رَسيءَ جو ٽڪرو
گودرويل جي اوسي پاسي ۽ ڀرواري ڳوٺن جا هاري پنهنجي زالن سان گڏ گودرويل طرف وڃي رهيا هئا، جتي ميلو لڳل هو. هاري پنهنجي مٿئين ڌڙ کي اڳتي جهڪائي پنهنجن ڦڏين ڄنگهن تي پنهنجو وزن کڻي هلي رهيا هئا. ٻنين ۾ هر جي هٿيي کي لاڳيتو جهلي بيهڻ ۽ هر هلائڻ جي ڪري هنن جا جسم ٽيڙا ٿي چڪا هئا. هڪ هٿ جو بار جيئن ته هر جي هٿيي تي گهڻو هوندو آهي، ان ڪري اهو ڪلهو جهڪيل هوندو آهي، اهڙي ريت هارين جو هڪ ڪلهو مٿي ۽ ٻيو هيٺ جهڪيل هو. خوشي جي موقعي جي ڪري هارين رنگ برنگي ڪپڙا پهريا هئا، انهن جو رنگ ايترو چمڪندڙ هو ڄڻ انهن کي وارنيش ڪيو ويو هجي. ميلي ۾ ڍورن، ڍڳن، ڇيڻن، سُڪل گاهه، پگهر ۽ ٻين شين جي ڪري عجيب بوءِ پکڙيل هئي، جيڪا اڌ انساني ۽ اڌ حيواني هئي، ۽ ڳوٺاڻن لاءِ اها بوءِ عجيب اثر رکندڙ هئي. بريوا جو رهندڙ هاري هيڪورن گودرويل پهچي چوڪ طرف وڃي رهيو هو، ته اوچتو ان جي نظر زمين تي ڪريل رسي جي هڪ ٽڪري تي پئي.
ميتيئرهيڪورن هڪ سچو نارمن هو، ۽ هر نارمن ڏاڍو اصول پرست، گهٽ خرچائو ۽ هر شيءِ کي ڪارائتو سمجهندڙ هوندو آهي. هي رسي جو ٽڪرو کڻي ڏاڍي احتياط ۽ نرمي سان ويڙهي رهيو هو، ته سندس نظر گهوڙن جا سنب ٺاهيندڙ ميلانڊين تي پيئي، جنهن سان ڪجهه عرصو اڳ هن جو معمولي ڳالهه تي جهڳڙو ٿيو هو. هيڪورن کي ان ڳالهه تي ڏاڍو شرم آيو، ته ان جي دشمن کيس رستي تان هڪ رسي جوٽڪرو کڻندي ڏسي ورتو آهي. هن جلدي ۾ ان کي هٿن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، ۽ هو مال جي پڙي ڏانهن هلڻ لڳو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. جلد ئي هيڪورن انسانن ۽ حيوانن جي ان هجوم ۾ داخل ٿي ويو، جتي گهڻو هُل ۽ شور متل هو. هر هڪ هاري پنهنجي پسند جو ڍڳو خريد ڪرڻ لاءِ ان کي چڱي ريت ڏسي وائسي رهيو هو ۽ ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري ۽ وڪرو ڪري رهيا هئا. ڏينهن گذرندو ويو آهستي آهستي ميلي مان رونق گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ هجوم به گهٽجڻ لڳو. هارين ماني کائڻ لاءِ هڪ سراءِ جو رُخ ڪيو، جنهن جو وڏو هال ماڻهن سان ڀريو پيو هو. هال جي هڪ پاسي وڏي چُلهه ٻري رهي هئي، جنهن ۾ چوزا، ڪبوتر ۽ گوشت ڀُڄي رهيا هئا. هاري کاڌو کائي رهيا هئا ۽ کائڻ دوران ڳالهيون به ڪري رهيا هئا. سامان جي خريد ڪرڻ ۽ وڪري، نفعي ۽ نقصان جون ڳالهيون......... اوچتو سراءِ جي اڱڻ ۾ دُهل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، سڀ هاري اُٿي ٻاهر هلڻ کڙا ٿيا. ڪوئي دروازي ۾ بيهي رهيو، ڪوئي درين ۾، ڪنهن جو وات کاڌي سان ڀريل هو ۽ ڪي هٿ ڌوئي رهيا هئا. ڪجهه دير کانپوءِ دُهل وڄڻ بند ٿيو ۽ دُهلائي وڏي آواز ۾پڙهو ڏنو ته: گودرويل جي سڀني رهاڪن ميلي ۾ ايندڙ سڀني ماڻهن کي اطلاع ٿو ڏجي ته اڄ صبح نائين ۽ ڏهين وڳي جي وچ ۾ بيورويل روڊ تي ڪاري رنگ جي چمڙي جو هڪ ٻٽو گم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پنج سئو فرانڪ ۽ ڪجهه ڪاروباري ڪاغذ آهن. توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته اهو ٻٽو ميئر جي آفيس يا ٻٽو جي مالڪ مسٽر هالبرگ کي پهچايو. ٻٽو پهچائيندڙ کي ويهه فرانڪ انعام ڏنو ويندو. دُهلائي پڙهو ڏئي هليو ويو. هاري ٻيهر پنهنجن ميزن تي کاڌو کائڻ لاءِ موٽي آيا. هاڻي سڀني جو موضوع ٻٽوءَ جو گم ٿيڻ بڻيل هو، سڀ سوچي رهيا هئا خبر ناهي ڪنهن کنيو هوندو. هالبرگ کي ٻٽو ملندو الاءِ نه، هاري ماني کائيندا ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا. ان دوران هڪ سپاهي چائنٺ ٽَپي اندر بيهي رهيو. هن پڇيو؛
”ڇا بريوا جو رهاڪو هاري هيڪورن هتي موجود آهي؟” هيڪورن جيڪو ميز تي ٻئي پاسي ويٺو هو ان جواب ڏنو؛ ها! “مان هتي موجود آهيان“.
هل ميئر تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي! سپاهي چيو. ميئر هڪ ٻانهن واري ڪرسي تي ويٺو هو. هو هن علائقي جو بااختيار عملدار هو. هو ڳوري جسم جو مالڪ هو ۽ وڏي تڪلف واري انداز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو هيراڪ هو. هيڪورن وڏي حيراني سان ميئر کي ڏسي رهيو هو. ان ڪري هو کانئس ڊڄي به رهيو هو.
”ڪير ٿو چوي ته مون ٻٽو کنيو آهي..؟“
گهوڙن جا سنب ٺاهيندڙ ميلاڊين توکي ڏٺو هو. پوڙهي هاري هيڪورن کي ياد آيو ۽ گڏ ئي ميلاڊين جي دشمني کي ياد ڪندي ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو.
”ميئر صاحب! هو بدمعاش ۽ ڪوڙو آهي.....“
هن پنهنجو هٿ کيسي ۾ وجهي رسي جو ٽڪرو ڪڍيو ۽ ميئر ان کي سامهون رکيو پر ميئر نه مڃيو.
”محترم ميئر! مان پنهنجي زندگي جو قسم کڻي چوان ٿو، ته اهو مون مٿان بُهتان آهي، ٻٽو مون نه کنيو آهي، صرف رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو“. گهڻن سوالن جوابن کانپوءِ ميئر چڱو پريشان ٿي ويو. هن هيڪورن کي وڃڻ جي اجازت ڏني، پر گڏ ئي ڌمڪي به ڏني، ته ٻٽو نه ملڻ جي صورت ۾ هو سرڪاري آفيسر سان مشورو ڪري ڪو نه ڪو حڪم جاري ڪندو. جڏهن پوڙهو هاري هيڪورن ميئر جي آفيس مان ٻاهر نڪتو، ته هر پاسي اها خبر پکڙجي چڪي هئي. ماڻهو هن جي چوڌاري ڦري ويا. هن کان سوال پڇندا ۽ کيس تنگ ڪندا رهيا. ماڻهن جي سوالن مان ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هن ئي ٻٽو چورايو هجي. هو هلندو رهيو، ماڻهو هن کان رستو روڪي سوال پڇندا رهيا. هي ماڻهن کي سمورو قصو ٻڌائيندو رهيو. هو گهڙي گهڙي هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهيو، هن تي جيڪو الزام لڳايو ويو هو، هي ان خلاف احتجاج ڪندو رهيو. ماڻهن کي کيسا کولي ڏيکاريندو رهيو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ته ٻٽوهن ناهي کنيو، هن صرف رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو. ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين پوڙها مڪار...!“ ماڻهو هن کي نظرانداز ڪندا رهيا. هي چيڙاڪ ٿي ويو ۽ ماڻهن کي يقين ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي ڪهاڻي ورجائيندو رهيو. رات ٿي وئي گهر وڃڻ جو وقت ٿي ويو هو. هو پنهنجي ٽن پاڙيسرين سان گڏ گهر طرف هلڻ لڳو. سموري رستي ۾ هو هنن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ته هن ٻٽو نه پر رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو. ان رات هن سڄي ڳوٺ جو چڪر لڳايو. جيڪو به مليو، ان کي سڄو قصو کڻي ٻڌايائين، پر هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن کي به هن جي ڳالهه تي يقين ناهي. هن اها سڄي رات ان واقعي تي سوچيندي گذاري. ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي هڪ زميندار جي هاري ماريس پائول اهو ٻٽو ان جي مالڪ هالبرگ کي موٽائي ڏنو ۽ کيس چيو ته جيئن ته هي اڻ پڙهيل آهي، ان ڪري کيس خبر نه پئي، ته اهو ٻٽو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن ٻئي کان ايڊريس پڙهائي هن کي ڏيڻ آيو آهي. اها خبر ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. هيڪورن کي به ان جو اطلاع مليو، ته هو گهر کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ ماڻهن کي پنهنجي ڪهاڻي ۽ ان جو تازو نتيجو ٻڌائڻ لڳو.
مون کي جنهن ڳالهه جو ڏک آهي، اهو اِهو ته هڪ ايماندار ماڻهو تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو. ڪنهن تي ڪوڙو الزام مڙهڻ کان وڏي برائي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پر هاڻي ته سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته مان سچو هيس....... سڄو ڏينهن ماڻهن کي اها ڳالهه ٻڌائيندو رهيو. واقفن توڙي اڻ واقفن کي به بيهاري اها ڳالهه سمجهائيندو رهيو. هو هاڻي چڱو مطمئن هو. پر ڪا شيءِ اهڙي هئي جنهن هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه اها هئي ته ماڻهو بي ڌياني سان هن جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا ۽ ڪو به هن جي ڳالهه کان قائل نه ٿي رهيو هو. هيڪورن کي محسوس ٿيو ته ماڻهو پر پٺ هن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. ٻئي هفتي اڱاري جي ڏينهن گودرويل ويو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو. هيڪورن هڪ اڻ واقف هاري کي رستي ۾ بيهاري پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. هاري سندس ڪهاڻي ختم ٿيڻ کان پهريان ئي هن جي پيٽ ۾ هلڪو ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيائينس؛ ”تون ته وڏو چور آهين“ ۽ هن جي ڳالهه ٻڌڻ بنا اڳتي هليو ويو. هيڪورن حيران رهجي ويو، هن جي پريشانيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ويو. آخر ماڻهو مون کي چور ڇو ٿا چون!!؟ جڏهن هو هڪ سرائي ۾ ويٺو ته هڪ ٻئي ڳوٺ جي هاري کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين. هاري هن کي ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ”نڪري وڃ هتان پوڙها ٺڳ، مان تنهنجي رسي جي ڪهاڻي پهريان به ٻڌي چڪو آهيان.“ پر هاڻي ٻٽوته ملي ويو آهي؛ “هيڪورن جوش مان جواب ڏنو.” پوڙها پنهنجي زبان بند رک، هاري بيزار ٿيندي چيو مون کي سڀ خبر آهي ته هڪڙي ٻٽو کنيون ۽ ٻئي واپس ڪيو. ٻئي بيوقوف هئا. هيڪورن کي سمجهه ۾ آيو ته هاڻي ماڻهو هن تي ٻيو الزام هڻي رهيا آهن ته ٻٽو پنهنجي ئي ڪنهن دوست کي سمجهائي واپس ڪيو هو. هن نئين سري سان پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪرڻ شروع ڪئي. هو روز پنهنجي ڪهاڻي کي ڊگهو ڪندو ويو ۽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ نوان نوان ثبوت ۽ دليل بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر ڪنهن کي به هن جي ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو. ان واقعي هن کي شڪار ڪري ورتو. پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد هن کي ٿڪائي وڌو. هي هر روز ڪمزور ٿيندو ويو. ڊسمبر جي آخري ڏينهن ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ جنوري جي شروعاتي ڏينهن ۾ مري ويو. تڪليف جي گهڙين ۾ به هو پنهنجي صفائي پيش ڪندو ۽ چوندو رهيو.
”صرف رسي جو هڪ ٽڪرو، رسي جو معمولي ۽ ننڍو ٽڪرو، هي ڏسو جناب ميئر!...هي آهي رسيءَ جو هڪ ٽڪرو......!“