جو گنج، منظوم اردو ترجمو.
10- گلبانگِ لطيف (شاهه لطيف جي مختلف سُرن جو منظوم فارسي ترجمو)
11- اوٺاڻيون اويس جون (انگريز دؤر جي گمنام عوامي شاعرن جو ڪلام)
12- اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال (اخبار ڪٽنگس)
13- سمندر ڪي سانس (ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌيءَ مان اردو منظوم ترجمو)
14- ڪالم، مضمون، مهاڳ (ڪتاب جيترو مواد)
نياز همايوني هڪ فرد نه، پر اداري جي حيثيت رکندڙ شخص هو، سنڌ جي هن عالم جو پورهيو، ڪاٿي لڳائڻ کان تمام گهڻو آهي. آريسر صاحب خاڪي جويي لاءِ چيو هو ته، خاڪي جويي سنڌ جي نقشي جيترو ڪم ڪيو آهي، ساڳيا لفظ آئون نياز همايونيءَ لاءِ به لکان ٿو ته هُن سنڌ جي نقشي کان به گھڻو ڪم ڪيو آهي. سندس محنتن جو اُجورو اسان ڏيون ته به نٿا ڏئي سگهون. نياز همايونيءَ جو هيءُ پورهيو، شل سنڌي ماڻهن جي جذبن کي جاڳائي. منهنجي خيال ۾ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي تي اِها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته هو نياز جي پورهيي کي منظر تي آڻي نوجوان نسل کي نياز جي علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن کان واقف ڪن. سنڌ جي هن محبِ وطن عالم، نياز همايوني 2 جنوري 2003ع تي راهِه رباني ورتي. پويان ٻن پٽن، ٻن نياڻين سميت، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. سندس اولاد ۾ ننڍو پٽ پرويز نياز، هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي؛ سندس نثر تمام سٺو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندس لکڻيون اخبارن جي زينت پڻ بڻجن ٿيون. وڏو پٽ اويس نياز به ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.

¤¤¤¤¤