شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

سنڌ جو سيلاني : بدر ابڙو

سنڌ جي سونهاري سر زمين عظيم ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فنِ مصوريءَ توڙي ٻين عظيم تخليقن سان سنڌ کي ڪنوار وانگر سينگاري سينڌ ۾ سنڌور ڀري، دنيا جي ملڪن جي صف ۾ مٿانهون ڪري بيهاريو آهي. هونئن به هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ الاءِ ته ڪهڙي مڻيا آهي، جو ماڻهو هن مٽيءَ ۾ ٻاروتڻ ۾ کينچل ڪندي ڪندي، ذهن جي ڪينواس تي تخليق جا سرچشما جذب ڪريو ڇڏي. جيڪي عمر جي وڌڻ سان آبشارن جي صورت ۾ وهڻ شروع ڪندا آهن، ۽ ننڍڙن قطرن جو روپ اختيار ڪري سنڌؤ جي مست الست ڇولين جو رُوپ ڌاري، پنهنجا رستا ۽ پنهنجا وهڪرا ٺاهيندا آهن؛ پوءِ ڪنهن جو رستو لسانيات ذريعي ٻوليءَ جا واهڙ واهڻ شروع ٿو ڪري، ته وري ڪنهن جو تنقيد، تحقيق جا پيچرا لتاڙڻ شروع ٿو ڪري؛ ڪي عظيم مفڪر ٿيو وڃن، ته ڪي وري سيلاني.
انهن سيلانين مان اسان جو سيلاني فقير مست الست، بدر ابڙو به انهن سڀني وهڪرن ۾ وهندو، ٻڏندو، ترندو رهيوآهي. بدر ابڙو سنڌ جو اهڙو سيلاني آهي، جنهن سنڌ ۽ خاص طور کيرٿر جو چپو چپو پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي گهمي ڏٺو آهي. بدر ابڙي جو نالو اسان جي سنڌ جي سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، توڙي سنڌي سماج ۽ سياست ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. کيس ڦُٽيون چونڊيندڙ ڪولهڻ به سڃاڻيندي، ته منڇر تي ٻيڙيون هلائيندڙ ملاحن جا معصوم ٻارڙا به سڃاڻيندا، ته عمرڪوٽ ۽ لاڙ جا جوڳي به کيس گلي لڳائيندا.
بدر ابڙو سنڌ جي تمام وڏي نالي جمال ابڙي جو وڏو موڀي پٽ آهي. جمال ابڙو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهندڙ منصف (جج) هو، جنهن کان ڪڏهن اتفاق سان به ناانصافي نه ٿي هوندي. ان کانسواءِ جمال ابڙي جي ٻي سڃاڻپ سندس ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ خاص طور ”پشو پاشا“ جهڙي مجموعي ته کيس ڪهاڻيءَ جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو بڻائي ڇڏيو. هيءُ مجموعو نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڇپيو آهي ۽ هٿوهٿ وڪاميو آهي، جو هاڻي پبلشرن کي به خبر ناهي ته ڪيترا ڇاپا ڇپجي چڪا آهن؛ پر بدر ابڙو به گهٽ ڪونهي. هيءُ جمال ابڙي جو موڀي پٽ، جنهن جو پيءُ هڪ وڏي ڪُرسيءَ تي ويٺل هجي، ان کي ڪهڙي پرواهه! ان جي باوجود هن نوجوان مزدوريون ڪيون، رڪشو هلائي پنهنجو جيب خرچ ڪڍيو. ائين کڻي چئجي ته هن کي ننڍپڻ کان ئي ذميوارين جو احساس هيو ۽ هن پنهنجي وقت جي هڪڙي پل کي به اجايو وڃائڻ نه پئي چاهيو ۽ نه وڃايو. هن 19 ڊسمبر 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ۽ انٽر کان پوءِ بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1973ع کان هن مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان سنڌي ادب ۾ پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريو، ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ پابنديءَ سان شريڪ ٿيڻ لڳو؛ جتي کيس انور پيرزادي ۽ فقير محمد لاشاريءَ جھڙا مخلص دوست مليا. بدر ابڙي جي ٽنڊي الهيار ۾ پڙهڻ دوران نذير عباسيءَ سان ملاقات ٿي. (شهيد) نذير عباسي به ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هو.
نذير جي وڻندڙ سڀاءُ کيس دوستيءَ جي سڳي ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ هي نذير جو گهاٽو يار ٿي ويو. پر وري اوچتو سندس والد جي بدلي ڪراچي ٿي ته هي ٻئي دوست پکين جي ولر جيان هڪٻئي کان وڇڙي ويا. نذير ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ورڪر ٿي ويو، ۽ پاڻ ادبي دنيا جو حصو بڻجي ويو. پر وري اوچتو 1975-1974ع ڌاري بدر کي دوست جي سڪ ستايو ۽ نڪري پيو حيدرآباد جي پنڌ، ۽ ايس آر ٽي سي جي فليٽن ۾ مزدور يونين آفيس ۾ اچي کيس ڳولي هٿ ڪيائين؛ ۽ پوءِ وڇڙيل يار ڀاڪر پائي مليا. ايئن نذير جي سادگي ۽ رهڻي ڪهڻي کيس ايڏو ته متاثر ڪيو جو کيس آڻي ڪميونسٽ لڏي سان گڏ بيهاريو ۽ جڏهن 1980ع ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لاءِ واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائي ٿي، تڏهن کيس ٻين دوستن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو؛ ۽ هنن دوستن تي خاص فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو، جيڪو ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترم بينظير ڀٽو صاحبه، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمود امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو ۽ کيس ايمنٽي انٽرنيشنل پاران ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو. جيل مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ نذير عباسيءَ جي شهادت کان پوءِ انور پيرزادي جھڙي پياري ماڻهوءَ جي صحبت نصيب ٿي. 1958ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1990ع ۾ روزاني پڪار سکر جو ايڊيٽر ٿيو، بعد ۾ پڪار ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته پاڻ اتي به ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايائين. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن روح رهاڻ جاري ڪئي، جنهن جا 9 پرچا جاري ٿيا.1997ع ۾ پاڻ برسات ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت يوسف شاهين جي ادارت هيٺ نڪرندڙ برسات اخبار جي سرڪيوليشن سڀني کان وڌيڪ هئي، اهڙيءَ ريت هن ٻين اخبارن ۾ سلسليوار مضمون لکيا، جن ۾ ”هي سين“ جي سري هيٺ هلال پاڪستان ”زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر“، هلال پاڪستان ”سنڌ باد“، هلال پاڪستان ، ”وتايو فقير سوچي ٿو“، برسات ”آئينو سنڌ“، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾ لکيائين. ان کانسواءِ هن لاتعداد مضمون، فرضي نالن سان به لکيا. ڪڏهن شهباز لطيف، ڪڏهن مترش، احسان الله، بشير عباسي، آديسي، تمر لاهوتي ۽ سندباد جھڙا نالا استعمال ڪيائين. اهڙيءَ ريت بدر ابڙو اڄ به ڪاوش دنيا ۾ يادگيريون لکندو رهي ٿو. هيءُ اڻٿڪ محنتي انسان آهي. سڄي زندگي سفر ۾ رهيو آهي. نه هن وٽ موضوع ٿا کٽن، ۽ نه ئي هيءُ پاڻ ٿو ٿڪجي؛ واقعي هي سيلاني آهي، بنا لوڀ لالچ جي، کوجنا ۾ لڳو رهي ٿو.
ان کانسواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ تحقيق، تنقيد، ڪهاڻيون، سفرناما ۽ جيل ڊائري اچي وڃن ٿا. بدر صاحب ايترو ته پورهيو ڪيو آهي جو اڄ اسان جي سنڌي قوم سندس اڻکٽ پورهيي جو قرض لاهي ته به ڪيئن؟ سندس ڇپيل پهريون ڪتاب تنقيد نگاري آهي، جيڪو 1985ع ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ ٻيا ڪتاب واري واري سان ڇپجندا آيا، جن ۾ ”رني ڪوٽ“ (1989ع)، هنگلاج ۽ لاهوت (تحقيق 1992ع)، رياست جهنگل جي آکاڻي (ڪهاڻيون: 1992ع)، جيل جي ڊائري (1994ع). هن ڊائريءَ ۾ چئن سالن جي مڪمل روئداد آيل آهي. سنڌوءَ جو سفر (1994ع). هن ڪتاب ۾ سنڌوءَ جو مڪمل سفر ڪيل آهي. هن سفر ۾ انور پيرزادو ۽ ڪليم لاشاري به ساڻس گڏ هئا. هن سفر ۾ کيس ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٿڪجي موٽڻ جو پئي سوچيائين، پر وري به اندر جي سيلاني شخص ٻه وکون اڳتي کڻڻ لاءِ اتساهيو. سنڌوءَ جو اهڙو ڪوبه منظر نه رهيو آهي، جيڪو بدر پنهنجي ذهن ۾ سيو (Save) نه ڪيو هجي يا سندس ڪئمرا جي اک کان گُسي ويو هُجي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ۾ پاڻ لکيو اٿن ته: ”لکڻ جو مرحلو ستن اٺن مهينن ۾ مڪمل ٿيو آهي. پڙهندڙن کي هي محنت قبول پوي. اها ئي منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي. نه ته موٽ ۾ ڇا ٿو ملي، ۽ ڪم ڇا ٿو ڏئي سگهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته لکندڙ لکڻ واري عرصي ۾ وقت ۽ ڏوڪڙن سان گڏ ٻيو ڇا ڇا وڃائي چڪو آهي.“
هڪڙو ماڻهو ستن اٺن مهينن تائين ذهن کي ولوڙي، هڪڙو تاريخ جو سرچشمو اسان جي هٿن تائين پهچائي ٿو، موٽ ۾ ان کي سواءِ رسوائين جي ڪجهه نه ملي، ته ان کان وڌيڪ ٻي بيحسي ڪهڙي چئي سگهجي ٿي! يا وري ساڳئي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”سچ پچ ته مان انهن ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو آهيان، جن سنڌوءَ جي ڪناري ويهي، مونکي عجيب عجيب ڏند ڪٿائون ٻڌايون ۽ احوال ڏنا. يا وري هتي ڏسو، ”مون وٽ ڪنهن به فني شعبي جي مهارت ناهي، مان نه انجنيئر آهيان، ۽ نه آرڪيالاجسٽ، نه ثقافت جي گهڻن تفصيلن کان واقف آهيان ۽ نه ئي پاڻ ۾ ايڏي سگهه رکان ٿو، جو هن ڪتاب کي تحقيقي ڪم چئي سگهان. بس مون اهو ڪجهه لکيو آهي، جيڪو ڏٺو، پڙهيو يا ٻڌو اٿم. صرف هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته پيار جو پورهيو ڪيو اٿم شال قبول پوي.“
آئون سمجهان ٿو ته اها ليکڪ جي وڏائي آهي، جو هو آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي کان وڌيڪ اڪيلي سر ڪم ڪري چڪو آهي. بدر ابڙي، آرڪيالاجسٽ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، فني مهارت اها آهي، جو ڪنهن شڪاريءَ جي بندوق مان نڪرندڙ گوليءَ کان ته ڪو پکي يا جانور بچي سگهي ٿو، پر بدر صاحب جي ڪئميرا جي اک کان ڪو منظر گسي وڃي ۽ اهو بدر صاحب جي ڪئميرا، ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب جو حصو نه بڻجي، اهو ممڪن نه آهي. ان کانپوءِ ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفرنانو: 1996ع)، رني ڪوٽ (اردوءَ ۾ 1997ع)، ماڻهو (1998ع)، سنڌ جو شاهه (2000ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائي هيٺ آهن، جن ۾ کيرٿر جي سفر جا پنج جلد، ”ڪوهستان جو سفر“ ڇپجي چڪو آهي، هيءُ ڪتاب ڪراچي، ٺٽي، ٿاڻي بولا خان ۽ رني ڪوٽ جي ٽاڪرو علائقن ۾ ڪيل سفرن دوران مشاهدي، مطالعي ۽ تحقيق تي مبني آهي. ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“، ”منڇر گورک گاج دنيا“، ”ڪتي جي قبر ڏانهن سفر“ ۽ سيوهڻ جي تاريخ شامل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اسڪيم ۾ ڇپائي لاءِ شامل آهن. ان کانسواءِ موضوع وار انسائيڪلوپيڊيا لاءِ به اهم معلومات تي مبني ڪتاب تيار ڪيا آهن، جن مان ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ ۽ ”منڇر گورک گاج دنيا “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان 2009ع ۾ ڇپجي چڪا آهن.
ان کان علاوه 2002ع ۾ جڏهن اي اين آءِ لاسمو ڪمپني کيرٿر تي هڪ خوبصورت ڪتاب پئي آڻڻ چاهيو تڏهن هنن سيد حاڪم علي شاهه بخاري، انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي جي چونڊ ڪئي، پر هنن سان ان بابت جيڪا ڳالهه مُهاڙ ڪيائون ۽ ان سفر بابت هن ڪمپنيءَ جيڪي شرط رکيا هئا، اُهي سچ پچ ته انتهائي بي رحماڻا هئا.
اسٽامپ پيپر تي لکرايو ويو هو ته آئون فلاڻو پٽ فلاڻي جو لکي ٿو ڏيان، ته جيڪڏهن هن مهم دوران مونکي ڪجهه به ٿيو ته ان لاءِ آئون پاڻ جوابدار هوندس ۽ ان لاءِ لاسمو يا پاسٽيل ڪمپنيءَ کان ڪجهه به دعويٰ نه ڪري سگهندس. هنن کي اهڙي خطرناڪ مهم تي موڪليو پئي ويو، جنهن ۾ ڪنهن به وڏي حادثي جو امڪان هر وقت موجود هو، ماڻهو مري به سگهي پيو، ٽنگ ٻانهن به ڀڄي سگهي پئي، ڦر به ٿي سگهي پئي. سائين حاڪم علي شاهه بخاري ٻڌايو ته واقعي ڦر ٿي به هئي، هي ويچارا مظلوم قوم سنڌ جا فرد ٿي پيا آهن، جي مهاجر يا پنجابي هجن ها، ته هنن کان نه ڪو اسٽامپ لکرايو وڃي ها، نه ٻيو ڪجهه؛ اُلٽو هنن کي ڳرو معاوضو، سيڪيورٽي ۽ پويان خاندان ۽ ٻارن جي سيڪيورٽي به ملي ها. هاڻي توهان اندازو لڳايو ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن سڄي زندگي رِسڪ جي بنياد تي گذاري آهي؛ نه پئسي جي لالچ، نه شهرت جي؛ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجو تحقيقي سفر جاري رکيو اچي، نه ڪنهن تي ڪا ميار، نه ڪنهن تي ڪا الزام تراشي، هر ڪم پنهنجي ذميواريءَ سمجهي نڀائي پيو. پر اسان جي هن قوم جي بي حسي اها آهي جو ههڙن ماڻهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي! هڪڙو ماڻهو سڄي زندگي پورهيو ڪري، هن قوم جي لاءِ کوجنا ڪري، پوءِ به جيڪڏهن ان ماڻهوءَ کي اها پذيرائي نه ملي، ته انتهائي ڏک جھڙي ڳالهه آهي.
هي ڪم جيڪو اسان نوجوانن جو ۽ اسان جي ادارن جو آهي، اهو ڪم هڪڙو سٺ سالن جو ماڻهو ڪري رهيو آهي. سلام آهي سندس مهم جوئيءَ کي، هي سيلاني هر وقت سفر ۾ ڪڏهن کيرٿر ڪوهستان جي سفر تي اُسهيل، ته ڪڏهن وري پيئڻ بلا تي تحقيق لاءِ عمرڪوٽ ۽ لاڙ جو سفر پيو ڪري ۽ جوڳين جي جهڳين ۾ وڃي، انهن کان معلومات حاصل پيو ڪري؛ سچ ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته:
اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
اَٺَئي پَهَرَ اَٿَنِ، سعيو ڪنهن سَفَرَ جو. (شاهه لطيف)
نه ته اسان جي موجوده ٽهي بَلا جو نالو ٻڌندي ئي ڇرڪي پوندي آهي، پر هن فقير ماڻهوءَ کي ڪو ڊپ/ خوف ئي ناهي. ان کان علاوه هن آرٽ ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس به ڪيو ۽ ان سال پاڻ سڄي ڪراچيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئائين. 1986ع ۾ شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيائين.
2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سيل جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر به رهيو، ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان علاوه هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پاران ”انگريزي- سنڌي“ ڊڪشنريءَ جي سلسلي ۾ پڻ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ پاڻ جڏهن به دل ملول ٿي ويندي اٿس، ته شعر لکڻ شروع ڪندو آهي. شاعري به انتهائي گھرائيءَ واري اٿس، سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
بدر ابڙي صاحب پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو آهي. کيس چرندڙ پرندڙ انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ تحقيق، آرڪيالاجي، مجسمه سازي، سير و سفر، لغات تي تحقيق ڪندي گذاري آهي. هونئن به اسان وٽ سنڌ ۾ تمام ٿورا ماڻهو آهن، جن تحقيق جي ميدان ۾ باقاعدگيءَ سان نڀاءُ ڪيو آهي. لغات ۽ لوڪ ادب تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ ڪجهه قدر عبدالڪريم سنديلي جو ڪم سامهون آيو آهي، هاڻي ان پاسي ماٺار ڇانئجي چڪي آهي. آرڪيالاجيءَ ۾ بدر ابڙي، حاڪم علي شاهه بخاري، اشتياق انصاري، محمد عثمان ميمڻ، انور پيرزادي، انب گوپانگ ۽ چند ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته ههڙن ماڻهن جي محنت جو قدر ڪري، هنن محبت جي متلاشين کي پورهيي جي موٽ ۾ ٻيو نه، ته به ڳراٽڙي پائي، جَسُ ته ڏيو. هيءُ فقير ۽ سيلاني ماڻهو آهن، هنن ماڻهن لاءِ توهان جي پيار مان پاتل ڳراٽڙي ئي وڏي ۾ وڏو اُجورو آهي.

¤¤¤¤¤