شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

ماڻهو مڙس مٿير : واحد درس

زندگيءَ ۾ ڪيترن ماڻهن سان ملاقات ٿيندي آهي، انهن مان ڪي ملاقاتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي آخري ملاقات ثابت ٿينديون آهن، ته ڪي ملاقاتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي ذهن تي نقش بڻجي چٽجي وينديون آهن. ڪن ماڻهن سان هڪ ملاقات کانپوءِ ٻيهر ملڻ لاءِ دل نه ڪندي آهي، ته ڪن ماڻهن سان بار بار ملڻ لاءِ دل بيتاب هوندي آهي. اسان جو هيءُ يار واحد درس به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جن سان بار بار ملڻ لاءِ دل واجهائيندي آهي. واحد درس سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ واحد آريسر جي فليٽ، نديم ڪامپليڪس ۾ ٿي هئي. ان ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو هو، ته هيءُ ماڻهو جھڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهڙو آهي بلڪل ڪونه! ڇو ته سندس ڳالهائڻ جو انداز بلڪل ڪنهن عالم کان گهٽ ڪين هو. ڳالهه ڳالهه تي ڪنهن وڏي ليکڪ جو حوالو ڏيڻ، ڪنهن خوبصورت شعر جي رواني به گڏ ته خوبصورت ٽهڪن جي رِڌم جو نه کٽندڙ سلسلو به! سچ ته هن ماڻهو مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. آئون، جيڪو هميشه لا اُٻالائيءَ طبيعت جو مالڪ، ويڳاڻو، نئين ماڻهوءَ سان جلد رلي ملي وڃڻ کان قاصر، هن فقير صفت انسان سان پهرين ڪچهريءَ ۾ رلي ملي ويو هئس، ان کانپوءِ ڪافي ٽائيم گذري ويو، ملاقات نه ٿي سگهي. وري اوچتو 2005ع ۾ منهنجي بابا جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ۽ آئون کيس علاج لاءِ حيدرآباد وٺي آيو هئس؛ ۽ عبدالله سينٽر ۾ فليٽ وٺي رهيا هئاسين. واحد درس به، واحد آريسر سان گڏجي اُتي ايندو هو، پوءِ کوڙ ڪچهريون ٿيون.
هڪ ڀيري آريسر صاحب به ويٺو هو، ته پاڻ به اچي ويو. پوءِ ته بحث جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. ان بحث ۾ مذهب جي حوالي سان ڪا ڳالهه نڪتي ته آريسر صاحب چيو، ته علامه نياز فتحپوريءَ جو ڪتاب
”من و يزدان“ ضرور پڙهو، توهان کي مذهب متعلق سٺي ڄاڻ ملندي. پوءِ پاڻ موڪلائي روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري موٽي آيو ته مون کانئس پڇيو ته: ”ڪتاب پڙهيئي؟“ ته چيائين: ”ها ڪتاب خريد ڪيم، پڙهڻ شروع ڪيم، اڌ ڪتاب پڙهيم ۽ بند ڪري رکي ڇڏيم.“ مون حيرت وچان پڇيو ته: ”پورو ڇو نه پڙهيئي؟“ ته پاڻ جواب ڏنائين ته ”جي پورو پڙهان ها ته دنيا جي سڀني مذهبن جو انڪاري ٿي وڃان ها.“ اُتي مونکي محسوس ٿيو ته هيءُ ماڻهو جيترو پنهنجي مرشد جو عقيدتمند آهي، ان کان وڌيڪ مذهبن جو به قائل آهي. واحد درس3 جنوري 1969ع تي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، جنهن وٽ ٻه ويلا پيٽ ڀرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ماحول مان گذرندي هن غربت سان باقاعدي مهاڏو اٽڪايو هو. مزدوريون ڪيون هئائين، لوڻ جي کاڻ مان لوڻ ڪڍڻ کان ويندي ٽريڪٽر جي ڊرائيونگ ڪرڻ تائين، هر ڪم ڪيائين. اهي ٻيئي گورک ڌنڌا آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي ذهن کي مفلوج ڪرڻ کان ويندي، جسم جي کل به لاهي ڇڏين ٿا؛ پر هن ماڻهوءَ جو نه ذهن مفلوج ٿيو، ۽ نه جسم.
کپري شهر مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي هن حيدرآباد جو رُخ ڪيو هو، جتي هن ڪاوش اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪنهن پروگرام ۾ ڪم ڪري، پنهنجي پڙهائي جاري رکي هئي. ايئن غربت سان جنگ وڙهندي، هيءُ فقير صفت انسان وڪالت جھڙي عظيم پيشي تائين پهتو هو؛ ۽ پهريون ڀيرو جڏهن ڪارو ڪوٽ پائي کپري شهر جي ڄاتل سڃاتل گهٽين مان لانگهائو ٿيو هو، ته انهن ڄاتل سڃاتل گهٽين پهرين ته هن کي سڃاتو ڪو نه هو، پر پوءِ جڏهن سڃاتو هئائون، تڏهن گلن جي ورکا ڪئي هئائون. کپري شهر جو مُک ٻَهڪي اُٿيو هو. شهر جي غريب، پورهيت، بُکن ۾ پاه ٿيندڙ ماڻهن جي چهرن تي خوشيءَ جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون هيون. رقص ڪيئن نه ڪن، جو هنن کي انصاف جو يقين ٿي ويو هو؛ ڇو جو واحد درس جي چهري مان منصف نظر ايندو هو- ۽ پوءِ انهن غريب ماڻهن جي انبوهه سان هيءُ پنهنجي ڳوٺ پهتو هو، جتي سندس وني، سندس پوڙهو پيءُ سندس وڏو ڀاءُ اوسيئڙي ۾ هئا، هيءُ انهن سڀني جي آسن اُميدن جو روشن ڪرڻو هو. پوءِ هن کپري شهر ۾ آفيس قائم ڪئي هئي ۽ باقاعدگيءَ سان وڪالت ڪرڻ لڳو هو. هيءُ پهريون وڪيل هو، جنهن جي آفيس ۾ اندازي کان وڌيڪ پيهه هوندي هئي، توڙي جو کپري ۾ ٻيا به ڪيترائي وڪيل هئا.
واحد جي آفيس قائم ڪرڻ سان اتان جي وڏيرن، جاگيردارن جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون، ڇو ته هيءُ اهڙو وڪيل هو، جنهن وٽ پيٽ بلڪل ڪونه هو، هيو ته صرف ضمير هو ۽ هيءُ اُصولن جي جنگ وڙهندڙ هو ميرن، پيرن، وڏيرن، جاگيردارن سان ساڻن اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندڙ هو. ڪنهن جي اڳيان آڻ مڃڻ سندس ضمير جي مٽيءَ ۾ شامل ڪو نه هو. کيس لکين روپين جون لالچون ڏئي خريد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، پر هي ته مارئيءَ جي ملڪ جو ماڻهو هو، جيڪو ڪنهن مڻيي تي موهجڻ وارن مان بلڪل به نه هو. واحد درس سان منهنجي آخري ملاقات ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل ۾ ٿي هئي، جتي منهنجو سئوٽ نظر محمد گرفتار ٿيل هو؛ ۽ پاڻ وڪيل جي حيثيت سان تفصيل ۽ ضروري ڪاغذات وٺڻ آيو هو. مون پهريون ڀيرو کيس ٿري پيس سوٽ ۾ ڏٺو هو، واقعي هيءَ موهيندڙ شخصيت جو مالڪ لڳي رهيو هو، ۽ آئون ڀاڪر پائي مليس. اُتي به مون کيس کِلندي ۽ چرچا ڪندي ڏٺو، چيم يار واحد، هاڻي ته ڪارو ڪوٽ پاتو اٿئي، هاڻي ته ٻارن وارا ٽهڪ ڇڏ، ته پاڻ اڃا به وڏا ٽهڪ ڏئي چيو هئائين: پيارا! واحد جنهن شيءِ کي اپنائي، اِها ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهي. واقعي جيڪا شيءِ طبيعت ۾ سمائجي وڃي، اها ڇڏڻ انتهائي مشڪل هوندي آهي. ان بعد واحد سان وري ڪڏهن به ملاقات نه ٿي، پر اوچتو 4 مئي 2009ع تي هڪ ميسيج آيو، جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن ائٽم بم کان گهٽ ڪين هو. ان ۾ واحد جي ايڪسيڊنٽ ۾ فوتگيءَ جي خبر هئي. اُن خبر مون سميت سندس سڀني دوستن کي سُن ڪري ڇڏيو هو. کپري شهر جي گهٽين به اوڇنگارون ڏئي رنو هو. علائقي جو ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو. مرد، عورتون، ٻار سڀني جي اکين ۾ لڙڪ هئا. سڀني جي اکين ۾ هڪ ميار هئي، هڪ ڏوراپو هو ته تون ايترو جلد ڪيئن هليو وئين!؟ تو ته اسان کي انصاف جو يقين ڏياريو هو، تو ته اسان جي اندر ۾ انصاف لاءِ وڙهڻ جي همت پئدا ڪئي هئي، پوءِ تون ئي اسان جا حوصلا پَست ڪري ڪيئن ٿو وڃي سگهين؟
اڄ واحد جي وڇڙئي ٻه سال گذري چڪا آهن، پر اڄ به سڀني دوستن جو من ڪنڀار جي آويءَ جيان دُکي رهيو آهي؛ ۽ ان جي ڏک جي ڪيفيت کي گهٽائڻ لاءِ سندس دوست، واحد آريسر ”ڏاها تنهنجي ڏات“ نالي ڪتاب مرتب ڪري ڇپايو آهي، جنهن ۾ سندس دوستن جا تاثر ۽ وقتن فوقتن واحد جي ڪيل شاعري پڻ شامل آهي. مون سميت سندس ڪيترن دوستن کي ته اها خبر به نه هئي ته واحد درس ڪو شاعر به هو... پر سندس ڳالهين ۽ گفتن مان اهو محسوس ٿيندو هو، ته هن جي اندر ۾ ڪو لڪل تخليقڪار به موجود آهي. واحد درس تي مرتب ڪيل هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو ثابت ٿيندو. وري به واحد آريسر کي جس هجي ههڙي شاندار ڪتاب آڻڻ تي، ڇو ته واحد درس جھڙا ماڻهو، ههڙن ڪتابن کان گهٽ ڪين آهن؛ هيءُ به ڪتاب جھڙو ئي بهترين دوست هيو.
¤¤¤¤¤