حادثو
هڪ وڏي ڪمپني جي ڊائريڪٽر صاحب جي گاڏي جو حادثو ٿي پيو. حادثو ڪو ايڏو وڏو نه هو، صبح سوير جڏهن هو پنهنجي ڪار ۾ گهر کان آفيس وڃي رهيو هو، ته پٺيان هڪ تيز رفتار گاڏي اچي کيس ٽڪر هنيو، جنهن سان صرف ڪار جي پٺئين مڊگارڊ کي معمولي رهڙ آئي. گاڏي جو ڊرائيور ڏنڊ ڀري ڏيڻ لاءِ تيار هو، ۽ ڪار جي مرمت انشورنس ڪمپني جي ذمي هئي، سڄو معاملو چڱي ريت حل ٿي ويو، پر اعصابي تڪليف جي ڪري ڊائريڪٽر صاحب ان ڏينهن آفيس نه وڃي سگهيو. پنهنجي اعصابي ڇڪتاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاٰءِ گهر ۾ ئي آرام ڪرڻ جو سوچيائين. ڪمپني ۾ تمام گهڻا ملازم ڪم ڪندا هئا. ڊائريڪٽر صاحب ڪمپني جي اهم شعبي ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ هو، هن جي هر ڳالهه ٻُڌي ويندي هئي. نوڪري ۾ رکڻ ۽ ڪڍڻ، عملي جي پگهار ۾ ماهوار واڌاري ۽ اهڙي قسم جي ٻين ڪمن جو سمورو اختيار هن جي هٿ وس هو. ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو هن کان لهرائيندا ۽ کائنس پري پري رهندا هئا.
ڊائريڪٽر صاحب جي حادثي جي خبر صبح سوير ئي آفيس پهچي وئي. ڪمپني جي هر ماڻهوءَ ڏاڍي دلچسپي وٺندي، ان باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه چوڻ شروع ڪري ڏنو.
”ڇا ٿيو؟ ڇا ڊائريڪٽر صاحب جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي؟“
”جي ها! اڄ صبح ئي ان جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي“.
” ته...ڇا هو اسپتال ۾ آهن؟“.
ڊائريڪٽر صاحب جي دل ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه ٺاهڻ جو هي بهترين موقعو هو. خاص ڪري عملي جون عورتون ته ڳوڙها ڳاڙي افسوس جو اظهار ڪري رهيون هيون. انهن کي يقين ته نه هو، پر انهن جو خيال ضرور هو ته هنن جي ڳوڙهن وهائڻ جي خبر ڊائريڪٽر صاحب جي ڪنن تائين ضرور پهچي ويندي. عملي جا مرد به چڱا غم ۾ ٻڏل نظر ٿي آيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سڀئي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو مقابلو ڪري رهيا هجن، ته جيڪو شخص حادثي جي باري ۾ وڌيڪ معلومات رکندو، اهو ئي ڊا.ئريڪٽر صاحب جو دلپسند ۽ وڌيڪ ويجهو هوندو.
جنهن ڪنهن کان به ڪو سوال پڇيو ٿي ويو، ان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته هو ئي ڊائريڪٽر صاحب جي وڌيڪ ويجهو آهي، هو اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ته هوئي ان حادثي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو.
ڪنهن چيو، ”ادا! حادثو ته حادثو هوندو آهي.... اهو ننڍو هجي يا وڏو، پر تڪليف دهه هوندو آهي.... صاحب ڪار ۾ وڃي رهيو هو، ته پٺيان هڪ وڏي گاڏي اچي سندس گاڏي کي ڌڪ هنيو. توهان پاڻ ئي سمجهي سگهو ٿا، ته هڪ گاڏي جي ڌڪ سان ڇا ٿي سگهي ٿوو......!“
جنهن شخص اهو جواب ٻڌو، ڪنهن ٻئي شخص جي اهڙي قسم جي سوال جو جواب ڏيندي، ڳالهه کي وڌائي چڙهائي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال ٽڪر هڻڻ واري عام گاڏي جي بجاءِ ڪنهن وڏي بس جي ٽڪر جو ذڪر ٿي ڪيو.
”سائين وڏو خطرناڪ حادثو هو....... وڏو خطرناڪ.....! هڪ تمام وڏي بس جي ڊرائيور پٺيان اچي پنهنجي بس ڊائريڪٽر صاحب جي گاڏي مٿان چاڙهي ڇڏي.... مطلب ته جنهن وٽ حادثي جي باري ۾ وڌيڪ معلومات هئي، اهو ئي ڊائريڪٽر صاحب جي ويجهو سمجهيو ويو. پٺيان ايندڙ وڏي بس جلد ئي وڌيڪ وڏي ٿي ڏهه ٽنن واري ٽرڪ ۾ بدلجي وئي......
”صاحب صبح جيئن ئي پنهنجي ڪار ۾ آفيس اچي رهيو هو، ته ڏهه ٽنن جي هڪ تيز رفتار ٽرڪ پٺيان اچي هن جي گاڏي کي ٽڪر هڻي وڌو........“
”ته پوءِ انهن کي اسپتال ڇو نه نيو ويو؟“ ڪنهن شخص پڇيو.
ان موضوع تي هڪ ٻئي جي ڳالهه ڪٽڻ، ٻئي جي بي خبري، ۽ منهن تي چئي ڏيڻ جي فن جي مهارت به ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي رهي هئي، ته ڪنهن کي ڊائريڪٽر صاحب ۾ ڪيتري دلچسپي آهي.
“واهه يار..واهه تون به ته ڪمال ٿو ڪرين، ايتري خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿيندڙ شخص کي ڀلا تڪڙ ۾ٿورئي اسپتال پهچايو ويندو آهي.......!
”تون ٺيڪ چوين پيارا، مان به پريشاني ۾ خبر ناهي واتان الائي ڪهڙيون وايون ڪڍي رهيو آهيان......! واقعي اهڙي حالت ۾ جڏهن حادثي جو شڪار ٿيندڙ شخص جا هوش حواس چڱيءَ ريت ٺيڪ ٿي وڃن، تنهن کان پوءِ ئي کيس اسپتال پهچائڻ گهرجي....... ٺيڪ آهي نه......؟“
ائين لڳي رهيو هو ڄڻ حادثي جي ڪري ڪمپني جو سڄو ڪم ڪار بيهجي ويو آهي. هر شخص بس حادثي جون ئي ڳالهيون ڪري رهيو هو. ڪنهن به ائين نه چيو ته ”ان ڳالهين کي ڇڏيو ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪريو“. جيڪڏهن ڪوئي ائين چوڻ جي جرئت ڪري ها، ته يقينن ان کي ڊائريڪٽر صاحب سان ڪا به دلچسپي نه هئڻ سمجهيو وڃي ها. دلچسپي جي معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين کان اڳڀرو سمجهڻ وارا اڳ ئي فون تي رابطن ۾ مشغول ٿي ويا هئا.
”سائين! خدا توهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. اسان کي ته تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي. اسان جا سڀئي دوست غمگين آهن، پر توهان جو هي خادم ته بلڪل ئي پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو آهي. خدا جو قسم سمجهه ۾ نٿو اچي ته، اوهان جي ڪهڙي ريت خيريت دريافت ڪيان....“! هڪ ملازم فون تي صاحب سان ڳالهائي رهيو هو.
”ڏاڍو افسوس آهي سائين! خدا جي واسطي پنهنجو چڱي ريت خيال ڪندا ڪريو، ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته مون کي حڪم ڪجو“ مان خدمت ۾ حاضر ٿيندس. ٻيو ملازم پاڻ وڻائڻ خاطر فون تي رڙيون ڪندو رهيو هو.
ڊائريڪٽر صاحب جي گهر ٽيليفون ڪالن جي ڌم متل هئي. شروع شروع ۾ ته هو فون ڪندڙن جي خلوص مان متاثر ٿيو، ته هو سڀ هن کي دل سان چاهين ٿا، پر جڏهن هن جي لاءِ سڀني فونن جو جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو، ته هو سخت بيزار ٿي پيو. هن فون ڪندڙن کي ابتا سبتا جواب ڏيڻ شروع ڪيا؛ ”مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو......، توهان خوامخواهه غلط فهمي جو شڪار ٿيا آهيو. مان بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي رهنڊ به نه آئي آهي....“
پر ڊائريڪٽر صاحب سان همدردي جو اظهار ڪندڙ ڀلا ان کي صحيح سلامت بچي وڃڻ جي ڪيئن ٿا اجازت ڏئي سگهن.
”واهه صاحب واهه..... اهو ڪيئن ٿي سگهي، ته توهان کي ڪجهه به نه ٿيو هجي؟ ماشاءَالله توهان وڏي قوت برداشت جا مالڪ آهيو، انڪري جيڪڏهن توهان جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، ته هن وقت تائين وفات ڪري چڪو هجي ها.....!“
طبيعت جو پڇڻ لاءِ ايندڙ هر فون سان ڊائريڪٽر صاحب جي طبيعت بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ بگڙي ٿي.
”اڙي ميان! مون کي ڪجهه ناهي ٿيو...... بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان“. ”توهان پريشان نه ٿيو....“
”واهه ڊائريڪٽر صاحب واهه، ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ته هڪ ديو جهڙي ڏهه ٽنن جي ٽرڪ توهان جي ڪار تي چڙهي وڃي ۽ توهان کي ڪجهه نه ٿيو هجي......؟ توهان وڏي احتياط کان ڪم وٺو...... بستري تان هرگز نه اٿجو..... سمهي پئو، ڪجهه ڏينهن آرام اوهان لاءِ اشد ضروري آهي......“
ٽيليفون ڪندڙن ۾ اهڙا مرد مٿير به موجود هئا، جيڪي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڊائريڪٽر صاحب جي خدمت چاڪري لاءِ سندس گهر پهچي ويا هئا. سارسنڀال جيئن ته حادثي جو شڪار ٿيل هڪ زخمي انسان جي هئي ان ڪري ڪوئي صاحب لاءِ عطر جي هڪ شيشي آڻي آيو هو، ته ڪو گلن جا گلدستا. ڪوئي ڪيڪ، پيسٽريون، ميووا ۽ مٺائيون کڻي آيو هو. شروع ۾ خدمت چاڪري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڊائريڪٽر صاحب اهو چئي تسلي ڏيندو رهيو، ته مونکي بلڪل ڪجهه به ناهي ٿيو، توهان اطمينان رکو. انهن مان هڪ ماڻهوءَ چيو:
”الله بچائي ڊائريڪٽر صاحب کي، انهيءَ حادثي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بعد جي اثرن جي باري ۾ في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي..... توهان جي خيال ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو! پر اصل حقيقت هفتي ڏيڊ کان پوءِ ئي وڃي ظاهر ٿيندي....!“
ڪجهه ماڻهن ته اهڙا مثال به پيش ڪيا، ته هڪ همراهه جي حادثي جي ڪري مٿي جي هڏي ٽٽي پئي ۽ ان جي خبر ڪافي عرصي کانپوءِ کيس مٿي ۾ سور پوڻ جي صورت ۾ پئي.
حادثو جمعي جي ڏينهن صبح جي وقت ٿيو هو. ڊائريڪٽر صاحب جو ارادو هو ته، جمعي جو ڏينهن گهر گذاري ڇنڇر جي ڏينهن ڪم تي هليو ويندو، پر هن کي ايتريون فون ڪالون آيون ۽ گهر اچي عيادت ڪندڙن جو تعداد ايترو وڌي ويو، جو حادثي جي ٻئي ڏينهن اٿي آفيس کيس مناسب نٿي لڳو. يقينن ڪيترن ٻين همدردن به ان کي نهايت سنگين حادثو قرار ڏنو هوندو. بحرالحال ٻئي ڏينهن ئي ڪم تي وڃڻ سان ايترن ماڻهن جي جذبن جي بي قدري ٿيڻ جو خدشو لاحق هو. انهي ڪري هن ڇنڇر ۽ آچر وارا ٻه ڏينهن گهر ۾ گذاري، سومر ڏينهن آفيس وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر بدقسمتي سان ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن به ڊائريڪٽر صاحب جي عيادت ڪندڙن جو سلسلو جاري رهيو. اهي سڀ ماڻهو ڊائريڪٽر صاحب جون همدرديون حاصل ڪرڻ جا شوقين هئا. انهن مان ڪجهه همدرد ته ڪمپني جي ڊاڪٽر کي به ڊائريڪٽر صاحب جو طبي معائنو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي آيا هئا. عملي جي ايتري محبت، احتياطي اپائن تي زور ۽ ذاتي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي، ڊائريڪٽر صاحب کي به شرم محسوس ٿيڻ لڳو ته، ”مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو“. جيڪڏهن هن کي واقعي ڪجهه به ناهي ٿيو، ته ڀلا ماڻهن جو ايترو تعداد ڇا جي ڪري هن سان ايتري دلچسپي ۽ همدردي جو اظهار ڪري رهيو هو؟ انهن ماڻهن جي دل رکڻ لاءِ ۽ خدمت چاڪري لاءِ گهر ايندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب به آهستي آهستي کاٻي پاسي سور پوڻ جي شڪايت شروع ڪئي ۽ کيس وقفي وقفي سان ڪلهي ۾ سور پوڻ جو احساس ٿيڻ لڳو.
”ڊائريڪٽر صاحب! توهان جي ريڙهه جي هڏي ته ٺيڪ آهي نه؟“ مهمانن مان ڪنهن پڇيو.
”ريڙهه جي هڏي...... ڪجهه نه پڇو، ان ۾ ته هاڻي عجيب قسم جو درد پيو محسوس ڪريان...!“
”قدرتي ڳالهه آهي سائين! ڏهه ٽنن جي ٽرڪ تيز رفتاري سان ٽڪر هڻي ته يقينن ڪجهه ته اثر ٿيندو نه .....!“
وقت سان گڏوگڏ خدمت چاڪري ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ڊائريڪٽر صاحب سوچيو ايترن ملاقاتين جي موجودگي ۾ چيلهه ڊگهي ڪري ڪمري ۾ هلڻ ته مناسب نه ٿيندو. بحرحال هن پنهنجي گوڏن تي ڪمبل وجهي ڪرسي تي ڊگهو ٿي ويهڻ کي ئي ڪافي سمجهيو، پر جلد ئي هن کي احساس ٿيو ته بستري تي سمهي پوڻ ئي مناسب آهي. هاڻي ته ائين لڳي رهيو هو ته جيڪڏهن حالت اها رهي ته شايد هو سومر تي به ڪمپني ۾ ڪم تي نه وڃي سگهندو. اڱاري جي ڏينهن ڪمپني جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان طبيعت پڇڻ جي تار آئي. اربع ڏينهن اخبارن هن حادثي جي خطرناڪ هئڻ جي اهميت کي سمجهندي خبر شايع ڪري ڇڏي. جڏهن معاملو ايترو ڳنڀير ٿي ويو ته ڊائريڪٽر صاحب جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بلڪل ئي ناممڪن ٿي ويو. معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي رپورٽ ۾ پندرنهن ڏينهن مڪمل آرام جو مشورو لکي ڇڏيو. پندرنهن ڏينهن ٻيا گذري ويا، پر ڊائريڪٽر صاحب اڃا به بستري کان ٻاهر نه نڪري سگهيو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا هو پنهنجي ڪوڙي بيماري جو عادي ٿي چڪو آهي يا هن کي واقعي ڪا بيماري ٿي وئي آهي. البته هو لاڳيتو اها ڳالهه ورجائيندو رهيو ته ”مون کي ٿيو ته ڪجهه به ناهي بس ان ماڻهن ئي مون کي زبردستي بيمار ڪري وڌو آهي“. ته ڇا هو ماڻهن جي گهڙي گهڙي تاڪيد ڪرڻ جي اثر ۾ اچي سمهي پيو هو؟ پر نه...، هو ته هر ڏينهن ڪمزور ۽ بدحال ٿيندو ٿي ويو. کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. خوشامدي خدمت چاڪري ڪندڙن جي ها ۾ ها ملائڻ جي ڪري مون کي هتي تڪليف آهي، هتي تڪليف آهي جو دور ڪندي هاڻي واقعي هن جي پيٽ ۾ ڪا تڪليف ٿي پئي هئي. پوءِ هڪ وقت آيو جو ڊائريڪٽر صاحب کي اسپتال داخل ڪيو ويو.
هاڻي ٻڌو آهي، ته اهم شعبي جي ڊائريڪٽر صاحب جو ترت ئي خطرناڪ قسم جو آپريشن ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهوحادثو ان جي بيماري جو سبب بڻيو آهي، ڪجهه ٻين ماڻهن جي راءِ آهي ته هڪ چڱي ڀلي گهمندڙ ڦرندڙ صحتمند انسان کي ماڻهن جي مشورن بيمار ڪري وڌو آهي، ۽ ڪجهه حلقن جا ماڻهو اهو به چون ٿا ته، ڊائريڪٽر صاحب تازو ئي هڪ موذي مرض ۾ ڦاسي پيو آهي، ۽ ٽريفڪ جي حادثي سان هن جو پري جو به تعلق ناهي. هاڻي يقين سان نٿو چئي سگهجي، ته انهن مان ڪهڙا ماڻهو درست آهن ۽ ڪهڙا غلط.......!