شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

مُحبت ۽ دانش جو ڀَنڊار: نِثار هَڪڙو

دنيا ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ويهن ٿا. ڪي ماڻهو پوري زندگي، بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي خفن ۾ گذاري ڇڏين ٿا ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ مٽجي وڃن ٿا، ته ڪي ماڻهو سڄي زندگي عظيم مقصد جي لاءِ وقف ڪري ٿا ڇڏين ۽ پنهنجي تاريخ پاڻ لکي ٿا وڃن. زندگيءَ جي اهڙي سرشتي ۾ شڪارپور جي تاريخ انتهائي عظيم ۽ محب وطن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن نه صرف پنهنجي تاريخ پاڻ لکي آهي، پر قومن جي تاريخ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. شڪارپور جو سنڌي ادب جي واڌاري ۾ نهايت ڪارائتو ڪردار رهيو آهي. هن ادبي کيتر ۾ ڪيترائي ماڻهو آيا، جيڪي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا هليا ويا. ڪن کي ورهاڱي جي وڍ کڻي پري ڪيو، ته ڪن کي وري قدرت جي طرفان عطا ڪيل فرشتن هميشه هميشه جي لاءِ خاموش ڪري، ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح آزاديءَ جي اڙانگي سفر ۾ به شڪارپور پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي.
شيخ اياز، نياز همايوني،، قيوم منگيءَ کان ويندي نثار هڪڙي تائين سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو نڀاءُ ڪيو آهي، نثار هڪڙو قومي تحريڪ جو بهادر ورڪر ۽ سيد جو سچو پيروڪار هو. نثار هڪڙي 12 اپريل 1943ع تي هَڪڙا محلي، جمُاڻي هال، شڪارپور ۾ جنم ورتو. بنيادي مقامي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان گريجوئيشن (MSC Agriculture Department of Plant Breeding and Genetics) ۾ ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر کان ئي جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪيائين ۽ انتهائي بهترين ۽ سچي ورڪر طور فرض نڀايائين؛ ۽ شاگردن جي مسئلن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. تعليم مڪمل ڪري شاگرديءَ واري دؤر کي پڄاڻيءَ تي پهچائي، 16 اپريل 1966ع کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات (Research Officer on Wheat Crop) جي نوڪريءَ طور ڪيائين، جتي 13 سال نوڪري ڪيائين. ان بعد (Officer incharge Cotton Sub-Station) مقرر ٿيو، جتي اٺن سالن تائين پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ (Assistant Oil Seed Botanist) مقرر ٿيو. پنجن سالن بعد کيس (Sunflower Botanist in P.L.480 Project) طور مقرر ڪيو ويو، جتي ٽن سالن تائين محنت سان ڪم ڪيائين. سندس صلاحيتن کي ڏسندي کيس (Rice Botanist PRI, Dokri) مقرر ڪيو ويو، جتي پنجن سالن تائين نوڪري ڪيائين؛ پوءِ جتان بدلي ڪري (Oil Seed Botanist, ARI, Tando Jam) رکيو ويو، جتي ٽي سال نوڪري ڪيائين. نوڪريءَ جا 37 سال خوش اسلوبي سان فرائض سرانجام ڏئي 11 اپريل 2003ع تي رٽائر ڪيائين. ان بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ِ(Extension) ڏئي کيس (Technical Supervisor of Foundation Seed Cell ARI, Tando Jam) مقرر ڪيو ويو، جتي هن ٽن سالن تائين نوڪري ڪئي ۽ ڪيترائي تجربا ڪيا.
نثار هَڪڙي نوڪريءَ جي دوران ڪيتريون ئي ٽريننگون پڻ ورتيون، جن ۾ ٻه ڀيرا ٻاهران به ٽريننگ ڪري آيو. پهريون ڀيرو 1992ع ۾ چاليهن ڏينهن لاءِ ريسرچ مئنيجمنٽ جي ٽريننگ لاءِ واشنگٽن ويو. ٻيو ڀيرو 1995ع ۾ اڍائي مهينا ِ (Evolutional Utilization) جي ٽريننگ فلپائن ۾ ڪيائين. ان کان علاوه ملڪي سطح تي ڪيتريون ئي ٽريننگون ڪيائين. نثار هڪڙو خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، سندس ذهن ۾ ڄاڻ جو اڻکُٽ خزانو محفوظ ٿيل هو. نثار نوڪريءَ جو سڄو عرصو فرض سمجهي ادا ڪيو ۽ سنڌ جي زرعي پيداوار تي تحقيق ڪندو رهيو. ڪيترائي تجربا ڪيائين، جن ۾ چانورَن جون 2 جِنسون (ڪنول 95 ۽ آر.ڊي 64) پنهنجي تحقيقي تجربي جي بنياد تي ايجاد ڪيائين، جيڪي اُن وقت پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ کي پيش ڪري چيائين، ته هي چانور مارڪيٽ ۾ آندا وڃن ۽ هن چانور تي راجا ڏاهر جو نالو رکيو وڃي، جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ اختلاف رکيو ۽ اهو چانور ضايع ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اهو چانور هڪ ٻن ضلعن ۾ جنس طور پوکيو ويو، پيپلز پارٽيءَ جي هن رَوش نثار کي انتهائي وڏو ڌچڪو رسايو ۽ نثار هَڪڙو سڄي زندگيءَ هن گورنمينٽ کان نفرت ڪندو رهيو؛ ڇو ته جنهن گورنمينٽ کي جمهوري گورنمينٽ جو نالو ڏنو وڃي ۽ اها گورنمينٽ آمراڻي رَوَش جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي هيرن جو قدر نه ڪري، ان کان نفرت نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو! ان کان علاوه هن کاڄرو تيل ۽ ڪڻڪ جي داڻن تي تجربا ڪري، وڌيڪ تحقيق لاءِ ٻاهرين ملڪن جي زرعي ماهرن کي موڪليا. اهڙيءَ طرح هن پنج تحقيقي مقالا پڻ لکيا، جيڪي (West Pakistan) زرعي جنرل ۾ ڇپيا ۽ مختلف فصلن جي جديد طرز تي پيداوار بابت سندس ڪيترائي مضمون Agriculture Extension Sindh ۾ وقتن بوقتن ڇپجندا رهيا.
نثار هَڪڙي پاڪ هند ورهاڱي واري صورتحال تي لکيل انگريز ليکڪن جان نيپيري ۽ ليري ڪولن جي ڪتاب (Freedom of Midnight) جو سنڌيءَ ۾ ”آڌي رات آزادي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپيل آهي ۽ اڃا اڌ مسودو ترجمي جي صورت ۾ سندس پونئرن وٽ محفوظ آهي. اهڙيءَ طرح نثار هَڪڙي جي سڄي زندگي تحقيق ۾ گذري، تحقيق جھڙي ڏکئي فن سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. 1975ع ۾ ”هَڪڙا همدرد جماعت“ شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، پيرو مل شاهه ويلفيئر ايسوسيئشن جو تاحيات ميمبر رهيو. سنڌي ادبي سنگت جو سڄي زندگي ميمبر رهيو. ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين، پاڻ سائين جي. ايم سيد جو عقيدتمند هو، سائين پڻ کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، نثار جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) جي قيام ۾ حصو ورتو، ۽ 1974ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي آئين جي تشڪيل ڏيڻ واري ڪميٽيءَ ۾ شامل رهيو. جڏهن جيئي سنڌ محاذ جو بنياد پيو تڏهن پاڻ سکر ڊويزن جو آرگنائيزر هيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات بعد جڏهن جسقم جو بنياد پيو ته کيس جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پاڻ مرڻ گهڙيءَ تائين سيد جي فڪر کي ڦهلائيندو رهيو. نثار هَڪڙو شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ميمبر هو. پاڻ بهترين اداڪار به هو، اسڪولي دؤر ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيائين ۽ بيدل مسرور سان به پرفارم ڪيو هئائين.
نثار هَڪڙو قومي تحريڪ جو روح روان هو، هن سياسي اختلاف هوندي به سماجي واسطا برقرار رکيا. عبدالواحد آريسر جو تمام گھرو دوست هو ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آريسر صاحب سان ڊرنڪ به ڪري وٺندو هو. مون پهريون ڀيرو آريسر صاحب جي ڀاڻيجي جي شاديءَ ۾ ڏٺو، جتي پاڻ سندس گهرواريءَ سان گڏ آيو هو. مونکي هيءُ انتهائي حساس طبيعت جو مالڪ لڳو، ڪيتري دير ساڻس ڪچهري ڪيم، سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ دلڪش هو ۽ وڏي دُور رس نگاهه رکندڙ ماڻهو هو. کيس سياسي، سماجي، جاگرافيائي ۽ زميني تمام وڏي ڄاڻ هئي. ان بعد پاڻ جلد 31 جنوري 2004ع تي وفات ڪيائون ۽ سنڌ جي ڏاهپ جو هيءُ خزانو مَڻين مٽيءَ هيٺان هميشه هميشه لاءِ دٻجي ويو. پونئرن ۾ پنج پٽ ۽ ٽن ڌيئرن سميت سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گهرجي ته سندس ڇڏيل اڌوري مشن کي اڳتي وڌائين ۽ تحقيق جي ميدان ۾ جيڪي شيون اڌوريون رهجي ويون آهن، انهن کي پورو ڪن. آئون سنڌ جي هن قومي ورثي لاءِ امر جليل جا هي لفظ لکڻ ضرور ٿو سمجهان ته: ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي رسندو ۽ رت وري ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“ اسان جي موجوده ٽهي ڪاش امر جليل جي انهن لفظن کي سمجهي!


¤ ¤ ¤ ¤ ¤