روايتِ شڪن: بنو جوڳي
اهڙيءَ طرح بني جوڳي، جوڳين جي سڀني روايتن کي ٽوڙي ڦٽو ڪيو. هن قسمت تي يقين ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قسمت پاڻ لکڻ شروع ڪئي. بنو جوڳي ننڍڙي عمر ۾ ان ئي ڏينهن مزدوري ڪري، پنهنجي گهر جو سيڌو وٺي آيو ۽ مزدوري ڪرڻ کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو. گڏو گڏ بين وغيره پڻ وڄائڻ لڳو. اهڙيءَ طرح بنو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، هن جي آواز ۾ درد جو جادو ايندو ويو. بني جوڳيءَ جي آواز ۾ مٺاس جي سحر ڪيترين دلين کي موهي وڌو هو، ۽ ايئين بنو ڪيترين ئي محفلن جي رونق بڻجندو ويو. بنو جتي به ڳائڻ جي لاءِ ويندو هو، اُتي گهڻو ڪجهه انعام ملندو هئس، جنهن مان هن پنهنجي گهر کي بهترين نموني هلائڻ شروع ڪيو. بني جي ذميوارين کي محسوس ڪندي مائٽن بني جي شادي ڪرائي ڇڏي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ بني جي سر تان مائٽن جو سايو لهي ويو؛ ۽ بنو صفا اڪيلو ٿي ويو. بني محفلن وغيره ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. جوڳي قبيلي کان ڌار رهڻ ڪري، گهر به اڪيلو محسوس ٿيڻ لڳس. اهڙيءَ طرح بنو ٿر جي ان ڳوٺڙي مان لڏي اچي عمر ڪوٽ جي ڀرسان، ڳوٺ کيت سنگهه ۾ ويٺو، ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اتان جي ماڻهن سان هري مري ويو. بني اتي هارپو ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو ته ان کي پڙهائڻ شروع ڪيائين. بني جو پٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳو ته بني کي اميد جي چڻنگ روشن ٿيندي نظر آئي. بني هتي رهندي اصولن کي اڃا وڌيڪ پختو ڪيو. کوڙ ساريون دوستيون ۽ واسطا ٺاهيائين. بنو جوڳي ڪڏهن به گودڙي کڻي پنڻ نه ويو ۽ نه ئي پنهنجي اولاد کي ان رستي تي هلڻ ڏنائين. بنو ڪنهن خيرات تي به بنا دعوت جي ناهي ويندو. ڪير جوڳي سمجهي چانهه پياريندو اٿس ته اها چانهه به نه پيئندو آهي. بنو جي ڪنهن جي چانهه پيئندو آهي، ته ان کي به پياريندو آهي. بنو ڪنهن شادي مراديءَ ۾ به بنا دعوت جي ناهي ويندو. جيڪو به دعوت ڏيندو آهي ته ان کي ٻين دعوتين وانگر پُوو به ڏيندو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته بني جنهن پٽ کي پڙهائي وڏو آفيسر پئي ڪرڻ چاهيو، اهو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو. بني جو آخري سهارو به کسجي ويو آهي، پر پوءِ به بني جوڳي پنهنجي همت ناهي هاري، اڄ به بني جا هڏ چم اوترائي سگهارا آهن، جيترا اڳ هئا؛ بني جوڳيءَ جي همٿ ۽ حوصلي جو داد ڏجي ٿو.
¤¤¤¤¤