ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا : سيد شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا ماڻهوءَ کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
پاڻ سنڌ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن سان ويجهو رهيو، جن ۾ مخدوم طالب المولا ۽ سائين جي.ايم سيد سان سندس گهري نسبت رهي. سائين جي.ايم سيد جڏهن بزم صوفياءِ سنڌ شروع ڪئي هئي ته ان جو هڪ شاندار جلسو ڊٺڙي شريف ۾ ڪرايو هئائين، جنهن ۾ لاتعداد ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.
عارف الموليٰ جا جڏهن مضمون پڙهجن ٿا ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي انهن شين مان لُطف اندوز ڪندو هجي، سچ ته سندس لکڻيءَ جو انداز ڪيترن ئي ليکڪن کان منفرد ۽ مفڪراڻو آهي، جنهن ۾ فڪر جي گهرائي، وحدت الوجود جو فلسفو، انسانيت جا سمورا گُڻ، گُناهه ۽ ثواب جي ڀرپور لذت ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي، سندس مضمون مان هڪڙو بند آئون هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪو بند پاڻ هڪ ڇوڪريءَ واتان چوايو اٿس.
”هُن بارها پنهنجا چپ منهنجن چپن جي ويجهو آندا، مگر آئون هميشه بچندي رهيس، باقي هيترو ضرور چونديس ته جڏهن هُن جا حسين لب منهنجي لبن جي قريب آيا ٿي ته اُنهن ۾ هڪ قسم جي نهايت لطيف انگيز خلش پيدا ٿِي ٿي ۽ ائين معلوم ٿيو ته منهنجو رُوح ڇڪجي چپن تي اچڻ گُهري ٿو، نيٺ هڪ ڏينهن آئون پنهنجي جذبات کان مغلوب اچي ويس ۽ هُن جا لب منهنجي لبن سان پيوس ٿي ويا، اگرچه ڊسمبر جو مهينو هو مگر منهنجي پيشانيءَ تي پگهر جا قطرا اچي ويا، قلب کي هڪ تڪليف پهتي، ليڪن اُها تڪليف تفريح هئي، ۽ مسرت بخش، تنهنڪري اڄ تائين انهيءَ لُطف کي ياد ڪري پنهنجا چپ چٽي وٺندي آهيان“.
مٿئين اقتباس مان سندس دور رس نگاهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هونئن به جيڪو ماڻهوءَ ٻئي جي دل ۾ داخل ٿي، ان جي دل جي ڳالهه کي جهٽي نٿو، اهو ماڻهو هڪ سِٽ به نٿو لکي سگهي، نه نظم جي ۽ نه نثر جي. مون هن وقت تائين نثر جا ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ شاعراڻو نثر مونکي تمام ٿورن ماڻهن جي نثر ۾ نظر آيو آهي، جن ۾ شيخ اياز، عبدالواحد آريسر، اعجاز منگي، نواز خان زئور ۽ ايوب کوسي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ان کانسواءِ برصغير جي عظيم ڏاهي مولانا ابوالڪلا آزاد جي ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ به شاعراڻو نثر استعمال ٿيل آهي، جنهن لاءِ مولانا صاحب پاڻ ترجمي جي منع ڪئي هئي ته هي ڪتاب جي ترجمو ڪيو ويو ته شاعراڻي نثر جو ذائقو ختم ٿي ويندو. ان نهج جو نثر گهڻي عرصي کانپوءِ عارف الموليٰ جو پڙهڻ لاءِ مليو آهي، جنهن سچ ته دل کي فرحت بخشي آهي، آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته شاهنواز شاهه سان هن وقت تائين حياتي ساٿ نڀائي ها ۽ هو ائين نثر لکندو رهي ها ته يقينن سنڌ جو وڏو نثر نويس شمار ٿئي ها، تنهن هوندي به جي سندس پونيئر سندس ڊائرين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻين ته سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها اضافو ٿيندو. سندس ڪجهه مضمون، اي جانِ جهان تون ڪير آهين، جوڀن، فلسفه عورت، فطرت عورت، عورت مرد لاءِ نعمت آهي، داستان لب چُمي ۽ ڍول مارو منهنجي نظر مان گذريا آهن، جيڪي جنهن وقت به مون پڙهيا آهن، ته مونکي تر و تازه لڳا آهن، سندس ڪافي مضمون مطالعي جي آڌار تي لکيل آهن ته ڪجهه مضمون مشاهدي تي پڻ آڌاريل آهن، جن ۾ ڍول مارو سندس شاهڪار لکڻي آهي، ڍول مارو جي ڪردار کي جيئن شاهه صاحب کنيو آهي ۽ انهن کي گهمائي ڦيرائي پاڻ ۾ هڪ رُوح ڪرڻ تائين ڪمال ڪيو اٿس، آئون ته ائين چوندس ته اهو مضمون جي ڪو مُصور پڙهي ته هو پنهنجي سنگتراش هٿن سان ڍول مارو جا اهڙا نقش چِٽي، جهڙا شايد ڪنهن چِترڪار ڪڏهن چِٽيا هجن! بهرحال سندس نثر جڏهن به پڙهبو اهو تازو توانو، گل وانگر خوشبوءَ سان معطر محسوس ٿيندو، سندس ڪجهه مضمون چاليهه سال اڳ جا لکيل آهن، جيڪي مون پڙهيا ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ سامهون ويهي سندس گفتگو مان لطف اندوز ٿي رهيو هجان. پاڻ هڪ ئي وقت گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس شاعريءَ جي اُڏام ته وسيع هُئي، پر پاڻ ڀلوڙ نثر نويس ۽ اعليٰ پايي جو مقرر به هو. سندس خطابت به ڪمال جي هئي، جو سندس خطبا به جي ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ته انهن جي به ٻوليءَ ۽ اسلوب مضمون جهڙي ٿيندي.
برصغير جي تاريخ ۾ ٻه ماڻهو اهڙا خطيب هئا، جن جي خطابت پيغمبراڻي هئي. هڪڙو جي. ايم سيد ۽ ٻيو مولانا آزاد (ٻنهيءَ جا خطبا ڇپيل آهن) ان کانپوءِ جي ڪنهنجي خطابت ۾ پيغمبراڻو عنصر شامل هو ته اهو شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جي دماغ ۽ زبان ۾ نظر ايندو هو. اڄ سندس پنجٽيهين ورسي آهي ۽ ورسيءَ جي مناسبت سان هي ڪجهه عقيدت جا گل کيس پيش ڪريان ٿو، توڙي جو پاڻ منهنجي هن تحرير کان گھڻو مٿانهون آهي، پر آئون پنهنجو فرض سمجهي ٻه سٽون کيس ارپيان ٿو.
توکان پوءِ چارڻ ڪو نه سُجهي
جيڪو چوري هاڻي چنگ.
(ماٺيڻو اوٺو)
¤ ¤ ¤ ¤ ¤