شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪنڊا مون پيرين.....!

سنڌي ادب ۾ هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو مقام ۽ مرتبو آهي، جن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ وسان ناهي گهٽايو. سنڌ ۾ اهڙو ڪو موضوع ناهي بچيو، جنهن تي لکيو نه ويو هجي. البته ڪن پاسن تي گهٽ ضرور لکيو ويو آهي. منهنجي هيءَ محنت ڪا مهانتا لهڻي ٿي يا نه! ان جي دعويٰ ته آءٌ هرگز نٿو ڪريان ۽ نه ئي وري ڪو آئون اديب ئي آهيان. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي هر هڪ سنڌيءَ مٿان اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري! ان ذميواريءَ کي محسوس ڪندي ڪجهه شخصيتن جي زندگيءَ تان زنگ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ان ۾ ڪامياب به ويو آهيان يا الائجي نه!! پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن. ڪنهن به شيءِ لاءِ هام هڻڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر عملي طور جڏهن ڪجهه ڪجي ٿو ته خبر پئجي ٿي وڃي. مون جنهن موضوع کي هٿ لاتو آهي، ان تي سائين جي.ايم.سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالقادر جوڻيجي، ماهتاب محبوب، دين محمد وفائي، يوسف سنڌي، خادم حسين چانڊئي، عبدالجبار جوڻيجي، ناز سنائي، رسول بخش درس ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تائين انيڪ ڪردار آهن. جن ان موضوع کي باريڪ بينيءَ سان جاچيو آهي. منهنجو هيءُ ڪتاب به ان ڪوشش جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل اهڙيون ڪيتريون ئي شخصيتون آهن، جن جو تاريخ ۾ ته وڏو ڪردار آهي، پر تاريخ جي گمنام گهٽين ۾ گم ٿي ويل آهن. مون هي ڪتاب آڻي، انهن شخصيتن مٿان ڪو احسان ناهي ڪيو، نه ئي وري آتم ڪٿائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪئي اٿم، پر هي ڪتاب آڻي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ضرور اُڇلايو اٿم، جنهن جون لهرون اگر ڪناري کي ڇُهي وٺن ٿيون ته مون لاءِ يقيناً خوشيءَ جي ڳالهه ضرور هوندي.

وساري ته آءٌ انهن دوستن کي به نٿو سگهان، جن جي ساٿ ۾ سلهاڙجڻ بعد ئي اوهان جي آڱرين جو ڇُهاءُ هن ڪتاب تي پئجي سگهيو آهي.آئون ناز سنائيءَ جو شڪرگذار آهيان، جنهن هي ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ ڇپائي، سنڌ جي هنن ڪردارن کان پڙهندڙن کي واقف ڪرايو آهي. پنهنجي پياري آسي زمينيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو نه صرف مُهاڳ لکيو، پر ڪتاب کي ايڊٽ پڻ ڪيو. نواز خان زئور جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيو ۽ احسان لغاريءَ جو به آءٌ احسانمند آهيان، جيڪو وقتن بوقتن هن ڪتاب کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ آئون تولارام سوٽهڙ جو به شڪر گذار آهيان جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو. ان کان علاوه آئون پنهنجن پيارن دوستن ساجد چانڊيي، واحد ڪانڌڙي، راجا ڏاهر هڪڙي، احمد نواز، شوڪت چاچڙ، غلام رسول، علي رضا، هرلال، پرويز نياز، دين محمد لاشاري، وفا مولا بخش ۽ راڻي ساند جون به محبتون وساري نه ٿو سگهان، جي پڻ هن ڪتاب آڻڻ ۾ مون سان گڏ سايي وانگر رهيا. محبتون قائم ته جدائي هرگز ناهي!
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت!

اوهان جي محبتن جو طالب

علي نواز آريسر

Cell: 0346-2242883