سونهن، سچ ۽ ڌرتيءَ جو شاعر : شبير هاليپوٽو
بي چين اسين ٻئي هوءَ، هُو خوب مزي ۾ آ.
مان پاڻ کي جهليان يا ستارن کي سهارو ڏيان،
آ چنڊ چُڪي پيتي ۽ ڌرتي به نشي ۾ آ.
اُڀ به ناهي رڳو نيرو، هي سمنڊ پڻ نيرو آ،
۽ نيڻ سندس نيرا، هو نيري وڳي ۾ آ.
هن خط ۾ جملو وري به آ ساڳيو لکيو،
جو پيار پري ۾ آ، سو ويجهي ۾ ڪٿي آ.
هيءُ غزل مون 2009ع ۾ امرتا جي ڪنهن شماري ۾ پڙهيو هو، ۽ هي سِٽون پهريون ڀيرو پڙهڻ سان ئي منهنجي حواسن تي ڇانئجي ويون هيون؛ ۽ آئون تنهائي ۾ ويٺو گنگنائيندو رهندو هئس. ائين هڪڙي ڀيري پنهنجي دوست احمد نواز سان راڻي باغ ۾ ويٺو هئس، ته اوچتو هي سٽون منهنجي زبان تي تري آيون ۽ آئون جهونگارڻ لڳس ته احمد نواز پڇيو، ”يار! هي ڪنهن جون سٽون آهن؟ تشبيهون ته صفا بهار ڦٽڻ جي موسم جھڙيون آهن.“ چيم، ها يار! هي غزل مون امرتا رسالي ۾ پڙهيو هو. شبير هاليپوٽو ڪو شاعر آهي.“ ته احمد نواز رڙ ڪري چيو ته، ”يار شبير شاعري به ڪندو آهي ڇا؟“ چيم، ”ها“. چيائين، ”منهنجو سٺو دوست آهي، پر مون کي اها خبر ناهي ته شبير اهڙي سٺي شاعري به ڪندو آهي.“ ائين احمد نواز موبائيل کيسي مان ڪڍي، شبير جو نمبر ڊائل ڪيو. ٻئي پاسي کان شبير ئي ڪال رِسيو ڪئي، ته احمد نواز حجت مان چيو، ”تون شاعري به ڪندو آهين ڇا؟“ ته شبير وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، ”ڇو توکي خبر ناهي ڇا؟ منهنجو ڪتاب ڇپجڻ وارو آهي.“ پوءِ وري مون ڳالهايو. ڪجهه ٽائيم فون تي ڪچهري ٿي ۽ شبير چيو ته، آئون ڪجهه ڏينهن ۾ حيدرآباد ايندس ۽ روبرو ڪچهري ڪنداسين، ۽ پوءِ احمد نواز، شبير جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو ته هي نابين آهي، پوءِ به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي اٿس. ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازم به رهيو، پوءِ وري دادوءَ جي ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي ڪافي عرصو پڙهايائين. سچ پچ ته مون کي يقين نه آيو ته ڪو هيءُ ماڻهو نابين هوندي، پڙهي به سگهي، پڙهائي به سهي ۽ ههڙي خوبصورت شاعري به ڪري؛ جيڪا پهريون ڀيرو پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي حواسن تي ڇانئجي وڃي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ احمد نواز رات جو فون ڪئي ته شبير آيو آهي، فارغ هجين ته ملي وٺجي. چيم يار فارغ نه به هوندس ته به ملندس. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي انتها اهڙي هئي، جهڙي ڪنهن معصوم ٻار کي 5 روپيا خرچي ملڻ وقت ٿيندي آهي، پر ان کان به وڌيڪ هئي. ايئن اسان گڏجي سنڌ جي هن هومر سان ملڻ لاءِ وياسين. هيءُ پنهنجي بيڊ تي ويٺو هو، آئون احترامن جهُڪي مليس ۽ خوش خيرعافيت ته چيائين، ”بابا علي نواز ته ناهين؟“ چيم، ”ها سائين!“ منهنجي حيرت جي انتها اها هئي ته آئون هن ماڻهوءَ سان پهريون ڀيرو مليو هئس. صرف فون تي ئي هڪ ڀيرو ڳالهايو هيوسين. هن ماڻهوءَ جي حواسن کي سلام ڪيم ۽ پوءِ ڪافي دير تائين ڪچهري ڪئي سين. اتي ڪتاب جو ٽائيٽل ڏيکاريائين. چيائين ته، اسحاق سميجو سارنگا طرفان ڪتاب ڇپرائي پيو، اڃا وڌيڪ خوشي ٿي. دير تائين ڪچهري ڪري هليو آيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ احمد نواز، ڪتاب ”هينئڙو هيرڻ پن“ جي ڪاپي ڏني. ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته سچ پچ دل خوش ٿي وئي. شبير شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد، سونهن ۽ سچ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. شبير، جيڪو پاڻ ڏکن جو ماريل آهي، هن سان زندگي هر موڙ تي مذاق ڪيا آهن، پوءِ به هن جا ارادا ڪيترا نه مضبوط آهن، سندس هن شعر ۾ ڏسو ته:
هي جي ڏک سُک، آءُ ورهايون هڪ ٻئي ۾،
سُک رک تون، ڏک پورا پورا مون کي ڏي!
هيءُ هتي به سُکن جو تمنائي ناهي، هتي به بدلي ۾ ڏک وٺڻ ٿو چاهي. آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو سک ڏئي ڏک وٺي؟ سندس هن شعر ۾ ڏسو، ڪٿي به سون چانديءَ جو تمنائي ناهي؛ صرف محبوبه جي ٻانهن جي هار کي پنهنجي گلي جي زينت ٿو بڻائڻ چاهي:
سون، چاندي، نه موتي هيرن جو،
تنهنجي ٻانهن جو هار ٿو گهرجي.
هتي هن شعر ۾ ڪيترو نه پُراميد ٿو لڳي. هيءُ شاعر، جيڪو نابين هو ندي به رُوحاني ڪيفيت ۾ پنهنجي محبوبه جي خوش، يا نا خوش هجڻ کان هر پل باخبر آهي:
لڳي ٿو تون به خوش آهين،
اهو آ رابطو دل جو،
جتي آهين، جيئين آهين، خبر پل پل جي پئي ٿي پئي،
اهو آ فيصلو دل جو،
پرين پڪ تون به خوش آهين!
شبير جِتي محبوبه جي لاءِ بي چين آهي، اُتي پنهنجي ديس لاءِ به مضبوط ارادا رکي ٿو، سندس هيءُ شعر ان جي عڪاسي ڪري ٿو ته:
سنڌ ديس آ منهنجو
ڊوهه تنهنجا سڀ ڊاهيان،
سنڌو ديس ٿو ٺاهيان.
هتي مون کي ٻن بادشاهن جو قصو ياد ٿو اچي، جيڪو لکڻ ضروري ٿو سمجهان:
شاهجھان ۽ ايڊورڊ ٻئي بادشاهه هئا. ٻنهيءَ جو پنهنجين زالن سان بي انتها پيار هو ۽ ٻنهيءَ جون زالون ساڳي بيماري وگهي فوت ٿيون. انهن جي يادگيريءَ لاءِ ٻنهي بادشاهن جي سوچ مختلف آهي. شاهجھان پنهنجي زال جي ياد ۾ اربين رپيا خرچ ڪري تاج محل ٺهرايو، ۽ ايڊورڊ پنهنجي زال جي ياد ۾ اربين رپيا خرچ ڪري ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرايو، ته جيئن جنهن بيماريءَ سبب هن جي زال فوت ٿي، اهڙين بيمارين کان ٻين کي بچايو وڃي. اهو آهي سوچ جو فرق، جيڪو قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب بنجي ٿو. شبير به اهڙي مرحلي مان گذريو آهي، جو هن جي نظر ڪم ڇڏي وئي، پوءِ به هن پنهنجو حوصلو بُلند رکندي اڳتي پڙهڻ جو ڪم جاري رکيو؛ ۽ اسان جي هن قوم ۾ اُتساهه پيدا ڪيو. شبير پاڻ ٻڌايو ته جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ پاس ڪري پروفيسر قاسم ٻگهيي صاحب سان مليو هئس ۽ چيو هئم ته منهنجي نظر ختم ٿي وئي آهي، پوءِ به پڙهڻ ٿو چاهيان، ته قاسم ٻگهيو پنهنجي چيئر تان اٿي مون سان ڳراٽڙي پائي مليو هو، ۽ چيو هئائين ته آئون تازو ٻاهران پي.ايڇ.ڊي ڪري موٽيو آهيان. اتي ته اها ڳالهه نئين ناهي، پر مون کي خوشي آهي ته سنڌ چئن سالن ۾ ايڏي ترقي ڪئي آهي، ۽ پوءِ قاسم ٻگهيي صاحب هر طرح جي مدد جو يقين ڏياريو.
- ته شبير شاهجھان وارو ڪم ڪرڻ جي بجاءِ، ايڊرورڊ وارو ڪم ڪري، هن قوم جو ڳاٽ فخر کان اُوچو ڪري ڇڏيو آهي. ههڙا ماڻهو قومن جي تاريخ ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن. ٻيو ڀيرو 22 اپريل تي شبير سان ملڻ ويس، ته شبير جو جيءُ جهريل هو؛ انتهائي هيڻائيءَ واري ڪيفيت ۾ هو. اها ڪيفيت ته اسان سڀني مٿان طاري هئي، ڇو ته اڳئين ڏينهن 21 اپريل تي سانگهڙ- کپري روڊ تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن- سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي پاڪستان جي نام نهاد ادارن نه صرف گوليون هڻي شهيد ڪيو هو، پر انهن جي لاشن کي به ساڙي ڇڏيو هئائون. اهو هڪ اهڙو سانحو هو، جنهن عام ماڻهن کي به روئاري ڇڏيو هو، پر جي اهڙو واقعو ڪنهن شاعر جا ڪن ٻڌن ته اڃا وڌيڪ قيامت برپا ڪريو ڇڏين. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪري موٽياسين. صبح جو سوير شهيد روپلي چولياڻيءَ تي شعر لکي ميسيج ڪيائين. شبير جي ڪيفيت ته شاعريءَ جو رُوپ ڌاري ورتو، پر اسان ان ڪيفيت کي ڪهڙي رُوپ ۾ وٺون، جو اڃا تائين دل ٻرندڙ ٽانڊن جيان ٽهڪي ٿي پئي. سو سلام آهي شبير جي حوصلي کي، ۽ جَس هجي اسحاق سميجي کي، جنهن ههڙي فقير صفت انسان جو ڪتاب ڇپرائي، شبير جي ٽٽل وکريل خيالن کي ماڻهن تائين پهچايو آهي.
¤¤¤¤¤