شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

سيد جو ساٿي : حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو

هونئن ته سڄي سنڌ سون آهي، پر سنڌ ۾ سن جي مٽيءَ ۾ جيڪا مڻيا آهي، اهڙي مڻيا شايد ڪنهن مٽيءَ ۾ هجي! سن، جنهن کي سنڌ جو سياسي ڪعبو چيو وڃي ٿو. سن، جنهن شاهه حيدر سنائيءَ کان سائين جي. ايم سيد تائين ڪيترن ئي اُملهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، حڪيم محمد صالح ڪانڌڙي به انهي ئي سن جي سنڌوءَ مان سُرڪي پيتي هئي، ۽ انهي ئي سن جي مٽيءَ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو هو. حڪيم صاحب ننڍپڻ کان ئي لا اُٻالائي طبيعت جو مالڪ ۽ خودداريءَ جو پيڪر، پر وري جو سن جي سائينءَ جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليس، ته صفا ساميوادي سنڌي ٿي پيو.
محمد صالح 14 جون 1912ع تي سن شهر ۾ مير خان ڪانڌڙي جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي. پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهي غربت جي پاڙ پٽڻ ۽ ٻه ويلا گهر جي چُلهه ٻارڻ لاءِ محنت ۽ مزدوريون ڪرڻ لڳو، ۽ مزدوري ڪندي سندس ڪنهن هندو پنساريءَ سان مُکا ميلو ٿيو، جنهن کيس حڪمت جا ڪجهه نسخا ڏنا ۽ هيءُ حڪمت ڪرڻ لڳو؛ ۽ پوءِ اڳتي هلي حڪمت جي ماهرن حڪيم گل محمد، حڪيم سيد حيدر شاهه (قاضي احمد)، مولوي نور محمد نوراني (سکر) حڪيم حبيب ا شاهه (جيڪب آباد واري) کان اڃا ڪجهه وڌيڪ نسخا ورتائين، ۽ پوءِ باقاعدي حڪمت ڪرڻ لڳو، ۽گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. اهڙيءَ ريت اسلام آباد جي طِبي ڪاليج مان طِب جي ڊگري پڻ ورتائين، ۽ ان سال پاڻ پوري ملڪ ۾ ڏهين نمبر تي پاس ٿيو.
حڪيم صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين گهر واريءَ مان 10 ٻار 6 پٽ ۽ 4 نياڻيون ٿيس، جيڪي پوري ملڪ ۾ آيل ڪالرا جي بيماريءَ وگهي گذاري ويا، ڏهن ٻارن ۽ سندس ڀاءُ جي وڇوڙي صفا جهوري وڌس. خاندان جو ڏيک ڏيندڙ گهر ۾ صرف پاڻ ۽ سندس امڙ حياتي بچيا. سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙي ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ جو زنده رهڻ ڪيڏو مشڪل هوندو! پر هيءُ زنده دل انسان اهڙي ڏک واري ڪيفيت کي مُرشد لطيف ۽ راضي شاهه جي بيتن سان وندرائيندو رهيو. هيءُ جڏهن به ڏک جي لهر ۾ وٺجي ويندو هو ته شاهه سائينءَ کي وڏي آواز ۾ ڳائيندو هو. جڏهن سندس امڙ اهڙي ڪيفيت ڏٺي ته کيس ٻي شاديءَ جو مشورو ڏنائين، جنهن تي پاڻ صفا نابري واري ويهي رهيو. حڪيم صاحب ڪو هوس پرست ماڻهو ڪونه هو، جو پنهنجي هوس جي پورائي لاءِ ڏهن عورتن سان به گڏ رهي وڃي؛ پر هيءُ ته خدا ترس ۽ انسان دوست ماڻهو هو، جنهن لاءِ پيار ئي سڀ ڪجهه هو. هيءُ صرف محبت ۾ ڏيڻ سکيو هو، وٺڻ نه؛ پر سندس اَمڙ جي ضد کيس ٻي شاديءَ لاءِ مڃائي ورتو، ڇو ته هيءُ پنهنجي امڙ سان بي پناهه محبت ڪندو هو. اَمڙ ئي سندس زندگي هئي، امڙ ئي سندس آدرش هو. حڪيم صاحب تمام وڏو خوددار ۽ وطن دوست ماڻهو هو. سائين جي ايم سيد سان ته صفا عقيدتمندي ۽ محبت هوندي هئس، ۽ پاڻ سائينءَ جي چوياريءَ جو چوٿون يار هو، ۽ سائين به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. حڪيم صاحب گهٽ پڙهيل هئڻ باوجود سائين جي صحبت ۽ محفلن مان رچي ريٽو ٿي نڪتو هو. تمام وڏي ڄاڻ ۽ دُور رس نگاهه رکندڙ انسان هو. ماڻهوءَ کي ڏسنديئي پرکي وٺندو هو ته هيءُ ڪهڙي طبيعت ۽ مزاج جو ماڻهوآهي. منهنجي حڪيم صاحب سان ڪابه ملاقات نه هئي، پر سندس محبت ۾ رهندڙ عبدالواحد آريسر، تاج جوئي ۽ واحد ڪانڌڙي جي واتان اڪثر ذڪر ٻڌندو رهندو هئس، ۽ هميشه پنهنجي پاڻ کي ڏوهي قرار ڏيندو هئس ته اهڙي انسان سان ملاقات ڇو نه ڪيم؛ پر پوءِ هڪ ڏينهن واحد ڪانڌڙي کي چيم ته يار مونکي حڪيم صاحب متعلق معلومات گهرجي، واحد ڪانڌڙي مونکي حڪيم صاحب جي وڏي پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف جو موبائل نمبر ڏيندي چيو، ته ڊاڪٽر صاحب تمام سٺو ماڻهو آهي، ان کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهين ٿو، ۽ پوءِ ڊاڪٽر لطيف کي فون ڪيم، جنهن شام جو ملڻ جو ٽائيم ڏنو. آئون ڊائري ۽ پين کڻي ڊاڪٽر صاحب وٽ پهچي ويس. ڊاڪٽر صاحب تمام سُٺي موٽ ڏني ۽ خاطر تواضع کان پوءِ حال احوال ڪياسين. ڊاڪٽر صاحب مونکي تفصيلي معلومات ڏني، پاڻ انتهائي پيارو ماڻهو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو قرب، ورتاءُ ۽ پيار ڏسي مونکي يقين ٿي ويو، ته جڏهن پٽ ههڙو پيارو آهي، ته سندس پيءُ ڇا هوندو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سن ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه جي تقريب لاءِ هر سال سائين جي. ايم سيد سڄي سنڌ مان ڪهي آيل پانڌيئڙن لاءِ 52 اوطاقن تي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام ڪرائيندو هو، انهن اوطاقن ۾ حڪيم صاحب جي درياء واري اوطاق به اهم هوندي هئي، جنهن تي 1968ع کان 1996ع تائين هر سال 245 ماڻهن جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. حڪيم صاحب اسان کي پابند ڪندو هو ته مهمانن جي خاطر تواضع ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نه رهي، ۽ پاڻ پورو ٽائيم مهمانن سان ڪچهريءَ ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ئي مهمانن جا هٿ ڌورائيندو هو. ڪيترائي نوجوان کيس چوندا هئا ته سائين توهان اسان کي گناهگار نه ڪريو، اسان پاڻ هٿ ڌوئينداسين، ته پاڻ کِلي چوندو هو ته توهان ته سنڌ تان قربان ٿيڻ جي جنگ پيا وڙهو، توهان جي خدمت منهنجي لاءِ اعزاز آهي؛ ۽ پوءِ پڙهيل لکيل ۽ باشعور ڪارڪن حڪيم صاحب کي ڳراٽڙيون پائي روئي پوندا هئا. سائين جي. ايم سيد انهن اوطاقن لاءِ هڪ دڪاندار کي پابند ڪيو هو سامان وغيره لاءِ، پر حڪيم صاحب ڪڏهن به ان دوڪان تان سامان نه کنيو ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندو هو، پر اهو دڪاندار هميشه سائين جي ايم سيد کان حڪيم صاحب جي اوطاق جو بل به وٺندو هو! هڪ ڀيري اهو دڪاندار حڪيم صاحب جي موجودگيءَ ۾ سائينءَ کان بل وصول ڪرڻ آيو ۽ انهي بل ۾ حڪيم صاحب جي اوطاق جو بِل به شامل هو، تنهن تي حڪيم صاحب چيو ته سائين مون ته ڪڏهن به هن دڪاندار کان سامان ئي ناهي ورتو، ته سائين چيو، هيءُ ته هميشه مونکان پئسا وٺي ويندو آهي؛ ۽ پوءِ حڪيم صاحب ۽ سائين جي. ايم سيد ٻنهي ان ماڻهوءَ کي ڪجهه نه چيو، معاف ڪري ڇڏيو! اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون هونديون هيون.
حڪيم صاحب جو سن شهر ۾ حڪمت جو دڪان (لطيف شفاخانو) هوندو هو، جيڪو 24 ڪلاڪ مهمانن جوآستان هوندو هو. پاڻ انتهائي خوش مزاج ۽ ماٺيڻو هوندو هو. سندس گفتگوءَ جو انداز وڻندڙ هوندو هو. هڪ ڀيري سائين جي. ايم سيد وٽ ڪي مولوي صاحبان آيا، جن سائينءَ کي چيو ته توهين هندن کي پاڻ سان گڏ ٿا کارايو، توهانجي ان عمل سان اسلام کي خطرو آهي، ته سائين ان وفد کي حڪيم صاحب ڏانهن موڪليو، حڪيم صاحب سان ڪافي وقت گفتگو ڪرڻ کان پوءِ انهن اسلام بچائيندڙن جو وفد موٽي سائين وٽ آيو، ۽ سائين کي چيائون ته حڪيم صاحب جي اڳيان اسان جي دال نٿي ڳري، هي ماڻهو ته علم جو درياهه آهي؛ جيڪو اسان کي لوڙهي ڇڏيندو.
حڪيم صاحب جا ڪيترائي اُصول ڏاڍا سٺا هوندا هئا. حڪيم صاحب پنهنجي شفاخاني تي ايندڙ ماڻهن ۾ استادن، شاگردن ۽ غريب ماڻهن کان دوادرمل جا پئسا نه وٺندو هو. ان وقت سيوهڻ کان ڄامشوري تائين ڪابه اسپتال نه هئي، جنهن ڪري سندس شفا خاني تي تمام گهڻي رَش هوندي هئي؛ پر مجال آهي جو پاڻ ڪنهن سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائي. ان کانسواءِ پاڻ سائين جي. ايم سيد، مير بنده علي خان ٽالپر، نواب ولي محمد خان ٽالپر، رئيس غلام رسول انڙ ۽ ٻين جو خاص فيملي حڪيم هو. پاڻ گرميءَ جي موسم جو بهترين شربت (ابريشم) ٺاهيندو هو، ۽ اهو شربت سائينءَ کي مسلسل پهچائيندو هو، جيڪو سائين هر ايندڙ مهمان کي شوق سان پياريندو هو. حڪيم صاحب ۽ رئيس علڻ خان ٿيٻو سائين جي. ايم سيد جا اعتماد وارا ماڻهو هوندا هئا.
جڏهن 1971ع ۾ شيخ مجيب جي دعوت تي سائين جي. ايم سيد 17 ماڻهن جو وفد بنگلاديش موڪليو هو، ته ان وفد جا مهندار سيد امداد محمد شاهه، رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو هئا. اتي حڪيم صاحب جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان شيخ صاحب کي تمام گهڻو متاثر ڪيوهو. ان تقريب ۾ مولانا ڀاشاني به موجود هو، حڪيم صاحب ان تقرير۾ مولوين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، ۽ پوءِ جڏهن واپس موٽي سنڌ آيو هو ته پاڪستان جا نام نهاد ادارا وٽس اچي ڪڙڪيا هئا، ۽ چيو هئائون ته توهان بنگلاديش ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان ۾ توهان مولانا ڀاشانيءَ کي نشانو بڻايو آهي. بهرحال پوءِ حڪيم صاحب انهن گهٽ پڙهيلن کي مطمئن ڪري روانو ڪيو هو.
حڪيم صاحب راڳ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. عابده پروين ۽ استاد منظور علي خان کي شوق سان ٻڌندو هو ۽ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف جي شاديءَ ۾ به عابده پروين کي گهرايو هئائين. ان وقت ۾ عابده پروين سان ڏههن هزارن ۾ معاهدو ٿيو ۽ اهو پڻ طئه هو ته جي ڏهن هزارن کان وڌيڪ انعام مليو ته واپس ڪيو ويندو ۽ جي گهٽ مليو ته پورو ڪري ڏنو ويندو. ان تقريب ۾ 12200 رپيا انعام مليو هو، ۽ واعدي موجب عابده پروين 2200 رپيا حڪيم صاحب کي موٽائي ڏنا هئا. جيڪي حڪيم صاحب ان وقت ته رکي ڇڏيا هئا، پر بعد ۾ موڪلائڻ مهل کيس پوتيءَ جا ڪري واپس ڏنا هئا. حڪيم صاحب شاهه سائينءَ جو معتقد هو. اڪثر شاهه سائينءَ جي مزار تي راتين جون راتيون گذاريندو هو.
ان کانسواءِ سندس علمي ادبي ۽ سماجي ڪم به قابلِ تعريف آهن. پاڻ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن سوسائٽيءَ طرفان شهر جي سڀني دڪاندارن کان روزانو پنجن پئسن جي حساب سان چندو ورتو ويندو هو. ان چندي جي پئسن مان اتان جي پسگردائيءَ جي غريب شاگردن جي لاءِ يونيفارم، ڪتاب ۽ فيس وغيره جو خرچ ڀريو ويندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن غريب شاگردن جي مدد ٿيندي هئي. اها سوسائٽي اڃا تائين ساڳئي نموني ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت ان سوسائٽيءَ کي سائين جي. ايم سيد جو پوٽو سيد ضياء شاهه هلائي رهيو آهي، ۽ ان سوسائٽيءَ طرفان هر سال ڪيترائي شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليا ويندا آهن. حڪيم صاحب جو وڏو پٽ ڊاڪٽر لطيف اڄ تائين سوسائٽيءَ جو ميمبر آهي. حڪيم صاحب ٽي ڪتاب به قلمبند ڪيا آهن: (1) مجربات صالحين (2) تجربات صالحين (3) صحبت صالحين، جيڪي هزار هزار صفحن کان به مٿي ۽ اڻ ڇپپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب انتهائي اهم معلومات تي مبني آهن، جن ۾ حڪيم صاحب پنهنجي تجربن جو ڳوڙهو اڀياس رقم ڪيو آهي، حڪيم صاحب پابنديءَ سان ڊائري لکڻ جو عادي هو، سندس ڊائريون ۽ ڪتاب ڇپجن ته هڪ ڪُليات ٺهي سگهي ٿو. حڪيم صاحب جي سوچ جو محور سنڌ، سيد ۽ سنڌي قوم جي لاءِ جاکوڙڻ هو! ۽ هُن واقعي سڄي زندگي جاکوڙيندي گذاري.
حڪيم صاحب پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف حيدرآباد نرسنگ اسڪول ۾ ميل نرسنگ ٽيوٽر آهي. ٻيو نمبر پٽ عبدالستار سيوهڻ ڪاليج ۾ پرنسپل هيو، جيڪو هاڻي جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ٽيون نمبر پٽ مظهرعلي سن شهر ۾ اسپيئر پارٽس جو دڪان هلائيندو آهي، ۽ چوٿون نمبر پٽ علي محمد ڪانڌڙو بلوچستان ۾ ياماها ڪمپنيءَ ۾ ڊپٽي پراڊڪشن مئنيجر آهي. حڪيم صاحب کي ٻي گهر واريءَ مان به ڏهن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن مان چار پٽ ۽ ڇهه نياڻيون اٿس. سندس وڏي نياڻي آپا نذيران حڪيم صاحب سان حڪمت جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي، ۽ پوءِ سن شهر ۾ مڊوائيف طور به ڪافي عرصي تائين غريب عورتن جو علاج ڪيائين. حڪيم صاحب گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سائين جي. ايم سيد سان زندگيءَ جا 52 سال گڏ گذاريائين. 1995ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ صفا ويڳاڻو ٿي پيو ۽ گهڻو عرصو زنده رهي نه سگهيو ۽ آخر 12 نومبر 1996ع تي وفات ڪيائين. ا کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، پاڻ سڄي سنڌ پيرين پنڌ سيلاني ٿي گهمي ڏٺائين، ايران به ويو، عمري جي سعادت به حاصل ڪيائين، حڪيم صاحب جھڙا ماڻهو ورلي جنم وٺندا آهن. سيد فيمليءَ کي گهرجي ته هر سال سن ۾ سندس ورسيءَ جي تقريب ڪوٺائي، سندس خدمتن کان نئين نسل کي آگاهي ڏين. ڇو ته حڪيم صاحب جهڙا ماڻهو قوم جو سرمايو هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ئي تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد رهندا آهن.

¤ ¤ ¤ ¤ ¤