شخصيتون ۽ خاڪا

جي مون سانڍيا ساهه ۾

ڪتاب ”جي مون سانڍيا ساهه ۾“ سنڌ جي 17 املهه شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي.
آسي زميني مهاڳ ۾ لکي ٿو ”هي سمورا ڪردار، سنڌ امڙ جا اُهي سپوت هئا/ آهن، جن کي ساري اکيون خوشيءَ وچان ڀرجيو ٿيون پَون؛ جن بيشڪ پنهنجي ٿڃّ ملهائي. ماءُ ته آهي ئي هڪڙي سراسر سٻاجهي احساس ۽ ڪيفيت جو نالو. ماءُ کي ته لائق توڙي نالائق اولاد پيارو ئي هوندو آهي. ايئن ڌرتي ماتا لاءِ پڻ مهاراجه ڏاهر توڙي اڄڪلهه جا عيار، مڪار ۽ ذاتي مفاد پرست سياستدان، سمورا سندس اکڙين جا تارا هئا/ آهن. ماءُ ڪڏهن به اولاد جي ڪردار جي ڪٿ ناهي ڪري سگهندي.... اهو ڪم تاريخ ڪندي آهي. هاڪارِي توڙي ناڪارِي ڪردار هر دؤر ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر اهڙن ڪردارن جي پرک سندن دؤر ناهي ڪري سگهندو؛ ڇو ته ماڻهو پنهنجي رَوين جي حوالي سان سڃاڻپ رکندي به، پرکڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
Title Cover of book جي مون سانڍيا ساهه ۾

سنڌي ثقافت جو سج : غلام سَروَر جتوئي

سنڌ جي ثقافت ۾ مَلهه راند جو به هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ائين کڻي چئجي ته مَلهه کان سواءِ سنڌ جي ثقافت اڌوري آهي، ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هيءُ اها ئي سنڌ آهي، جنهن شير ميربحر جھڙن پهلوانن کي جنم ڏنو هو، جنهن سنڌ کان ٻاهربه پنهنجي هن پويتر ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو هو. ان ئي سلسلي جو هيءُ قداور ۽ خوبصورت پهلوان غلام سروَر جتوئي، پنهنجو مَٽ پاڻ هو. غلام سروَر جي جنهن به مَلهه ڏٺي هوندي، اهو صدين تائين کيس ياد رکندو؛ ڇو ته هيءُ سڌو ۽ سُريلو رانديگر هو.
غلام سروَر جتوئي سنڌ جي نامياري مَلهه پهلوان، قلب علي خان جتوئيءَ جو فرزند هو. ابتدائي تعليم مقامي طرح حاصل ڪيائين، ننڍپڻ کان ئي والد کي مَلهه وڙهندي ڏسي شوق جاڳيس، ۽ هن پنهنجي والد محترم کان مَلهه جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي؛ ۽ گڏوگڏ پڙهائي به جاري رکيائين. شاگرديءَ جو ڌاڳو به پنهنجي والد کان ئي ٻڌرايائين، ۽ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي، سنڌ جي مَلهه پهلوانيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايائين.
هيءُ سنڌ جو پهريون مَلهه پهلوان هو، جنهن ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي. کيس سنڌي ادب سان گهڻو چاهه هو، انگريزي ادب ۾ سٺي دسترس حاصل هئس. پاڻ 1971ع کان ٽئين جوڙ کان وڙهڻ شروع ڪيائين، ۽ پوءِ سگهو ئي 1972ع ۾ پهرئين جوڙ ۾ پهچي ويو. هن سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن ملاکڙن کان علاوه، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به ملاکڙا ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻي.
هن ”سنڌ مَلهه ايسوسيئيشن“ جو بنياد رکيو ۽ ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ پوءِ مختلف عهدن تي رهندي آخري وقت تائين ”سنڌ مَلهه ايسوسيئيشن“ سنڌ جو صدر رهيو. ملهه ايسوسيئشن قائم ڪرڻ کانپوءِ هن سنڌ جي مَلهه پهلوانن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. بيمار ملهن جي علاج لاءِ جاکوڙيو، پهلوانن جي معاوضي کان ويندي نوڪرين تائين هن وڏي جاکوڙ ڪئي؛ ۽ غريب ۽ حقدار مَلهن کي پنهنجو حق ڏياريو.
غلام سروَر جتوئي وفات جي 10-15 سالن کان مَلهه ته ڇڏي ڏني هئي پر سندس دوست ۽ مداح محبت مان جتي به گهرائيندا هئس، ته هو هر ننڍي وڏي ميلي ملاکڙي ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو؛ ۽ اتي مَلهن جي جج جا فرائض انجام ڏيندو هو. هو گذريل ويهن سالن کان آخر تائين سنڌ اسپورٽس بورڊ ۾ ملهن جو ڪوچ رهيو، کيس ”چيمپيئن سنڌ“ جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو.
غلام سروَر جتوئي سُٺي پهلوان هئڻ سان گڏوگڏ سٺو انسان به هو. هر ننڍي وڏي جو دل سان آڌرڀاءُ ۽ عزت ڪندو هو. سندس اڳيان امير ۽ غريب جو ڪوبه تفاوت نه هوندو هو. هن سدائين محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو، سدائين سيلاني رهيو ۽ سنڌ جي ثقافت جو خدمت گار رهيو. اهڙي امن پسند، امن ۽ محبت جو پيغام ڏيندڙ ماڻهوءَ کي ”جاگيراڻي- جتوئي“ برادريءَ جي، جهيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪرڻ ڏاڍي دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، هو ته جهيڙن جهڳڙن کان ڪوهين ڏور ماڻهو هو.
غلام سروَر جتوئيءَ سان منهنجون ڪي گهڻيون نه پر هڪ ٻه ملاقاتون ضرور هيون. پهرئين ڀيري آئون ۽ دوست احسان لغاري، نوابشاهه ملاکڙي تي سنڌ جي مَلهه پهلوانن کان انٽرويو ڪرڻ وياسين. ملاکڙي ۾ پهتاسين، انتهائي خوشگوار ماحول لڳو پيو هو. اسان جو پهتاسين ته نامور پهلوان سيد جانب علي شاهه اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو؛ ۽ پهلوان دوستن کي سڏي اسان سان ملايائين. جڏهن اسان سندن خدمتن تي ڪتاب آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، تڏهن سندن چهرا ٻهڪي پيا هئا. اسان انٽرويو وٺڻ شروع ڪيا ته احسان وچان اُٿي هليو ويو، سامهون ڏٺم ته هڪ خوبصورت، قدآور شخص، بوسڪيءَ جي قميض، اڇي شلوار، مٿي تي سنڌي ثقافت جو تاج، پٽڪو ٻڌل، احسان ڏانهن ئي گهُوري رهيو هو؛ احسان به وڃي ڀاڪر پائي ساڻس مليو ۽ ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. منهنجي من به ڇڪ کاڌي ته آئون ساڻس ملان. مون مَلهن کان انٽرويو ڪيا پئي ئي ته ڪجهه دير کان پوءِ احسان آيو ۽ چيائين ته، جتوئي صاحب کان ڪجهه انٽرويو مون ڪيو آهي، باقي سوال تون پورا ڪر! بس پوءِ ته منهنجي خواهش پوري ٿي پئي. احسان لغاري اسان ٻنهيءَ جو هڪٻئي سان تعارف ڪرايو، اهو ماڻهو ڪو ٻيو نه پر سڄي سنڌ جو پيارو غلام سروَر جتوئيءَ هو. غلام سروَر سان ڪچهريءَ جو شروع ٿي، ته سمورو ڪم ئي وسري ويو. سندس گفتگوءَ جي انداز ۽ وڻندڙ سڀاءُ ڪيڏانهن چُرڻ پُرڻ ئي ڪونه ڏنو. اهڙيءَ ريت سڄو ڏينهن ڪچهري ڪري موڪلايوسين. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ يادگار ڏينهن هو. سچ ته هيءُ ماڻهو مونکي تمام گهڻو اُتم ۽ اعليٰ لڳو. ڇو ته هيءُ ماڻهو حوالي نه هو، عمل پيرا هو، هن جي معصوم ڳالهين مان پتو پيو پئي ته کيس پنهنجو مقصد ڪيترو عزيز هو.
هيءُ ماڻهو اسان جي نظرن ۾ کڻي هڪ فرد جي حيثيت رکندڙ ڇونه هجي، پر هيءُ ماڻهو ڪنهن اداري کان گهٽ ناهي. ادارا ماڻهن کي جنم ڏيندا آهن، پر هيءُ اهڙو ماڻهو هو، جنهن ملهه راند ۾ هڪ اداري کي جنم ڏنو هو؛ ۽ سندس ڪردار تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه داغ نه هو. اتي موجود سڀني مَلهن کي جڏهن مون ڏٺو، ته سڀني کي ساڻس ڪيتري محبت هئي. سڀئي مٿان ٻَلهار پئي ويا. اهڙي ماڻهوءَ جي اهڙي بيدرديءَ سان قتل جو جڏهن ميسيج پهتو هو، تڏهن منهنجي مٿان اهو ڪنهن اوچتي ايٽم بم جي وار/ نشاني کان گهٽ ڪين هو.
سچ ته هن خبر منهنجي وجود کي ئي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، نه صرف منهنجو، پر سڄي سنڌ جو جيءُ جهُري چڪو آهي. ڇو ته هيءُ فخرِ سنڌ پهلوان هو. غلام سروَر ۾ ڪيترائي اعليٰ گُڻ هئا. هيءُ پڙهيو لکيو ۽ محبتي ماڻهو هو. هن کي سنڌ جي هن ثقافتي راند جو وڏو اونو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جي بي حسيءَ تي لڙڪ لاڙي ويهندو هو، ۽ چوندو هو: ”يار! جي گورنمينٽ هن ورثي جي سار نه لڌي، ته اسان جو هيءُ ورثو تباهه ٿي ويندو، وڌ مان وڌ ٻه پيڙهيون؛ ان کان وڌيڪ نٿو هلي سگهي!“
غلام سروَر جھڙي اعليٰ شخصيت جي مالڪ تي لکڻ ويهجي ته ڪيترا پنا ڀرجي وڃن، پر اڄ جيڪا منهنجي ڪيفيت آهي، ان ۾ اڄ منهنجو قلم رت جون اوڇنگارون ڏئي رهيو آهي. هن موقعي تي هن ٻُڏندڙ دل، روئندڙ اکين ۽ ڏڪندڙ هٿن سان بس ايترو ئي لکي سگهيو آهيان، پر افسوس ان ڳالهه جو ضرور رهندو، ته اسان جو انڌو ۽ بي عقل معاشرو الاءِ ڪڏهن ڪردارن کي سمجهي سگهندو؟ غلام سروَر جتوئيءَ جو بيوقتائتو موت، سنڌ جي ڪُک ۾ خنجر جي نوڪ جيان هميشه لاءِ چُڀندو رهندو.
¤¤¤¤¤